ملڪ جي خوشحاليءَ جو ماپو
ماني ۾ ڳائي جو ٻوڙ ۽ نان هئا ۽ مٺي
(Sweet Dish) ۾ پتائي گجرن جو حلوو. ڳائي جو ڀڳل ٻوڙ مسعود گهران ٺهرائي آيو
هو. هتي ڳائو
(Beef)
کائڻ وڏي عياشي سمجهيو وڃي ٿو اهو گوشت ڪڪڙ ٻڪري
جي گوشت کان به مهنگو آهي. نان عراقيءَ جي دڪان
تان وٺي آيا هئا. جنهن ويجهڙائيءَ ۾ نانن جو دڪان
سوڊروان علائقي ۾ کوليو آهي جتي ڪيترائي سياسي
پناهه هيٺ آيل ايراني ۽ عرب رهن ٿا. نان کي اڀامڻ
لاءِ هتي اڪثر خمير
(Yeast)
وڌو وڃي ٿو ۽ اهي نان هتي جي زبان ۾ ’پيتابريڊ‘
سڏجن ٿا. پر هن عراقيءَ زمين ۾ تندور ٺاهي ان ۾
نان پچائڻ شروع ڪيا آهن. في نان ستن ڪرونائن ۾
وڪڻي ٿو. يعني ٽيهين رپئي هڪ نان. پر هن ملڪ ۾ جتي
ڪوڪا ڪولا جي بوتل اسي رپئي کن آهي ۽ شهرجي سرڪاري
بس جو هڪ اسٽاپ کان ٻئي اسٽاپ تائين ڀاڙو پنجاهه
رپيا آهي اتي ٽيهين رپئي جو نان هتي جي ماڻهن لاءِ
سستو آهي. کين پگهار به اوڏائي وڏا آهن. باقي اسان
لاءِ اهي سڀ شيون مهنگيون آهن ۽ اهڙين شين جي فقط
قيمت پڇندا آهيون. باقي هي نانن جهڙيون شيون هتي
سئيڊن ۾ وٺڻ بدران موٽي اچي بولٽن مارڪيٽ مان پٺاڻ
جي هوٽل تان ڏيڍ رپئي وٺي کائڻ جو پروگرام ٺاهيندا
آهيون يا ڪڏهن ڪڏهن ههڙين دعوتن ۾ نصيب ٿينديون
آهن.
ماني شروع ڪرڻ کان اڳ ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري سرتاج کائنس اڳ
واري سيڪريٽري کي اسٽيج تي اچي ٻه لفظ چوڻ لاءِ
عرض ڪيو. هو تازو پاڪستان جو چڪر هڻي آيو هو سو
اتي جون تازيون خبرون ٻڌائڻ لڳو.
”ڀائرو ۽ ڀينرو!“ هن پنجابيءَ ۾ تقرير ڪئي. ”پاڪستان وڃي منهنجي
ڏاڍي دل خوش ٿي ته اسان جو پيارو پاڪستان ڏينهن
رات ترقي ڪري رهيو آهي. موجوده پرائيم منسٽر نواز
شريف جي حڪومت ۾پاڪستان بيحد سکيو ستابو ٿي رهيو
آهي. (انهن ڏينهن ۾نواز شريف جي حڪومت هئي.) لاهور
۾ڪيترن هنڌن تي مون کي آذربائيجان ۽ ترڪمانستان ۽
تاجڪستان جا واپاري نظر آيا. شهر ۾ صفائي سٺائي ۽
رونق اچي وئي آهي. رستا به عاليشان ٿي رهيا آهن.
لاهور کان اسلام آباد جو هاءِ وي به ٺهڻ شروع ٿي
ويو آهي، اهڙي طرح پاڪستان جو واپار روس جي رياستن
۽ ٻين ملڪن سان هلي سگهندو. وغيره وغيره....“
منهنجو دماغ وڌيڪ ٻڌڻ کان پڙ ڪڍي بيهي رهيو. ۽ هي جو اسان جي
مٽن مائٽن، دوستن يارن ڳوٺائين ۽ اوسي پاسي جي
ماڻهن جي زندگي ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن عذاب ڪري ڇڏي
آهي، ۽ هي جو رڳو هالا ۾ سالن کان سوين گريجوئيٽ
نوڪرين ۽ روزگار لاءِ واجهائي بي حال ٿي چڪا آهن ۽
هي جو شام ٿيڻ سان سڄي سنڌ ۾ آمدرفت بند ٿيو وڃي ۽
رستا سنسان ٿيو وڃن ۽ ڪنهن جي به مال ۽ جان جي ڪا
سلامتي نه رهي آهي ان جي ته ڄڻ ڪا ڳالهه ئي نه. پر
هن جهڙن ڪيترن ماڻهن لاءِ پاڪستان معنيَ رڳو لاهور
آهي ۽ هالا، هوسڙي، قمبر ته ڇا سڄو سنڌ ائين آهي
جيئن اسلام آباد ۾ رهندڙن لاءِ بلوچستان يا ٿر جو
ڪو ڏورانهون ڳوٺ، جيڪو هنن لاءِ ڪابه اهميت نٿو
رکي. هنن لاءِ لاهور خوش ۽ خوشحال آهي ته پاڪستان
ٺيڪ ٺاڪ پيو وڃي. ۽ هوڏانهن سنڌي ماڻهو پنهنجي عزت
۽ آبرو، لڄن ۽ ٻچن جي حفاظت لاءِ بي حال آهن.
پنجاب جي هڪ ايم اين اي سان سنڌ جي صورتحال بيان ڪيم ته وائڙو
ٿي چوڻ لڳو: ”پر توهان جا ايم اين اي ته اسيمبليءَ
۾ ائين ٿا اچيو سڪون سان ننڊون ڪن ڄڻ سندن تر ۾ هر
طرح سان خيريت آهي.“ ان وقت اهوئي احساس ٿيو ته
واقعي هڪ ڌارئين ۽ دور دراز رهندڙ کي ڪهڙو ڏوهه
ڏجي. اسان جو پنهنجو ماڻهو جنهن کي ووٽ ڏئي چڱو
مڙس ڪري چونڊي اڳيان وڌايو اٿئون ڇا ان کي معلوم
آهي ته سندس تر ۾عوام جو ڇا حال آهي. سندس علائقي
جا غريب مصيبت جي ڪهڙي جنڊ ۾ سڄو ڏينهن پيسجي رهيا
آهن. توهان جي چونڊيل ميمبر ڇا ڪيو آهي؟ کيس ڪيتري
قدر ڌرتي ۽ اتي رهندڙن سان پيار آهي؟ هن پنهنجي
تر جي ڏکويل ماڻهن لاءِ اسيمبليءَ جي ايوانن ۾
ڪيترو دانهيو پڪاريو آهي ۽ ڳوٺ، تعلقي ۽ ترجي
ماڻهن جي مسئلن جي معلومات رکي رکي آهي. منهنجي
خيال ۾ کائنس وڌيڪ عزت جو لائق سندس ڊرائيور آهي
جنهن کي گهٽ ۾ گهٽ گاڏيءَ جي ڏکويل پرزن جي ته ڄاڻ
آهي ته هو گاڏي هلائي پنهنجي ڊيوٽي ايمانداريءَ
سان ڏئي ٿو.
هينئر اسين ڀنگي چوڪيدار به
نه آهيون
خبر ناهي ڪنهن وقت تقرير ختم ٿي. تاڙين جي آواز تي اسان جو
رولاڪ ذهن وري اتي موٽي آيو ۽ اسان به ٻين سان گڏ
تاڙيون وڄايون- خبر ناهي ته رسم نباهڻ لاءِ، يا
پياري پاڪستان جي خوشحاليءَ جي خبر ٻڌي خوشيءَ جو
اظهار ڪرڻ لاءِ. (يا شايد تقرير مان جان ڇٽڻ تي
سرهائي ڏيکارڻ لاءِ.) بهرحال تاڙي وڄائي ڀر ۾ ويٺل
همراهه کي چيم:
”بهت خوب!“
”واقعي!“ هن وراڻيو، ”ملڪ جي ترقيءَ جو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو
اهڃاڻ ٿي سگهي ٿو ته ڏينهون ڏينهن پاڪستاني ناڻي
جو اگهه هاڻ چڙهندو وڃي.“
اسان جي ڳوٺ جي مرحوم مسعود مجاور، يار محمد مٺائي واري، محرم
ڪاسائي ۽ صالح ساٽيءَ جهڙن دلبر ماڻهن جهڙا سئيڊن
۾ رهندڙ هي اسانجا سادي طبيعت جا پاڪستاني، نڪو
پڙهڻ ٽائيم يا نيوز ويڪ رسالو ۽ نه وري فار ايسٽرن
ريويو يا ايڪانامسٽ، خبر ناهي ناڻي جي پيچيدگين
بابت ڪٿان ۽ ڪهڙي دشمن کان ابتيون خبرون ۽ افواهه
ٻڌي اچيو ههڙن محفلن ۾ ڪن ۽ خوش ٿين.
آيل مهمانن ۾، ڪجهه اهڙا چهرا جيڪي ٻنهي عيدن تي نماز تي مسجد ۾
نظر آيا هئا پر هن محفل ۾ نه هئا، ڀر ۾ ويٺل شبير
کان انهن بابت پڇيم. خاص ڪري هڪ ٻن چهرن بابت جيڪي
مسجد ۾ نماز لاءِ غاليچا وڇائيندي ۽ صفون سڌيون
ڪرائيندي ذري ذري نظر ايندا آهن.
”انهن اسان جي ايسوسيئيشن کي ڇڏي پنهنجي ڌار سوسائٽي ٺاهي آهي،
جيڪا پاڪستان ڪلچرل سوسائٽيءَ جي نالي سان سڏجي
ٿي. اهي ههڙن موقعن تي ڌار گڏجاڻي ڪن ٿا ۽ منهنجي
خيال ۾انهن جي به اڄ ئي گڏجاڻي آهي.“ شبير ٻڌايو.
”پر هن شهر مالمو ۾ پاڪستاني آهن ڪيترا جو ٻن سوسائٽين جي ضرورت
پيش آئي.“ مون پڇيومانس.
دراصل ڳالهه هيءَ آهي ته هتي هن پاسي جي ملڪن ۾ اسان جي
پاڪستانين ۾ مزدور ۽ اڻ پڙهيل طبقو گهڻو آهي جنهن
کي سهپ گهٽ آهي ۽ ذري پرزي جي ڳالهه تي هو عزت جو
سوال وڌيڪ محسوس ڪن ٿا. پهرين پاڪستانين جي هڪ ئي
سوسائٽي هئي. فلاڻو همراهه جيڪو هر سال سوسائٽي جي
عهدي تي چونڊيو آيو ٿي سو گذريل سال گهٽ ووٽ ملڻ
ڪري نه چونڊيو. ان تان هو بگڙي ويو ته سوسائٽيءَ
جو بنياد اسان وڌو ۽ هاڻ اسان کي ئي ووٽ نٿو ملي
ته اسان کي اهڙي سوسائٽيءَ کان ئي بس آهي. اسان ٻي
پنهنجي سوسائٽي ڪنهن ٻئي نالي سان وڃي ٿا ٺاهيون.
۽ سائين منهنجا چند حمايتي ساڻ ڪري هنن پنهنجو ڌار
ٽولو وڃي ٺاهيو آهي.“
مون کان ٽهڪ نڪري ويو، جنهن تي شبير به کلي چيو: بس يار! اهائي
ته نشاني اسان جي پاڪستاني هجڻ جي آهي. اسان وٽ
جمهوريت اها آهي ته پاور رڳو مون وٽ هجي. ملڪ ۾
ماڻهو ورهائجي ۽ ڇڙوڇڙ ٿي وڃن پر آئون لٺ سردار
سمجهيو وڃان. پڏڻپائي منهنجي ئي هلي.“
مانيءَ بعد ٽيبل تي هٿ اگهيل پنن جا نئپڪن، هڏا، نانن جا ٽڪرا ۽
اڌ کاڌل ۽ باقي اڌ بچيل ٻوڙ ۽ سلاد جا پن پکڙيل
هئا. پنهنجي مدد پاڻ ڪريو جي اصول تي مون پنهنجي
اردگرد جا ذرا پرزا هڪ پليٽ ۾ گڏ ڪرڻ چاهيا ٿي ته
سيڪريٽري سرتاج چيو:
”پليٽون اتي ئي پيون هجن. انهن جي کڻڻ ۽ صفائي جو هن ڀيري
بندوبست آهي.“
ايتري ۾ گورا همراهه پلاسٽڪ جي وڏي ٿيلهي، ڪچري لاءِ کڻي آيا.
پليٽن ۽ ٽيبل تي بچيل ذرا پرزا ان ۾ وجهي، ڌوئڻ
لاءِ پليٽون گڏ ڪرڻ لڳا.
”هي انگريز ڪير آهن؟“ مون پڇيو.
”هنن کي سؤ ڪرونا ڪلاڪ جي حساب سان ڏئي صفائيءَ لاءِ گهرايو
اٿئون. ٻن ڪلاڪن جا چار سؤ ڪرونا وٺندا پر پنهنجي
جان ڇٽي ويندي. نه ته دعوت بعد هرڪو مهمان موڪلائڻ
۾ پورو رهي ٿو ۽ ٿانوَ تپا ڪير کڻي ڌوئي ۽ سڪائي.“
عجيب فئنسي ڊريس نمونو لڳي رهيو هو. اسان پاڪستاني ڪي شلوارن
قميصن ۾ته ڪي ڪالر ڦريل ڪوٽ پتلونن ۾ ڏند کوٽي
رهيا هئاسين، يا ٻارن جي رڙين جي بئڪ گرائونڊ ۾
سامهون واري ٽيبل تي ويٺل ٻين همراهن سان وات ڦاڙي
خبرون ڪري رهيا هئاسين ۽ هي ٻه يورپين همراهه
ڪمپليٽ سوٽن ۾ ٽيبلن جي صفائي ڪري رهيا هئا ۽ اسان
جي بي افعالي نموني کائڻ تي ضرور سوچي رهيا هوندا.
”نه.“ هن وراڻيو.
”ته پوءِ پڪ پولش هوندا.“ مون خاطريءَ سان چيو، ڇو ته هن تر ۾
پولينڊ جا ماڻهو غريب آهن. ٽرڪن تي بجري ڍوئڻ،
رستن ۽ عمارتن جي صفائي ڪرڻ، يا هوٽلن، ڪارخانن ۽
دڪانن تي بئرا يا مزدور ٿي ڪم ڪرڻ تي گهڻي ڀاڱي هن
ڀر واري ملڪ پولينڊ جا رهاڪو نظر اچن ٿا. پر سرتاج
ٻڌايو ته اهي يوگوسلاويه جا آهن.
”اڄڪلهه يوگو سلاويه ۾ مسلمانن
جو قتل عام ۽ هنگامو هجڻ ڪري اتي جا ڪيترائي ماڻهو
هيڏانهن ايندا رهن ٿا ۽ کين هتي به نوڪري نٿي ملي.
پر اسان پاڪستاني ڪوشش ڪري انهن مسلمانن جي مدد
ڪريون ٿا.“
ٽيبل ۽ ٿالهين چمچن جي صفائيءَ بعد، اسان جي پويان پيل هڪ ننڍڙي
ٽيبل تي هو جڏهن ماني کائڻ لاءِ ويٺا ته آئون به
ساڻن وڃي ويٺس.هنن يوگو سلاوين ۽ سئيڊش زبانن کان
علاوه ڪجهه انگريزي به ڳالهائي ٿي، جنهن ذريعي هنن
پنهنجي اندر جو اظهار هن ريت ڪيوِ:
”وطن جا ڪک ڇڏڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ڌارئين ملڪ ۾ ڪير ڪنهن کي ڪيترو
ڏيندو ۽ ڏيندو به ته هر هر پيو ساهيندو.
يوگوسلاويه جي هر هڪ صوبي ۾ ڇا ڇا نه آهي. پيار
محبت سان، حق انصاف سان ونڊي ورهائي جيڪر کائجي ته
هرهڪ جي حصي ۾ گهڻو ڪي ڪجهه اچي سگهي ٿو ۽ سڀ امن
امان سان رهي سگهن ٿا. هوڏانهن ايشيا جي پٺتي پيل
ملڪن سينگاپور ملائيشيا جهڙا هڪٻئي جي عزت ۽ حق
انصاف تي هلڻ ڪري ڪيترين قومن، زبانن ۽ مذهبن جي
مڪسچر هوندي به خوشحال زندگي گذاري رهيا آهن ۽
هيڏانهن يورپ جيڪو پاڻ کي گهڻو سڌريل سمجهي ٿو ان
۾ اسان جهڙن ملڪن جا ماڻهو مذهب ۽ لساني جهڳڙن ۾
اهڙو ته الجهيا آهن جو ان جو دنگ پري پري تائين
نظر نٿو اچي. هڪ هنڌ ويهي ٿڌي دماغ سان فيصلا ڪرڻ
بدران هر هڪ اهو ٿو سمجهي ته هن وٽ ٻئي کان وڌيڪ
هٿيار آهن. ان ڪري ان جي ئي هر ڳالهه کي اهميت ڏني
وڃي. حق انصاف، پيار محبت بدران هرڪو گوليءَ جي
ٻوليءَ کي نجات جي راهه سمجهي رهيو آهي ۽ هاڻ
ڏسندي ڏسندي انسانن بدران انهن ڪڪڙن جي ويڙهه ٿي
ويئي آهي، جنهن ۾ ڪڪڙ وڙهڻ بس ڪرڻ جو سوچين به ٿا
ته انهن جا مالڪ ۽ تماشبين ’هُش هُش- متان ويو
اٿئي‘ ڪري کين وڌيڪ وڙهڻ لاءِ آماده ڪن ٿا. اهڙيءَ
طرح ٻه ڌريون سنئين راهه جو سوچين به ٿيون، ويڙهه
۾ ٺاپر به اچي ٿي ته اندر ۽ ٻاهر جون دشمن طاقتون
ٻنهي کي ويڙهائڻ لاءِ سندرو ٻڌائين ٿيون. آخر هنن
کي پنهنجا هٿيار پنهوار، بندوقن، بمن جا ڪارخانا
به ته هلائڻا آهن ۽ هنن جي جيت ملڪن، صوبن، قومن
جي ڪمزوري آهي.اهوئي سڀ ڪجهه اسان وٽ يوگو سلاويه
۾ ٿي رهيو آهي. جيڪو سلاويڪيا ۾ ٿي رهيو آهي.
پاڪستان هندستان ۾ ٿي رهيو آهي، نائيجيريا، ڪينيا،
گهانا ۾ ٿي رهيو آهي، عراق ايران ۾ ٿي رهيو آهي ۽
اڃا خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا ملڪ ۽ قومون ان باهه جي
ڄڀيءَ هيٺ ايندا ۽ بيروت، سريلنڪا، نبورو ڪارا باغ
۽ بوسنيا بنبا.“
توهان تمام گهڻو پڙهيل ڳڙهيل لڳو ٿا.“ مون چيو مان.
”شايد!“ هنن نهٺائيءَ سان وراڻيو.”هتي اچڻ کان اڳ پنهنجي ملڪ ۾
ڇا هئائو.؟“ مون پڇيومان.
”ماضيءَ جي مٿاهين مان ۽ رتبي کي ياد ڪري پاڻ کي مونجهاري ۾ رکڻ
اجايو آهي. ماضي ماضي آهي. حال حال آهي. هينئر
اسان ڀنگي چوڪيدار به نه آهيون. ڪنهن کي دل ۾ پوي
ٿو ته ڪنهن ڪم لاءِ پارٽ ٽائيم نوڪري ڏئي ٿو. پر
اهو به شڪر آهي. حالتون جي ٿوريون به صحيح مليون
ته محنت، ايمانداري، عقل ۽ حاصل ڪيل تجربي ۽ علم
جي آڌار تي، اميد اٿئون ته هڪ ڏينهن اهو مقام ماڻي
سگهنداسين جنهن جي اهليت رکون ٿا.“
پوسٽ مان چوري
هڪ دفعي سئيڊن ۾ رهندڙ پاڪستاني همراهه سرتاج جي گهر ڳالهين
ڪندي اوچتو ڪراچيءَ ۾ هلندڙ هنگامن ۽ ڪرفيو جي
ڳالهه اچي نڪتي.
پورٽ قاسم جي چيف انجنيئر ڪمال علويءَ چيو: ”ٽي هفتا ٿيا آهن،
نه مونکي ڪراچيءَ کان خط مليو آهي ۽ نه منهنجو کين
ملي ٿو.“ ۽ پوءِ مونکان پڇيو: ”توکي ملن پيا؟“
”هتان هُتان جا ته ملن پيا، مثال طور گذريل هفتي ملائيشيا ۽
هانگ ڪانگ مان پوسٽ ٿيل خط ته ملي ويا پر پاڪستان
کان مون کي به نه مليو آهي. ٻيو ته ٺهيو پر جاڳو
اخبار باقاعدگي سان ايندي آهي سا به ٻن هفتن کان
نه آئي آهي.“ مون کين ٻڌايو.
”مون ٻڌو آهي ته اڳ ۾ به ائين هفتو ڏيڍ ٽپال کاتو بند ٿيو هو.
خطن جا مڻ گڏ ٿي ويا جيڪي پوءِ هنگاما ڪندڙن يا
ٻين ٻاري ڇڏيا. ڪن هنڌن تي ته علائقي جي ٽپال جو
پوسٽ آفيس ٻاهران ڍير لڳايو ويو. جنهن کي مليو سو
مليو باقي هيٺ مٿي ٿي ويا.“ راحت چيو.
”يار ائين به ٿيندو هجي ته ٽپالي گهر کڻي وڃي کولي ڏسندا هجن.
جنهن لفافي مان نوٽ نڪتو ته رکي ڇڏيندا هوندا.“
ميزبان سرتاج چيو.
”پاڪستان ۾ ڇا لفافي ۾ نوٽ وجهي موڪلڻ جي اجازت آهي؟“ مون تعجب
مان پڇيو.
”نه. اسان ته بئنڪ جي معرفت پئسا موڪليندا آهيون، پر منهنجومطلب
آهي ته پاڪستان جو پاڪستان مان ٿي سگهي ٿو ڪي ڏهه
ويهه روپيا لفافي ۾ وجهي موڪليندا هجن. هاڻ اهي
ڏهه رپيا واپس ڪرڻ لاءِ ڪهڙا ويهي مني آرڊر ڪجن.
مڪتبه اسحاقيه وارن کي نماز ۽ وضوءَ جي طريقي جي
ڪتابڙي خريد ڪرڻ لاءِ ڪير ملير لانڍيءَ کان هلي
جهونا بازار سندن دڪان تي ويندو يا ان جي قيمت جي
ادائيگي لاءِ چئن رپئي جو ڪهڙو ويهي مني آرڊر
ڪندو. پنجين رپئي جو نوٽ لفافي ۾ ئي وجهي دڪان جي
مالڪ عبدالغني ڏي موڪليندو هوندو.“
”ها اها ڳالهه آهي. پر ٽپال جهڙو کاتو ان قسم جي چوري نه ڪندو
هوندو، جنهن جو نعرو ئي آهي، ”ديانتداري.“ مون
چيو. جواب ۾ سرتاج شڪل چٻي ڪري بيزاريءَ جو اظهار
ڪندي چيو:
”يار اهڙا نعرا ۽ سلوگن ته پنهنجي ملڪ ۽ قوم جا ڪيئي آهن پوءِ؟
انهن تي ڪو هلي ته پوءِ امن قائم ڪرڻ لاءِ هي فوج،
هي ڪرفيو، هي چوري چڪاري ۽ دهشتگردي ڇو ٿئي.“
”يار مون کي ته فڪر منهنجي ڏهه هزار روپين جي چيڪ جو اچي لڳو
آهي، جيڪو مون انهن هنگامن دوران هڪ دوست کي خط
ذريعي موڪليو آهي.“ ڪئپٽن عاشق خان چيو.
”چيڪ ته ڪڏهن به خط ذريعي نه موڪلجي.“ راحت چيو.
”پر ايتري عقلمندي ڪئي اٿم جو دوست جي نالي ڪراس ڪري موڪليو
اٿم. هاڻ ٻئي ڪنهن کي نه ملي سگهندو.“ عاشق چيو.
”ڪئپٽن عاشق ڪهڙيون ويٺو ڳالهيون ڪرين،“ راحت چيو، ”اها ته ڪا
وڏي ڳالهه آهي ڪانه. جنهن کي اهو چيڪ هٿ اچي ويندو
سو ان نالي جو ڪنهن بئنڪ ۾ اڪائونٽ کولي، اهو چيڪ
ان ۾ جمع ڪرائي ٻئي ڏينهن ڪئش ڪرائي وٺندو.“
”اوه خانا خراب! چئبو ته غريب جا پئسا هيٺ مٿي ٿي سگهن ٿا.“
عاشق رڙ ڪري چيو.
”بلڪل. ڪئين اهڙا فراڊي پلاٽي ماڻهو پيا آهن جن جي ڳالهه ڪري
کڻي بس ڪر.“ راحت چيو، ”هڪ دفعي اسان جو جهاز
بريمن (جرمني) کان ڪراچي اچي رهيو هو. اتي اسان جي
ڪراچي آفيس سان واسطو رکندڙ هڪ سرڪاري ڪاموري جو
ڀاءُ ڪو ڪورس ڪري هاڻ پاڪستان موٽيو ٿي. موقعي جو
فائدو وٺي هن پنهنجا ڪتاب، ڪپڙا رڌڻي جو سامان،
پليٽون چمچا ڪانٽا وغيره ۽ ٻيو هلڪو ڦلڪو سامان ۽
بچيل پئسا اسان جي چيف انجنيئر بدرمنير کي ڏنا ته
هو مهرباني ڪري اچي کڻي وڃي، جيئن پاڻ ٻن هفتن بعد
ٻين ملڪن جي ٽوئر هڻي هوائي جهاز رستي اچي.،“
”آئون انهن ڏينهن ۾ ان جهاز جو سيڪنڊ انجنيئر هوس. بدرمنير صاحب
مون کي ۽ ٿرڊ انجنيئر کي گهرائي چيو ته هي ڪم ڪرڻو
آهي. ڪمرا ننڍا اٿئون، سو ٿورو ٿورو سامان ورهائي
پاڻ وٽ رکو. ٿورن ڏينهن جي ڳالهه آهي. ڪراچيءَ مان
اچي کڻي ويندو يا کڻائي وڃڻ جو بندوبست ڪندو.
”جرمنيءَ مان سامان روانو ڪري پاڻ پنهنجي ڀاءُ کي خط لکيائين ته
هي هي سامان ۽ هيترا پئسا روڪ آهن، جيڪي فلاڻي
جهاز جي انجنيئر هٿان موڪلي رهيو آهيان. ڪو ماڻهو
موڪلي گهرائي وٺجو جيئن ڪو اجايو ڪسٽم نه لڳي. هاڻ
ڇا ٿيو جو اهو خط ڪنهن ٽپال جي ماڻهو يا ڪنهن
شاهينگ جي هٿ چڙهي ويو ۽ جهاز جيئن ئي ڪراچيءَ
پهتو ته پهرين ڏينهن ئي اهو همراهه خط سان جهاز تي
پهتو ۽ سڌو مون وٽ آيو ته آئون فلاڻي همراهه جو
سؤٽ آهيان ۽ سامان کڻڻو اٿم. هاڻ اسان کي ڪهڙي
خبر. ويتر جو خط سندس هٿ ۾ هو جنهن ۾ هڪ هڪ شيءِ
جو تفصيل هو ته بحث ڪرڻ اجايو هو. پر خدا جو شڪر
ٿو ڪريان جو هڪ ڪم چڱو اهو ڪيم جو يڪدم سامان ڪڍي
ڏيڻ بدران کيس پنهنجي چيف انجنيئر وٽ وٺي ويس ته
هيءَ ڳالهه آهي هاڻ ڇا ڪجي. تنهن به چيو ته بلڪل
صحيح آهي. کيس سامان ڏيئي ڇڏيو ۽ پاڻ روڪڙا پئسا
پڻ ڳڻي هن جي حوالي ڪيا. پوءِ هو ان ئي وقت پنهنجي
ڪار ۾ ٿورو ٿورو ڪري سامان ڪڍڻ لڳو ۽ ٻئي ڏينهن
تائين ڪڍي پورو ڪيائين. مون کي ۽ ٿرڊ انجنيئر کي
به لالچ ٿي ته ٻيلي هن جا ته ڪي ڪسٽم وارا سڃاڻو
آهن ڇو نه ٿورو پنهنجو سامان به ڪڍرايون. سو گهر
لاءِ ورتل استري، ريڊيو، رانديڪا کيس ڪڍڻ لاءِ عرض
ڪيوسين. پاڻ وعدو ڪيائين ته جيئن ئي صاحب جو سامان
نڪري بس ٿيندو ته اسان جي به مدد ڪندو. بهرحال
پوءِ اسان جو سامان ته نه ڪڍيائين پر آخر ۾ اچي
مهرباني جا ٻه لفظ به نه چيائين ۽ چئي به ڪيئن.
چور ماڻهو پرايو سامان چورائڻ ۾ئي پورو هو ۽ شڪر
جو اسان جو نه ڪڍيائين نه ته اهو به غائب ٿي وڃي
ها.
”هاڻ اسان سڀ پنهنجي پر ۾ خوش ته ڪنهن آفيسر جو ڪم ڪيو اٿئون.
خبر تڏهن پيئي جڏهن جهاز جي رواني ٿيڻ واري ڏينهن
سامان جا اصل مالڪ اچي سهڙيا. پوءِ ته جيڪا
پشيماني ٿي ان جو بيان نٿو ڪري سگهجي. گهڻو ئي
پوليس ۾ رپورٽون لکرايون سين، اسان ان همراهه جا
منهن مهانڊا ٻڌايا پر اڄ تائين نه مليو سو نه
مليو. سو اهڙا به چور پيا آهن جيڪي پوسٽ مان خط
چورايو وڃن.“
سسٽم ڊانوان ڊول ٿي ويو آهي
اسان جي هاسٽل جون دريون پينٽ ڪرڻ وارو همراهه سٺي انگريزي
ڳالهائي رهيو هو.
“Are you Swedish?” راحت کان پڇيو.
”بلڪل نج سئيڊشBorn Swedish
آهيان. ماءُ پيءُ ٻئي سئيڊن جا اٿم.“ هن وراڻيو.
”ڇو ڀلا ايترو ٻڌائڻ جي ڪهڙي ضرورت؟“ اسان کيس چيو.
”ڏسو نه! هتي ڪيترائي سئيڊش هلن پيا جيڪي رنگ ۾ اسان جهڙا گورا
آهن. پر هنن جو هڪڙو
Parent (ماءٌ يا پيءُ) مس سئيڊش آهي ۽ ٻيو جرمن آهي يا پولش.
انگريز آهي يا اسٽرين. ان کان علاوه هاڻ ته
ڪيترائي يوگوسلاوين، ايراني، عراقي، ترڪ، آفريڪن
اسان جي ملڪن ۾ ڌوڪي پيا آهن، جيڪي پاڻ کي سئيڊش
سڏرائين ٿا. اميگريشن ۽ ويزا جي سختي جي باوجود
ڪيترائي غير قانوني ديرو ڄمائي ويا آهن.“ هن
وراڻيو.
”چئبو ته توهان ڌارين جي هتي مستقل رهائش پسند نٿا ڪريو؟“ اسان
پڇيس.
”هرگز نه. آفريڪن، ايرانين، ڪردن، عربن، ترڪن ۽ ٻين ايشيائي
ماڻهن جي اچڻ ڪري اسان جي ڪلچر ۽ ماحول تي اثر پيو
آهي. اسان اسڪينڊينيوين (قطبي) مُلڪن جو يورپ جي
ملڪن کان نرالو اسٽائيل آهي. اتي آفريڪا ۽ ايشيا
جي ايترن اميگرنٽس (ڌارين) اچڻ ڪري اسانجو سسٽم ئي
ڊانواڊول ٿي پيو آهي.“
سئيڊن جي هن شهر مالمو جو ئي مثال ورتو وڃي ته چوڌاري ڪيترائي
ڌاريا نظر ايندا. ايراني، عراقي، افغاني، ويٽنامي،
پانامن وغيره وغيره. جن مان ڪي افغانستان جي جنگ ۾
هليا آيا ته ڪي خميني جي ڏينهن ۾. ڪي عراق، ايران
جنگ دوران ته ڪي ناريگا کي جهلڻ ۽ سياسي ماڻهن جي
وٺ وٺان تي اچي هتي نڪتا. ڪن اٿوپيا، سوڊان،
گهانا، نائيجريا، صوماليا جي هنگامن، حڪومتن جي
ڊاهه ڊوهه ۽ ڏڪار کان اچي هتي سياسي پناهه ورتي.
ان کان علاوه ڪيترائي اهڙا آهن جيڪي اڇا هجڻ ڪري
ظاهري طرح ته لڳي ٿو ته هتي جا ئي هوندا پر انهن ۾
به ڪيترائي يوگوسلاوين، البانيا يا ترڪي، ايراني،
عراق جا ڪرد، رومانيا، پولينڊ ۽ ٻين يورپي ۽ ڏکڻ
آمريڪا جي غريب ملڪن جا آهن. بقول وزير سومري جي
سياسي پناهه وٺندڙ کي، هتي جي قاعدي موجب، سندن
خرچ پکي لاءِ حڪومت ٽي چار هزار ڪرونا (ٻارهن
پندرهن هزار رپيا) ماهانو خرچ ڏئي ٿي ۽ جيسين سال
ٻن بعد ڪورٽ ۾ فيصلو ٿئي ان ۾ ئي هو امير ٿيو وڃي.
پوءِ جي کيس هتي رهڻ جي موڪل مليو وڃي ته به خوش
پر جي واپس موڪليووڃي ٿو ته به بچايل ٻن ٽن لکن
مان هو خوشحال زندگي وڃيو گذارين.
”اڄ کان پندرهن ويهه سال کن اڳ هنن ملڪن ۾ ايندا هئاسين ته ورلي
ڪو ڌاريو نظر ايندو هو. آمريڪا انگلينڊ ڏي جام هئا
پر هنن ٿڌن ملڪن ڏي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ رُخ رکندو هو.
بلڪه ڪيترن کي ته هنن ملڪن جي ڪا گهڻي ڄاڻ نه هئي.
پر هاڻ واقعي تمام گهڻا ڌاريا نظر اچن ٿا.“ مون
چيو.
”حڪومت بارڊرن تي تمام گهڻي سختي ڪئي آهي. ويزا به وڏي مشڪل
کانپوءِ ڏئي ٿي، ان هوندي به ڪيترا لڪيو ڇپيو
پهچيو وڃن.“ وزير ٻڌايو.
”انهن مڙني ۾ ايراني تمام گهڻو نظر اچن ٿا. جيئن ڪراچيءَ ۾ سبزي
مارڪيٽ ۽ جمع مارڪيٽن تي پٺاڻ ڇانيا پيا آهن تيئن
هنن جي اهڙين مارڪيٽن ۾ ايرانين جي ذات نظر اچي
ٿي. لڳي ٿو ته خمينيءَ جي انقلاب وارن ڏينهن ۾ هنن
سئيڊن ڏي ئي رخ ڪيو.“ مون پڇيو. ”هائو. انهن ڏينهن
۾ به. پر ان کانپوءِ به ايندا رهيا. هنن ۾ هڪ هتي
جي رهاڪو ايراني همراهه واپار طور سٿن جا سٿا
ايران کان گهرايا. اسان پاڪستاني يا ٻيا ته اڪيلي
سر فقط مرد ماڻهو آياسين پوءِ هتي جي رهائش وٺي
پنهنجي وطن شادي ڪري زالون وٺي آياسين پر ايرانين
جا ته خاندان جا خاندان هتي پهتا. ويندي پاڙن جا
پاڙا، هي همراهه ايجنسين ذريعي ايرانين کان پئسا
وٺي کين هتي غير قانوني طرح لڪ ڇپ ۾ گهرائيندو
ويو. پوءِ هتي جي حڪومت کيس پڪڙيو به پرڪيس ٺهي نه
سگهيو ۽ ڇڏي ڏنائونس. پاڻ اهوئي چيائين ته هن پئسن
تي اهو ڪم نه ڪيو آهي. هن انساني همدردي ڪارڻ
ڏکويل ۽ ڏتڙيلن جي مدد ڪئي آهي. |