سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: ملير کان مالمو

الطاف شيخ

صفحو :10

 

ڌوڙ وڏي ڍير مان پائجي

سال جي شروعات وارا مهينا يونيورسٽي ۾ دعوتن جو دؤر هلندو آهي. گذريل هفتي ايم ايس سي جي فائينل ايئر وارن اسان نون آيل شاگردن کي ڊنر ڏني. جيڪي فئملي سان آيل آهن، انهن جي زالن کي پڻ گهرايوويو هو. پروفيسر ۽ يونيورسٽي جو سڄو اسٽاف هو. ان سان گڏ ڪجهه آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا، فلپين ۽ انڊونيشيا جهڙن ملڪن جون ڪجهه زالون مرد هئا، جن ۾ گهڻا اُهي هئا جيڪي هتي سئيڊن ۾ سياسي پناهه واري پاليسيءَ مطابق رهيل آهن. اهي ههڙين مفت جي پارٽين۾کائڻ پيئڻ ۽ ڊانس جي شوق ۾ هليا ايندا آهن. ڪجهه هتي جون يعني سئيڊن جون عورتون پڻ هيون،جيڪي بقول هڪ پراڻي جهازي انجنيئر محمود جي، يورپ جي هر شهر ۾ هڪ گروپ اهڙين عورتن جو هوندو آهي جن جا حقوق غير محفوظ هوندا آهن. اهي اڪثر بيوهه، رن زالون، نشي جون عادي، ٿلهيون، بي ڊوليون، مڙسن سان رٺل، اولاد کان ٽڙيل هونديون آهن. اهي پنهنجين ساهيڙين سان اهڙين پارٽين ۾ اچي نازل ٿينديون آهن. ٿوري دير بعد جيئن ئي نغاري تي ڏونڪو لڳو يعني ميوزڪ شروع ٿي، ته هڪ هڪ اُٿي، آفريڪي شيدين سان ڀيچي ٿي، فلور تي ڊانس ڪرڻ ۾جنبي ويون. سندن دلپسند ماڻهو ڪارا هوندا آهن، يعني آفريڪي شيدي.

بنگلاديش جي ڪئپٽن حبيب چيو:

”يار ڪارا وڏا لاهه آهن. اسين ايشيا جا چريا رڳو وتنداسين پوسٽ آفيس ۽ اسپتالن جا ڏس پتا پڇندا. اميگريشن آفيس جا چڪر هڻندا ته اسان جي زالن کي جهٽ ويزا موڪليو ته اچن. موڪل جي ڏينهن ۾ سستا دڪان ڳولينداسين ته ڪٿي حلال گوشت۽ مرچ مسالا ملن ٿا. هي آفريڪن هتي پهچڻ سان سامان به پوءِ کوليندا، پهرين ڪا مڪاني لولي لنگڙي، گوري سئيڊش ڇوڪري ساهيڙي ٺاهيندا. پوءِ موچڙو به ڇوڪري جو ته منهن به ڇوڪري جو. هو پنهنجين موٽر ڪارن ۾هنن ڪارن کي ڀر ۾ ويهارين گهمائن به ته خريداري به ڪرائين.اهڙي طرح هنن شيدي شاگردن جون پنجئي آڱريون گيهه ۾ آهن.“

سريلنڪا جي ٻُڌ شاگرد پريرا (جيڪو ڪولمبو جي بندرگاهه جو ائڊمنسٽريٽر آفيسر آهي) چيو: ”بابا هنن آفريڪن همراهن ۽ هتي جي يورپي ڇوڪرين جو ساڳيو ڪلچر آهي. کائڻ پيئڻ نچڻ ڪڏڻ، ڪو غلط ڪم ڪندي جيل ۾ هليا ويندا ته به پرواهه نه ڪندا. جيل ڪاٽي ائين پيا هلندا ڄڻ حج يا هني مون تان موٽيا هجن. پر پاڻ واري علائقي- يعني بنگلاديش، هندستان، پاڪستان، سريلنڪا جي رهاڪن لاءِ اهو ڪم ڏکيوآهي. پنهنجي غريب توڙي امير جو واسطو، عزت ۽ سوشل زندگي گهر ۽ فئمليءَ سان آهي. نه فقط زال ۽ ٻارن سان پر ماءُ، پيءُ، ڀاءُ، ڀيڻ سان هر وقت ذهني واسطو ۽ ڳانڍاپو رهي ٿو ۽ سچي ڳالهه اها آهي ته پاڻ ان معاملي ۾ ڊڄون ٿا. پوءِ کڻي اسان ۾ ڪو مسلمان هجي، هندو يا ٻڌ هجي يا عيسائي.“

”پر هتي جون گوريون رنون به هنن شيدين تي مرن ٿيون،“ بنگلاديش جي حبيب چيو، ”مون ته ڪيترا دفعا ٽراءِ به ڪيو آهي پر اڃا تائين ڪا سئيڊن جي ڇوڪري ته ٺهيو پر پولينڊ جي پوڙهي به منهنجي اڳيان گاهه نٿي وجهي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪيئن حاصل ڪجي؟“

”ڇا؟ گاهه يا ڇوڪري؟“ پريرا پڇيس.

”لڳي ٿو،“ مون کلندي چيومانس، ”ته هتي جون يورپي عورتون اسان ڌارين مردن کان ڊڄن ٿيون. ان ڪري هو پنهنجن گورن سان ئي گڏ رهڻ بهتر سمجهن ٿيون. پر جيڪي تبديلي چاهين ٿيون اهي پوءِ يڪي چاهين ٿيون يعني يا ته بنهه اڇو هجي يا وري سخت ڪارو. ان ڪري ڪنهن ڪڻڪ رنگي يا هيڊي ڦڪي رنگ واري ايشيائي بدران ڪاري شيديءَ جي ويجهو وڃن ٿيون. يعني ڌوڙ پائجي ته ڪنهن وڏي ڍير مان پائجي.“


 

 

 

بنگلاديش جي مفروحا ۽ ملائيشيا جي ڊيزي

بنگالي شاگردن جي زالن سان گڏ هڪ بنگالي نوجوان عورت پڻ هئي. منهنجي ڀرسان لنگهي ته هڪ ٻئي کي سلام ڪرڻ بعد بنگاليءَ ۾ ”ڪيمن آشين؟ ڀالو تو؟“ خير خبرڪئي مانس. پاڻ اوور ڪوٽ ۽ مفلر لاهي ڪليءَ ۾ ٽنگڻ لاءِ اٿي هئي. مون کان پڇيائين ته ڪٿي جو آهيان.

”پاڪستان جو آهيان پر ’مئرين انجنيئرنگ‘ چٽگانگ مان ڪئي هيم، ان ڪري ڪجهه ڪجهه بنگالي اڃا ياد اٿم.“

”اپنار باري ڪوٿائي“- ”تنهنجو ڳوٺ ڪهڙو آهي؟“ مون پڇيومانس.

”امي ڍاڪا ٿاڪبو.“ (آئون ڍاڪا رهان ٿي) هن ٻڌايو.

دراصل مون معلوم ٿي ڪرڻ چاهيو ته هوءَ اسانجي سينئر گروپ جي چئن بنگلاديشين مان ڪنهن جي زال آهي. (هن سال جي شاگردن جي فئملين کي هتي اچڻ جي اڃا ويزا نه ملي آهي.) پر هن جي ڳالهين مان جڏهن اندازو نه لڳائي سگهيس ته نيٺ ڊائريڪٽ پڇيومانس ته آيا هوءَ نجم العالم جي زال آهي؟

”نه نه.“ هن پنهنجو هٿ منهنجي منهن ڏي ڪري اهو چوڻ چاهيو ته ڪهڙيون ويٺو ڳالهيون ڪريان. ۽ مون يڪدم درستي ڪندي چيو ته، ”پوءِ توهانمسز ڪئپٽن معين آهيو؟“

”نه نه. منهنجي اڃا شادي به نه ٿي آهي.“

”اوه! آءِ ايم ساري! مون سمجهيو هتي رهندڙ بنگالي شاگردن مان توهان ڪنهن جي زال آهيو.“

”نه نه.“ آئون بنگلاديش ۾ گورنمينٽ آفيسر آهيان، ڀرواري شهر لُنڊ (Lund) ۾ هفتي کان سيمينار هلي رهيو آهي. اهو اٽينڊ ڪرڻ لاءِ آيل آهيان.“ هن پرس مان پنهنجو ڪارڊ ڪڍي مون کي ڏيندي چيو.

موٽ ۾ مون کيس پنهنجو ڪارڊ ڏنو ۽ سندس ڪارڊ پڙهڻ لڳس. نالومفروحا سلطانا، وزارت خزانا جي ايڪانامڪس رليشن ڊويزن جي ڊپٽي سيڪريٽري هئي.

پاڻ چڱي دير بنگلاديش حڪومت کي درپيش ايندڙ مسئلن ۽ انهن کي خير اسلوبيءَ سان منهن ڏيڻ ۾ پنهنجين ڪوششن بابت ٻڌائيندي رهي. ڪيتريون تعليم يافته بنگالي عورتون اسان جي ملڪ جي ساڳي ليول جي پڙهيل عورتن کان وڌيڪ سلجهيل ۽ سياسي شعور رکن ٿيون ۽ هيءَ ته ڪجهه وڌيڪ ئي هوشيار ۽ معلومات رکندڙ هئي. پاڻ بيحد دلچسپ ڳالهيون ڪري رهي هئي پر آفريڪن شاگردن اهڙا ته هيئون ڦاڙ گانا فل آواز تي کڻي رکيا جو سچ پچ دانهون ڪري ڳالهائڻ بعد به چوٿون حصو ڪو مس سمجهه ۾ آيو ٿي. ساڻس وري ملڻ جو رسمي واعدو ڪري اُتان رڙهي اندرين هال جي ساڄي ڪنڊ ڏي آيس، جيڪا ٽيپ رڪارڊر کان سڀ کان ڏورانهين جڳهه هئي. ملائيشيا ۾ مون سان ڪم ڪندڙ ڪئپٽن لي (جيڪو مون سان گڏ هن سال آيو آهي) هڪ چيني عورت سان بيٺوهو. هن مون سان واقفيت ڪرائي،.

”هيءَ مسز ڊيزي آهي سندس مڙس سئيڊش آهي ۽ ويهن سالن کان هتي رهي ٿي. ۽ هي الطاف آهي.“

”آپا خبر.“ هن مون کان ملئي ۾ خير عافيت پڇي.

”بائيڪ لا- باگوس.“ مون هٿ ملائي وراڻيو.“ توهانجي تعريف ملائيشيا جا سڀ چيني ۽ ملئي ڪندا آهن.“ مون کيس ٻڌايو. سئيڊن ۾ جيئن اسان پاڪستانين جي مسٽر جوهر، مضمون ۽ مسعود مدد ڪري ٿو تيئن ملئي همراهن لاءِ هر ڏک دور ۽ تڪليف دور ڪرڻ لاءِ هي پنجاهه سالن کن جي نيڪ عورت پاڻ پتوڙي ٿي.

”آئون ٽيچر به آهيان. فارينرس کي سئيڊش زبان سيکاريندي آهيان. ڪئپٽن لي چيو پئي ته توهان کي شايد هتي جي زبان سکڻ جي دلچسپي هجي.“

”نه. پڙهائي ڏاڍي آهي. وقت ڪڍي نه سگهندس.“ مون چيومانس.

”توهان کي ٻن مهينن اندر Crash Course (تڪڙي ۽ گهڻي پڙهائي) ذريعي سيکاري سگهان ٿي.“

”نه، آئون بنهه ان پويان وقت وڃائڻ  نٿو چاهيان، باقي ٻئي مهيني منهنجي زال اچي پئي اها شايد سکي.“ مون في الحال جان ڇڏائڻ جي ڪئي.

”بس پوءِ ڪئپٽن لي ۽ ٻين جي زالن سان گڏ کيس به سيکاريندس. گذريل سال به توهان جي پاڪستاني دوستن: ظهير بابر، ڪئپٽن لوڌي ۽ ڪئپٽن رحمت جي زالن مونکان سئيڊش زبان سکي هئي. ڀلا فئملي اچڻ بعد هاسٽل مان شفٽ ٿي ڪٿي رهڻ جو ارادو ڪيو اٿئي؟“ هن پڇيو.

”گهڻو ڪري شهرجي ڏکڻ ۾ هولما علائقي ۾.“ مون ٻڌايو.

”گهر لاءِ فرنيچر ۽ ٿانوَ کپنوَ ته ايندڙ ڇنڇر تي روٽري ڪلب وارا وڏي Sale لڳائي رهيا آهن. جنهن ۾گهر جي هر شيءِ تمام گهٽ اگهه تي وڪڻندا. هيءَ Sale سال ۾ هڪ دفعو هڻندا آهن. تون سامان وٺي في الحال ملئي ڪئپٽن زين اڪبر (آخري سال جي شاگرد) جي گهر يا منهنجي گهر رکي سگهين ٿو.“ ڊيزي چيو.


 

 

 

ريفريجريٽر نه پر ڊيپ فريزر

پاڻ نيلام واري جاءِ جو ڏس پتو لکي ڏنائين ۽ مون سندس ٿورو مڃي کانئس موڪلايو ۽ ڪجهه کائڻ لاءِ پليٽ کنئي. لاطيني ۽ آمريڪا ۾ آفريڪا جي ڪجهه شاگردن جو مفت جي شراب ۽ بيئر تي سخت مارو هو. باقي عرب، پاڪستاني، مصري، اردني چپڙي ڪري ڪوڪا ڪولا يا اسپرائيٽ جو گلاس هٿ ۾جهلي ڏوڪي رهيا هئا. شايد شراب جو ڪوبه عادي نه هو يا شايد سڀ ڪو شريف بنجي رهيو هو. گذريل سال ۽ هن سال جي جملي اٺن ايراني شاگردن مان ڇهه ته بنهه نه آيا جو هر ان دعوت ۾ جنهن ۾ شراب، رباب ۽ شباب هجي اچڻ کان پرهيز ڪن ٿا. بهرحال اسان مسلمانن جي ڪسر في الحال يمن جي محمد مبارڪ پوري پئي ڪئي. هو عدن پورٽ جو انجنيئر آهي. هڪ بيئر جو دٻو خالي ٿيس ٿي ته ٻيو کنيائين ٿي ۽ شيدين ۽ ڏکڻ آمريڪن سان آخر تائين مقابلو ڪندو رهيو. ۽ هڪ لولي لنگڙي کي ڇڏيائين ٿي ته ٻيءَ کي ڪرسي تان اٿاري فلور تي آڻي ڊانس ڪيائين ٿي. جنهن وقت به مون تي  نظر پيس ٿي ته ڇوڪريءَ کي پنهنجي وڌيڪ ويجهو ڇڪي رڙ ڪيائين ٿي:

”مسٽر الطاف! پليز ٽيڪ ماءِ فوٽو گراف.“ ۽ مونکي ٻه دفعا بهانو ڪري ٽيون دفعو ڪڍڻو ئي پيو ٿي. ٻن ٽن دٻن بعد مبارڪ فلسفو به ڳالهائڻ لڳو هو. هونءَ ئي نارمل حالتن۾ئي هو فلسفانه ڳالهيون ڪري ٿو ۽ هاڻي ته هو ان منزل تي پهچي چڪو هو جتي سندس ديس، وطن، عدن، يمن جوڪو ملان مولوي پهچي نٿي سگهو.

هڪ موقعي تي مون کي جهلي چيو هيائين:

”لڪ فرينڊ! منهنجا دوست! هي ملڪ به عجيب آهي جتي جي، نه گلن ۾ خوشبوءِ آهي، نه کاڌي ۾ڪا لذت آهي ۽ نه وري ڪا عورت ۾ گرمائش آهي.“

ڪئپٽن حبيب چيو؛ ”اهو يمني ياسر عرفات مهانڊو توسان ڪهڙا راز سليندو رهي ٿو.“

کيس ٻڌايم ته هيئن ٿو چوي.

”عجيب ماڻهو آهي.“ ڪئپٽن حبيب پنهنجي روايتي انداز ۾ ٽهڪ ڏيندي چيو. ”کيس اها خبرنٿي پوي ته ڪهڙي عورت جي ويجهو وڃجي. ههڙي سرد رات ۾اهڙي ٿلهي ۽ پوڙهي عورت جا جذبا Defrost ڪرڻ ۾ ته کيس ٽي راتيون ٽي ڏينهن کپن.“

”تو مبارڪ جي ساهيڙيءَ کي ريفريجريٽر سمجهيو آهي ڇا؟“ مون کيس کلندي چيو.

”ريفريجريٽر! قسم سان ڊيپ فريزر آهي.“

 

خطرناڪ ماڻهوءَ جي ملڪ جي آهين

رات جا ٻارهن کن ٿيا ته اهي شاگرد جيڪي فئملين سان آيا هئا، روانا ٿيڻ لڳا،جو ٻارهين کانپوءِ شهر جي بسن جا ڦيرا گهٽجيو وڃن. هونءَ ڪلاڪ ۾چار يا پنج ڦيرا ڪندڙ بس، رات جو ٻارهين کانپوءِ ڪلاڪ ۾ فقط هڪڙو ڦيرو ڪري ٿي. ان جي معنيٰ هڪ بس ڇٽي وئي ته ٻي پوري ڪلاڪبعد ايندي. پر اهو آهي شهر جي هر بس اسٽاپ تي هر بس مقرر وقت تي اچي ضرور ٿي. هر بس اسٽاپ تي گهڙيال لڳل آهي ۽ سالن کان بس جو اهو مقرر وقت هلندو اچي. ماڻهو پنهنجن گهرن مان واچ ڏسي نڪرن جيئن کين بس اسٽاپ تي سيءِ ۾وقت وڃائڻو نه پوي.

مهمانن- خاص ڪري فئملين جي وڃڻ ڪري ڊانسنگ ۽ ڊائنگ هال توڙي باقي بچيل اڪيلن همراهن جي دلين ۾ آيل مهمانن لاءِ ڪافي جاءِ ٿي پئي، جو مون ڏٺو ته ڪيترا همراهه جيڪي پنهنجن دوستن يا ملڪي شاگردن جي زالن اڳيان شرمائي ڪنڊ پاسو ڏئي رهيا هئا سي به هاڻ انهن جي وڃڻ کانپوءِ پنهنجين سڏايل گرل فرينڊن يا پاڻهي آيل انهن عورتن کي (جن جا حقوق غير محفوظ ٿي لڳا) پنهنجين دلين ۾ جايون ڏيڻ لڳا.

ملائيشيا جي ڪئپٽن ليءَ جي زال ائنا، ڀت سان لڳل ڪرسين مان هڪ تي ويٺي هئي.

”تون اڃا ويٺي آهين؟“ مون کائنس پڇيو.

”لي هلي ته هلان. هڪ ٻئي پويان بيئر جا دٻا ڏوگهي رهيو آهي.“ ائنا وراڻيو.

ائنا جي ڀر ۾ اسان جو پاڪستاني ڪئپٽن سليم ۽ راحت عزيز ويٺا هئا. راحت کي انگريزيءَ ۾چيم؛ ”ڪئپٽن ليءَ کي مفت جي شراب پيئڻ جي ايڏي پٽ آهي جو پوءِ جان ڇٽڻ مشڪل آهي. ملائيشيا ۾ به ٻيوڪو پيئي يا نه پر لي صاحب ضرور پيئندو.“

ڪئپٽن لي جي زال ائنا منهنجي ڳالهه جي تصدي ڪندي سليم ۽ راحت کي چيو: ”الطاف سچ ٿو چوي.“

”يار ائنا ڇا سوچيندي.“ ڪئپٽن سليم مون کي چيو.

”ائنا ڇا سوچيندي. ڪا لڪيل ڇپيل ڳالهه آهي ڇا. آئون پنهنجي مائٽن جي ايڏو عرصو ويجهو نه رهيو هوندس جيترو هنن جي. لي ۽ مون ملائيشيا جي نيول اڪيڊمي ۾ اٺ سال گڏ گذاريا آهن. هنن جو مڱڻو ۽ شادي به مون اڳيان ٿي هئي.“ اهو ٻڌي ائنا خوش ٿي.

”مون کي لي چوي ٿو ته آئون هلان، ٿوري دير بعد هوپاڻهي ايندو.“ ائنا ٻڌايو.

متان وئي آهين. هي چنڊو ائين ڪڏهن شراب نه ڇڏي.“ مون خبردار ڪندي جهليومانس.

بنگلاديش جو ڪئپٽن حبيب به اتي بيٺل هو، تنهن چيو: ”ڪئپٽن لي پيئي گهٽ ٿو رڳو ضايع ڪري ٿو. بيئر جو دٻو کوليو ٻه ڍڪ پيو وري وڃيو نئون دٻو کڻيو اچي. هي ڏسو.“

هن ڀر واري ٽيبل تي ڪئپٽن لي جا ڇڏيل ٻه کن دٻا کڻي اسانکي ڏيکاريا جيڪي واقعي اڌ به خالي نه هئا.

ايتري ۾کاٻي پاسي واري ڀت سان لڳل ڪرسين تان هڪ ڪينيا جو همراهه ڊانس لاءِ اٿيو. آئون ان جي جاءِ تي ٿي ويٺس. ڀروارين ڪرسين تي هڪ حبشڻ ۽ هڪ هتي جي سئيڊش عورت ويٺي هئي. راحت اڙدوءَ ۾ مون کي چيو: ”تنهنجي ڀر ۾ ويٺل آفريڪن ڇوڪري اڄ جي آيل مهمانن ۾ سڀ کان حسين ترين آهي.“

”واهه ڙي واهه راحت عزيز تنهنجا فيصلا.“ مون چيومانس.

”ڪوڙ ڪونه ٿو ڳالهايان چڱي طرح ٿورو ڏسينس. گوريون به سندس مقابلو نه ڪري سگهن.“ راحت پنهنجي ڳالهه تي پختو رهيو.

”خير هاڻ ڀر ۾ ويهي، هڪ ته مڙي مڙي ڏسڻ صحيح ناهي ۽ ٻي ڳالهه ته ههڙي چنجهي (Dim) روشني ۾ گوريون اڇيون به چٽيءَ طرح نظر نٿيون اچن سو هن ڪاري ڪوئل جا ته فقط ڏند ۽ ڪنن ۾ پيل اڇا ايئرنگ ئي نظر اچي رهيا آهن.“

بنگالي ڪئپٽن حبيب جنهن کي ٿوري ٿوري اڙدو به اچي ٿي تنهن راحت کي چيو: ”سوير مانيءَ مهل، هوءَ منهنجي ڀرسان کائي رهي هئي. مونکي ته ان وقت روشني ۾ به منجهس ڪا خاص سونهن نظر نه آئي، توکي هتي اونداهه ۾ منجهانئس ڪهڙي سونهن تجلا ڏيکاري رهي آهي.“

”بس ڪجهه آهي.“ راحت چيو.

”هاڻ ڏيو منهن. اها به ڪا ڳالهه. سائنسي طرح ثابت ڪرڻ بدران ائين ئي ٿيو زوريءَ ٿاڦڻ ته، ڪجهه آهي.“ مون چيومانس.،

”ڀلا مڙي کڻي نه ڏسينس، پراهو ته پڇينس ته هوءَ ڪٿي جي آهي.“ راحت مون کي چيو.

مون ساڻس هيلو ڪري سندس ملڪ بابت پڇيو.

”يوگينڊا جي آهيان.“ هن وراڻيو.

”خطرناڪ ماڻهو جي ملڪ جي آهن؟“ مون يڪدم چيومانس.

”ڪيئن ڀلا؟“

”ٻيو وري ڇا. عيدي امين پاڪستاني، انڊين ۽ ايشين ته ڀڄائي ڪڍيا پر پنهنجن ڪارن جي به ڀينگ ڪري ڇڏيائين.“

”اها ته ڳالهه آهي.“ هن مڃيو.

”يوگينڊا ۾ ڪٿي رهن؟“ مون پڇيومانس.

”ڪمپالا جي ڀرسان.“ هن ٻڌايو.

 

ها بابا سڀ مٿي چڙهي ويندا

”هتي پڙهڻ لاءِ آيل آهين يا نوڪريءَ لاءِ“ پڇيومانس.

”منهنجي ڀيڻ هتي رهي ٿي. هوءَ هتي جي نئشنل آهي. اڄ کان ڏهه ٻارهن سال اڳ پهرين سندس مڙس هتي سئيڊن ۾ اچي رهيو، تن ڏينهن ۾ سئيڊن ۾ اچڻ ڪو اهڙو ڏکيو نه هو، جهڙو هينئر هر صورت ۾ناممڪن ڪري ڇڏيو اٿن. ڪجهه سالن بعد جيئن ئي هن جو پاسپورٽ ٺهيو ته زال کي به گهرائي ورتائين. هينئر آئون هنن وٽ گهمڻ لاءِ آئي آهيان.

”هيڏو خرچ ڪري سئيڊن آئي آهين؟“ مون حيرت مان پڇيو.

”دراصل هتي  هميشه لاءِ رهڻ جي ڪوشش لاءِ آئي آهيان، پر هاڻ سئيڊن ۾ يا هن پاسي جي ٻين ملڪن ۾ ديرو ڄمائڻ ڏکيو ڪم ٿي پيو آهي. ڪو زمانو هو جڏهن عيدي امين ايشين کي يوگينڊا مان پئي ڪڍيو ۽ ظلم مچائي ڏنو هئائين، انهن ڏينهن ۾ نه فقط يوگينڊا ۾ رهندڙ ايشيائي پر آفريڪن پڻ امين جي ظلم جو بهانو ٺاهي يورپ جي ڪيترن ملڪن ۾ سياسي پناهه وٺي اتي جا شهري ٿي ويا هئا. سئيڊن، ناروي ۽ جرمنيءَ ته انساني همدرديءَ خاطر تمام گهڻن کي رهڻ ڏنو هو. پر هاڻ ڏکيوڪم ٿي پيو آهي.“

”پوءِ تنهنجي معنيٰ تنهنجا ڀاڙا ڀتا ويا برباد ٿي؟“ مون چيو.

”نه. ائين ناهي. ڪافي اميد آهي. هتي رهڻ لاءِ پورو زور لڳائي رهيا آهيون. ڪجهه ٻيا به گس آزمائڻا پوندا.“ هن ٻڌايو.

اتي مارشل آئلينڊ (Marshal Islands) جو مسٽر لئري اچي اڳيان بيهي رهيو ۽ يوگينڊا جي ڇوڪريءَکي ڊانس جي آڇ ڪرڻ لڳو.

”لئري توکي به هروڀرو هاڻ ڊانس ڪرڻي آهي. ٻيون ڇوڪريون سڀ منڊيون آهن ڇا جو ڏيهه ڇڏي هتان اچي نڪتو آهين.“ مون چيومانس.

يوگنڊا جي ڇوڪري کلڻ لڳي ۽ لئبري به شرمائي ’ساري! ساري!‘ چوڻ لڳو.

”نه يار ائين چرچا پيو ڪرين.“ مون لئريءَ کي چيو ۽ پوءِ يوگنڊا جي ڇوڪريءَ کي لئريءَ لاءِ چيم.:

”زبرسست ماڻهو اٿئي. مارشل ائلينڊ جو هي پهريون شاگرد هتي آيو آهي. گذريل سال جيئن ئي مارشل ٻيٽ يونائيٽيڊ نئشن جو ميمبر ٿيو ته I.M.O وارن نيويءَ سان واسطو رکندڙ هڪ آفيسر کي هيڏانهن اچي ايم ايس سي ڪرڻ جي آڇ ڪئي ۽ سڄي ٻيٽ تان هي چونڊيو ويو. ان مان اندازو لڳائي سگهين ٿي ته اسان جو لئري ڪيڏي اهم شخصيت آهي.“

”اهو به ته ٻڌائينس ته سڄي ٻيٽ تي ڪل ماڻهو گهڻا آهن؟“ ڪئپٽن حبيب کلندي چيو، آڱوٺي جيڏو ٻيٽ، چين يا انڊيا جي آدمشماري مان چونڊجي ها ته ڪا وڏي ڳالهه هئي. سڄي ٻيٽ تي ڪل ستر هزار ماڻهو تن مان فقط ٽي نيوي ۾ آهن. انهن مان هڪ چونڊجي هتي آيو آهي.“

لئري تيسين ان يوگنڊا جي ڇوڪريءَ سان نچڻ ۾ محو ٿي ويو هو.

”ڪجهه به آهي.“ مون حبيب کي چيو، ”جتي وڻ ناهي اتي ڪانڊيرو به درخت وارو حساب آهي. لئري هن وقت به ٽن اهم پوسٽن تي آهي. هتان ايم ايس سي ڪرڻ بعد کيس اڃا به پروموشن ملندي، جو هن ٻيٽ تي پڙهيل ڳڙهيل مڪاني ماڻهن جي تمام گهڻي کوٽ آهي.“

”ها بابا! سڀ مٿي چڙهي ويندا.“ حبيب هڪ دفعو وري کلندي طنز ڪئي. ”باقي پاڪستاني، هندستاني ۽ بنگلاديشي ڪيڏا به تير هڻي اچن ته به اتي جو اتي رهندا. مون کي ته ڊپ آهي ته ٻن سالن بعد پنهنجي آفيس ۾ اها پوسٽ به شايد نصيب نه ٿئي، جيڪا ڇڏي آيو آهيان. ڪنهن سياستدان جي چمچي کي اها ڪرسي ڏئي ڇڏيندا.“

 

فيلي باهمت عورت آهي

راحت ۽ حبيب کي چيم ته فائينل ايئر جي شاگردن هيءَ آڌر ڀاءُ واري دعوت (Welcome Party)  اسان کي ان لاءِ ڏني آهي ته جيئن اسان هنن سان ملون جلون. پر پاڻ ته رڳو پنهنجو پاڻ ۾ ويٺا ڪچهريون ڪريون. سامهون فائنل ايئر جي شاگردياڻي مس فيلي پنهنجي هڪ شيدي ڪلاس ميٽ سان نچي رهي هئي. سندس سڄو نالو فيلستاس وونورو خايومبي آهي. پاڻ اوڀر آفريڪا جي ملڪ ڪينيا جي آهي ۽ اتي جي منسٽري آف ڪميونيڪيشن ۾ ڊپٽي سيڪريٽري آهي. پاڻ سڄي يونيورسٽي ۾ ٿلهي ۾ ٿلهي عورت آهي. مون ڪيتريونئي ٿلهيون عورتون ڏٺيون هونديون پر هن جهڙي ٿلهي عورت ڪا ورلي هجي. پر فيليءَ کي اهم ۽ نمايان سندس ٿولهه نه، خوش مزاجيءَ بنايو آهي. هوءَ جيتري ٿلهي آهي اوترو ئي کلمک، چرچائڻ ۽ پڙهيل لکيل آهي. پاڻ پورٽس ۽ شپنگ ائڊمنسٽريشن ۾ ايم ايس سي ڪري رهي آهي. فيليءَ کان گهٽ ٿولهه واريون عورتون به شرم ۽ احساس وچان جيڪر پنهنجو پاڻ کي لڪائينديون وتن. پر فيلي کي پرواهه ئي ناهي. هن پنهنجي ٿولهه کي ڪڏهن به ڪمزوري نه بنايو آهي. هر وقت ڪچهري ۽ چرچن ڀوڳن ۾ مشغول نظر ايندي. هيڏي وزن هوندي به هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ نچي سگهي ٿي. بس رڳو يونيورسٽي هلڻ مهل پنهنجو ٿيلهو يا بيگ ڪنهن ڪلاس ميٽ يا اسان نون آيلن مان هڪ کي کڻڻ لاءِ منٿ ميڙ ڪندي آهي ۽ جو بقول سندس کانئس سامان سان گڏ بس مان لهيو چڙهيو نٿو ٿئي. بس ۾ چڙهندي آهي ته ويٺل مسافر في الحال هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ ۽ ڳالهائڻ ڇڏي کيس غور سان ڏسندا آهن. لهندي آهي ته پيادا مڙس مڙي ڏسندا اٿس. ته به هن مائي کي ڪنهن ڳالهه جو فڪر ئي نه آهي. راحت هڪ ڏينهن چيوِ: ”ٿلهن کي کائڻ جي معاملي ۾ وڏو احساس ٿيندو آهي ۽ گهٽ کائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. پر هي ماسي فيلي هڪڙي پليٽ خالي ڪري وري ٻي به پهرين وانگر ٽٻ ڀري کائي ٿي. ڊنر تي مڇي يا ڪڪڙ جو وڏو حصو هڪ ئي دفعو ملندو آهي. پر هيءَ اهو ڊش به بورچيءَکان نڪ جو پڪو ٿي ٻيو دفعو گهرندي آهي. پاڻ نئروبي  (Nairobi) شهر جي آهي جيڪو ڪينيا جي گاديءَ جو هنڌ آهي. فيليءَ کان علاوه سندس ملڪ ڪينيا جو هڪ ٻيو شاگرد عبدالله پڻ آهي. ڪئپٽن عبدالله آدم ممباسا جو مسلمان شيدي آهي ۽ مئريٽائيم ايڊيوڪيشن ۽ ٽريننگ ۾ ايم ايس سي ڪري رهيو آهي. کيس هڪ ڏينهن چيو هوم ته ڪڏهن لڪي فيليءَ جو اخبار لاءِ فوٽو ڪڍندس. هن وڃي فيليءَ سان ڳالهه ڪئي ۽ هاڻ منهنجن هٿن ۾ڪئميرا ڏسي فيلي سڏ ڪيو.

”مسٽر الطاف فوٽو اچي ڪڍ.“

پرجيسين فئلش تيار ڪري اُٿيس تيسين گانو ختم ٿي ويو ۽ نچڻ وارا فرحت وٺڻ لاءِ ڊائننگ هال ۾ اچي ويٺا. آئون به اٿي فيليءَ واري ٽيبل تي ويٺس جتي پاڪستان جو ڪئپٽن عاشق ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ پيرو (Peru) جو الفونسو ويٺا هئا. عاشق کي چيم ته فيليءَ جي تصوير مضمون سان گڏ ڪنهن اخبار يا رسالي ۾ڏيندس ته پڙهندڙن کي احساس ٿئي ته فيلي ڪيڏي باهمت عورت آهي جيڪا پنهنجي ههڙي ڳري جسم کي بهانو بنائڻ بدران ههڙي سيءَ ۾ جهڙ مينهن واري ملڪ ۾، ۽ هن عمر ۾پڙهي رهي آهي.

ٿوري دير بعد فيلي ۽ ٻيا ڊانس لاءِ اٿيا ۽مون سندس فوٽوڪڍي ڊانسنگ هال ۾ويٺل راحت ۽ سليم کي واچ ڏيکاري هلڻ جو اشارو ڪيو.

”اڃا ٿورو ترس. ٻين بجي دعوت ختم ٿيڻ جو وقت آهي. هونءَ به سڀاڻ آچر آهي. موڪل جو ڏينهن.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org