سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا

الطاف شيخ

صفحو :9

 

عربن، ايرانين سان گڏ نماز پڙهي

آخر عيد جو ڏينهن بلڪل ويجهو اچي پهتو. شام جو، سعودي عرب، مصر، ٽيونيشيا ۽ موراڪو جي عربن ۽ سوڊان، مالاوي، نائجيريا جي شيدي مسلمانن جو آخري دفعو بحث هليو ته هاڻ ڇا ڪجي.

”سعودي عرب ۾ ته سڀاڻي جمع جي عيد آهي. اسين ته سڀاڻي صبح جو عيد نماز پڙهڻ لاءِ مسجد مان ٿي پوءِ يونيورسٽي اينداسين. جنهن کي سڀاڻي عيد ڪرڻي هجي اهو اٺين کان اڳ پهچي وڃي. ارڙهون نمبر بس مسجد ڏي وڃي ٿي.“ هنن چيو.

آئون ان بحث مان کسڪي پنهنجي ڪمري ڏي آيس ته رستي تي اردن جي عبدالڪريم ۽ عايد پڇيو ته آئون عيد ڪڏهن ڪندس.

کلي وراڻيو مانس: ”هونءَ ته جيترو جهٽ ڪجي اوترو سٺو. جيئن روزا بند ٿين. باقي عيد نماز لاءِ جيڏانهن ٻيا پاڪستاني هلن.“

اردني عربن کان موڪلائي احمد ڪمال علوي وٽ آيس. مالمو ۾ رهندڙ پاڪستاني چون ٿا ته: ”مالمو (سئيڊن)۾ سڀان عيد ناهي. باقي ٻڌجي پيو ته ڊئنمارڪ، انگلينڊ، فرانس پاسي سڀان ٿي رهي آهي.“

رات جا ڏهه ٿي رهيا هئا. عيد، يا نه عيد. هتي عيد جي موڪل ته ملندي ڪانه. يونيورسٽي ته وڃڻو پوندو. موٽي ڪمري ۾ آيس. ڪجهه دير ٻئي ڏينهن تي ڏيکارڻ وارو هوم ورڪ ڪري سمهي رهيس. ننڊ نه به ايندي هجي ته به هن عمر ۾ نئپيرين لاگرٿم، ڪئلڪيولس جي Integration ۽ بولين (Boolean) الجبرا ٿور ي دير ڪرڻ سان ننڊ اچيو وڃي.

ٻئي ڏينهن پهريون پيرڊ سڀني جو پنجين ماڙ تي سري واستا هال ۾ هو. آئون پويان پنهنجي فئوريٽ ڪنڊ واري سيٽ تي ويٺس. کاٻي پاسي کان ملائيشيا جو زينورين هو. ان بعد هڪ شيدي هو ۽ پوءِ ڏکڻ آمريڪا جا همراهه، ليڪچر شروع ٿيڻ کان اڳ سعودي عرب جا چار ۽ جارڊن جا ٻه عرب شاگرد ڪمپليٽ سوٽ ٽاءِ ۾، چڱيءَ طرح شيو ٿيل منهن سان هال ۾ گهڙيا ۽ اچي منهنجي اڳيان ويٺا. ان بعد ايراني ۽ مصري داخل ٿيا.

”خير ته آهي اڄ هي سوٽن ٽائين ۾ ٽولن جا ٽولا ٿي آيا آهن؟“ مون تعجب مان زينورين کان پڇيو. سئڊن اهڙو ملڪ آهي جتي جپان، سنگاپور، ملائيشيا يا پاڪستان وانگر لٽي ڪپڙي جي گهڻي ٺاهه جوڙ ناهي. سڀ مست ٿيو پيا هلن. ويندي ايتري قدر جون عورتون مردن جهڙيون قميصون ۽ پتلونون پايو هلن ته مرد عورتن جهڙا ڪوٽ ۽ ٽوپ. سيءَ ۽ برف باريءَ ۾ هرڪو پنهنجي ساهه جي ڪري يا سوٽن شلوارن جي.

زينورين چيو: ”عرب سڳورا عيد نماز پڙهي آيا اٿئي.“

”واقعي.“ مون وري تعجب کاڌو.

”ٻيو نه ته وري. عيد ٿي ويئي.“ زينورين چيو.

”پوءِ تون عيد نماز تي وئين؟“

”منهنجي اک ڪانه کلي. بهرحال مالمو جي شهر ۽ سڄي سئيڊن جا مسلمان سڀان عيد ڪن ٿا.“

”اهو ته تمام سٺو. سڀان موڪل به آهي.“ مون زينورين کي چيو.

سئيڊن ۽ يورپ جي هنن ملڪن ۾ هفتي ۾ ٻه ڏينهن موڪل ٿئي. ڇنڇر ۽ آچر. پر اهو آهي ته باقي ڏينهن سڀ خوب ڍورن وانگر پورهيو ڪن. آفيسون ويندي پوسٽ آفيس ۽ بئنڪون باقي ڏنيهن شام جو پنجين تائين کليون رهن ۽ صبح جو به پوري ساڍي اٺين بجي ڪم شروع ٿيو وڃي.

سعود ي عرب جي جباريءَ پويان مڙي مون ڏي ڏٺو ۽ مون کيس عيد مبارڪ چيو. اٿي بيهي هٿ ملائي عربن واري کيڪار واريون ٻنهي پاسي چميون ڏنيون. اوسي پاسي ۾ ويٺل سڀ آفريڪي، ڏکڻ آمريڪي ۽ ٻيا وائڙن وانگر ڏسڻ لڳا. کاٻي پاسي ٿورو اڳيان ويٺل ترڪيءَ جي حسن بڪال نماز جو اشارو ڪر ي پڇيو ته اهي عيد نماز پڙهي آيا آهن ڇا؟

”ها ۽ تون؟“ مون پڇيومانس.

”سڀاڻي.“ هن مختصر جواب ڏنو.

زينورين چيو: ”ترڪ سڀ سڀاڻي عيد ڪندا. ڇو جو مالمو شهر جي مسجد جو امام ترڪيءَ جو آهي. ان سڀان عيد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.“

”پوءِ هنن کي ڪنهن عيد نماز پڙهائي.“ مون پڇيو.

”اهي پنهنجو ڪو عربي مولوي وٺي ويا هئا.“ زينورين ٻڌايو.

”ڀلا هنن ايران وارن به عيد اڄ ڪئي يا نه؟“

”اهي به اڄ عربن سان گڏ عيد نماز پڙهي آيا آهن.“

مون کلندي زينورين کي چيو: ”اڄ هڪ ڪم واهه جو ٿيو آهي. هونءَ هر ڳالهه ۾ سعود ي عرب ۽ ايران وارا هڪ ٻئي جي مخالفت ڪن ٿا. اڄ اهو نيڪيءَ جو ڪم ٻنهي گڏ ڪيو آهي. يعني عيد نماز گڏ پڙهي اٿن.“

ايتري ۾ SOLAS (سيفٽي آف لائيف ائٽ سي) سبجيڪٽ پڙهائڻ لاءِ پروفيسر ڪئپٽن وانچيسور اچي ويو ۽ اسان سندس ليڪچر ٻڌڻ لاءِ پنهنجو ڳالهائڻ بند ڪيو.

ڪئپٽن وانچيسور ايشيا جو واحد شخص آهي جيڪو هن يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر آهي. پاڻ اٺن سالن کان هن يونيورسٽيءَ ۾ ”مئريٽائيم سيفٽي ائڊمنسٽريشن“ جو پروفيسر آهي ۽ سندس تعلق انڊيا سان آهي. پنجهٺ سال جي ڄمارجو ٿيندو. عمر جي لحاظ کان بيحد چست ۽ کڙو تڙو لڳي ٿو. (فقط يونيورسٽيءَ جي ڪمرن جا دروازا کولڻ ۾ منجهندو آهي جيڪو ڪوڊ نمبرن سان کلن ٿا.) پاڻ خوش مزاج ۽ چرچائي پڻ آهي.

”پروفيسر وانچيسور! توهان جي ڪاميابيءَ جو ڇا راز آهي؟“ هڪ ڏينهن مون پڇيو مانس.

”بابا هر مرد جي ڪاميابيءَ پٺيان ڪنهن وائڙي عورت جو هٿ رهي ٿو.“ پاڻ کلي وراڻيائين.

پروفيسر وانچيسور جهازي دنيا جي بنيادي تعليم بمبئي جي ڊفرن اڪيڊمي مان ورتي. ڪيترن ئي ڪارگو ۽ پئسينجر جهازن تي ڪئڊٽ کان وٺي ڪئپٽن تائين Sail ڪيو. پاڻ ڪئپٽن ٿيڻ جي آخري امتحان بعد ايڪسٽرا ماسٽر مئرينر جو امتحان به پاس ڪيو، جيڪو اسان وٽ وڏي ڳالهه سمجهيو وڃي ٿو ۽ اڄ جي دور ۾ به ورلي ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا پاڪستان يا هندستان ۾ ڪئپٽن هوندا جن اهو امتحان پاس ڪيو هوندو. سندس ايم ايس سي ۽ پي ايڇ ڊي ”مئرين ائڊ منسٽريشن“ سبجيڪٽ ۾ ٿيل آهي. جهاز جي نوڪريءَ بعد ڇويهه سال انڊيا گورنمينٽ ۾ ناٽيڪل سرويئر ۽ ناٽيڪل ائڊوائيزر ٿي رهيو. ان بعد I.M.O جهڙن بين الاقوامي ادارن ۾ ڪيترائي سال ڪم ڪرڻ بعد هاڻ 1984ع کان هتي يونيورسٽي (W.M.U) ۾ آهي.

حسين حبشڻ _ گهانا جي ايلس

پروفيسر وانچيسور جي ليڪچر کان پوءِ ڏهن منٽن جي ٽي بريڪ ۾ هيٺ ٽين ماڙ تي احمد ڪمال علوي سان ملڻ ويس. هن جو ۽ ٻين سيڪنڊ ييئر جي شاگردن جو ڪلاس ٿرڊ فلور تي هلي رهيو هو جتي لئبرري پڻ آهي. پاڻ لئبرري جي ٻاهران ورانڊي ۾ رکيل ڪوچن تي اخبار پڙهي رهيو هو. منهنجي پڇڻ کان اڳ ئي ٻڌايائين: ”پاڻ ۽ هتي سئيڊن جا باقي مسلمان سڀان عيد ڪنداسين. مسعود فون ڪيو آهي ته صبح جو پوري ساڍي ستين تيار ٿيو ويٺا هججو ته هو ۽ ممنون پنهنجين ڪارن ۾ نماز لاءِ پاڻ کي وٺي هلندا.“

صبح جو منهنجي سوير ئي اک کلي. سٿڻ ۾ اڳٺ وجهي پوءِ دريءَ جي ٿوري سير کولي ٻاهر جي موسم جو اندازو لڳايم ته اهڙي سيءَ ۾ سٿڻ هلي نه سگهندي. سوساٽ ڪندي ٿڌي هوا جسم کي هڪدم ائين ٺاري ڇڏيو ڄڻ ايئر ڪنڊيشن سسٽم جي Freon گئس جو سلينڊر ليڪ ٿي ويو هجي. يڪدم دري بند ڪري هيٺان لانگ جان گرم گنجي ۽ پاجامو پائي مٿان قميص ۽ پتلون پاتم. تنهن مٿان ڊگهين ٻانهن وارو گرم سئيٽر پائي پوءِ ڪوٽ چاڙهيم. اوور ڪوٽ، هٿ جا جوراب، ڪنن سوڌو مٿي ڍڪڻ جي ٽوپي ۽ مفلر ڪڍي ڪرسيءَ تي رکيم ته ڪمري مان نڪرڻ مهل اهي چاڙهي نڪرندس. واچ ۾ وقت ڏٺم. اڃا ڇهه ٿيا هئا. صبح اڃا نه ٿيو هو. جيتوڻيڪ راتيون ننڍيون ۽ ڏينهن وڏا شروع ٿي ويا هئا ۽ سج ڪافي جلد اڀرڻ لڳو هو ۽ شام جو ستين بجي لٿو ٿي. جون جولاءِ ڌاري هيڪاندو وڏو ڏينهن ٿيو وڃي. اٽڪل سورهن سترهن ڪلاڪن جو ۽ اڃا مٿي اسٽاڪهوم ۽ Isundsval شهر۾ ته اونهاري ۾ ڏينهن ويهه ٻاويهه ڪلاڪن جو ٿيو وڃي ۽ رات ٻن ڪلاڪن جي ۽ بلڪل اتر سئيڊن ۾ جيڪو حصو Lappland ۽ Norr Botten سڏجي ٿو اتي ڪجهه ڏينهن لاءِ ته رات ٿئي ئي ڪانه. ڏينهن ئي ڏينهن هوندو آهي.اهڙي طرح وري سياري ۾ اتي راتيون ايڏيون وڏيون ٿين جو چوويهه ئي ڪلاڪ رات هوندي آهي. ڪنهن گهڙي کن لاءِ سج جي هلڪي روشني نظر اچي گم ٿي ويندي آهي.يعني سج نڪري ان ئي وقت غروب به ٿي ويندو آهي.اهڙن پٽن جو احوال هڪ پراڻي ڪتاب ”ارائونڊ دي ورلڊ“ ۾ به لکي چڪو آهيان. جڏهن اسين رمضان جي مهيني ۾ ناروي جي اتراهين شهرٽرنڊام ۾ هئاسين جتي ٻاويهه ڪلاڪن جو روزو ٿيو ٿي ۽ رات ٻن ڪلاڪن جي.

مسعود ۽ ممنون کي پوري ساڍي ستين اسان کي وٺڻ لاءِ اچڻو هو. ساڍين ستين ۾ اڃا چڱو وقت هو. هيٽر آن ڪري چانهه ٺاهڻ لاءِ پاڻي ۽ کير ملائي گرم ڪرڻ لاءِ رکيم. رستي تي لڳل بلبن جي روشني ۽ صبح ٿيڻ جي هلڪي سوجهري ۾ چوڌاري رستا، ميدان، ڪارن جون ڇتيون ۽ وڻن جي ٽارين جا مٿيان حصا سنهي ٻوري جهڙي برف سان ڍڪيا اڇا ٿيا پيا هئا، ڄڻ ڪنهن اٽي يا پائوڊر جي ڇڻڪار ڪئي هجي. رات سمهڻ بعد ڪا برف باري شروع ٿي هئي ۽ اڃا تائين هلڪي هلڪي هلي رهي هئي. ڪپهه جي ذرڙن جهڙا اڇا ۽ کنڊ مان ٺهيل پشم جهڙا هلڪا برف جا ذرڙا هوا تي ترندا هيٺ ڪِري رهيا هئا ۽ برف جي اڳهين وڇيل چادر مٿان نئون تهه ٺاهي رهيا هئا. برف جي نه ڳرڻ جو اهو ئي مطلب ٿيو ته ٽيمپريچر ڪاٽو (Minus) چئين ڊگرين کان گهٽ آهي. پر هنن ملڪن ۾ رهندڙن کي اهو تجربو هوندو ته ڪاٽو چار ٽيمپريچر جنهن ۾ پاڻي برف ٿيو وڃي، يا ان کان به گهڻي ٿڌ ايتري ڏکوئيندڙ ناهي جيتري ٿڌي هوا. اهوئي سبب آهي جو ڪيترا جيت جڙا ۽ ويندي بدڪون ڏيڏر ٿڌي هوا لڳڻ وقت ڍنڍن ۽ تالابن ۾ ڄميل برف پويان يا ان هيٺان وڃي لڪندا آهن. سائنس هنن جي پڙهيل ڪانهي. پر ايترو سمجهن ٿا ته ڪيتري به ٿڌ وڌي وڃي پر برف اوتري ئي ٿڌي رهندي (يعني زيرو ڊگريءَ کان وڌ ۾ وڌ ڪاٽو چئن ڊگرين تائين.) ان ڪري ڪاٽو ڏهه يا ڪاٽو پندرهن ڊگريون ٿڌي هوا ۾ پارو ٿيڻ بدران برف ۾ بچاءَ وٺجي جيڪا ان هوا کان تمام گهڻو گهڻو گرم ٿي. اهڙيءَ طرح گهڻي سيءَ ۾ هٿ ۾ برف جو ٻورو کڻڻ ۾ هٿ ايترا ٿڌا نٿا ٿين جيترو ٿڌي هوا لڳڻ سان. ان ڪري ههڙن ملڪن ۾ اڪثر ٻاران ٻوري جهڙي برف جا گولا ٺاهي راند کيڏندي نظر اچن ٿا.

چانهه ٺاهي ٽيبل تي کڻي آيس ۽ پيئڻ سان گڏ يونيورسٽيءَ طرفان موڪل ڪرڻ لاءِ Assignment: ”ايڪنامڪس آف چارٽرنگ“ ڏسڻ لڳس. اڃا ڏهه پندرهن منٽ مس گذريا ته در تي ٺڪ ٺڪ ٿي.

”ابا ڪير؟“

”ڪئپٽن سليم قاسم آهيان. اٿو اٿو. ساڍي ستين بجي پوري هلڻو آهي.“

”اڃا ته ڪافي دير آهي.“ مون دروازو کولي کيس چيو.

”تون تيار به ٿي وئين. هي علوي ۽ ڪئپٽن عاشق وارا اڃا ستا پيا هئا. کين مون اچي اٿاريو آهي. نه ته اتي ئي رهجي وڃن ها.“

سامهون گهانا جي مائي ايلس جاگر جوتن ۾ سامهون اچي رهي هئي.

”آفريڪا جي هيءَ حسينا جاگنگ ڪرڻ وئي هئي ڇا؟“ مون ڪئپٽن سليم کي چيو ۽ پوءِ کيس مخاطب ٿي پڇيو: “From where are you coming?” ۽ ان ئي وقت پاڻ به اسان کان ساڳيو سوال ڪيائين:

                                                   “And where are you going?”

”اسان مسلمانن جو روزن جو مهينو ختم ٿيو آهي سو اڄ Celeberations اٿئون. صبح ساڻ مسجد ۾ گڏجاڻي ڪندا آهيون ۽ عبادت پڻ.“ مون کيس ٻڌايو ۽ پاڻ ٻڌائين ته هوءَ روز صبح جو اڌ ڪلاڪ لاءِ جاگنگ ڪندي آهي. چاهي عام ڏينهن هجن يا موڪل جا.

”سٺي ڳالهه آهي.“ احمد ڪمال علويءَ کيس چيو ۽ پوءِ اسان کي مخاطب ٿي چيو: ”يورپ آمريڪا توڙي آفريڪاجا، مرد توڙي عورتون سڀ سڌرندا وڃن. نٿا سڌرون ته پاڻ. رڳو کائڻ تي ۽ ٿلهو ٿيڻ تي زور اٿئون. سڄو ڏينهن ستا پيا هونداسين يا ٽي وي اڳيان ويهي ڦيڦا پيا ٿينداسين ۽ پاڪستاني زالون ته مردن کان به وڌيڪ ڳريون متاريون ٿينديون وڃن. هر هڪ کي ملڪ ترنم نورجهان ٿيڻ جو شوق آهي.“

”نه. هاڻ اهي به انڊين فلمون ڏسي سڌرنديون وڃن. پهرين رڳو صبيحا، نيلو، سنگيتا، انجمن آرا جهڙين کي ڏٺو هئائون.“ مون درستي ڪئي مانس.

اسان کي ورانڊي ۾ اڃا ڳالهائيندو ٻڌي ايلس در کوليو:

”ڀلا سومر ڏينهن Economics of Chartering جو ٽيسٽ ته نه آهي.“ هن پڇيو.

”ٽيسٽ آهي پر تنهنجي ڀرسان ويهڻ کان توبهه ڪئيسين.“  ڪئپٽن سليم قاسم چيو ۽ اسان ٽئي ايلس سميت ٽهڪ ڏيڻ لڳاسين. احمد ڪمال علويءَ پڇيو: ”خير ته آهي؟“

”يار ڪالهه هن حبشي حسينه ۽ الطاف اسان کي ماڳهين مارايو ٿي. پر بچي وياسين. نه ته انگريزيءَ جي امتحان ۾ سڀ فيل ٿيون ها.“ ڪئپٽن سليم ٻڌايو.

”ڪيئن ڪيئن؟“ ڪمال علويءَ تجسس مان پڇيو.

”ٽيون ڏينهن ڪمبائنڊ ليڪچر ۾ هيءَ اسان جي اڳيان ويٺي هئي ته هڪ ائنگولا جو شاگرد ذري ذري هن وٽ انگريزي سکڻ پئي آيو (ائنگولا، موزمبق ۽ ڪيپ وردي ٻيٽ تي پورچو گالين جو قبضو هو ان ڪري اتي جا ماڻهو پنهنجي آفريڪي ۽ قبيلي جي ٻوليءَ کان علاوه پورچوگال ڳالهائين ٿا.) انهن کي انگريزي صفا گهٽ اچي ٿي ۽ جيتوڻيڪ اهڙن شاگردن لاءِ يونيورسٽيءَ ٽن مهينن جو اڳواٽ انگريزي سکڻ جو ڪورس شروع ڪيو آهي پر اڃا به ڪيترن کي انگريزي سٺي طرح نٿي اچي. ان ڪري ريڪٽر سڀني لاءِ ا نگريزيءَ جو ڪالهه ٽيسٽ رکيو هو ته جيئن ڪمزور شاگرد سيمسٽر جي موڪل ۾ ڪيڏانهن وڃڻ بدران انگريزي سکن.

”سو بهرحال منجهند کان پوءِ پيرڊ ۾ هن سال جي سڀني شاگردن کي ٽيسٽ لاءِ ويهاريو ويو. حسن بڪال چيو ته انگريزيءَ جهڙي ٽيسٽ ۾ ڪنهن سياڻي سان وهجي، باقي هنن عربن سڳورن ۽ ويٽنامي ۽ مائوزي تنگ جي چيني همراهن کان بلڪل پاسو ڪجي. پر سوال آهي ته ڪهڙي قابل انگريزدان ڀرسان وهجي. پوءِ پاڻ ئي چيو، ”تو واري پاڙيسري حسين حبشڻ ان ڳالهه لاءِ بهتر رهندي.“ مون به سهڻي صلاح سمجهي، جو هڪ ڏينهن اڳ کيس انگريزي پڙهائيندي ڏٺو هو. سو يڪدم کيس سڏ ڪري چيومانس، ”تون انگريزيءَ ۾ هوشيار آهين. هيڏانهن خالي ڪرسين تي اچي ويهه ته تنهنجي ڀرسان اسان ويهون.“ پاڻ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ويتر ڊاڙون هڻڻ لڳي ته هن قسم جا بي بي سي جا ٽيسٽ هن ڪيترائي ڏنا آهن. ۽ پوءِ جڏهن ٽيسٽ شروع ٿيو ته اهو ماڳهين نئين قسم جو هو. برٽش ماسترياڻين پهرين وڊيو ذريعي هڪ ننڍڙو مزاحيه ڊرامو ڏيکاريو پوءِ ان تي Objective سوالن جا ڏهه کن صفحا ڏنا ته ان ۾ لکيل سؤ سوالن جا ها يا نه ۾ اڌ ڪلاڪ اندر جواب لکي ڏيو. ڏهاڪو کن جا سوال جواب بنا سوچڻ پڙهڻ  جي ايلس کي ڏسي لکندا وياسين. پوءِ ڪئپٽن سليم رڙ ڪئي (جنهن تي پڻ اسان قرب ڪري پنهنجي ڀرسان ويهاريو هو) ته ڪجهه سوچيو ته صحيح اها حسين حبشڻ سڀن جون موڪلون بند ڪرائيندي. ۽ پوءِ غور ڪيوسين ته سليم واقعي صحيح هو ۽ باقي جواب پنهنجي عقل جي ڊوڙ ڪري لکياسين. پوءِ آخر ۾ ماڳهين هن به اسان تان ڪاپي ڪري ڪم ٽپايو.“

”پر مسٽر الطاف!“ آفريڪن شاگردياڻي  ايلس چيو، ”پهرين ته تون ۽ حسن بڪال ٺهي ٺڪي پاڻ ئي مون وٽ آيائو.“

”تڏهن ته چئون پيا ته هاڻ تنهنجي ڀرسان نه ويهنداسين.“ مون جواب ڏنو.

سندس اهو سهڻو نالو ”حسين حبشڻ“ سندس چهري ڪري نه پر وارن جي ٺاهه جوڙ ڪري رکيو اٿئون. ٻيون زالون هڪ يا ٻه يا ٽي چوٽيون ٺاهينديون آهن پر هن ڏهه ٻارهن کن وارن جي هڪ هڪ چوٽي ٺاهي آهي يعني سڄو مٿو سؤ کن سنهين سنهين چوٽين سان ڀريل اٿس. اسان جي ڳوٺ ۾ ڳنڍڻي، آر، ڀرت يا ٻيو پورهيو ڪندڙ عورتون گهڻو ڪري هفتي ۾ فقط هڪ دفعو جمعي ڏينهن چوٽي ٺاهين. پر گهڻو تيل وجهي اهڙي ته ڇڪي ڇڪي ٺاهين جو مجال آهي وري سڄو هفتو هڪ واربه ان چوٽيءَ مان ٻاهر نڪري.سو ايلس به اهو ٻڌايو ته هيڏانهن  سئيڊن ۾ اچڻ مهل سندس ماءُ، ڀينرن ۽ سوٽين، ماساتين ٽي ڏينهن گڏجي ويهي اهي سنهيون چوٽيون ٺاهيون، جيئن پرديس ۾ کيس هر هر چوٽي ٺاهڻي نه پوي. کانئس پڇيو هوم: ”اڃا ڪيترا ڏينهن ڇنل کٽ جي هيٺان لڙڪيل واڻ جهڙيون اهي تنهنجيون چوٽيون قائم رهنديون.“

”چار پنج مهينا ته گهٽ ۾ گهٽ هلنديون.“ هن ٻڌايو هو.

”بس تيسين ڪئميرا هٿ ڪريان ته تنهنجي مٿي جي ان آرٽ ورڪ جو فوٽو ڪڍي پاڪستان جي ڪنهن اخبار ۾ موڪليان.“

اجايو ڊپ ٿا ڪن

علوي، قاضي حميد ۽ ٻيا اسان جا پاڪستاني عيد نماز جا ڪپڙا پائي تيار ٿين تيسين جهٽ جهٽ ڪري سڀني لاءِ چانهه ٺاهيم ۽ چانهه پي بس ڪئيسين ته اسان کي هن شهر مالمو جي مسجد ڏي وٺي هلڻ وارا همراهه اچي پهتا. يڪدم اوور ڪوٽ، ٽوپ ۽ مفلر چاڙهي ڪار ۾ ويهڻ لاءِ ٻاهر نڪتاسين. رستي تي هڪ بلڊنگ تي ننڍن بلبن ذريعي وقت ۽ ٽيمپريچر لکجي رهيو هو. ٽيمپريچر ڏٺم ته ڪافي گهٽجي ويو هو ۽ هاڻ فقط چار ڊگريون هو. پر اپريل جي مهيني ۾ چار ڊگرين واري ٿڌ به اسان جهڙن سنڌ جي رهاڪن جي لاءِ تمام گهڻي ٿي. ڪار ۾ اندر ويٺي، وڻن جون ٽاريون لڏنديون ڏسي، محسوس ڪيم ته اندران ڪار گرم آهي سو خبر نٿي پوي باقي ٻاهر سخت ٿڌي هوا لڳي رهي آهي. اهو لکڻ به هتي ضروري ٿو سمجهان ته هتي مئي کان بهار شروع ٿيندي آهي. هن وقت جيڪي سڀ وڻ ٺوڙها ٿيا پيا آهن ۽ منجهن هڪ پن به نظر نٿو اچي، انهن ۾ ڪجهه ڏينهن بعد نوان گؤنچ ۽ گل ڦٽندا ۽ پوءِ مهيني کن کان پوءِ بهار شروع ٿي ويندي ۽ يورپ جي هن پاسي جي ملڪن جو بهار معنى سنڌ جو سيارو، ڏينهن جو گرم ۽ ڳرا ڪپڙا پائڻ بدران سنهي سوئيٽر ۽ ڪوٽ ۾ هلي سگهبو.

مسجد ۾ نمازين جي گهڻائيءَ جو اندازو ٻاهر بيٺل ڪارن مان ئي لڳائي ورتوسين جو مسجد جي چوڌاري ٻن ٽن فرلانگن ۾ رڳو ڪارون ئي ڪارون هيون. هونءَ هن پاسي جا ماڻهو بس ۾ سفر ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿا. پر عيد جي خوشيءَ ۾ هرڪو پنهنجي ڪار کڻي آيو هو. بهرحال ان هوندي به ڪيترائي بس مان به لٿا پئي.

”هن ڀيري ته تمام گهڻي خلق آهي. هن کان اڳ ڪڏهن به ايتري نه ٿي.“ مسعود ڪار پارڪنگ ڀريل ڏسي چيو.

”چڱو جو عربن هڪ ڏينهن اڳ عيد ڪئي نه ته هيءَ مسجد پوري نه ٿئي ها.“ ممنون چيو.

”هونءَ سئيڊن ۾ مسلمانن جو تعداد وڌندو به وڃي.“ مسعود چيو.

”ٻاهران پيا اچن يا هتي جي سئيڊش ماڻهو مسلمان پيا ٿين؟“ ڪئپٽن عاشق پڇيو.

”ٻاهران به ڪافي ايندا رهن ٿا. پوءِ ڪي لڪ چوريءَ اچن، ڪي سياسي پناهه جي کاتي ۾، پر هنن جا پنهنجا ماڻهو به مسلمان ٿي رهيا آهن. هفتي ۾ ٻه ٽي سراسري طرح مسلمان ٿين ٿا. ان ڏينهن ٽي ويءَ تان به ٻڌايو هئائون.“ ممنون ٻڌايو.

”ها سئيڊن ۾ ٻن کان ٽن تائين ۽ فرانس ۾ هفتي ۾ ڏهه کن ماڻهو مسلمان ٿين ٿا.“ مون چيو.

”آئون هينئر فيلڊ ٽرپ تي فرانس ۾ هوس.“ قاضي حميد ٻڌايو، ”اتي جي هڪ اخبار ۾ آيو ته فرانس ۾ هڪ هزار کان مٿي مسجدون آهن ۽ يورپ توڙي آمريڪا کي سڀ کان گهڻو ڊپ اسلام کان لڳو رهي ٿو.“

”اها ڳالهه صحيح آهي. هيءَ مالمو جي مسجد به وڏن مشڪلن کان پوءِ مس مس هتي جي حڪومت ٺهرائڻ جي موڪل ڏني. ڀر پاسي جي ٻي شهر گوتابرگ (Gotaberg) ۾ ته مسجد لاءِ ڪيترن ماڻهن مخالفت ڪئي ۽ اخبارن ۾ ڏنو. ويندي ان ڪائونٽي يا ايراضيءَ جي چڱي مڙس جو ٽي ويءَ تي انٽرويو به آيو هو. کانئس جڏهن پڇيو ويو ته ”تون مسجد ٺهڻ جي مخالفت ڇو ٿو ڪرين.“ ته وراڻيائين، ”مون کي ڊپ آهي ته اسان جو ڪلچر، رسم رواج وغيره تباهه ٿي ويندو.“ کانئس پڇيو ويو ته، ”ڪنهن کان ڊپ اٿئي، جيڪي ٻاهران مسلمان هتي اچي رهيا آهن انهن کان؟“ وراڻيائين، ”انهن کان نه، پر مسجد ٺهڻ ڪر ي جيڪي روز اسان جا پنهنجا مسلمان ٿيندا.“ مسعود ٻڌايو.

”هنن کان ڊپ آهي ته دنيا ۾ مسلمانن جو تعداد وڌي ويندو.“ احمد ڪمال علويءَ چيو.

مون کلندي چيو مانس: ”اجايو ڊپ ٿا ڪن. يورپ ۾ جيترا روزانو نوان مسلمان ٿي رهيا آهن تن کان وڌيڪ مسلمان، پاڪستان، هندستان، برما ۽ عرب ملڪن ۾ سندن وطني ڌاڙيل، پوليس ۽ فوجون پيون مارين. اخبار کڻي ڏس ته سنڌ ۾ روزانو ڪيترا ماڻهو ڌاڙيلن هٿان، ۽ بسن ۽ ڪارن جي حادثن ۾ مرن ٿا. هندستان ۽ ڪشمير ۾ مسجد مندر جي چڪر ۾ ڪيترا خون ٿين ٿا. برما جي بارڊر تي جيڪي مسلمان برمي حڪومت جي ظلم کان ڀڄيو اچن ٿا انهن کان پُڇ ته سندن ڪيترا مائٽ ساڙيا ۽ ٻاريا وڃن پيا. بنگلاديش جي طوفانن ۾ هر سال ڪيترا ٻڏيو وڃن صدام ۽ ٻين عربن ۾ ڪيترا پنهنجا ماڻهو لڙائين ۾ مارائي ڇڏيا ۽ باقي ٻيا ڪردن ۽ فلسطينين کي تباهه پيا ڪن. سو اهڙي ڪا ڳالهه ناهي. جنهن وقت آمريڪا ۽ يورپ کي ٿورو به ڊپ لڳو ته مسلمانن مان خطرو آهي ته پاڪستان هندستان وانگر يا عراق، ڪويت ۽ سعودي عرب وانگرهڪ ٻئي کي ويڙهائي حساب برابر ڪري ڇڏيندا.“

مالمو جي هن مسجد جي هيٺين هال ۾ مردن لاءِ عيد نماز پڙهڻ جو بندوبست رکيل آهي ۽ مٿي عورتن لاءِ، جيڪي پاسي کان ٺهيل ڏاڪڻ ذريعي مٿي وڃي رهيون آهن. اسان جي اچڻ کان اڳ سڄو هال ڀرجي ويو هو، پر اسان کي جيئن تيئن ڪري دروازي وٽ آخري صفن ۾ جاءِ ملي. اڃا اٺ نه ٿيا هئا ۽ ماڻهو ايندا رهيا. وڏي هال ۾ تقريباً ٻه هزار کن ماڻهو ٿيندا. هال ڀرجڻ بعد ان کان پهرين وارو ڪمرو (جنهن ۾ ويهڻ لاءِ ڪرسيون ۽ بوٽ رکڻ لاءِ ڪاٺ جا خانا ٺهيل آهن) کي خالي ڪر ي نمازين کي ويهاريو ويو. ان بعد ته اهو به ڀرجي ويو ۽ نماز جي وقت ويهارو کن ماڻهو ٻاهر کلئي آسمان هيٺان غاليچا وڇائي نماز لاءِ بيٺا. پٽ تي کڻي غاليچو وڇايو ويو هو پر بوٽن بنا اهڙي ولهه ۾ بيهڻ جيڪب آباد ۾ سخت گرمي وارن ڏينهن ۾ پڪي رستي تي بيهي جمعي نماز پڙهڻ برابر آهي.

اسان جنهن وقت مسجد ۾ آياسين ته مسجد جو امام ترڪي زبان ۾ واعظ ڪر ي رهيو هو. هي ترڪ امام ترڪيءَ کان هن مسجد لاءِ، هتي (سئيڊن) جي مسلمانن پگهار تي گهرائي رهايو آهي. (هڪ ٻيو فيصل آباد پاڪستان کان پڻ ويجهڙائيءَ ۾ گهرايو ويو آهي، جيڪو مالمو شهر جي ٻارن کي قرآن پڙهائيندو.) واعظ بعد نماز پڙهائي ويئي. نماز بعد سڀ ماڻهو ماٺ ڪري خطبو ٻڌڻ لڳا جيڪو ڏهه پندرهن منٽ هليو. خطبي دوران مون چوڌاري ذري ذري ڏٺو پئي ته سڀ پنهنجين پنهنجين جاين ٿي پٿل ماري ويٺا هئا. جن ٻاهر اڱڻ ۾ نماز پڙهي پئي، اهي به نماز ختم ٿيڻ سان اندر اچي خطبو ٻڌڻ لڳا. ننڍي هوندي کان پنهنجي ڳوٺ جي درگاهه تي عيد نماز بعد امام کي رڙيون ڪندي ٻڌندو اچان ته، بابا عيد نماز بعد خطبو ٻڌڻ به ايترو ئي ضروري آهي. پر هيڏا سال گذري ويا، اڄ به جيئن ئي عيد نماز ختم ٿيندي آهي ته اڌ کان وڌيڪ ماڻهو بوڇڻ ڇنڊي اٿي کڙا ٿيندا آهن. ڪي ڀاڪرپائي عيد ملڻ ۾ لڳي ويندا آهن، ڪي بازار جو رُخ رکندا آهن. سو ان ڪري مون ڏٺو ٿي ته هتي آيل ايشيا، آفريڪا ۽ يورپ کنڊ جي مختلف ملڪن، زبانن جا ماڻهو ڇا ٿا ڪن. پر مون ڏٺو ته آخر تائين ڪوبه نه اٿيو.خطبي بعد دعا پڙهي، پوءِ ڀاڪر پائڻ ۾ شروع ٿي ويا. ڪيترائي پاڪستاني هئا جن ۾ گهڻو تعداد پنجاب پاسي جو هو ۽ ٻئي نمبر تي پٺاڻ ۽ افغاني هئا. پر ان هوندي به هن ملڪ ۾ پاڪستاني اٽي ۾ لوڻ برابر نظر اچن ٿا. بوٽ پاتم ته منهنجي ڀر ۾ چار پنج ڄڻا اڇي کل وارا ڪا يورپي زبان ڳالهائي رهيا هئا. پڇيو مان: ”ترڪ آهيو؟“

پر نه سمجهيائون. پڇيو مان: ”انگريزي اچنا و ٿي.“ تڏهن به نه سمجهيائون. ڪنهن زبان جو پاڻ نالو وٺي رهيا هئا، جيڪا مونکي سمجهه ۾ نه پئي آئي. آخر منهنجي پڇ پڇ تي هنن مان هڪ ڄڻو پنهنجي ڪنهن مائٽ کي وٺي آيو جنهن ڀڳل انگريزي ڳالهائي ٿي. تنهن ٻڌايو ته هي يوگوسلاويه جا آهن. ٻه سال اڳ لڏي هتي آيا، هاڻ هتي جا شهري آهن. يوگو سلاويه جي پنهنجي ڪنهن صوبي جي زبان ڳالهائين ٿا.

ڪجهه همراهه روس جي مختلف رياستن تاجڪستان، ڪرغزستان، آذربائيجان  جا مليا، جن ترڪي ڳالهائي ٿي يا سئيڊش، بنگالي ۽ آفريڪي به چڱا هئا. آفريڪا جي به ڪيترن ئي ملڪن جا هئا. جيڪي ٻار پنهنجي ماءُ پيءُ سان گڏ آيا هئا سي آخري قطار ۾ ويٺا هئا، جن جا ڪئين رنگ هئا، اڇي کير جهڙي رنگ کان وٺي پاڻيءَ جهڙي اڇي ۽ ڳاڙهي رنگ جا ٻار هئا. ڪارن جا به ڪيترائي Shade هئا. ڪوئلي جهڙي سخت ڪاري ۽ چاڪليٽي رنگ کان وٺي ڪانگ جي ڳچيءَ جهڙي سليٽي رنگ جا. ڪن آفريڪن شايد هتي سئيڊن ڇوڪرين سان شادي ڪئي آهي جو انهن جي وچ وارن رنگن جا پڻ ٻار هئا، ڄڻ ڪنهن آرٽسٽ ڪاري، اڇي، ناسي، پيلي ۽ ميٽوڙي رنگن سان آرٽ ورڪ ٺاهيو هجي.

ڪجهه چيني همراهه پڻ مليا جن جي ڏاڙهي کنڀ کنڀ هئي. پاڻ ٻڌايائون ته هو پاڪستان جي اتر واري حصي ڪاشگر جا رهاڪو آهن. عمري لاءِ سعودي عرب ويا هئا. اتان هتي پنهنجن مائٽن سان ملي هاڻ واپس چين ويندا.

هن مسجد ۾ آيل ڪيترن ئي ماڻهن سان ملي چڱيءَ طرح خبر چار وٺڻ چاهيم ٿي پر سخت سيءَ نه هنن کي ۽ نه مون کي وڌيڪ بيهڻ ڏنو.

علويءَ کان اڳتي جو پروگرام پڇيم.

”في الحال هاسٽل هلڻ جو وساري ڇڏ. هتان ممنون ڀائيءَ جي گهر نيرن ڪرڻ ٿا هلون. ان بعد مسعود جي گهر. تيسين چار ٿي ويندا ۽ چئين بجي مالمو شهر جي پاڪستان ايسوسيئيشن Get Together ڪئي آهي، اتي هليا هلنداسين.“ هن ٻڌايو.

ڪار ۾ ويهڻ کان اڳ مسجد جي ترڪ امام سان موڪلايم ۽ در وٽ رکيل مختلف پنن جي هڪ هڪ ڪاپي کنيم. هڪ ته فطري بابت پراڻو سرڪيولر هو ته عيد کان اڳ فطرو پنهنجي ملڪ موڪلي ڇڏجو يا هتي جي مسجد جي انچارج سلامت سلهري جي حوالي ڪجو. هڪ عيد نماز پڙهڻ جي طريقي بابت پنو هو. هڪ افغاني مجاهدن لاءِ افغانين طرفان چندي جي اپيل هئي. ڪنهن چيو افغاني جهاد پيا ڪن.

ٻي ڄڻي، جنهن کي اسلام جي ڄاڻ آهي، وراڻيو: ”جهاد اهو آهي جنهن ۾ ڪنهن ڪافر سان جنگ جوٽجي. افغاني جيسين روسين سان وڙهي رهيا هئا جهاد هو. هاڻ روس ته واپس هليو ويو آهي. هاڻ افغاني ڪنهن ڪافر سان نه پر پنهنجو پاڻ ۾ مسلمان مسلمانن سان وڙهي رهيا آهن. ان جنگ ۾ سندن ڇو وڌيڪ مدد ڪجي. هو هڪ ٻئي کي تباهه ڪري رهيا آهن. هاڻ هو اسلام جي نالي تي ڪنهن ڪافر سان نه وڙهي رهيا آهن جو اڃا تائين چندي جون اپيلون ڪندا رهن ٿا.“

سڀني غور سان ٻڌو. ڳالهه عقل جي هئي. گهٽ ۾ گهٽ اسان کي معقول لڳي.

ورلڊ مئريٽائم يونيورسٽيءَ جا اسين ڇهه ڄڻا، مسعود ۽ ڪجهه ٻيا پاڪستاني جيڪي ڀر واري ڳوٺ کان هتي مالمو ۾ نماز پڙهڻ آيا هئا، ممنون جي دعوت تي سندس گهر پهتاسين. ممنون جي گهر واريءَ رات کان ڪجهه شيون تيارڪري رکيون هيون. ڇولا، دهي بڙا، کيرڻي، پڪوڙا ۽ ڪواب وغيره. هاسٽل جا پاڻيءَ پسيا چانور ۽ اوٻاريل ڀاڄيون کائي کائي اسان به ٿڪجي پيا هئاسين سو اسان لاءِ هڪ وڏي تبديلي هئي.

ٿوري دير بعد مالمو جي ڀر واري ڳوٺ کان آيل همراهه جن ۾ فقط هڪ جو نالو ”رضوان“ هن وقت ياد اٿم، موڪلائڻ لاءِ اٿي کڙا ٿيا. ان سان گڏ مون به عرض ڪيومان ته مونکي به اجازت ڏيو. ڪئپٽن سليم ۽ قاضي حميد گهڻو ئي زور ڀريو ته ويهي ڪچهري ڪر هاسٽل اڪيلو وڃي ڇا ڪندين. پر گهڻي دير ويهي ڪچهري ڪرڻ کان اڪيلي سر ويهي ڪو اخبار رسالو پڙهڻ کي وڌيڪ پسند ٿي ڪيم. سو موڪلائي نڪتس. رضوان وارن کي مالمو شهر جي خبر نه هئي.

”توهان مونکي بس ڪنهن به بس اسٽاپ تي لاهي ڇڏيو، پوءِ آئون پاڻهي بسون بدلائي گهران وڃي نڪرندس.“ مون کين چيو.

هنن مونکي گستاوو ائڊولف ٽورگ بس اسٽاپ تي اچي لاٿو، جنهن لاءِ لکي آيو آهيان ته هتي جو ڄڻ صدر، ريگل (يا ائمپريس مارڪيٽ) وارو اسٽاپ آهي. جتان بسون شهر جي سڀني علائقن ڏي وڃن ٿيون. آئون ارڙهون نمبر بس ۾ يونيورسٽيءَ طرفان مليل ڪارڊ ڏيکاري ويٺس. هتي جي شهر ۾ هلندڙ بس جي ٽڪيٽ ننڍي توڙي وڏي سفر لاءِ يارهن ڪرونا (يعني پنجاهه رپيه کن) آهي پر يڪي مهيني جي ٻه سؤ ويهه ڪرونا ۾ پاس ملي ٿي. جنهن ۾ روز جيترا دفعا وڻي اوترا دفعا سفر ڪري سگهجي ٿو. بس ۾ چڙهڻ جي هيءَ پاس جيڪا اسان کي هر مهيني يونيورسٽي ڏيندي آهي دراصل هن مالمو شهر جي ميونسپل طرفان دنيا جي مختلف ملڪن کان آيل اسان شاگردن لاءِ تحفو آهي. اسان لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو هي تحفو. ڇو جو فقط يونيورسٽي ايندي ويندي. روزانو چئن بسن ۾ چڙهون ٿا ۽ ان کان علاوه هڪ ٻه دفعو پنهنجي ڪم ڪار لاءِ. ڏينهن ۾ پنج ڇهه دفعا پنجاهه پنجاهه رپئي جي ٽڪيٽ اسان جهڙن غريب ملڪن جو ڪهڙو ماڻهو وٺي سگهندو. بهرحال ٿئنڪ يو ويري مچ دي ميونسپل ڪارپورشن آف مالمو سٽي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org