سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا

الطاف شيخ

صفحو :17

 

روزو ۽ شراب

هڪ ڏينهن وائيس چانسلر طرفان اسان نون آيلن کي اسان جي هاسٽل جي ميس ۾ دعوت ڏني وئي. ڪڪڙ جا ڪوفتا (هتي ڪڪڙ سڀني گوشتن کان سستو آهي) مڇي، ڳائو گوشت ۽ لئمب اسٽيڪ(رڍ جي گوشت جي تريل چاپ) سلاد، ڀاڄيون وغيره هيون.بوفي ٽائيپ ڊنر هئي. هر هڪ پنهنجي پسند جون شيون کڻي پنهنجن واقفڪارن سان ٽولو ٺاهي، ڌار ڌار ٽيبلن تي پئي ويٺا.هونءَ ماني ته هرڪو پنهنجي پنهنجي وقت تي اچي کائي ويندو آهي. يعني ڊنر جو ٽائيم پنجين کان اٺين تائين آهي. انهن ٽن ڪلاڪن ۾ جنهنکي جنهن وقت وڻي کائي سگهي ٿو. پر اڄ هڪ ئي وقت سڀ موجود هئا. مون ڏسڻ چاهيو ٿي ته ٻين ملڪن جا مسلمان خاص ڪري عرب ملڪن جا ڇا ٿا کائين. ڪنڊ واري ٽيبل تي چارئي سعودي عرب جا، ٻه موراڪو جا ۽ ٻه ٽيونيشيا جا گڏ کائي رهياهئا. سڀني جي پليٽن ۾ ڪڪڙ جا ڪوفتا، ڳائو ۽ ريڍو گوشت هو. ايتري ۾ يمن جو عرب مسٽر مبارڪ پليٽ ۾ ماني کڻي باقي عربن سان گڏ کائڻ لاءِ وڌيو. رستي تي مونکي ڏسي مونسان خيرعافيت ڪيائين:

“So Mubarak! How is Food?” مون پڇيومانس.

“صحيح آهي، پر مرچ مسالا گهٽ اٿس.“ هن وراڻيو.

”هڪ ڳالهه ته ٻڌاءِ مبارڪ! هتي جي رڌل گوشت بابت ڇا خيال اٿئي؟“ مون پڇيومانس.

”او مسٽر الطاف! بس خنزير نه هجي، باقي اهي ذرا پرزا ڳالهيون ديس کان ٻاهر، خاص ڪري يورپ ۾ ۽ اهو به هنن اتر قطبي ملڪن ۾، ڪيستائين ڪير پنهنجي مرضيءَ جي ماني ماڻي سگهي ٿو.“ هن چيو ۽ وڃي باقي عربن سان ويٺو.

آئون ان ٽيبل تي اچي ويٺس جنهن تي اسانجا پاڪستاني ويٺا هئا.ڳالهاين ڪندي وري اهو حلال حرام گوشت جو عنوان نڪتو ته مون چيو:

”يار مونکي ته سمجهه ۾ نٿو اچي، بلڪ تعجب ٿو لڳي ته بنگلاديش، ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جا مسلمان ته ڍڳي ٻڪري ڪڪڙ کايو ويٺا آهن، باقي اسان پاڪستاني ڪنهن پڙهيل ڳڙهيل عالم کان پڇڻ بدران پنهنجو پاڻ ۾ ويٺا بحث ڪريون. ٻيو ته ٺهيو پر سعودي عرب، يمن ۽ موراڪو جا عرب به ويٺا گوشت کائين.“ مون چيو.

”اهي ته شراب به پيئن ٿا.“ علويءَ چيو.

”نه يار ائين بنا خاطريءَ جي ڪنهن لاءِ ڪيئن چئجي. اسان ته کين نه ڏٺو آهي. بلڪ پنج وقت نماز ۽ روزا رکندي ڏٺو اٿئون.“

”جهڙا روزا ائمي ٿي رکي،“ راحت عزيز کلندي ڀر واري ٽيبل تي سينيگال (اولهه آفريڪا) جي حبشڻ عورت ڏي اشارو ڪيو، جيڪا پنهنجي ملڪ ۾ سي ايس پي ٽائيپ آفيسر آهي ۽ ڊڪار بندرگاهه ۾ وڏي عهدي تي آهي،“ هوءَ مسلمان آهي، روزا رکي، ان بعد شام جو بيئر پيئندي هئي.“

”يار ائمي ڪا ماڻهو آهي جنهن جي مثال ڏيو.“ ڪئپٽن سليم چيو.

”هوءَ ته پاڻ ئي ان گناهه جو اعتراف ڪري ٿي ته سوشل لائيف ۾ شراب جي عادي ٿي وئي ۽ انهي ڏينهن چيائين ته نماز ۽ روزو الڳ شيءِ آهي ۽ شراب الڳ. ڇا شراب پيئان ٿي ان جي معنى نماز روزي کي ڇڏي ڏيان؟ دعا ڪيو ته هڪ ڏينهن شراب پيئڻ ڇڏي ڏيان ۽ انشاءَ الله ضرور ڇڏي ڏيندس.“ ڪئپٽن سليم ٻڌايو.

حبشي ديوَ آدم بو آدم بو ڪندو ايندو

آفريڪا جي ملڪن ۽ ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ جي ٻيٽن کان آيل شيدي شاگردن جي رنگ بابت لکيو اٿم ته سندن ڪارو رنگ تئي جي پٺ جهڙي ڪار کي وٺي سليٽي ۽ ڦلهير جهڙو ٿئي ٿو.

سينيگال جي ائمي ايڏي ته سخت ڪاري رنگ جي آهي جو بقول جارڊن جي عرب شاگرد (چيف انجنيئر عبدالڪريم) جي ته ائميءَ جو ڪارو رنگ انفنٽي Infinity وارو ڪارو آهي. مئٿس ۾ انفنٽي جي نشاني لا محدود انگ لاءِ استعمال ٿيندي آهي. جيڪو سوچي سگهي ان کان به وڏو انگ. سو عبدالڪريم به ائميءَ جي ڪاري رنگ لاءِ مئٿس واري انفنٽي استعمال ڪندو آهي. يعني سوچ کان به وڌيڪ ڪارو رنگ اٿس.

ائمي پورٽس ائنڊ شپنگ ائڊمنسٽريشن ۾ ايم ايس سي ڪري رهي آهي. هفتي ۾ هڪ اڌ پيرڊ اهڙو ٿيندو آهي، جنهن ۾ هڪ ئي ڪلاس ۾ ويهندا آهيون. يا ڪنهن بين الاقوامي سيمينار ۾ اچي گڏ ٿيندا آهيون. هڪ ڏينهن وڏي هال ۾ ائمي اسان جي اڳين قطار ۾ ويٺي هئي. منهنجي ڀر ۾ ويٺل بنگلاديش جي شاگرد (ڪئپٽن فرقان) ائميءَ کي ڪا دير چتائي ڏسي مونکي اڙدوءَ ۾ چيو: ”يار ائميءَ جو رنگ ڪوئل جهڙو ڪارو آهي باقي مُنهن جا نقش ڏاڍا سٺا اٿس. اڇي هجي ها ته واٽ ويندن جو سر وڃائي ها.“

”بس ان رنگ کان ته مار کائي وئي آهي.“ مون چيومانس. ”اسان جي سنڌي جي هڪ شاعر امداد حسينيءَ جو ڪنهن ڇوڪريءَ جي اڇاڻ ۽ سونهن تي هڪ شعر آهي جنهن جو مفهوم آهي ته هوءَ ويٺي آهي ته ڄڻ چوڏهينءَ جي چانڊاڻ لڳي پئي آهي. هن جي وڃڻ کان پوءَ ڄڻ اوڻٽيهه جي اونداهي...........

”۽ جي تو واري ان شاعر جي هيءَ پاڻ واري ائمي محبوبا هجي ها ته؟“ ڪئپٽن فرقان منهنجي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيو.

”اهوئي ته مان توکي ٻڌايان پيو ته پوءِ مجبوراً هن کي ائميءَ جي شان ۾ اهوئي ڪجهه چوڻو پوي ها ته ائميءَ جي موجودگيءَ ۾ چوڏهن چنڊن کي به گرهڻ لڳيو وڃن.“

”پرهڪ ڳالهه آهي،“ فرقان چيو، ”ائميءَ کي کپي ته پاڻ جهڙن ڪارن يا گهٽ ڪارن جي ڀر ۾ ويهي. هاڻ هن يورپي گوري (رومانيا جي ڪئپٽن ڪاستروت) جهڙي اڇي کير جهڙي جي ڀرسان ويهڻ ڪري سندس ڪارَ هيڪاندي تکي لڳي ٿي.“

اسان ائمي ۽ ڪاسترو جا نالا لڳاتار وٺي رهيا هئاسين. پروفيسر جهڙو ئي ليڪچر ختم ڪري ٻاهر نڪتو ته ائميءَ پٺيان مڙي اسان کان پڇيو:

 “What’s Matter?” ڇا ڳالهه آهي. ڪئپٽن فرقان کلندي چيس:

”تنهنجي حسن جي تعريف ڪري رهيا هئاسين.“

”گشا پيا هڻون.“ ائميءَ روايتي نموني سان شرمائيندي چيو.

”ڀلا قسم کڻون ڇا؟ اهوئي چئي رهيا هئاسين ته “Black is Beautiful”. مون چيومانس.

”۽ وائيٽ“ ائميءَ جي ڀر ۾ ويٺل رومانيا جي ڪئپٽن ڪاستروت مونکان پڇيو. اسان کيس ڪو جواب نه ڏئي سگهياسين.

”ائمي هي ڪوڙ پيا ڳالهائينئي،“ ڪاستروت ائميءَ کي چيو ۽ پوءِ اسان کي چيو، ”ماڻهو جو رنگ هجي هڪڙو. يا ڪارو يا اڇو. توهان ننڍي کنڊ جي ماڻهن وانگر نه ته، نه اڇن ۾ گڏ نه ڪارن ۾ گڏ. نه گهوڙن ۾ گڏ نه گڏهن ۾ گڏ.“

”ائمي ڪاستروت توکي گڏهه پيو چوي.“ فرقان کلندي ائمي کي چيو.

”هاڻ نٽايو نه. جواب ڏيو؟“ ڪاستروت چيو.

”ڳالهه ٻڌ ڪاستروت،“ مون کيس ڪنهن سنڌي افساني ۾ پڙهيل هڪ نقطو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو شايد آغا سليم جو لکيل آهي. توهان ٻنهي کان وڌيڪ بهتر اسان ايشيائي آهيون. الله تعالى جڏهن پهريون انسان ٺاهيو ته اهو کوري ۾ گهڻو پچي ڪارو ٿي ويو.  ان کي آفريڪا کنڊ تي لاٿائين. ان بعد ٻيو جيڪو انسان ٺاهين اهو ڪچو رهجي ويو ان کي يورپ کنڊ مٿان لاٿائين. ان بعد ٽيون ٺيڪ ٺاڪ ٺهي ويو ان کي ايشيا مٿان لاٿائين.“

”چڱو ٺيڪ ٺاڪ پڄندڙ بنگالي ۽ پاڪستاني انسانو! ان خوشيءَ ۾ هلي ڪافي پياريو.“ ڪاستروت چيو.

”هلو،“ ڪئپٽن فرقان ٻٽون کيسي مان ڪڍندي چيو، ”ائمي تون به ڪافي پيئندينءِ يا کير؟“

”ڇڏ يار ائمي سان چرچا،“ مون فرقان کي چتاءُ ڏيندي چيو، ”ٻئي مهيني آفريڪا کان سندس ديوَ جهڙو مڙس آدم بو آدم جو ڪندو اچي رهيو آهي. کيس خبر پيئي ته سرنهن جا داڻا ڪري ڇڏيندءِ.“

”نه يار ائميءَ جي اڃا شادي ڪٿي ٿي آهي. اڃا ته هوءِ ڪمسن آهي، نادان آهي، ڀولي ڀالي آهي.“

عربي ڊريس ۽ سنڌي ٽوپي

۽ هتي جي هڪ وڏي هوٽل ”مالمو شيرٽن“ ۾ يونيورسٽيءَ طرفان اسان سڀني شاگردن، اسٽاف ۽ شهر جي واسطيدار ماڻهن کي ڊنر ڏني وئي. اسٽاف ۾ پروفيسرن جي سيڪريٽرين، ڪلارڪ ڇوڪرين کان وٺي صفائي ڪندڙ، ڪئنٽين هلائيندڙ ۽ ٽيڪنيشن مرد ۽ عورتون پڻ هيون. سال جي شروع ۾ هن قسم جي غير رسمي دعوت ٿيندي آهي. جيئن هر هڪ کي ٻئي سان ملڻ ۽ فري ٿيڻ جو موقعو ملي. ڊريس جي ڪا پابندي نه هوندي آهي.گهڻو ڪري سڀ سوٽ ڪوٽ ٽائيءَ بدران پنهنجي قومي لباس ۾ ايندا آهن. فلپين جا شاگرد اڇي ڀرت واري اڇي شرٽ پائي آيا ته ملئي پنهنجي باجوڪرونگ ڊريس. آفريڪن جون ڊريسون ڏسڻ وٽان هيون. وڏيون ڍريون قميصون جن جي پاسن کان بوڇڻ وانگر وڌيڪ ڪپڙو لڙڪي رهيو هو، جيڪو هنن ورائي ڪلهي تي رکيو ٿي. سڀ کان ڌيان ڇڪائيندڙ ان تي ڀرت جو سنهو ڪم هو. ٽوپيون پڻ مختلف رنگن ۽ ڀرتن جون هيون. تنزانيا جي شاگرد ڪامولا (Kamola) کان پڇيم:

”ان ڀرت واري قميص جي ڇا قيمت هوندي؟“

”تقريباً هڪ سؤ کن آمريڪن ڊالر (يعني اڍائي هزار رپيا.) وراڻيائين ۽ پوءِ پڇيائين، ”ڪيئن ٿو لڳان؟“

”او ويري سمارٽ! ڪئميرا نه کڻي آيس نه ته هن ڪلرفل موقعي تي توهان جا ڪجهه فوٽو ڪڍجن ها.“ جواب ڏنومانس.

ڀر ۾ ويٺل هڪ ايراني شاگرد کي چيم، ”هو جبن وارا پاڻ وارا عرب سڳورا اڃا نه پهتا آهن؟“

”ڇو؟“ هن پڇيو.

”ڏسجي ته جبن ۽ نوڙن ۾ ڪيئن ٿا لڳن.“ مون چيو.

”اهي ڪڏهن به پنهنجي قومي لباس ۾ نه ايندا.“ هن چيو.

”ڇو ڀلا؟“ منهنجي ڀر ۾ ان وقت بيٺل قاضي حميد پڇيو.

”بس ڏسجؤ ويٺا. سياڻا هوندا ته سوٽن ۾ ايندا.“

ٿوري دير ٿي ته عرب ملڪن جا شاگرد اچڻ شروع ٿيا. جيڪي ڪجهه ان رات دعوت ۾ آيا سي سڀئي سوٽ ڪوٽ (انگريزي لباس ) ۾ آيا. ايرانيءَ چيو.

”ڏٺاوَ، مون اڳواٽ چيو نه. عربن جو لباس هنن مغربي ملڪن ۾ اهڙو خراب خوار ٿي ويو آهي جو اهو لباس پائي هن پاسي گهمڻ معنى پاڻ لاءِ پاڻهي لعنتاڻو کڻڻ.“ ايرانيءَ چيو.

قاضيءَ کي چيم، ”جڏهن کان دبئي، قطر جهڙين ننڍين رياستن جي عربن ۽ انهن جي لوفر ڊرائيورن عربي ڊريس ۾ ڪراچي ۽ ٺٽي کان بمبئي بئنڪاڪ تائين ۽ لنڊن پئرس کان فرئنڪفرٽ روم تائين بيوقوفي ۽ٽرڙپائيءَ جو اظهار ڪيو آهي، شريف عربن ان پنهنجي روايتي لباس ۾ نڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي.“

”جيئن اسان وٽ جيڪو گوري کل وارو يورپي اچي ٿو ته ان کي وڏو ماڻهو سمجهون ٿا، تيئن عربن وٽ تيل اچڻ بعد، يورپ پاسي جا ماڻهو هر جبي واري کي عرب سمجهي، اڳيان پويان ٿيا ٿي. ويتر ڪجهه عربن انگلينڊ ۽ يورپ ۾ اچي اهڙا سنسني خيز سخاوت جا ڪم ڪيا جن کي اخبارن رسالن اهڙو رنگ ڏئي مشهور ڪيو جو، هر يورپي عورت جي اها خواهش رهي ٿي ته هڪ عدد اهڙي عرب کي هٿ ڪجي جو پنهنجي شاهه خرچيءَ سان عيش ڪرائي ۽ هنن اڪا ڌڪا ڪجهه اهڙا ڪم ڪيا ٿي جو ڪنهن هوٽل ۾ ڪجهه ڏينهن رهڻ بعد پنهنجي رولس رالس ڪار وڃڻ وقت بئري کي ٽپ طور ڏئي ويو. ڪنهن عرب پئرس جي پنهنجي بنگلي ۾ هڪ فرينچ رنڍيءَ سان هم بستري ڪرڻ بعد صبح جو کيس اهو بنگلو تحفي طور ڏئي ڇڏيو. سڄي يورپ ۾ واهه واهه مچي وئي ۽ پوءِ ڪيترن غير عربن اهي عربن وارا جبا پائي هتي جي ڇوڪرين ۽ دڪاندارن کي خوب بيوقوف به بڻايو. نتيجي ۾ سڄي يورپ ۾ عربي ڊريس بيوقوفي، ٽرڙپائي، هٿ ڦار ۽ عياش هجڻ جي علامت بنجي وئي آهي ۽ هاڻ ڪو شريف ماڻهو ان ڊريس ۾ يورپ ۾ نظر نٿو اچي. گهران (پنهنجي ملڪ مان) نڪري به ٿو ته لنڊن، پئرس، روم جي هوائي اڏي کان هوٽل تائين پهچي پهريون ڪم ان ڊريس کي لاهي ڪٻٽ ۾ رکڻ جو ڪري ٿو.“ ايراني اهو چئي پيئڻ لاءِ ڪجهه کڻڻ ويو. قاضي ۽ آئون اچي دريءَ وٽ بيٺاسين. قاضيءَ چيو:

”عربن جي ڊريس جي هن پاسي ائين بدنامي آهي جيئن پاڻ وٽ اڄڪلهه سنڌي ٽوپيءَ جي آهي. هونءَ سنڌي ٽوپي ڳوٺ جو اهم ۽ باعزت ماڻهو پائيندو هو، جيڪا کيس ڳوٺ جا ماڻهو ڪيترن ڏينهن جي محنت سان سنهو ڀرت ڀري ٺاهي قرب ۽ پيار جي نشاني طور ڏيندا هئا. هاڻ هرڪو گرو گنجو دڪان تان ڏهين پندرهين رپئي واري ٽوپي وٺي مڇ کي وٽيندو هلي.“

”هڪ ڏينهن ايئرپورٽ تي ڪجهه ڳوٺائي دوستن کي ڇڏڻ پئي ويس. شام جا پنج کن ٿيا هئا. صدرکان وٺي ٽرئفڪ جام هئي. پير پير ۾ ڏئي گاڏيون پئي هليون. فرلانگ کن کليو رستو مليو ٿي ته وري اڳيان جاءِ پئي ڏني، پر ٽرئفڪ جو اهڙو نمونو هو جو هرڪو ٿورو هلي وري اڳيان پويان ساڄي کاٻي کان گاڏين رستا ڀري ڇڏيا ٿي. ان ڳتيل ٽرئفڪ ۾ سوزوڪيءَ ۾ هڪ سنڌي ٽوپيءَ ۾ همراهه هارن مٿان هارن ڏئي سڀني کي ڇتو پئي ڪيو. هر هڪ ان سوڙهه ۾ به پاسو ڪري کيس اڳيان پويان پئي ٿيو. هالينڊي ان هوٽل جي سگنل وٽ هن جي گاڏي اسان جي پويان اچي بيٺي. سگنل بند هو پر هن همراهه جو هارن مٿان هارن تان هٿ ئي نه کڄي. مون سان ويٺل همراهه چيو ته لڳي ٿو ته پنهنجي هوائي جهاز کان به پهرين هن جو جهاز ڇٽڻو آهي. بهرحال مٿي جي سور کان بچڻ لاءِ پنهنجي ڪار کي پاسيرو ڪيم ته جيئن اهو اڳيان ٿي ماٺ ڪري. پر اڳيان وڃي وري هارن ڏئي ٻئي کي ڇتو ڪرڻ لڳو. سڄي ٽرئفڪ ۾ بيٺل گاڏين وارن جو ڌيان هن ڏي هو، جيڪو ٽنڊ تي ٽوپي رکي سگريٽ جا ڪش به هڻي رهيو هو ته فل آواز تي ٽيپ رڪارڊر به ٻڌي رهيو هو، ته هارن به وڄائي رهيو هو. منهنجي گاڏيءَ ۾ ويٺل هڪ ڳوٺائيءَ چيو، اهڙن ماڻهن سنڌين کي بدنام ڪيو آهي. اڳيان رستو لڀي ڪونه پر هارن مٿان هارن ڏيڻ جي ٽرڙپائي بند نٿو ڪري.“

”بهرحال اهو هارن مٿان هارن وارو سلسلو هلندو رهيو. سنڌي مسلم سوسائٽيءَ جو سگنل، نرسريءَ جو سگنل، شهيد ملت روڊ وارو سگنل به آيو. هي همراهه ڪڏهن اڳيان ٿيو وڃي ڪڏهن پٺيان. هارن جي اهائي ڌم. ڪارساز واري سگنل وٽ هن جي گاڏي بلڪل منهنجي پاسي کان اچي بيٺي، ”سندهي هو“ مون پڇيومانس. ”نهين ملتان کا هون.“ جواب ڏنائين.

”ڇا تمام گهڻي جلدي ۾ آهين؟“ مون پڇيومانس.

”ها سائين. صاحب سمبوسا آڻڻ لاءِ چيو هو وسري ويا. روزي کولڻ کان اڳ پهچائڻا آهن نه ته دڙڪا ملندا.“

”ڪهڙو اٿئي صاحب؟“ مون پڇيومانس.

”فلاڻو جيڪو ڪسٽم ۾ آهي.“

اتفاق سان منهنجو اهو سڃاڻو هو. کيس پنهنجو ڪارڊ ڏيئي چيم: ”پنهنجي صاحب کي ڏجانءِ ته هي همراهه مليو هو ۽ تو جيڪي هارن ڏئي مٿي ۾ سور وڌو آهي ان کي لاهڻ لاءِ ائسپرو يا ساريڊان موڪلي.“

اهو ٻڌي پاڻ به شڪي ٿيو ۽ شايد ڪجهه خوف به ٿيس: ”سائين معاف ڪجو غلطي ٿي وئي.....“ وغيره.

ڪار ۾ مونسان ويٺل ڳوٺائيءَ ان وقت چيس، ” ڪجهه ته شرم ڪر. رمضان ۾ هڪ ته سگريٽ جا سوٽا هڻندو وڃين، پراها به ڌوڙ ڀلي پاءِ، هارن وڄائي ڏيهه کي ڇتو به ڀلي ڪر، پر گهٽ ۾ گهٽ اها سنڌي ٽوپي ته لاهي ڇڏ. تنهنجي انهن حرڪتن تي جيڪو ڪار وارو يا واٽهڙو سڙندو پچندو هوندو اهو سنڌين کي گاريون ڏيندو هوندو.“

ٻه ۽ ٻه گهڻو ٿيو؟

سئيڊن جي هن ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽيءَ ۾ قانون (Law) جا ڪجهه عنوان پڙهائڻ لاءِ فرانس کان پروفيسر ڪئپٽن ايڊگر گولڊ آيو. هو پئرس ۾ وڪالت ڪري ٿو ۽ گهڻو ڪري جهازن جي مالڪن جا ڪرمنل ڪيس کڻندو آهي. بين الاقوامي قانون موجب ڪنهن به جهاز کي سمنڊ ۾ تيل يا ٻيو گند ڪچرو اڇلڻو ناهي. ان ڏوهه جي سزا تمام ڳري آهي ۽ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جهاز جي مالڪ کي تمام وڏا ڏنڊ ڀري ڏيڻا پون ٿا ۽ جيل پڻ ڪاٽڻو پوي ٿو.

پروفيسر گولڊ چيو: ”جهازن سان تعلق نه رڳو توهان ڪئپٽنن، انجنيئرن ۽ بندرگاهه وارن جو آهي پر اسان وڪيلن جو پڻ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هر هڪ جو واسطو پنهنجي پنهنجي نوعيت جو آهي.“

ان بعد هن هڪ دلچسپ لطيفو ٻڌايو.

”ڪنهن حسابن جي ماهر کان پڇيو ويو ته ٻه ۽ ٻه ڇا ٿيندو؟

هو وڏي ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. ڪجهه ديرسوچ ويچار ۽ ڪجهه سلائيڊ رول ۽ ڪئلڪيوليٽر کان ڪم وٺي وراڻيائين:

”فور ڊيسيمل زيرو زيرو (چارڏهائي ٻڙي ٻڙي ٻڙي) ٿيندو.“

اسٽاڪ ايڪسچينج جي ڪنهن همراهه کان ساڳيو سوال ڪيو ويو ته ٺهه پهه وراڻيائين:

”سون جو اگهه پيا پڇو يا چانديءَ جو؟ بهرحال ٻن ۽ ٻن جو جوڙ ٽن ۽ پنجن جي وچ ۾ ٿيندو.“

چيف سيڪريٽري کان جڏهن ساڳيو سوال ڪيو ويو ته وراڻيائين:

”وزير ڇا ٿا چون؟ (يعني منهنجو به اهوئي جواب آهي.)“

هڪ واپاريءَ کان پڇيو ويو ته وراڻيائين.

”جي مونکي ڏيڻا آهن ته ٻه واڌو ٻه ٽي. پر توکي ڏيڻا آهن ته ٿيندا پنج.“

۽ جڏهن وڪيل کان پڇيو ويو ته ٻه ۽ ٻه گهڻو ٿيندو؟ ته ٺهه پهه جواب ڏنائين:

”توهان گهڻو چاهيو ٿا ته ٿئي؟“

يعنى توهان کڻي ڏوهاري هجو يا نه پر وڪيل توهان جي ڳالهه مٿاهين ڪري، توهان کي ڪيس کٽائڻ لاءِ توهان کي سچار بنائي ٿو.

پروفيسر ڳالهه ختم ڪئي ته هڪ ايراني ڪئپٽن اٿي بيٺو. ”سائين آئون ٻڌايانوَ ته ٻه ۽ ٻه گهڻا ٿيندا؟“

”تون مهرباني ڪري ويهي رهه،“ پروفيسر کيس هٿ جي اشاري سان ويهاريندي چيو، ”مون کي خبر آهي ته تون ڇا چوندين تون چوندين ته جيڪو الله کي منظور هوندو.“

”هن جو جواب فقير وارو اٿانوَ،“ منهنجي اڳيان ويٺل نائجيريا جي علي جمبا وراڻيو، ”ڪنهن فقير کان پڇيو ويو ته ٻه ۽ ٻه گهڻو ته جواب ڏنائين: ”چار مانيون.“ سو ايراني به چوندا ته ٻه ۽ ٻه معنى آمريڪا تي چار لعنتون.“

فنا ٿيندڙ اقليت

پروفيسر ايڊگرگولڊ هيليفئڪس ڪئناڊا جي ڊالموس يونيورسٽيءَ جو پروفيسر هجڻ سان گڏ ڪئناڊين مئريٽائيم لا ايسوسيئيشن جو صدر پڻ آهي. اسان وٽ سئيڊن ۾ وزٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ سال ۾ هفتو کن پڙهائڻ ايندو آهي. پاڻ سٺ سالن جو، شڪل شبيهه توڙي قدبت ۾ ٺاهوڪو همراهه آهي. اهڙي ئي ٺاهوڪي سندس قانون بابت معلومات آهي. سندس پڙهائڻ ۽ سمجهائڻ جو نمونو، جملن جي ادائگي ۽ انگريزي زبان جي، هرڪو تعريف ڪري ٿو. پاڻ هن ڀيري هيٺين عنوانن تي گهڻو زور ڏنائين:

بين الاقوامي سامونڊي قانون.

Confict Resolution / Dispute Settlement.

قانون جي شروعات. وغيره وغيره.

سندس دلچسپ ليڪچر ۾ سڀ پنڊ پهڻ ٿي ويندا آهن. وقت جو احساس نه  ٿيندو آهي ۽ رسيس جو وقت ئي وسري ويندو آهي. سگريٽ ڇڪڻ وارن کي البت ٿوري گهڻي آنڌ مانڌ رهندي آهي. ان ڏينهن ملائيشيا جي شاگرد (چيف انجنيئر ذينورين) آذربائيجان جي چنگيز کي سگريٽ ڇڪڻ جو اشارو ڪري اٿڻ لاءِ چيو. سعودي عرب جي صالح الشهريءَ کنگهڪار ڪري ٿائلينڊ جي سوتي چائيءَ کي سگريٽ ڏيکاريو. نيٺ ايران جي شاگرد (ڪئپٽن شهريار) پروفيسر گولڊ کي ڳالهائڻ دوران چيو:

”سر! اسان مان ڪجهه بي چيني محسوس ڪري رهيا آهن.“

پوڙهي پروفيسر پنهنجي عينڪ اکين تان لاهي کيسي ۾ وڌي ۽ مرڪندي وراڻيو:

”مونکي ان اقليت (Minority) جي خبر آهي.“ ۽ پوءِ سڀني ڏي مخاطب ٿي چيو: “Let Smokers to Smoke” اها دنيا جي Dying Minority آهي.“ (سگريٽ ڇڪڻ وارن جي قوم ڄاڻ ته ختم ٿي).

ترڪيءَ جي حسن بقال نائيجريا جي عثمان کان سگريٽ اڌارو گهرندي چيو:

”في الحال ته عيش ڪيون پوءِ ڏٺو ويندو.“ ۽ پوءِ سگريٽ دکائي ڊگهو سوٽو هڻي عثمان جي ڪنڌ تي هٿ رکي چيو:

”منهنجا ڪارا عثمان! پروردگار جا ٿورا مڃڻ کپن جو پاڻ سموڪر آهيون ۽ هڪ سگريٽ ڇڪڻ بعد سڄو ٿڪ لهيو وڃي ۽ وري تازا توانا ٿيو وڃون. سموڪر جي نه هجون ها ته هن چيف انجنيئر مظهراقبال (هن بنگلاديش جي شاگرد ڏي اشارو ڪيو جيڪو اهي رسيس وارا ڏهه منٽ ورانڊي ۾ رکيل صوفا تي اڌ گابرو ٿي سمهي رهندو آهي) وانگر بيهوش ٿي پيا هجون ها.“

ان بعد حسن بقال چنگيز کي ڀاڪر پائي ترڪي زبان ۾ خبرون ڪرڻ لڳو. آذربائيجان جو هي چنگيز ۽ ترڪيءَ جو حسن پاڻ ۾ سٺا دوست آهن. پاڙيسري ملڪن جا آهن. ٻنهي جي انگريزي پوري پني آهي. ٻنهي جي مادري زبان ترڪي آهي. پر چنگيز کي روسي به اچي ٿي جو سندس ملڪ گڏيل روس ۾ هجڻ ڪري اسڪول ۾ روسي پڙهيو. سلطنت عثمانيه جي ڏينهن ۾ روس جون اهي رياستون ترڪن جي هٿ هيٺ هيون. انڪري اڄ به آذربائيجان جي ڪلچر ۽ ماحول تي ترڪيءَ جو وڏو اثر آهي. بهرحال حسن بقال کي چنگيز تيمورلوو سٺو دوست ملي ويو آهي ۽ ٻئي گڏ گڏ رهن ٿا. ٻئي يار ويس ۽ چرچائي پڻ آهن.

ترڪي ۽ پاڪستان جي دوستيءَ ڪري حسن ۽ آئون بنا ڪنهن تعارت ۽ تڪلف جي سڃاڻان ٿي وياسين ۽ حسن جي معرفت چنگيز به سٺو سنگتي ٿي ويو آهي.

اهڙا سبجيڪٽ جن جي اسان کي اڳهين واقفيت هوندي آهي يا پڙهائڻ وارو پروفيسر بور هوندو آهي ته اسان ٽئي ڄڻا ليڪچر هال مان ڀڄي ڪئنٽين ۾ وڃي چانهه پيئندا آهيون. هڪ ڏينهن حسن بقال کي چيم:

”سائوٿ آفريڪا کان آيل ته عجيب آهن. هڪ به پيرڊ نٿا گسائين. ڄڻ ننڍا ٻار هجن. اڄ سوچيم پئي ته کين چوان ته ايڏو به سنجيدو نه ٿيو. جيڪي شيون پڙهيل اٿانوَ پيرڊن مان هليا اچو.“

متان اهڙو ڪچو ڪم ڪيو اٿئي. اهي بيوقوف ائين ئي بيوقوف هجن. هينئر سؤ سوا مان پاڻ جهڙا ست اٺ اٿيو اچن ٿا ۽ ڪنهن کي خبر ئي نٿي پوي. سائوٿ آمريڪا جي هڪ ملڪ جو نڪرندو ته ان پويان نه فقط سڄي کنڊ جي ملڪن جا شاگرد ٻاهر نڪرندا پر وچ آمريڪا جا به هليا ايندا ۽ پوءِ پروفيسر حاضري وجهڻ شروع ڪري ڏيندو ۽ پنهنجي آزادي ختم ٿي ويندي.“

”ڳالهه ته واهه جي ڪئي اٿئي.“ مون حسن جي پٺي ٺپري.

”گذريل هفتي جهاز جي ڊيڪ جون ماپون وٺڻيون هيون. ڪولمبيا جي شاگردياڻي ائنا روزا چيو: ”ڊيڪ تي مونکي سيءُ ٿو لڳي آءُ ڪانه ٿي هلان.“ ان بعد بولويا جي شاگرد بهانو ڪيو، ان بعد برازيل، ان بعد وچ آمريڪا جي ملڪ ميڪسيڪو جي شاگرد بهانو ڪيو، ان بعد گئاٽمالا، اڪيڊار، ڪاسٽا ريڪا ۽ ان بعد چليءَ جي شاگرد ( ڪمانڊو رڪاڊو) جڏهن بهانو ڪيو ته مون کيس ويهاري چيو: ”تون ته هلي ماپ ڪراءِ. توکي ڇو ٿو سيءُ لڳي. تون چلي ملڪ جو آهين جتي ٻارهوئي سئيڊن جهڙو سيءُ آهي.“ منهنجي ان چوڻ تي ککو وکو ٿي ترسي پيو، نه ته ان بعد باقي رهيل ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن: ارجنٽائين، پيرو وغيره جابه اٿيا ٿي.“

جوتن جو خيال رک

چنگيز تيمورلوو جو هي سوشلسٽ ملڪن کان ٻاهر رهڻ جو پهريون موقعو آهي. هتي جي مهنگائيءَ جون ڏاڍيون دانهون ڪندو آهي.

”سگريٽ به مون ان ڪري گهٽائي ڇڏيا آهن جو هتي سئيڊن ۾ مهنگا آهن ۽ نه ان ڪري جو صحت خراب ڪن ٿا.“ چنگيز ٻڌايو ۽ پوءِ پنهنجي ٿلهي گول مٽول جسم ڏي اشارو ڪري چيو: ”سگريٽ منهنجي صحت کي ڀيلي به ڪيترو ڀيليندا.“

اسان جو پاڪستاني ساٿي ڪئپٽن سليم هتي اچڻ کان اڳ دل جي آپريشن (Open Heart Surgery) ڪرائي آيو هو. کيس ڊاڪٽر واڪ لاءِ چيو هو. پر ٻاهر سخت سيءُ هجڻ ڪري واڪ جونالو ئي نٿي ورتائين ۽ پوءِ خبر پيس ته جنهن کي مارجيرين سمجهي مهيني کان نيرن تي کائي رهيو هو اهو مکڻ هو. جنهن کان ڊاڪٽر جهليو هوس. پوءِ ته اچي ڊپ لڳس.

”يار هاڻ ته مونکي واڪ ڪرڻي ئي پوندي.“

”ڏاڍو سٺو.“ اسان چيس.

”پر يار ڪو مونکي ساٿ ڏئي ته هاسٽل کان يونيورسٽيءَ تائين پنڌ اچان وڃان.“ سليم چيو.

”آذربائيجان جو اهو ٿلهو چنگيز اٿئي. متان اهو پنهنجي چرٻي ڳارڻ جي موڊ ۾ هجي.“ مون چنگيز ڏي اشارو ڪري صلاح ڏنيمانس.

چنگيز پڇيو: ”مون لاءِ، ڪار خذمت؟“

”سليم واڪ ڪرڻ چاهي ٿو ته کيس پنهنجي ساٿ جي ضرورت آهي.“ مون چيومانس.

”ڇو ٿو واڪ ڪرڻ چاهين؟“ چنگيز سليم کان پڇيو.

”آئون پنهنجي صحت جو خيال رکڻ چاهيان ٿو.“ سليم ٻڌايس.

چنگيز ڪا دير ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. ان بعد سگريٽ جو ڊگهو ڪش هڻي، سليم کي ڳراٽڙي پائي وڏي پاٻوهه مان چيس:

”منهنجا دوست! سئيڊن جهڙي هن ذليل مهنگي ملڪ ۾ پنهنجن جوتن جو خيال رک. توکي خبر ناهي ڇا ته هتي بوٽ ڇڄڻ يا ترو گسڻ تي ڪيڏو خرچ اچي ٿو؟“

۽ پوءِ اڱر سان نڪ کي گهي توبهه ڪندي چيو: ”منهنجي دل ڪمزور آهي. نه ڄاڻ ڪنهن ڏينهن هلندي هلندي بوٽ ڇڄي پيو ته منهنجي دل بيهي ويندي.“

جهاز جا مالڪ فرشتا نه آهن

”دل ۾ نه ڪريو ته هاڻ ڪجهه آئون ڳالهايان. Law جا اڃا ڪيترائي ٽاپڪ رهن ٿا. “ پروفيسر ايڊگر گولڊ چيو.

چنگيز چيس: ”ڀلي ڳالهايو. اسان سڀ سدورا آهيون. سگريٽ سو پيئون ٿا پر هڪ شڪ نه اٿئون. اها فقط ترڪيءَ جي حسن کي آهي. پر گذريل ٽن ڏينهن کان سندس گلو خراب آهي سو ڳالهائڻ جي همٿ نٿي ٿيس. ان ڪري ڪلاس ۾ سڪون ڇانيل رهندو.“

”سر! آئون ماٺ ۾ آهيان. ڳالهائڻ جي پِٽ فلپين کان آيل شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ آهي.“ منهنجي ڀر ۾ ويٺل حسن چيو. پروفيسر گولڊ ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري پنهنجو ليڪچر شروع ڪيو.

”.......... ويندي سٺو قانون به بيڪار آهي جيڪڏهن اهو چڱيءَ طرح Implement نٿو ڪيو وڃي...........“

ترڪيءَ جي حسن بقال مونکي ٺونٺ هڻي هڪ فلپينو شاگرد ڏي اشارو ڪيو، جيڪو پنهنجي هم وطن شاگردياڻي (نيول آرڪيٽيڪٽ انجنيئر ڊيزيءَ) سان کسر پسر ڪري رهيو هو.

”ڏس سڄو ڏينهن ڊيزيءَ سان ڳالهين ۾ پورو آهي.“

”هون.“ مون مختصر جواب ڏئي پنهنجو ڌيان ليڪچر ڏي ڏنو.

”اهو نڀاڳو ويچاري ڊيزيءَ کي پڙهڻ نه ڏيندو.“ حسن بقال وري ٺونٺ منهنجي ڪک ۾ هڻي چيو.

”پوءِ ڀلا ڊيزيءَ لاءِ پاڻ لٺيون کڻون ڇا؟ سندن ئي ملڪ جي آهي.“ مون چيومانس.

”توهان ڪنهنجي پاران ڪورٽ ۾ وڙهندا آهيو؟“

نائجيريا جي جوليانا پروفيسر ايڊگر گولڊ کان سوال ڪيو.

”وڪيل لاءِ Clients سڀ برابر آهن. وڪالت جي ڌنڌي ۾ وڪيل ڪڏهن فرشتن جي پاسي هوندو آهي ته ڪڏهن شيطانن جي. شروع ۾ ٻڌائي آيو آهيان ته آئون جهازن جي مالڪن Ship Owners جا ڪيس کڻندو آهيان ۽ توهان کي ته خبر آهي ته جهازن جا مالڪ هميشه فرشتا نه هوندا آهن.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org