هن قسم جي يونيورسٽيءَ جي ضرورت
ڪو زمانو هو جو رڳو چند ملڪن جو جهازرانيءَ تي قبضو هو.
انگلينڊ، آمريڪا، يونان، ناروي، اسپين، پورچوگال ۽
ڪجهه عرب ملڪ وغيره. تن ڏينهن ۾ جهاز ڪاٺ جا هوندا
هئا. يعني هوا ۽ سڙهن جي طاقت ۽ چپن جي زور تي
هليا ٿي. ان بعد ٻاڦ جون انجڻيون ۽ ڊيزل انجڻيون
ايجاد ٿيون. سئيز ڪئنال بند ٿيڻ بعد جهازن کي
آفريڪا جو وڏو ڦيرو ڪرڻو پيو ٿي، ان ڪري جهازن جي
مالڪن جي اهائي ڪوشش رهي ته وڏي کان وڏا جهاز
ٺاهيا وڃن. سَون ٽنن وارن جهازن مان هزار ٻين هزار
ٽنن وارا جهاز ٿيا ۽ پوءِ ڏهن پندرهن هزار ٽنن
وارا جهاز ٿيا. 1964ع ڌاري چٽگانگ جي مئرين اڪيڊمي
۾ پڙهڻ دوران ڪو ويهين هزارين ٽنن وارو جهاز
ڏسنداهئاسين ته وات ڦاٽي ويندو هو ۽ پوءِ ته
پنجاهه سٺ هزار ۽ لک ٽن جا
VLCC
۽ سپر ٽئنڪر ٺهي پيا ۽ هاڻ ته معاملو لک کان به
مٿي ٿي ويو آهي.
جهازن جي سائيز ۽ نمبر وڌڻ سان گڏ جهازران ڪمپنيون به وڌي ويون
آهن ۽هر ملڪ ننڍو وڏو پنهنجي ملڪ جي عزت خاطر هڪ
عدد نئشنل ڪمپني به ٺاهڻ لڳو آهي. جيئن پاڪستان
1964ع ڌاري نئشنل شپنگ ڪارپوريشن ٺاهي. ان بعد
سريلنڪا وارن سلون شپنگ ڪارپوريشن ٺاهيو ۽ پوءِ
سنگاپور ملائيشيا وارن ۽ اهڙي طرح اڄ ڪيترن آفريڪي
۽ ڏکڻ آمريڪي ننڍن ملڪن کي پنهنجون قومي جهازران
ڪمپنيون آهن ۽ ان کان علاوه ڪئين خانگي ڪمپنيون
آهن.
انهن سڀني ڳالهين مان نتيجو اهو نڪتو ته هر هڪ پنهنجو پنهنجو
قاعدو قانون ٺاهي ان موجب هلڻ لڳو. جهازن جي ٺهڻ،
لوهه جي ٿولهه کان وٺي هلائڻ وارن جي چونڊ تائين
ڪيتريون ڳالهيون هڪ ٻئي کان مختلف ٿينديون پئي
ويون. هونءَ ننڍا جهاز هئا.ڀڄندا هئا ته ڪو گهڻو
نقصان نه ٿيندو هو. پر هاڻ جڏهن تيل جا سپر ٽئنڪر
ڀڄن ٿا ته انهن مان لکين ٽن نڪتل تيل، سمنڊ ۽
ڪناري (Beaches)
جا سوين ميل خراب ڪريو ڇڏي ۽ ان ايراضيءَ ۾ رهندڙ
مڇيون ۽ سامونڊي پکي، جانور تباهه ٿيو وڃن.
اڳ ۾ ڪو جهازي ڏنڊي تي مٿي چڙهي سڙهه ٺاهيندي ڪِري پوندو هو ته
سندس لاش کي ٽنگ ۾ هٿ وجهي سمنڊ ۾ اڇلي ڇڏيندا
هئا. ٻن چئن يا ڇهن مهينن بعد جهاز واپس بندرگاهه
۾ ايندو هو ته جيٽيءَ تي سندس انتظار ۾ بيٺل زال
کي جهاز جو ڪئپٽن ڪلها لوڏي چوندو هو، ”مئڊم!
مڙسين پير ترڪڻ ڪري مري ويو. ويري ساري.“ ۽ زال
روئي پٽي گهر هلي ويندي هئي. پر هاڻ انشورنس ڪمپني
چاهي ٿي ته ڪنهن جو حادثو ٿئي. بهرحال هن صديءَ جي
جهازي توڙي هر ملڪ جي حڪومت جو اهو نعرو آهي:
Safety at sea & Cleaner Oceans. سامونڊي زندگيءَ کي گهڻي کان گهڻو سلامتيءَ وارو بنايو وڃي ۽
سمنڊن کي گند ڪچري (تيل ۽ ٻين نقصانڪار شين) کان
بچايو وڃي.
۽ ان ڳالهه کي منهن ڏيڻ لاءِ سڀني ملڪن جي واسطيدار ماڻهن کي هڪ
هنڌ ويهي سخت کان سخت قاعدا قانون ٺاهڻ کپن، جنهن
۾ جهاز جي لاءِ ڪوڪي ڪليءَ کان جهاز جي لوهي جسم
لاءِ لوهه جي ٿولهه ۽
Compostion
جو فيصلو ڪرڻ کپي. جهاز هلائيندڙ آفيسر لاءِ ضروري
سبجيڪٽ وڌايا وڃن ۽ امتحان ڏکيو ڪيو وڃي، جيئن هن
فيلڊ ۾ فقط اهي اچي سگهن جيڪي دماغي ۽ جسماني طرح
چست، ذهين ۽ بهتر کان بهتر هجن، جيئن ڏکئي حالت کي
سمجهي، جهٽ پٽ سوچي ۽ منهن ڏيئي سگهن ۽ خطري ۽
حادثي جو
Chance
بنهه
Zero Percent رهي. ان کان علاوه جهازي ڪمپنين کي بهتر کان بهتر نموني سان
ڪيئن هلائجي، جيئن جهازن جي مالڪن يا ملڪ کي نقصان
نه ٿئي يا بندرگاهن کي صحيح ڪيئن رکجي وغيره
وغيره. انهن مڙني شين کي يونائيٽيڊ نئشن جو
I.M.O
ادارو ڏسي ٿو ۽ هيءَ يونيورسٽي آءِ. ايم. او (International
Maritime Organization)
وارن طرفان ٺاهي ويئي آهي. جتي مختلف ملڪن جي
جهازن (ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر) ۽ بندرگاهن سان واسطو
رکندڙ آفيسرن ۽ شپنگ منسٽري جي واسطيدارن ٽيڪنيڪل
آفيسرن کي ٻن سالن لاءِ تعليم سان گڏ مختلف هنڌن
تي فيلڊ ٽرپ لاءِ گهمايو وڃي ٿو. شاگردن جي آخري
چونڊ ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي (W.M.U)
جو داخلا بورڊ ۽ انٽرنئيشنل مئريٽائيم آرگنائيزيشن
(I.M.O)
جو ادارو ڪري ٿو. پوءِ ڪنهن ملڪ مان هر سال ٻه يا
ٽي گهرايا وڃن ٿا. ڪنهن ملڪ (خاص ڪري فجي، هانگ
ڪانگ، سنگاپور، سموئا، ٽونگا جهڙن ٻيٽن) مان هڪ يا
ٻه گهرائين ٿا. ڪڏهن نه به. جيئن اسان جي هن سال
جي بئچ ۾ ڪيپ وردي ٻيٽ، مارشل ٻيٽ، ترنيڊاڊ ۽
تباگو ٻيٽ جا شاگرد آهن، پر گذريل سال انهن هنڌان
ڪوبه نه هو. ۽ گذريل سال (يعني فائينل سال) جي
شاگردن ۾ مئڊاگاسڪر (ملاگاسي)، موريسش جهڙن هنڌن
جا آهن. ڪيپ وردي ٻيٽ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ آهي. يورپ
انگلينڊ کان نيويارڪ ويندي رستي تي پوي ٿو. مارشل
ٻيٽ پئسفڪ سمنڊ ۾ فجيءَ جي اتر ۾ آهي. ٽرنيڊاڊ ۽
ٽباگو ويسٽ انڊيز ٻيٽن مان آهن جتي جا ڪرڪيٽ
رانديگر دنيا ۾ مشهور آهن. مونکي به اڃا سڀني جي
خبر نه پئي آهي ته ڪير ڪٿان جو آهي. پر ڪرڪيٽ جي
ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جو چئمپين ٿيڻ تي پهرين هنن
همراهن اچي مبارڪ ڏني.
”جيتوڻيڪ اسان (ويسٽ انڊيز) وارن نه کٽيو. ان جو ايترو افسوس نه
اٿئون جيترو توهان جي کٽڻ جي خوشي ٿي آهي. توهان
انگلينڊ جهڙي ملڪ کي پادر هنيا آهن.“ ٽرنيڊاڊ جي
شيدي چيف انجنيئر ڊئوڊسن ۽ ڪئپٽن فلپ چيو.
ايتري حفاظت ڇو
مختلف ملڪن کان آيل شاگردن جي هاسٽل لاءِ شهر۾، ڊسپوننٽ گاٽن
(ڊسپوننٽ روڊ) تي هينرڪ سمٿ نالي هاسٽل آهي. سئيڊش
زبان ۾ رستي کي گاٽن سڏجي ٿو. جيئن امير الگاٽن،
جبرالٽر گاٽن، ڊراٽنگ گاٽن هن شهر مالمو جا ڪجهه
رستا آهن. وڏي رستي کي
Vagen
سڏجي ٿو. جيئن قورصور ويگن، بوبل ويگن يا سٽيڊلس
ويگن (Citadellsvagen)
جنهن رستي تي اسان جي يونيورسٽي آهي ۽ اهو رستو
سينٽرل اسٽيشن کان شروع ٿئي ٿو ۽ اسان جي
يونيورسٽي وٽ ختم ٿئي ٿو. ان کان علاوه هتي جي
ڪيترن رستن جي نالي اڳيان نورا، سوڊار، اوستر جا
لفظ نظر ايندا جن جو مطلب آهي اتر ڏکڻ اوڀر۽
اولهه. جيئن نيپچون هوٽل وٽ ٻه رستا لنگهن ٿا. اتر
پاسي جيڪو آهي ان جو نالو نورا (Norra)
نيپچون گاٽن آهي ۽ ڏکڻ پاسي واري جو نالو سوڊار (Sodra)
نيپچون گاٽن آهي. هتي جي زبان ۾ اتر کي نورا کان
علاوه نور يا نارڊ (Nord)
پڻ سڏين. جيئن
Nord Banken يعني انگريزيءَ ۾ ٿيو نارٿ بئنڪ.
هيءَ هاسٽل ڇهه ماڙ آهي. پنهنجي حساب سان پنج ماڙ جو هيٺين پٽ
کي گرائونڊ فلور سڏين ٿا. پر چين، جپان، هانگ ڪانگ
وانگر هتي پهرين ماڙ گرائونڊ فلور کان شروع ٿئي
ٿي. سيءَ جي ڪري هتي جون سڀ عمارتون بند بند
ٿين.در دريون سڀ بند نظر اينديون. ڏسڻ ۽ روشنيءَ
لاءِ پڙدو هٽائي شيشي مان ڏسي سگهجي ٿو. هاسٽل ۾
گهڙڻ سان هاسٽل جي مئنيجر جي آفيس آهي. جيڪا
رسيپشن سڏجي ٿي. در کي کولڻ لاءِ در جي ٻاهر
ڪئلڪيوليٽر جهڙي نمبرن واري شيءِ لڳل آهي ۽ مقرر
نمبر دٻائڻ سان الارم سان گڏ دروازو کلي ٿو.
اڄڪلهه دروازو کولڻ جو نمبر 1190 آهي جيڪو وقت
بوقت حفاظت جي خيال کان تبديل ڪيو وڃي ٿو. ان کان
علاوه موڪل وارن ڏينهن تي ۽ رات جو ڏهين بجي کان
پوءِ، جڏهن گيٽ وٽ رسيپشن آفيس ۾ مئنيجر ۽ سندس
سيڪريٽري ڇوڪري موجود نه هوندي آهي ته اهو دروازو
فقط ڪوڊ نمبر دٻائڻ سان به کلندو آهي ۽ وڌيڪ حفاظت
خاطر هر هڪ کي هڪ پلاسٽڪ جو ڪارڊ مليل آهي جيڪو
دروازي ۾ ٺهيل سير ۾ اندر وجهڻ سان اليڪٽرڪ سرڪٽ ۾
چرپر اچيو وڃي ۽ دروازو کليو وڃي. ساڳي طرح
يونيورسٽي جي هر ماڙ تي در کولڻ لاءِ ڪوڊ نمبر
آهي، جيڪو اڄڪلهه 3570 آهي. دروازو کولڻ جو هي
نمبر سسٽم هتي جي ٻين عمارتن ۾ به آهي. پر اسان جي
هاسٽل ۽ يونيورسٽيءَ ۾ تمام گهڻو آهي.
”هتي سئيڊن ۾ ته ايترا ڏوهه نٿا ٿين پوءِ ايتري حفاظت ڇو؟“ مون
پهرين ڏينهن ئي هتي جي هڪ سڪيورٽي آفيسر کان پڇيو.
”تڏهن به اسان کي خبردار رهڻ کپي ۽ ڪنهن کي نه موقعو ڏجي ۽ نه
پنهنجي طرفان ايڏي ڍر ڏجي جو ٻئي جو من وڌي ۽ ڏوهه
ڪرڻ لاءِ
Risk
کڻي.“ هن ٻڌايو.
”پر اسان ته شاگرد ۽ ڌارين ملڪن جا آهيون ۽ پئسي ڏوڪڙ ۾ سڀئي
مسڪين ئي آهيون.“ مون چيو.
”رڳو پئسي ڏوڪڙ جي ڳالهه ناهي. ڌارين ۽ مختلف ملڪن جا هجڻ ڪري
اسان کي ويتر وڌيڪ خبردار رهڻو پو ي ٿو. هتي توهان
پاڪستان جا آهيو ته هندستان ۽ بندگلاديش، برما جا
به، عراق جا آهن ته ايران، سعودي عرب، مصر، شام جا
به، لبيا جا آهن ته چاڊ، موراڪو، الجيريا ۽
ٽيونشيا جا به آهن. ائنگولا جا آهن ته مورزمبيق،
ڪينيا، نائيجيريا جا به آهن. اهڙيءَ طرح رومانيا،
بلغاريا جا آهن ته ترڪي البانيا جابه ۽ روس جي
لٿونيا، آرمينيا، آذربيجان ۽ جارجيا تائين جا
شاگرد آهن. پاڻ ۾ ته کڻي توهان نه وڙهندؤ. پر متان
ڪو ڌاريو اسان جي ئي ملڪ جو ڪنهن عرب، آفريڪي يا
روسيءَ تي بگڙي پنهنجو بدلو وٺڻ لاءِ هيڏانهن هليو
اچي ته سڄي ڳالهه جو مزو خراب ٿي پوندو. ۽ هر هڪ
کي خبر آهي ته هن هاسٽل ۽ يونيورسٽيءَ ۾ دنيا جي
هر ملڪ جا ماڻهو رهن ٿا. انڪري توهانکي
Diplomats
واري حفاظت ڏيڻ چاهيون ٿا.“
پهرين، ٻين، ٽين ۽ پنجين ماڙ تي ٽي وي روم ٺهيل آهي جنهن ۾
انگريزي ترجمي لاءِ
Decoder پڻ آهي. يورپ ۽ انگلينڊ جا ڪيترائي چئنل نظر اچن ٿا.
گهڻا مشهور بي.بي.سي
BBC،
سي.اين.اين، سپرچئنل،
Discovery, Eurosport
۽ هڪ عربن جو چئنل آهي جيڪو شايد قبرص کان
ٽيليڪاسٽ ٿئي ٿو. ناروي، ڊئنمارڪ، فنلئنڊ ۽ سئيڊن
جون ٽي وي اسٽيشنون به اينديون آهن پر جيئن ته
انهن جا گهڻا پروگرام انگريزيءَ ۾ نه آهن، انڪري
اهو ڪو ورلي ڏسي. البت ڇنڇر ۽ اربع ڏينهن شام جو
(دير سان) انهن مان هڪ يا ٻن تي اڌ اگهاڙيون يا ٺپ
اگهاڙيون فلمون اچڻ مهل ٽي وي روم ڏسندڙن سان ڀريل
هوندو آهي.
هاسٽل جي ٻي ماڙ تي لئبرري آهي، جنهن ۾ يا آئون هوندو آهيان يا
هڪ بنگالي. آچر ڏينهن ڪجهه آفريڪي شيدي (۽ شايد وچ
آمريڪا جي ملڪن جا پڻ ڪجه شاگرد) گڏ ويهي ڪجهه دير
بائيبل پڙهندا آهن. نه ته گهڻا تڻا لئبرريءَ ۾
ويهي ڪتاب يا رسالا پڙهڻ بدران پنهنجي ملڪ کان آيل
رسالا ڪتاب ڇڏڻ ايندا آهن. هر هڪ جو اهو زور هوندو
آهي ته سندس ملڪ بابت سڀ کان گهڻو لٽريچر ۽
معلومات هجي. سو پنهنجن پئسن سان يا پنهنجن
سفارتخانن، هوائي ڪمپنين ۽ ٽورسٽ آفيسن کان ڪافي
مواد گهرائي هتي رکندا آهن جيئن سندن ملڪ بابت
باقي ملڪن جا شاگرد پڙهي، گهڻي کان گهڻو متاثر
ٿين. بهرحال ان مقابلي ۾ ڏٺو وڃي ته ايران ۽ ٻئي
نمبر تي ڏکڻ آمريڪا جا ڪجهه ملڪ: وينزوئلا، چلي ۽
پيرو سڀ کان اڳ اڳ آهن.
هاسٽل جي چوٿين ماڙ تي ريڊيو ۽ اسٽيريو جو بندوبست آهي، جيئن
ڪنهن کي فقط ميوزڪ ٻڌڻ جو شوق هجي ته اتي ويهي
رڪارڊ يا ڪئسٽ ٻڌي. ڇهين جيڪا آخري ماڙ آهي ان تي
ڪمپيوٽر روم آهي جتي هر هڪ پنهنجو خط پٽ درخواست
يا پنهنجي چونڊيل عنوان جي ٿيسز پوري ڪرڻ لاءِ
لکندو يا پرنٽ ڪندو آهي.
هاسٽل کي هيٺ بهرو (Basement)
پڻ آهي جنهن ۾ هڪ وڏي ميس ۽ ڪيفيٽيريا آهي جتي
اسان نيرن ۽ رات جي ماني کائيندا آهيون. منجهند جي
پاڻ پچايون يا يونيورسٽيءَ جي ڪئنٽينن مان وٺي
کائون. ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن به پاڻ پچايون يا هوٽل ۾
کائون. روز جي ان لنچ ۽ موڪل وارن ڏينهن جي مانيءَ
جا پئسا يونيورسٽيءَ طرفان ملن، جيڪي پاڻ ئي پچائي
کائڻ لاءِ چڱا خاصا ٿين ٿا. پر جيڪڏهن هڪ ويلو به
هتي جي هوٽل ۾ کاڌو سين ته باقي ڏينهن چڻن (Peanuts)،
ڊبل روٽي ۽ چانهه تي گذارو ڪرڻو پوي ٿو.
سمهڻ کپي يا صفائي
هاسٽل جي بهري ۾ ميس کان علاوه ٻه ڪمرا ڪپڙا ڌوئڻ جا آهن جن ۾
هاسٽل طرفان اٺ کن واشنگ مشينون ۽ سڪائڻ جا ڪٻٽ
آهن.ڪپڙن ڌوئڻ جو صابڻ پنهنجو کڻي ايندا
آهيون.ڪپڙا مشين ۾ وجهي، ڪلاڪ کن بعد ڪڍندا آهيون
اهو ڪلاڪ کن هيڏانهن هوڏانهن چڪر هڻڻ يا ٽي وي ڏسڻ
لاءِ هليا ويندا آهيون (يا جيئن هن وقت آئون هي
مضمون پورو ڪرڻ لاءِ اچي ويٺو آهيان) ڪپڙن ڌوئڻ
وارن ڪمرن کان پوءِ ٻيا ڪمرا سانا (ٻاڦ ۾ وهنجڻ)،
ورزش ۽ جمناسٽڪ ڪرڻ جا آهن.
هاسٽل جي هر ماڙ تي ٽيهه کن ڪمرا آهن. يعني ڪل پوڻا ٻه سؤ کن
ڪمرا آهن.هن هاسٽل جا ڪمرا اهو سوچي ٺهرايا ويا
هئا ته هنن ۾ شاگرد نه فقط اڪيلو آرام سان رهي
سگهن پر هو چاهين ته زال سان گڏ به رهي سگهن.”ڇو
جو
W.M.U
يونيورسٽيءَ لاءِ اسان ويهه ٻاويهه سالن جا ڇوڪرا
ته نه گهرائي رهيا آهيون.“ هاسٽل جي مئنيجر ٻڌايو،
”اسان جا اهي شاگرد آهن جيڪي پنهنجي پنهنجي ملڪ ۾
اهم پوسٽ تي پهتل آهن ۽ سڀ ٽيهه پنجٽيهه سالن کان
مٿي آهن.“
هاسٽل جي ڪمري ۾ گهڙڻ سان پهرين هڪ ننڍڙو ڪمرو اچي ٿو، جنهن ۾
ڊريسنگ ٽيبل، ڪپڙا سامان ۽ بئگون رکڻ لاءِ ٽي ڊگها
ڪٻٽ ۽ ٽي انهن جي مٿان ننڍا ڪٻٽ رکيل آهن جيڪي ڇت
سان وڃيو ملن. ان ئي ڪمري ۾ ڇٽي
Umbrella،
ٽوپي، رين ڪوٽ، اوور ڪوٽ، مفلر وغيره ٽنگڻ لاءِ به
لوهي تختا۽ چار کن ٽنگڻيون آهن. ڇو جو هنن ملڪن ۾
جتي هر وقت برفباري ۽ مينهن پوي ٿو اتي هر هڪ
مهمان اهي شيون پاڻ سان کڻي اچي ٿو ۽ هر هڪ گهر ۾
پيل ڇٽي ۽ رين ڪوٽ رکڻ لاءِ در وٽ ئي بندوبست
هوندو آهي. جيئن نڪرڻ وقت آيل مهمان يا گهر جو
مالڪ چاٻيون ۽ بارش ۽ سيءَ کان بچڻ لاءِ مفلر ڪوٽ
ڇٽي ياد ڪري کڻي نڪري.ان بعد ان ڪمري کي ٻه در
آهن، هڪ باٿ روم ڏي کلي ٿو ۽ باٿ روم ۾ هر وقت گرم
۽ ٿڌي پاڻيءَ جا نلڪا، ٽب، ڪٻٽ هر شيءِ بين
الاقوامي معيار جي اوچي ۽ مضبوط ٺاهي اٿن. جن ۾
1983ع کان اسان جي ملڪ جا بشير وسطڙو، نذر سجاد،
بدرمنير جهڙا ڳراڳرا همراهه ته ڇا پر ڇهه ست
آمريڪن رهي ويا آهن پر اڃا تائين ڪا شيءَ ڀڳي ٽٽي
يا خراب نه ٿي آهي.
ٻيو دروازو بيڊ روم ڏي کلي ٿو جنهن ۾ سمهڻ لاءِ پلنگ، بستر، لکڻ
پڙهڻ لاءِ
Oak Wood جهڙي ڪاٺ جي ٽيبل ۽ ڪرسيون، هڪ پنهنجي ۽ مهمانن جي ويهڻ لاءِ
صوفا سيٽ ۽ ڪتاب ۽ ٻيو سامان رکڻ لاءِ ٻه ڪٻٽ، هڪ
ٽيبل لئمپ ۽ هڪ اسٽئنڊ لئمپ ۽ ڇت ۾ شئنڊليئر جهڙو
بلبي ڇٽ آهي. گرمي ته هنن ملڪن ۾ ٿئي ڪانه سو ڇت ۾
نه پکو ٿئي نه پکي لڳائڻ جو ڪُنڊو.
رڌ پچاءُ لاءِ هڪ ڪٻٽ وانگر رڌڻو آهي جنهن جا چار طاق کولڻ سان
قطار ۾ سامهون ٿانون ڌوئڻ جي ڪونڊي، چلهو،
ريفريجريٽر ۽ ٿانون رکڻ لاءِ هڪ ڪٻٽ آهي. اهڙيءَ
طرح انهن جي مٿان وڌيڪ ٿانوَ ۽ سيڌو رکڻ لاءِ ٻه
ڪٻٽ آهن. ڪمري جون چادرون، ٽوال، وهاڻي جون ڇهون ۽
اگهڻ جا ڪپڙا وغيره هر سومر ڏينهن تي ۽ ڪمري جي
صفائي هر اربع ڏينهن تي ٿئي.هاسٽل جي ڪمرن توڙي
يونيورسٽي جي صفائيءَ جوڪم هتي جون مڪاني (سئيڊن)
عورتون ڪن. جن وٽ
Master_Key
هر تالي کي لڳندڙ چاٻي آهي ۽ اسان يونيورسٽي هوندا
آهيون ته پٺيان در کولي صفائي ڪري وڃن. سندن غلط
سلط انگريزيءَ جا ڪيترائي چرچا مشهور آهن. ان
ڏينهن نڪراگئا (وچ آمريڪا جي ملڪ) جو هاربر ماسٽر
گونزالي چاق نه هو، سو يونيورسٽي نه آيو. پاڻ
ٻڌايائين ته ڪمرو صاف ڪرڻ واري عورت بالٽي ٻهارو
کڻي اچي اڳيان بيهي رهي. سئيڊش زبان ۾ ڪجهه چوندي
رهي. سندس مطلب هو ته اٿ ته بسترو ۽ ڪمرو صحيح
ڪريان.
انگريزيءَ ۾ وراڻيومانس“ ”هاڻ ٻئي هفتي اچي صفائي ڪجانءِ. بخار
ڪري جسم ٿو ڀڄي ڀري. اٿي بنهه نٿو سگهان.“
پر هن کي شايد سمجهه ۾ نه آيو. ۽ پڪ ڪرڻ لاءِ هن اهو معلوم ڪرڻ
ٿي چاهيو ته آيا آئون سمهڻ ٿو چاهيان ته هوءَ
صفائي نه ڪري ۽ موٽي وڃي. اهو هوءَ پنهنجي زبان ۾
چوندي رهي (جيڪو بعد ۾ هاسٽل جي مئنيجر ٻڌايو) پر
جيئن ته مونکي سندس زبان سمجهه ۾ نه پئي آئي، سو
مونکي سمجهائڻ لاءِ هن پنهنجي طرفان ڪوشش ڪري
انگريزيءَ ۾ ڪجهه هن ريت چيو:
“Should we sleep or should we clean.”
پاڻ کي سمهڻ کپي يا صفائي ڪرڻ کپي.
مٿيون لطيفو پوءِ هاسٽل جي مئنيجر کي ٻڌايوسين. صفائي واري
مارگريٽ به اتي بيٺي هئي ۽ سڀني چڱو تنگ ڪيس ته
اهڙا انگريزي ڊائلاگ ڳالهائيندينءَ ته اسان کي روز
بيمار ڏسندينءَ.
ريڊ انڊين کان سبق حاصل ڪريو
سڀ ڪمرا هڪ جيڏا نه آهن پر هڪ ڇڏي ٻيو ڏيڍ وڻو وڏو آهي ۽ ان ۾
بورچيخانو ڪٻٽ الڳ ڪمري ۾ آهي. انهن وڏن ڪمرن ۾ هڪ
سال پراڻا شاگرد رهن ٿا. يا اهي جيڪي زالن سان
آهن. يونيورسٽيءَ جا مڙيئي شاگرد مرد به نه آهن
ڪيتريون عو رتون آهن جيڪي بندرگاهه يا جهازران
ڪمپنيءَ ۾ وڏي پوسٽ تي پهتيون آهن يا گورنمينٽ جي
اداري، خاص ڪري منسٽري آف شپنگ جي سيڪريٽريٽ ۾ آهن
يا مئرين اڪيڊمين ۾
Law،
انشورنس ۽ مئنجمينٽ جهڙن سبجيڪٽن ۾ ليڪچرار آهن.
فلپين کان آيل شاگردن ۾ ٻه عورتون آهن. هڪ ڊيزي
جبولي شپ بلڊنگ جي اسپيشلسٽ آهي ۽ منيلا (فلپين) ۾
ڊپارٽمينٽ آف ٽرانسپورٽ ۽ ڪميونيڪيشن ۾ ڪم ڪري ٿي.
آفريڪا جي ڪيترن ملڪن جون حبشي عورتون آهن. جهڙوڪ:
نائيجيريا جي جوليانا ۽ عارت، گهانا جي ائلس
وغيره. اهڙيءَ طرح ڪيترن ٻيٽن ۽ ڏکڻ آمريڪا ۽ وچ
آمريڪا جي شاگردن ۾ڪيتريون ئي عورتون آهن. هڪ ته
ڪولمبيا جي عورت اسان جي قطار ۾ رهي ٿي. پوءِ
عورتن ۾ به ڪي اڪيليون رهن ٿيون ڪي مڙسن سان گڏ _
ڪي ٻارن جي تعليم ڪري انهن کي ۽ مڙس کي پنهنجي ملڪ
ڇڏي آيون آهن.
ڪالهه هڪ اهڙي حبشي عورت ميس ۾ مانيءَ تي اهي ئي سور پئي رنا ته
هن عمر ۾ پرديس ۾ رهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ۽ اهو به ڪجهه
ڏينهن لاءِ گهمڻ هجي ته سولو. پر ٻن سالن لاءِ
سئيڊن جهڙي هڪ اوپري ملڪ جي ٿڌ ۽ ماحول ۾ رهي
Maths
۽
Law
جهڙا سبجيڪٽ پڙهڻ پويان مغز ماري ڪرڻ، ڪپڙا ڌوئڻ،
استري ڪرڻ، ماني پچائڻ، ٻه ٻه بسون بدلائي
يونيورسٽي وڃڻ سيڌو سامان پاڻهي وٺي اچڻ، اگهائي
سگهائي کي منهن ڏيڻ ڪئين مرحلا ٿين ٿا. مڙس پنهنجي
آفيس کان چئن مهينن جي موڪل به ورتي پر نه اچي
سگهيو.
”ڇو ڀلا؟“ مون پڇيومانس.
”بس، سس صاحبا کي ڳالهه نه وڻي، ۽ هنن جو به ڏوهه ناهي. پيريءَ
۾ بنا پٽ جي پنهنجو پاڻ کي ڏسن يا اسان جي ٻارن
کي.“ ”گهڻا ٻار اٿئي؟“
”هڪ يا ٻه هجن ته انهن کي گهرايان به کڻي. يڪا سارا ڇهه ٻار
اٿم.“
”ڏاڍي ٻڌائي.“ اسان کلي چيس.
”پڙهيل ڳڙهيل ٿي ڪري ايترا ٻار!“
”پڙهيل ڳڙهيل آهيان تڏهن ته ايترا ٻار اٿم.“ وراڻيائين.
”ڇا مطلب!“ اسان ويتر وائڙو ٿي پڇيس.
”ٻين کي ڏهه ڏهه ٻارهن ٻارهن ٻار آهن.“
پاڻ گهانا جي آهي ۽ سيڪنڊ ييئر جي شاگرد آهي. گهانا ۽ اوس پاس ۾
هلندڙ
Fishing vessels مڇين مارڻ وارين ٻيڙين جي
Architect
۽ سلامتي
Sefety Factor
تي ريسرچ ورڪ ڪري ٿيسز لکي رهي آهي ۽ سندس اهو
ڪتاب گهانا جهڙي ملڪ لاءِ هڪ ڪارآمد شيءِ ثابت
ٿيندو. ان ئي قسم جي عنوان تي اسان جي هڪ پاڪستاني
چيف انجنيئر مسٽر قربان پڻ ريسرچ ورڪ ڪيو آهي. پاڻ
چار پنج سال اڳ هتي هو. سندس ريسرچ جو دائرو
ڪراچيءَ کان گوادر تائين جو هو.
هر ماڙ ريل وانگر ڊگهي آهي. وچ تي هلڻ جو رستو آهي. آمهون
سامهون ڪمرا آهن. ٻڌي نمبر وارا ڪمرا هڪ پاسي ته
اڪيءَ وارا ٻئي پاسي. اسان جي فلور تي شروعاتي
ڪمرو ترڪيءَ جي شاگرد عدنان جو آهي، جيڪو زال سان
رهي ٿو. ان جي سامهون شنگهائي چين کان آيل ڇوڪري
رهي ٿي. سندس ڪپڙن گندين مان مائوءَ جو چين، ڳاڙهو
هجي يا نه پر ڪافي ماڊرن ٿيندو وڃي جو اهڃاڻ ضرور
ملي ٿو. کيس خبر آهي ته آئون لکندو آهيان. ”آئون
چين تي پنهنجن سفرن ۽ تجربن جو ڪتاب ”چين _ جنهن
ڪيو بي چين“ نالي لکي رهيو آهيان. پر گذريل ويهه
ٻاويهه سالن ۾ جيڪي چين ۾ تبديليون آيون آهن انهن
کي ڌيان ۾ آڻي سوچيان پيو ته ڪتاب جو نالو: چين!
تنهنجا ڪئين روپ“ نالو رکان. پاڻ ۽ ترڪيءَ جو
عدنان پڻ ٻئي سال جا شاگرد آهن. ترڪيءَ جي عدنان
جي ڀر واري ڪمري ۾ ڪولمبيا جي مٿين ڇوڪري رهي ٿي ۽
هن سال آئي آهي. ان بعد پاڪستان نئشنل شپنگ
ڪارپوريشن جي قاضي حميد جو ڪمرو نمبر 318 آهي ۽
320 ڪئپٽن عاشق جو آهي ۽ 322 منهنجو آهي. حميد
قاضي جي سامهون وارو 319راحت جو آهي ۽ 321 احمد
ڪمال علويءَ جو آهي ۽ ڪجهه ڪمرا ڇڏي 329 ۾ اسان جي
ملڪ جو ڇهون همراهه ڪئپٽن سليم قاسم رهي ٿو. اسان
جي فلور کي پاڪستاني فلور به سڏين ٿا. احمد ڪمال
علويءَ جي ڀر واري يعني منهنجي سامهون واري ڪمري
نمبر 323 ۾ گهانا جي مسز ايلس رهي ٿي. ان بعد باقي
ڪمرن ۾ بنگلاديش جو ڪئپٽن امين آهي جيڪو اسان
شاگردن جي ڪائونسل جو صدر آهي. پاڻ بنگلاديش شپنگ
ڪارپوريشن ڪنهن اهم عهدي تي آهي. چٽگانگ جي ساڳي
اڪيڊمي مان پڙهيو آهي جنهن مان مون مئرين
انجنيئرنگ جي بنيادي تعليم حاصل ڪئي هئي. سڀ کيس
ليڊر مڃيندا آهن. پاڻ آهي سو بنگلاديش جو پر رنگ،
ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو ڍنگ، ڪپڙن جو اسٽائيل، هلڻ چلڻ
۽ عادتن ۾ پڪو انگريز آهي. بس رڳو رستي تي شل نه
ڪنهن کي مڇيون وڪڻندو ڏسي. سڀ ڪم ڇڏي مڇين تي بيهي
رهندو. احمد ڪمال علويءَ جو چوڻ آهي ته سٺي مڇيءَ
جي چونڊ ۽ ان کي ڇلڻ ڪٽڻ ۽ رڌڻ ۾ سندس جواب ناهي.
جڏهن کان اسين آيا آهيون هن اڃا مڇي رڌي ڪانهي.
ڪئپٽن امين کان علاوه عبدالهاديءَ نالي همراهه انڊونيشيا جو آهي
۽ روم نمبر 325 ۾ رهي ٿو، جنهن ڪمري ۾ ٽي سال کن
اڳ دادوءَ جو چيف انجنيئر ظهير بابر قريشي رهي ويو
آهي. پاڻ فقط ڪجهه مهينا هاسٽل ۾رهيو. ان بعد هن ۽
ان وقت رهندڙ ٻين پاڪستانين ٻار بچا گهرائي ورتا ۽
هاسٽل ڇڏي ٽن ٽن ڪمرن وارا فليٽ وٺي وڃي رهيا.
هن هاسٽل ۾ فقط زال سان (۽ جي شاگرد عورت آهي ته پنهنجي مڙس
سان) رهي سگهي ٿو پر ٻار گهرائڻ سان هاسٽل ڇڏي
ٻاهر پنهنجي رهائش جو بندوبست ڪرڻو پوي ٿو. پهرين
هڪ ٻن ٻارن وارا هاسٽل ۾ رهندا هئا پر پوءِ ٻارن
جي ڊوڙن ڊڪن ۽ گوڙ گهمسان ڪري باقي رهندڙن کي
پڙهائيءَ ۾ تڪليف ٿئي ٿي. ان ڪري، يونيورسٽيءَ
وارن اهوئي فيصلو ڪيو ته ٻارن وارو شاگرد هاسٽل ۾
رهڻ بدران ٻاهر فليٽ ڳولي وڃي رهي. ان لاءِ کيس
ڪجهه پئسا ڏنا وڃن ٿا، جيڪي ٻاهر جي فليٽ جي مسواڙ
جو ڪو چوٿون حصو مس ٿين. هونءَ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته
اهي شاگرد جن کي ٻار نه آهن. انهن لاءِ فقط زال
سان هتي رهڻ آئيڊيل آهي. زال لاءِ به ته مڙس لاءِ
به. خرچ جي به بچت کان علاوه زال کي ٻه سال گهمڻ
ڦرڻ ۽ آرام لاءِ وقت مليو وڃي ۽ مڙس کي پڙهائيءَ
لاءِ پڻ ڪافي وقت مليو وڃي جو رڌ پچاءُ، ڪپڙا
ڌوئڻ، استري ڪرڻ جهڙن ڪمن کان هو بچيو وڃي.
چيني ماڻهو ڪافي وڏي عمر ۾ پهچي شادي ڪن ٿا، ملائيشيا ۾ هوس ته
اتي جي مئرين اڪيڊميءَ جو هڪ ليڪچرار چيف انجنيئر
لائو سينگ هو. هو فقط زال سان گڏ آيو جو هڪ ته هن
شادي دير سان ڪئي ۽ ٻيو اڃا ٻار ئي نه پئي ٿيس. هو
ٻئي سال هتي هاسٽل ۾ رهيو سواءِ آخري ڇهن مهينن
جي، جڏهن کيس هتي ٻار ٿيو. سندس زال کي ٽائيپنگ ۽
ڪمپيوٽر تي به ڪم ڪرڻ آيو ٿي. ان ڪر ي لائو نه فقط
رڌ پچاءُ جهڙين شين کان پر پنهنجا
Notes
۽ ٿيسز ٽائيپ ڪرڻ کان به ڇٽو پيو هو. هن دفعي
ملائيشيامان ٽي ڄڻا آيا آهن. جن ۾ ٻه ته ساڳي
اڪيڊمي جاآهن، هڪ زينورين جنهن کي ٽي پٽ ۽ هڪ ڌيءَ
آهي ۽ ٻيو ڪئپٽن لي زي خيانگ. ڪئپٽن لي جيتوڻيڪ
زينورين کان وڏو آهي پر شادي دير سان ڪئي اٿس ۽
اڃا کيس ڪو ٻار ڪونهي. ان ڪري زال سان گڏ هتي
هاسٽل ۾ ئي، ٻي ماڙ تي رهي ٿو.
گذريل سال هتي آيل ٽنهي پاڪستانين مان ڪنهن به فئملي نه گهرائي.
پر هن سال اسان ٽئي ڄڻا هاسٽل بدران ٻاهر فئمليءَ
سان گڏ رهڻ چاهيون ٿا. زال ۽ ٻارن جي ويزا ٻن ٽن
سالن کان سئيڊن حڪومت ڪجهه ڏکي ڪري ڇڏي آهي ۽ جهٽ
پٽ ڏيڻ بدران درخواست ڏيڻ تي مهيني بعد اسلام
آباد انٽرويو لاءِ گهرائين ٿا. ان بعد ڇهن کان اٺن
هفتن تائين ترسائي پوءِ فئمليءَ جي ويزا ڏين ٿا.
نه ته اڳ ۾ بولٽن مارڪيٽ ڪراچيءَ ۾ سئيڊش قونصل
خاني ۾ درخواست ۽ پاسپورٽ جمع ڪرائي اچبو هو ۽
هفتي ٻن بعد پوسٽ رستي اسلام آباد کان ويزا جو ٺپو
لڳي ايندو هو. پر هاڻ ڏينهون ڏينهن پاڪستاني،
هندستاني، الباني، فلسطيني، يوگوسلاوين ۽ترڪ ايترا
ته سئيڊن ۾ رهڻ لڳا آهن جو هتي جي ماڻهن کي اچي ڊپ
لڳو آهي ڪٿي عرب جي اٺ وارو حال نه ٿئي. يعني سيءَ
کان بچڻ لاءِ عرب جي تنبوءَ ۾ اٺ پنهنجي فقط ڳچيءَ
وجهڻ جي اجازت ورتي. ان بعد عرب کي ڌڪا ڏيئي ٻاهر
ڪڍي ڇڏيائين ۽ پاڻ سڄو سارو تنبوءَ منجهه. حالت
اها آهي جو بقول هتي رهندڙ پراڻن پاڪستانين جي ته
هن شهر مالمو جي مسجد ۾ جماعين جون ٽي چار صفون مس
ٿينديون هيون. هاڻ سڄي مسجد جو هال ته ڀرجيو وڃي
پر ورانڊي ۽ اڱڻ تائين نمازي وڃيو نڪرن ۽ ساڳيو
حال ناروي ۽ فنلئنڊ جو آهي. احمد ڪمال علوي رمضان
جي مهيني ۾ فيلڊ ٽرپ لاءِ اوسلو (ناروي) ويو هو.
ٻڌائين ته اوسلو اهو ٿڌو شهر آهي جنهن ۾ ايشيا ۽
عرب ملڪن جا تمام گهٽ نظر ايندا هئا ۽ هاڻ اها
حالت آهي جو اوسلو ۾ ڪيترن هنڌن تي مسجد نظر اچي
ٿي ۽ رمضان ۾ باقاعدي تراويح نماز هلي رهي هئي.
يوگوسلاويه ۾ گوڙ فساد ۽ مسلمانن سان سختيون، روس ۾ سڀني رياستن
جو ڇڙو ڇڙ ٿي وڃڻ بعد ڪيترن هنڌن تي، مسلمانن،
عيسائين ۽ يهودين سان سختيون، ساڳي وقت عراق،
ايران، ترڪيءَ ۾ ڪردن سان ڏاڍيون ۽ البانيا ۽
رومانيا پاسي معاشي حالتون ڏکيون ٿيڻ ڪري جا ماڻهو
هنن ڏهاڪو سالن ۾ پاڪستان، هندستان ۽ بنگلاديش جي
رهاڪن کان به وڌيڪ هيڏانهن هوڏانهن يورپ جي سکين
ملڪن ۾ ٽڙي پکڙجي ويا آهن ۽ جن جن کي سئيڊن جهڙن
ملڪن ۾ رهڻ جي اجازت ملي پئي ته هو گهڻي کان گهڻا
ٻار ڄڻي رهيو آهي جيئن هتي جي قاعدي موجب سرڪار
طرفان ٻارن جي گهڻائي موجب گهڻو الائونس ملي. اهي
سڀ ڳالهيون هتي جي ماڻهن کي خوفزده ڪري رهيون آهن.
ايتريقدر جو سئيڊن ۾ هلندڙ ڪيترن ڪارن جي پويان
لڳل
Stickers
تي اهو لکيل نظر اچي ٿو: ”ريڊ انڊين کان سبق حاصل
ڪريو. ريڊ انڊين کي پاڻ وٽ رهڻ ڏيئي پاڻ کي ڪمزور
۽ تباهه ڪيو.“ يعني سئيڊن جا ماڻهو ڌارين کي پاڻ
وٽ رهائي پنهنجو پاڻ کي مصيبت ۾ وجهي رهيا آهن. |