لوهه جا نه پر شيشي جا هجن
هونءَ ته اسان جهڙن ملڪن ۾ موسم تڏهن سٺي چئبي آهي جڏهن جهڙالو
ڏينهن هجي، جو پاڪستان هندستان جهڙا ملڪ خط استوا
جي ويجهو هجڻ ڪري سج جا ڪرڻا سڌا پون ٿا ۽ سخت
گرمي ٿئي ٿي. پر هتي سئيڊن ۾ يا ناروي، فنلئنڊ ۾
اونهاري ۾ به اسان جي سياري واري سيءَ کان سخت
سيءُ آهي. تڏهن به ڪالهه هتي جي هڪ سئيڊش پروفيسر
جڏهن اسان کي سئيڊن جي موسم بابت پڇيو ته يمن جي
مبارڪ يڪدم چيس:
”سر! توهان جي ملڪ ۾ اسان وانگر، نه سرءُ اونهارو ٿئي ۽ نه بهار
سيارو. توهان وٽ فقط ٻه مندون ٿين ٿيون.“
”ڪهڙيون؟“ هن پڇيو.
”هڪ سيارو.............. مبارڪ وراڻيس.
”ٻيو اونهارو ڇا.“ پروفيسر چيو.
”نه.“ مبارڪ درست ڪندي چيس، ”ٻيو حالت خراب ڪندڙ سيارو آهي.“
چئن موسمن جو تصور فقط ڪجهه خوش نصيب ملڪن ۾ آهي جن ۾ اسان جو
ملڪ به هڪ آهي، نه ته ڪيترن ملڪن ۾ ته فقط هڪڙي
موسم ٿئي. جيئن ملائيشيا ۾ ٻاروهوئي فقط مينهوڱيءَ
جي موسم هلندي رهي ٿي. مينهوڱي ۽ جهڙ ڦڙ سٺي شيءَ
آهي پر ٻاروهوئي اها ڪار لڳي رهي ته انسان فطرتاً
بيزار ٿيو پوي ۽ ان شيءِ جو قدر ڪرڻ گهٽايو ڇڏي.
ست اٺ سال يڪا اهڙي موسم ۾ رهڻ بعد، پاڪستان ۾
جڏهن پهريون سيارو آيو ته ان وقت احساس ٿيو ته
قدرت اسان جي ملڪ تي يورپ ۽ آفريڪا، ملائيشيا،
انڊونيشيا جهڙن ملڪن کان وڌيڪ مهربان آهي. پرشايد
اسان ماڻهن ۾ افعال ناهي. ۽ چڱو جو ملائيشيا جهڙو
مينهن نٿو پوي، نه ته اسان جا ڳوٺ توڙي شهر جيڪي
سخت گدلا ٿي ويا آهن، انهن ۾ اهڙي مينهن ۾، ايترا
ته جراثيم ۽ پوسل ٿئي جو بيماريون وڪوڙي وڃن. رڳو
ٻه ڏينهن مينهن ٿو پوي ته، ڪيترا نوان ٺهيل رستا ۽
سرڪاري عمارتون هيٺ دٻجيو وڃن. سو جي ملائيشيا
وانگر مهينو مهينو مينهن وسي ته خبر ناهي ڇا حشر
ٿئي.
”سو راحت خان ٻي ڪهڙي خبر چار؟“ ائنا ۽ وجئي ته هليو ويو. پر
راحت کي وڃڻ کان جهلڻ لاءِ کانئس سوال ڪيم.
”بس خبر وري ڪهڙي آهي. ڪڏهن ڪڏهن سخت بوريت ٿئي ٿي.“
”ڇو سيءَ جي ڪري.“ مون پڇيو.
”نه. سيءُ ته ڪا نئين ڳالهه ناهي. انهن لاءِ ضرور آهي، جيڪي
پهريون دفعو هن پاسي آيا آهن. پاڻ ته جهاز ۾ هن
کان به وڌيڪ ٿڌ ۾ آيا هونداسين.“
”اها ته ڳالهه آهي. پهريون دفعو ٻاهرنڪري ڏٺوسين ته اوڊيسا جي
سڄي بندرگاهه ۾ برف جو اڇو ٿلهو تهه ڄميو پيو هو.
جهاز کي هڪ جيٽيءَ کان ٻي جيٽيءَ تي شفٽ ڪرڻ لاءِ
جڏهن ٽگ بوٽ آئي ته برف جو مٿيون تهه ڀڃندي آئي.“
مون اهي، هن کان ٿڌا ڏينهن ياد ڪري، سئيڊن جي هن
سرديءَ مان گرمائش حاصل ڪئي. ائين جيئن ڪو گهر ۾
ويٺي گرميءَ جي دانهن ڪري ته ٻيو سمجهائيس ته شڪر
ڪر. اهڙا به ماڻهو آهن جيڪي سڄو ڏينهن ٻاهر اُس ۾
پورهيو ڪن ٿا.
”واقعي! راحت ٿڌو ساهه کڻي چيو، ”لوهي جهاز تي ڪڏهن ڪڏهن سرديءَ
جي اهڙي لهرمان گذر ٿيندو هو جو الله ڏئي پناهه.
گذريل سال جي ڳالهه آهي. اسان کي اتي فن لئنڊ ۽
جرمنيءَ واري علائقي ۾ ڪي ڏينهن ڪاٽو ويهه کن
ڊگريون ٿڌ ملي. ڇا غضب جي سردي هئي. خلاصين ته
ٻاهر ڊيڪ تي نڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. آخر ماڻهو
ڪيترا گرم ڪپڙا پائي لوهي ڊيڪ تي ڪم ڪري سگهندو ۽
ڪيتري وقت لاءِ؟
Fire Mains
جي پائيپن مان پاڻي ڊرين ڪرڻ وسري ويو، وال ون (Valves)
سميت پائيپ ائين ڦاٽي پيا ڄڻ لوهه جا نه پر شيشي
جا هجن. انجن روم ۾ ليوب آئل ۽ ٻين شين جو
ٽيمپريچر قائم رکڻ مسئلو ٿي پيو هو.“
(ٿڌ ۾ هر شيءِ سُسي ٿي پر پاڻي ڄمڻ سان ان جو واليوم وڌي ٿو.
نتيجي ۾ جيڪڏهن هن کي وڌڻ لاءِ جاءِ ناهي ته جنهن
شيءِ ۾ آهي ان کي ڦاڙيو رکي.)
ڪهڙي وڻ تي
اسان ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين ته نائيجيريا جي عارت ماپانڊوڪ
اچي نڪتي.
”هاءِ!“ هن کيڪاريو ۽ پوءِ منهنجي ڪمري جي سامهون واري 321 نمبر
ڪمري ۾ رهندڙ گهانا جي شاگردياڻي ايلس جو دروازو
کڙڪايو.
”ڪانهي ڪا. چرچ ۾ وئي آهي.“ راحت عزيز چيس.
“ڪيڏي مهل وئي.“ عارت پڇيس.
”صحيح وقت ته خبر نه اٿم پر سندس ملڪ (گهانا) جو ڪئپٽن آرون
ٽرڪسن به ان سان گڏ هو مونکان اڌارو ورتل ڪتاب
ڏيندو ويو هو.“ راحت ٻڌايس.
آرون ٽرڪسن اسان پاڪستاني، هندستاني ۽ بنگلاديشي شاگردن ۾ مشهور
آهي. مشهور ان ڪري جو شام جو ستين بجي يا نائين
بجي جڏهن ٽي ويءَ تي بي بي سيءَ تان خبرون اينديون
آهن ته مٿين ٽنهي ملڪن جا اسين موجود هوندا آهيون.
سندس جنرل ناليج واقعي قابل داد آهي. باقي ٻيا
آفريڪن شيدي توڙي ڏکڻ آمريڪا ۽ فارايسٽ جي ملڪن
جا، بليرڊ راند کيڏڻ يا ٽي ويءَ جا ٻيا پروگرام
ڏسڻ ۾ مست هوندا آهن. ويندي عرب به پنهنجيءَ ۾ مست
هوندا. لبيا ۾ ڀلي ڇا پيو ٿئي. عراق ۽ موراڪو ۾
ڀلي ڇا پيو وهي واپري، قذافيءَ پويان يو اين او ۽
آمريڪن لڳا پيا هجن، ياسر عرفات جو جهاز گم هجي،
ڪردن مٿان بمباري پئي ٿئي، ڪنهن کي ڪو فڪر ناهي.
نه اردني عربن کي، نه مصرين کي، نه سعودي عرب جي
رهاڪن کي نه موراڪو ٽيونيشيا وران کي. ڪڏهن ڪڏهن
لڳندو آهي ته ڇا سڀ غم اسان ننڍي کنڊ جي رهاڪن
لاءِ آهن. يا ڇا اسان
Over _ Sensitive
آهيون. جو پنهنجي ملڪ ۽ پاڙي اوڙي جي خوشيءِ غميءَ
۾ ته هيڪاندو گهڻو اظهار ڪيون ٿا پر ڏور رهندڙن
سان به ڪونه ڪو ناتو رشتو ڳنڍيو هنن جو ڏک، درد،
خوشي ۽ راحت پنهنجي سمجهون ٿا.
عراق جي صدر صدام حسين کي سُڌ نه سماءُ اسان وتون هن پاران نعرا
هڻندا. پاڙي ۾ ٽولا ٺاهي هڪ ٻئي سان وتون بحث ڪندا
۽ پنهنجي ملڪ جون بسون ساڙيندا. ساڳي طرح ياسر
عرفات به صدام وانگروتي اسان کان وڌيڪ هندستان سان
همدرديون ڪندو ۽ اسان آهيون سو چرين وانگر ”اسان
جا مسلمان ڀائر _ هائي ڙي گهوڙا. هائي“ ۽ هي
مسلمان ڀائر هر وقت چون ته اسين عرب پهرين آهيون ۽
مسلمان پوءِ. ۽ وري عرب به گڏجن ٿا ته ڪويت، سعودي
عرب، بحرين جهڙا امير، وڌيڪ هڪ ٻئي لاءِ ڀائپي
جتائين ٿا. يمن جهڙي غريب ملڪ جي رهاڪوءَ کي اڇوت
ڪريو ڇڏين.بهرحال سامهون بيٺل عارت کان پڇيم:
”ڪر خبر پٽاٽا رڌي ڇڏيئي؟“
پاڻ کلڻ لڳي. کيس ڪالهه يونيورسٽيءَ مان موٽڻ وقت چيو هوم:
“Wish you happy long week end and Cocking”
رڌ پچاءُ ڇو ڀلا؟“ هن پڇيو هو.
”ان ڪري جو ڇنڇر آچر ته هونءَ ئي موڪل ڪري ميس بند آهي پر ايسٽر
ڪري جمع به موڪل آهي.“ مون ٻڌايومانس. هن ان جي
اميد نٿي رکي ته جمع کان ميس جي ماني بند ٿيندي.
”ڏاڍي ٻڌائي. مون وٽ به رڌ پچاءُ جو سامان کپي ويو آهي. پر اهو
به سٺو جو معلوم ٿي ويو. هاڻ هاسٽل ۾ ڪتاب ڇڏي
مارڪيٽ مان سيڌو وٺي اچان ٿي.“
۽ پوءِ هاسٽل تائين گڏ ايندي ڏک سور ورجائيندي رهي، جيڪي اسان
سڀني جا ساڳيا آهن: ”دنيا ۾ هن قسم جي فقط هڪ ئي
يونيورسٽي ٺاهڻي هين ته، آئون چوان ٿي ته هتي هن
سئيڊن جهڙي ملڪ ۾ ڇو ٺاهيائون. جتي جي هيڏي ظالم
موسم آهي ۽ ان کان علاوه هن ملڪ ۾ مهانگائي اها
آهي جو انگريز توڙي فرينچ، جرمن توڙي جپاني ۽
آمريڪن به هن ملڪ ۾ اچي مهنگائيءَ جون دانهون ڪن
ٿا. سوچڻ جي ڳالهه آهي ته توهان ترقي پذير (Under
Developed) ملڪن جي ماڻهن لاءِ اعلى تعليم لاءِ هيءَ يونيورسٽي ٺاهي،
يعني ان ۾ گهڻائي ايشيا ۽ آفريڪا جي ماڻهن جي آهي
ته پوءِ ملائيشيا، سنگاپور، مالٽا، هانگ ڪانگ جهڙن
هنڌن تي کڻي ٺاهيو ها. سئيڊن کان ته انگلينڊ يا
آمريڪا به سستو آهي.“ عارت چيو.
”شايد ان ڪري جو سئيڊن چاليهه سيڪڙو خرچ ڏئي ٿو. يونيورسٽي
هاسٽل سميت.“ مون سندس ان پهلوءَ ڏي ڌيان ڇڪايو.
”آئون چوان ٿي ته ڇا ضروري آهي ته سئيڊن خيرات ڏئي. نه ڏئي ها.
ڪي ٻيا ملڪ ڏئي وجهن ها، ۽ ٻي ڳالهه ته، باقي جيڪو
سٺ سيڪڙو آهي اهوئي ايترو گهڻو آهي جو ايمان سان
ٻيو ڪو ملڪ هجي ته خوب خرچيون ها ته به بچي ها.
هاسٽل ۾ رهڻ ۽ ماني کائڻ بدران هي پنج هزار کن
ڪرونا (ويهه هزار رپيا) ڏين ٿا. پر هڪ بيڊ روم
واري فليٽ جي به مسواڙ ٽي هزار ڪرونا (ٻارهن هزار
رپيه آهي) ان کان علاوه فرنيچر ۽ ماني ٽڪي ڪيڏي
مهنگي آهي. اهي پنج هزار ڪرونا نئروبي، اسلام
آباد، ڪولمبو، بمبئي جهڙي هنڌ ملن ها ته ڪيڏو سٺو
ٿئي ها.“ عارت چيو.
”بلڪل صحيح ٿي چوين.“ مون سندس خيال جي پوئواري ڪئي.
”۽ ٻي ڳالهه ته سئيڊن جيڪڏهن مدد پيو ڪري ته ڪو ڏوڪڙ اسان پاڻ
سان نٿا کڻيو وڃن. هرڪو پاڻ پنهنجي گهران ٻه آڻي
هتي پيو خرچ ڪري. سو سندس چاليهه سيڪڙو ته اتي ئي
خرچ پيا ٿين، پر ٻين ملڪن ۽ ادارن طرفان باقي مليل
سٺ سيڪڙو به اتي خرچ پيو ٿئي.“ هوءَ هاسٽل تائين
اهي جوشيلا جملا ٻڌائيندي، پوءِ ڇٻڙي کڻي بصر،
پٽاٽا، ٽماٽا وٺڻ رواني ٿي ويئي هئي.
پاڻ نائجيريا جي مئرين اڪيڊميءَ ۾ انگريزيءَ جي ليڪچرار آهي.
نائجيريا جي ئي يونيورسٽيءَ مان انگلش ۽ ايجوڪيشن
۾ ايم اي ڪئي اٿس. نائجيريا ۾ هونءَ به انگريزن جي
حڪومت هئي سو اتي جا سڀ شاگرد سٺي انگريزي
ڳالهائين پر هيءَ محترمه عارت (خبر ناهي مس آهي يا
مسز) ته هيڪاندي سٺي ڳالهائي ٿي جو سندس سبجيڪٽ ئي
اهو آهي. پاڻ عمر ۾ سڀ کان ننڍي ٿيندي پر ٿولهه ۾
سڀ کان گهڻي. گذريل سال جي ڪينيا جي هڪ شاگردياڻي
خايومبي ڦيلي جيتوڻيڪ سڀني ۾ آفت آهي پر بقول
ڪئپٽن سليم قاسم جي ته جنهن رفتار سان عارت سُڄي
رهي آهي، ٻئي سال جي آخر تائين ڦيليءَ جا به رڪارڊ
ڀڃي ڇڏيندي.
”مس عارت تون چرچ ۾ نٿي وڃين؟“
”سوچيم پئي ته وڃان پر هتي جي سڀني ڪليسا گهرن ۾
Service
(واعظ) سئيڊش زبان ۾ ٿئي ٿو. سو نه ويس.“
”تڏهن به هلي وڃين ها. هتي جي ماڻهن سان ملي اچين ها. يا هتي جا
مڪاني ماڻهو ڌارين سان دوستي نٿا رکن؟“ مون
پڇيومانس.
”صفا ٿڌا آهن. هتي جي موسم وانگر. ڪنهن چيو ته پهرين ويجهو اچڻ
کان لنوائين ٿا، پر پوءِ دوستي رکن ٿا ته چڱي
پنهنجائپ ڏيکارين ٿا.“ مس عارت چيو.
”خبر ناهي ڪڏهن دوستي رکڻ چاهيندا ۽ پنهنجائپ جو اظهار ڪندا،“
مون کلندي چيو، ”ڇا جڏهن ٻه سال پورا ڪري هليا
وينداسين پوءِ آخري ڏينهن ايئر پورٽ تي اچي دوستي
ڪندا ڇا؟“
راحت عزيز ۽ هيءَ به کلڻ لڳي. راحت عزيز چيو، ”ڀائي اسان سان
ڳالهائڻ ته پري جي ڳالهه پنهنجو پاڻ سان به فري ٿي
هتي جي ماڻهن کي ڳالهائيندي نه ڏٺو اٿم. بس ۾ رڳو
تڏهن ڳالهائيندا آهن جڏهن چڙهندي يا لهندي سندن يا
اسان جو کين ٽڪر لڳي ويندو آهي يا پير چپجي پوندو
آهي. پوءِ پنهنجي زبان ۾ معاف ڪجو چون ٿا.“
”يا خبر گار ڏين ٿا ته ڪهڙي جنگل کان اسين ڪارا ڪوجها ۽ ڪڻڪ
رنگا اچي نڪتا آهيون.“ مون راحت کي چيو ۽ پوءِ
نائجيريا جي هن مس عارت کي سنجيدو ٿي چيو:
”ڳالهه ٻڌ. مونکي ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آهي ته هنن يورپين اڳيان
توهان آفريڪن يا اسين ايشيائي ڄڻ ڪا گهٽ قوم هجون.
اسين کڻي ڪهڙيون به اوچيون ٽائيون ۽ ڪوٽ هئٽ پائي
”جينٽل مئن“ ٿي هلون، پر هنن جي پنهنجي لنڊي
پتلون، ڊگهن وارن ۽ ڪنن ۾ والي پاتل هپي ٽائيپ
همراهه کان گهٽ سمجهيا وڃون ٿا.“
”بلڪل صحيح ٿو چوين. ڪڏهن ڪنهن هتي جي ڇوڪري يا عورت سان
ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان ته منهن کي ائين موڙو
ڏئي، بهانو ڪري هلي ويندي آهي ڄڻ آئون کانئس خيرات
گهرڻ ٿي چاهيان. يا مون سان ڳالهائڻ سان کيس ڪا
بيماري لڳي ويندي.“
”ها واقعي،“ مون سندس ڳالهه جي تائيد ڪندي چيو،
“These are the facts of life.”
اسان کي قبول ڪرڻ کپن.“
مون ڏٺو ته عارت ڪافي اداس ٿي وئي هئي ۽ هاڻ ايتري دير ٿي وئي
هئي جو مون به پنهنجي بڪ شڪ کي وڌيڪ قائم رکڻ
بدران موڪلائڻ چاهيو ٿي. سو کلندي چيومانس.
”هتي جا ماڻهو پاڻ کان نفرت نٿا ڪن پر شرمائين ٿا.“
”ڪير ٿو چوي؟ اهڙا ته شرميلا نه آهن. ڏينهن ڏٺي جو وچ رستي تي
اڌ اگهاڙي ڊريس ۾ ڇوڪرا ڇوڪريون هڪ ٻئي کي چميون
ڏئي سگهن ٿا باقي اسان سان ڳالهائيندي نانگ ٿو
کائين.“ عارت ڪجهه چڙ مان ۽ ڪجهه کلندي چيو.
”ها کائين واقعي نانگ ٿو. پر کين نانگ جي کائڻ جو ڊپ ناهي.اهو
ڊپ اٿن ته متان اسان کين جهلي، ڪچو ئي نه کائي
ڇڏيون. آفريڪن بابت ته اهي ڳالهيون وڏن کان ٻڌيون
هوندائون ته مُني ديڳ پاڻيءَ سان ڀري ان ۾ گوري
يورپين کي پالڪ ميٿيءَ سان گڏ رڌي کائي ڇڏيندا
هئا.“ مون ٻڌايومانس.
”ڪارو اٿن منهن ٿيو. اسان آفريڪن لاءِ ان قسم جون
Phony
ڳالهيون ڪٿان ٿا آڻين. ڪالهه يونيورسٽيءَ جا ڪاڪوس
صاف ڪندڙ ڀنگياڻي ڇوڪري مونکي ٿي چوي ته آفريڪا ۾
توهان وڻن تي رهندا آهيو؟“
اتي 319 نمبر ڪمري مان علويءَ منهن ڪڍيو:
”آهي ڇا؟ مونکي به ته ٻڌايو ڪلاڪ کن کان ڪچهري پئي هلي.“
”چڱو بابا مونکي ته ڏيو موڪل اور بهي غم هين زماني مين.“ مون
موڪلايو. جو هاڻ ڪلاڪ کان وڌيڪ بيهڻ جي همت نه
هئي. مس عارت به هلڻ لاءِ هٿ لوڏي موڪلائڻ جي ڪوشش
ڪئي:
”آئون به هلان ٿي. رات ننڊ ئي پوري نه ٿي آهي. هاڻ ٿي وڃي
سمهان.“
”ڪهڙي وڻ تي؟“ راحت عزيز پڇيو. پر هن ٻڌو ئي ڪونه ۽ هيٺ پنهنجي
ڪمري لاءِ گرائونڊ فلور ڏي رواني ٿي وئي.
جيترو قاعدو اوترو فائدو
انٽرنيشنل مئريٽائيم آرگنائيزيشن (I.
M. O)
يونائيٽيڊ نئشن (U.
N) جي هڪ اهم شاخ آهي. آءِ ايم او جو خاص مقصد سمنڊن کي گدلو ٿيڻ
کان بچائڻ ۽ جهازي زندگيءَ ۾ گهڻي کان گهڻو حفاظت
جو پهلو پيدا ڪرڻ آهي.
پهرين ائين هوندو هو جو سمنڊ کي هرڪو ٻهر اڇلڻ جو ٽوڪرو سمجهندو
هو. جيئن اسان وٽ جهلم، چناب ۽ سنڌو درياه کي
سمجهيو وڃي ٿو. هنگڻ، مُٽڻ،ڪپڙا ڌوئڻ کان وٺي
منجهن گهوڙا، گڏهه وهنجاريا وڃن ٿا، مُئل ڪتا، ٻلا
اڇلايا وڃن ٿا ۽ ڪارخانن، فئڪٽرين مان نڪتل
زهريلو گند ۽ تيزابيت سان ڀريل مادا هنن درياهن
منجهه وهايا وڃن ٿا. ساڳيو حال بنگلاديش، برما ۽
انڊيا جي سرما، ڪرنا ڦلي، برهمپترا، گنگا جمنا ۽
اروادي ندين جو آهي. جيڪي ڪِن سن آيو، درياهه
منجهه اڇل. (نه ته جهوني جڳ ۾ فقط نيڪيءَ کي
درياهه ۾ اڇلايو ويندو هو.) اهڙيءَ طرح جهازن وارا
مڻين بلڪ ٽڻين ڪچرو، گندو تيل يا بنا ڪنهن جي جهل
پل جي سمنڊ ۾ اڇلائيندا رهيا ٿي.
درياهه ته وري به ڪنهن ڪنهن ملڪ جي ملڪيت سمجهيا وڃن ٿا پر سمنڊ
جو ڪو ڌڻي سائين نه سمجهيو ويو ٿي. هر هڪ ان کي
بيدرديءَ سان استعمال ڪيو ٿي. انجڻين وارن جهازن
جي شروعات ۾، ٿورو گهڻو ڪچرو يا ڪنو تيل اڇليو
ويندو هو، جنهن کي اٿاهه سمنڊ پنهنجي پيٽ ۾ جذب
ڪري ڇڏيندو هو. ڪو خاص اثر نٿي ٿيو، پر سئيز ڪئنال
بند ٿيڻ کان پوءِ جڏهن تيل کڻڻ جا جهاز ويهه ٽيهه
ٽنن مان ڦري لک ٻن ٽنن جون آفتون ٿي پيون ته پوءِ
”جيڏو اٺ تيڏا لوڏا“ وانگر انهن مان ڪچرو به ان
حساب سان اڇلائڻ لڳو ۽ پوءِ اماڪو ڪئڊيز ۽ ايڪسان
والديز جهڙا ٽئنڪر ڀڄي پيا ته سڄي دنيا ۾ واويلا
مچي وئي. عوام ۽ حڪومتن جون اکيون کلي ويون.
هزارين ٽن ڪچرو ڏامر جهڙي تيل فرانس ۽ الاسڪا جي
ڪنارن کي ڪارو ڪري ڇڏيو. ان جي اردگرد سوين ميلن
تائين رهندڙ مڇيون، گانگٽ ۽ سامونڊي پکي مري ويا
يا زهريلا ٿي پيا. جهاز هڪڙن جا، تيل وڪڻڻ وارا
ٻيا ۽ خريد ڪرڻ وارا ٽيان ۽ نقصان وري وچئين چوٿين
ملڪ کي رسي.
سمنڊ جهڙي وچ جي شيءِ لاءِ ڪو ته پوليس وارو هجي، جيڪو جهازن جي
مالڪن تي، جهازن ٺاهيندڙن ۽ هلائيندڙ تي نظر رکي
ته بابا دنيا جا سمنڊ خراب نه ڪريو. جهاز مضبوط
ٺاهيو، انهن کي هوشيار ماڻهن کان خيال سان هلرايو.
جهازن جون لوهي چادرون ۽ گارڊر بيم مضبوط لوهه مان
ٺهرايو. ڪلڪتي ڪراچي ڪولمبو جهڙن ڳتيل بندرگاهن ۾
ڪاڪوس اڇلي ڪالرا، ٽائيفائيڊ جهڙيون بيماريون پيدا
ڪرڻ بدران پنهنجي جهاز تي
Sewage Plant هڻي ڪاڪوس ڪچري کي اتي ئي ساڙي ٻاري ڇڏيو. جهازن جون تيل
هاڻيون ناديون ڌوئي ڪن ڪچرو وچ سمنڊ ۾ اڇلڻ بدران
ڪنهن هڪ ٽانڪيءَ ۾ گڏ ڪري پوءِ بندرگاهه ۾ ٽرڪن
ذريعي ان تيل کي سمنڊ کان پري موڪلي ڇڏيو جتي ان
کي صاف ڪري ڪم جي لائق بڻايو وڃي. يا اهڙي هنڌ تي
اڇلايو وڃي جو انسان ذات توڙي هن ڌرتيءَ تي رهندڙ
جانور، پکي پکڻ لاءِ نقصانڪار ثابت نه ٿئي.
اهڙي طرح جهاز هلائيندڙ انجنيئرن ۽ نيويگينٽن جو امتحان اڃا به
سخت کان سخت ڪيو وڃي ۽ ملڪ جا اهي نوجوان چونڊيا
وڃن جن جي جسماني توڙي ذهني قوت، گهڻي کان گهڻي
هجي، جيئن طوفان ۾ ڏينهن جا ڏينهن جاڳڻ ۽ ٿڌ توڙي
سخت گرميءَ ۾ ڊيوٽي ڪندي هنن جو هوش سالم رهي ۽
اهڙي ڪا غلطي ڪري نه سگهن جيڪا ٻين جون زندگيون
تباهه ڪري.
مٿين ڳالهين کي ڌيان ۾ رکي دنيا جي ملڪن گڏجي انٽرنيشنل
مئريٽائيم آرگنائيزيشن ٺاهڻ جو ارادو ڪيو. 1958ع
۾ پهريون دفعو 23 ملڪن جي حڪومت ان کي لکت ۾ قبول
ڪيو. اڄ
IMO
جا 136 ملڪ ميمبر آهن. سندن هيڊ ڪوارٽر لنڊن ۾ آهي
جتي سمنڊ، جهازن ۽ جهاز هلائيندڙ جي انيڪ مسئلن تي
نه فقط سوچيو وڃي ٿو پر انهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي وڃي ٿي. مثال طور هن کان اڳ هر جهاز لاءِ ٻٽو
ترو
Double Bottom
ضروري هو، جيئن هيٺان ڪا وڏي شيءِ جهاز کي لڳي ته
ٻڏڻ کان بچي وڃي ۽ فقط هيٺيون ترو ناس ٿئي. پر هاڻ
ڪيترا حادثا ٿيا آهن جن ۾ تيل کڻندڙ جهاز (ٽئنڪر
۽سپر ٽئنڪر) هيٺان ڀڄڻ بدران پاسن کان چيراٽجي پيا
آهن. تيل وهڻ ڪري سوين ميل سمنڊ ۽ ڪنارو خراب ٿي
ويو آهي. اهڙن حادثن جي بچاءَ لاءِ اهو فيصلو ٿي
رهيو آهي ته هاڻ هن سال کان جيڪي به تيل جا جهاز
لهندا انهن جو نه فقط ٻٽو ترو هوندو پر پاسا پڻ ٻه
هوندا. جيئن هڪ جهاز ٻئي جهاز سان، جيٽيءَ يا برف
جي ڇپ (Ice Berg)
سان ٽڪرجڻ ڪري نقصان نه ٿئي ۽ جهاز جو جسم چيرجڻ
تي به تيل محفوظ رهي.
دراصل IMO
جو ڪم نج پوليس واري جو نه آهي. آءِ ايم او مختلف
مسئلن تي ماهرن ذريعي معلومات وٺي ميمبر ملڪن جي
حڪومتن کي فقط آگاهه ڪري ٿو ته انسان، جهاز، سمنڊ
۽ اوس پاس جي ماحول (Environment)
جي حفاظت لاءِ ڇا هئڻ کپي. پوءِ هر ملڪ جي حڪومت
پنهنجي ملڪ جي جهازن جي مالڪن تي زور بار آڻي اهي
قاعدا قانون مڃرائي ٿي. مثال طور هر جهاز لاءِ اهو
ضروري آهي ته ان ۾ جيترا ماڻهو سفر ڪن، اوتريون
لائيف جئڪيٽون هجن. يعني هرماڻهوءَ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ
هڪ لائيف جئڪيٽ هجڻ ضروري آهي. جيئن جهاز جي ٻڏڻ
وقت اڻ تارو به بچي سگهي. پوءِ جهازن جي مالڪن تي
ٻڌل آهي ته جي هو چاهين ته هڪ کان وڌيڪ به رکي
سگهن ٿا پر حڪومت طرفان هن لاءِ ضروري آهي ته گهٽ
۾ گهٽ هڪ ماڻهوءَ لاءِ هڪ ضرور رکي. ان جي پورائي
بنا هو جهاز هلائي نٿو سگهي.
ڪن ڪن ملڪن جي جهازن جا مالڪ قانون تي پورو نٿا هلن ۽ پنهنجي
ملڪ جي واسطيدار عملدارن کي رشوت ڏيو هنن کي ماٺ
ڪرايو ڇڏين. پوءِ اهڙا بي قاعدگين وارا جهاز جڏهن
ٻئي ملڪ ۾ پهچن ٿا ته جهلجيو پون. هيلسنڪي، هئمبرگ
جهڙن ڪيترن يورپي ۽ آمريڪي بندرگاهن ۾ آفريڪا ۽
ايشيا ملڪن جي حڪومت جا جهاز سزا طور ٻڌل نظر
ايندا، جنهن مان توهان انهن ملڪن جي حڪومتن ۽
مالڪن جي رشوتخورين جو اندازو لڳائي سگهو ٿا. جهاز
هلائيندڙن لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه تڏهن آهي جڏهن
سندن ملڪ جي حڪومت ۽ ڌارئين ملڪ جي حڪومت سندن اڻ
_ صحيح جهاز کي جهلي سگهي ۽ مالڪ کي نه فقط جهاز
حفاظت وارو بنائڻو پوي پر ڳرو ڏنڊ پڻ ڏيڻو پوي.
جهاز هلائيندڙ ان ۾ ئي يقين رکن ٿا ته جيترو قاعدو
اوترو فائدو.
ٻار پالجي يا ڪتو
هڪ سئيڊش عورت کي ڪڇ ۾ ڪتي کي کڻي رستو ٽپندو ڏسي راحت چيو:
”هتي جون عورتون ڪتا پالين ٿيون باقي ٻارن کان ڀڄن ٿيون.“
”ڇو ڀلا؟“ مون پڇيومانس.
”ظاهر آهي ته ڪتي پالڻ ۾ اها تڪليف ناهي جيڪا ٻار ڄڻڻ ۽ نپائڻ ۾
آهي. ڪتو ته مارڪيٽ مان ان ئي وقت پئسا ڏئي وٺي
سگهجي ٿو. ٻار کي ته نوَ مهينا پيٽ ۾ سانڍڻو پوي
ٿو. ان بعد ويم جا سور ۽ پوءِ نيپاج پٺيان اوجاڳا
۽ خواري. ظاهري توڙي اندروني طرح عورت جي سونهن ئي
ختم ٿيو وڃي. هتي جون عورتون ڪڏهن به نٿيون چاهين
ته هنن جي سماجي زندگي اثر انداز ٿئي ۽ ٻار خاطر
گهڻو وقت گهر ۾ گذارڻو پوي. هتي جون عورتون هالي
ووڊ جي هيروئنن وانگر سنهيون، سهڻيون ۽ آزاد ٿي
هلڻ چاهين ٿيون. هو هر گز نٿيون چاهين ته نوَ
مهينا ڍُڍُري ڪڍي هلن ۽ ٻار ڄمڻ بعد ان کي ٿڃ ڏين
۽ هنگائڻ مٽائڻ پٺيان جهد پٽين. |