سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا

الطاف شيخ

صفحو :2

  

ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن تائين

جتي ٻارهن ڪلاڪن جو سفر اتي ڪلاڪ اڌ دير سان نڪرڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي. PIA جي هن هوائي جهاز نائين بدران ساڍي نائين ڪراچيءَ جو هوائي اڏو ڇڏيو. ان جهاز جي پائليٽ يا هوائي ڪمپنيءَ جو پڪ ڪو ڏوهه نه هوندو. اڄڪلهه مسافرن ۽ جهاز جي حفاظت خاطر ڪيترائي سخت اُپاءَ ورتا وڃن ٿا جن ۾ دير ٿيو وڃي. نه ته هاءِ  جئڪنگ جي فئشن کان اڳ هوائي اڏي تي مسافر اڌ ڪلاڪ کن مس پهرين پهچندا هئا. فقط سامان تورائي اچي جهاز ۾ ويهندا هئا. تڏهن هوائي جهاز جو مسافر عزت لائق سمجهيو ويندو هو. پر هاڻ خبرئي نٿي پوي ته ڪهڙي معصوم منهن واري مسافر جي ميڄالي ۾ جهاز اغوا ڪرڻ جي ماليخوليا هجي. ان ڪري هر مسافر کي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، ته ڪٿي هو جهاز ۾ چڙهيل باقي مسافرن ۽ جهاز لاءِ مٿي جو سور ته نه بنيو. ۽ پوءِ نه فقط مسافر ۽ جهاز جي ڪمپني پر اهو ملڪ پڻ مونجهاري ۾ اچيو وڃي جتي ان اغواڪيل جهاز کي لاٿو وڃي ٿو.

انهن مڙني پريشانين کان بچڻ لاءِ بهتر آهي ته اڏام کان اڳ هر هڪ مسافر جي چڱيءَ طرح چڪاس ورتي وڃي.اليڪٽرانڪ ۽ ايڪسري ذريعي سامان ۽ مسافرن جي چيڪنگ، پاسپورٽ ويزا جي جانچ جونچ ۽ ماهر نفسيات ذريعي هر مسافر جي منهن جي پني جي تپاس، ته خوف، اميد، خوشي، بيخيالي ۽ سوچ جا جذبا ڪنهن ڳجهي راز ڏي ته اشارو نٿاڪن. هونءَ ته رڳو اليڪٽرانڪ Scanner (جانچ واري در مان لنگهڻ) ئي ڪافي سمجهيو ويو ٿي. جو ان مان پستول، خنجريا ڪالوهه واري شيءَ جي موجودگيءَ جي خبر پيئي ٿي. پر اغوا جا ڪيترائي اهڙا ڪيس ٿيا آهن جن ۾ دهشت پکيڙيندڙن ڪاٺ جا ڪاري رنگ جا پستول ۽ بم ڏيکاري جهاز کي اغوا ڪيو آهي. ان ڪري هاڻ مسافرن جي جسم کي هٿن سان پڻ چڱيءَ طرح ڦولهيو وڃي ٿو. مردن جي مرد چڪاس ڪن ٿا ۽ بند ڪمري يا تنبو نما ڪوٺيءَ ۾ ”پوليس عورتون“ مسافر عورتن جي چڪاس ڪن ٿيون.

۽ اها چڪاس فقط اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ نه آهي. جتي ڪٿي آهي.ڪوپن هيگن ايئرپورٽ تي لهڻ وقت به سڀني مسافرن جي ڪلاڪ کن هٿن سان چيڪنگ هلندي رهي. مون سمجهيو ته شايد اسان پاڪستاني، بنگلاديشي، انڊين ۽ غريب ايشيائي آفريڪي ملڪن جي مسافرن جي چيڪنگ هلي رهي آهي جيڪي هر وقت اهڙي مصيبت جو نشانو هوندا آهن پر يورپين جي به ايتري ئي سختيءَ سان چڪاس هلي رهي هئي. ٿلهي ڪپڙي جا ٽي چار پارٽيشن ٺهيل هئا جن ۾ بيٺل پوليس جي عملي هڪ هڪ مرد توڙي عورت کي اندر سڏي مٿي کان وٺي پيرن تائين هٿ گهمائي ڏٺو ٿي ته ڪو هٿيار يا اوزار لڪل ته نه آهي. چرس يا گانجي جي ڪا پڙي ڪٿي لڪل ته نه آهي. تيسين ٻيا ٻاهر قطار ۾ بيٺا رهيا. پارٽيشن وارو ڪپڙو زمين کان ڏيڍ فوٽ مٿي هو. ان ڪري اندر بيٺل مسافرن جون مرين تائين ٽنگون نظر اچي رهيون هيون. ڪيترن  مردن توڙي عورتن جا ڪپڙا پڻ لهرايائون ٿي. منهنجي به اڳيان پويان، ڪڇن هيٺان، ٽنگن جي وچ ۾ ٽنگن جي چوڌاري هٿ گهمائي چڪاس وٺي اوڪي ( O.K) چوڻ بدران ڊئنمارڪ جي ڊئنش پوليس واري پتلون لاهڻ لاءِ چيو. بيلٽ کولي پتلون لاهڻ وقت سوچڻ لڳس ته هن کي خبر ناهي ڪهڙي ڳالهه شڪ ۾ وڌو آهي. ظاهر ته هن سان منهنجي نه ته ڪا پراڻي دشمني آهي ۽ نه وري ڪنهن پاڙي جي ڏاڍي مڙس بدلو وٺڻ لاءِ هن پوليس واري کي رشوت ڏئي مونکي ذليل ڪرائڻ جو پروگرام رٿيو آهي. پر پوءِ پتلون لاهڻ تي چيلهه جي چوڌاري ٻڌل ويڪري پٽي تي نظر پئي جيڪو پٺيءَ جي ڪنڊي ۾ ڌڪ لڳڻ ڪري سرجن علي محمد انصاريءَ ڪجهه ڏينهن اڳ ٻڌڻ لاءِ ڏنو هو _ جيئن اهو ويڪرو پٽو پٺيءَ جي ڪنڊي جي هڏين ((Vertebrate کي مهيني کن لاءِ گهڻي چرپر کان بچائي. ان رٻڙ جي ڇهه انچ کن ويڪري پٽي جي وچ واري حصي تي ڪنهن ڌاتوءَ جون چار کن ڊگهيون پٽيون پڻ لڳل هيون. منهنجي چڪاس ڪندي انهن لوهي پٽين تي هٿ لڳڻ سان هي پوليس وارو همراهه شڪيو هو.

”بيلٽ آهي“ مون پتلون لاهي، ان پٽي ڏي اشارو ڪري پوليس واري کي ٻڌايو. ڊئنش پوليس واري ساعت کن لاءِ مون کي غور سان ڏسي شايد منهنجي شڪل پڙهي اندازو لڳائڻ چاهيو ٿي ته شريف ماڻهو آهيان يا ڦڏي باز. پرلڳو ته هو ڪا راءِ قائم ڪري نه سگهيو ۽ مونکي ان پٽي لاهڻ لاءِ چيو.

”آئون ڏسڻ ٿو چاهيان“ _ پوليس واري چيو.

اوڪي ڀلي.“ هائوڪار سان گڏ بيلٽ لاهي سندس حوالي ڪيم.

هن ان قسم جا ڪيترائي بيلٽ ڏٺا هوندا. يورپ ۾ ته اها هڪ عام ڳالهه آهي. مون پنهنجن ڪيترن ئي جهازي ساٿين کي ڏٺا آهن جيڪي جهاز جي انجڻ روم ۾ يا لوهي ڊيڪ تي هاريل تيل مٿان يا وري سرد ملڪن ۾ رستي تي ڄميل برف مٿان ترڪي پيا هوندا ۽ ڪرنگهي ۾ ڌڪ لڳڻ ڪري ڊاڪٽرن کين اهڙو ويڪرو پٽو ڪجهه عرصي لاءِ ٻڌڻ جي صلاح ڏني هوندي. پر اهي سڀ پٽا ٿلهي بافتي جهڙي ٽاٽ جي ڪپڙي جا هوندا آهن. جن جي چوڌاري ڪنڊا (Hooks) هوندا آهن جن کي ٻڌڻ، کولڻ يا ماني کائڻ وقت ڍرو ڪرڻ وڏي گهل جو ڪم هوندو آهي. پر مونکي ٻڌل هي بيلٽ انهن مڙني يورپين، برٽش، آمريڪن ۽ جپاني ميڊ پٽن کان نرالو هو، ان ڪري هي پوليس وارو ان کي غور سان ڏسڻ لڳو.

اسان واري آرٿروپيڊڪ سرجن علي محمد انصاريءَ جي هيءَ پنهنجي ايجاد ۽ هوم ميڊ شيءِ آهي جنهن ۾ هن ڪڙن ڪنڍن بدران پلاسٽڪ جي Stickers جو استعال ڪيو آهي. جيڪي رٻڙ جي بوٽن تي ڪهين بدران پڻ لڳل هوندا آهن ۽ ورائڻ سان ٻئي پاسي چهٽي وينداآهن. ڊئنمارڪ جو هي پوليس وارو ڪجهه دير پٽي جي وچ ۾ لڳل ڪپ جهڙين سخت سنهين  لوهي پٽين کي هٿ سان ڇهي ڏسندو رهيو. پر پوءِ جڏهن پڪ ٿيس ته اهي بي خطر آهن ته مونکي روانو ٿيڻ لاءِ اوڪي چيو.

جهازن جو مالڪ ڪنڊ وٺي روئي

پي آءِ اي جو هي هوائي جهاز ڪراچيءَ مان صبح جو نائين بدران ساڍي نائين بجي Take Off ضرور ڪئي پر پائليٽ اها اڌ ڪلاڪ جي ليٽ رستي تي ڪڍي ورتي ۽ ڊئنمارڪ جي هوائي اڏي (ڪوپن هيگن) تي مقرر وقت موجب ڏيڍ بجي اچي لاٿو. ڪوپن هيگن ۽ ڪراچيءَ جي وقت ۾ چئن ڪلاڪن جو فرق آهي. يعني ان وقت ڪراچيءَ ۾ شام جا ساڍا پنج ٿيا هوندا. مونکي ۽ مون سان گڏ ويٺل ڪئپٽن سليم قاسم کي ڊئنمارڪ جي ڀر واري ملڪ سئيڊن وڃڻو هو. سئيڊن جو شهر مالمو دنيا ۾ جهازي سامونڊي دنيا کان مشهور آهي. دنيا ۾ پنهنجي نوعيت جي اڪيلي يونيورسٽي _ ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي مالمو ۾ ئي آهي. مالمو جي هن يونيورسٽيءَ ۾ دنيا جي مختلف ملڪن ۽ ٻيٽن کان جهازن، بندرگاهن، شپنگ ڪمپنين ۽ انهن سان واسطيدار وزارتن ۾ڪم ڪندڙ آفيسر M.Sc: ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ اچن ٿا. پڙهائي مارچ کان شروع ٿئي ۽ ٻه سال هلي، سيمسٽر سسٽم آهي ۽ چار سيمسٽر پوراڪرڻ تي ڊگري ملي ٿي.

هر اهو ملڪ / ٻيٽ جيڪو يو اين او جو ميمبر آهي، هر سال هڪ کان چار ڄڻا هن يونيورسٽيءَ لاءِ موڪلي ٿو. بنگلاديش برما کان مصر ملائيشيا تائين. مالٽا ۽ مارشل ٻيٽ کان گئمبيا گهانا تائين. سريلنڪا ۽ سيراليون کان سعودي عرب ۽ سينٽ و نيسنٽ ٻيٽ تائين جا جهازن سان تعلق رکندڙ ڄاڻو هن يونيورسٽيءَ ۾ شاگرد جي حيثيت ۾ اچن ٿا. دنيا جو شايد ئي ڪو اهڙو ڪاليج يونيورسٽي هجي جنهن ۾ انهن قسمن جي رنگن، ويس وڳن، قدبتن ۽ زبانن جا هڪ ئي وقت ماڻهو هجن. جئميڪا ۽ ٽرينڊاڊ جي چاڪليٽي رنگ ۽ منجهيل کوندن جهڙن وارن وارن مٿن کان ملاوي ۽ تنزانيا جا ڪارا ڪنٺ ۽ ماڪوڙن جي ٽنگن جهڙن وارن وارا شيدي ۽ شيدياڻيون نظر اينديون. روس (ازبڪستان ۽ آرمينا) ۽ رومانيا جي سنگتڙن ۽ کور ي ۾ پڪل سرن جهڙي ڳاڙهي رنگ جي شاگردن کان وٺي چلي ۽ وينزوئلا جا ”کير ۾ ڪريل هيڊ“ جهڙا ۽ برازيل ۽ اڪيڊار جا ڦلهير ۽ اٽي جي رنگ جهڙا شاگرد ۽ شاگردياڻيون ملنديون. سعوري عرب، اردن، مصر ۽ موراڪو جهڙن عرب ملڪن جا اڇي رنگ جا به آهن ته گهنڊي وارن وارا ڪارسرا پڻ. وچ وچ ۾ اسان جهڙا ڪڻڪ رنگا ۽ مشڪي پاڪستاني، بنگلاديشي، هندستاني، ۽ پيلا ڦڪا چيريل ڪاٺ جي رنگ جهڙا چيني، برمي، ٿائي ۽ انڊونيشي پڻ آهن.

جهاز ي دنيا ۾ رڳو مرد ماڻهو نه آهن. ڪيترن ملڪن جي بندرگاهن يا وزارتن ۾ عورتون پڻ وڏن وڏن عهدن تي آهن. هڪ آمريڪا جي ۽ هڪ گهانا (آفريڪا) جي عورت _ شاگردياڻي جهازن جون ڪئپٽن آهن. تعجب جي ڳالهه اها آهي ته ايشيا جي ملڪن ۾ سامونڊي دنيا سان واسطو رکندڙ ايتريون عورتون نه آهن جيترو آفريڪا ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ملڪن ۾ آهن. آفريڪا جا شيدي جن لاءِ ڪنهن زماني تائين دنيا کي اهوئي وهم هو ته هو جاهل ۽ گهٽ ڄاڻو آهن اهو خيال هتي رهي غلط ثابت ٿئي ٿو.

ڪراچيءَ ۾ موڪلائڻ وقت ڪئپٽن بشيروسطڙي (جيڪو هن يونيورسٽيءَ جو پهريون پاڪستاني گريجوئيٽ آهي) ان طرف ڌيان ڇڪائيندي ٻڌايو هو:

”شيدي عورتون توڙي مرد بيحد محنتي، سلجهيل ۽ هوشيار آهن. سڀ کان وڏي ڳالهه اسان وانگر چمچاگيري، رک رکاءُ ۽ جي حضوري نٿا ڪن. هو سنئين سڌي ڳالهه ڪن ٿا ۽ بي ڊپا آهن.“

۽ هاڻ هتي يونيورسٽيءَ ۾ آفريڪا جي انيڪ ملڪن ۾ اوسي پاسي جي ٻيٽن کان آيل شيدي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ميس ۾، هاسٽل ۾، ليڪچر هال ۾ ڏسي، بشير جي ڳالهه جو اعتراف ڪرڻو پوي ٿو.

 جنهن نموني سان اسان جا هي ڪلاس ميٽ شيدي پروفيسرن کان عقل وارا ۽ ذهين سوال ڪن ٿا يا پاڻ ۾ بحث مباحثو ڪن ٿا اهو ڏسي اسان جون اکيون پٽجن ٿيون ته ويندي آفريڪاجهڙن ملڪن ۾ تعليم جو معيار ڪيڏو مٿانهون آهي، جيڪو اسان وٽ هوندي سوندي به تباهه ٿي ويو آهي.اهوئي حال اخلاق جو آهي. ڪلاس روم ۾ توڙي ڪلاس کان ٻاهر، بس ۾، ميس ۾، ٽي وي روم ۾ مختلف ملڪن جا شيدي مرد ۽ عورتون پنهنجو پاڻ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهيون ٻولهيون چرچا گهٻا ڪندا پر مجال آهي جو ڪو گفتو اخلاق کان ڪريل ڳالهائين. ان معاملي ۾ اسان پاڪستاني هندستاني يا بنگلاديشي ڪمزور ثابت ٿيا آهيون. اسان جي ملڪ مان اڃا ڪابه ليڊي آفيسر هتي شاگردياڻي ٿي نه آئي آهي ۽ چڱو جو نه آئي آهي نه ته اسان جهازي ته ڇا اسان جي جاءِ تي عام شهري هجن ها _ ڀلي ملان مولوي ته به انهن شاگردياڻين تي اهي اهي الزام ۽ عشق جا افسانا ٺاهين ها جو هو پاڻ نه ته سندن مڙس کين واپس گهرائين ها. اسين پنجابي فلمن وارا هيرو ٿي هنن جي حفاظت جو هرو ڀرو ٺيڪو کڻي ٻين جا مٿا ڦاڙيون ها. پر هي آفريڪن ظاهري ظهور کڻي ڇا به سڏجن پر ائين نٿو چئي سگهجي ته هو اخلاق ۾ ڪريل آهن. آئون ته ڪوشش ڪري هر وقت آفريڪي دنيا جي هنن شاگردن جي ويجهو ويهي سندن وارن جا اسٽائيل، ڪپڙن جا تکارنگ ۽ ڳالهيون نوٽ ڪندو آهيان. ڳوٺ ۾، ڪنهن زماني ۾، ماسي ملوڪان نالي هڪ شيدياڻي اسان جي گهرجي ماني پچائيندي هئي. اسان جي ڪلاس ۾ ڪيترن آفريڪن شيدياڻين جي شڪل ان سان ملي ٿي. آئون انهن کي غور سان ڏسي ماسي ملوڪان کي ياد ڪندو آهيان ته هوءَ جيڪڏهن پڙهي ها ته هن ۾ ۽ هنن ۾ ڪو فرق نه هجي ها. پر هاڻ هنن مان ڪي بندرگاهن جون ڊائريڪٽرياڻيون آهن ته ڪي شپ مئنيجمينٽ ۾ آفيسر. ۽ هتان ڊگري حاصل ڪرڻ بعد اڃا به وڏيون آفيسرياڻيون ٿينديون. هنن شيدياڻين جون پنهنجي پنهنجي فيلڊ ۽ ڊپارٽمينٽ جي ترقيءَ جون ڳالهيون ٻڌي تعجب لڳي ٿو ته هو ڪيڏيون هوشيار ۽ ايماندار پورهيت آهن. سندن ملڪن کي آزادي ڏيڻ وقت انگريزن يا پورچو گالين ۽ فرينچن اهوئي سوچيو هوندوته گورن (يورپين) جي وڃڻ بعد آفريڪا وڌيڪ اونداهو کنڊ ٿي پوندو. پر ائين نه ٿيو.اڄ آفريڪا جي بندرگاهن ۾ جديد ٽيڪنالاجي، وقت جي پابندي، ڪم جو اڇت اڪلاءُ ڏسي سڀني کي حيرت لڳي ٿي ته ڏات ذات تي نه آهي. شيدين ۾ قومي جذبو آهي. هنن ۾ جيئڻ ۽ جياپي جو اتساهه آهي. هو محدود وسيلن هوندي به پنهنجي ملڪ کي مٿاهين کان مٿانهون ڏسڻ چاهين ٿا. تڏهن ته ڊڪار، مپوتو، لئانڊا، ممباسا جهڙا بندرگاهه ڏينهون ڏينهن وڃن ترقي ڪندا. ان جي ڀيٽ ۾ اسان ڪٿي آهيون. ان جو ڇا تجزيو ڪجي. هٿ ڪنگڻ کي آرسيءَ جي ڪهڙي ضرورت. ڪراچيءَ جو بندرگاهه جيڪو دنيا جي سهڻن ۽ صاف سٿرن بندرگاهن مان هڪ هو اڄ ان جي سونهن ۽ ڪارڪردگي ڪٿي وڃي پهتي آهي _ جهازن جا مالڪ جن جا جهاز سامان کڻڻ  يا لاهڻ لاءِ ڪراچيءَ بندرگاهه اچن ٿا، ضرور ڪنڊ وٺي روئندا هوندا. ان کان وڌيڪ سامان گهرائڻ يا موڪلڻ وارا واپاري پنهنجو منهن مٿو پٽيندا هوندا جن کي سامان جي لهڻ چڙهڻ جي ڍرائيءَ ڪري وڌيڪ پئسو ڀرڻو پوي ٿو. پر واپاري ڪڏهن به نقصان پاڻ تي نه کڻندو آهي. هو هميشه جهاز جي Delay ۽ بندرگاهه ۾ سامان لهڻ چڙهڻ جي اينگهه ۽ چور ي چڪاريءَ جو نقصان، شين جي قيمت وڌائي غريب عوام مان پورائو ڪندو آهي. اسان جي ملڪ ۾ جي ترقي ٿي رهي آهي ته فقط نعرن ۽ سلوگن جي. سياسي ۽ سماجي تحريڪن ۾ ته نعرا عام جام آهن پر اسان جي جهازراني ڪمپنين ۽ بندرگاهن ۾ به کوکلي نعري بازي ڪاهي پئي آهي. پورٽ قاسم لاءِ چيو وڃي ٿو:

   Sails into the 21st Century.

ته وري ڪراچي پورٽ ٽورسٽ لاءِ:

    Shaping for the 21st Century.

بندرگاهن سان واسطو رکندڙ مقامي توڙي غير ملڪي KPT ۽ پورٽ قاسم جا حال ڏسي پوءِ مٿيان نعرا پڙهي ٽهڪ ڏيندا هوندا.

هُوور ڪرافٽ خچر وانگر وچ جي شيءِ آهي

”ڪيترا ملڪ IMOين الاقوامي مئريٽائيم آرگنائيزيشن) جا ميمبر آهن؟“ يونيورسٽي جي ليڪچر هال ۾ منهنجي اڳيان ويٺل  هڪ حبشي شاگرد عورت، انگلينڊ کان آيل پروفيسر موريسن کان سوال ڪيو جيڪو IMO جو ڊائريڪٽر آهي ۽ حبشي عورت گهانا جي هڪ پورٽ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر آهي.

اٽڪل 136.“ پروفيسر جواب ڏنو.

انهن جو Under Developedرقي پذير) ڪيترا ملڪ آهن؟“ هن وري ٻيو سوال ڪيو ۽ اسان سوچڻ لڳا سين ته هوءَ ڇا ٿي معلوم ڪرڻ چاهي.

اٽڪل ٻه ڀاڱي ٽيو حصو _ يعني اسي کن ملڪ ترقي پذير آهن.“ پروفيسر وراڻيو.

”ته پوءِ ڀلا ائين ڇو آهي ته IMO جي لنڊن واري آفيس ۾ نوي سيڪڙو ڪم ڪندڙ ترقي يافته ملڪن جا آهن ۽ اسان جهڙن ترقي پذير ملڪن کي اهڙن هنڌن تي به رکيو ويو آهي. جيتوڻيڪ خرچ جي ڦوڙي ته اسان کان به ورتي وڃي ٿي.“ هن وار ڪيو.

پروفيسر ان وقت مڙيئي لولو لنگڙو جواب ڏيئي پنهنجي جان ڇڏائي پر پوءِ هڪ نجي محفل ۾ ان واقعي ڏي اشارو ڪندي چيو: ”آفريڪن کي ڏاڍو قومي جذبو آهي. هو پنهنجي ملڪ ۽ قوم سان بيحد ايماندار نظر اچن ٿا.“

آئون پڻ پروفيسر جي ان جملي سان سهمت آهيان. شيدن کي سندن ڪاري رنگ ۽ ماضيءَ جي غلاميءَ ڪري گهٽ نه سمجهڻ کپي. ”محنت“ ۽ ”ايمانداريءَ سان پورهيو ڪرڻ“ جيڪڏهن ڪا حيثيت رکي ٿو ته هي سڀ شيدي سڀ ۾ اُتم آهن پوءِ چاهي گهانا جي بندرگاهه جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ائلس هجي يا اسان جي گهر جي ماني پڇائڻ واري ماسي ملوڪان.

ڊئنمارڪ جو هوائي اڏو ڪوپن هيگن نه فقط يورپ جو مشهور ۽ مشغول هوائي اڏو ۽ سامونڊي بندرگاهه آهي پر ان کي سڄي دنيا ۾ اهم بنائڻ لاءِ هن ملڪ جي حڪومت جاکوڙ ڪري رهي آهي. جيئن دنيا جي مسافر جهازن ۽ ڪارگو (مال برادر) جهازن لاءِ ڪوپن هيگن جو بندرگاهه ائين هجي جيئن ريل گاڏين لاءِ ڪوٽڙي، روهڙي يا ڪا ٻي جنڪشن اسٽيشن. جتان پوءِ مال توڙي ماڻهو ويجهڙائي وارن ملڪن ڏي ٻين ننڍن جهازن يا ريل بس ذريعي وڃي سگهن. اها ساڳي حيثيت حاصل ڪرڻ لاءِ ايشيا جو سنگاپور جاکوڙ ڪري رهيو آهي. ان جدوجهد ۾ ٻئي: ڪوپن هيگن ۽ سنگاپور گهڻي حد تائين اڳيان نڪرندا وڃن. ايتريقدر جو هيڏانهن ڊئنمارڪ جا ٻيا ڀائر يا ڀينر ملڪ: سئيڊن، ناروي، فنلئنڊ وغيره ڊئنمارڪ کي چالاڪ سڏين ٿا ۽ هوڏانهن سنگاپور جا سؤٽ ماسات ملڪ : انڊونيشيا، ملائيشيا، ٿائليند ۽ فلپين وغيره سنگاپور کي تيز ۽ واپاري نوعيت جو سڏين ٿا جو هو مستقبل جو اڳواٽ سوچيو ٻين کان گوءِ کڻيو وڃي ٻئي ملڪ: سنگاپور ۽ ڊئنمارڪ جيتوڻيڪ سائيز ۾ ننڍا آهن، معدني ملڪيت ۾ غريب آهن پر عقل ۾ اڳڀرا هجڻ ڪري دنيا جي واپار تي قبضو ڪندا وڃن.

ايندڙ وقت مطابق جيڪي آفت جيڏا پاڻيءَ جا جهاز Mega Super Ships ٺهڻ جو پروگرام آهي اهي هر بندرگاهه ۾ اچي نه سگهندا. ان لاءِ بندرگاهه به ان حساب جا کپن ۽ موجوده حالت مطابق اهي آمريڪا کان ڪوپن هيگن ۽ سنگاپور هلندا. جتان پوءِ ننڍا جهاز ٽپالين وانگر يورپ ۽ ايشيا جي ننڍن بندرگاهن ۾ سامان ورهائيندا.

اهوئي حال هوائي جهازن جو ٿيندو وڃي.يورپ جي ڪيترن اوسي پاسي وارن ملڪن ۾ وڃڻ لاءِ هوائي جهاز پهرين ڪوپن هيگن اچن ٿا. PIA جي به هر هفتي هڪ اڏام سڌي ڪوپن هيگن اچي ٿي. پوءِ چاهي ان ۾ ڪوپن هيگن جو ڪو رهاڪو هجي يا نه پر جهاز اوسي پاسي جي مسافرن سان ڀريل رهي ٿو. ڇو جو انهن کي خبرآهي ته ڪوپن هيگن ۾ اهڙو بندوبست ٿيل آهي جو کين ان ئي وقت سئيڊن، جرمني، پولينڊ ويندي بيلجم فرانس تائين Connecting Flights ملي وينديون. ان کان علاوه ائيرپورٽ وٽان ئي بس، ٽرين ۽ پاڻيءَ جي جهازن جو بندوبست آهي. اهوئي سبب آهي جو اسان به ڪا ٻي واٽ وٺڻ بدران هي رُخ اختيار ڪيواٿئون. ان ۾ اسان جو سفر به ننڍو ٿي پيو. ڪئپٽن سليم قاسم لاءِ به اها بهترين اڏام هئي جو فقط مهينو ڏيڍ اڳ سندس دل جي وڏي آپريشن ٿي هئي ۽ ڊاڪٽر اڃا هاڻ کيس هلڻ چلڻ جي موڪل ڏني هئي. ڪئپٽن سليم ڪيترائي سال پاڪستان ۽ يونان جا جهاز هلائڻ بعد هاڻ ڪراچيءَ ۾ پاڪستان مئرين اڪيڊميءَ ۾ پڙهائڻ جو ڪم ڪري ٿو.

اٺن نون ڪلاڪن اندر ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن پهتاسين. ڪوپن هيگن کان سئيڊن جي شهر مالمو ۾ هوائي جهاز رستي به اچي سگهجي ٿو ته بس ۽ بوٽ ذريعي به. اسان کي هوور ڪرافٽ (Hoover Craft) ذريعي بالٽڪ سمنڊ جي ڳچي اڪري ڊئنمارڪ کان سئيڊن اچڻو هو. جيئن خچر، گڏهه ۽ گهوڙي جي وچ واري شيءِ آهي تيئن هوور ڪرافٽ پاڻيءَ جي جهاز ۽ هوائي جهاز جي وچ واري شيءِ آهي.هوور ڪرافٽ ٻاهران ته پاڻيءَ جي جهاز جهڙو آهي پر اندران هوائي جهاز وانگر. مسافرن جي سيٽن ۽ ايئر هوسٽس تائين هوائي جهاز لڳي ٿو. سندس جيٽ انجڻ هوائي جهاز وانگر آهي ۽ هلڻ مهل پاڻيءَ کان فٽ ٻه کن مٿي هلي ٿو. پر بيهڻ وقت پاڻيءَ ۾ تري ٿو يا مٿي  خشڪيءَ تي چڙهيو اچي. هيٺان ڦيٿا نه اٿس پر جهاز وانگر ترو اٿس. ان قسم جا جهاز سعود ي عرب جي ريتيءَ مٿان به هلن ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org