سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا

الطاف شيخ

صفحو :11

 

يورپ ۾ مسلمانن جو مسئلو

انگريزن جي ڏينهن ۾ ننڍي کنڊ جا ڪيترائي هندو، سک، عيسائي انگلينڊ توڙي انهن ملڪن ڏي، جن تي انگريزن جو قبضو هو (مثال طور: ملايا، هانگ ڪانگ، ڪينيا، سائوٿ آفريڪا وغيره) لڏ پلاڻ ڪندا رهيا. مسلمان به نڪتا ٿي پر تمام گهٽ. خاص ڪر ي انگلينڊ ۽ اهڙن ملڪن ڏي ننڍي کنڊ جي مسلمانن گهٽ رُخ رکيو ٿي جتي اسلامي ماحول يا ڪلچر نه  هو. عربن ۽ مسلمان آفريڪا جي ماڻهن ته يورپ، آمريڪا ڏي بنهه گهٽ رُخ رکيو ٿي.

اتر آفريڪا، ترڪي ۽ ننڍي کنڊ (هندستان، پاڪستان) جي مسلمانن يورپ ڏي گهڻي تعداد ۾ وڃڻ 1960ع ڌاري شروع ڪيو. جن ۾ گهڻا تڻا اتي جون نوڪريون ۽ وڏا پگهار حاصل ڪرڻ لاءِ روانا ٿيا ۽ يورپ وارا به خوش هئا ته پورهئي لاءِ کين ماڻهو پيا ملن ۽ جنهن پگهار تي سندن يورپين ٻهاري پوچي جهڙو ڪم نٿي ڪيو ان کان گهٽ تي هندستاني ۽ پاڪستانيءَ خوش ٿي پورهيو ڪيو ٿي. پرپوءِ 1973ع ۾ تيل جون قيمتون ۽ يورپ ۾ بي روزگاري وڌڻ ڪري فرانس، انگلينڊ، ۽ جرمنيءَ جهڙن يورپي ملڪن ڌارين جي وڌيڪ اچڻ تي سختي شروع ڪري ڏني ۽ جيڪو آيو ٿي ان کي يورپ جي قوميت نٿي ڏنائون. بهرحال انهن مردن کي سندن زالن ۽ ٻارن سميت رهڻ ڏنائون ٿي جن کي نوڪريون مليون ٿي يا انهن شاگردن ۽ گهمڻ لاءِ ايندڙن کي هميشه لاءِ رهڻ ڏنائون ٿي جن مڪاني ڇوڪرين سان شادي ڪئي ٿي يا انهن لاءِ ڪنهن يورپين ذمو کنيو ٿي.

ستر واري ڏهاڪي جي آخري حصي تائين ڏسندي ئي ڏسندي مسلمانن جو ڳاڻيٽو فقط فرانس ۾ پنجويهه لکن تائين ٿي ويو. اهڙيءَ طرح انگلينڊ ۾ پندرهن لک کن ۽ ڏهن لکن کان مٿي جرمنيءَ ۾ ۽ انهن مسلمانن ۾ سڀ ٻاهر کان آيل به نه هئا ڪيترائي مڪاني يورپي به مسلمان ٿيا. 1965ع تائين جتي فرانس ۾ فقط ڏهه مسجدون هيون اتي هاڻ هزار کان به مٿي آهن (نيوز ويڪ 27 جنوري 1992ع واري اشاعت مطابق) ۽ اڃا ته Lyon ۽ Lille شهرن ۾ تمام وڏيون مسجدون تيار ٿيڻ تي آهن. انگلينڊ جي شهر براڊ فورڊ ۾، جتي ستر هزار مسلمان رهن ٿا. (زياده تر بنگالي ۽ پاڪستاني آهن)، چوٽيهه مسجدون آهن. سڄي يورپ ۾ سڀ کان وڏي ۾ وڏي مسجد روم (اٽليءَ) ۾ مڪمل ٿيڻ تي آهي، جنهن جنهن پاڙي ۾ مسلمانن جي گهڻائي آهي اتي قرآن پڙهائڻ لاءِ مدرسا آهن ۽ مختلف مسلمان ملڪن جا ليڊر يورپي حڪومتن کي چئه چواڻ ڪري رهيا آهن ته مسلمانن کي سندن مذهبي ڏينهن تي موڪل ڏيو. جيئن شروع ۾ لکي آيو آهيان ته سئيڊن ۾ پهريون دفعو مسلمان ٻارن کي هن سال عيد واري ڏينهن موڪل ٿي. عرب ۽ ٻيون مسلمان حڪومتون جن جو هنن ملڪن سان گهڻو واپار ۽ واهپو آهي، ان ڳالهه تي به زور ڏئي رهيون آهن ته يورپ ۾ رهندڙ مسلمانن لاءِ ڌار ڪوس گهر ٺاهيا وڃن جتي اسلامي طريقي سان جانورن کي حلال ڪيو وڃي.آفيسن ۽ ڪارخانن ۾ نماز جي لاءِ بندوبست ڪيو وڃي، وغيره. شايد انهي ئي ڪري اسان جي هاسٽل جي ميس ۾ سوئر (هئم، بئڪن، پورڪ) جي رڌ پچاءَ ۽ Serve ڪرڻ تي بندش آهي ۽ يونيورسٽي توڙي هاسٽل ۾ نماز لاءِ هڪ ڪمري ۾ غاليچا ۽ جا نمازون رکيون ويون آهن. يورپ جي ڪن ملڪن مسلمانن جي انهن وڌندڙ Demands تي بيزاري به ڏيکاري آهي ته ڪيترا ملڪ ان تي عمل به ڪري رهيا آهن، جيئن مسلمان خاص ڪري عرب خوش ٿين. فرانس ۾ هاڻ انهن فوجين کي جيڪي مسلمان آهن حلال کاڌو ملي ٿو. ڪي ته اهو به چون ٿا ته هڪ ڊيموڪريٽڪ سوسائٽيءَ ۾ جهڙا ٻيا آهن تهڙا مسلمان. پر ڪن کي اهو سوچي خيال ٿئي ٿو ته بهرحال هاڻ هو سندن ئي ملڪ جا شهري آهن. سندن خيال نه رکبو ته هنن جي دل ۾ نفرت پيدا ٿيندي.

آفريڪا جا شيدي

هن ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي ۾ ايم ايس سي ڪرڻ لاءِ سڀني کي ٻه سال رهڻو پوي ٿو. گذريل سال ۽ هن سال جا ڪل ٽي سؤ کن شاگرد ٿيندا جيڪي سؤ کن مختلف ملڪن ۽ ٻيٽن کان آيل آهن. اڳوڻي سوويت جي به مختلف رياستن آذربائيجان، ليٿونيا، روس ۽ جارجيا جا به شاگرد آهن.رومانيا، بلغاريا ۽ البانيا جا به آهن. ايشيا جا به پاڪستان، هندستان، سريلنڪا، بنگلاديش، انڊيا کان وٺي ملائيشيا، ٿائلينڊ، فلپين، انڊونيشيا ويندي چين ويٽنام، برما جا آهن. آفريڪا جي دور دراز يا بلڪل وچ ۾ ڦاٿل ننڍن ملڪن جا پڻ آهن جهڙوڪ: نائجيريا، نائيجر، گهانا، آئوري ڪوسٽ، سينيگال، ائنگولا، سوڊان، ڪينيا کان وٺي مالاوي، سيراليون، گئمبيا، موزمبق، تنزانيا ۽ برقانا فاسو جا آهن. عرب ۽ آفريڪا جي مسلمان ملڪن ۾ يمن، اردن، مصر کان ايران، ترڪي، سعود ي عرب جا آهن ته لبيا، موراڪو، الجيريا، کان موريطانيا، زئنزيبار ۽ ٽيونيشيا جا آهن.

ٻيٽن ۾ مئڊاگاسڪر ۽ مالديپ جهڙن هندي سمنڊ جي ٻيٽن جا آهن ته ڪيپ وردي، ٽرنيڊاڊ ٽوباگو جهڙن ائٽلانٽڪ سمنڊن جي ڪيترن ئي ٻيٽن جا آهن. اهڙيءَ طرح پئسفڪ سمنڊ جي فجي، سولومن آئلينڊ، ٽونگا ۽ پاپائي نيوگني کان مارشل آئلينڊس تائين جا شاگرد آهن. ڏکڻ آمريڪا ۽ سينٽرل آمريڪا جو ته شايد ئي ڪو ملڪ هجي جنهن جو شاگرد ڪنهن سال هتي نٿو اچي: ارجنٽائنا، چلي، پيرو، ڪولمبيا، وينزوئلا کان وٺي اڪيڊار، ڪاسٽاريڪا، گئاٽمالا، نڪراگئا ۽ پاناما ۽ ميڪسيڪو تائين جا آهن.

انهن شاگردن ۾ ڪي مرد آهن ته ڪي عورتون. خاص ڪري ڏکڻ آمريڪا، آفريڪا ۽ فلپين ٿائلينڊ پاسي جون عورتون گهڻيون آهن. اهڙيءَ طرح رنگ به قسمين قسمين آهن. روس ۽ رومانيا جي ڳاڙهي کل وارن شاگردن کان وٺي ڏکڻ آمريڪا جي اسپيني نسل جي اڇي چمڙي وارا شاگرد، چين، ويٽنام ٿائلينڊ جي پيلي رنگ جي چمڙي وارن کان وٺي اسان پاڪستان، هندستان ۽ ڀر وارن ملڪن جا ڪڻڪ رنگا ۽ ميرانجهڙا چوڌاري نظر ايندا ته آفريڪا کنڊ ۽ ائٽلانٽڪ ۽ پئسفڪ سمنڊ جا دانگيءَ جهڙي سخت ڪاري رنگ کان وٺي مينهن سان ڀريل ڪاري ڪڪر جهڙا ۽ ڳوڙهي ناسي ۽ سليٽيءَ کان وٺي سڙيل چاش جي رنگ جهڙا ڏسڻ ۾ ايندا. ڪن جا چپ ڊولا، ڪن جا قراقري ٽوپيءَ جهڙا وار گهنڊي، ڪن جو نڪ پڪوڙي جهڙو، ڪي هيڪاندا ڊگها، ڪي بيحد ٿلها.

هر ڪاري رنگ جو شيدي ضروري ناهي ته آفريڪا جو هجي. ڏکڻ آمريڪا جي ڪن ملڪن (جهڙوڪ: گايانا، گريناڊا، ويسٽ انڊيز ۽ جميڪا جهڙن ٻيٽن جا به ڪارا آهن ته ويندي مصر، لبيا، ٽيونيشيا جهڙن مسلمان ملڪن جا به ڪارا آهن)

هي ڪاري ڪاري رنگ جي شيدي شاگرد ڪيترن جي نظرن ۾ خاص ڪري يورپ وارن ۽ مغربي پريس کي ائين لڳي ٿو ڄڻ هو نااهل ۽ نڪما آهن. بس ۾ يا رستي هلندي ڏسندو آهيان ته هتي جا سئيڊش باشندا هنن آفريڪن يا ڪارن کي ائين ڏسندا آهن يا پاسو ڪندا آهن ڄڻ قدرت کين نيچ ٺاهيو هجي. اسان جي يونيورسٽيءَ جون حبشي عورتون هتي جي گورين عورتن کان گس پنڌ ڪجهه پڇنديون يا ڳالهائڻ جي ڪنديون ته هوءَ اڌ اکريءَ ۾ جواب ڏيئي لنوائي وينديون. آئون دل ۾ سوچيندو آهيان ته هتي جي يورپي ماڻهن کي ڪهڙي خبر ته هي جيڪي ڪارا آفريڪن شيدي سندن شهر مالمو ۾ ڦري رهيا آهن ڪو تعليم بالغان لاءِ نه آيا آهن پر انهن مان هر هڪ پنهنجي پنهنجي ملڪ ۾ اهم پوسٽ تي آفيسر آهي جيڪا هن اعلى امتحان پاس ڪري حاصل ڪئي آهي، ۽ پنهنجي پنهنجي ڪم جو ماهر آهي. پوءِ ڪو  سيڪريٽريٽ ۾ آهي ته ڪو بندرگاهه جو آفيسر، ڪو ڪئپٽن آهي ته ڪو مئرين انجنيئر، ڪو جنرل ائڊمسٽريشن ۽ سيفٽي ۾ ڀڙ آهي ته ڪو مئريٽائيم ايڊيوڪيشن ۽ ٽريننگ جو ڄاڻو، ڪو قابل سرويئر آهي ته ڪو اعلى درجي جو نيول آرڪيٽيڪٽ انجنيئر.

مون ٿوري ئي وقت ۾ محسوس ڪيو آهي ته اهي آفريڪن ڪارا نه فقط پنهنجي پنهنجي ڪم جا ماهر آهن پر هنن کي عام معلومات ۽ دنيا جي معاشي ۽ سياسي حالتن جي پڻ Upto Date ڄاڻ آهي. سندن سوچ، ڪردار، اخلاق ۽ Action صاف سٿرو ۽ بي ڊپو آهي.

هيڏانهن اچڻ کان اڳ ڪئپٽن بشير وسطڙي پنهنجي ”گروپ“ جو فوٽو ڏيکاريو هو جيڪو هن سان گڏ هتي سئيڊن ۾ هو ۽ پوءِ ان ۾ بيٺل آفريڪن ۽ ڪارن لاءِ چيائين: ”اهي ڏاڍا Bold آهن. گورن يورپي پروفيسرن کان به اهڙا عقل وارا سوال ڪن ٿا جو سڀ دنگ رهجيو وڃن. پوءِ چاهي Seaman Ship جو مسئلو هجي يا شپنگ ايڪنامڪس جو . مئريٽائيم ليجسليشن جو هجي يا جنرل مئنيجمينٽ جو.“

۽ هاڻ آفريڪا کنڊ جي ملڪن ۽ پئسفڪ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ٻيٽن جي هنن ڪارن سان رهڻ بعد ڪئپٽن بشير جي مٿئين ڳالهه جو اعتراف ڪرڻو پوي ٿو. يونيورسٽيءَ ۾ لئبرري ۽ ٽي بريڪ ۾، هاسٽل جي ميس ۾ توڙي ٽي وي روم ۾ سندن ڳالهيون ۽ بحث مباحثو غور سان ٻڌي هنن جي سوچ، عقل ۽ Self Condfidence کي داد ڏيندو آهيان ۽ دل ئي دل ۾ چوندو آهيان ته جيتوڻيڪ دنيا هنن جي چمڙيءَ جو ڪارو رنگ ڏسي هنن کي بيوقوف يا سادڙو سمجهي ٿي پر ائين ناهي. هنن کي ائين سمجهڻ وارا پاڻ غلط فهميءَ ۾ مبتلا آهن.

رات مانيءَ مهل ان ٽيبل تي وڃي ويٺس جنهن تي ڪجهه آفريڪن ويٺا هئا. هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪندا رهيا. آئون ماٺ ڪر ي ٻڌندو رهيس. اتي اچي Racism جي ڳالهه نڪتي ته ڪارن کي هرڪو ماڻهو گهٽ سمجهي ٿو. مون ڏٺو ته ان بابت هو، هڪ ته To the Point ڳالهه ڪندا رهيا ۽ ٻيو ته جيڪي دليل ڏيندا رهيا، اهي بيحد عقل وارا هئا. سندن ان بابت ڪيل ڪجهه ڳالهيون جيڪي هن وقت دماغ ۾ اٿم ڪجهه هن ريت آهن:

هر ڳالهه ۾ اسان جو ڏوهه

Ÿان ۾ ڪا تِر جيتري به غلطي ناهي ته فرعون کان وٺي جيڪي ڪجهه تواريخ جو رڪارڊ موجود آهي ان ۾ هر ان قوم جيڪا پاڻ ڪاري چمڙيءَ جي ناهي اسان ڪارن کي ذلت جي نگاهه سان ڏٺو آهي. اڄ جي  ماڊرن دور ۾، ويندي مغربي سوسائٽين ۾، ماڻهن جي اسان ڪارن لاءِ جيڪا راءِ ۽ رويو آهي ان مان جائزو لڳائي سگهجي ٿو ته پنهنجي ملڪ ۾ رهندڙن ڪارن سان هنن جو ڪهڙو برتاءُ آهي. آمريڪا ۽ يورپ جا سڌريل ملڪ انسان ذات جي آزاديءَ جي هام ته هڻن ٿا پر سندن ڪارن لاءِ برتاءُ ڇا آهي. اسان آفريڪن لاءِ ته پوءِ جي ڳالهه آهي پر انهن ڪارن لاءِ ڇا آهي جن جا پڙ ڏاڏا صديون اڳ آفريڪا کان لڏي آمريڪا، انگلينڊ ۽ يورپ جي ٻين ملڪن ۾ اچي رهيا ۽ انهن جو اولاد هاڻ ان ئي ملڪ جو حصو آهن. هڪ مشرقي يورپ، رومانيا، روس يا اٽلي اسپين جهڙي ٺڳ ملڪ جو گوري چمڙيءَ وارو فقط ڏهه سال اڳ آمريڪا ۾ آيل هوندو ته به هو عزت جي لائق پوءِ ڀلي اندروني طرح چوريون، ٺڳيون ۽ ڪريل حرڪتون ڪندو رهي ۽ هوڏانهن صدين کان رهندڙ شيديءَ جو ڪارو اولاد حقارت جي لائق سمجهيو وڃي ٿو پوءِ اهو ڪارو ڀلي هڪ پڙهيل ڳڙهيل سائنسدان، رانديگر، ڳائڻو يا سوسائٽيءَ جو هڪ اهم حصو هجي. ٻيو ته ٺهيو پر ويندي اتر آفريڪا جي ملڪن لبيا، ٽيونيشيا، الجيريا، موراڪو ۾ يا عرب دنيا ۾ هڪ ڪاري آفريڪن جي اها عزت ناهي، جيڪا اڇي يا ڪڻڪ رنگي عرب، مصري يا ايراني ترڪ جي آهي.

Ÿانگلينڊ ۾ رهندڙ هڪ ڪاري لاءِ ڪا باعزت ۽ سٺي پگهار واري نوڪري ڳولڻ ائين آهي ڄڻ ڌرتيءَ تي جنت حاصل ڪرڻ. ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ کي ڪا نصيب ٿئي ٿي ۽ جيڪڏهن اهو ڪارو آفريڪن آهي ته پوءِ ته اهو ڪم ويتر محال آهي.

Ÿائٽلانٽڪ سمنڊ جي هن پار آمريڪا جي جيسي جئڪسن کي صدر جي لائق نه سمجهيو ويو. پر ڊان ڪئيل پنهنجي ناتجربيڪاري ۽سياسي نابالغي جي باوجود وائيس پريزيڊنٽ ٿي ويو (۽ جارج بش جي غير موجودگيءَ ۾ صدر.) ان مان هرڪو سمجهي سگهي ٿو ته جيسي جئڪسن کي ڪاري هجڻ ڪري موقعو نه ڏنو ويو.

Ÿ۽ نه فقط يورپ ۽ آمريڪا ۾ پر روس ۾ ڏسو جتي وڏي واڪ اهو چيو وڃي ٿو ته سوشلزم ۾ ڪميونزم هر ماڻهوءَ کي برابر بنائڻ چاهي ٿي. پر اتي به ڪيترا اهڙا واقعا ٿيندا رهن ٿا جو اسان جي آفريڪي شاگردن کي ڪاري هجڻ ڪري مختلف طريقن سان تنگ ڪيو وڃي ٿو. رو س جا نوجوان آفريڪن کي ڀولڙو سڏين ٿا. ڪيترا روسي ٽئڪسي ڊرائيور ”شيدي مسافرن“ کي پنهنجي ٽئڪسيءَ ۾ ويهڻ لاءِ نفرت سان انڪار ڪن ٿا ۽ روس ۾ پکڙندڙ ايڊز جي بيماريءَ جو الزام آفريڪا کان آيل ڪارن شاگردن تي مڙهيو وڃي ٿو. ڪيترن روسي نوجوانن ڪارن کي تنگ ڪرڻ لاءِ ٽوليون (Gangs) ٺاهيون آهن. اهڙي گئنگ ٻه سال کن اڳ Kiev شهر ۾ مالاوي (آفريڪا جي ملڪ) کان آيل ٻن شاگردن کي بي گناهه ڪُهي ڇڏيو.

Ÿ1980ع ڌاري جڏهن ايڊز بيماريءَ جو خوف سڄي دنيا تي ڇانئجي ويو ته هٿ ٺوڪين مغربي کوجنا ڪندڙن ان سڄي بڇڙائيءَ جي پاڙ لاءِ آفريڪا جي ڌرتيءَ کي بدنام ڪيو. آمريڪا جي سائنسدان اها کوجنا ڪئي ته ايڊز بيماري هم جنس سان تعلق رکڻ سان ٿئي ٿي. پر جيئن ته کين خبرهئي ته آفريڪا ۾ هوموسيڪس کي ڪريل نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ اها بڇڙائي آفريڪا ۾ نه پر آمريڪا ۾ آهي، ته هنن يڪدم کڻي پلٽو کاڌو ۽ آفريڪن ساون ڀولڙن واري ٿيوري کڻي پيش ڪئي ۽ پوءِ اوٽ پٽانگ جا تجربا ڪري ان ڳالهه تي لٿا ته آفريڪن ايڊز بيماري هڪ هيٽرو سيڪس جي پيداوار آهي، يعني عورت ۽ مرد جي جنسي تعلقات مان پيدا ٿي آهي. هاڻ کانئن ڪو پڇي ته ڇو مغرب جي ايڊز بيماري بنيادي طرح ڇوڪري بازيءَ جي پيداوار آهي ۽ هاڻ آفريڪن ايڊز، عورت مرد جي تعلقات مان آهي ته هو توهان کي ڪوبه مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏئي سگهندا.

Ÿاهاڳالهه سمجهڻ لاءِ ڪنهن ميڊيڪل جي ڊگريءَ جي ضرورت ناهي ته ايڊز بيماري آفريڪا جي انهن ملڪن ۾ گهڻي آهي جيڪي مغرب کان ايندڙن ماڻهن لاءِ Tourist _ Spots (گهمڻ جا هنڌ) جهڙوڪ: ڪينيا، تنزانيا، زئمبيا وغيره جتي گهڻي کان گهڻا آمريڪن ۽يورپين وئڪيشن گذارڻ لاءِ اچن ٿا ۽ اتي جي حبشي عورتن سان هٿ چراند ڪن ٿا. توهان ڏسندؤ ته آفريڪا جا ڳوٺ ۽ ٻهراڙيون جتي جي ماڻهن کي هنن مغربي ٽوئرسٽن سان ڪو واسطو نٿو پوي ته انهن کي اهي بيماريون وڏن شهرن ۽ بندرگاهن ۾ رهندڙن کي گهٽ يا نه برابر آهن. ان هوندي به اهو آفريڪن آهن جنهن تي هن بدڪاريءَ جو داغ ٿاڦيو ويو آهي ۽ مغرب جا ماڻهو پنهنجن ڪُڌن ڪرتوتن جي سزا اسان شيدين کي ڏئي رهيا آهن ۽ سڄي دنيا ۾ آفريڪا کي بدنام ڪيو پيو وڃي.

Ÿاولهه آفريڪا جي هڪ ملڪ جي شاگرد چيو: ”دنيا ۾ جتي ڪٿي عام طرح ڪاري چمڙيءَ جا ماڻهو ۽ خاص ڪري آفريڪن Racism جو شڪار رهندا اچن، پرڪجهه ملڪن ۾ هٿ کي رومال سان ڍڪي اسان کي ڀونڊو ڏنو وڃي ٿو _ سونن ورقن ۾ زهر کائڻ ۾ ساڳي تڪليف ٿئي ٿي پر ڪو بي شرم ٿي اهو زهر ظاهرظهور ڏئي ٿو (جيئن ڪجهه عرصو اڳ چينين اسان جي آفريڪن کي ذليل ڪيو) ته اسان کي کپي ته ان جي جواب ۾ اسان به کين سخت موچڙو هڻون.“

اسان جي پنهنجن جو ظلم

Ÿآفريڪي شاگردن سان چين ۾ ٿيندڙ ان جٺ جو قصو جنهن کي ان وقت اخبارن ۽ ٽي ويءَ وغيره تمام گهڻي Coverage ڏني هئي، منهنجي ڌيان تان لهي ويو هو، سو ڀر۾ ايسٽ آفريڪا جي هڪ شاگرد ياد ڏياريو ته چين جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ هڪ گڏيل ناچ راڳ جي دعوت ۾ ڪجهه چيني ڇوڪريون آفريڪي ڪارن شاگردن سان ڪجهه وڌيڪ ئي ويجهو ٿي ويون. جن تي مڪاني چيني شاگردن کي غيرت اچي ويئي ته ڪارن جي اها مجال جو سندن گڏين جهڙين ڇوڪرين سان فري ٿين. پوءِ ڪي ڏينهن چيني شاگرد نه فقط آفريڪي ڪارن جي ان گروپ جي مارڪٽ ڪندا رهيا پر جيڪو شيدي جنهن چيني شاگرد کي چين جي جنهن شهر ۾ نظر آيو ٿي ان کي موچڙا هنيائون ٿي. نتيجي ۾ ڪيترا آفريڪن شاگرد، جن کي چين حڪومت پنهنجين يونيورسٽين ۾ تعليم لاءِ گهرايو هو، ملڪ ڇڏي ڀڄي ويا. ڪن پيڪنگ ۾ پنهنجي ملڪ جي سفارتخانن ۾ وڃي پناهه ورتي، ۽ ڪي مارون کائي پاڻ کڻائي اسپتالن ۾ وڃي داخل ٿيا.

Ÿمنهنجي ڀر ۾ ويٺل مٿين ڳالهه ٻڌائيندڙ آفريڪن شاگرد جوش ۾ اچي چيو: ”اهو سوچي انسان چريو ٿيو پوي ته توهان جوان ٽهيءَ جا آفريڪن نوجوان شاگردن کي اڪيلي سر يڪو ستن سالن جي ڪورس لاءِ چين ۾ گهرايو ٿا ۽ ڪهڙو نوجوان (جيڪو کدڙو ناهي) ايترا سال صبري ڪري رڳو ڪتابن ۾ منهن وجهي ويهندو. اها انساني فطرت جي تقاضا آهي ته هن کي عورت جي دوستيءَ ۾ مزو اچي ٿو. پر ڇا چيني اها ٿا اميد رکن ته اسين آفريڪا جا ڪارا ڇوڪرين سان نه پر ڪتن ٻلن سان دوستي رکي وقت گذاريون. ڪنهن به صورت ۾ آفريڪن اهڙا ڪريل ۽ جهنگلي نه سمجهيا وڃن. سڀ کان وڏي ڏکوئيندڙ ڳالهه اها آهي ته اهي چيني جن کي اسان آفريڪن جا اها ڳالهه نٿي وڻي ته چيني ڇوڪرين کي ڇو ٿا  Dating ڪيون، پاڻ جڏهن آفريڪا ۾ اچن ٿا ته پوءِ سندن جوان توڙي پوڙها آفريڪي عورت سان عيش ڪرڻ پنهنجو موروثي حق سمجهي، آفريڪي عورت راضي هجي يا نه، پر سندس مجبورين جو فائدو وٺي چند ٽڪا منهن ۾ هڻي پنهنجي حوس جي بک اجهائين ٿا.

Ÿوقت اچي ويو آهي ته چين توڙي دنيا جي ٻين ملڪن کي اها ڳالهه وڻي يا نه وڻي پر اها حقيقت قبول ڪرڻ کپي ته آفريڪا ۽ ڪاري چمڙي وري قوم (Race) کي دنيا جي هن گولي تي ئي رهڻو آهي. اسين دنيا جو هڪ اٽوٽ حصو آهيون، ان ڪري اسانجو اهو حق آهي ته اسان کي به ٻين جهڙي عزت ۽ (Courtesy) ڏني وڃي. ظلم جي ان رات جو هاڻ خاتمو ٿيڻ کپي، جنهن جي شروعات ۾ اسان کي زر خريد ٻانهو سمجهيو ويو ٿي. دنيا اڻ ڄاڻائيءَ ۾ اسان کي جاهل سڏيو ٿي ۽ سمجهيو ٿي ته ڪو اسين باندرن ڀولڙن وانگر وڻن تي رهون ٿا. دنيا کي اهو سمجهي وڃڻ کپي ته اهي ڏينهن وري موٽي نه ايندا جڏهن هنن اسان جي ڏاڏن، نانن کي چند سڪن ۾ وڪيو ۽ خريد ڪيو ٿي. جانورن کان به خراب حالت ۾ رکيو ٿي ۽ پورهيو ورتو ٿي.

Ÿاسان اهو سمجهون ٿا ته سڌريل ۽ ترقي يافته ملڪن جي ماڻهن سان ڪلهو ملائڻ ۾ (جيڪڏهن اسان ملائي سگهياسين ته) صديون لڳي وينديون پر اسان پُر اميد آهيون ۽ بي همت نه ٿينداسين جو اسين ڄاڻون ٿا ته جيڪي  اڄ جا ملڪ پاڻ کي سڌريل سمجهن ٿا انهن کي پڻ، ان حالت تائين پهچڻ ۾ صديون لڳي ويون.

Ÿاسان جو اهم مسئلو فقط اسان جي قيادت (Leadership) آهي. اسان ان حقيقت کي بلڪل لڪائڻ نٿا چاهيون ته اسان کي پٺتي ڪرڻ ۽ ترقي جون راهون بند ڪرڻ ۾ سڄو ڏوهه اسان جي ڪجهه لالچي ۽ رڳو پنهنجو ڀڀ ڀرڻ وارن اڳواڻن جو آهي. اسان جي ملڪن ۽ قومن کي هن حالت تائين پهچائڻ ۽ ٻين اڳيان گروي رکڻ ۾ هنن چند ماڻهن جو ئي هٿ اچي جيڪو ڦريو گريو اسان کان ئي ووٽ وٺي اسان کي تباهه ڪن ٿا.

Ÿمثال طور: مونکي ڪو ٻيو ڪارڻ نظر نٿو اچي ته هيتري تيل نڪرڻ بعد به اڄ نائجيريا ملڪ اهوئي غريب آهي. آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ملڪ ۽ قوم جي دولت تباهه ڪري ڇڏي آهي. ديس يا عوام ترقي ڪري يا نه ڪري، پر کين هر حالت ۾ عياشي کپي. جيري خاطر ٻڪري ڪهڻ جنهن کي چئجي اسان جي ڪجهه ڪميڻا صفت سردارن، اڳواڻن ۽ ڏاڍن مڙسن جو وهنوار ٿي ويو آهي. ولايت گهمڻ ۽ اتي دولت گڏ ڪرڻ لاءِ کين ڪميشنون سي ملن باقي ديس ڀلي گروي ٿي وڃي ته ڀلي ٿي وڃي.پنهنجي وڍي جو ڪهڙو ويڄ طبيب. اسان جي پنهنجن مان ئي بنيل اڳواڻ لٽمار جي مال تي ٿلها ٿنڀرا ٿيندا وڃن ۽ هوڏانهن لکين نائجيرين بک، بيروزگاري ۽ بيماريءَ جي حالت ۾ مهنگائيءَ جي گهاڻي ۾ پيڙجندا رهن ٿا. مون کي پڪ آهي ته انگريز به تعجب کائيندا هوندا جڏهن هي اسان جي نائجيريا جي سردارن، اڳواڻن، حاڪمن کي پنهنجي وطن جو پئسو لٽي لنڊن ۾ وڏن گهرن ۾ رهندو ڏسندا هوندا. چمڪندڙ وڏين ڪارين ۾ مانچسٽر، لورپول ۽ برمنگهام جهڙن شهر ۾ گهمندو ۽ عيش ڪندو ڏسندا هوندا. آئي وئي کي وڏيون دعوتون ڏئي پنهنجي لاءِ اهو مشهور ڪرڻ چاهيندا هوندا ته ”دل جا سخي آهيون.“ ڇا سندن بابي جي ملڪيت آهي جنهن تي ڌارين ملڪن ۾ ويهي سخاوت هلائين ٿا. ايترو پئسو جنهن مان هتي ڪنهن غريب جو سڄو سال گذر سفر ٿئي اهو آئي وئي بئري، مالش ڪندڙ ڇوڪري يا شراب پياريندڙ هوسٽس کي ٽپ طور ڏيئي ٻهه ٻهه ٿين ٿا. آئون چوان ٿو ته قوم جو جي پئسو لٽيو به ٿا ته ان کي فئڪٽرين، ڪارخانن جي روپ ۾ پنهنجي ئي ديس ۾ Invest ڪيو ته گهٽ ۾ گهٽ غريب غربو روزگار ڪمائڻ کي لڳي، پنهنجا ٻچا ته پالي سگهي. ساڳي وقت توهان کي به ڏکئي وقت لاءِ ڪجهه هٿ ۾ هجي.

Ÿ۽ رڳو نائجيريا جو اهو مثال ناهي. گهانا، گئمبيا، گني بسائو کان وٺي زائر زئمبيا ۽ زمبابوي تائين اهو حال آهي. بلڪ هر غريب ملڪ ۾ پهرين ته اسان جي پنهنجن جو ئي هٿ آهي. حق تي سائوٿ آفريڪا جا انگريز کلن ٿا ته شيدين کي آزادي ڏيئي هنن سان ظلم ٿا ڪريون. آزاديءَ جو مطلب جيڪڏهن اتي جي چند ڏاڍن مڙسن جي عياشي ڪرائڻي آهي باقي عوام کي قرضي، غريب ۽ ڏتڙيل حالت ۾ رکڻو آهي ته پوءِ ان مان ڪهڙو فائدو. پنهنجن جي ئي راڄ ۾ مورزمبق، ائنگولا، تنزانيا، سينيگال ۽ مالاويءَ جي شيديءَ کان ته اهي شيدي هزار دفعا خوشحال آهن، جيڪي اسان انگريزن جي راڄ ۾ سائوٿ آفريڪا ۾ رهيا پيا آهن.

Ÿاسان کي پنهنجي سيني اندر جاچي ڏسڻ کپي ته ڪٿي ڪنهنجو ڏوهه آهي. جتي ڌارئين جو آهي اتي ڌارئين تي الزام هڻجي، جتي پنهنجن جو آهي ته پهرين پاڻ کي ۽ پنهنجن کي سڌارجي.

يورپ جي ويڪ اينڊ

انگلينڊ ۽ يورپ پاسي هفتي جا پنج ڏينهن، ماڻهو وهٽن وانگر پورهيو ڪن، باقي ٻه ڏينهن ڇنڇر آچر پورهئي ۽ پڙهائيءَ جا پُور پاسيرا ڪري موڪل ۽ موجون ماڻين، جمعي جي ڏينهن جيئن ئي موڪل ٿيندي آهي ته اسڪولن توڙي آفيسن ۾ هڪ ٻئي کي خدا حافظ (باءِ باءِ) چئي موڪلائڻ سان گڏ Wish you a very happy weekend پڻ چون. پوءِ ڀلي ويڪ اينڊ (هفتي جي آخر وارا مٿيان ٻه ڏينهن) ڪمري ۾ ڪن کوٽيندي گذارين يا ميرا ڪڇا ۽ گنجيون ڌوئيندي. هتي جي ماڻهن لاءِ ويڪ اينڊ اسان جي عيد کان به وڌيڪ خوشيءَ جي اهميت رکي ٿي، سواءِ انهن ڇوڪرين جي جن کي ڪمپنيءَ خاطر ڪو بواءِ فرينڊ نه ملي سگهندو آهي يا انهن زالن جي جن جا مڙس رٺل هوندا آهن يا پاڻ کين پادر هڻي گهر کان ٻاهر ڪڍنديون آهن.

رهيو سوال اسان جي عيد جي خوشيءَ جو ته اها شايد ڳوٺ ۾ رهندڙن لاءِ ته خوشيءَ جو باعث ضرور ٿيندي هوندي پر اها ٽهي جيڪا نه ڳوٺ جي آهي ۽ نه شهر جي، يعني جن جا ماءُ پيءُ ۽ ٻيا مائٽ مٽ ڳوٺ رهن ٿا ۽ پاڻ زال ۽ ٻارن سان گڏ شهر ۾ رهي نوڪري ڪن ٿا، مٿي جو سور هوندي آهي. عيد جي موڪل کان هڪ ٻه ڏينهن اڳ هي ڳوٺ ويندڙ همراهه ريل يا بس جي ٽڪيٽ وٺي سيٽ رزرو ڪرڻ پٺيان ڊوڙندو آهي، پوءِ ڳوٺ وڃڻ لاءِ سامان هڙن ۽ بئگن ۾ بند ڪندو آهي . پوءِ آخري ڏينهن آفيس مان موڪل کان اڳ سهڪندو گهر پهچندو آهي ۽ گهر يا فليٽ کي تالو هڻي، رڪشائن کي بيهاريندو، بس ۽ ريل ۾ ڌڪا کائي ڳوٺ عيد ملهائڻ لاءِ پهچندو آهي. بعد ۾ موٽندو آهي ته گهر ۾ ڪيتريون شيون چوري ٿيل ملنديون اٿس. ڳوٺ ويندي ايندي رستي تي ڇولا، ٻن ڏينهن جو رکيل مائو ۽ ٻيو ڪجهه کائڻ تي، کيس نه ته ٻارن کي دست گهمرو ضرور ٿيندوآهي ۽ آفيس ۾ وڃڻ تي سندس باس بگڙيل ملندو آهي جو پاڻ آخري ڏينهن تي آفيس مان جلدي ڀڄي ويو هو يا ڳوٺان هڪ ڏينهن دير سان آيو آهي. هڪ طرف اهي پريشانيون ته ٻئي طرف ڳوٺ جي ڪيترن مائٽن جي ناراضگي ته هو ساڻن گهڻي دير نه مليو، سندن ٻارن کي خرچي نه ڏنائين وغيره وغيره. بس هڪڙو مٿي جو سور هوندو آهي. جيڪو اسان جهڙا ڳوٺن جا شهرن ۾ نوڪريون ڪرڻ وارا هڪ ٻئي سان سليندا آهيون ۽ پوءِ هفتي ٻن بعد وڃي ڪجهه ٺاپر ٿيندي آهي.

هتي ڇنڇر آچر موڪل ٿئي پر ڇنڇر ڏينهن ڪجهه دڪان، مارڪيٽون، اسٽور کليل رهن. آچر ڏينهن اهي به بند رهن. آچر ڏينهن، خاص ڪري صبح جو يورپ جا وڏا شهر قبرستان جيان سانت وارا لڳن. رکي رکي ڪا بس لنگهندي آهي يا ڪو پوڙهو دل جو مريض ڪنڌ هيٺ ڪري واڪ ڪندو نظر ايندو آهي _ ڄڻ چار قل پڙهي ڀرواري قبرستان مان موٽيو هجي.

ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن تي اسان جي ميس بند رهي، سو ڇنڇر ڏينهن ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽيءَ جا اسين پرديسي رڌ پچاءَ لاءِ ڀاڄي ڀتي، چانور، دال، مکڻ ميوو وغيره وٺڻ لاءِ سستن دڪانن ۽ مارڪيٽن جو رُخ ڪندا آهيون.اسان به خوش ته ڇنڇر ڏينهن ڪيتريون شيون سستي اگهه ۾ ٿيون وڪامن ۽ دڪاندرا به خوش ته هو پنهنجو پاروٿو مال تازي ۾ ملائي ڪڍيو وٺن، جيئن پاڻ وٽ جمع بازار ۾ ٿئي ٿو ۽ پوءِ اهڙن سستن دڪانن جي ڳولا ۾ نه رڳو اسان ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن جا غريب هوندا آهيون پر هتي جا يورپي، ويندي هن امير ملڪ سئيڊن جا به ڪيترائي همراهه هيڏانهن هوڏانهن نظر ايندا آهن. فرق اهو هوندو آهي ته اسين يعني پاڪستاني، انڊين، بنگالي، چيني وغيره خريداريءَ جي معاملي ۾ چالاڪ آهيون. ڍير مان ڪم جي شيءِ ڳولي وٺندا آهيون ۽ دڪاندار جي ٺڳي بيڪار ٿي ويندي آهي. ان ڪري هتي جا دڪاندار اسان جهڙن گراهڪن بدران پنهنجا سودا (خريداريءَ جي معاملي ۾) هم وطني وڌيڪ پسند ڪن ٿا. پر ڪي ڪي دڪاندار ۽ سپر مارڪيٽون ان اصول هيٺ پنهنجا اگهه گهٽ رکن ٿا، جيئن گهڻي کان گهڻا گراهڪ اچن ۽ گهڻو مال وڪرو ٿئي. اهڙيءَ طرح سڄي ڏينهن ۾ دڪاندارن کي اوتروئي فائدو ٿئي، جيترو گهڻي اگهه تي رکڻ تي حاصل ڪر ي سگهجي ٿو. سئيڊن جي هن شهر مالمو ۾ باست، OBS, Max, Ahlen سپر مارڪيٽون ۽ دڪان انهن مان ڪجهه آهن جن ۾ شين جا اگهه شهر جي ٻين دڪانن کان گهٽ آهن ۽ مٿئين اصول تي وڪرو ڪن ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org