هتي ڪيئن آئين؟
”تون اهو ٻڌاءِ ته هتي ڪيئن آئين؟“ راحت ياد ڏياريس.
”ها سچي اها ڳالهه اڌ ۾ رهجي وئي. سو پهرين دفعي ڪم نه ٿيو ۽
موٽي لاهور هليو ويس. ۽ پوءِ ڇهه مهينا رکي هڪ
ايجنٽ جي معرفت سڌو فنلئنڊ ۾ آيس ۽ اتي جي فنس
ڇوڪريءَ سان شادي ڪيم ۽ سال کن اتي ئي رهيو پيو
هوس. مزو نه آيو سو زال سان گڏ هتي سئيڊن ۾ هليو
آيس.“
”ڇا زال به هن وقت توسان گڏ آهي؟“ راحت پڇيس، شايد اهو سوچي جو
جنهن وقت هو فيريءَ لاءِ آيو هو ته هڪ عورت سان
ڳالهائي رهيو هو. جنهن لاءِ مون به سمجهيو ته سندس
زال هوندي. پر ان عورت لاءِ پوءِ بعد ۾ ٻڌايائين
ته هو ان سان ”دلپشوري“ ڪري رهيو هو، وقت پاس ڪرڻ
لاءِ. بهرحال ان فنلئنڊ واري زال کي گار ڏئي
ٻڌايائين:
”بس پوءِ هتي اچي هڪ ٻئي کي ڇڏي ڏنوسين.“ هن اهڙي اسٽائيل سان
چيو ڄڻ لهڻ وارو بس اسٽاپ تي بس کي ڇڏي ڏجي يا بس
مسافر کي لاهي ڇڏي.
”چئبو ته اُن سان اِن لاءِ شادي ڪئي جيئن هتي رهي سگهجي.“ اسان
چيس.
”هتي رهڻ جو اهوئي طريقو آهي. ٻين فلاڻن فلاڻن پاڪستانين به
شروع ۾ ائين ڪيو.“ هن بيئر جو وڏو ڍڪ ڀريو.
”پوءِ هن فنلئنڊ واري زال سان ملاقات نه ٿي؟“ اسان پڇيس.
”ڪڏهن ڪڏهن ٿيندي آهي. هن ڪنهن ٻئي سان شادي ڪئي آهي. مون وري
پوءِ پولينڊ جي هڪ ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي. ان مان
ڌيءَ به اٿم. هي ڏسو ان جي تصوير.“ هن پرس ۾ لڳل
سندس زال ۽ ڌيءَ جي تصوير ڏيکاري جيڪا اٺن نون
سالن جي ٿيندي.
”هي گذريل سال جي تصوير آهي. ڏهن سالن جي ٿيندي.“
”بس هڪ ئي ٻار اٿئي؟“
”ها بس. ان کانپوءِ اسان هڪ ٻئي کي ڇڏي ڏنو.“ هن ٻڌايو.
”ويري سئڊ.“ اسان افسوس جو اظهار ڪيو.
”نه پارٽنر. هتي ته ائين ٿيندو رهي ٿو. هنن ملڪن ۾ اها هڪ عام
ڳالهه آهي. هن حراميءَ مون سان ڍونگ ڪري مڙيئي
شادي ڪئي هئي، جيئن سئيڊن ۾ رهي سگهي، ڇو ته ان
وقت تائين مونکي هتي جو پاسپورٽ ۽ قوميت ملي چڪي
هئي. مون سان شادي ڪرڻ بعد کيس جڏهن سئيڊن ۾ رهڻ
جي اجازت ملي ته آهستي آهستي نخرو ڪرڻ لڳي ته هي
به کپيم هو به کپيم. هن کي هن جون ٻيون ساهيڙيون
ڇيرا وجهنديون هيون ته سندن مڙس ته هي به کين آڻي
ڏين ٿا ته هو به. مون ته چيومانس ايترو آئون ڪٿان
آڻيندس. توهان کي مان ڇا ٻڌايان هن پاسي جون
عورتون وڏيون......... آهن. اسان کي هو گهٽ ذات
ايشيائي سمجهن ٿيون ۽ اسان سان ته ڪڏهن به وفادار
ٿي، هلي نه سگهنديون.“ هن ٻڌايو.
”صحيح آهي.“ راحت هن جي ڳالهه جي تصديق ڪري مونکان اکين جي
اشاري سان داد گُهريو. ان ئي قسم جي ڳالهه لاءِ
جنهن بابت صبح جو هاسٽل مان نڪرندي اسان جو بحث
ٿيو هو. پاڻ ٻڌايو هئائين ته يورپي ڇوڪريون ڪڏهن
به ڪنهن ايشيائيءَ سان گڏ رهي نه سگهنديون ۽
پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ ته مهيني ٻن کان مٿي رهي نه
سگهنديون.
”نه اهڙو ته ڪو سائنسي سبب نه آهي جو ان کي حقيقت چئجي.“ مون
چيومانس، ”رهي به سگهن ٿيون. آئون ڪيترا پاڪستاني
ملئي، انڊين سنڌي، چيني ۽ سنگاپوري سڃاڻان جن جون
زالون انگلينڊ، آمريڪا، يورپ جون آهن ۽ هو ٺيڪ ٺاڪ
رهي رهيون آهن. پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ ته ڇا اسان
جي ڳوٺ جي ڪيترن جون زالون جپاني، آئرش، آمريڪن ۽
برٽش آهن جيڪي هالا جهڙي ڳوٺ ۾ به رهن پيون.
دراصل مرد تي منحصر آهي ته هن ڪهڙي قسم جي ڇوڪريءَ
سان شادي ڪئي آهي ۽ منجهن ڪيتري قدر سمجهداري
آهي.“
”اسان جي جهاز تي هڪ مصري عرب انجنيئر هو.“ راحت ٻڌايو، ”هن
ڊئنمارڪ مان شادي ڪئي. کيس ان زال مان هڪ ڌيءَ به
ٿي. ان بعد زال مڙس جو جهيڙو ٿي پيو ۽ هن زال کي
ڪڍي ڇڏيو. ٻن سالن بعد مصري همراهه جي جهاز جو
ڊئنمارڪ اچڻ جو پروگرام ٿيو. هن چيو ته کيس سندس
ڌيءَ سان ملڻ جو ايڏو شوق هو جو جيئن ئي رات جو
جهاز لڳو ته ان ئي وقت پنهنجي طلاق شده زال وٽ
پهتو ۽ ڌيءَ کي ڏسڻ آيو آهيان. هن مٿان ئي چيس ته
ڇا هي وقت آهي ٻئي کي ڊسٽرپ ڪرڻ جو. جنهن پيرين
آيو آهين انهيءَ هليو وڃ. هاڻ طلاق بعد ڪهڙو واسطو
رهيو اٿئي. سو اهڙيون آهن يورپي عورتون.“
”بهرحال اها ته هڪ طرفي مصريءَ جي واتان ڳالهه ٻڌي هن سان
همدردي ٿيڻ لازمي آهي، پر ڪو فيصلو قائم ڪرڻ لاءِ
ٻي ڌر جي به ته ڳالهه ٻڌجي. هونءَ هتي جي ماحول
موجب عورت ۽ مرد جا برابر حق آهن، جيڪا ڳالهه اسان
ايشيائي ماڻهو اڃا تائين ذهني طرح قبول نٿا ڪريون.
۽ نه وري اسان جي پاسي جون ايشيائي ۽ آفريڪي
عورتون ويندي جپان ۽ روسي عورتون پنهنجا حق مڃرائي
سگهيون آهن. ويتر اسان وٽ ايڪاناميڪلي طاقت صحيح
طرح نه ورهائجڻ ڪري مرد اهوئي سمجهي ٿو ته عورت هڪ
ٻانهي آهي. هن کي حڪم جوبندو ٿي هلڻ کپي. مرد ڀلي
شراب، جوا ۽ اجايو خرچ ڪندو وتي، اخلاق توڙي مذهبي
طرح سندس ڏيوالو نڪتل هجي ته به هو پنهنجو پاڻ کي
گهر جو بي تاج بادشاهه سمجهي ٿو ۽ پوءِ ان تصور
سان اسان جي هيرو جو هتي جو هيروئنن سان ٽڪر ٿئي
ٿو ته کيس ڳالهه ڳري لڳي ٿي. خير ائين ته سٺا خراب
ماڻهو جتي ڪٿي آهن هتي جون عورتون خراب آهن ته
پاڪستان ۽ ٻين ملڪن ۾ پڻ سٺين سان گڏ خراب به
هونديون. ٿورو يا گهڻو، اسان جي ايشيائي عورت، هر
ڏک درد قدرت طرفان پنهنجونصيب لکيل سمجهي مڙس جو
موچڙي مار کي به اکين تي رکي صبرسان وقت ڪاٽي ٿي.
پر هن پاسي جي عورت برابري چاهي ٿي. هوءَ يڪدم چئي
ڏيندس ته
You Son of a Gun
تون ڪو آسمان ته نه لٿو آهيان جو جيئن توکي وڻي
ائين ڪر. سڌو ٿي هل نه ته منهنجي زندگيءَ خراب نه
ڪر. آئون به پنهنجو رستو ٿي وٺانءِ.“
بس طلاق ئي سمجهو
ان وقت راحت وڌيڪ بحث نه ڪيو هو. پرهاڻ جڏهن محبوب هتي جي عورتن
خلاف ڳالهايو ته هن اکين جي اشاري سان مونکي اهو
ٻڌائڻ چاهيو ٿي ته ڏس هي به ائين پيو چوي نه.
مون کيس آهستي
“Gigo”
چيو، جيڪو ڪمپيوٽر جي هڪ ٽرم
Garbage in Garbage out
تان کنيو اٿئون ۽ ٻٽاڪي ماڻهن لاءِ استعمال ڪندا
آهيون. يعني محبوب جون ڳالهيون ائين ئي آهن منجهن
ڪابه گهرائي ناهي. منهنجي ان سگنل کي سمجهي راحت
يڪدم ”اها ڳالهه آهي“ چئي مون کي
Response
ڏنو.
محبوب ان وچ ۾ بيئر جا هڪ ٻه وڏا ڍُڪ ڀري سگريٽ دُکايو. ”بس هاڻ
سوچيم اٿم ته پاڪستان مان وڃي شادي ڪري ايندس.“
”ڀلا اها پولينڊ واري زال اڄڪلهه ڪٿي آهي؟“ اسان پڇيس.
”هتي ئي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڌيءَ کي ڏسڻ لاءِ ويندو آهيان، کيس بلڊ
پريشرٿي پيو آهي. انڪري ڪڏهن ڪڏهن وٺي دانهون ڪندي
آهي.“ محبوب هن جي دانهن جي نقل ڪري، ٽهڪ ڏيڻ لڳو،
”پاڳل آهي.......“ هن گار ڏني.
”پوءِ نه وڃيس.“ اسان چيس.
”آئون ته نه وڃانس پر وري پاڻ ئي فون ڪندي آهي ته اچ. اچ مون
تولاءِ هي پچايو آهي يا چوندي ته تنهنجي ڌيءَ توکي
ياد پئي ڪري. يا چوندي اچ ۽ اچي هتي ئي سمهه.“
”طلاق ٿي وئي اٿانوَ يا رڳو علحدگي؟“ اسان پڇيس.
”بس طلاق ئي سمجهو. هتي شادي به ائين ٿيندي آهي ته طلاق به ائين
ئي. هتي نه ڪو قاضي، مولوي ملون آهي۽ نه ان جي
ضرورت پوندي آهي.“
”اهڙي ته ڳالهه ناهي. هتي ته ترڪي، پاڪستاني ۽ مصر پاسي جا
ڪيترائي عالم دين ۽ مولوي پيا هلن.“ اسان چيس.
”پر حڪومت ان کي ضروري نٿي سمجهي ڪهڙو جوڙو شادي شده آهي ڪهڙو
غير شادي شده. جيڪي زالون الڳ رهن ٿيون انهن کي
سرڪار مهيني تي خرچ پکو ڏئي ٿي ۽ جي ٻار اٿن ته
اڃا به گهڻو ڏئي ٿي. سو هيءَ اسان واري جوءِ به
سرڪارمان ڪڍيو ويٺي آهي ته مون مان به، هينئر به
ٻه هزار ڪرونا ڏنامانس. جيڪي ڪمايان ٿو اهو خرچ
ڪريو ڇڏيان. هڪ نه ٻئي سال ورلڊ ٽوئر تي به ويندو
آهيان. هينئر نيويارڪ مان ٿي آيس. جيڪو ”من هتا“
مان ٿي آيو، اهو ڄڻ پاس ٿي ويو. دنيا ۾ خطرناڪ شهر
آهي.“
”من هتا نه، پر مئن هٽن“ سليم درستي ڪئي. ”اتي ٽوليءَ ۾ نڪرڻ
کپي.“
”توهان آمريڪا ڏٺو آهي؟“ هاڻ هن پهريون دفعو اسان بابت معلوم
ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي. اسان کيس ٻڌايو ته اسين
جهازن جا ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر ٿي رهيا آهيون ۽
دنيا جا ڪيترائي شهر ڏٺا اٿئون.
”آمريڪا واپا رلاءِ ڏاڍو سٺو آهي. مونکي شئنل فائو جي عطر جو
نقل ملي ويو ۽ هتي پنجين پنجين ڊالرن جو وڪيم.
اتان فقط ڊالر جو وٺي آيس. سنگاپور به سٺو شهر آهي
پر ”جوبهارو“ صفا گندو آهي. اتي ملئي ماڻهو پنن تي
ڀت رکي کائين ٿا.“
“جوبهارو نه ”جو هوربارو“ ۽ اهي ملئي نه پر ڏکڻ هندستان جا تامل
آهن. انهن جو ڪلچر ۽ رسم رواج اهوئي آهي. اسان
ٻڌايس.
”يار توهان منهنجي گهر ضرور ماني کائڻ لاءِ اچو. آئون توهان کي
پنهنجي زال ۽ ٻين ساهيڙين سان به ملائيندس. مونکي
خوشي ٿيندي توهان اچو.“
”پر اسان کي ڪهڙي خبر ته تنهنجي ائڊريس ڇا آهي.“
پوءِ اسان کان پين وٺي ائڊريس لکڻ لڳو. پنج ڇهه منٽن ۾ پنهنجو
نالو مس لکيائين، جنهن مان لڳو ته کيس لکڻ ڪونه ٿو
اچي ۽ پوءِ پنهنجو شناختي ڪارڊ اسان کي ائڊريس لکڻ
لاءِ ڏنائين. ”يار توهان منهنجي ضرور ماني کائڻ
لاءِ اچجو.“ هن چيو.
”مهرباني. ٻه سال هتي آهيون ڪڏهن واندڪائي ملي ته اچي
نڪرنداسين.“ راحت چيس.
”آئون ڀلاٻيو بيئر وٺي اچان؟“ هن پڇيو.
”ڀلي..........“ اسان وراڻيس.
”پرمون وٽ کُلا پئسا نه آهن هڪ ويهه ڪرونا اڌارا ڏيندؤ.“
اسان هڪ ٻئي جو منهن ڏسڻ لڳاسين. اسان ۾ سڀ کان وڌيڪ شريف ماڻهو
سليم قاسم کان رهيو نه ٿيو. پرس مان ويهه ڪرونا
ڪڍي ڏنائينس. جيڪي وٺي بيئر خريد ڪرڻ لاءِ اٿيو.
”وڏو ڪو ٻٽاڪو آهي. هڙ ۾ لڀيس ڪجهه نه رڳو گشا. جوڻس کي به پاڻ
بکون ماريون هوندائين تڏهن هن لتون هڻي ڪڍيو اٿس.
هاڻ اهي ويهه ڪرونا هونئن ئي ڪونه ملندا، جو ٻي
بوتل پيئڻ بعد رهيل هوش به هليا ويندس. ڪوپن هيگن
پهچي ڇا اڌار قبوليندو. پر اهو آهي ته ويهن
ڪرونائن ۾ جان ڇٽي. هاڻ اڌار موٽائڻ جي ڊپ کان پاڻ
ئي غائب ٿي ويندو. نه ته هن ڪمبل مان سولي جان نه
ڇٽي ها.“ سليم چيو.
عرب به سستي مارڪيٽ ڳوليندا وتن
ڪالهه آچر جو ڏينهن هو. صبح ساڻ سستي سامان جي مارڪيٽ ۾ وڃڻو
هو، جيڪا جبرالٽر گاٽن جي بس اسٽاپ وٽ آهي. رات
سمهڻ مهل ڪئپٽن سليم، راحت عزيز ۽ علويءَ سان
اوڏانهن هلڻ جو پروگرام ٺاهيو هئوسين. ”صبح جو ذرا
جلدي نڪرنداسين، جيئن نائين کان اڳ هتان هاسٽل مان
روانا ٿي وڃون.“ علويءَ هڪ ڏينهن اڳهين سڀني کي
چتاءُ ڏنو.
”نَو لڳي اٺن منٽن تي هڪ بس پنهنجي اسٽاپ وٽان هلي ٿي، ان ۾ هلڻ
جي ڪوشش ڪبي.“ ڪئپٽن سليم چيو، ”نه ته پوءِ ٻي بس
نَو لڳي چوٽيهه منٽن تي هلندي.“
هتي ڇنڇر آچر کان علاوه باقي ڏينهن تي بسون ڏهن کان پندرهن منٽن
جي وقفي تي هلن پر آچر ڏينهن گهٽ ماڻهو هجڻ ڪري اڌ
ڪلاڪ کن جو وقفو ٿئي. پر هر بس، هر اسٽاپ تي، هر
ڏينهن، مقرر وقت تي پهچي، ۽ هر بس اسٽاپ تي، بس جو
وقت لکيل هوندو آهي. وقت جي ايڏي پابنديءَ تي بسن
جو پهچڻ ۽ هلڻ انگلينڊ، آمريڪا ۽ جپان ۾ به نه
هوندو. ٿي سگهي ٿو هنن جي ايتري پابندي قائم رکڻ ۾
ان ڳالهه جو به هٿ آهي ته عوام تمام گهٽ آهي. بسن
جي سهوليت ڪري، جن کي ڪارون آهن، اهي به بسن ۾
سواري ڪن ٿا. انڪري ٽرئفڪ جام ٿئي ئي ڪانه، ۽
ڊرائيور ان حساب سان بس کي ٿورو آهستي يا تکو ڪري،
وقت تي بس اسٽاپ تي اچيو پهچائي. ڪراچي، رنگون،
بئنڪاڪ، بمبئي، ڪلڪتي ۽ ڍاڪا جهڙن شهرن ۾، موت
وانگر ڪنهن کي خبر ئي ناهي ته، هڪ اسٽاپ ڇڏڻ بعد،
اها بس ٻي اسٽاپ تائين پهرين پهچندي به سهي! ٿي
سگهي ٿو حادثي ۾، ڪنهن گوڙ گهمسان هڙتال ۾، رستي
تي ئي ان کي ساڙيو ٻاريو يا اغوا ڪيو وڃي.
پاڪستان جي هن وقت آدمشماري 120 ملين آهي يعني ٻارهن ڪروڙ. هن
کان اڳ ۾ ملائيشيا ۾ هوس، جيڪو ملڪ پکيڙ ۾ تقريباً
پاڪستان جيترو آهي پر سندس آدمشماري ويهه ملين
يعني ٻه ڪروڙ هجڻ ڪر ي تعجب لڳندو ته، ڪيتري گهٽ
آهي ۽ هاڻ هتي سئيڊن ۾ ان کان به گهٽ آدمشماري نه
فقط عجب جي ڳالهه آهي پر گهڻن مسئلن جو حل پڻ آهي.
سئيڊن به پاڪستان جيڏو آهي پر، سندس آدمشماري فقط
اسي لک آهي. ان کان وڌيڪ ماڻهو ته اسان جي فقط هڪ
شهر ڪراچيءَ ۾ رهن ٿا. سو دنيا جي ڪيترن ملڪن جي
ترقيءَ جو راز سندن آدمشماريءَ ۾ آهي. بنگلاديش جو
هتي رهندڙ هڪ همراهه چوندو آهي:
”سئيڊن حڪومت حوالي، فقط هڪ شهر ڪراچيءَ، ڍاڪا يا بمبئي، فقط هڪ
سال لاءِ ڪري ڇڏيو ته وايون بتال ٿي وڃنس.“
بهرحال ٽوڪيو، اوسلو، هيلسنڪي ۽ اسٽاڪ هوم وانگر مالمو پڻ دنيا
جو مهنگو ترين شهر آهي جتي بقول اسان جي هڪ ڪلُيگ
آصف غيور جي (جيڪو ٻه سال اڳ هتان ايم ايس سي ڪري
ويو)، ”سئيڊن جي ڪنهن شهر۾ ونڊو شاپنگ ڪندي به ڊپ
ٿو لڳي.“ پر اهڙن مهنگن شهرن ۾ به ڪٿي ڪٿي اهڙا
هنڌ (ڪراچي جي کوڙي گارڊن ۽ موتن داس مارڪيٽ
وانگر) آهن جتي جون شيون وٺي، هڪ يا ٻه هفتا نه پر
يڪا ٻه سال آرام سان گذريو وڃن. هونءَ ته هي ملڪ
اهڙا آهن جتي سعودي عرب جا عرب (جيڪي امير ترين
چئي سگهجن ٿا ۽ پنهنجي ملڪ توڙي سنگاپور، ڪراچي،
بمبئي جهڙن شهرن ۾ وڏي لئه سان پيا هلن.) اهي به
هتي جهڙا غريب ۽ وائڙا وائڙا. وتن اسان جهڙن سان
گڏ ڦرندا ۽ سستيون بازاريون ڳوليندا. هنن مارڪيٽن
۾ سستيون شيون ضرور ملن ٿيون پر ائين ناهي ته جنهن
شيءِ جي ضرورت هجي اهائي ملي وڃي. جيئن پهرين ئي
لکي آيو آهيان ته هتي جا ماڻهو اڪثر گهر بدلائڻ
وقت پنهنجو سمورو سامان ڦلن مٺ ۾ ڪڻيو ڇڏين. ان
کان علاوه هتي طلاقن جو تعداد به تمام گهڻو آهي ۽
نوان نوان جوڙا شادي ڪري، شوق مان نيون شيون
وٺندا. ڪجهه ڏينهن
/
هفتن بعد رُسندا، طلاق ٿيندي ۽ گهر جو سمورو سامان
وڪڻي پئسا اڌو اڌ ڪندا. جيئن ڪتابن ۽ اسٽيشنري
وارو ڪپڙ ي جو دڪان کولڻ چاهي ٿو يا ڪپڙي جو
دڪاندار جاين جي ايجنسي کولڻ چاهي ٿو، پوءِ سندس
دڪان جو سامان اهڙي مارڪيٽ ۾ کڻي اچي ٽيبل تي ڍير
ڪندو آهي ۽ ڪافي سستي اگهه ۾ نيڪال ڪندو آهي. هيءَ
مارڪيٽ فقط آچر ڏينهن هلي، سو به صبح جونائين بجي
کان منجهند جو ٽين بجي تائين. پوءِ اسان جهڙا
ضرورت جي سامان جي ڊگهي لسٽ ٻٽونءَ ۾ وجهي، هر آچر
تي انهن شين جي ڳولا ۾ هوندا آهيون. ڪجهه ديرسان
سهي پر سستي اگهه تي ملي ويندي آهي. جيئن ڪالهه
تائين منهنجي لسٽ ۾ مهيني کن کان هي شيون درج ٿيل
هيون:
ٿرماس.
پنچ مشين (ڪاغذ ۾ سوراخ ڪرڻ لاءِ. هتي جي فائيلن ۾ ڪاغذ وجهڻ
لاءِ چار سوراخ ڪرڻا پون ٿا، جن جون مشينون ڪجهه
وڏيون آهن ۽ هڪ ئي وقت چار سوراخ ڪن ٿيون)
وال ڪلاڪ.
بٽڻ ۽ سئي سڳو.
ٽوسٽر.
ڪپڙا ٽنگڻ لاءِ پلاسٽڪ جون ٽنگڻيون.
ليڪچر ٽيپ ڪرڻ لاءِ ننڍو ٽيپ رڪارڊر.
پلاسٽڪ جوخانن واري ٽري جنهن ۾ پنا رکجن.
تور جي مشين (Weighing _ Scale).
فيلڊ ٽرپ تي وڃڻ لاءِ ڦيٿن واري ننڍي بئگ.
ڪمپيوٽر جا ڊسڪيٽ رکڻ لاءِ باڪس، وغيره وغيره.
پوءِ اهي ضرورت جي سامان جون لسٽون هلڻ مهل ٻين کي پڙهائيندا
آهيون، ته جيئن سامان جي ڍير ۾، ڪنهن کي به ٻئي جي
شيءِ نظر اچي ته، ان کي سڏ ڪري. سامان ٽيبلن جي
مٿان ۽ هيٺ رکيل هوندو آهي ۽ اهڙا سؤ ڏيڍ سؤ کن
ٽيبل هوندا آهن.
نيرن مسئلو ناهي
صبح جو سوير ئي منهنجي اک کلي. ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن ميس بند هوندي
آهي ۽ سڀني شاگردن کي ماني پاڻ ٺاهڻي پوندي آهي.
چانهه ٺاهي دريءَ وٽ بيهي پيئڻ لڳس. صبح جا ست کن
ٿي ويا هئا پر رستا خالي ئي خالي نظر اچي رهيا
هئا. سئيڊن جي آدمشماري گهٽ هجڻ ڪري جتي ڪٿي گهٽ
ماڻهو نظر اچن ٿا، ويتر سخت سيءَ ۽ موڪل واري
ڏينهن تي ته ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ نظر اچي ٿو. رکي رکي هن
شهر مالمو جي سائي رنگ جي بس گذري ٿي يا ڪو ڪار
وارو. سياري ۾ ٺوڙها ٿي ويل، ناسپاتين ۽ صوفن جي
وڻن ۾ هاڻ نوان نوان پن ڦٽڻ شروع ٿيا هئا. هتي فل
بهار جي موسم ايندڙ مهيني مئي، جون ۽ جولاءِ ۾
ٿئي. ان بعد وري سخت سيارو شروع ٿئي. هتي جو بهار،
موسم جي لحاظ کان جهڙو سنڌ جو سيارو پر ساوڪ ۽ گل
ڦلن کان خوب رنگين ٿئي ٿو. سامهون ناسپاتيءَ جي وڻ
تي ٻه مئنا جهڙا پکي (پر سندن کنڀن جو رنگ اڇو ۽
ڪارو آهي) ڏهاڙي جي
Routine
جيان صبح کان هيٺان ڪک پن چونڊي پنهنجي آکيري کي
وڏو ڪري رهيا هئا. چار کن ڳيرا پٽ تي ٻولي رهيا
هئا ۽ رکي رکي چهنب سان زمين کوٽي ڪو ڪينئون ياڪو
داڻو کاڌائون ٿي. هتي جا ڳيرا، ڪبوتر توڙي ڪانگ ۽
ٻيا پکي پنهنجين سرڻين جيڏا وڏا ۽ ٿلها متارا ٿين
ٿا. سندن جسم تي گهاٽا کنڀ، کين هتي جي سرديءَ کان
بچاءُ ڏين ٿا. ڪڏهن ڪاٽو ٽيمپريچر ۾ وسندڙ برف ۽
ٿڌي هوا ۾ سڄي رات پنن بنا وڻن تي هنن پکين کي
ننڊون ڪندو ڏسي تعجب لڳندو آهي ۽ اها هنن پکين جي
ايتري ئي ڏکي زندگي آهي جيتري اسان وٽ اونهاري جي
چٽ ۽ چاليهي ۾. گذريل سال جي سخت گرميءَ ۾ جيڪب
آباد، سبي پاسي ڪيترا پکي اُڏامندا مري ويا هئا.
بهرحال هتي جي ٿلهن ڳيرن، ڪبوترن کي اونهاري ۾ شاهه پنجو سلطان
يا باڊهه، بوبڪ هلي ڇڏجي ته ان ئي وقت گذاري وڃن.
ساڳي طرح سوڀوديرو ۽ سانڌاڻ جا پکي سياري ۾ سئيڊن
پهچڻ سان جيڪر سرڳواسي ٿي وڃن.
مون جلدي جلدي چانهه جو ٻيو ڪوپ ٺاهيو ۽ رب جا شڪر بجا آندا ته
اڃا وقت پيو آهي ٻيو ڪوپ به نصيب ٿي ويو. ڊاڪٽرن
جو چوڻ آهي ته خالي پيٽ تي نيرانو چانهه نه پيئجي.
بلڪل صحيح چون ٿا. نه فقط اسان جي ڳوٺ هالا جي
ڊاڪٽر خير محمد ۽ ڊاڪٽر يوسف جو چوڻ آهي پرهتي جا
به ڊاڪٽر اهوئي چون ٿا. پر خالي پيٽ تي چانهه پيئڻ
جو نشو ئي ٻيو آهي. هڪ هتي جو دوست ڊاڪٽر جيڪو
بيئر گهڻو پيئندو آهي تنهن پڻ اها ڳالهه ڪئي.
”تون خالي پيٽ تي بيئر پي ماني پوءِ ڇو کائيندو آهين؟“ مون
کانئس هڪ ڏينهن پڇيو.
It gives me a Kick”
ائين سرور ٿو ملي. نشو ٿو ملي.“ هن چيو.
کلندي وراڻيومانس، ”اسان جهڙن مستري ۽ اديبن کي وري خالي پيٽ تي
چانهه اها
Kick
ٿي ڏئي.“
ٻيو ڪوپ چانهه جو پي ويٺي
Naval _ Architect
جا انگي حساب ڪيم ته اتي علوي اڌ گابرو تيار ٿيل،
ڪمري ۾ گهڙي آيو. (اڌ تيار ٿيل معنى ٻاهر نڪرڻ
لاءِ ڪوٽ مٿان اوورڪوٽ، مفلر ۽ ڪوهه قاف جي ڪنهن
جن جو ڇڏيل غيباتي ٽوپ پائي اڃا
Snow _ man
نه ٿيو هو.)
”يار هي ڇا ويٺو ڪرين؟ هلڻو ناهي ڇا؟“ هن پڇيو.
”ها. بلڪل هلبو. اڃا ته ڪلاڪ پيو آهي“ مون پڇيو.
”ته پوءِ تيار ٿي. هي موڪل واري ڏينهن يونيورسٽيءَ جو ڪم ڪرڻ جي
بدسوڻي ڇو ٿو ڪرين.“
”آخر ڪرڻو ته آهي نه.“ وراڻيومانس.
”پر موڪل ته آرام لاءِ ٿي ملي. باقي يونيورسٽيءَ وارا پنج ڏينهن
ڇاجي لاءِ آهن؟“ علوي پڇيو.
”اخبارن ۽ رسالن لاءِ مضمون لکڻ لاءِ.“ کلندي وراڻيومانس.
پاڻ به وڏو ٽهڪ ڏنائين: ”يونيورسٽيءَ کي تو چڱيءَ طرح سڃاتو
آهي. چڱو جلدي نيرن ڪر ته پوءِ ٿورو جلدي کڻي
نڪرون.“
پنج ڏهه منٽن ۾ تيار ٿيس. مون لاءِ نيرن ڪڏهن به مسئلو نه رهي
آهي. گهل ڪرڻ جي همت ۽ موڊ هوندي ته آمليٽ بيضو
زندهه باد ۽ اها وڏي ۾ وڏي عياشي ٿي، نه ته ٽيون
ڪوپ چانهه جو ٺاهي منجهس ڊبل روٽي ٻوڙي کائيندي،
چاليهه پنجيتاليهه سال گذري ويا آهن.
جلدي جلدي چانهه ٺاهي نيرن ڪيم ته ڪئپٽن سليم ۽ راحت عزيز جا به
ٻاهر آواز ٻڌڻ ۾ آيا. سڀ سوڙهن جهڙن ڪوٽن، مفلر،
ٽوپن ۾ شاديءَ جا ڳرا ويڙهيل هنڌ بستر لڳي رهيا
هئا دريءَ جي ٻاهران لڳايل ٿرماميٽر ۾ ٽمپريچر ڏٺم
چار ڊگريون ڏيکاري رهيو هو. جلدي جلدي سئيٽر مٿان
سئيٽر ۽ ڪوٽ مان ڪوٽ چاڙهي آئون به انهن جهڙو هڪ
ٿي ويس ۽ بس اسٽاپ ڏي هلڻ لڳاسين. رستي تي علوي
ڪجهه ڳالهائڻ جي ڪئي. شايد ڪجهه پڇڻ ٿي چاهيائين
پر سندس لفظ به ڄڻ وات مان نڪرڻ بعد برف ٿيو ٿي
ويا ۽ ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو. سخت ٿڌ ۽ وات کولڻ
سان جيڪا ٻاڦ نڪرندي آهي رڳو اهائي نظر پئي آئي.
ڪو جملو سمجهه ۾ آيو به ٿي ته هر ڪنهن پڪائي ڪري
جواب نٿي ڏنو. ههڙي سيءَ ۽ ٿڌي هوا ۾ گهڻو وات
کولڻ معنى نمونيا جو جهٽڪو لڳڻ. |