فقط برف سستي آهي
پر انهن سستن دڪانن ۾ به انگلينڊ، دبئي، سنگاپور جي مهنگين
مارڪيٽن کان وڏيون قيمتون رکيل آهن. بقول اسان جي
هڪ جهازيءَ جي اسڪينڊينيوئن ملڪن ۾ فقط برف ئي
سستي ملي سگهي ٿي. يعني جهڙي مهنگائي سئيڊن ۾ آهي
اهڙي فنلئنڊ ۽ ناروي ۾ به آهي. ان معاملي ۾ اڃا به
سندن چوٿون ڀاءُ ڊئنمارڪ ڪجهه سستو آهي. سئيڊن جي
جنهن شهر مالمو ۾ اسين رهون ٿا، ان معاملي ۾ ڀاڳ
وارا آهيون جو ڊئنمارڪ جي گاديءَ جو هنڌ ۽ وڏو شهر
ڪوپن هيگن سڏ پنڌ تي آهي، جتي سئيڊن کان سستائي
آهي. مالمو (سئيڊن) ۽ ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ) جي وچ ۾
سمنڊ جوڪجهه حصو آهي جنهن کي ٽپائڻ لاءِ پاڻيءَ
جون ڪيتريون ئي سواريون آهن. هڪ ته
SAS
هوائي جهاز ڪمپنيءَ جو هوور ڪرافٽ (جيڪو اڌا هوائي
جهاز اڌ پاڻيءَ جو جهاز سمجهڻ کپي) جيڪو ڪڏهن
پاڻيءَ جي سطح تان اڏامندو ويندو آهي ته ڪڏهن پاڻي
تي ترندو آهي. ان جي ٽڪيٽ سڀ ۾ گهڻي آهي. اوٽ موٽ
جي اٽڪل ٽي سؤ ڪرونا _ يعني ٻارهن سؤ رپيا کن. ان
۾ امير ماڻهو چڙهن يا وري ڪمپنيءَ جي خرچ تي سفر
ڪرڻ وارا. جيئن اسان ڪراچيءَ کان ايندي وقت ان ۾
آياهئاسين يا وري اهي جن لاءِ وقت تي پهچڻ اهم
هجي، جو هي سڀ ۾ تکو هلي ٿو ۽ مني ڪلاڪ ۾ مالمو
کان ڪوپن هيگن پهچائي ٿو.
هوور ڪرافٽ کان علاوه فيريون هلن ٿيون. هڪ ته ڊئنمارڪ جي ڪنهن
ڪمپنيءَ جي آهي ۽ 29 ڪرونا يعني سوا سؤ رپيا کن هڪ
طرفو وٺي ٿي ۽ ڪلاڪ ۾ ٻيءَ ڀر پهچائي ٿي. ان کان
به وڌيڪ هڪ ٻي سستي فيري آهي جيڪا فقط ڏهه ڪرونا
وٺي ٿي ۽ سو به اوٽ موٽ جا. يعني پنهنجا چاليهه
رپيا ٿيا. اها ڏيڍ ڪلاڪ لڳائي ٿي پر اسان کي ٻيءَ
ڀر پهچي ڪهڙو جهاز اڏائڻو آهي جو جلدي ڪريون.
خريداري ئي ڪرڻي آهي. اڌ ڪلاڪ جي دير سان پهتاسين
ته ڪهڙي وڏي ڳالهه ٿي.
”يار ڪمال آهي ڏهه ڪرونا يعني چاليهه رپين ۾ اوٽ موٽ جو سفر ته
ڪراچيءَ، ڪلڪتي ۽ ڪولمبو جي حساب سان به سستو آهي.
ڪراچيءَ کان حيدرآباد سرڪاري ڀڳل بس جو ڀاڙو به ان
کان مٿي هوندو. هي هيڏي ساري فيري ايتري ڀاڙي ۾
هلائين ٿا ان مان ڇا بچت ٿيندي هوندن.“ ڪئپٽن سليم
حيرت مان پڇيو.
”۽ ضروري ناهي ته هر وقت مسافرن سان ٽٻ هجي.“ مون چيومانس.
”پر جي هر دفعي ڀريل به هجي ته به وڌ ۾ وڌ پنج سؤ ماڻهو ويهي
سگهن ٿا. يعني پاڪستان حساب سان ويهه هزار رپيا
ٿيا ۽ ان مان هيڏي وڏي آفت جهاز جنهن جو اوٽ موٽ
ٽن ڪلاڪن ۾ نه فقط تيل سڙندو هوندو ۽ عملي جو
پگهار مس ٿيندو هوندو. باقي فائدو ڇا ٿيندو
هوندن.“ ڪئپٽن سليم چيو.
”۽ ڪڏهن ڪڏهن ته مقابلي ۾ اچي اڃا به ڀاڙو گهٽ ڪندا آهن. گذريل
سال اونهاري ۾ پنج ڪرونا (ويهه رپيا) به اوٽ موٽ
جو ڀاڙو رکيو هئائون.“ اسان کان هڪ سال اڳ آيل
پاڪستاني شاگرد علوي ٻڌايو.
”هونءَ پولش (پولينڊ جا رهاڪو) اهڙا بيوقوف ته نه آهن جو ائين
ڪن ٿا.“ (هن سستي ڀاڙي وارين فيرين جا مالڪ ڀر
واري ملڪ پولينڊ جا آهن ۽ هتي واپار ڪن ٿا.)
”اسان جي مئريٽائيم ايڪانامڪس جي پروفيسر الڊرلٽن انهن جي اٽڪل
بابت ٻڌايو پئي ته، ڪيئن هي پولش ماڻهو گهٽ ڀاڙي
تي به ڪمائي ڪن پيا.“ هڪ ٻئي پاڪستاني شاگرد قاضي
حميد ٻڌايو، ”هو مسافرن جي ڀاڙي مان ڪمائڻ بدران
جهاز ۾ ٺهيل هوٽل ۽ دڪان مان ڪمائين ٿا. سئيڊن ۾
شراب، سگريٽ، عطر وغيره تمام گهڻو مهنگو آهي.
(سگريٽ جو هڪ پاڪيٽ هڪ سؤ رپئي جو آهي) هو اهو ستر
رپئي ۾ وڪڻن ٿا ته به هڪ پاڪيٽ تي کين ٽيهه چاليهه
رپيا فائدو ٿئي ٿو جو فيريءَ وارا فئڪٽرين مان
ڊيوٽي فري اگهه تي ٽيهن رپئي مس خريد ڪن ٿا ۽
سئيڊن جو هر مسافرگهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪارٽن ته وٺي ئي
وٺي ٿو. اهڙيءَ طرح شراب، بيئر، چاڪليٽ عطر۽ ٻيون
شيون پڻ وٺن ٿا ۽ سراسري هر مسافر مان کين هزار
رپيا کن فائدو ٿيو وڃي. ڪيترا سئيڊن جا رهاڪو
ڊئنمارڪ وڃڻ جو شوق ۾ نه، پر سمنڊ تي ٽن ڪلاڪن جو
سير ڪرڻ ۽ سستو شراب ۽ سگريٽ وٺڻ لاءِ هن فيريءَ ۾
چڙهن ٿا ۽ واپسيءَ تي هنن کي ان تي ٽئڪس نٿو ڏيڻو
پوي، جو سئيڊن جي قانون مطابق ولايت مان ٿي ايندڙ
مسافر کي ويهه هزار رپين جي خريداريءَ جي ڇوٽ آهي.
پوءِ ڀلي ڪو آمريڪا، جپان يا آسٽريليا جهڙي ڪنهن
ڏورانهين ديس ۾ ڇهه مهينا يا سال رهي اچي يا سمنڊ
جي هن ڀر، سامهون نظر ايندڙ ڊئنمارڪ کي فقط هٿ
لاهي موٽي اچي. ٿيو ته ولايت رٽرنڊ!“
اسين سڀ دل جا مريض آهيون
جمع ڏينهن شام جو بي بي سي تان خبرون ٻڌڻ بعد ڪئپٽن سليم قاسم ۽
چيف انجنيئر راحت عزيز کان ٻئي ڏينهن ڇنڇر جي
پروگرام بابت پڇيم:
”ڀلا سيڌو سلف وٺڻ لاءِ سڀان ڪٿي هلجي؟“
بي بي سي جون خبرون نائين کان ساڍي نائين تائين هلنديون آهن.
ساڍا نَو رات هئڻ کپي پر هي ملڪ سئيڊن خط استوا
کان ايترو ته پري ۽ اتر ۾ آهي جو هتي ڏهين تائين
اڃا روشني هوندي آهي. يعني شام آهي ۽ اڃا ته ڏينهن
وڌندو ويندو. ويندي رات جو يارهين تائين روشني
رهندي ان بعد رات جي اونداهي ٿيندي. مالمو کان اڃا
مٿي ته سئيڊن جا اهڙا به شهر آهن جن ۾ اونهاري جي
وچ ڌاري، ڪيترا هفتا رات ٿئي ئي ڪانه، ڏينهن رات
سج هوندو آهي ۽ لڳاتار روشني هوندي آهي. بهرحال
سمهڻ کان اڳ ٻئي ڏينهن جو پروگرام معلوم ڪرڻ ضرور
هو.
”يار سڀان هتان شاپنگ ڪرڻ بدران ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ) هليا
هلون.“ ڪئپٽن سليم چيو.
”اهو به صحيح آهي. بنگالي، ايراني ۽ ملائيشيا جا ته هرهفتي
ڊئنمارڪ مان خريداري ڪريو اچن ۽چون ٿا ته هر شيءِ
جو اگهه سئيڊن کان اڌ جيترو آهي.“ راحت عزيز چيو.
”پر فيري الائي ڪيڏي مهل ٿي وڃي؟“ مون پڇيو.
”هتان نائين بجي کڻي هلون. بنگالين پئي ٻڌايو ته هر ڏيڍ ڪلاڪ
بعد سستي وار ي فيري هلي ٿي. پوءِ جيڪا پهرين ملي
ان ۾ هليا هلنداسين.“
ڪئپٽن سليم چيو.
”بلڪل صحيح آهي. پوءِ سڀان نائين بجي صبح جو سڀ تيار هججو.“ مون
چيو.
”ڀلا سيڪنڊ ييئر جي پاڪستاني همراهن کي ٻڌايون يا نه.“ راحت
عزيز چيو.
”ٻڌائينداسين سهي پر دعا ڪريو ته ڪاشيءِ آڻڻ لاءِ نه چون.“ مون
چيو.
”واقعي. نه ته پنهنجو سامان ڍوئجي يا ٻين جو. قاضيءَ ڪڪڙ، دال ۽
نان آڻڻ لاءِ ٿي چيو.“ راحت عزيز چيو.
”يار آئون ته آهيان دل جو مريض اڃا هن سال آپريشن ڪرائي اٿم. سو
ڊاڪٽر بار کڻڻ لاءِ جهليو آهي.“ ڪئپٽن سليم اعلان
ڪيو. ۽ مون کلندي چيو. ”دل جا مريض اسين به آهيون
پوءِ کڻي ٻئي نموني سان. سو مهرباني ڪري سامان کڻڻ
لاءِ مون کي ڏاهري ٽرڪ ڪمپنيءَ جو مزور نه
بڻائجو.“
”يار مجنون ۽ فرهاد جهڙا دل جا مريض ته الائي ڇا ڇا پورهيا ڪندا
هئا ۽ شڪستون سهندا هئا.“ ڪئپٽن سليم چيو.
”اهي ضرور ڪندا هوندا پر هنن کي مالمو ۾ اچي ايم ايس سي نه ڪرڻي
پئي هئي. بهرحال چرچو ڪونه ٿو ڪريان. مونکي به
ڊاڪٽر سامان کڻڻ کان جهليو آهي. توهان کي ته ياد
به هوندو ته هتي اچڻ کان اڳ مهينو کن نيول اسپتال
P.N.S Shifa
۾ پٺيءَ جي ڪنڊي ۾ سور کان مڪمل آرام هيٺ هوس.“
”يار مونکي پاڻ پٺيءَ جو سور (Back
Ache)
آهي.“ راحت اعلان ڪيو، ”آئون ته ڪلاڪ ٻن کان مٿي
هلي به نٿو سگهان.“
”يار اهو وري ڪيئن؟“ ڪئپٽن سليم ڪوڙو ثابت ڪرڻ لاءِ راحت کي
ڇينڀيو.
”سچ. ڪوڙ ڪونه ٿو چوان. جهاز جي ڊيڪ تي ڪري پيو هوس. ڪيترا
مهينا سخت تڪليف ۾ هوس. هينئر به، خاص ڪري سيءَ ۾
، سور ٿئي ٿو.“
”بهرحال اهو ڏٺو ويندو. ڪجهه پنهنجو سامان گهٽائي پنهنجن
پاڪستاني ڀائرن لاءِ کڻي وٺي اچبو. في الحال
ڊئنمارڪ پڪ هلبو.“ ڪئپٽن سليم چيو.
۽ آئون راحت جي ڪمري مان نڪرڻ وارو هوس ته راحت چيو پنهنجا
پاسپورٽ قابو رکجو، جو ٻئي ملڪ ۾ ٿا هلون.
”پلاسٽڪ جون ٿيلهيون ياد ڪري کڻجو.“ ڪئپٽن سليم چيو. هن پاسي جي
ملڪن جي اها چڱي خواري آهي ته دڪاندار ٿيلهيءَ ۾
سامان وجهي نه ڏين. هر گراهڪ گهران ٿيلهي کڻي
هلندو آهي. ان ڪري هرڪا پوڙهي يا نوجوان پنهنجي
اوور ڪوٽ ۾ هڪ عدد پلاسٽڪ جي شاپنگ بئگ (ٿيلهي)
ضروري وجهي هلندي آهي ته متان اوير سوير ڪنهن دڪان
مان ڪجهه وٺڻو پوي.
”ٿيلهيون کڻي هلڻ سان گڏ هڪ ٻي به شيءِ ياد رکجو،“ مون چتاءُ
ڏنو مان، ”هڪ يا ٻه عدد سئنڊوچون. خبر ناهي ڪنهن
وقت موٽون ۽ جي هوٽل ۾ ماني کاڌيسين ته باقي فائدو
ڇا ٿيندو.“
”دل ته چوي ٿي ته ٿرماس ۾ چانهه يا ڪافي به کڻي هلجي، جو هتي جي
سستي هوٽل ۾ به چانهه جوڪوپ ڏهن ڪرونائن (چاليهه
رپئي) کان گهٽ ناهي.“ راحت عزيز چيو، ”ساڳي اسڪالر
يا پگهار ۾ هتي جا ماڻهو اسان جي ملڪ ۾ خوب عيش
اچيوڪن ۽ اسان سندن ملڪن ۾ بک مريو وڃون.“
ڊڪار (سينيگال) جي مائي ايمي
ٻئي ڏينهن پوري نائين بجي پنهنجن پنهنجن ڪمرن مان
تيار ٿي فيري اسٽيشن ڏي ويندڙ بس جو انتظار ڪرڻ
لڳاسين. هلڪي هلڪي ڦڙ ڦڙ سان گڏ تکي هوابه لڳي رهي
هئي. جيسين بس اچي ۽ بس جي هيٽر اڳيان هلي ويهجي
تيسين سيءَ ۽ هوا کان بچڻ لاءِ اوور ڪوٽ جا ڪالر
مٿي ڪري کيسن ۾ هٿ وجهي، بس اسٽاپ جي ڀر ۾ ٺهيل
دڪان جي ڳڙکي جي اوٽ ۾ ٿي بيٺاسين. تيرهن ۽ سترهين
نمبر جون بسون آيون پر اسان کي فيري اسٽيشن تي وڃڻ
لاءِ 18۽ 20 نمبر جي ضرورت هئي. رستي تي آچر واري
خاموشي نه هئي پر تڏهن به موڪل ڪري ٽرئفڪ ۽ ماڻهن
جي چرپر گهٽ هئي. ويتر سيءِ ۽ مينهن ڪري ماڻهن گهر
۾ گرم ٿي ويهڻ ۾ وڌيڪ عافيت سمجهي ٿي. ايتري ۾
سامهون، اسان جي هاسٽل کان اسان جي فلور (ٽي ماڙ)
تي لاگوس (گهانا) جي رهندڙ ائلس ۽ چوٿين فلور تي
ڊڪار (سينگال) جي رهندڙ مائي ائمي نمودار ٿي. هو
به شاپنگ لاءِ نڪتيون هيون ۽ بس لاءِ اسان ڏي
وڌيون. ”ائمي! پاسپورٽ اٿئي؟ فقط ڏهه ڪرونن ۾ توکي
ڊئنمارڪ گهمائي اچان.“ مون ائمي کي چيو. ائمي جواب
ڏيڻ بدران دستور موجب مرڪندي رهي. جواب هن کي هر
ڳالهه جو اچي ٿو پر وات ذريعي ٻئي تائين پهچائڻ ۾
هوءَ ايترو وقت لڳائيندي آهي جو تيسين يا ته ان
ڳالهه جو ئي موضوع بدلجي ويندو آهي يا بس اچي
ويندي آهي يا ڪلاس روم ۾ پروفيسر اچي ويندو آهي يا
ٽي ويءَ تان خبرون شروع ٿي وينديون آهن ۽ ائميءَ
جو جواب پاروٿو ٿي ويندو آهي يا تخليق ٿي ظاهر ٿيڻ
کان اڳ مري ويندو آهي. پورچوگيز، اسپيني ۽ فرنيچ
ڪالونين وارن آفريڪن شاگردن وانگر ائميءَ سان به
ظلم آهي. يونيورسٽيءَ جي ۽ پاڻ ۾ ڳالهائڻ ٻولهائڻ
جي بين الاقوامي زبان انگريزي آهي. جنهن ۾ ائمي
صفا ڏڏ آهي. نتيجي ۾ انگريزيءَ ۾ ڪيل سوال جوجواب
پهرين هوءَ پنهنجي مادي زبان ۾ سوچي ٿي. جيڪا
آفريڪا جي سوين قبيلائي ٻولين مان ڪا هڪ آهي. پوءِ
ان آفريڪي زبان جو فرينچ ۾ ترجمو ڪري ٿي جو پاڻ
اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ ۾ فرينچ پڙهي آهي. ان
بعد ان فرينچ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ٿي. هوءَ
انگريزي پئرس ۾ اچي هڪ فرينچ ماستر کان سکي هئي ان
کان علاوه هتي جي ڪورس شروع ٿيڻ کان ٽي مهينا اڳ
هتي اچي هڪ سئيڊش ماستر کان پڻ انگريزي سکي (جنهن
حقيقت ۾ پهرين آيل انگريزيءَ جو به اڇو مٿو ڪر ي
ڇڏيس.)
ائميءَ سان گڏ گهانا جي هلندڙ ائلس (Alice)
جيڪا ائميءَ لاءِ انڌي جي لٺ جو ڪم ڏيندي آهي،
انگريزيءَ ۾ چڱو ڀڙ آهي جو هڪ ته گهانا ۾ اسان
وانگر انگريزي هلي ٿي ۽ ٻيو گهانا ۾ ايتريون ته
آفريڪي ٻوليون عام مروج آهن جو گهانا وارا پنهنجو
پاڻ ۾ به انگريزي ڳالهائين. ”اوپن مارڪيٽ کلي چڪي
هوندي؟“ ائلس پڇيو.
”ها. پر ان لاءِ 17 نمبر بس هاڻ وئي آهي. اڄ موڪل ڪري ٻي بس
ويهن منٽن بدران مني ڪلاڪ بعد ايندي. بهتر ٿيندو
ته ڪنگس گاٽن واري بس اسٽاپ تان وڃي 17 نمبر بس
وٺو.“ راحت ٻڌايس.
”توهان ڪونه ٿا هلو.“ ائلس پڇيو.
”اسان اڄ ٻئي هنڌ ٿا وڃون.“
ايتري ۾ 18 نمبر بس آئي اسان سان گڏ هي ٻئي پڻ چڙهيون. ٻيو نمبر
اسٽاپ ڪنگس گاٽن جو هو. کيس ياد ڏياريوسين پر هو
نه لهي سگهيون.
”ٺهيو اسين به توهان سان ئي هلون ٿين.“ ائميءَ مس مس ڪو جملو
ٺاهي وراڻيو.
”اسين ته ڊئنمارڪ پيا وڃون.“ مون ٻڌايومانس.
“Realy”?
ائميءَ تعجب کاڌو.
”ته هي جو مون توکان ڇوٽ ۾ پاسپورٽ جو ڇاجي لاءِ پڇيو. ۽ فيريءَ
جي ٽڪيٽ فقط ڏهه ڪرونا آهي. ماڻهو هزارها خرچ ڪري
ٻئي ملڪ ۾ ويندا آهن ۽ هتي فقط ڏهه ڪرونا _ يعني
ڏيڍ آمريڪن ڊالر ۾ سئيڊن کان ڊئنمارڪ. ان بعد ڊڪار
مان نڪرندڙ ڊيلي اخبار ۾ اها خبر اچي ويندي ته
ائمي ڏيڍ ڊالر ۾ ڊئنمارڪ مان ٿي آئي.“
”۽ ڊئنمارڪ ڇو وئي ۽ ڪنهن سان وئي؟“ راحت کلندي پڇيو.
”يار هاڻ هن غريب سان چرچا نه ڪر. اهو ٿوروئي اخبار ۾ ڇپائي کيس
ذليل ڪبو ته هڪ پاڪستانيءَ سان گڏ ڊئنمارڪ مان
سستي ڊبل روٽي وٺڻ وئي هئي. مون چيو.
ايتري ۾ بندرگاهه اچي ويو ۽ اسان بس مان لهي پياسين.
هڪ پاڪستاني نوجوان
بندرگاهه ۾ هر نموني جي فيري ۽ هوور ڪرافٽ بيٺو هو. سستي واري
فيري آخري نمبر تي هئي. ٽڪيٽن تي ويٺل عورت ٻڌايو
ته هڪڙي صبح جو ساڍي اٺين وڃي چڪي آهي ۽ هاڻ ٻي
ڪلاڪ کن بعد ساڍي ڏهين ويندي ۽ ان بعد ساڍي
ٻارهين، ساڍي ٽين ۽ ساڍين ڇهين ويندي ۽ ساڳين وقتن
تي سندن ٻي فيري ڊئنمارڪ پاسي کان اچڻ لاءِ رواني
ٿئي ٿي.
اسان ڏهه ڏهه ڪرونا ڏيئي ٽڪيٽ ورتي. اهو ملڪ جتي هڪ بس اسٽاپ
کان ٻئي بس اسٽاپ جو ڀاڙو به يارهن ڪرونا آهي.
يعني صدر کان سعيد منزل تائين يا حيدرآباد جي پٺاڻ
ڪالونيءَ کان بئراج ڪالونيءَ جو سرڪاري بس جو ڀاڙو
چوئيتاليهه رپيا سمجهو، اتي هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ،
هيڏي وڏي پاڻيءَ جي پئسينجر جهاز (Ferry)
۾ ڏيڍ ڪلاڪ اوٽ ۽ ڏيڍ ڪلاڪ موٽ جي سفر جا فقط
چاليهه رپيا ۽ اونهاري ۾ اڃا به گهٽجي پنج ڪرونا
(يعني ويهه رپيا) ٿيڻ عجيب لڳي ٿو. پر اهي سستي
ڀاڙي واريون سواريون، گهٽ اگهه وارا دڪان، فقط اهي
معلوم ڪري سگهن ٿا جيڪي هتي رهن ٿا. نه ته ڌارئين
آيل مسافر کي ڪهڙي خبر. هو ته بندرگاهه جي منهن ۾
بيٺل هوور ڪرافٽ ۾ اوٽ موٽ جا اڍائي سؤ کن ڪرونا
ڏيئي سفر ڪر ي ٿو. يا اهو هڪ ٻه ڏينهن هوٽل ۾ رهڻ
وارو مسافر جڏهن هوٽل وارن کان پڇندو ته کيس هو
وڏو ماڻهو سمجهي اوچي وار ي سواريءَ جو ئي
ٻڌائيندا. يا ان ڪري به اوچي ۽ مهنگي سواريءَ جو
ٻڌائيندا جو ان تي کين به ڪميشن ملي ٿي. چاليهه
رپئي واري سواري وارن جهازن جا مالڪ هوٽل جي
مئنيجرن کي ڇا ڪيمشن ڏيندا. اهو ئي سبب آهي جو
اسان جو هڪ سڃاڻو همراهه جيڪو ٻه ڏينهن ڪوپن هيگن
۾ رهيو پر درياهه جي هن پار اسان وٽ مالمو اچي نه
سگهيو ۽ بعد ۾ ڪراچيءَ مان وڃي خط لکيائين:
”يار اچڻ لاءِ دل ڏاڍو چيو پئي پر اڍائي سؤ ڪرونا ڀاڙو ڏئي پهچڻ
مهنگو لڳو. هوٽل وارن کان معلوم ڪيم ته هنن جو
ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ) کان مالمو (سئيڊن) وٺي هلڻ
لاءِ ان ئي سواريءَ جو ٻڌايو.“
هڪ دفعي سنگاپور جي هڪ هوٽل مئنيجر کي چيم:
”توهان يورپين يا آمريڪن کي ڀلي مهنگن دڪانن يا اوچين ٽئڪسين جو
ٻڌايو جو هنن وٽ پئسو آهي پر ايشيائي ملڪن جي
ماڻهن کي ته سستا هنڌ ٻڌايو، جنهن ۾ هنن جو ڀلو
ٿئي.“
”سائين اها ڳالهه ناهي. هڪ يورپين يا آمريڪن کي ڪنهن سستي
ٽئڪسي، دڪان يا ماني کائڻ لاءِ ريسٽورنٽ جو ٻڌائي
سگهجي ٿو پر هڪ ايشيائي همراهه کي نه. جو هو ان کي
پنهنجي بي عزتي ٿو سمجهي. کيس کيسي ۾ ڀلي ڪجهه نه
هجي. ڳوٺ ۾ سندس ٻار ٻچا زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن
لاءِ به سڪي رهيا هجن پر پاڻ هر صورت ۾ پنهنجي لئه
اتي يا هتي قائم رکڻ چاهي ٿو. پوءِ ڀلي ان لاءِ هو
قرضي ٿي وڃي. يا ان خرچ لاءِ پئسو هٿ ڪرڻ لاءِ، ڀل
هن کي چوري، رشوت يا ٻيو ڪو غير قانوني ڌنڌو يا
غير اخلاقي ڪم ڪرڻو پوي.“
مالمو جي بندرگاهه وٽ پهچي ڪئپٽن سليم چيو، ”ڊئنمارڪ هلي بئنڪ
وغيره تان پئسا مٽائڻ بدران هتا سئيڊن مان
Forex
تان مٽائي هلون. بنگالي ٻڌائي رهيا هئا ته ائين
صحيح رهي ٿو.“
فيريءَ ۾ اڃا وقت هوسو ڪئپٽن سليم اسان کان ٻه ٻه سؤ سئيڊن جا
ڪرونا وٺي مٽائڻ لاءِ ٻاهر نڪتو. تيسين اسان ڪنڊ
وارين ڪرسين تي ويهي چوڌاري ايندڙ ٻين مسافرن کي
ڏسڻ لڳاسين ته ڪهڙي قسم جا ماڻهو ڊئنمارڪ ايندا
ويندا رهن ٿا. گهڻي ڀاڱي هتي جا سئيڊش هئا جيڪي
ٻارن سان موڪل ملهائڻ خاطر چڪر تي نڪتا هئا، يا
ڇوڪرين جا ٽولا پنهنجين ساهيڙين سان گڏ هئا. يا
ڪجهه ڇهڙا هئا جيڪي ڪم سانگي يا پنهنجن مائٽن مٽن
سان ملڻ لاءِ نڪتا هئا جو هن پاسي هڪ ٻئي جي ملڪ ۾
اچڻ وڃڻ ائين سولو آهي جيئن پشارو، جلال آباد
(افغانستان) وٽ يا هيٺ ٿرپارڪر ۽ راجستان جي بارڊر
وٽ مال چارڻ وارا ايندا آهن. شاديون مراديون به هڪ
ٻئي سان عام جام ڪن ۽ تعليم لاءِ به هڪ ٻئي جي
ملڪن ۾ ايندا ويندا رهن ٿا. بهرحال اهي ماڻهو
ڊئنمارڪ ۾ اسان وانگر خريداريءَ جي مقصد سان نه
وڃي رهيا هئا. جيڪي ان ڪم لاءِ وڃي رهيا هئا انهن
جي هٿن ۾ خالي ٿيلها، بئگون ۽ ننڍيون ٽراليون هيون
يا پلاسٽڪ جون ٿيلهيون سندن اوورڪوٽن جي کيسن مان
ليئا پائي رهيون هيون ۽ اهي گهڻو ڪري ڌارين ملڪن
جا هتي رهندڙ هئا. آفريڪن، عربن، پاڪستاني،
هندستاني ۽ چين کي ته سندن رنگ ۽ منهن مهانڊي مان
سڃاڻڻ سولو هو، پر جيڪي سئيڊش ماڻهن جهڙا گورا هئا
تن جي ڳالهائڻ جي لهجي يا افعالن ۽ ڪپڙن مان معلوم
ٿي سگهيو ٿي ته هي پولينڊ، ايسٽ جرمني، البانيا
يوگوسلاويا وغيره جا آهن. واپسيءَ تي انهن سڀني
جون خالي بئگون سيڌي سامان سان ڀريل هيون ۽ فيريءَ
جي ڪرسي يا ٽيبل هيٺان انهن کي رکڻ جي جاءِ نه پئي
ملي.
فيريءَ ۾ چڙهڻ لاءِ هڪ پاڪستاني نوجوان به نظر آيو. پر هپين
وانگر سندس ڊگهن وارن جو جوڙو ٺهيل ڏسي اسان چيو
ته پڪ سک هوندو يا ڪو ٻيو. هونءَ رنگ اڇو هجيس ها
۽ قد ڊگهو ته سندس افعالن مان کيس سئيڊش سمجهون ها
جو وار ڊگها رکي چوٽيون ٺاهڻ يا ڪن ٽوپائڻ جهڙيون
ٽرڙپايون اڄڪلهه جي سئيڊش نوجوانن ۾ فئشن ٿي پيو
آهي.
لائيف جئڪيٽ ياد رکجو
هڪ عرب نموني جي فئملي آئي پر قدبت ۾ ڊگها ۽ رنگ ۾ ايترو ته صاف
کير جهڙا هئا جو نوجوان زال مڙس ۽ انهن مان ڪنهن
جي پوڙهي ماءُ ۽ سندن ٻارن جا ڳل سيءَ کان گلابي
ٿي ويا هئا. راحت عزيز چيو ته عرب نٿا لڳن. ٿي
سگهي ٿو ته يوگوسلاويه جا هجن جو ڪيترائي
يوگوسلاويه جا مسلمان، اتي جي هنگامن کان ڀڄي هتي
سئيڊن ۾ سياسي پناهه وٺي رهيا آهن، بهرحال آهن
مسلمان جو عورتن جي مٿي تي ٻوڪي (حجاب
/روسري)
ٻڌي پئي آهي.“
مسلمانن جي دنيا ۾ اهو خوب آهي ته ملائيشيا، انڊونيشيا ۽
ٿائلينڊ جي مسلمان عورت کان وٺي عرب دنيا ۽ آفريڪا
۽ روس جي مسلمان عورت چورس وڏي رومال کي ٻيڻو ڪري
ان کي ائين ٻڌندي جيئن سڄو مٿو ڍڪجي وڃي ۽ اهو
ڪپڙو بار بار هيٺ نه لهندو آهي.پر فقط پاڪستاني
عورت آهي جيڪا سکڻين وانگر پوتي (دوپٽو) اوڍي ٿي،
جيڪو مٿي بدران ڳچيءَ ۾ لڙڪي ٿو ۽ جي مٿي تي آهي
ته به بار بار هيٺ ڍرڪندو رهي ٿو يا اڌ گابرو مٿو
ڍڪي ٿو. اها هڪ اهڙي ڳالهه آهي، جنهن کي مسلمان
دنيا ۽ عرب جا ماڻهو گهٽ نگاهه سان ڏسن ٿا ته ان
کي غير اسلامي طريقو سمجهن ٿا. هو اهوئي سوچين ٿا
۽ مٿي ڍڪڻ جو هي ڪهڙو اسلامي طريقو آهي. جيڪو
پاڪستان ۾ رائج آهي.
فيريءَ ۾ ويهڻ لاءِ جيئن ئي ماڻهو اٿيا ته مٿين فئملي منهنجي
ڀرسان هئي، ۽ مون کانئن سندن ملڪ جو پڇيو:
”عرب آهيو.“
”نه!“ همراهه نه ڪري، صحيح ٻڌائڻ بدران مونکي سوچڻ لاءِ وقت
ڏنو.
”ترڪ؟ لبناني؟............... راحت چيس.
”نه. Any more guess“
”يوگوسلاوين؟“ مون چيو.
”نه.“
”چڱو ترس ڀلا هڪ ٻيو به نالو وٺڻ ڏي.“ راحت عزيز مونکي چيو ته،
هي يورپ جائي آهن پر ملڪ جو نالو هن وقت دماغ ۾
نٿو اچي.
”البانيا؟ مون چيو.
”نه.“
”Ok you Tell us.
“ (چڱو تون ئي هاڻ ٻڌاءَ.) اسان چيس.
”ڪرد آهيون.“
”توهان سان ملي خوشي ٿي. اسان به رات ئي توهان جون ڳالهيون ڪري
رهيا هئاسين ته عرب دنيا ۾ ڪرد تمام بهادر ۽ دلير
قوم آهي. شايد ان بهادريءَ جي ڪري ئي انگريز ۽
يورپي خوش نه هئا ۽ ڪردستان کي هڪ طاقتور ملڪ ڏسڻ
نه ٿي چاهيائون. ان ڪري، ويندي وقت ٽڪرو ترڪي
حوالي، ٽڪرو شام ۽ عراق حوالي ۽ ٽڪرو ايران حوالي
ڪري ويا. توهان جو ڪهڙي حصي سان تعلق آهي؟“
”اسين ترڪيءَ ۾ رهون ٿا. پر هاڻ هتي سياسي پناهه هيٺ آهيون. ٻه
سال ٿيا ته ترڪيءَ مان ڀڄي هتي سئيڊن ۾ اچي رهيا
آهيون. اڃا هتي جي قوميت ۽ پاسپورٽ نه مليو آهي.
ڪورٽ ۾ ڪيس هلي رهيو آهي. تيسين هتي جي حڪومت هتي
رهڻ جي موڪل ڏني آهي ۽ مهيني سر سرڪاري ڀتو به ڏئي
ٿي.“ هن ٻڌايو.
”پوءِ اچڻ وقت سئيڊن وارن توهان کي رهڻ جي موڪل ڏني؟“ اسان
پڇيس.
”نه ائين ڪڏهن به اچڻ نه ڏين. پولينڊ، جرمني ۽ ڊئنمارڪ کان
ڦرندا ڦرندا، ننڍين ٻيڙين رستي سمنڊ اُڪري لڪي لڪي
سئيڊن ۾ گهڙي پياسين ۽ هاڻ نٿا ڪڍي سگهن جيسين
ڪورٽ ڪو فيصلو ڏئي.“
فيريءَ ۾ ويهڻ لاءِ ٽي چار وڏا هال هئا. هر هڪ ۾ پنجاهه کن
مستطيل ٽيبلون رکيل هيون جن جي چوڌاري چارچار
ڪرسيون هيون. اسان هڪ ئي ٽيبل تي ويهڻ چاهيو ٿي،
جنهن لاءِ کاٻي پاسي دريءَ واري قطار جو هڪ ٽيبل
ملي ويو ۽ سليم ۽ مون وڃي ان تي قبضو ڪيو ۽ خالي
ڪرسيءَ مٿان ٿيلهو رکي ڇڏيو، جيئن ان تي راحت عزيز
ويهي سگهي جيڪو جهاز (فيريءَ) جي انجڻ، باٿ روم،
ڊيوٽي فري شاپ ۽ ريسٽورنٽ جو جائزو وٺي ڏهن پندرهن
منٽن بعد پهتو ئي مس ته فيري هلڻ لڳي. هن اچڻ سان
مٿان سنهن ڪٻٽن ۾ رکيل لائيف جئڪيٽن ڏي اشارو ڪر ي
چيو:
بس رڳو اهو ياد رکجو ته جهاز ٻڏڻ مهل لائيف جئڪيٽ مٿان کڻڻي
آهي. هاڻ ڀلي سمهي سگهو ٿا.“
ماڻهو ولايت ۾ ڇا لاءِ رهي ٿو؟
مون ٽيبل جي تعريف ڪندي چيو: ”آئينده ڊئنمارڪ هلبو ته
يونيورسٽيءَ کان مليل هوم ورڪ يا
Assignment
گهر۾ ڪرڻ بدران هتي کڻي اچبي. ڪم به ٿي ويندو ۽
وقت به گذري ويندو.“
”يا خط ويهي لکبا يا ڪو رسالو مئگزين پڙهڻ لاءِ کڻي اچبو.“ راحت
چيو.
”آپ پاڪستاني هين؟“ اسان کي زور زور سان اڙدوءَ ۾ ڳالهائيندو
ٻڌي اسان جي پويان ويٺل همراهه پڇيو. مڙي ڏٺم ته
اهوئي چوٽين ٻڌل نوجوان هو جنهن کي ڪجهه دير اڳ
فيريءَ لاءِ انتظار ڪندي ڏٺو هئوسين.
”ها. توهان ڪير آهيو؟“ سليم کانئس پڇيو.
”آئون به پاڪستاني آهيان.“
”پوءِ اچي اسان سان گڏ ويهه. ايڏانهن اڪيلو ويهڻ کان هتي خبر
چار ڪندا رهنداسين.“ راحت کيس گڏ ويهڻ لاءِ چيو ۽
هو اڳهين ڪو آتو هو.پاڻ سان آندل ٻنهي ٿيلهن ۾ هٿ
وجهي اچي اسان واري ٽيبل تي ويٺو. ٿيلها رکڻ سان،
هڪڙي مان شيشي جي بوتلن جو آواز آيو. سليم کلي
چيس:
”ڊئنمارڪ ڏي هرڪو خالي ٿيلها کڻيو پيو وڃي. پر توهان ڀريل، خير
۾ کنيا آهن؟“
”آئون دراصل نزنس ڪندو آهيان. هتان سامان کڻي اوڏانهن وڪڻندو
آهيا.“ هن ٻڌايو.
”موڪل واري ڏينهن تي شايد توهان اسٽال هڻنداآهيو؟“ مون پڇيو.
ڪيترا پاڪستاني مڪاني ماڻهن سان گڏ، موڪل واري
ڏينهن تي، رستن تي ٽيبل رکي ڪجهه نه ڪجهه سامان
وڪڻندا آهن. خاص ڪري پاڪستان يا سنگاپور، دبئي،
هانگ ڪانگ کان آندل سستو سامان ڪجهه فائدي تي
وڪڻندا آهن.
”نه نه. دڪان نه اٿم. ڪميشن تي ڪئسٽ وڪڻندو آهيان. هانگ ڪانگ،
تائيوان مان سستا گهرائي پوءِ هتي ڏهين ڪروني
(چاليهه رپئي) وڪڻندو آهيان ۽ اهڙي طرح في ڪئسٽ تي
اڌو اڌ فائدو ٿئيم. ڪڏهن ته ٻارهين تيرهين ۾ به
وڪڻي ڇڏيندو آهيان. مڙيئي سؤ ڏيڍ سؤ ڪرونا روز
ڪمائي وٺان. نوڪر ي ٽوڪري آهي. اها ڪانه ڪريان. سو
سرڪار طرفان ٽي چار هزار ڪرونا بيروزگاريءَ جو ڀتو
ملي ۽ ٻي هيءَ ڪمائي. موج لڳي پئي آهي.“
سندس عمر پنجٽيهه، چاليهه سال کن ٿيندي ۽ نالو محبوب ٻڌايائين.
”هتي _ يعني سئيڊن ۾ مونکي پندرهن سال ٿي ويا آهن پرهونءَ هن
پاسي ويهن سالن کان آهيان. شروعاتي ڪجهه سال
ڊئنمارڪ، فنلئنڊ ۽ پولينڊ ۾ رهيس.“
”تنهن جي معنى تون ننڍي عمر ۾ ئي هن پاسي کان اچي نڪتين.“
”ها. آئون پندرهن سورهن سالن کن جو هوس ته ڊئنمارڪ ۾ آيس.“
”ڪيئن آئين؟“ مون پڇيومانس.
”ڊئنمارڪ ۾ منهنجو وڏو ڀاءُ رهي ٿو. اڃا به آهي ۽ بس هلائي ٿو.
هن مونکي هيڏانهن گهرايو. ٽي مهينا کن رهيس پرڪم
نه ٿي سگهيو. يعني وڌيڪ رهڻ جي ويزا نه ملي سگهي.
گهڻو ئي لڪيس پر جهلجي پيس ۽ واپس وطن وڃڻو پيو.
وڌيڪ ضد ڪيان ها ته وڏي ڀاءُ کي به ڪڍي ڇڏين ها جو
هن جي ضمي تي ڊئنمارڪ آيو هوس.“
”پوءِ؟“
”پوءِ....... ها پوءِ....... ترسو سگريٽ دکايان ته سڄي اسٽوري
ٻڌايانوَ ٿو.“
پاڻ اسان کي به سگريٽ آفرڪيائين. پر اسان مان ڪوبه سموڪر ناهي.
سو کيس مهرباني چئيسين.
”يار آئون ته بيئر شيئر جو به شوق ڪندو آهيان. آخر ماڻهو والايت
۾ ڇو ٿو رهي.“
”تون ڀلي شوق ڪر ۽ ڪجهه کائڻو پيئڻو هجي ته ڀلي کاءُ به. اسان
جو فڪر نه ڪر. اسان هاڻ چڱيءَ طرح نيرن پاڻي ڪري
گهران نڪتا آهيون.“ اسان ٻڌايس.
”تڏهن به ڪافي چانهه هلندي؟“
”نه ان جي به ضرورت ناهي. تون ڀلي پيءُ.“
سو پاڻ سگريٽ دکائي، سامهون اسٽال تان بيئر وٺي آيو.
”هتي بيئر مهنگو آهي ڏهه ڪرونا بوتل. آئون ڊئنمارڪ مان وٺي
ايندو آهيان ڪڏهن توبرڪ ڪڏهن ڪو ٻيو. فقط ڇهن
ڪرورنا ۾ ملي ٿو ۽ خالي بوتل ڏيڻ سان ڏيڍ ڪرونا
اڃا به گهٽ ڪن ٿا. سئيڊن ۾ ته خالي بوتل کي ڪو پڇي
ڪونه ٿو. هي ڏسو ٽيهه کن خالي بوتلون کڻيو پيو
وڃان. هڪ پاڪستانيءَ جي دڪان تان وٺندو آهيان.
پنهنجو گرائين به آهي ته يار به آهي، توهان هلندؤ
ته توهان کي به زوريءَ ڪجهه پيئڻ لاءِ چوندو. شراب
نه ته چانهه، ڪافي ڪوڪا ڪولا. نه ته هنن ملڪن ۾ ته
ڪو ٺلهيءَ پاڻيءَ لاءِ به نٿو پڇي. پٽ پيءُ کي
پيءُ پٽ کي نٿو پڇي. ايمان سان.“ ائين چئي هو ٽهڪ
ڏيڻ لڳو. |