سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا

الطاف شيخ

صفحو :3

 

PIA جا اجر جا ڪم ۽ اسان کان اڳ آيل پاڪستاني

ڪراچي کان ڪوپن هيگن ايندي PIA جي هوائي جهاز ۾ نيرن ۽ منجهند جي ماني کارايائون. خدا شل کين جنت نصيب ڪري. ان کان علاوه وچ ۾ جهاز ۾ چڙهيل سئيڊش، ڊئنش ۽ ٻيا يورپي مسافر پئنٽري (رڌڻي) مان ايئر هوسٽس کان ڪوڪا ڪولا، فانٽا يا ڪنهن ٻئي شربت / جوس جي گُهر گُهر ڪندا رهيا. اسان به هڪ ٻه دفعو سيون اپ جهڙو اڇو شربت (شايد اسپرائيٽ يا ببل اپ هجي) وٺي پيتو _ ڪجهه اڃ ڪري ڪجهه وقت گذارڻ خاطر، اٺ نَو ڪلاڪ ڀلا ڇا ڪجي. ويتر جهاز ڏينهن جي روشنيءَ ۾ هلي رهيو هو. رات هجي ها ته ٻين کي ننڊ ڪندو ڏسي اسان به کڻي اکيون بند ڪري ننڊ جو مکر يا ننڊ لاءِ ڪوشش ڪريون ها. پر روشنيءَ ڪري سڀني جو سک ڦٽل هو. ايئرهوسٽس گهڻو ئي چاهيو ته درين جا فلئپر هيٺ ڪيا وڃن ته اوندهه ٿئي ۽ هرڪو جيڪو جت اهو تت ٿي وڃي. پر رکي رکي ڪنهن نه ڪنهن پنهنجي دريءَ جو پڙدو ريڙهي ٻاهر ڏٺو ٿي ۽ سڄي جهاز ۾ تکي روشني ڇانئجي وئي ٿي. جن جي اک لڳل هئي. اهي به اکيون مهٽي سجاڳ ٿي ويا ٿي ۽ پوءِ ٽنگ ڊگهي ڪرڻ لاءِ مسافرن جي ڪاڪوس ڏي، پئنٽريءَ ڏي يا ٺلهي هيڏانهن هوڏانهن. اچ وڃ، اٿ ويهه لڳي رهي ٿي. شربت پيئڻ بعد مون هڪ دفعو ڪافيءَ لاءِ پڻ ايئرهوسٽس کي چيو. مون سمجهيو ته PIA جو ڪئبن عملو ايترو نخرو نه کڻندو. پر تعجب جي ڳالهه آهي ته اسٽيورڊ منهن ۾ بنا ڪنهن گهنج وجهڻ جي چيو:

”توهان هلي ويهو ته ائيرهوسٽس هٿان موڪليان ٿو.“

ٿوري دير بعد ايئر هوسٽس ڪئپٽن سليم ۽ مون لاءِ پلاسٽڪ جي شربت وارن گلاسن ۾ ڪافي کڻي آئي. شايد اهو ان ڪر ي جيئن ٻين مسافرن کي خبر نه پوي ته هاڻ ڪافيءَ جو دور به شروع ٿي ويوآهي. جو پوءِ ضرورت نه هوندي به هرڪو وري ڪافيءَ لاءِ گهر گهر ڪري ها. اهو بلڪل ائين آهي جيئن ڪنهن محفل ۾ ڪو ڄڻو پاڻيءَ جي گهر ڪندو آهي ته ان بعد سڀ شروع ٿي ويندا آهن ۽ پيارڻ وارو ٻه رڪعتون نفل ثواب تان به هٿ کڻي ڇڏيندو آهي.

اڄڪلهه مڙيئي هوائي ڪمپنيون ايڏيون ته ڪنجوس ٿي ويون آهن جو جهاز ۾ ويهڻ بعد فقط پهريون گلاس شربت يا چانهه ڪافيءَ جو مفت ۾ پيارين ٿيون. ان بعد ڪو وسڪي پئي يا ڪوڪاڪولا، بيئر پيئي يا ٺلهو نل جو پاڻي، پهرين ميدان تي پئسا رکي پوءِ ڳالهه ڪري وارو حساب آهي. ان خيالن کان پي آءَ اي جو اهو پڻ اجر جو ڪم سمجهڻ کپي. سندس هڪ ٻي نيڪي پڻ ياد رکڻ ضروري آهي ۽ ڏينهن قيامت تي ان جو پڻ پي آءِ اي کي  اجورو ملڻ کپي. اها ته ڪوپن هيگن ۾ لهڻ وقت ايئرهوسٽس وڏو لفافو گانٺين ۽ چونئرن جو لڪائي هڪ مونکي ڏنو ۽ هڪ ڪئپٽن سليم کي ۽ هڪ وڏي پلاسٽڪ واري ڪوڪا ڪولا جي بوتل ۽ هڪ آب حيات نالي پاڻيءَ جي بوتل پڻ اسان کي ڏني. ان وقت اسان کي انهن شين جي قدر نه ٿيو پر پوءِ ڪوپن هيگن ايئرپورٽ تي جڏهن مالمو هلڻ لاءِ هوور ڪرافٽ جو ٽي ڪلاڪ انتظار ڪيوسين ۽ يورپ جي سيءَ ڇتي بک جو احساس ڏياريو ۽ پيٽ ۾ ڪوئا ڊوڙڻ لڳا ۽ ساڳي وقت سامهون ڪئنٽين ۾ وڪامندڙ چانهه بسڪٽن جا آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ اگهه پڙهياسين ته لفافا کولي اهي گانٺيا بسڪيٽ خوب مزي سان کاڌاسين ۽ ڪوڪا ڪولا پيتيسين. باقي بچيل مال مالمو پهچي پنهنجن پراڻن پاڪستاني ساٿين: حميد قاضي، احمد ڪمال علوي ۽ ڪئپٽن عاشق خان کي تبرڪ طور ڏنوسين. اهي ٽئي ڄڻا گذريل سال هتي سئيڊن آيا هئا ۽ اڃا هڪ سال مالمو (سئيڊن) ۾ رهڻو اٿن.

عبدالحميد قاضي مون وانگر شروع کان PNSC ۾ جهازن جو چيف انجنيئر آهي. پاڻ ڄائو ۽ پليو نپنو ڪراچيءَ ۾، سندس اصل ڳوٺ سجاول آهي. پاڻ مرحوم قاضي عبدالڪريم جو وڏو فرزند آهي. سندس ڏاڏو قاضي فقير محمد انگريزن جي ڏينهن ۾ بولٽن مارڪيٽ ۾ هيلٿ انسپيڪٽر هو. سندس چاچو قاضي عبدالعزيز پڻ ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن ۾ آخر تائين هيلٿ انسپيڪٽر ٿي رهيو. سندس پڦيون حيدرآباد ۾ رهيون، ۽ هڪ، مرحوم ڊاڪٽر عبدالعزيز جي گهر واري هئي ۽ ٻي، مرحوم آخوند فتح محمد جي، حميد قاضيءَ جا ناناڻا بروهي آهن ۽ سندس والده ۽ مشهور وڪيل اي.ڪي. بروهيءَ جي زال سوٽ ٿين.

قاضي حميد سان ڪڏهن به هڪ جهاز تي سفر ڪرڻ جو موقعو نه مليو. البت چيف انجنيئر جو امتحان ڏيڻ وقت هڪ ئي گهر مسواڙ تي وٺي پڙهائي ڪئي هئيسين.ان بعد اسان هميشه مختلف جهازن ۽ بندرگاهن ۾ رهيا سين.

احمد ڪمال علوي پورٽ قاسم ۾ ڪم ڪري ٿو. جامعه ڪاليج ملير مان 1963ع ۾ انٽر ڪرڻ بعد هو پڻ مون وانگر مئرين اڪيڊمي چٽگانگ ۾ آيو هو ۽ اسان ٻئي ڪلاس ميٽ هئاسين. مئرين انجنيئرنگ جو پنجن سالن جوڪورس پورو ڪرڻ بعد آئون PNSC جهازران ڪمپنيءَ ۾ آيس جيڪا انهن ڏينهن ۾ NSC جي نالي سان سڏبي هئي. ڪمال علوي ڪواسجي سيٺ جي خانگي جهازران ڪمپني ”پاڪستان شپنگ لائين“ ۾ ويو. انهن کي ”باغ ڊاڪا“ ۽ ”باغ ڪراچي“ نالي ٻه جهاز هئا. بعد ۾ سڀئي جهاز هڪ ئي قومي ڪمپني ۾ ملايا ويا. جيڪا اڄ ڏينهن تائين پاڪستان نئشنل شپنگ ڪارپوريشن جي نالي سان سڏجي ٿي.

اسان ڪڏهن ڪنهن جهاز تي ته ڪڏهن ڪنهن جهاز تي نوڪري ڪري، Sea – Time پورو ڪيوسين. مقرر مدي تي M.O.T جا امتحان ڏيئي جهاز جي آخري انجنيئري رئنڪ چيف انجنيئري تائين پهتاسين. ڪجهه سال ان آخري رئنڪ تي Sail ڪرڻ بعد ڪناري جي نوڪري (Shore – job) لاءِ هٿ پير هنيوسين. علوي استعيفى ڏيئي هڪ ٻن ٻين ڪلاس ميٽن سان گڏ جهازن جي مرمت لاءِ پنهنجو پرائيويٽ ورڪشاپ کوليو. هونه فقط پڙهائيءَ جي ڏينهن ۾ هوشيار ۽ محنتي هو پر جهاز تي پڻ سندس چاهه ۽ پيار مشينري ۽ پڙهائيءَ سان پختو رهيو. ڪنهن سنئين سبتي ملڪ ۾ هجي ها ته محنت، ايمانداري ۽ ذهانت ڪري. اڄ هو هڪ وڏي شپ يارڊ يا جهازن جي مرمت ڪندڙ ورڪشاپ جو باس هجي ها ۽ نه فقط سوين هزارين ملڪ جا ماڻهو هن جي ورڪشاپ ۾ ڪم ڪري روزگار کي لڳا رهن ها پر ساڳئي وقت غير ملڪي جهازن جي مرمت ڪري ملڪ لاءِ غير ملڪي ناڻو ڪمائي ڏئي ها. پر افسوس جو هونه اٽڪل بازين کان واقف آهي ۽ نه رشوت ۽ حصا پتيون ڏيئي ڪم اڪلائڻ جو هنر ڄاڻي ٿو. سندس فقط ۽ فقط ٽيڪنيڪل ڄاڻ ڪسٽم، بندرگاهه جي استادن، پوليس ۽ غنڊن جي اجائي گُهر گهر اڳيان ساهه پٽي نه سگهي. ابتا سبتا قاعدا قانون کيس ڪم ۾ رنڊڪون وجهڻ لڳا. هو جهاز جي ته هر مشين ٺاهي ان کي Grease _ Up ڪري سگهي ٿي پر واسطيدار عملدارن جي هٿن کي گريز نه لڳائي سگهيو. ٻين لفظن ۾ هو ڏنو پٽ ڇٽي جو ذات جو آسودو ٿي نه سگهيو. هن کي پنهنجو خانگي دڪان سگهوئي بند ڪرڻو پيو. ويتر چڙهي ويل قرض کي موٽائڻ لاءِ سرڪار يا ڪنهن سيٺ جي نوڪريءَ لاءِ هٿ پير هڻڻو پيو. ٻار وڏا ٿيڻ ڪري انهن جي تعليم جو مسئلو پڻ سامهون هوس، نيٺ پورٽ قاسم ۾ نوڪريءَ ملي ويس. ۽ اها عام ڳالهه آهي ته اسان وٽ سرڪاري ۽ ان قسم جي نوڪريءَ ۾ مم گوڏا چٽي ويندي آهي. قابليت ۽ ڏات چنجهي ٿي ويندي آهي. سيٺ يا اعلى  عملدار جي مقرر ڪيل هڪ دائري  ۾ ڪم ڪرڻ ڪري ماڻهو گهٽ، چاڪيءَ جو ڍڳو وڌيڪ ٿي ويندو آهي. ڪابه Creative شيءِ پيدا نه ڪري سگهبي آهي. هتان سئيڊن مان M.sc ڪرڻ بعد هڪ دفعو وري هن کي ساڳي ئي گهاڻي ۾ وڃي جٽڻو آهي.

چٽگانگ مان مئرين انجنيئرنگ جي بنيادي تعليم گڏ حاصل ڪرڻ بعد، هاڻ پنجويهه سالن بعد علويءَ سان گڏ رهڻ جو موقعو مليو آهي. وچ ۾ ٻه چار دفعا ڪڏهن ڪنهن ملڪ جي بندرگاهه ۾ يا ڏيهي بندرگاهه ڪراچيءَ ۾ ڪنهن دعوت يا ميٽنگ ۾ ملاقات ضرور ٿي هوندي پر هينئن نه جيئن هاڻ هڪ ئي هاسٽل ۾ رهيل آهيون. هڪ ئي يونيورسٽيءَ ۾ روز ملاقات ٿئي ٿي. ساڳي ميس ۾ گڏ ماني کائون ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ساڳي بس ۾ يونيورسٽي اچڻ وڃڻ ٿئي ٿو.

اهڙي طرح هن يونيورسٽيءَ ۾ اسان کان هڪ سال اڳ آيل، ٽيون همراهه ڪئپٽن عاشق خان آهي. ڪئپٽن عاشق اسان واري ساڳي جهازران ڪمپني PNSC ۾ ملازم آهي. اسان کان ڪجهه ننڍو آهي ۽ آفيس ۾ ڪم ڪرڻ بدران اڃا تائين هو جهازن تي Sail ڪري ٿو. هن يونيورسٽيءَ مان ايم ايس سي ڪرڻ بعد ضرور هن کي ڪو آفيس جوڪم ڏنو ويندو. خاص ڪري چارٽرنگ جو ان ئي موضوع تي هو ٿيسز پڻ لکي رهيو آهي.

مالمو ۽ ڪوپن هيگن ڪياماڙي ۽ منهوڙي جيان آهي

سئيڊن جي شهر مالمو ۾ اچڻ لاءِ هئڻ ته ائين کپي ته اسٽاڪ هوم اچي پوءِ مالمو روانو ٿجي. جو اسٽاڪ هوم سئيڊن جي گاديءَ جو هنڌ ۽ بين الاقوامي هوائي اڏو آهي. پر جيڪي به مالمو ويا آهن اهي اهوئي ٻڌائيندا ته هو اسٽاڪ هوم وڃڻ بدران ڊئنمارڪ جي گاديءَ واري شهر ڪوپن هيگن وڃي اتان پوءِ مالمو (سئيڊن) ويا. نقشي ڏسڻ بنا آئون پڻ اهوئي سوچيندو هوس ته هڪ ملڪ ڊئنمارڪ جي گاديءَ جي هنڌ ڪوپن هيگن جو ٻئي ملڪ سئيڊن جي ننڍڙي شهر مالمو سان ڪهڙو واسطو آهي.

۽ هاڻ مالمو اچڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ نقشي تي غور سان ڏٺم ته معلوم ٿيو ته سئيڊن جي گاديءَ واري شهر اسٽاڪ هوم ۽ مالمو جي جاگرافيائي بيهڪ پاڪستان وانگر آهي. اسٽاڪ هوم پاڪستان جي گادي واري شهر اسلام آباد وانگر آهي ته مالمو ۾ ڪراچي وانگر ڏکڻ ڪنڊ ۾ آهي. ڊئنمارڪ ملڪ جو هڪ ننڍڙو ٻيٽ جنهن تي ڪوپن هيگن آهي، اهو ٻيٽ مالمو جي بلڪل ويجهو ائين آهي جيئن منهوڙو ٻيٽ ڪياماڙي جي ويجهو آهي، جيڪڏهن منهوڙي تي هوائي اڏو هجي ها ته ڪياماڙي وڃڻ لاءِ ڪهڙو فارينر اسلام آباد جي هوائي اڏي تي لهي پوءِ اتان ريل، ڪار يا ڪنهن ٻئي جهاز ذريعي ڪراچي پهچي پوءِ ٽانگي ۾ ڪياماڙيءَ اچي ها؟ هو منهوڙي لهي پوءِ ٻيڙيءَ رستي ڪياماڙيءَ وڃڻ پسند ڪري ها. پوءِ چاهي منهوڙو ساڳي ملڪ جو حصو هجي يا ڌارئين جو. ساڳيو حال مالمو جو آهي جتي وڃڻ لاءِ ڌاريان ماڻهو ڪوپن هيگن جي هوائي اڏي تي لهي پوءِ اتان هلندڙ ٻيڙيءَ ذريعي مالمو پهچن ٿا.

مالمو سئيڊن جو ٽيون نمبر وڏو شهر آهي. دنيا جون وڏيون سب مئرين ٺاهيندڙ ڪوڪم نالي شپ يارڊ کان وٺي باغن، تواريخي جاين ۽ عجائب گهرن کان مشهور آهي. ڪوپن هيگن ايندڙ ڌاريون ماڻهو سئيڊن جو هي شهر مالمو پڻ ڏسڻ لاٰءِ اچي ٿو. هو اهوئي سوچي ٿو ته اڌ ڪلاڪ جو ٻيو سفر ڪري مالمو جو به چڪر ڏيندو وڃجي جيئن قسم کڻڻ جهڙو ٿجي ته سئيڊن به ڏٺوسين. ۽ ان ڪم ۾ ڊئنمارڪ جي حڪومت به مدد ڪري ٿي.اچ وڃ لاءِ ڊئنمارڪ ۽ سئيڊن وارن جو ن ڪيتريون  ئي موٽر لانچون، فيريون ۽ هوور ڪرافٽ اڌ اڌ ڪلاڪ بعد ڪوپن هيگن ۽ مالمو جي وچ ۾ هلن ٿا. ۽ انهن تي نه فقط ماڻهو پر موٽر لاريون پڻ هڪ کان ٻئي شهر تائين وڃن ٿيون. اونهاري جي موسم ۾ جڏهن سيءُ گهٽ ٿئي ٿو ۽ هرڪو ماڻهو گهر کان ٻاهر نڪري گهمڻ ڦرڻ چاهي ٿو ته اهي سامونڊي ٻيڙا پورا نه پونداآهن ۽ پوءِ پولينڊ جا پولش مهاڻا به پنهنجون ٻيڙيون کڻي اچي مسافر ڍوئيندا آهن. مٿيون ٻيڙيون: لانچون، فيرون، هوور ڪرافٽ وغيره هڪ قسم جا ننڍا ۽ آرام ده جهاز سمجهڻ کپن جن ۾ سؤ سوا سؤ مسافرن جو ويهي سگهي ٿو ۽ ڪنهن ڪنهن فيريءَ تي ته هڪ ئي وقت پنجاهه کان سؤ کن ڪارون به بيهي سگهن ٿيون. ڪن وڏين فيرن تي سڄي ريل گاڏي سمنڊ اڪري ٻئي طرف پهچي ٿي.

اسان جو ڪوپن هيگن کان مالمو تائين هوور ڪرافٽ جو سفر ان پي آءِ اي جي ٽڪيٽ ۾ شامل هو جيڪا ڪراچيءَ مان ورتي هئيسين. هوور ڪرافٽ جي ٽڪيٽ عام جهاز يا فيريءَ کان هميشه مٿي ٿئي ٿي. پر ڪراچيءَ کان مالمو تائين پي آءِ اي وارا ذري گهٽ ايترو ئي ڀاڙو وٺن ٿا جيترو ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن تائين. خبر ناهي SAS هوائي ڪمپني جنهن جا هي هوور ڪرافٽ هلن ٿا، کي پي آءِ اي جا مسافر ڍوئڻ لاءِ پي آءِ اي هوائي ڪمپني ڇا حصو ڏئي ٿي. سندن مٿي جو سور.

هونءَ هن پاسي جا ماڻهو ڪوپن هيگن ۽ مالمو جي وچ وارو بالٽڪ سمنڊ هوور ڪرافٽ کان وڌيڪ عام فيرين ۾ اُڪرن ٿا جو هوور ڪرافٽ جو ان ننڍڙي سفر لاءِ ڀاڙو تمام ڳرو رکيل آهي. چار سؤ کن ڪرونا _ يعني ڏيهه هزار رپيه کن. ان جي مقابلي ۾ عام فيري چاليهه ڪرونا وٺي ٿي ۽ پولش بادشاهه ان سمنڊ ٽپائڻ جا فقط ڏهه ڪرونا وٺن. اها ٻي ڳالهه آهي ته هوور ڪرافٽ سڀ ۾ تکو آهي ۽ اڌ ڪلاڪ وٺي ٿو. پر پاڻ کي ٽائيم جو ڪهڙو فڪر آهي، اسان ايشيائي رهاڪن وٽ اهائي ته شيءِ گهڻي مقدار ۾ آهي. ڀلي اڌ ڪلاڪ بدران ڪلاڪ ڌيڍ سمنڊ تي جهاز ۾ چڪر لڳي.

عقل وڏو يا پاڏو؟

هڪ جهاز ڪمپنيءَ جي ايڪانامسٽ کان پڇيم ته ”اهي پولش درويش جيڪي پڳ پڌي، پنهنجا جهاز پولينڊ کان ڪاهي هتي پراين ملڪن ۾ اچيو ٿا هلائين، اهي ته ان ايتري گهٽ ڀاڙي مان تيل جا پئسا به نه ڪڍي سگهندا هوندا؟“

هن کلندي وراڻيو:

”پوليش همراهن کي اهڙو بيوقوف به نه سمجهجهانءِ. هو ٽڪيٽ مان سو نٿا ڪمائين. باقي جهاز تي شراب، سگريٽ، عطر ۽ چاڪليٽن جهڙيون شيون وڪڻي پئسو ڪڍيو وٺن.“

سئيڊن، ڊئنمارڪ ۽ ٻين اسڪينڊينيوين ملڪن پاسي کاڌي پيتي جي هر شيءِ بيحد مهنگي آهي. سو پولش جهازن جا مالڪ ڳري اگهه تي شيون وڪڻن ته به سئيڊن وارن کي اهي شيون سستيون لڳن ۽ خوب خريداري ڪن.

هنن ملڪن جي مهنگائيءَ جو ذڪرڪرڻ ضروري آهي. هتي هر شيءِ جو اگهه چوٽ تي آهي. ويندي ڊئنمارڪ جا ٺهيل بسڪيٽ، مکڻ، پائوڊر وارو کير، جيڪو اسان وٽ پاڪستان، بنگلاديش، ملائيشيا، ٿائلينڊ ۾ ته سستو ملي ٿو پر هتي اهو ٽيڻ چؤڻ تي آهي. ڪمال علوي ته پائوڊر، مِلڪ ۽ بسڪيٽ به پاڪستان کان وٺي آيو آهي. جيتوڻيڪ جپان به مهنگو ملڪ آهي  پر هنن ملڪن ۾ ته باهه پئي ٻري. ڊبل روٽي جيڪا اسان وٽ هاڻ ٻارهن رپئي ٿي آهي اها هتي 80 رپئي آهي. چانهه جي پتيءَ جون پنجاهه ٿيلهيون ٽي سؤ رپيه. پارڪر مس جيڪا اسان وٽ ڏهين پنڌرهين رپئي هوندي اها هتي 30 ڪرونا آهي يعني ڏيڍ سؤ رپئي. اسد عابد قاضي ۽ فقير محمد لاشاري نوٽ فرمائين جن جي اخبارن ۾ شايد هي مضمون ڇپجن. ڪنهن سچ چيو ته اخبار جا پبلشر، اسان سنڌي اديبن کي گهٽ ۾ گهٽ مس پني ۽ ٽپال جو خرچ ته ڏين.

ٻيو ته ٺهيو پر بوهي مڱن، بيضن، کنڊ، صابڻ جا اگهه به آسمان سان پيا ڳالهيون ڪن. ويندي بصر، گجر ۽ پٽاٽا به ائين وڪامن ٿا جيئن پاڻ وٽ ڪابل قنڌار کان آيل پستا، بادام ۽ نيزا. هتي جا ماڻهو جن جا وڏا پگهار آهن اهي به مهنگائيءَ جون دانهون ڪن ٿا. اسان ته ٿياسين پرائي خيرات (اسڪالر) تي پڙهڻ وارا خٿابي شاگرد. پر گهٽ ۾ گهٽ اسان کي اهو ته آسرو آهي ته هڪ ڏينهن پنهنجي ملڪ موٽنداسين. جتي اڃا به ايڏي مهنگائي نه ٿي آهي ۽ رپئي ۾ نان مليو وڃي.

سچ پچ ته کاڌي جي معاملي ۾ڪڏهن ڪڏهن هتي جي ماڻهن جي غربت جو احساس ٿئي ٿو جن وٽ جهاز ۽ Volvo ڪارون ته ضرور ٺهن ٿيون پر سخت سيءُ ۽ جابلو علائقو هجڻ ڪري اناج نٿو ٿئي ۽ اسان جهڙن ملڪن تي ڀاڙين ٿا. پر هو ڇا چونداآهن ته عقل وڏو يا پاڏو. اهو حساب آهي. هنن ملڪن جا ماڻهو مشينري، ٽيڪنالاجي  ۽ هنر ۾ اسان کان زور آهن. ٻين لفظن ۾ اسان کان عقل ۾ مٿاهان آهن. تڏهن ته اسان کان ئي ڪڻڪ وٺي ان مان اعلى کان اعلى بسڪيٽ ٺاهي اسان کي ئي وڪڻي پئسو ٺاهين ٿا. ڌاڳو ۽ سُٽ وٺي ڪپڙو ٺاهي اسان کي مختلف برانڊن ۽ نالن ۾ وڪڻن ٿا. يعني اسان جي شيءِ اسان کي وڪڻي پاڻ ڪمائين ٿا.

سمنڊ ۾ ٻُڏي مرڻ پوءِ جي ڳالهه آهي

وڏي سفر تي پي آءِ اي وارايا ٻيون هوائي ڪمپنيون هڪ يا ٻه فلمون ضرور ڏيکارين ٿيون. ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن ايندي وقت اسان کي به هڪ انگريزي فلم ڏيکاريائون. هنن جهازن ۾ پنج ڇهه قطارن بعد هڪ ٽي وي لڳل ٿئي ٿي. ائين سڄي جهاز ۾ ست اٺ کن ٽي ويون ٿيون ۽ هر هڪ کي پنهنجي سيٽ تي ويٺي ويٺي ڪانه ڪا ٽي وي چٽيءَ طرح نظر اچي ٿي. منجهس آواز نه هوندو. آواز لاءِ هرڪو پنهنجا Ear Phone  استعمال ڪري سگهي ٿو، جيڪي جهاز هلڻ سان ايئرهوسٽس سڀني کي ورهائي ڏئي ٿي ۽ سيٽ جي هٿي ۾ لڳل آواز جي سئچ کي ڦيرائي آواز گهٽائي وڌائي سگهجي ٿو. فلم کان علاوه ڪيترا ڪارٽون به رکي رکي ڏيکاريندا رهيا جيڪي ٻار توڙي وڏا ڏسي مرڪندا رهيا ٿي. هڪ اڌ ڪلاڪ کن گانن جي ڪئسيٽ پڻ هلائي وئي. هي گانن يا راڳن جي ڪئسيٽ پي آءِ اي وارن پاڪستان ٽي وي وارن جي مدد ۽ صلاح سان ڀرائي آهي ۽ پي آءِ اي جي هر جهاز ۾ گذريل ٽن سالن کان ڏيکاريندا اچن. اها ڪئسيٽ جيئن ئي ٺهي هئي ته مون ڪوالالمپور ۾ هڪ پاڪستانيءَ جي گهر ڏٺي هئي. مون سان گڏ ٻيا به پاڪستاني هئا. هونءَ ملڪ کان گهڻو وقت پري رهڻ بعد ملڪ جي خراب شيءِ به وڻندي پئي آهي. پر اها ڪئسيٽ ان وقت به ڪنهن کي پسند نه آئي هئي. ان وقت مونکي اهوئي گمان هو ته اها ڪئسيٽ ڊوميسٽڪ فلائيٽ ۾ ڏيکاري ويندي ۽ سکر کان ڪراچي يا نوابشاهه کان حيدرآباد ايندي ويندي اسان جا يار اقبال جماڻي، عاشق حسين شاهه ۽ نول راءِ اوڏ جهڙائي ٻڌاندا ۽ ڏسندا.

عابدا پروين سٺي ڳائڻي آهي. تمام سٺي اڙدو، سنڌي، سرائڪي ۽ شايد پنجابيءَ جابه گانا، راڳ، گيت، ڪافيون، ڏوهيڙا تمام سٺي نموني ڳايا اٿس. پر ضروري ناهي ته ڪنهن ڳائڻي جو هرهڪ گانو Hit هجي. هن پي آءِ اي واري ڪئسيٽ ۾ ٻين ڳائڻن سان گڏ سندس چونڊيل ڊگهو راڳ به اهڙو ئي مٿي جو سور آهي ۽ بقول اسان جي چرچائي دوست اقبال ترڪ جي، عابده پروين جهڙي راڳ جي راڻيءَ کان بهتر آهي ته ڪنهن راڳ جي ڀنگياڻيءَ جو گانو ڏجي پر ڪو سريلو ته ڏجي.

بهرحال اهي ته ٿيا زبان جي ڄاڻن ۽ نيم ڪلاسيڪي ۽ ميوزڪ کي پسند ڪرڻ وارن جا حال خيال. هاڻ جڏهن وري هن ڪراچي کان ڪوپن هيگن فلائيٽ ۾ پي آءِ اي وارن اها ڪئسيٽ هلائي ته مون کان رهيو نه ٿيو. ۽ اٿي بيهي چوڌاري نهارڪيم ته عابده پروين پٿل ماري جيڪو انءِ انءِ انءِ  ڪري پلٽي هڻي رهي آهي اهي ڪنهن لاءِ. سڄي جهاز ۾ ڪئپٽن سليم قاسم ۽ منهنجي علاوه ڪو ٻيو پاڪستاني ئي ڪونه هو. اسان کان سواءِ باقي ويٺل ٻه سؤ کن مسافر وچ يورپ جا هئا. يا نارڊڪ ملڪن: ناروي، ڊئنمارڪ، سئيڊن وغيره جا هئا. ”۽ جڏهن اسان ئي بور ٿي رهيا آهيون ته هنن يورپي مسافرن جو ڇا حشر هوند.“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو.

دراصل اهي ئي ڳالهيون آهن جن ۾ انڊيا پاڪستان کان زور ٿيو وڃي. ان جاءِ تي انڊيا وارن جو هوائي جهاز هجي ها ۽ هو پنهنجي ملڪ جا ڳائڻا آڻين ها ته ڪي اهڙا راڳ چونڊين ها جن جا ساز ۽ آواز مغربي طرز جا هجن ها ۽ ڳائڻا / ڳائڻيون پٿل ماري اجرڪ ويڙهي ڳائڻ بدران انهن جون نوجوان ۽ سهڻيون ڇوڪريون اڌ او گهڙ ۾ يا جهرڪندڙ وڳن ۾ ڊانس ڪندي ڳائين ها. جهاز ۾ ويٺل سڀ مسافر مرد توڙي عورتون، ايشيائي توڙي يورپي ويندي ملان مولوي سڀ ڪجهه ڇڏي پنهنجيون اکيون ۽ ڪن ٽي ويءَ حوالي ڪن ها. پر هاڻ رڳو منهنجي اڳيان ويٺل هڪ پوڙهو نارويجين همراهه عابده پروين کي تعجب سان ڏسندو رهيو.

تعجب جي اها ڳالهه آهي ته هونءَ اسان وٽ ويندي چمڀڙ، تلهار، ٻٻرلوءِ، ڇاڇري، مٺي، ڏيپلي جهڙن ڳوٺن ۾ به انڊين ۽ انگريزي اڌ اگهاڙين فلمن جا ڪئسيٽ عام جام پيا هلن پر هتي پي آءِ اي وارن کي هروڀرو مسافرن جي هئي دل کٽي ڪرڻي يا شايد اهو ٿيو ڏيک ڏيڻو ته اسان جو ملڪ مسلمانن جو ملڪ آهي جنهن ۾ ناچ نچڪي ۽ جهمر جهمڪي تي بندش آهي. يا ته شايد يورپين کي مسلمان بنائڻ جي نيت سان عابده پروين کي مولوي بنائي ويهاري ويو هو. اسين پاڪستاني خبر ناهي ڪڏهن حقيقت پسند ٿينداسين.

سلمى آغا جڏهن اڃا جهازن جي مالڪ سپيرا صاحب جي مڱيندي هئي ته هڪ دفعو ڪراچي جي ٽي وي بابت شڪايت ڪندي چيائين:

”جنهن نموني سان هو چاهين ٿا، ائين ڳائڻ سان ماڻهو نه اسان فنڪارن کي ڏسڻ پسند ڪندا ۽ نه ٻڌڻ.“

ظاهر آهي ته اها ٽي وي جنهن تان ويندي اکين جا اشارا ڪري ڳائڻ تي به اعتراض ورتو وڃي ته پوءِ اهڙي پابند نموني ڳائڻ سان هڪ چڱي خاصي سهڻي ڳائڻي به مٿي جو سور بنجيو پوي ۽ ٽي وي ڏسندڙ ان جي سئچ ايجاد ڪندڙ کي دعائون ڏين ٿا جنهن کي دٻائڻ سان ٽي ويءَ کان نجات مليو وڃي.

راڳن جي انهيءَ سڄي ڪئسٽ ۾ بهرحال ڪا سٺي شيءِ هئي ته اها مسرت نذير هئي _ سندس گانو توڙي ڳائڻ جو اسٽائيل! پيريءَ ۾ هيءَ چڱا رنگ ڪڍي رهي آهي. سندس گانو خبر ناهي ٻين کي وڻيو يا نه. پر مون کي وڻيو ۽ تمام گهڻو وڻيو. سندس گاني جا ٻول اڃا تائين دماغ ۾ ٻُري رهيا آهن:

چلي تو کٽ هي جائي گا سفر_ آهسته آهسته،

هم اسکي پاس جاتي تهي مگر_ آهسته آهسته،

ابهي تارون سي کهيلو چاند کي کرنون سي اتلاؤ،

ملي گي اسکي چهري کي سحر_ آهسته آهسته

ان گاني جي چونڊ ۽ پيش ڪرڻ لاءِ PIA کي Credit  ڏيڻ ضروري سمجهان ٿو. پي آءِ اي وارا مڙيئي ڪو هڪ اڌ اهڙو ثواب جو ڪم ڪريو ڇڏين. جو ان ۾ سندن باقي ڏوهه گناهه ڌوپجو وڃن. PIA وارن جي هڪ ٻي به سٺي ڳالهه جيڪا شايد ٻي ڪا ايئر لائين نه به ڪندي هجي. اها هيءَ ته مسافرن جي دلچسپيءَ لاءِ رکي رکي ٽي ويءَ جي اسڪرين تي جهاز جي پوزيشن (ته ڪهڙي ملڪ مٿان اڏامي رهيو آهي) رفتار، بلندي ۽ ٻاهر جي ٽيمپريچر جا انگ اکر پڻ ڏنائون ٿي. هوائي جهاز کان ٻاهر جي ٽيمپريچر (ٿڌ) جو سوچي عجيب لڳو ٿي. ڪاٽو چاليهه پنجيتاليهه ڊگريون سردي! ڇا ته ٿڌ هوندي ٻاهر. ڪاٽو چار (-4O0C) تائين ته پاڻي به برف ٿي وڃي ۽ ايڏي گهڻي ٿڌ ۾ ته هوا ۾ موجود ڪاربن گئس به پاڻيٺ يا برف جي شڪل ۾ هوندي. ايڏي اتاهينءَ تي جهاز ڦاٽڻ تي مسافر ٿڌ وگهي ئي مري وڃي. زمين تي اچي ڦهڪو ڪرڻ يا سمنڊ ۾ڪري ٻڏي مرڻ ته ٿيون پوءِ جون ڳالهيون. هوائي جهاز ۾ سفر ڪرڻ وقت اهوئي سوچيندو آهيان ته هيڏي وڏي آفت کي هيڏو مٿي وٺي وڃي اندر جو ٽيمپريچر ۽ پريشر اهوئي برقرار رکڻ (جنهن ۾ ماڻهو ڄڻ ته زمين تي گهر ۾ پيو هلي)، ايئرو ڊائنامڪس ۽ Aviation جو ڪمال آهي. ۽ ان بلنديءَ تي بور ٿيندڙ مسافرن کي وڌيڪ بور ڪرڻ لاءِ عابده پروين کان ويهي پلٽا هڻائڻ اهو PTV ۽ PIA جو ڪمال آهي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org