سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا

الطاف شيخ

صفحو :14

 

چمڙو ڇو سستو آهي؟

خريداريءَ جي ڊگهي لسٽ مان چڱيون شيون ملي ويون پر اهم شيءِ سئي ڌاڳو نه پئي مليو. ۽ هر ان عورت ۽ مرد کان اشارن سان يا ڊرائينگ سان سئي جو پڇيم ٿي، جنهن پنهنجي گهر جو سامان وڪيو ٿي. سئيڊن ۾ عام طرح سندن سئيڊش زبان ئي هلي ٿي جيڪا ايترو ئي گهڻو انگريزيءَ سان ملي ٿي جيترو کڻي چئجي ته اڙدو يا سنڌي عربيءَ سان يا پارسيءَ سان ملي ٿي. پشتو، جرمن ۽ روسي زبانن وانگر هتي جي زبان جو اُچار ڊگهو، ڏکيو ۽ کهري نموني جو آهي. هتي پهچڻ کان اڳهين اهو سوچيو هوم ته سئيڊن پهچي هتي جي زبان سکڻ تي مغز ماري نه ڪندس جيئن بنگالي جپاني ۽ ملئي زبانون خاص طور ۽ ڪجهه ٻيون زبانون ٿوريون گهڻيون سکڻ جي ڪوشش ڪئي هيم. جيستائين ان ملڪ ۽ قوم سان واسطو رهي ٿو ته زبان ياد رهي ٿي پوءِ وقت سان گڏ آهستي آهستي وسريو وڃي. بنگالي ۽ جپاني ته هاڻ چڱيءَ طرح ڳالهائي نٿي سگهجي. پر ملئي به آهستي آهستي وسرڻ لڳي آهي. اهو به چڱو جو يونيورسٽيءَ ۾ چار کن ملئي ۽ ٻه انڊونيشي شاگرد آهن جن سان ملئي ۾ ڳالهه ٻولهه ٿئي ٿي ۽ بنگالين سان ٿورو گهڻو بنگالي ڳالهائڻ لڳو آهيان. پر سئيڊش سکڻ لاءِ ان جي ڊڪشنري به نه پڇائي اٿم. پر ڪڏهن ڪڏهن اهڙن موقعن تي سئي سڳي جهڙن لفظن جي سئيڊش زبان معلوم ڪرڻي پوي ٿي.

مونکي ڪيترن دڪانن تان سُئيءَ جو معلوم ڪندو ڏسي هڪ هتي جي رهاڪو فلپينو منهنجي پاران دڪاندار کي سُئيءَ جو پڇيو ۽ پوءِ مونکي انگريزيءَ ۾ ٻڌايو ته سئي هتان نه ملي سگهندي. پاڻ وڌيڪ ٻڌايائين ته هوءَ فلپين جي آهي پر سندس مڙس سئيڊن جو آهي ۽ اٺ ڏهه سالن کان سئيڊن جي هن شهر مالمو ۾رهي ٿي.

”چڱو ڀلا سُئيءَ جو سئڊش لفظ ٻڌاءِ ته آئيندي اهو وٺي پڇايان.“

Noel نوئل.“ هن  ٻڌايو ۽ پني تي لکي به ڏنو.

”چڱو هاڻ ڇُٽئين. پاڻهي هٿ ڪندس.“ وراڻيومانس.

”يار سُئي جي اهڙي ڪهڙي ضرورت آهي. ڀاڀي جڏهن ڳوٺان اچي ته کيس لکجانءِ ته کڻي اچي.“ علويءَ چيو.

”ان جي اچڻ ۾ اڃا مهينو ڏيڍ آهي. منهنجي ڪوٽ جو مٿيون ٻيڙو ڇڄي پيو آهي ۽ سيءَ ۾ حالت خراب ٿي ٿئي.“ مون کين ڪوٽ جو ڇنل ٻيڙو کيسي مان ڪڍي ڏيکاريو.

”منهنجي خيال ۾ قاضي حميد وٽ سُئي هوندي.“ علويءَ چيو.

”ڇو هن درزڪو دڪان کوليو آهي ڇا؟“ مون پڇيو.

”انگلينڊ جي هوٽلن ۾ رهڻ واري کي سُئي سڳي جو پاڪيٽ ڏيندا آهن. هو ٽي ڏينهن لنڊن ۾ رهي، ٽيون ڏينهن آيو آهي.“ هن ٻڌايو.

ان بعد اسان باقي بچيل هٽڙن جي قطار ڏسڻ ۾ لڳي وياسين. هڪ هنڌ اڇي ۽ ڪاري ڌاڳي جا ريل هئا پر سُئي نه هئي. ٺلهو ريل، سستو سستو ته به پنج ڪرونا يعني ويهين رپئي وڪيائين ٿي. ٽاول چادر کان رومال ڌاڳو _ هر اها شيءِ جيڪا ڪاٽن جي آهي هنن Scandinavian ملڪن ۾ مهنگي آهي. ٻارهوئي ٿڌ ۽ برف باري ڪري هتي ڪپهه جي پوک ته نه ٿئي پر ڪپهه مان شيون ٺاهڻ جون فيڪٽريون به نه آهن جيئن جپان، انگلينڊ ۾ آهن. جيڪي پاڪستان ۽ مصر جهڙن ملڪن کان ڪپهه ڌاڳو يا بافتي جهڙو سادو ڪپڙو وٺي ان کي بهتر جنس جو بڻائي مهنگو ڪر يو وڪڻن ٿا. سو سئيڊن ۾ Volvo ڪار کان بوفر بندوقون (جنهن راجيو گانڌي کي سياسي مار ڏني) ته سستيون (۽ ڪميشن تي) ملي سگهن ٿيون. پرڪاٽن جي شيءِ نه. ان ڌاڳن واري کان وري سُئي جو پڇي رهيو هوس ته پهرين واري فلپين عورت به اتفاق سان ان دڪان تي اچي بيٺي.

”ڇو اڃا سُئي نه ملي؟“ هن پڇيو.

”بنهه اميد نظر نٿي اچي.“ وراڻيومانس.

”مون وٽ سُيون سوين پيون آهن پر آئون پري رهان ٿي. تون ليزا کي سڃاڻين؟“

“ڪير آهي؟“ مون پڇيو.

”هوءَ سيڪنڊييئر جي فلپينو شاگرد آهي ۽ توهان سان گڏ هينرڪ سمٿ هاسٽل ۾ رهي ٿي.“ هن ٻڌايو.

ميس ۽ بس ۾ ٻه چار فلپين، ٿائيلينڊ ۽ڪوريا پاسي جون ڇوڪريون نظر ته اينديون آهن ٿي سگهي ٿوته انهن مان هڪ ليزا به هجي.“

ها هوءَ پنجين ماڙ تي ڪمري نمبر 517 ۾ رهي ٿي ۽ ويڪ اينڊ (ڇنڇر آچر) تي مون وٽ ايندي آهي. ڪالهه به ٿي وئي آهي. هاڻ ٻئي ڇنڇر تي گهر ايندي ته تولاءِ سُيون موڪليندس.“

پوري ٻارهين بجي ڌاري ڪئپٽن سليم قاسم سگنل ڏنو ته هاڻ نڪرڻ کپي ۽ بس اسٽاپ تي هلي سوا ٻارهين واري بس جو انتظار ڪجي نه ته ٻي بس هڪ بجي ڌاري ايندي. اسان پنهنجي خريداريءَ جون ٿيلهيون کڻي ان چورس هال  وري مارڪيٽ مان ٻاهر نڪتاسين. سئيڊن جي رواج موجب خريداريءَ لا ءِ پلاسٽڪ جون ٿيلهيون، ماڻهو پنهنجي گهران ڪوٽن جي کيسي ۾ وجهي نڪرندا آهن جو هتي جي سپر مارڪيٽ مان هزار رپين کن جو سيڌو وٺ ته به ٿيلهين ۾ نه وجهي ڏيندا. پنهنجين آندل ٿيلهين ۾ سامان وجهي کڻو يا وري هڪ هڪ ڪرونا (چئين چئين رپئي) واريون ٿيلهيون وٺي سامان ان ۾ وجهو.

راحت عزيز پنهنجو خريد ڪيل سامان هڪ اڍائي فوٽ کن وڏي بئگ ۾ وجهي هلڻ لڳو.

”خير ۾. ڪيڏانهن ٻئي شهر ٿو وڃين ڇا؟“ مون پڇيومانس.

”مون گهران پلاسٽڪ جون ٿيلهيون آنديون ڪونه هيون. ڪجهه ٿانوَ، اسٽيشنري ۽ ٻيو سامان ورتم جنهن لاءِ ٽي چار ٿيلهيون وٺڻيون پيون ٿي ۽چار پنج ڪرونا خرچ اچي ها ان کان هيءَ سيڪنڊ هئنڊ بئگ ڏهين ڪروني ۾ ملي وئي. سو ان ۾ فائدو سمجهي ورتم.“ هن پنهنجو لاجڪ ٻڌايو جيڪو سڀني کي وڻيو ته ٿوري سامان لاءِ اهڙي بئگ هڪ شهر کان ٻئي شهر تعليمي ٽوئر تي وڃڻ لاءِ کپي ٿي ۽ اسان پاڪستان کان جن بئگن ۾ سامان آندو آهي اهي بيحد وڏيون _ ڪنگ سائيز آهن ۽ راحت ڀاڳ وارو آهي جو خبر ناهي ڪهڙي نڀاڳي جوڙي جي طلاق ۾ کيس اهڙي سستي بئگ ملي ويئي نه ته ڪاٽن جي شين کان به وڌيڪ مهنگيون چمڙي جون شيون آهن. پوءِ چاهي بوٽ ۽ پرس هجن يا بئگون۽ بيلٽ. ان ڪري ته ڪراچيءَ ۾ صدر ڪوآپريٽو مارڪيٽ ۾ هن پاسي جي گورن انگريزن جي چمڙي جي جئڪيٽن، بئگن ۽ ٽوپين پٺيان ڌم هوندي آهي.

ان ڏينهن خبر ناهي اسان پاڪستانين مان ئي ڪنهن پڇيو: ”پاڻ وٽ چمڙي جون شيون سستيون ڇو آهن.“

ڪئپٽن عاشق اهڙي موقعي تي کلندي چرچي جي انداز ۾ جواب ڏنو:

”ان ڪري جو پاڻ مسلمان آهيون. ان ڪري پنهنجي ملڪ جي ته ڍڳي مينهن کايو چٽ ڪريو ڇڏيون، پر انڊيا جا وهٽ به هيڏانهن ڇڪي کايو ڇڏيون. ۽ پوءِ ظاهر آهي باقي بچن ٿيون انهن جون کلون. تان کي سُڪايو بوٽ، بئگون، بيلٽ ٺاهيو ويٺا آهن.“

هڪ بجي ڌاري هاسٽل ۾ پهتاسين ته پنهنجي ڪمري ۾ پهچڻ سان هيٽر جو سئچ آن ڪري چانهه لاءِ پاڻي رکي گرم ڪپڙا لاٿم. سيءَ ۾ هلڻ ڪري نيرن تي کاڌل ٻه روٽيءَ جا سلائيس ڪڏهن ڪا هضم ٿي ويا هئا. هاڻ چانهه پي منجهند لاءِ ڪجهه سوچڻ لڳس.

ڀاڄيون ۽ ميوا فقط ڇنڇر ڏينهن اوپن مارڪيٽ ۾ سستا ملندا آهن جيڪا هتي جي جمعي بازار آهي. دور دراز ڳوٺن کان هتي جا رهاڪو سئيڊن ۽ پولينڊ ۽ ٻين ملڪن کان لڏي آيل، هاري ناري ۽ باغائي پنهنجي زمين ڀور ۾ پوکيل ڀاڄي ميوا کڻي اچي پٽ تي ويهندا آهن. جن کان سياڻا ۽ اسان جهڙا گهٽ پئسي وارا هتي جا رهاڪو سڄي هفتي جي ڀاڄي ۽ فروٽ وٺندا آهن. پئسي وارا ته ڪنهن وقت ۽ ڪٿان به وٺي سگهن ٿا.

مون ڪجهه رڌڻ لاءِ فرج کولي جائزو ورتو. ڊبل روٽي، پنير، بيضا ۽ کير پيو هو. اڄڪلهه بصر جي داڳ تي رڌل شيءِ کائڻ تي دل چئي رهي هئي. مهيني کن پاڻ وٽ يا ميس ۾ اوٻاريل ڀاڄيون کائي کائي اڄ ڇتائي ٿي رهي هئي. چلهي جي هيٺان وارو خانو کولي ڏٺم، فقط ٽي بصر جون ڳنڍيون هيون. ٽي بصر جون ڳنڍيون هن ملڪ ۾ وڏي ڳالهه آهي جتي بصر، پٽاٽن۽ صوفن جو ساڳيو اگهه ڏهه ڪرونا (چاليهه رپيا) سير آهي. بصر جو داڳ ڪري ان ۾ ڇا رڌي سگهجي ٿو. بيضائي آهن ٻي ڪا خاص Choice ته ناهي. پر بيضا ته هفتي جا پنج ئي ڏينهن، ميس ۾ نيرن تي ملن ٿا ۽ ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته چاليهه سالن جي عمر کان پوءِ هفتي ۾ ٽي بيضا کائڻ به گهڻا آهن ۽ اڄ وري بيضو کائڻ معنى ڇهون بيضو کائڻ. صبح جو سوير اٿڻ ڪري ننڊ نه اچي رهي هئي. پر پڪ هيم ته خالي پيٽ تي ننڊ نه ايندي فقط ڦٿڪندو رهندس. پٽاٽا وٺڻ لاءِ ڪئپٽن سليم وٽ پهتس، جيڪو گذريل ڏينهن (ڇنڇر تي) هڪ سير بصر ۽ هڪ سير پٽاٽا وٺي آيو هو.

”يار مانيءَ جو ڇا ٿوڪرين؟“ مون پڇيومانس.

”بس يار آهي اهو به روز جو مسئلو. خاص ڪري ڇنڇر آچر. ٻين ڏينهن تي گهٽ ۾ گهٽ نيرن ۽ رات جي ماني تي ميس ۾ ٺهيل ٺڪيل مليو وڃي.“

”چڱو ٻه يا ٽي پٽاٽا کڻانءِ ٿو. ايندڙ ڇنڇر تي اوپن مارڪيٽ مان آئون ڀاڄي وٺي ايندس ته ڏيندوسانءِ.“ مون سليم کي چيو ۽ سليم ٿڪ جو اظهار ڪري چادر تاڻي چيو:

مون کلندي چيومانس، ”چئبو ته اها اوڌر سروس چارج ۾ لٿ پٿ ٿي.“

سليم رڌ پچاءِ جي معاملي ۾ مون کان به سست آهي. مون هائوڪار ڪري ويهي پٽاٽا کنيا ۽ ٻاهر نڪرڻ وقت چيومانس، ”هاڻ سمهي نه رهجانءِ. ٿور ي دير ويهي جاڳ، ۽ ريڊيو ٻڌ يا دعا ڪر ته، الله مونکي همت ڏئي جو ٻوڙ کائڻ لائق ئي رڌي سگهانءِ ۽ نه هارڻ لائق.“

پٽاٽا کڻي ڪمري ۾ پهتس ۽ بصرن سان گڏ ڌوتم. ”گورن جي ملڪ ۾ هرشيءِ مهنگي آهي پر هر شيءِ جو هنن معيار تمام اوچو رکيو آهي. پيزن ۽ مڪئي جي سنگن کان بصر پٽاٽن تائين هتي جي هر شيءِ صاف سٿري، بهترين ۽ سوادي آهي.“ مون بصرن ۽ پٽاٽن کي غور سان ڏسندي دل ئي دل ۾ سوچيو.

ايتري ۾ در تي کڙڪو ٿيو.

”ابا ڪير؟“ قاضي آهين ڇا؟“

”يار مين هون.“ ٻاهر راحت عزيز هو.

”توکي به پٽاٽا اڌارا کپن؟“ مون پڇيومانس.

”ها. مونکي به اهوئي هن وقت مسئلو اڳيان هو پر في الحال پاڻ سڀني جو مسئلو قدرت طرفان حل ٿي ويو آهي.“ راحت چيو.

”ڪيئن؟“ مون پڇيو مانس.

”جوهر صاحب منهنجي ڪمري ۾ ويٺو آهي. صبح کان پاڻ کي ڳولي رهيو هو. هو پاڻ کي مانيءَ لاءِ وٺي هلڻ ٿوچاهي. هڪ ٻن ٻين دوستن کي به گهرايو اٿس.“

”بلڪل صحيح وقت تي آيو آهي. سڏ ڪر هن ٽئين درويش ڪئپٽن سليم به ته هلي، متان سمهي نه رهي.“ مون پٽاٽا بصر ڇلڻ بند ڪري ٻئي ڇنڇر آچر لاءِ واپس ڪٻٽ ۾ رکي ڇڏيا.

سئيڊن جي هن شهر مالمو ۾ رهندڙ ڪجهه پاڪستانين مان جوهر زمان به هڪ آهي، جيڪو ڪافي عرصي کان فئملي سان هتي رهي ٿو ۽ سئيڊن جو پاسپورٽ اٿس ۽ هاڻ هتي جو ئي شهري سڏائي ٿو.

جوهر 1951ع ۾ پشاور ۾ ڄائو. سندس والد صاحب ميجر شير زمان خان خٽڪ شروع کان آرمي ۾ رهيو، جنهنڪري جوهر کي پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ رهڻ جو موقعو مليو. پاڻ مئٽرڪ لاهور مان ڪيائين ۽ انٽر ڪراچي بورڊ مان. ان بعد بي اي (آنرس) ۽ ايم اي (ايڪانامڪس) سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين.

”سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تعليم دوران ڪجهه سنگتي ساٿي يا استاد صاحب جيڪي هينئر به ياد هجنوَ؟“ مون کانئس پڇيو هو.

”سنجراڻي صاحب جو پٽ عزيز سنجراڻي منهنجو ڪلاس ميٽ ۽ سٺو دوست هو. آئون سندس ڳوٺ ۾ ويندو هوس ۽ هتي اچڻ بعد به ڪجهه سال خط و ڪتابت رهي، پر پوءِ هرڪو عمر وڏي ٿيڻ سان پنهنجن مشغولين ۾ بزي ٿيو وڃي. پر اڃا به مونکي هو ياد آهي. اسان ڪجهه عرصو سول لائينس ۾ رهنداهئاسين ۽ قاضي عابد ۽ قاضي اڪبر جي ٻارن سان عليڪ سليڪ هئي. ان بعد لطيف آباد ۾ شفٽ ٿي وياسين. هن وقت مونکي چڱيءَ  طرح ياد ناهي ته ڪهڙي هنڌ گهر هو پر قمر زمان شاهه صاحب جي بنگلي ڀرسان هو. استادن ۾ علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ جو پراڻو پروفيسر شوڪت عباس ياد اٿم ۽ ماهتاب چنه جن.“

”هتي سئيڊن ۾ ڪڏهن آيائو؟“

”سن 1975ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم اي  ڪرڻ بعد آئون سڌو سئيڊن هليو آيس. منهنجيون ٻه ماسيون سئيڊن جي ٻي نمبر وڏي شهر گوتابرگ ۾ رهنديون هيون ۽ وڏو ڀاءُ گوهر زمان به هتي ئي هو، ان ڪري مونکي هيڏانهن اچڻ ۽ Settle ٿيڻ ۾ ڪا خاص درپيش نه آئي هئي.“

جو هر زمان ڪراچيءَ مان شادي ڪئي ۽ سندس زال نفسيه (جيڪا پڻ ٽيچر رهي چڪي آهي) جو وڏي ڀيڻ بلقيس طاهره اڄڪلهه ڪورنگي جي پي. اي. ايف اسڪول جي پرنسپال آهي. جوهر کي پنج ٻار آهن: زينت نون سالن کن جي ٿيندي ان بعد حسن، عاليه، دانيال ۽ آخر ۾ ڇهن مهينن کن جو محسن ٿيندو، جهنججي ڄمڻ تي هتي جي اخبار ۾ آيو هو ته جوهر زمان کي سئيڊن ۾ سڀ کان گهڻا ٻار آهن ۽ جنهن جو مختصر ذڪر شروع ۾ ڪري آيو آهيان.

جوهر چيو، ”اوورڪوٽ وغيره نه کڻو، جو در تان کڻي هلانوَ ٿو وري اتي ئي ڇڏي ويندو سانوَ.“

اسان جي هاسٽل کان سندس گهر جو رستو سڌوئي سڌو آهي. رستي تي اسان کيس ٻڌايو ته مهيني ٻن بعد اسان جون فئمليون اچڻيون آهن ۽ عارضي طرح هولما (Holma) ۾ ايم ڪي بي جا فليٽ بڪ ڪرايا اٿئون. هولما جو علائقو مالمو جي وچ شهر کان ڇهه ست ميل پري ڏکڻ ۾ آهي ۽ ائين آهي جيئن ڪراچيءَ جي ڌوراجي سوسائٽي يا مسلم آباد يا حيدرآباد جي سٽيزن سوسائٽي. منجهس ايم ڪي بي وارن جا ڪيترائي فليٽ آهن جن ۾ گهڻو ڪري فارينر رهن ٿا. ايم ڪي بي ائين آهي جيئن ڊفينس سوسائٽي يا ميونسپل جو ادارو جيڪي سرڪاري يا نيم سرڪاري طرح فليٽ ٺهرائي پوءِ مسواِڙ تي ڏين يا وڪڻن ٿا.

جوهر چيو: ”بهتر ٿيندو ته هولما بدران ڪنهن ٻئي هنڌ تي وٺو جتي يونيورسٽيءَ کي اڃا ويجهو هجو ۽ پنهنجي ملڪ يا ايراني، بنگالي، انڊين، ملئي همراهن جي پاڙي ۾ رهڻ بدران سئيڊن جي ماڻهن واري محلي ۾ رهو ته اهو تجربو رهندو.

”ڀلا فرنيچر وارو فليٽ وٺجي يا بنا فرنيچر جي وٺي پوءِ فرنيچر پنهنجو خريد ڪجي؟“ مون جوهر کان پڇيو.

”بهتر ٿيندو بنا فرنيچر وارو گهر وٺو اهو سستو پوندو. باقي فرنيچر ۽ ٿانوَ ٿپا عام جام پيا وڪامن. آچر جي اخبار کڻي ڏسندؤ ته ڪيتريون ئي فئمليون پيون لڏين پلاڻين ۽ وڃڻ وقت ڦلن مٺ ۾ سامان وڪڻن ٿا. پر جي توهان کي جلدي نه ملي سگهيو ته پلنگ بستر، ٽيبل ڪرسيون في الحال آئون ڏيندو سانوَ. ٿانوَ به مون وٽ ڪيترائي فالتو پيا آهن. توهان کان اڳ ۾ ظهير بابر ۽ آصف وارن به اهي استعمال ڪيا هئا. ٿانوَ ڪو گسن ته ڪونه ٿا.“

سئڊن ۾ اچڻ بعد جوهر پهرين دڪان کوليو پر پوءِ دڪان بند ڪري هاڻ نيڪي جا ڪم کڻي ٿو. ڪٿي رستو ٺهرائڻ آهي، عمارت جي مرمت ڪرائڻي آهي، گاڏي وٺڻي ۽ وڪڻڻي آهي، بلڊنگ جي صفائي ڪرائڻي آهي ته جوهر کي تجربو به آهي ته ماڻهو به آهن جن ذريعي مختلف هنڌن تي مختلف ڪم ڪرائيندو رهي ٿو.

”دڪان مان مونکي گهڻو فائدو نه پئي ٿيو ۽ هر وقت پابند رهڻو پيو ٿئي،“ جوهر ٻڌايو، ”پر هنن ڪمن ۾ فائدو به آهي ته آزادي به. دراصل اڄڪلهه سٺي ڪمائي Services وڪڻڻ ۾ آهي. ڪنهن کي گهر جا نلڪا ٺهرائڻا آهن يا اليڪٽرڪ جي فٽنگ ڪرڻي آهي ته آئون حساب لڳائي کيس اُڪو ٻڌائيندو آهيان پوءِ انهن پئسن مان سامان به وٺان. پلمبر يا اليڪٽريشن به وٺي اچان ان بعد به ڪافي پڇيم.“

”پوءِ ماڻهو توکي ڪئين ڳولي لهن؟“ ڪئپٽن سليم پڇيس.

”آئون هر آچر تي ۽ هفتي جي هڪ ٻن ٻين ڏينهن تي اخبار ۾ اشتهار ڏيندو آهيان. ٻه فون گهر ۾ اٿم ۽ هڪ گاڏيءَ ۾، گهر فون اچن ته نفيسه (زال) نوٽ ڪندي آهي ۽ گاڏيءَ ۾ آئون. پوءِ انهن ماڻهن سان ملي کانئن ڪم جي نوعيت پڇي پنهنجو اگهه ٻڌائيندو آهيان.“

جوهر پاڻ ٽي ماڙ تي مسواڙ جي فليٽ ۾ رهي ٿو ۽ سندس گهر جيڪو هيٺ مٿي آهي، اهو ٻن فئملين کي مسواڙ تي ڏنو اٿس. رستي تي هن اهو گهر به ڏيکاريو، جنهن جو هيٺيون مسواڙي ايندڙ مهيني ۾ خالي ڪري رهيو آهي ۽ ان بعد ڪجهه مرمت ڪرائڻ بعد جوهر پاڻ ان ۾ شفٽ ٿيڻ چاهي ٿو.

”آئون فليٽ ٽن مهينن بعد ڇڏيندس، تيسين ٻه مهينا مون وارو هيٺيون گهر خالي رهندو، توهان مان ڪنهن کي اهي ٻه مهينا جا ءِ کپي ته بنا مسواڙ جي رهي سگهي ٿو.“ جوهر اسان کي چيو. سندس اهي ڳالهيون هتي ايندڙ هر پاڪستاني ساراهي ٿو. 1985ع کان وٺي فقط هن يونيورسٽيءَ ۾ جيڪي آيا آهن انهن سڀني جي وات تي مالمو جي هن جوهر زمان جو نالو آهي يا مسعود ۽ ممنون جو. (جن جو ذڪر ڪنهن ٻئي هنڌ تي ڪبو.) پاڪستاني ته هتي ٻيا به گهڻائي آهن پر مٿين ٽن همراهن جي تعريف جا ڍڪ هر اهو پاڪستاني ڀري ٿو، جيڪو هتان سئيڊن جي هن شهر مالمو مان ٿي وڃي ٿو. عيد نماز لاءِ مسجد تائين وٺي هلڻ ۽ واپس ڇڏڻ لاءِ به هنن کي فون ڪندا آهيون ته ملڪ وڃڻ لاءِ اڳواٽ اڌار تي ٽڪيٽ وٺرائي ڏيڻ لاءِ به هنن کي چوندا آهيون. هتي آيل هر پاڪستانيءَ جي هرڪم ۾ سڄي دل سان مدد ڪرڻ ۾ هنن نيڪ انسانن جو جواب ناهي.

جوهر جو فليٽ ٽي ماڙ تي آهي. فليٽ ۾ گهڙڻ سان ڄڻ سئيڊن پٺتي رهجي ويو، پاڪستان جي ڪنهن شهر جي ڪنهن پاڙي ۾ اچي ويا هجون. ولايت ۾ به پاڪستانين جو گهر نگاهه، خوشبوءِ ۽ آواز مان پڌرو لڳندو. گهر ۾ چوڌاري نظر ڪبي ته مختلف سائيزن جا ننڍا وڏا بيبي سائيز غاليچا نظر ايندا، ڀتين تي سڄي ڪٽنب جا گروپ فوٽو، ٽي وي، ريڊيو ۽ بخاريءَ مٿان براس ۽ اونئڪس پٿر جون شيون. اهو ته ٿيو ڏسڻ سان. سونگهڻ مان پاڪستانيءَ جو گهر ائين لڳندو جو مرچ مسالن جي سڙڻ جي ڌپ ايندي ۽ خاص ڪري توهان مهمان ٿي پيا وڃو ته توهان جي خاطر جيڪي به ڊش ٺهندا اهي تر تران وارا، جن ۾ بصر جو داڳ پيو ٿيندو، سائو مرچ گرم تيل جي ڪڻڇيءَ ۾ پيو ڦٿڪندو ۽ ٽين چلهه تان مٺين سوين جي چاش ۽ مکڻ جي خوشبوءِ پئي ايندي. ان کان علاوه انڊيا، پاڪستان جي آچارن، سوپارين، ٻارهن مسالن وارن پانن جي رنگارنگ خوشبوءِ پئي ايندي. ان سون تي سهاڳ اهو ته هڪ ٻه اگر بتي پئي ٻرندي.

آوازن ۾ ائين پاڪستاني گهر لڳندو ته وقتو بي وقتو وي سي آر پيو هلندو ۽ انڊين فلم يا پاڪستاني ٽي وي ڊرامو فل آواز تي پيو هلندو. ٽي وي جي ان آواز جي بئڪ گرائونڊ ۾ رکي رکي ٻارن جون دانهون، ڪنهن جي ڪرڻ جو آواز يا ڪنهن ٿانَ ڀڄڻ جو آواز پيو ايندو. ۽ اهڙي طرح ماحول ۾ اسان بلڪل هوملي محسوس ڪنداآهيون.

ٿوري دير بعد جوهر جو ٻيو مهمان شبير نالي به ٻارن سان چي ويو. شبير مالمو ۾ ٽئڪسي هلائي ٿو ۽ کيس سئيڊن ۾ رهي ڏهن سالن کان به مٿي ٿي ويو آهي. شبير جي اچڻ سان اسان مانيءَ لا ءِ اٿياسين ۽ ٽي ويءَ تي وي سي آر ذريعي هلندڙ ڪمال جي پاڪستاني فلم ”انسان اور گدها“ ڏسڻ بند ڪري بوريچيخاني ۾ رکيل ٽيبل جي چوڌاري اچي ويٺاسين.

مانيءَ ۾ نفيسه ڀاڀيءَ تمام گهڻوکڻي ڪيو هو. حليم، دهي بڙا، ڀينڊي، گوشت ۽ ڪڪڙ جي ٻوڙ، ڀت ۽ چانور.

جوهر چيو ته هو اڳواٽ اطلاع ڪري نه سگهيو هو جو ڊپ هئس ته متان اسان نه اچون ۽ سندس ماني ضايع نه ٿي وڃي.

ڪئپٽن سليم چيس: ”هو ڇا چوندا آهن ته داڻي داڻي تي کائڻ واري جو نالو لکيل آهي. اسان جي قسمت ۾ هيءَ ماني هئي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته اسان کي پٽاٽن کائڻ ۽ رڌڻ جي محنت کان بچايئي.“

ماني بعد صوف کائي اچي ڊرائينگ روم ۾ ويٺاسين پر جوهر جي رڙ لڳي پئي هئي ته ”نفيسه مٺو ڪونه ٺاهيو اٿئي ڇا.“

نيٺ نفيسه ڀاڀي مرڪندي اٿي، ڏهن منٽن ۾ سويون ۽ ڪيڪ ٺاهي آئي.

راحت عزيز کي آهستي چيم، ”جوهر وارن کي وڏي دل ۽ وڏو مائڪرو ويو اوون آهي نه ته پاڪستاني ته جنهن تنهن ملڪ ۾ نظر اچن ٿا.“ اٿڻ مهل جوهر چيو ته هاڻ شام ته هونءَ ئي ٿي وئي آهي. ڏهه منٽ ترسو ته چانهه پي پوءِ هلون. پٺاڻن واري ڪڙڪ چانهه پيئڻ بعد نه فقط اسان کي پر هاڻ جوهر کي به ننڊ جا خمار اچي رهيا هئا.

اسان کيس واپس ڇڏي اچڻ جي تڪليف ڏيڻ بدران بس ۾ موٽڻ جو ارادو ڏيکاريو، پر نه جوهر مڃيو نه سندس دوست شبير. نيٺ شبير جنهن کي شهر ڏي اچڻو هو، پنهنجي ٽئڪسيءَ ۾ اسان کي هاسٽل وٽ ڇڏي ويو. رستي تي هو سئيڊن جي ماڻهن بابت ٻڌائيندو هليو. خاص ڪري راتوڪي هڪ مسافر بابت جنهن لهڻ وقت پئسا نه ڏنا. شبير چيو: ”هونئن سئيڊن جا ماڻهو اهڙا آهن ڪونه. مونکي ڇهه ست سالن جي ٽئڪسي ڊائيوريءَ ۾ اهو پهريون همراهه مليو جيڪو بنا پئسن جي منهنجي ٽئڪسيءَ ۾ ويٺو.“

لهڻ وقت مون چيو مانس: ”شبير صاحب ڀلا ميٽر ته تون آن ڪيو ڪونه. زباني کڻي ٻڌاءِ ته بل گهڻو ٿيو.“

”يار ڇو ٿا شرمندو ڪيو. اها ته مون لاءِ عزت جي ڳالهه آهي جو منهنجي دعوت تي توهان منهنجي ٽئڪسيءَ ۾ ويٺو.“ هن چيو.

”چڱو ڀلا ان لاءِ مهرباني پر هاڻ اهو مڃڻو پوندي ته تنهنجي ڇهه ست سالن جي ٽئڪسي ڊرائيوريءَ ۾ هڪ نه، پر اسان به بنا ڀاڙي جي تنهنجي ٽئڪسيءَ ۾ ويٺاسين.“

پاڳل آهي

 اڄ ايسٽر جي موڪل آهي. ڪرسمس ڊي جيڪڏهن عيسائين جي وڏي عيد آهي ته ايسٽر ننڍي عيد سمجهڻ کپي، جيڪا هتي سئيڊن ۾ چڱي خاص پئماني تي ملهائي وڃي ٿي. ايسٽر جمع ڏينهن ملهايو وڃي ٿو ۽ ان جمعي کي Good Friday سڏجي ٿو.

يارهين بجي ڌاري چيف انجنيئر راحت عزيز اچي در کڙڪايو. آئون به ڪافي دير کان پڙهائي ڪري رهيو هوس ۽ هاڻ ٿوري رسيس ڪرڻ جي موڊ ۾ هوس. راحت جو آواز ان وقت ڀاڳ وارن ملائڪن جو سمجهي يڪدم ڪتاب بند ڪيم.

”اچ يار اچ. ڪهڙي خبر چار آهي؟“ مون در کولي راحت کي اندر اچڻ لاءِ چيو. پر پاڻ اچڻ بدران هاسٽل جي ڊگهي ورانڊي ۾ ئي بيهڻ پسند ڪيائين. ان ڪري آئون به ٻاهر نڪري بيٺس.

”يار اڄ ڀلاري ڏينهن تي پڙهائي ڪري رهيو آهين.“ هن چيو.

”ڀلارو آهي ته عيسائين لاءِ جيڪي چرچ ۾ ويا آهن باقي هندو، ٻڌ ۽ ٻيا سڀ امتحانن جي تياري پيا ڪن. بهرحال ڪهڙي خبر چار؟“ هونءَ ڪنهن جي اچڻ ۽ ڊسٽرپ ڪرڻ ۾ مونکي بيزاري ٿيندي آهي پر ان وقت آءُ بڪ شڪ ڪرڻ جي سخت موڊ ۾ هوس. آيل شڪار کي وڃڻ نٿي ڏيڻ چاهيم. ڪير ڪيترو به اڪيلائي پسند هجي ۽ پنهنجو پاڻ کي ڪيترو به ڪتابن ۽ لکڻ پڙهڻ جهڙن ڪمن ۾ Self Occupied (مشغول) رکي ته به روزانو ڪي اهڙيون گهڙيون ضرور اچن ٿيون جن ۾ هڪ انسان ٻئي سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ چاهي ٿو.

”بس ڪا خاص خبر ناهي“، راحت چيو، ”اهو پڇڻ آيس ته ٻاهر وڃين ته مون لاءِ ماکي وٺي اچجانءِ ته ڊبل روٽيءَ سان نيرن ڪريان. اڄ موڪل ڪري ميس ته هرگز نه کلندي. سڀان پرينءَ تي هونءَ ئي ڇنڇر آچر جي موڪل آهي.“

وڃڻ ته چاهيان ٿو پر ٻڌو اٿم ته ايسٽر ڪري اڄ دڪان بند آهن. ڪنڊ تي جيڪا فلسطيني جي پيڊي آهي اها به اڄ بند آهي.“

اسان جي هاسٽل جي ٻاهران هڪ فلسطيني رفيوجيءَ جو ننڍڙو هٽڙو آهي، جيڪو هو موڪل وارن ڏينهن تي به کولي رکندو آهي. هرشيءِ جا اگهه سو اهڙا هوندا اٿس جو گراهڪ جي ابتي کل لاهيندو آهي. پر ٻيا دڪان بند هجڻ ڪري، مجبوريءَ جي حالت ۾ ماڻهو هن وٽ به پهچي ويندا آهن. پر اڄ هن جو دڪان بند رکيو آهي، شايد سندس عيسائي پوڙهي محبوبا جي چوڻ تي، عرب ملڪن ۾ جيئن مڪاني عربن کي ٻاهران چار ماڻهو (آيا، بواءِ، ڪُڪ ۽ ڊرائيور) گهرائي پاڻ وٽ رکڻ جي اجازت هوندي آهي (جنهن کي هو اي، بي سي، ڊي ويزا سڏين ٿا) تيئن سئيڊش اڪيلين پوڙهين عورتن کي هڪ عدد ڪتي يا / ۽ هڪ عدد ڌارئين مرد کي پاڻ وٽ ٽڪائڻ جي اجازت آهي. ٻه سال رهائڻ بعد هن کي آٽوميٽيڪلي سئيڊن جي شهريت (پاسپورٽ) مليو وڃي. ان بعد هو ان قيد مان نڪرڻ چاهي ته به آزاد ٿي سئيڊن ۾ رهي سگهي ٿو. سو نه فقط هي فلسطيني سليمان، پر ڪيترن ئي مسلمان ملڪن جا همراهه هڪ عدد هتي جي پوڙهيءَ سان نڪاح يا بنا نڪاح رهيل نظر ايندا.

”پوءِ ڀلا ڇا ڪجي؟“ راحت مونکي خيالن جي دنيا مان ڪڍيو.

“دڪان ته بند آهن. چئين ته بس ۾ هلي چڪر هڻي اچون. موسم واهه جي ٿي وئي آهي.“ مون صلاح ڏني. پاڻ وٽ موسم واهه جي ٿي وئي آهي معنى جهڙ ٿيو آهي يا بوندا باندي پئي ٿئي. پرهن پاسي _ خاص ڪري يورپ جي اتراهن ملڪن ۾ موسم واه جي تڏهن ٿيندي آهي جڏهن سج نظر ايندو آهي، اس نڪرندي آهي.“

”دل ته منهنجي به ڏاڍي چوي ٿي، جو ڪيترن ڏينهن بعد اڄ اس نظر آئي آهي ۽ ٽيمپريچر به پنجن جمان نَو ڊگريون ٿي ويو آهي.“ راحت چيو.

”ته پوءِ واروڪر. انکان اڳ جو يورپ جي موسم اسان جو گهمڻ زهرڪري، جلدي شهر جو چڪر هڻي اچون. متان ڪو دڪان به کليل هجي.“

”پر منهنجي طبيعت صحيح ناهي. اڄ نه سڀان هلنداسين.“ راحت وراڻيو.

ايتري ۾ منهنجي ساڄي پاسي وارا ٻه ڪمرا ڇڏي ٽئين ۾ رهندڙ ڪولمبيا جي ائنا روزا سامهون ايندي نطر آئي. پاڻ جتي پوتيءَ ۾ هئي، يعني اوورڪوٽ مفلر ۾“ تنهنجي معنى ٻاهران ٿيو پئي اچي.

”مائي ائنا ڪر خبر، دڪان کليل آهن يا بند؟“ مون پڇيومانس، پر هن نه سمجهيو ۽ وائڙن وانگر نهارڻ لڳي.

”هاڻ وري آهستي تون پڇينس“، راحت کي چيم، ”هي ڏکڻ آمريڪا جا، اسپيني ڳالهائڻ وارا انگريزي ڏاڍو ڏکيو سمجهن ٿا.“

منهنجي چوڻ تي راحت هڪ هڪ لفظ الڳ الڳ چئي جملو پورو ڪيو.

”ڪجهه بند آهن پر اوپن مارڪيٽ جا کليل آهن، شايد.“ ائنا روزا جيئن تيئن ڪري جملو پورو ڪيو ۽ اسان سندس ڳالهه سمجهي، پر آخر ۾ اهو لفظ شايد (Perhaps) خبر ناهي ڇو ڳنڍيائين. ان اسان کي منجهائي وڌو. هونءَ ته هي اسپيني ۽ فرنيچ ڳالهائيندڙ آفريڪي، جيڪو نئون لفظ سکندا آهن اهو ضرورت هجي يا نه، زور ڪري پيا ورجائيندا آهن- خاص ڪري هيءَ ائنا روزا ته ان ڪم ۾ هيڊ ماسترياڻي آهي.

”پوءِ تو ڇا ورتو؟“ راحت يا شايد مون کانئس پڇيو.

”مون ڪجهه ڪونه ورتو جو دڪان بند هئا.“ هن وراڻيو.

”پر تو ته چيو ته کلُيل آهن.“ اسان تعجب مان پڇيس.

”اوپن مارڪيٽ ۾ جهڙو کليل هئا.“ ائنا روزا جيڪا پاڻ ته هميشه وانگر منجهيل آهي، هاڻ اسان کي منجهائڻ لڳي.

”ڏس!“ مون آهستي آهستي انگريزيءَ ۾ جملو ٺاهي کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، ”اوپن مارڪيٽ ۾ ته پٽ تي يا گاڏن تي ڀاڄي ۽ ميوا رکي وڪڻندا آهن. تنهنجو مطلب انهن دڪانن سان آهي؟“

”اهي بند هئا. پاسي وارا کليل هئا.“ ائنا ٻڌايو.

”انهن تان ڊبل روٽي ۽ بيضا ملي ويندا؟“ مون پڇيو.

”کليل هوندا ته ملي ويندا؟“

”ڇا مطلب؟ تون ته چئين ٿي ته اهي کليل آهن.“ اسان چيس.

”چوان ٿي، پر مونکي پڪ نه آهي ته کليل هئا يا نه.“ ائنا چيو.

۽ هاڻ راحت وري ڪجهه پڇڻ وارو هوس پر ايتري ۾ هندستاني شاگرد (مسٽر وجئي هانڊا) اچي ويو، تنهن ائنا روزا جا اهي آخري لفظ ٻڌي، اسان کي اڙدوءَ ۾ چيو:

”پاگل هي سالي. سائيڪل جڏهن کان ورتي آهيس، هر وقت لوفرن وانگر هلائيندي وتي. هينئر به ان کي هلائي هِتان هُتان رلي آئي آهي. اوپن مارڪيٽ جي چوڌاري جيڪي فرنيچرن جا دڪان آهن انهن لاءِ سمجهي پئي ته کليل آهن، جيتوڻيڪ اهي به بند آهن پر انهن جون هميشه ٻرنديون رهن ٿيون، سو هيءَ سمجهي ٿي ته اهي کليا پيا آهن.“

”پڙهڻ ۾ڪيئن آهي؟“ مون وجئي کان پڇيو، جيڪو ساڳئي سبجيٽ ۾ هن سان گڏ ايم ايس سي ڪري رهيو آهي. وجئي بمبئيءَ ۾ ڪنهن جهازران ڪمپنيءَ جو مئنيجر آهي. بيحد ذهين آهي ۽ پنهنجي ڪلاس ۾ نمبر کڻندو آهي.

”صفا چٽ آهي، جنهن کي Density، ماس ۽ واليوم جهڙيون شيون نٿيون اچن، اها ڇا هوشيار هوندي.“ وجئي ٻڌايو.

”اها ڳالهه ناهي،“ راحت چيو، ”فزڪس ۾ سو موڳي آهي، اهو پاڻ به چوي ٿي ته هن ننڍي هوندي فزڪس نه پڙهي هئي، باقي حسابن ۾، ايڪانامڪس ۾ يا بندرگاهه جي ڪمن ۾ هوشيار آهي ۽ ايم ايس سي به ان ئي ڪم Ports & Shiping Admimistration ۾ ڪري رهي آهي.“

”پر پروفيسر ڪو سوال پڇندو آهيس ته جواب کان آڱوٺو ڪڍي ويهندي آهي.“ وجئي راحت کي چيو.

”اهو پاڻ چوندي آهي ته کيس سڀ اچي ٿو پر انگريزيءَ ۾ جواب ڏيندي شرم ٿو اچيس. اسپينيءَ ۾ ڪو پڇيس ته خبر پوي.“ راحت ٻڌايس.

”آئون سمجهان پئي وجئي منهنجي گلا ڪري رهيو آهي.“ ائنا روزا آخرڪار ڪڇي.

”چوي ٿو تون صفاچٽ آهين.“ راحت چيس.

”اڙي ڀائي راحت! هي تون ڇا ٿو چوينس.“ وجئي چيو.

”وجئي جنهن ڪمپنيءَ جو مئنيجر آهي ان جي جهازن کي ڏسي رهنديس. رڳو منهنجي ملڪ ڪولمبيا جي ڪنهن بندرگاهه ۾ سندس ڪمپنيءَ جو ڪو جهاز داخل ٿئي ته Arrrest ٿي ڪرايانس.“ ائنا چيو.

”توهان سائوٿ آمريڪن جو ٻيو ڪهڙو ڪم. مڙيئي اهاني بهاني ٿي رشوت وٺڻي.“ وجئي ڪجهه چڙ مان چيو پر جلدي چوڻ تي ائنا سمجهي نه سگهي.ڳالهه جو ٽاپڪ بدلائڻ لاءِ مون وجئي کي مخاطب ٿي چيو.

“So Vijay! What is good News?” ڪا سٺي خبر ٻڌاءِ.

وجئي پنهنجي مخصوصي انداز ۾ چيو: ”اڙي ڀائي هتي سئيڊن ۾ ڇا Good News ٿي سگهي ٿي، ها بس اهائي سٺي خبر آهي ته اڄ اس نڪتي آهي. موسم في الحال واهه جي ٿي وئي آهي.“ اهو چئي وجئي به پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو. ائنا ڪجهه گهڙيون ان کان اڳ ئي رواني ٿي چڪي هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org