سيڪشن؛ شخصيات |
ڪتاب:گوتم ٻڌ |
باب-- |
صفحو :9 |
باب ڇويهون
هڪ مورکه ماڻهوءَ جڏهن ٻڌو ته ٻڌ ديو پريم جي
اصول تي هلندو آهي ۽ برائيءَ جي عيوض ڀلائي
ڪندو آهي تڏهن هو هن وٽ ويو ۽ وڃي گاريون
ڏنائينس. ٻڌ ديو کي هنجي نادانيءَ تي ڏاڍو دکه
ٿيو ۽ جڏهن هن گاريون ڏيئي پوريون ڪيون تڏهن
ٻڌ ديو هن کان پڇيو ته ”هي پتر! جيڪڏهن ڪو شخص
ڪنهن ٻئي شخص وٽ ڪا سوکڙي نذرانو کڻي وڃي ۽ هو
هن کان اها وٺڻ کان انڪار ڪري ته پوءِ سوکڙيءَ
جو مالڪ ڪير ٿيو؟“ انهيءَ ماڻهوءَ جواب ڏنو ته
”پوءِ انهيءَ سوکڙيءَ جو مالڪ اهو ٿيندو جو
اها سوکڙي نذراني طور کڻي ويو هو.“ ٻڌ ديو
تنهن تي چيس”پيارا پتر! تو مون کي گاريون
ڏنيون آهن پر انهن کي وٺڻ کان انڪار ٿو ڪريان.
آئون توکي وينتي ٿو ڪريان ته تون انهن کي پاڻ
وٽ رک. جهڙي طرح آواز سان گڏ انجو پڙاڏو ۽ بدن
سان گڏ انجو پاڇو ضروري آهن تهڙي طرح برائي
ڪرڻ وارن کي ضرور دکه گهيري وڃي ٿو.“ اها
ڳالهه ٻڌي هن شخص ڪجهه به نه چيو. ٻڌ ديو
وڌيڪ چوڻ لڳو ته ”جو خراب شخص ڪنهن نيڪ انسان
کي ڊگهو منڌرو ڪوٺي ٿو يا گاريون ڏئي ٿو سو
انسان انهيءَ انسان وانگر آهي جو منهن مٿي ڪري
آسمان ڏانهن ٿڪون اُڇلي ٿو. انهن ٿڪن ڪري
آسمان اپوتر نٿو ٿئي. اٽلو اهي ٿڪون سندس منهن
تي اچي پون ٿيون ۽ کيس پليت ڪن ٿيون. نيڪ
انسان کي گاريون ڪو به نقصان نٿيون پهچائي
سگهن.“
اهي وچن ٻڌي گارين ڏيڻ وارو شخص ڏاڍو شرمندو
ٿيو ۽ معافي وٺي ٻڌ ڌرم ۾ داخل ٿيو.
باب ستاويهون
راج گرهه جي ڀرسان هڪ غريب استري رهندي هئي،
جنهن کي ٻڌ ديو لاءِ ڏاڍي عزت هئي. هن کي خبر
هئي ته گهڻيئي شاهوڪار ماڻهو ٻڌ ديو وٽ
ڀيٽائون کڻي اچن ٿا ۽ سندس دل جي اها خواهش
هئي ته مان به جيڪر ٻڌ ديو کي ڪجهه ڀيٽا ڏيان.
پر هئي جا غريب سو ٻڌ ديو لاءِ ڪابه شيءِ خريد
نٿي ڪري سگهي. هڪ ڏينهن خيال آيس ته ٿورا
چانور رڌي رکان ۽ جنهن وقت ٻڌ ديو جو ڪشش بکيا
پنڻ ايندو ته کيس اهي ڏينديس. انهيءَ ڪري هڪ
ڏينهن صبوح جو اٿي راج گرهه شهر ۾ پنڻ ويئي.
منجهند تائين هن کي ڪجهه پئسا مليا جن مان هن
ڪجهه چانور خريد ڪيا. گهر اچي چانور تيار
ڪيائين پر سارو ڏينهن ٻڌ ديو جو ڪو به بڪشو
بکيا وٺڻ نه آيو. انهيءَ ڪري هن جي اندر ڏاڍي
بيقراري پيدا ٿي. جيڪي پئسا شهر مان پني آئي
هئي تن مان وٽس هڪ آنو رهيل هو. انهيءَ آني جو
هن ٻڌ ديو جي ڏيئي لاءِ تيل خريد ڪيو. جڏهن
اهو تيل هوءَ ٻڌ ديو جي مڪان تي کڻي ويئي ته
ڇا ڏسي ته اتي هزارين ڏيئا پيا ٻرن جي ماڻهن
شرڌا ۽ پريتيءَ وچان ٻڌ ديو لاءِ ٻاريا هئا.
جڏهن هن غريب اهي ڏيئا ڏٺا تڏهن ڏاڍي نااميد
ٿي ۽ چيائين ته منهنجو تيل جو هڪ ڏيئي لاءِ به
ڪافي ڪونهي سو ڇا ڪندو؟ آهستي آهستي اچي اهو
تيل هڪ ڏيئو جو اڳيئي پي ٻريو تنهن ۾ وڌائين ۽
هڪ ننڍڙي وٽ به انهيءَ ڏيئي ۾ وجهي ٻاري هوءَ
موٽي ويئي. موٽڻ کان اڳ اها ئي پرارٿنا ڪيائين
ته ”هي پرڀو شل ٻڌ ديو هن ڏيئي کي برڪت ڏي ته
هو پيو ٻري!“ صبوح ٿيڻ کان اڳي اهڙي سخت هوا
لڳي جو سڀ ڏيئا وسامي ويا مگر اهو ڏيئو جو هن
غريب استريءَ ٻاريو هو سو نه وساڻو.
مودگيان اچي اهو وسائڻ لڳو ته به هو
وساميئي نه. هن وڃي ٻڌ ديو سان اها ڳالهه ڪئي.
ٻڌ ديو چيس ته ”هيءَ وٽ هڪ غريب استري هن ڏيئي
۾ وجهي ويئي آهي. هن جي دل بلڪل پوتر آهي ۽ هن
جو پريم گهڻو
آهي
انهيءَ ڪري اهو ڏيئو ڪير به وسائي نه سگهندو.“
انهيءَ کانپوءِ اها غريب استري ٻڌ ديو وٽ آئي
۽ ٻڌ ديو هن کي سکيا ڏيئي پنهنجي سماج ۾ داخل
ڪيو.
باب اٺاويهون
برسات جي اڃا اڌ موسوم گذري ته ٻڌ کي پنهنجي
پتا جي سخت بيماريءَ جي خبر آئي. ٻڌ ديو
پنهنجي پتا جو انت ڪال وقت منهن ڏسڻ ويو. اتي
پهتو ته ڏٺاءِ ته سندس پتا مرڻينگه حالت ۾ هو.
ٻڌ ديو ۽ سندس ششن راجا جي ڏاڍي شيوا ڪئي ۽
کيس مالش ڪيائون جنهن ڪري راجا ڪجهه وقت هوش ۾
آيو. راجا مرڻ وقت پنهنجي پٽ کي ڏسي ڏاڍو خوش
ٿيو. راجا جي عمر هن وقت 97 ورهيه هئي ۽ پٽ جي
وڇوڙي ڪري ته پاڻ وڌيڪ ڏٻرو ۽ هيڻو ٿي ويو هو.
رات جو وري بيهوش ٿي ويو ۽ ٻئي ڏينهن هن فاني
دنيا مان گذر ڪري ويو. راجا شڌوڌن جنهن سڪي
سڪي هيءُ سڪيلڌو پٽ ورتو هو ۽ جنهن پنهنجي پٽ
سڌارٿ کي دنيا ۾ ڦاسائي رکڻ لاءِ انيڪ يتن ڪيا
هئا سو هن سنسار مان لڏي ويو. خبر نه آهي ته
مرڻ وقت هن جي من جون ڪهڙيون مرادون هيون. هن
کي اڃا اهو گيان نه آيو هو ته سندس پٽ اها
بادشاهي هٿ ڪئي هئي جا ساري دنيا هٿ ڪرڻ سان
به نٿي ملي سگهي. هن سنسار ۾ جيڪڏهن ٻڌ ديو
جهڙا مهاپرش وقت بوقت پيدا نه ٿين ته سنسار ۾
رهڻ ڪٺن ٿي پوي. جنهن سنسار ۽ انيڪ دک ۽ ڪليش
آهن، جتي حسد جي باهه پيئي ٻري، جتي غلط
فهميءَ جي ڪري ڀاءُ ڀاءُ کان وڇريو وڃي، تنهن
سنسار ۾ مهاتمائن ۽ ڀڳتن جو پريم نه هجي ته
جيڪر سنسار ڦڪو ٿي پوي. شڌوڌن! تون انهيءَ ڪري
خوشي ڪر ته تنهنجي پٽ اڄ اها بادشاهت قائم ڪئي
آهي جا ڪڏهن به ناس ٿيڻ واري ڪانهي. تو سنسار
کي اهڙو هڪ املهه ماڻڪ ڏنو آهي، جنهن ڪري تون
به انسان ذات کي هميشه ياد پوندين. ڌن آهين
تون، ڌن آهي تنهنجي استري مهامايا جن سڌارٿ
جهڙو سپاتر پيدا ڪيو، شل جڳتر ۾ رهندڙ پتا تو
جهڙا سڀاڳا ٿين، شل سڀني کي تو جهڙا پٽ پيدا
ٿين!