سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب:گوتم ٻڌ

 باب--

صفحو :6

باب تيرهون

اُربلو جهنگل جي ويجهو سيناني ڳوٺ ۾ سجاتا نالي هڪ پوتر نيڪ دل استري رهندي هئي. اها سشيل استري انهيءَ ڳوٺ جي هڪ شاهوڪار ماڻهوءَ جي ڪنيا هئي، هن ننڍپڻ ۾ نيگرودهه وڻ ۾ رهندڙ ديوتا سان باس باسي هئي ته جيڪڏهن مون کي دلپسند گهوٽ مليو ۽ مون کي پهريون ٻار پُٽ ڄائو ته مان هر سال چيٽ جي پرونماسيءَ ڏينهن هن وڻ جي ديوتا کي سندس مرضيءَ موجب ڀيٽا ڏيندي رهنديس. اڄ چيٽ جي پورنماسي هئي. انهيءَ ڪري هن هڪ هزار متاريون ڳئون هٿ ڪري انهن جو تازو مٺو کير ڪڍي پنجن سون گاين کي پيئاريو، وري انهن پنج سون جو کير ڪڍي اڍائي سون کي پيئاريو. ائين ڪندي ڪندي اٺن گاين کي اهو کير پيئاريو. اهي اٺ گايون انهيءَ ڪري ڏاڍو مٺو ۽ لذيذ کير ڏيڻ لڳيون، انهيءَ کير جي کيرڻي ٺاهي پنهنجي نوڪرياڻيءَ پورنا کي حڪم ڪيائين ته ”پورنا! وڃ، وڃي نيگرودهه وڻ جي هيٺان ٻهاري پاءِ ۽ اها جڳهه بلڪل صاف ڪر.“ پورنا پنهنجي مالڪياڻيءَ جي آگيا مڃي هڪدم وڻ ڏانهن ويئي، سڌارٿ پوئين صبوح کان وٺي وڃي انهيءَ وڻ جي هيٺان ويٺو هو. پورنا انهيءَ وڻ جي هيٺان هڪ عجيب شاندار شڪل ويٺل ڏسي هڪدم وڃي سجاتا کي خبر ڏني، سجاتا اها خبر ٻڌي خوشيءَ ۾ نه پي ماپي ۽ پورنا کي چوڻ لڳي ته اڄ کان وٺي تون منهنجي ڌيءَ آهين. هوءَ سندر ڪپڙا ۽ مڻيا پائي، سوني برتن ۾ کيرڻي وجهي، ٻئي سوني برتن سان انهيءَ کي ڍڪي ۽ مٿانئس اڇو ڪپڙو وجهي اٿي هلي ۽ اچي وڻ وٽ پهتي. سجاتا وڻ هيٺان عجيب شڪل ڏسي چوڻ لڳي ته ديوتا اڄ پرسن ٿي هن روپ ۾ ظاهر ٿيو آهي، انهيءَ ڪري هن خوشبودار عطر وڃي هنجي مٿي تي مهٽيو ۽ پوءِ ادب سان وڃي کيرڻي هنجي اڳيان رکي. سڌارٿ کيرڻي ورتي ۽ چيو ته”شل تنهنجو مرادون پوريون ٿين!“ سجاتا اهي لفظ ٻڌي واپس گهر آئي.

سڌارٿ کيرڻي هٿ ۾ کڻي نئي انجن نديءَ جي ڪناري تي آيو. ڇهن ورهين جي تپسيا کان پوءِ نديءَ ۾ سناڻ ڪري پنهنجي گرم بدن کي ٿڌو ڪيائين، ڪناري تي ويهي هن کيرڻي پيئڻ شروع ڪئي. کيرڻي پي، سونا برتن نديءَ ۾ اڇلائي ڇڏيائين. سڌارٿ نئي انجن نديءَ جي ويجهو بن جي گلن ڦلن جي خوشبوءِ تي مهوت ٿي بن ۾ هڪ اڪيليءَ جڳهه تي سڄو ڏينهن ڪاٽيو ۽ شام جو اتان اٿي اندر بن ۾ هليو. سامهون هڪ وڏو سندر بڙ جو وڻ ڏٺائين ۽ واٽ تي سوستڪ نالي گاهه واري کان نرم سهڻو گاهه وٺي اهو گاهه وڻ جي هيٺان وجهائي، تپسيا لاءِ هڪ آسن تيار ڪيائين. انهيءَ آسن تي بيراسن(هڪ قسم جو آسن) لڳائي ڌيان ۾ ويهي رهيو.

هن آسن تي ويهي هي پرن ڪيو ته ڀل منهنجو بدن سڪي خشڪ ٿي وڃي، ماس ۽ هڏين جو نام نشان نه رهي، پر جيسين تائين آتمڪ گيان پراپت نه ڪندس تيسين  تائين منهنجو بدن هن آسن تان بلڪل نه چرندو ۽ اهو پڪو پرن ڪري هو ڌيان ۾ لڳي ويو.

ڌرم جو ڌن ڪهڙي نه تڪليف سان پراپت ٿو ٿئي! پر هڪ پل جي ڪمزوريءَ ڪري تڪليفن سان ڌرم ڌن گڏ ڪيل برباد ٿيو وڃي. انسان جيتري قدر نيڪي ۽ سچائي جي مارگه ۾ اُنتي ڪري ٿو، تيتري قدر نون نون قسمن جا پرلوڀن هن جي اڳيان اچيو هنجي پريڪشا وٺن ٿا.جيسين پاپ پاڙ کان وٺي ڪڍيو نه ويو آهي، تيسين انسان بي فڪر ٿي ائين نه سمجهي ته بس هاڻي پورن ٿي ويس. وڏا وڏا رشي، مني، يوگي جن، وڏن ساڌنن ۽ گهڻين تپسيائن کان پوءِ به ڪنهن وڪار جي وس ٿي چوٽ تان ڪريو پون، هي انسان! تڏهن تون ساوڌان ٿي ۽ ڪڏهن به ائين نه ٻٽاڪ هڻ ته مون پورن پدوي پراپت ڪئي آهي. ڳالهه ٿا ڪن ته جڏهن سڌارٿ اهڙو پڪو پرن ڪري ڌيان ۾ ويٺو هو، تڏهن مار(شيطان) پنهنجي ڪنياين راگه، ارتي ۽ ترشا کي سڌارٿ جي يوگه ۾ ڀنڱه وجهڻ لاءِ موڪليو، اهي ڪنيائون پنهنجي سونهن سان سڌارٿ کي موهت ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳيون.

 ”کاري پاڻي پيئڻ سان ڪڏهن ڪنهن انسان جي پياس لٿي؟ پاڻي جي ڦوٽي مثل سونهن جا چٽاءُ نه ڪري، انهيءَ تي موهت ٿي ڪير مڪتي پراپت ڪري سگهي ٿو؟ ڪير انهيءَ زهر کي هٿ لائيندو جو هن دنيا ۾ دکن جو ڪارڻ آهي؟“مٿيان وچن چئي سڌارٿ انهن ڪنيائن کي هڪالي ڪڍيو، انهيءَ کان پوءِ مار، پنهنجي فوج ۽ لشڪر وٺي  سڌارٿ سان جنگه جوٽڻ آيو.مار مغروريءَ سان چوڻ لڳو ته” آءٌ سنساري ڪامنائن ۽ خواهشن جو مالڪ آهيان. آءٌ سڄي دنيا ۾ موجود آهيان، ديوتائون، انسان ۽ ٻيا دنيا ۾ رهندڙ منهنجي وس ۾ آهن، اُٿ! اٿي منهنجي پيروي ڪر!“  سڌارٿ ڌيان ۾ اهڙو لنولين هو جو هن مار جا اهي وچن ٻڌائي ڪو نه، انهيءَ تي مار سمنڊ وانگر گجگوڙ ڪري چيو ته ”هي مڪتي مارگه تي هلڻ وارا مسافر! تون مون سان اڪيلو ڪيئن جنگ جوٽي سگهندي؟ تون جنهن وستوءَ جي هٿ ڪرڻ جي چاهنا رکين ٿو، سا وستو تون هٿ ڪري نه سگهندين. وڏا وڏا رشي، مني، سنت، مهاتمائون سخت ساڌن ڪري به آتمڪ وديا پراپت نه ڪري سگهيا. تون ڪهڙي ويچار ۾ آهين؟“

هن ڀيري سڌارٿ جو ڌيان ٽٽي پيو ۽ بلڪل جوش ۾ اچي چوڻ لڳو ته ”اهڙن منشن پورو ساڌن  نه ڪيو هوندو. آءٌ هن آسن تي ويهي اهو آتمڪ ڌن هٿ ڪندس، جنهن سان اي مار! تون ۽ تنهنجي فوج کي جيتي سگهندس. هن سنسار جا سڀ دکه دور ڪري سکه جو راڄ اسٿاپن ڪندس. منش ماتر کي مڪتيءَ جو مارگه بنائيندس. انهيءَ مارگه جي ڳولڻ لاءِ مون مٽ مائٽ پٽ ۽ استري ڌن ۽ دولت ۽ هر ڪنهن قسم جو سکه تياڳه ڪيو آهي. مون انيڪ قسمن جون تڪليفون سٺيون آهن. ڇا هاڻي، اهي سڀ وساري تنهنجي وس ٿيندس؟ بلڪل نه“. ائين چئي سڌارٿ وري به پڪو پرن ڪري ڌيان ۾ لڳي ويو ۽ مار جون سڀ ڪوششون نه نسڦل ٿيون.

باب چوڏهون

جڏهن مار (نفس) پنهنجن چيلن سان گڏ اُتان هليو ويو تڏهن ٻڌ ديو وري به  ڌيان ۾ مگهن ٿي ويو. هنکي خبر هئي ته سنسار ۾ انيڪ دکه آهن ۽ هو سوچڻ لڳو ته انسان پنهنجي جيوت ڪنن ڪرتوتن ۾ ڪاٽي رهيا آهن، انهيءَ ڪري هو ڏاڍو دکي ٿا رهن. هو نانا پرڪارن جون وستو چاهين ٿا، انيڪ قسمن جي سکن ۽ڀوڳن جي پٺيان پريشان آهن ۽ سمجهن ٿا ته اُنهن وستن ملڻ ڪري هنن کي سکه نصيب ٿيندو تنهنڪري جڏهن اهي پدارٿ هنن کي نٿا ملن يا هنن کان کسجي ٿا وڃن ته هو دکي ٿين ٿا.

سکه ۽ دکه پاڻ ۾ ڳنڍيا پيا آهن. جڏهن هو هيءُ سنسار ڇڏي ٿا وڃن تڏهن به کين شانتي نٿي ملي. ڪرم جو نيم آهي ته ”جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي.“ ٻڌ انهيءَ ڪري اهڙي نيم جي تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهنڪري انسان سکه ۽ دکه جي چڪر کان آزاد ٿئي. هن سمجهي ورتو ته اهو آپو ۽ اهنڪار آهي جو انسان کي دکه ڏيئي ٿو.جيڪڏهن انسان هر ڪنهن ڪارج ۾ پنهنجو آپو ڪڍي ڇڏي ۽ پنهنجي فائدي جو ڪو به خيال نه ڪري ٻين جي ڀلائي ڪندو رهي ته سندس سڀ دکه دور ٿي ويندا. ٻڌ سوچڻ لڳو ته هيٺ ڄاڻايل چار سچ آهن جنجو پورو ويچار ڪرڻ گهرجي.

پهريون- هن دنيا ۾ دکه آهن. جنم وٺڻ ئي دکه جو ڪارڻ آهي. جنهن وقت ٻالڪ پيدا ٿئي ٿو تنهن وقت روئڻ شروع ڪريٿو. جڏهن هو جوان ٿئي ٿو تڏهن هنکي انيڪ قسمن جون بيماريون ۽ تڪليفون ڀوڳڻيون پون ٿيون ۽ نيٺ هو مري وڃيٿو؛ موت به دکه جو روپ بنجو پوي. جڏهن ڪو انسان مري ٿو تڏهن سندس مٽ مائٽ دکي ٿين ٿا ۽ روئن پٽين ٿا. هننکي ڪابه سڌ ڪانه ٿي پوي ته اسانجو پيارو ڪيڏانهن ويو؟

ٻيو-انهيءَ دکه جو ڪارڻ آهي تمنا. ڇاڪاڻ ته اسين هميشه ڪنهن نه ڪنهن شيءِ جي تمنا رکون ٿا ۽ جڏهن اُها اسانکي نٿي ملي تڏهن اسين دکي ٿا ٿيون. اها تمنا ئي آهي جا دنيا ۾ دکه پيدا ٿي ڪري.

ٽيون-انهيءَ دکه جو خاتمو-دکه دور ٿي سگهن ٿا. جيڪڏهن اسين پنهنجو آپو گنوائي ڇڏيون ۽ پنهنجو ڪڏهن به خيال نه ڪريون ته پوءِ اسانجا سڀ دکه  دور ٿي ويندا.

چوٿون- اٺپدو مارگئي دکه دور ڪرڻ جي دوا آهي.وديارٿين لاءِ انهيءَ اٺپدي مارگه لاءِ جيڪر هيٺين ريت ٽيڪا ڪجي.

(1)    صحيح علم، پوري ڄاڻ- انهيءَ جو اهو مطلب آهي ته سڀني ٻالڪن کي اها پوري ڄاڻ هئڻ گهرجي ته اسانکي پنهنجن مائٽن ۽ اُستادن جو چيو مڃڻو آهي. هو اها ڪوشش ڪري اها ڳالهه سمجهن ته هنن جو حڪم ڪهڙو آهي.

(2)  سچو ۽ پڪو پرن-وديارٿي اهو پڪو پرن ڪري ڇڏين ته اسين هميشه ٻين سان مٺو ڳالهائينداسين، ٻين تي مهربان ٿينداسين ۽ وڏن جو چيو مڃينداسين.

(3)  سچ ڳالهائڻ- وديارٿين کي ڪڏهن به ڪوڙ ڳالهائڻ نه گهرجي. هننکي هميشه سچ چوڻ کپي. سچ ڳالهائجي پر ڪاوڙ نه ڪجي. نمرتا ۽ پريم سان جيڪي سچ هجي سو چئي ڏجي.

(4)  نيڪ چال-جڏهن ٻالڪ پنهنجن مائٽن ۽ وڏن جي آگيا ۾ رهن ٿا ۽ استادن جي حڪم موجب سبق ياد ڪري وڃن ٿا، پنهنجن سنگتين جي مدد ڪن ٿا، جڏهن هو پنهنجن ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن کي خوشيءَ سان رانديڪن سان رانديون ڪرڻ ڏين ٿا، تڏهن هو نيڪ ۽ چڱا ڪم ڪن ٿا.

(5)  سچائيءَ سان روزي ڪمائڻ- اهڙا گهڻيئي ٻالڪ ٿين ٿا جنکي پنهنجن مائٽن کي روزي ڪمائڻ ۾ مدد ڪرڻي پوي ٿي. جيڪڏهن هو اهو ڪم خوشيءَ سان ڪن ٿا ۽ پنهنجي پگهر جي پورهئي جي ڪمائيءَ مان ڪجهه مائٽن کي به ڏين ٿا ته چئبو ته هنن سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان روزي ڪمائي.

(6)  سچي ڪوشش- وديارٿين کي هرڪو ڪم سچي ڪوشش سان ڪرڻ گهرجي. سبق ياد ڪرڻو هجي يا ڪو مائٽ جو ڪم ڪرڻو هجي ته نهايت ڪوشش سان ڪرڻ گهرجي. ڪوبه ڪم اڌوگابرو نه ڪرڻ گهرجي.

(7)  پوتر ويچار يعني چڱا خيال-ٻالڪن جا خيال بلڪل سندر هئڻ گهرجن. خيال نه  فقط سندر هئڻ گهرجن پر پورا هئڻ گهرجن. مٽ مائٽ يا اُستاد ڪنهن ڏنگي ڪم لاءِ چئي چائي يا بلڪه سزا ڏئي ته به اهو خيال هئڻ گهرجي ته هن اهو ڪم منهنجي چڱائيءَ لاءِ ڪيو آهي. جي اهڙو خيال نٿو اچي ته چئبو ته خيال پورو نه آهي.

(8)  چت جي سچي شانتي- جي وديارٿي ٻين سان جهڳڙو نٿا ڪن، ننڍن وڏن سان مٺو ڳالهائين ٿا ۽ فضيلت ڀريا آهن، سي چت جي شانتي پراپت ڪن ٿا.

جيڪي ٻالڪ پوتر ۽ نيڪ نصيحتن تي هلڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، سي ضرور نيڪ ٿين ٿا. جڏهن هو  ٻڌ جي وچنن جي پيروي ڪندا ته وڏي هوندي هنن کي هرڪو مان ڏيندو. هرڪو هنن جي وچنن تي اعتبار ڪندو. شل ٻالڪن ۽ ٻالڪين ۽ وديارٿين کي ٻڌ ديو جي اٺپدي مارگه جي سکيا پوري طرح سمجهه ۾ اچي ۽ هو انهيءَ تي عمل ڪن!

پر هن دنيا ۾ اهڙو ٻيو ڪو ڌرم موجود ڪونهي. سچي ڌرم نه هئڻ ڪري سڀ ساهوارا انيڪ نمونن جون تڪليفون سهي رهيا آهن.ڇا مان اهڙي  نووڌان جو سواد وٺي هت جهنگل ۾ ويهي رهان؟ اهو ڌرم هر ڪنهن جو دکه دور ڪندو تنهنڪري انهيءَ جي خوشخبري ٻين کي به ٻڌائڻ گهرجي.

هن فيصلو ڪيو ته پهريائين پنهنجي پراڻي گروءَ ردورڪ کي هن ڌرم ۾ داخل ڪندس. پر جڏهن هنکي خبر پيئي ته هو گذر ڪري ويو آهي تڏهن خيال آيس اراڙڪالام وٽ وڃي هنکي هن سچي ڌرم جي خوشخبري ٻڌايان، پر ٻڌائين ته هو به جيئرو ڪونهي. انهيءَ ڪري پنهنجن جهونن پنجن شاگردن کي نئين ڌرم ۾ داخل ڪرڻ لاءِ مرگه داوَ طرف وڌيو.

گنگا پار اُڪري هو مرگه داو پهتو. سندس پنجن شاگردن هنکي پريان ايندو ڏٺو ۽ چيائون ته ”هي شخص پنهنجو پرن ڀڃي هت آيو آهي، تنهنکي پوري عزت نه ڏينداسين. اسين کيس سندس نالي سان سڏينداسين“. پر ڇاڪاڻ ته هو شاهي گهراڻي جو آهي تنهنڪري سندس وهڻ لاءِ ٿورو گاهه وجهائي ڇڏيائون. ڪونڊانيه کانسواءِ سڀيئي انهيءَ راءِ تي آيا.

جڏهن ٻڌ ويجهو آيو تڏهن سندس چئن ششن هنکي پورو آدر ڀاءُ نه ڏنو. ٻڌ ديو اها حالت ڏسي چوڻ لڳو ته ”ڇاڪاڻ ته ٻڌ بدن کي تڪليفن ڏيڻ ۾ اعتبار نٿو ڪري ۽ ائين نٿو سمجهي ته مڪتي نرجلن رکڻ يا لنگهڻ ڪڍڻ سان ملندي، تنهنڪري اوهين اهو خيال نه ڪريو ته هو سنساري وشين وڪارن ۾ وڃي ڦاٿو آهي. ٻڌ ديو وچون مارگه ڳولي ڪڍيو آهي. جو انسان دنيا جي حرصن ۽ حواسن جي زنجيرن کان آزاد نه ٿيو آهي، اهو جيڪڏهن گوشت ۽ مڇيءَ کان پرهيز ڪندو، ننگي بدن گهمندو، مٿو ڪوڙائيندو، يا جٽائون رکائيندو،لڱن تي رکه مليندو، هون آرتيون ڪندو ته ڪو هروڀرو مڪتي پراپت نه ڪندو.

ويد جو پاٺ ڪرڻ، ٻانڀڻن کي دان ڏيڻ، ديوتائن کي خوش ڪرڻ لاءِ يگه ڪرڻ، باهه ٻاري اُن ۾ اَن جا داڻا وجهڻ، پاڻيءَ ۾ کڙو ٿي بيهڻ، بدن جي ڪنهن عضوي کي وڍي ڇڏڻ، هڪ ٻانهن کي سڪائي ڇڏڻ، انهن قسمن جا ٻيا ڪم ڪرڻ انسان کي مڪتيءَ جو مارگه نٿا بتائين. شراب پيئڻ، ڪاوڙ، ضد، تعصب، ٺڳي ۽ دولاب ۽ حسد ڪرڻ، پاڻکي پڏائڻ، چغلي هڻڻ، هٺ ۽ بدنيتي انسان کي اپوتر ڪن ٿا.

”هي بڪشو! آءٌ اوهانکي اها وچين مارگه جي وديا ڏيڻ چاهيانٿو، جنهنجي وسيلي توهين مڪتي حاصل ڪري سگهندا. اهو وچون رستو آهي جو انسان کي دنيا جي بيحد مزن ۽ موجن ۽ اجاين تڪليفن کان بچائي ٿو.“

ٻڌ ديو انهن پنجن بڪشن کي اُپديش ڏيڻ شروع ڪيو جنهنجي ڪري هننجي اڳيان ڄڻڪ سورڳه جي بادشاهت جو دروازو کلي پيو. انهيءَ اُپديش ۾ هن اٺپدي مارگه ۽ چئن سچاين جو ذڪر ڪيو ۽ وڌيڪ چيائين ته ”هن نئين ڌرم جو آنند مون جهونن شاسترن يا ڪنهن گروءَ جي مدد سان ڪونه پاتو آهي. مون نئون مارگه، نئين اکه. نئين وديا، نئين دانائي، نئين روشني ۽ نئون سچ پنهنجي ساڌن سان ڏٺو ۽ پراپت ڪيو آهي. مون پنهنجي جيون ۾ عملي طرح دکه دور ڪيو آهي ۽ مڪتي پاتي آهي“.

انهيءَ ڌرم اُپديش کي ٻڌي ڪونڊانيه جي دل جي اکه کلي پيئي. هن اهو نئون ڌرم اختيار ڪيو ۽ سندس سڀ دکه دور ٿي ويا. ٻڌ جو پهريون شش ڪونڊانيه هو.

ٻئي ڏينهن جڏهن سڀ بکيا پنڻ لاءِ شهر ڏانهن ويا ۽ فقط ٻڌ ديو ۽ باپا آشرم ۾ هئا، تڏهن ٻڌ باپا کي اُپديش ڏيئي پنهنجو شش بنايو. ٽئين ڏينهن ڀڌريه ، چوٿين ڏينهن مها نام ۽ پنجين ڏينهن آشوچت کي ٻڌ ڌرم ۾ داخل ڪيائين.

برسات جي موسم اچي ويجهي پهتي. برسات جا ٽي مهنا ٻڌ ديو مرگه داو ۾ رهيو ۽ جيڪي به ماڻهو اُتي ايندا هئا تن کي هو گهڻي اُتساهه سان اپديش ڪندو هو. بنارس ۾ يش نالي هڪ مشهور شاهوڪار رهندو هو. هو سارو ڏينهن دنيا جي مزن ۽ عيش عشرت ۾ گذاريندو هو. ڪنهن کي خواب خيال به نه هو ته هو ڪنهن وقت به ساڌو ٿيندو پر پرماتما جنهن تي ڪرپا ڪري سو هڪ کن ۾ ساڌو ٿي سگهي ٿو. ٻالميڪ ۽ اجاميل جهڙن پاپين کي، انڪا ۽ گنڪا جهڙين خراب استرين کي هن پنهنجي مهر سان ٽاري ڇڏيو. هن وٽ ڪابه ويرم ڪانهي.

هڪ ڏينهن هو عيش عشرت جي ڪري بيهوش ٿي ويو. هوش اچڻ تي هنجي دل ۾ ڏاڍي تڪليف پيدا ٿي. يش انهيءَ وقت پنهنجي روز مره  جي عادت جي برخلاف گهر مان نڪري ويو ۽ جتي ٻڌ رهندو هو اُتي وڃي پهتو. ٻڌ چوڻ لڳو ته” افسوس دنيا ۾ ڪهڙو نه دکه ۽ تڪليفون آهن. تون مونوٽ رهه ته آءُ توکي ست مارگه ڏيکاريندس ۽ تنهنجا سڀ دکه دور ٿي ويندا.“

ٻڌ جا اهي وچن ٻڌي، يش کي ڏاڍي خوشي ٿي.ٻڌ هنکي نيتيءَ ۽ ڌرم تي اُپديش ڏنو ۽ چيائينس ته خواهش ئي دکه جو ڪارڻ آهي. يش جي اندرين اکه کلي ۽ پنهنجي بدن ڏانهن، جو سون هيرن ۽ جواهرات سان جهنجهيل هو، نهاريائين ۽ ڏاڍو شرمندو ٿيو.

ٻڌ هنجو خيال سمجهي ورتو ۽ چيائين ته” اهو ممڪن آهي ته هڪ شخص ٻاهران اُوچا ڪپڙا ۽ زيور  پائي به اندر ۾ ساڌو رهي سگهي ٿو. جيڪڏهن هن پنهنجن حرصن حواصن کي دمن ڪيو آهي ته هو نيڪ انسان آهي. وري هڪ ساڌو ٻاهران بيراگين جي پوشاڪ ڪري پر سندس دل دنيا جي خواهشن ۾ ڦاٿل آهي ته پوءِ هو ڪيئن ساڌو ٿي سگهندو؟ ڌرم ٻاهرين شڪل ڪپڙن وغيره ۾ ڪونهي. انهن شين جو ڪو ايترو  اثر دل تي نٿو ٿئي.“

يش جا چار متر بنارس جي هڪ امير گهراڻي جا سباهو، بهمل، پن جيت ۽ گوامپتي هئا. جڏهن انهن ڏٺو ته يش ساڌو ٿي ويو آهي تڏهن هنن جي دلين ۾ اهو خيال پيدا ٿيو ته”جڏهن يش جهڙو انسان جنهن کي اسين چڱيءَ طرح سڃاڻون، گهر ٻار ڇڏي، مٿو ڪوڙائي ۽ گيرو رتا ڪپڙا پائي ساڌو ٿيو آهي تڏهن پڪ آهي ته هيءُ نئون ڌرم رواجي ڌرم نه آهي.“ هو انهيءَ ڪري يش وٽ ويا جنهن ٻڌ کي چيو ته ” منهنجي هنن چئن مترن کي به اُپديش ڏيو.“ ٻڌ ديو هننکي اُپديش ڏنو ۽ هنن به ٻڌ ڌرم اختيار ڪيو.

يش جي ماءُ پيءُ ۽ استريءَ به اهو نئون ڌرم اختيار ڪيو پر اهي بڪشو نه ٿيا. هو پنهنجي گهر ۾ رهي انهيءَ ڌرم جي پيروي ڪرڻ لڳا. مطلب ته برسات جي ٽن مهنن ۾ ٻڌ جي ششن جو انداز اٽڪل سٺ تائين وڃي پهتو.

باب ارڙهون

برسات جي موسوم پوري ٿيڻ تي ٻڌ ديو ڏٺو ته انيڪ ماڻهو منهنجو اُپديش ٻڌڻ اچن ٿا پر آءُ سڀني جي پورت نٿو ڪري سگهان. انهيءَ ڪري ڪي پنهنجا شش تيار ڪيائين جنکي حڪم ڪيائين ته اوهين ٻاهرين شهرن ۾ وڃي هن ڌرم جو پرچارڪ ڪريو. جنهن وقت هو ٻاهر پرچار لاءِ ويا ٿي تنهن وقت ٻڌ ديو هنن کي هيٺيون اُپديش ڏنو:-

”هي منهنجا پيارا مترو! پريم سان ڀريل دل کڻي عام ماڻهن جي ڀلائيءَ ڪاتر جتن ڪندا رهجو. هيءُ نئون ڌرم، پريم ۽ديا جو ڌرم، تنهنجي پوري رکيا ڪجو . هنجو تجلو، سونهن ۽ جلال ٻين کي ڏيکارجو. سنسار ۾ اهڙا انيڪ ماڻهو آهن جنجون اکيون بند نه آهن. اوهين جيڪڏهن انهن تائين هن نئين  ڌرم جو نياپو پهچائيندا ته هو مڪت ٿي ويندا. هنکي پوترتائي ۽ نئين جيوت جي خوشخبري ٻڌايو. مونکي پڪ آهي ته هو پوءِ منهنجو ڌرم جلدي سمجهندا ۽ انهيءَ کي خوشيءَ سان انگيڪار ڪندا.

”جنهن ڌرم جو مون پرچار ڪيو آهي سو تڏهن وڌيڪ سوڀياوان لڳندو جڏهن اهو اوهانجي جيون ۾ ڏسڻ ۾ ايندو. پر هن ڌرم جو انهن جي اڳيان پرچار نه ڪجو جن کي هن جو ڪو قدر ڪونهي. جي ڌرم تي ٺٺوليون ڪن جي اڃان هن نئين ڌرم جو سنيهو ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهن. جنکي اوهين لائق سمجهو تنکي ڌرم ۾ داخل ڪجو.

”پيارا مترو! جو سچ اوهان پاتو آهي تنهن سچ کي پرگهٽ ڪريو. اوهانتي بلڪل وڏي ذميواري آهي.مڪتيءَ جي خوشخبري لوڪن جي ڪنن تي پهچايو. هاڻي جدا جدا طرفن ڏانهن ٽڙي پکڙي وڃو. نئين ڌرم جي خوشخبري ٻڌي گهڻيئي انسان پاپ کان بچڻ لاءِ ڪوشش ڪندا. هو ڌرم ۽ مڪتي پراپت ڪرڻ لاءِ ماندا رهندا.اوهين ڌرم پرچار لاءِ ٻاهر وڃو ۽ آءٌ به اُروبلو علائقي جي سيناني ڳوٺ طرف وڃانٿو.“

انهن سٺ انسانن جنکي نه پيسو هو ۽ نه پوري ماني ٽڪي هئي تن ڪروڙن هندن جي هالو چالو ڌرم جي برخلاف جهنڊو بلند ڪيو. هيءُ ٿورا بيکاري هندو ڌرم جي نهايت زبردست طاقت جي برخلاف جدا جدا طرفن ڏي جنگه جوٽڻ ويا. نئين ڌرم جي نعرن سان هنن ملڪ کي کڻي ڏنو ۽ ڌرمي دنيا ۾ هڪ انقلاب پيدا ڪيو.

ٻڌ ديو اُروبلو ڏانهن وڃڻ وقت رستي تي ڪاپاشيه جهنگل ۾ ٽيهن اميرن ۽ بدچال ڇوڪرن کي شش بنايو ۽ هنن به پنهنجي نيتا جي حڪم موجب فقيري اختيار ڪئي ۽ ديش ديش ۾ ڌرم جو پرچار ڪرڻ شروع ڪيو.

ٻڌ پوءِ سيناني شهر ڏانهن روانو ٿيو ۽ وڃي مرگه دوا بن ۾ رهيو. ٻڌ جي حڪم موجب هن جا شش بهار جي موسوم ۾ وڃي چوگرد ڌرم جو پرچار ڪندا هئا پر برسات جي موسوم (جون کان آڪٽوبر تائين) ڌاري موٽي اچي هڪ هنڌ ڪٺا ٿي ٻڌ ديو جا اُپديش ٻڌندا هئا.

باب اوڻيهون

 ٻڌ ديو سينانيءَ ۾ ڪجهه وقت رهي پوءِ راج گرهه ۾ راجا بمبي سار کي انجام موجب ڏسڻ ويو. هن راجا کي چيو ”آءٌ هاڻي ٻڌ آهيان. مون سچ پاتو آهي“ ۽ راجا کي هڪ سندر اُپديش ڏنائين راجا هنجي سکيا قبول ڪئي ۽ سندس شش ٿيو. راجا ٻڌ ديو ۽ سندس پرچارڪن کي رهڻ لاءِ هڪ سندن باغ ڏنو.

انهيءَ کانپوءِ ٻڌ ديو جو ٻن براهمڻن ساري پتر ۽ مود گيان سان گڏجڻ ٿيو. هو پوتر انسان هئا ۽ ڌرم جا فرض پوريءَ طرح بجا آڻيندا هئا. ٻئي هئا به هڪ ٻئي جا گهاٽا متر. هو جڏهن ٻڌ ديو کي گڏيا تڏهين کيس اُپديش ڏيڻ لاءِ وينتي ڪيائون. ٻڌ ديو هنن کي اُپديش ڏنو جو ٻڌي هو به هن جا شش ٿيا.هو نهايت عقلمند هئا ۽ ٻڌ کي ڏاڍو گهڻو پيار ڪندا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org