سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب:گوتم ٻڌ

 باب--

صفحو :10

باب اُڻٽيهون

 

ٻڌ ديو جو آخرين وقت

آهستي آهستي ٻڌ ديو جي 79 ورهيه عمر پوري ٿي.هن سال برسات جي موسوم جيت بن (بهار) ۾ گذاري راجگرهه جي ويجهو گرڌر ڪوٽ پربت تي ويو. انهيءَ وقت اجات شترو، اَؤجيه قوم، جا مگڌ ديش جي ٻئي طرف گنگا جي اتر واري  ڪناري تي رهندي هئي، تنهنکي نابود ڪرڻ ۽ انهيءَ جا نالا نشان هستيءَ جي صفحي تان اڏائي ڪڍڻ جا خيال ڪري رهيو هو. ٻڌ ديو جي اچڻ جي خبر ٻڌي اجات شتروءَ پنهنجي وڏي وزير ور شڪار کي ٻڌ وٽ موڪليو ۽ وڃڻ وقت هنکي چيائين ته تون ٻڌ ديو کي وڃي چئج ته آءٌ اؤجيه قوم کي پنهنجي ملڪ مان هڪالي ڪڍڻ ٿو چاهيان. انهيءَ جي جواب ۾ هو جيڪي چوي ٿو تون غور سان ٻڌج ۽ جلد موٽي اچي مون کي ٻڌائج. وزير  ٻڌ ديو وٽ وڃي کيس پرنام ڪري راجا جو پيغام ٻڌايو. ٻڌ ديو آنند کي سامهون ڪري وزير کي چيو:-

”تو کي خبر هوندي  ته اؤجيه قوم جا ماڻهو هميشه  عام ميڙ ڪري پنهنجن ضروري ڳالهين جا فيصلا هڪ ٻئي جي راءِ پٽاندر ڪندا آهن. جيستائين منجهن اتفاق (ميلاپ) هوندو ۽ هو دوستاني نموني هڪ ٻئي سان صلاح ڪري ڪم ڪندا رهندا، جيسين سندن دلين ۾ پنهنجن بزرگن ۽ ڌر ماتما انسانن لاءِ عزت جو ڀاءُ رهندو، جيسين هو استرين سان ڪنهن به قسم جو ظلم نه ڪندا، جيسين سندن دلين ۾ اُنهن جهونين رسمن ۽ رواجن، جي ڌرم ۽ انصاف تي ٻڌل آهن، تن لاءِ عزت رهندي. جيسين هو ڌرم جي مارگه تي هلندا،  جيسين هو پوتر ۽ ڌرماتما اِنسانن جي حفاظت ۽ بچاءُ ڪندا رهندا، تيسين هنن جي زواليت نه ٿيندي،بلڪ هو ڏينهون ڏينهن ويندا زياده  طاقت حاصل ڪندا ۽ مٿي چڙهندا.“

انهيءَ کان پوءِ  منتري ڏانهن منهن ڪري چيائين ته ” هي منتري! جيسين هن قوم ۾ ٻڌي آهي تيسين  هنن کي جيتڻ جي ڪا به  اميد نه رکجو. جڏهن آءٌ وهي شاليءَ ۾ هوس، تڏهين مون انهن ماڻهن کي اپديش ڏنو هو ۽ چيو هو مان ته جيسين اوهين گيانوان رهندا ۽ سچائيءَ جي مارگه تي هلندا، جيسين اوهين پوترتا جي اصولن موافق  پنهنجي جيوت گذاريندا، تيسين اوهان کي ڪو به جيتي نه سگهندو بلڪه اوهين ڏينهون ڏينهن وڌندا ويجهندا رهندا“ (ڏسو مها پري نربان سوتر صفحي پهرين کان منتريءَ چيو ته ” مگڌراج هنن کي لڙائيءَ ۾ شڪست نه ڏيئي سگهندو. باقي جي ڪنهن حڪمت سان منجهن نفاق پيدا ڪري ڇڏجي ته پوءِ مگڌراج جي اُميد پوري ٿي سگهندي.“ ائين چئي هو روانو ٿي ويو.

وزير جي سوچڻ کان پوءِ ٻڌ ديو آنند کي چيو ته ”تون بڪشن کي اُپديش واري ڪمري ۾ ڪٺو ڪر ته مان توهان کي انهيءَ باري ۾ اُپديش  ڏيان ته ڪهڙن نمونن ۽ قانونن سان ڪا به منڊلي يا ڪا به سماج ترقي ڪري سگهي ٿي. اوهين سڀ اها ڳالهه ڌيان ڏيئي ٻڌو.“

جڏهين سڀ بڪشو گڏ ٿيا تڏهين ٻڌ ديو کين چيو ته ”هي بڪشو! جيسين اوهين سڀ گڏجي جلسا ڪندا رهندا، دوستاني ۽ سد ڀاوَ سان پاڻ ۾ رلندا ملندا رهندا ۽ اُنهن سڀني قاعدن ۽ اُصولن جي پيروي ڪندا رهندا جي تجربي جي ڪسوٽيءَ تي فائدي وارا ثابت ٿيا آهن ۽ آزمائڻ کان سواءِ ڪا به پنهنجي ڳالهه سرشٽ سکيائن ۾ نه گڏيندا ۽ جيسين اوهانجا بزرگه انصاف کان ڪم وٺندا رهندا ۽ جيسين اُنهن جي عزت ڪندا رهندا ۽ شرڌا سان اُنهن جي وچنن تي ڀروسو  رکي هنن جي آگيا ۾ رهي سندن مدد ڪندا رهندا، پنهنجي خواهش جا غلام نه ٿيندا،بلڪ ڌرم جي برڪتن ۾ خوشي معلوم ڪندا ۽ نرنجن واس (اڪيلائيءَ) لاءِ اوهانجي دلين ۾ پيار رهندو ايندو ۽ اوهان جي سنگ حاصل ڪرڻ لاءِ ساڌو ۽ ڌرماتما پرش  اوهان وٽ اچي شانتي حاصل ڪندا تيسين اوهانجي ڪڏهن به زواليت نه اچڻي آهي؛ بلڪ اوهين وڌيڪ ترقي حاصل ڪندا رهندا.“

”هي بڪشو، جيسين اوهين سنسار جي مايا ڄار ۾ ڦاسي نه ويندا ۽ اجايون سجايون ڳالهيون اوهان کي مٺيون نه لڳنديون ۽ ناپاڪ خواهشن جا اوهين غلام نه ٿيندا، يا ٻين جي سنگت اوهانکي پسند نه ايندي تيسين اوهان لاءِ ڪا به خرابي نه اچڻي آهي.“

”هي بڪشو! جيسين اوهين وشواسي، حليم، ٻڌيوان، اُتساهي ۽ گياني رهندا، جيسين اوهانجي اندر رپاپ جو ڊپ ۽ ڪام جي برخلاف جوش رهندو تيسين اوهان لاءِ ڪو به خوف ڪونهي. جيسين اوهان ۾ گيان چرچا، سچ جي تلاش، همٿ، آنند، شانتي، گنڀير ڌيان، سک ۽ دک جي وقت مستقل مزاجي رهندي، جيسين اوهان ۾ دنيوي وستن ۽ دنيوي زندگيءَ جي ناپائداريءَ جو گيان، پاپ کي نرنئه ڪرڻ جي طاقت رهندي، تيسين اوهان کي ڪو به جيتي نه سگهندو.“

”اي بڪشو! جيسين اوهين پنهنجن خيالن، وچنن ۽ ڪمن ڪارين ۾ رهندا، جيسين اوهين شيشن کي پوريءَ طرح ونڊي وراهي ورتائيندا، جيسين اوهان ۾ نشڪام ۽ نشڪلنڪ ڀاءُ رهندو جو گياني به انهيءَ جي تعريف ڪن ۽ جيسين شوڪ ۽ دکه دور ڪرڻ ۽ پريتران ڏيڻ وارو وشواس اوهان ۾ هوندو تيسين اوهين ناس نٿا ٿي سگهون.“ (مٿڪسمر جي سيڪريڊ بوڪس آف ايسٽ جي نائين جلد جي مهاپري نريان جي سوتر 2-12 صفحا). ٻڌ ديو گرڌا ڪوٽ ڇڏي ڪجهه وقت ڳوٺن ۾ ڦرندو رهيو.  تنهن کانپوءِ هن نالندا جي پارڪ نالي انبن جي باغ ۾ وڃي رهيو، اتي ساري پتر ٻڌ ديو کي گڏجڻ آيو ۽ چوڻ لڳو ته ”هي سوامي! اوهان جهڙو گياني هن سنسار ۾ نه ڪو ٿيو، نه آهي ۽ نه ٿيندو.“ ٻڌ ديو کيس وراڻي ڏني ته ”هي ساري پتر، تون ڏاڍو وڌاءُ ٿو ڪرين. تو کي اهي مهاپرش جي اڳي ٿي ويا آهن يا پوءِ اچڻا آهن يا جي هن زماني ۾ آهن تن جي ڪهڙي خبر. فقط اگيان جي ڪري تون منهنجي هيتري ساراهه ٿو ڪرين.“ (مهاپري نريان جو صفح 13 ڏسو ) انهيءَ نمرتا سان ٻڌ ديو ساري سنسار کي پاڻ تي موهت ڪري ڇڏيو هو. اهڙي امرتا حاصل ڪرڻ کانسواءِ به گاهه جي زمين تي سمهڻ (گاهه سڀ لتاڙيندا آهن) کانسواءِ ڪير ڌرم جو پرچار ڪري سگهندو! انيڪ ساڌو، انيڪ مهاتما پنهنجي چتر ۽ مٺي زبان سان هزار منشن کي ڪجهه وقت لاءِ موهين ٿا، پر جي انهن ۾ گهمنڊ آهي ته هو هڪ ڏينهن عرش تان لهي فرش(زمين) تي ڪرن ٿا. ٻڌ ديو پوءِ نالندا مان پاٽليءَ ويو (پاٽليءَ جو نالو پوءِ پاٽلي پوتر پيو. هاڻوڪو پاٽنا جو شهر انهيءَ ساڳي جاءِ تي بيٺل آهي.) اتي اجات شترو اوجيه قوم کي جيتڻ لاءِ هڪ قلعو ٺهرائي رهيو هو، اتي جا ماڻهو جي ٻڌ ديو جا شاگرد هئا. تن پنهنجي گروءَ جي ڏاڍي شرڌا ۽ عزت سان آجيان ڪئي. ٻڌ ديو انهيءَ ڳوٺ جي آرامگاهه ۾ ويهي چيو ته ”هي  گرهستي لوڪو! پاپي انسان پنهنجي برن ڪرمن جي ڪري پنجن قسمن جا نقصان سهي ٿو (1) اهڙي انسان تي ڪو به اعتبار نٿو ڪري (2) پنهنجي سستي، غفلت ۽ لاپرواهيءَ جي ڪري هو هميشه ڪنگال رهي ٿو ۽ دکه ڀوڳي ٿو.(3) اهڙي شخص جي سڀني هنڌ بدنامي ٿئي ٿي.(4) جتي وڃي ٿو، اُتي سندس دل هميشه خوف ۽ فڪر سان ڀريل رهي ٿي. (5) مرڻ وقت هن جي دل طرح طرح جي فڪرن ۽ پاپ جي خيال ڪري خوف ۾ رهي ٿي ۽ مرڻ کانپوءِ هو سخت عذاب ڏسي ٿو. هي گرهستيو! هتي پنجن قسمن جا دکه پاپيءَ کي پنهنجن پاپن ڪري ڀوڳڻا پون ٿا.

”جو شخص پوتر آهي سو پنهنجن نيڪ ڪمن ڪري پنجن قسمن جا سکه ڀوڳي ٿو. (1) پنهنجن بازن جي طاقت ۽ محنت جي ڪري هو ڪڏهين پنهنجو هٿ ٻئي اڳيان نٿو ٽنگي ۽ سستيءَ کان پري رهي ٿو. (2) هن جي چئوگرد نيڪنامي ڳائڻ ۾ اچي ٿي(3) جنهن پنگت ۾ هو وڃي ٿو، پوءِ اها پنگت اميرن جي هجي خواهه براهمڻن جي، زميندارن جي اٿوا وڏن ماڻهن جي، هر ڪنهن هنڌ هو پاڻ تي ڀروسو رکي وڃي ٿو.(4) مرڻ وقت هو ڪنهن به فڪر يا ڳڻتيءَ کانسواءِ آرام ۽ شانتيءَ ۾ دنيا کان موڪلائي ٿو. (5) بدن کان جدا ٿيڻ کانپوءِ هن جي آتما سکه ۽ شانتيءَ ۾ رهي ٿي. پوتر ۽ ڌرماتما انسانن جي هر ڪنهن هنڌ جئه ٿئي ٿي ۽ هن لوڪ ۽ پرلوڪ ۾ سندن لاءِ سکه آنند آهي.“ پاٽليءَ مان گوتم گنگا پار لنگهي ڪوٽي ڳوٺ ۾ پهتو. پنهنجن شاگردن کي چيائين ته ”دنيا جا مغرور انسان هن ڀوساگر مان پار ٿيڻ لاءِ ٻيڙيون ٺاهين ٿا پر ساڌو لوڪ سمنڊ جو حقيقي سخت ۽ مشڪل رستو وٺي هن ڀوساگر مان پار ٿين ٿا. ڪوڙي ويراڳه جي ٻيڙي، ڌرم جي ٻاهرين اڊمبرن،رسمن ۽ رواج جون خوشنما ۽ رنگين ٻيڙيون سنسار جي سمنڊ جي طوفان جي مقابلي ڪرڻ لاءِ پوريون مضبوط نه آهن. پر گيان جي ٻيڙي نروان جي ڪناري تي پهچڻ لاءِ مضبوط جهاز مثل آهي.“ هو ڪوٽي ڳوٺ مان وڃي نارڪ ڳوٺ ۾ رهيو ۽ پوءِ پنهنجن شاگردن سان گڏجي وهي شاليءَ جي امبپاليءَ جي باغ ۾ اچي رهيو.

امبپالي وهي شاليءَ جي هڪ مشهور ۽ دولتمند ويشيا هئي. جڏهين کيس خبر ملي ته گوتم سندس باغ ۾ اچي لٿو آهي تڏهين هوءَ خوشيءَ ۾ نه پيئي ماپي ۽ وٽس وڃي سندس ماني موڪلايائين. ٻڌ ديو جي دل ۾ اپرديا ۽ پريم هئا ۽ ڇاڪاڻ ته هوءَ هڪ پاپڻ هئي تنهنڪري هنجي اندر ۾ هن لاءِ نفرت پيدا ڪا نه ٿي. پاپي ۽ گمراهه دلين کي نروان پد ڏيکارڻ لاءِ ته هن سنياس اختيار ڪيو هو. انهيءَ ڪري هن امبپاليءَ جو نوتو قبول ڪيو.

وهي شاليءَ جا لکش وش شاهي خاندان جا ماڻهو ڏاڍي ڌام ڌوم ۽ شان شوڪت سان ٻڌ ديو جو درشن ڪرڻ آيا ۽ هن کي ادب سان عرض ڪيائون ته سائين، سڀاڻي اوهين اسان جي  راڄ ڀون ۾ کانو اچي کائو. ٻڌ ديو جواب ڏنن ته مون اڳيئي سڀاڻي لاءِ امبپاليءَ جو نوتو قبول ڪيو  آهي ۽ آءٌ اتي ماني کائڻ ويندس. لکش وش خاندان جي ماڻهن کي اهو جواب ٻڌي ڏاڍو دک ٿيو ۽ چيائون ته ٻڌ ديو راڄ گهر جو نمنترن (نوتو) قبول نه ڪيو. پر هڪ اهڙي عورت جي گهر ماني کائڻ قبول ڪئي اٿس جتي ڪو به ساڌو ۽ پوتر شخص ڪڏهين به جيڪر پير نه پائي. پر جيڪي سچا ساڌو ٿين ٿا سي راجا ۽ پرجا، ڌني(دولتمند) ۽ نرڌن (غريب) ساڌو ۽ پاپيءَ جي خيال کان هڪڙن  کي پيار ٻين کي ڌڪار  نٿا ڪن. هنن جي اُدار دل سڀني کي هڪ نظر سان ڏسي ٿي.

هن دنيا جا ماڻهو،غريب، دکي ۽ پاپي انسانن ڏانهن حقارت جي نظر سان نهارين ٿا پر مهاپرش اُنهن انسانن جن کي دنيا ۾ ڪو به ٻيو سهارو يا آسرو ڪونهي تنکي پيار ۽ سنيهه ڪن ٿا. ٻئي ڏينهن ٻڌ ديو پنهنجن ششن سان امبپاليءَ جي گهر کانو کاڌو جنهن کان پوءِ امبپالي گهڻي شرڌا سان ڳچيءَ ۾ ڪپڙو وجهي سندس باغ ۾ جو مڪان هو سو بڪشن جي رهڻ لاءِ دان ڏنو. ٻڌ ديو هڪ ڏينهن انهيءَ باغ ۾ بڪشن کي چيو ته ”اوهين هميشه چنتا شيل رهو. هر هڪ دکه، شوڪ ۽ اگيانتا مان جي جسماني حرص ۽ خواهشون پيدا ٿين ٿيون تن کان آجا رهو. جيڪي ڪريو سو هميشه شانت ڀاوَ ۽ ويچار سان ڪريو. کائيندي پيئندي، هلندي چلندي، اُٿندي وهندي، سمهندي جاڳندي،ڳالهائيندي ٻولهائيندي ۽ شانت وقت هميشه غور ۽ خيال سان ڪم ڪريو.“

موت ڪنهنجو به خيال نٿو ڪري. هو ڪنهنجي به پاس خاطري ڪرڻ وارو نه آهي. ساڌ هجي يا اساڌ، ڌني هجي يا نرڌن، هو هر ڪنهن کي پنهنجي چنبي ۾ قابو ڪري ٿو. گهڻيئي بڪشو ٻڍا ٿي ويا هئا ۽ سندن چهرن تي موت جا نشان ڏسڻ ۾ پي آيا. ساري پتر ۽ مود گيان ٻڌ جي ساڄي ۽ ڏائي ٻانهن هئا. ٻئي ڏاڍا پهتل ۽ زبردست  شڪتيءَ وارا انسان هئا. موت اچي انهن ٻنهي انسانن کي هن دنيا مان وٺي ويو. ٻڌ جڏهن ڏٺو ته بڪشن جي منڊلي ڏينهون ڏينهن وڃي ٿي ڪمزور ٿيندي تڏهين سندن روحاني ترقيءَ جي لاءِ وڌيڪ اُتساهه ۽ جوش سان ڪم ڪرڻ لڳو. ٻڌ تنهن وقت اسي ورهين ۾ پير پاتو هو ۽ اهڙي پيريءَ جي وقت پنهنجي دل جي ٻن پيارن لائق ششن جي موت ڪري هو سمجهڻ لڳو ته ڄڻ سنديس سڄي طاقت ختم ٿي ويئي هئي.

ايتري ۾ برسات جي موسوم وري ڦري آئي. ٻڌ ديو وهي شاليءَ جي ويجهو بيلور نالي هڪ ڳوٺ  ۾ وڃي پنهنجي شاگردن کي چيو ته توهين ڀل وڃي ڪن ٻين آستانن تي  برساتي موسوم گذاريو. آءٌ هت رهيو پيو هوندس. اڃا برسات جي موسوم پوري ڪا نه ٿي ته هو اچي بيمار ٿيو. سڄي بدن ۾ اهڙو سخت سور اچي  پيس جو هو اُٿي ويهي نه سگهندو هو. پر هن ٻاهر ٻاڦ به ڪا نه ڪڍي. ڏاڍي صبر ۽ شانتيءَ سان دکه سهندو هو. کيس آثار ڏسڻ ۾ آيا ته هاڻي گهڻو وقت هن دنيا ۾ نه رهبو. خيال ڪيائين ته جي هن آخرين وقت مان ششن کي ڪا به هدايت نه ڪندس ۽ ائين هليو ويندس ته شايد هو مون کان پوءِ ٽڙي پکڙي ويندا. هن پاڻکي پنهنجي زبردست ارادي جي طاقت سان ڪجهه وقت لاءِ بيماريءَ جي چنبي کان ڇڏايو ۽ ڪجهه وقت ٿورو بهتر ٿيو.

هڪ ڏينهن هو نرجن آسٿان ۾ ويٺو هو ته آنند اچي چيس ته اوهين جڏهن تندرست هوندا هئا، تڏهن اوهانجو منهن پيو ٻهڪندو هو. پر افسوس جو بيماريءَ ڪري اوهانجي  منهن مان اُها رونق  غائب ٿي وئي آهي. اوهانجي بيماريءَ وقت خيال ڪري ڪري  منهنجي اَکين جي اڳيان اونڌهه ٿي ويندي هئي ۽ آءٌ بلڪل ڪمزور ٿي پيس. آءٌ چؤگرد اوندهه ڏسندو هوس پر دل ۾ اهو پڪو وشواس هوم ته اوهين سنگهه (ٻڌ جي منڊلي) جي حفاظت لاءِ جن هدايتن جي ضرورت آهي، تنجي ٻڌائڻ کان سواءِ ڪڏهن به پرلوڪ نه پڌاريندا.

ٻڌ ديو چيو ته ”هي آنند! سنگهه هاڻي مون مان ٻي ڪهڙي اميد ٿو رکي. مونکي جيڪي چوڻو ۽ ٻڌائڻو هو، سو مون سڀ اڳيئي  چيو آهي. مون اوهان کان ڪا به ڳالهه لڪائي نه آهي. سچ کان سواءِ مون ٻيو ڪجهه به پرچار نه ڪيو آهي ۽ ائين نه چيو آهي ته هي عام لاءِ آهي ۽ هي خاص لاءِ. هي آنند! تٿاگت (ٻڌ ديو) سچ جي باري ۾ ڪجهه به ڳجهو نٿو رکڻ چاهي. هو اهڙو اُستاد نه آهي، جو پنهنجن شاگردن کان ڪجهه به ڳجهو رکي. جي ڪو به اوهان مان اهو خيال ڪري ته آءٌ سنگهه جو رهنما آهيان ۽ سنگهه منهنجي اَڌين آهي ته ڀل هو سنگهه جي سنڀال لاءِ مضبوط قاعدا ٺاهي. پر مون ڪڏهين به اهڙو خيال نه ڪيو آهي ته مان سنگهه جو گرو يا رهنما آهيان ۽ سنگهه منهنجي اڌين آهي. آءٌ هنئر ٻڍو ٿي ويو آهيان  ۽ منهنجي عمر هن وقت اَسي ورهيه آهي. انهيءَ ڪري منهنجو سفر ختم ٿيڻ تي آهي. جهڙيءَ طرح هڪ ڀڳل گاڏيءَ مان سنڀال ڪرڻ سان ڪجهه وقت لاءِ ڪم ڪڍي سگهجي ٿو، اهڙيءَ طرح منهنجو بدن به گهڻي خبرداريءَ ڪرڻ سان ڪجهه وقت وڌيڪ هلي سگهي ٿو ته ڀل هنجي وسيلي ڪجهه ڪم ٿي سگهي. جڏهين مان هن سنسار کي وساري سماڌيءَ ۾ محو هوندو آهيان، تڏهن مان پاڻ کي خوش سمجهندو آهيان نه ته ٻين وقتن تي مون کي ڏاڍي تڪليف ۽ بي آرامي ٿيندي آهي. انهيءَ ڪري هي آنند، اوهين پنهنجا ڏيئا پاڻ بنجو؛ پاڻ تي ڀاڙيو ۽  ڪنهن به ٻاهرينءَ مدد تي ڀروسو نه رکو. پنهنجو رستو پاڻيهي ڳولي ڪڍو، پنهنجو آسرو پاڻ ٿيو. ٻين تي ڪڏهن به آڌار نه رکو. سچائيءَ جي روشنيءَ سان زندگيءَ جي مارگه ۾ وک وڌايو. سچ  ۾ ئي  پنهنجي مڪتيءَ جي تلاش ڪريو. ڪنهنجي به مدد جو خيال نه ڪريو. جيسين اوهين هن دنيا ۾ آهيو تيسين ويچار ۽ مستقل مزاج جي دواران بدن ۽ حواسن جي ترشنا مٿان قابو رهو ته اُنهن مان اوهانکي ڪو به دک نه رسي. جي هن وقت منهنجو مؤت ٿي پوي ته اُنهيءَ ۾ دک ۽ نقصان ڪهڙو آهي. جي اِنسان هن منهنجي اُپديش تي عمل ڪندا، اُهي نروان پد حاصل ڪندا (ڏسو مهاپري نروان سوُتر 35-69 صفعه)

”جي اِنسان هن وقت يا منهنجي مرڻ کان پوءِ پنهنجا ديپڪ پاڻ بنبا ۽ پاڻتي ڀروسو رکندا ۽ ڪنهن به ٻاهرين  پدارٿ تي آڌار نه رکندا ۽ سچ تي هميشه قائم رهندا ۽ سچ کي ئي پنهنجي روشني سمجهي منجهس مڪتي ڳوليندا سي  منهنجا بڪشو  سڀ کان اعليٰ منزل تي پهچندا. انهنجي دلين جي اندر گيان حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻي ۾ گهڻي وياڪلتا (بيقراري) هئڻ گهرجي.“ آنند ٻڌ جو نهايت پيارو ۽ فرمانبردار شش هو، تنهن ڪري جڏهين کيس خبر پيئي ته ٻڌ ديو هاڻي گهڻو وقت جيئرو نه رهندو ته هو زار زار روئڻ لڳو.

هنجي اِها حالت ڏسي ٻڌ ديو فرمايو” آنند! ڏس مون توکي گهڻيئيءَ دفعا چيو آهي ته جو ڄائو آهي، سو نيٺ مرندو، اِنسان جنهن کي پنهنجي جان کان به وڌيڪ پيارو ٿو سمجهي تنهن کان هڪ ڏينهن ضرور جدا ٿيڻو اٿس. انهيءَ اَڻ ٽر قانون کان ڪوئي به نٿو بچي سگهي. جو اِنسان پياري کان پياري وستوءَ کان جدا ٿيڻ وقت دک نٿو ڪري سوئي مؤت کي جيتي سگهيو آهي.“

انهيءَ کان پوءِ ٻڌ آنند کي چيو ته مهابن جي ڪٽا گار ۾ سڀني بڪشن کي ڪٺو ڪر ته آءٌ کين هن وقت پنهنجو آخرين اُپديش ڏيان. سڀ بڪشو اچي ڪٺا ٿيا ۽ پنهنجي گروءَ جي مکه مان امبرت ٻاڻي ٻڌڻ لاءِ چپ چاپ  ۾ ويهي رهيا. سڀني بڪشن جي دل ۽ دماغ کي روشن ڪري ٻڌ ديو هن ريت فرمايو:-

ٻڌ ديو جو آخرين اُپديش

”اي بڪشو! مون جنهن ڌرم جو اظهار ڪيو آهي، اُنهيءَ کي چڱيءَ طرح ڄاڻو ۽ سمجهيو. ساڌن ڪريو ۽ اُنهيءَ تي ڳوڙهو ويچار ڪريو. نروان پد حاصل ڪريو ۽ نهايت جوش سان اُنهيءَ ڌرم جو چئني پاسي پرچار ڪريو، جنهنڪري هن پوتر وڌان جي پاڙ مضبوط ٿئي ۽ اُهو ڌرم ڪروڙن مردن ۽ استرين جي ڪلياڻ ۽ سکه جو ڪارڻ بڻجي. شل هي ڌرم هن لوڪ ۽ پرلوڪ جي رهواسين جي سکه وڌائڻ ۽ دک گهٽائڻ لاءِ چؤگرد ڦهلجي وڃي!

”تارن کي جاچڻ، جوتش، جيون جا خراب ۽ نيڪ ساٺ سوُڻ ٻڌائڻ، پيشگوئي (اڳڪٿي) ڪرڻ وغيره جي اوهانکي سخت منع آهي. جنهن پاڻ تي ضابطو نه رکيو آهي، تنهن لاءِ نروان ڪونهي. انهيءَ ڪري پنهنجي من کي هميشہ قابو رکو. دنيا جي گوڙ شور کان پري ٿي دل کي شانت اوستا ۾ رکو.

”اوهين کاڌو بکه لاهڻ ڪاتر کائو، پاڻي پياس مٽائڻ لاءِ پيئو. اوهين پنهنجي جيوت ڀؤنر مثل پوري ڪريو، جو ڀؤنر گل جي رس چوسيندو آهي، پر اُنهيءَ جي خوشبوءِ ۽ بناوت  کي خراب نٿو ڪري.

”مون جا سچائي ظاهر ڪئي آهي ۽ اوهان کي ڌرم جا ست رتن ٻڌايا آهن، جن کي ڪٺو ڪري هڪ خوبصورت، چمڪندڙ نروان جو تاج ٺهي سگهي ٿو، تن جو اوهين خيال ڪجو.“

”هي بڪشو! هن دنيا جون سڀ وستو آهستي آهستي پراڻيون ٿين ٿيون. توهين پريتران (مڪتيءَ) واسطي ڪوشش ڪريو. آءٌ هاڻي ٻڍو ٿي ويو آهيان ۽ منهنجي زندگي ختم ٿيڻ تي آهي ۽ مان هاڻي اوهان کان موڪلايان ٿو.

”اوهين هميشہ اُنهن سچاين جو ڌيان ۽ ساڌن ڪريو جي مون اوهان کي سيکاريون آهن. پاپ جي پٽڻ لاءِ لڳاتار ڪوشش ۽ جنگه جوٽيندا اچو. پوترتا جي مارگه تي هلو. پنجن ٻلن (روحاني طاقتن) ۾ مضبوط ٿيو، پنهنجن سڀني روحاني حواسن کي روشن ۽ تيز ڪريو. جڏهن اوهانجو دماغ سپت ٻوڌينگه جي ڪري روشن ٿيندو، تڏهين اوهين اٺپدو مارگه جنهن سان ئي نروان حاصل ٿيندو، سمجهي سگهندا. اوهين هميشہ اُتساهي، انوراگي (پيار ڪرڻ وارا) پوتر، ڌيان پرائن ۽ پنهنجي ارادي تي مضبوط رهو. هميشہ پنهنجيءَ آتما تي چاري رهو ۽ دل جي پوترتا تي خاص ڌيان ڏيو. جو شخص اُتساهه سان هن ڌرم جي پيروي ڪندو سو هن جيوت جي ساگر مان پار لنگهي سگهندو ۽ هنجا سڀ دکه درد نروان جي جل ۾ غرق ٿي ويندا. سڀ وستو وقت تي پراڻيون ٿين ٿيون ۽ آخر انهنجا جزا جدا جدا ٿيو وڃن. انهيءَ ڪري اوهين انهيءَ وستوُءَ جي تلاش ڪريو جا ابدي ۽ ابناش آهي ۽ ڪڏهن به ناس  نٿي ٿئي. پنهنجي مڪتيءَ جو اُپاءُ پنهنجي محنت ۽ ڪوشش سان پاڻ ڪريو.“

سڀني بڪشن گرديو جو جوش ۽ امبرت ڀريو سلام گهڻي ڌيان ۽ شرڌا سان ٻڌو. جڏهين کين اها خبر پيئي  ته اسان جو گرديو، جو اسانجو هيترو وقت ساٿي ۽ مددگار ٿي رهيو آهي، سو جلدي هن دنيا مان موڪلائي ويندو تڏهين هنن جي دلين ۾ ڏاڍو دکه ٿيو.

انهيءَ کان پوءِ ٻڌ ديو انهيءَ منڊليءَ جي سامهون ڪاشيب کي  سڏي سندس ڪپڙا پنهنجن ڪپڙن سان بدلايا ۽ هنکي چيائين ته منهنجي موت کان پوءِ تون پيار ۽ محبت سان سڀني کي اُپديش ڏج.

ٻڌ ديو پوءِ وهي شالي ڇڏي آهستي آهستي ڪشي نگر طرف روانو  ٿيو. رستي تي شاگردن کي هڪ ڀيري چيائين ته جيڪڏهن ڪو به شخص منهنجي موت کان پوءِ ڪنهن به کي منهنجو ڪري سڏي ۽ اهو ڪلام جيڪڏهن ڌرم گرنٿ موجب هجي ته هنکي سچ سمجهجو نه ته انهيءَ کي بلڪل قبول نه ڪجو. ٻڌ ديو وهي شاليءَ جي چوگرد ڳوٺن ۾ سير ڪندو نيٺ اچي پاوا ڳوٺ ۾ پهتو. اُتي چند نالي هڪ ٺاٺارو رهندو هو جنهنجي انبن جي باغ ۾ هو وڃي رهيو. جڏهين چند کي اها خبر ملي تڏهين هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ وڃي کيس باغ ۾ مليو. ٻڌ ديو جو نوراني چهڙو ڏسي ۽ هن جو غير معمولي اُپديش ٻڌي هو هن تي موهت  ٿي پيو ۽ ٻي ڏينهن تي سندس ماني موڪليائين.

چند انهيءَ موقعي تي سندس کاني لاءِ چانورن جي ماني ۽ سوئر جو گوشت ٺهرايو. (ڪي چون ٿا ته سوئر نه هو پر اهڙي شيءِ هئي جا سوئر خوشيءَ سان کائيندو آهي.) ٻڌ ديو جو اهو نيم هوندو هو ته جيڪي به هن کي کائڻ لاءِ ملندو هو سو هو کائي ويندو هو. پر هن کي سنياسي سمجهي ڪو به شخص کيس گوشت کائڻ لاءِ نه ڏيندو هو. ٻڌ ديو خيال ڪيو ته جي آءٌ گوشت کائڻ کان انڪار ڪندس ته شايد چند جي دل کي رنج پهچندو تنهنجي ڪري هن چند کي چيو ته گوشت فقط مونکي ڏج. ٻڌ ديو ڪڏهين به گوشت نه کاڌو هو تنهنڪري کيس پيچش ٿي پيئي ۽ پيٽ ۾ سخت سور پوڻ ڪري هنجو بدن وڌيڪ ڪمزور ٿي پيو. پر تنهن هوندي به پاوا کان ڪوشي نگر تائين پيري پيادو ويو. رستي تي کيس ڏاڍي اُڃ لڳي ۽ بلڪل ٿڪجي پيو ۽ وڌيڪ هلڻ جي طاقت  ڪا نه رهيس. هڪ وڻ جي هيٺان آرام ڪرڻ لاءِ ويهي رهيو. آنند کيس پاڻي پياريو ۽ پوءِ آرام ڪري سڀني ششن سان گڏجي ڪوڪشٽا نديءَ جي ڪناري تي اچي پهتو. نديءَ ۾ سنان ڪري پار اُڪريو ۽ آنند کي چيائين ته ماڻهن جي دلين ۾ شايد اهو خيال جاڳي ته چند جي روٽي کائي مون موت پرايو. اها ڳالهه جي چند ٻڌندو ته کيس ڏاڍو رنج ٿيندو. تون کيس چئج ته  سجاتا جي کيرڻي کائي مونکي سچو گيان پراپت ٿيو هو ۽ هاڻي چند جو ان کائي مون هن سنسار مان پريتران  حاصل ڪيو آهي. اهي ٻئي منهنجا سچا هتڪاري ٻنڌو (دوست) آهن. انهيءَ نيڪ ڪم جي عيوض چند بلڪل وڏو ثواب حاصل ڪيو آهي.

نديءَ جي ڪناري تان هلندو هلندو هو نيٺ اچي مل راجا جي شال باغ ۾ پهتو ۽ اُتي دل جون گهڻيئي ڳالهيون آنند سان ڪرڻ لڳو. استرين سان ڪهڙي نموني هلت ڪجي تنهنجي باري ۾ هن آنند کي چيو ته ”استرين جي منهن ۾ ڪڏهين به نه نهاريو. جيڪڏهن رستي تي اوهانجي نظر هنن جي منهن تي پئجي وڃي ته اوهين هنن سان بات چيت نه ڪريو، جي هو اوهان کي ڪجهه چون ته اوهين بلڪل هوشياريءَ، سنڀال ۽ نمرتا سان کين جواب ڏيو.“ هن پنهنجي موت ۽ سماڌيءَ بابت چيو ته ”منهنجي لاش کي نئين ڪپڙي ۾ ويڙهي پڃيل ڪپاهه سان ڍڪي ڇڏجو، پوءِ تيل سان ڀريل برتن  ۾ مونکي ٻوڙي، چکيا تي رکي مونکي جلائجو. منهنجي هاٺيءَ کي ڪنهن کلئي جڳهه تي رکي مٿس سماڌي ٺاهي ڇڏجو پر آءٌ اوهان کي اهو چوڻ ٿو چاهيان ته انهيءَ خاڪ (هاٺيءَ) جي پوڄا ۽ عزت ڪري پنهنجي موڪش جي رستي ۾ رڪاوٽ نه وجهجو. اوهانکي پنهنجي مڪتيءَ لاءِ پنهنجا ئي ساڌن ڪرڻ گهرجن. اُتساهه ۽ انوراگه سان پنهنجي ڪلياڻ لاءِ ساڌن جي ڪوشش ڪريو ۽ اُنهن ۾ مشغول رهو.“ (مهاپري نروان سوتر صفح 91).

جڏهين ٻڌ ديو ائين چئي پورو ڪيو ته آنند اُتان اُٿي هليو ويو ۽ هڪ اڪيليءَ جڳهه تي ويهي زار زار روئڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو. هاءِ! هاءِ! مون اڃا تائين موڪش حاصل نه ڪيو آهي. جو منهنجو گرو هو ۽ مون کي سکيا ڏيندو هو سو دنيا کان موڪلائي ٿو وڃي. هو ڪيترو نه مونکي پيار ڪري ٿو پر هاڻي خبر نه آهي ته منهنجو ڪهڙو حال ٿيندو.

ٻڌ ديو چئني پاسي نهاريو ته خبر پيس ته آنند آهيئي ڪو نه. تنهنڪري هڪ بڪشوَ کان پڇيائين ته آنند ڪٿي آهي؟ هن کي مون وٽ وٺي اچو. آنند هٿن سان ڳوڙها اُگهندو اُتي آيو. ٻڌ ديو درد ڀرين لفظن ۾ کيس چيو ته ”ڀائي آنند، تون روءُ نه، روئي روئي پنهنجو حال هيڻو نه ڪر. مون ته توکي  گهڻيئي  دفعا چيو آهي ته  هيءُ سنسار اُنت (فاني)آهي ۽ هتي جا ناتا به انت آهن.جو ڄائو آهي سو اوس مرندو. جتي ميلاپ آهي اُتي جدائي به آهي. انهيءَ قانون کي ڪو به نٿو ٽوڙي سگهي. پيارين ۽ سکدائڪ شين کان اسان جي رات ڏينهن جدائي پيئي ٿئي، انهيءَ ڪري هي آنند! هاڻي وڌيڪ دکه نه ڪر. مان تنهنجي اڻڦرندڙ پريم، سنيهه ۽ ديا تي فدا آهيان. تو ۾ گهڻيئي  گڻ آهن. هاڻ تون ساڌن ڪرڻ جي ڪوشش ڪر جنهنجي ڪري پاپ، موهه ۽ اگيان کان بچي پوندين.“

ٻڌ ديو ويو ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندو. آنند وڃي اها خبر مل راجا کي ٻڌائي.مل راجا اها خبر ٻڌي پنهنجين راڻين، ٻارن ٻچن ۽ نوڪرن چاڪرن سان گڏجي ٻڌ ديو کي ڏسڻ آيو ۽ هن کان سڀني لاءِ آشيرواد گهرڻ لڳو. ٻڌ ديو چيو ته  ست مارگه حاصل ڪرڻ لاءِ اوهين سچيءَ دل سان ڪوشش ڪريو. فقط مونکي اچي گڏجڻ يا منهنجو منهن ڏسڻ ڪافي نه آهي. جا سکيا مون اوهانکي ڏني آهي انهيءَ تي عمل ڪريو. پاڻ کي دکه جي ڄار مان آزاد ڪريو. پنهنجي سامهون هڪ آدرش کي رکي انهيءَ تي هلڻ جي ڪوشش ڪريو. جهڙي طرح هڪ مريض حڪيم کي گڏجڻ ۽ ڏسڻ کان سواءِ دوا پي انهيءَ جي اثر ڪري چڱو ڀلو ٿو سگهي ٿو، تهڙي طرح جو شخص منهنجي سکيا تي عمل نٿو ڪري، تنهن کي فقط مونسان اچي ملڻ ڪنهن به فائدي جو نه ٿيندو. جو بدن ۽ مفاصلي جي ڪري مون کان دور آهي، پر سندس جيون پوتر آهي، اُهو منهنجي ويجهو آهي. پر اُهو شخص جو مونسان گڏ رهي ٿو، پر منهنجين هدايتن موجب نٿو هلي سو مون کان گهڻو پري آهي. جو ڌرم جي پيروي ڪري ٿو سو منهنجي سنگت جو ڦل پائي ٿو.

انهيءَ وچ ۾ سوڀدار نالي هڪ برهمڻ پنهنجي دل جا شڪ دور ڪرڻ جي خيال کان ٻڌديو کي ملڻ آيو.آنند کيس چيو ته هن وقت ٻڌ ديو کي اهڙا مشڪل ڳوڙها سوال پڇي دق نه ڪر. پر برهمڻ اها ڳالهه نه مڃي. آنند به هڪ ڳالهه تي ٿي بيٺو ۽ کيس ٻڌديو وٽ وڃڻ نه ڏنائين. اتفاق سان برهمڻ جا ڪي وچن وڃي ٻڌديو جي ڪن تي پيا. ٻڌ ديو تنهن تي آنند کي چيو ته سوڀدار کي مون وٽ اچڻ کان نه روڪ. هو جيڪي سوال مون کان پڇڻ چاهي ٿو سي مون کي تنگه ڪرڻ جي خيال کان نه پر گيان حاصل ڪرڻ جي واسطي پڇي ٿو. انهيءَ ڪري آءٌ سندس سوالن جا جيڪي جواب کيس ڏيندس سي هو سولائيءَ سان سمجهي سگهندو. انهيءَ تي آنند سوڀدار کي اچڻ جي اجازت ڏني.

برهمڻ ٻڌ ديو کان دريافت ڪئي ته ”هي سائين، هت گهڻيئي  گياني رهن ٿا، پر سڀني جا نرالا نرالا عقيدا آهن. ڪنهن به ڳالهه تي هنن جي هڪ راءِ ڪانهي. مون کي مهرباني ڪري ٻڌايو ته اُنهن مان ڪهڙو شخص آهي جو حقيقي گيان ڏيئي سگهي ٿو.“ ٻڌ ديو جواب ڏنو ته ”انهن سڀني سوالن جي جواب ڏيڻ لاءِ وقت ڪونهي. آءٌ مختصر طور توکي ائين چوڻ ٿو گهران ته جنهن وديا ۾ اٺپدي مارگ جي سکيا ڪانهي انهيءَ وديا مان اِنسان ڪڏهين به مڪتي حاصل نه ڪندو. آءٌ 29 ورهين جي ڄمار ۾ گهر مان ڌرم جي تلاش ۾ ڀڄي نڪتو هوس ۽ ڌرم جيون حاصل ڪري 51 ورهين جي عمر کان ست راڄ ۾ رهان ٿو. هن راڄ کي ڇڏي سچ حاصل ڪرڻ جو مون کي ٻيو ڪو به مارگ نٿو سجهي.“ ٻڌديو جو اُپديش ٻڌي سوڀدار بڪشن جي منڊليءَ ۾ داخل ٿيو.

هاڻي ٻڌ ديو جو آخرين وقت اچي پهتو آهي. شال جي وڻن واري باغ ۾ آڌي رات جي وقت هو مؤت جي سيج تي سمهيو پيو آهي، پر هن جو چهڙو نرمل ۽ شانت آهي. بڪشو هن جي چؤڌاري ويٺا آهن ۽ هنجي منهن ڏانهن نهاري رهيا آهن. سندن منهن تي اُداسائي ۽ غمگيني ڇانئي پيئي آهي. اهڙي وقت ٻڌ ديو آهستي آهستي کين چيو ته ”توهين ڪڏهن به اهو خيال نه ڪريو ته اوهان جو گرو هن دنيا مان لڏي ٿو وڃي ۽ هن جي وڃڻ ڪري هن جو ڪم ختم ٿي ويندو. منهنجي مؤت کانپوءِ ڌرم ۽ اُنجا نيم توهانجا گرو ٿي رهندا. منهنجي مرتيوءَ کان پوءِ جي اوهان ۾ وڏا آهن تن کي  اوهين پرڀوءَ جي نالي سان ڪري سڏجو ۽ جي ننڍا آهن تن کي ٻنڌو ڪري ڪوٺجو. جي اوهانجي مرضي هجي ته رواجي۽ غير ضروري قاعدا رد ڪري ڇڏجو.“ ائين چوندي هنجي ڳالهائڻ جي طاقت بند ٿي ويئي. ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن هو وري هوش ۾ آيو تڏهن هن چيو ته ”جي اوهانجن دلين ۾ ڌرم سنگهه ۽ اُنجي مارگ بابت ڪي به شڪ هجن ته مونکان سوال جواب ڪريو ته آءٌ اوهانجا سڀ شڪ لاهي ڇڏيان. ائين نه ٿئي جو منهنجي وڃڻ کان پوءِ انهيءَ باري ۾ ڪي شڪ رهجي وڃن.“ ٻڌ ديو ٽي ڀيرا مٿيان لفظ چيا پر ڪنهن به سوال جواب نه ڪيو. انهيءَ تي هن چيو ته ”هي بڪشو! منهنجا آخرين وچن هي آهن ته هيءُ بدن ۽ اُنجي طاقت ۽ هن دنيا جا سڀ پدارٿ ناپائدار ۽ فاني آهن. ستيه ئي اهڙي وستو آهي جا هميشہ لاءِ رهندي. اوهين پنهنجي مڪتيءَ جو اپاءُ محنت ۽ ڪوشش سان پاڻ ڪريو.“ ائين چئي هو ماٺ ۾ اچي ويو ۽ سندس زبان هميشہ لاءِ بند ٿي ويئي. آهستي آهستي  هنجو هوش غائب ٿي ويو ۽ هو هميشه لاءِ هن فاني جهان کان موڪلائي  ويو. جو سورج ڀارت جي آسمان ۾ اعليٰ قسم جي روشني ڦهلائي چمڪي رهيو هو ،اَفسوس! اهو اڄ غائب ٿي ويو. جنهن شخص ڀارت ورش جي گهر گهر ۾ ڌرم جي هڪ زبردست هل چل پيدا ڪري ڇڏي هئي اهو اڄ هميشہ لاءِ ڪال روپي ساگر ۾ گم ٿي ويو.

ٻڌ ديو کي بيهوش ڏسي، آنند روئندي انيروڌ کي چيو ته : ”ائين ٿو معلوم ٿئي ته گر ديو هاڻي هن دنيا ۾ ڪونهي.“ اني روڌ وراڻي ڏني ”ته نه هو هينئر به جيئرو آهي. هو ڌيان ۾ مگن آهي.“ پر ڪجهه وقت کان پوءِ سڀني کي پتو پيو ته هو هن دنيا مان موڪلائي ويو. انهيءَ تي بڪشن ۾ اچي رودن ۽ پٽڪو پيو.

صبح ٿيڻ تي آنند مل راجا کي ٻڌ جي مرتيو جي خبر پهچائي. موت کان ست ڏينهن پوءِ مل راجا خوشبودار ڪاٺين جي چکيا ٺاهي انهيءَ تي ٻڌ ديو جو لاش رکيو. انهيءَ وقت مها ڪاشپ پنهنجن شاگردن  سان گڏ ڪشي نگر جي ويجهو پي ويو. جڏهين هن گر ديو جي موت جي خبر ٻڌي ته هو به وڃي وقت تي مساڻي ۾ پهتو. جتي سندس شاگردن زار زار رودن  ڪيو. اُنهن شاگردن مان هڪ سوڀدار نالي شش چوڻ لڳو ته اوهين ڇو ٿا رئو ۽ دکه ڪريو. اوهين هاڻي غم نه ڪريو ڇاڪاڻ ته جڏهين گرد ديو جيئرو هو تڏهن جي اسان کان ڪا چوڪ ٿي ويندي هئي ته هو اسان کي  ڇيڀيندو هو ۽ اسان کي هنجي ڪاوڙ سهڻي پوندي هئي. هاڻي هو گذر ڪري ويو آهي تنهن ڪري اسان کي هاڻي جيڪي وڻندو سو ڪنداسين اوهين وڌيڪ شوڪ نه ڪريو.“ اهڙي دکه جي وقت انهيءَ شش جي واتان  اها نيچ ڳالهه ٻڌي ٻين ششن کي ڏاڍي مٺيان لڳي. مهاڪاشپ ۽ سندس ششن نهايت گنڀيرتا سان ٽي دفعا لاش جي اڳيان مٿو ٽيڪي ڏکڻا رکي چکيا کي آگه لڳائي. آگه لڳندي ڏسندي ڏسندي اهو فاني بدن ڀسم ٿي ويو. جو بدن هئڙو خوبصورت هو ۽ جنهن تي لکين پرش ۽ ناريون اڪن ڇڪن هيون تنهنجا باقي  ٿورا هڏا وڃي بچيا. هنجي امرتا آتما هن بدن جي پڃري مان نڪري اننت آزادي حاصل ڪئي ۽ اها امر آتما انهيءَ ديش ۾ ويئي جتي اننت ڪال لاءِ اننت پريم ۽ شانتي آهن ۽ جتي وصل ۾ جدائي ڪانهي، سکه ۾ دکه ڪونهي، پريم ۾ وير ڪونهي، جتي واسنا ڪانهي، ترشنا ڪانهي ۽ جتي سڀ ڪامنائون نروان ٿي ويون آهن. ٻڌ ديو هاڻي ديب ڌام (عالم نور) جو واسي ٿيو. سندس شاگرد هنجي هاٺي خوشبدار گلن ۾ رکي  شهر ۾ کڻي آيا. گرو ديو جي موت جي خبر ٻڌي راڄ گرهه، وهي شالي، ڪپل وستو، الڪا پري، رام گرام، اُٿ دويپ، پاوا ۽ ڪوشي نگر مان شش اچي هنجي هاٺيءَ جو ذرو ذرو کڻي ويا ۽ عزت سان انهيءَ هاٺيءَ کي دفن ڪري اُنجي مٿان سماڌيون ٺاهي ڇڏيائون.

نوٽ:- ڪپل وستو جي ڏکڻ طرف 11 ميل پري پريوا نالي ڳوٺ ۾ هڪ سماڌيءَ جي هيٺان چار فوٽ  ڊگهي ۽ ٻه فوٽ ويڪري پٿر جي ٺهيل هڪ صندوق ۾ ڪاٺ جو ٺهيل هڪ برتن هٿ آيو آهي. انهيءَ برتن ۾ سنگه مرمر جي هڪ وڏي وٽي ۽ پٿر جون ٺهيل پنج وٽيون آهن. انهن وٽين ۾ ڪي هڏا. سون جون تارون، موتي ۽ ڪجهه جواهرات آهي. هڪ وٽيءَ تي لکيل آهي ته هيءَ هڏا ٻڌ ديو جي هاٺي مان ڪٺا ڪيا ويا آهن.


 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org