سيڪشن؛ شخصيات |
ڪتاب:گوتم ٻڌ |
باب-- |
صفحو :4 |
باب ستون
اُنهي دکدائڪ ڏينهن جي رات جو جنهن ڏينهن هن
اهو نظارو ڏٺو هو هنکي ننڊ نه آئي. هو ڏاڍي
آند مانڌ ۾ پنهنجي باغ ۾ ڦرندو رهيو ۽ انهيءَ
درشيه
تي
ڏاڍو خيال ڪندو رهيو. اوچتو هن هڪ ڄمن جي وڻ
هيٺان هڪ ساڌو ڏٺو جنهن
سان پنهنجي دل جو حال وڃي اوريائين. ساڌوءَ
چيس ته ”مون دنيا ۾ گهڻيئي لاهيون چاڙهيون
ڏٺيون آهن ۽ مون به ست جي تلاش ۾ پنهنجو گهر
ڇڏيو. جيسين اسين دنيا سان لاڳاپو رکنداسين
تيسين اسان کي ضرور تڪليفن کي منهن ڏيڻو
پوندو ڇاڪاڻ ته جتي عيش عشرت آهي اُتي دکه به
ضرور هوندو. سکه ۽ دکه ٻئي پاڻ ۾ ڳنڍيا پيا
آهن. مڪتي اهو انسان پراپت ڪري سگهندو جو دنيا
کان پري رهندو“.
جڏهن راجڪمار ساڌوءَ جا اهي وچن ٻڌا تڏهن کيس
خيال آيو ته مونکي به گهر ٻار ڇڏي ساڌو ٿيڻ
گهرجي.آتمڪ وديا پراپت ڪرڻ لاءِ مون کي ماءُ،
پيءُ، استري ۽ پنهنجي ننڍي ڪڪي کي ڇڏي وڃڻ
گهرجي. هن اهو پڪو ارادو ڪيو ته اڄ رات آءٌ
گهر ڇڏي ويندس ۽ جيسين سڌي حاصل نه ڪندس تيسين
وري نه موٽندس . رات ٿي هن ڀڄي وڃڻ جي تياري
ڪئي. آڌي رات
جي وقت
چنڊ سڄي محلات کي وڌيڪ سهڻو بنايو هو۽ چوگرد
سانت ئي سانت لڳي پئي هئي ڇاڪاڻ ته سڀ انسان
سمهيا پيا هئا. سڌارٿ ٿورو وقت آسمان ڏانهن
نهاريندو رهيو ۽ اهو ويچاريندو رهيو ته منهنجي
جيوت سڀني جيون جي شيوا ۽ ڀلائيءَ لاءِ آهي.
محلات کان ٻاهر منهن ڪڍي چوڪيدار کي ڏسڻ لڳو
ته هو آهي يا نه. هن کي سڏ ڪيائين ته هڪدم
چوڪيدار ڇندڪ وٽس آيو. ڇندڪ کي چيائين ته
”آءٌ اڄ رات هي گهر ڇڏي ٿو وڃان. تون گهوڙو
تيار ڪر. ننڍپڻ کان وٺي جنهن پدراٿ پراپت ڪرڻ
لاءِ منهنجي دل ۾ آنڌمانڌ هئي سو پدراٿ اڄ مون
کي ڏيکاري ڏيئي رهيو آهي. اڄ منهنجي من جون
مرادون پوريون ٿينديون. ڇندڪ! جلد ڪر؛ هڪدم
گهوڙو تيار ڪري وٺي آءٌ“.
راجڪمار جي هيءَ دلسوز ڳالهه ٻڌي ڇندڪ وائڙو
ٿي بهي رهيو. زبان مان اکر ئي نه اُڪليس. هن
نيٺ ڏاڍي دکه وچان چيو ته ”راجڪمار ! اهڙي
بيرحميءَ جي ڳالهه نه ڪريو. توهانجو گلن کان
به نرم بدن، هيءُ چنڊ جهڙو منهن، هي مرگهه
جهڙيون اکيون.، سختين سهڻ جهڙيون نه آهن.
اوهان اهو خيال لاهي ڇڏيو ۽ منهنجي جان به
خطري ۾ نه وجهو.“
سڌارٿ جواب ڏنو ته ”ڇندڪ! ڪنهنجي دل چاهيندي
ته جان کان پياري استري پياري ٻالڪ ۽ بزرگه
پيءُ کي ڇڏي وڃي؟ پر ڇا ڪريان! آءٌ لاچار
آهيان. منهنجي دل سنسار ۾ وڌيڪ رهڻ نٿي چاهي.
جيتوڻيڪ ٻاهران ائين پي ڏسڻ ۾ آيو ته آءٌ
دنيا جي موجن ماڻڻ ۾ غلطان هوس مگر ائين نه
هو. آءٌ انهن ۾ ڦاٿل نه آهيان. عيش عشرت
جي وچ ۾ رهي ڪري به منهنجي دل ڪنهن ٻيءَ
وستوءَ هٿ ڪرڻ لاءِ ڊوڙي رهي آهي. جو سنسار
منهنجي دل کي سکي نٿو رکي سگهي تنهن ۾ وڌيڪ
رهڻ مان ڪهڙو فائدو ! مون پڪو ارادو ڪيو آهي
ته جيوت جا باقي ڏينهن تپسيا ڪندس ۽ انهيءَ
ڪوشش ۾ جيڪڏهن منهنجو بدن به کڻي ناس ٿي ويو
تڏهن به آءٌ ائين سمجهندس ته مون هڪ چڱو ڪم
ڪيو آهي. آءٌ پاپ جو روپ ڏسي نٿو سگهان. مون
پرتگيا ڪئي آهي ته آءٌ پاپ اوس ناس ڪندس.
ساهوارن جو دکه ڏسي سهي نٿو سگهان. ڇندڪ! ڇندڪ
گهر تياڳه ڪرڻ وقت تون منهنجو سهائڪ ٿي مون کي
مدد ڪر ته آءٌ پنهنجو پرن پاري سگهان“.
ڇندڪ جواب ڏنو ته ”هي راجڪمار! ديوتائن جي
سرتاج اندر يا چڪروتي راجا ٿيڻ لاءِ انسان سخت
تپسيا ڪندا آهن. اوهانکي ته اهي ٻئي وستو
پراپت ٿيل آهن. اوهان کي ڀڳوان سڀ ڪجهه ڏنو
آهي؛ ڦلن ۽ گلن سان سنجيل باغ بستان جتي قسمين
قسمين پکي لاتيون لنوي رهيا آهن سي اوهان وٽ
آهن. ڪيلاس جبل جيڏا اوچا ۽ هيرن ۽ جواهرن سان
سينگاريل محل اوهانجي پتا اوهان لاءِ تيار
ڪرايا آهن؛ پوءِ ٻڌايو ته اوهانکي تپسيا ڪرڻ
جي ڪهڙي ضرورت پئي آهي؟ هي راجڪمار! اوهانجي
سهڻي جواني، نازڪ بدن ۽ سهڻا ڪارا وار شاهي
تخت جا لائق آهن. اوهين ڪجهه صبر ڪريو. ٻڍا ٿي
تپسيا ڪجو“.
ڪمار چيو ته ”انسان جي حرصن ۽ خواهشن جو سکه
بي جٽاءٌ ۽ نيڪيءَ کي خاڪ ۾ ملائڻ وارو آهي.
اهو سکه بجليءَ وانگر چنچل ۽ پاڻيءَ جي ڦوٽي
مثل جلد ناس ٿيڻ وارو آهي. اهو سکه رڃ جهڙو
آهي ۽ جو انهيءَ تي موهت ٿئي ٿو سو ساري عمر
دکي ٿئي ٿو.سياڻا انسان انهيءَ سکه کان پري
ڀڄندا آهن. فقط نادان انسان انهيءَ سکه کي هٿ
ڪرڻ لاءِ سندس پٺيان ڊوڙندا آهن.“
ڇندڪ بهي رهيو.
انهيءَ ٿوري عرصي ۾ هنجي اندر ۾ انيڪ قسم جا
خيال اچڻ لڳا پر هن پنهنجي پڪي ارادي سان پٽ ۽
استريءَ جو موهه ڪڍي ڇڏيو ۽ هڪدم محل مان ٻاهر
هليو ويو.
انهيءَ عرصي ۾ ڇندڪ به ڪنٽڪ نالي قداور ۽ سهڻو
گهوڙو وٺي آيو. سڌارٿ هڪدم گهوڙي تي سوار ٿي
ويو. ڇندڪ به هنجي پٺيان هلندو ويو.
باب اٺون
سڌارٿ جي اشاري تي ڪنٽڪ تيز رفتار سان ڏکڻ
اُڀرندي طرف ڊوڙڻ لڳو ۽ رستي ۾ گهڻين روڪاوٽن
کي منهن ڏئي ساڪيه رياست کان ٻاهر نڪري،
ڪروڊيه رياست ۽ مل رياست مان لنگهي گهڻييءَ
ڳوٺ ۽ شهر لتاڙيندو صبوح جو سويل اچي انما
نديءَ جي ڪناري تي پهتو. ندي پار اُتري هو
گهوڙي
تان
لٿو ۽ جان کڻي پٺيان نهاري ته ڇا ڏسي ته ڇندڪ
به سندس پٺيان پيو اچي. هن کي سڏ ڪري چيائين
ته ”ڇندڪ تون زيور جي منهنجي بدن تي پيل آهن ۽
هيُ گهوڙو گهر وٺي وڃ. آءٌ ساڌوءَ جو ويس ڪري
جيڏانهن وڻندم تيڏانهن هليو ويندس“. ڇندڪ جواب
ڏنو ته ”آءٌ به ساڌو ٿي اوهان جي پيروي ڪندس“.
جيتوڻيڪ ڇندڪ گهڻيئي
منٿون ڪيس ته به سڌارٿ ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيس.
هڪ هڪ زيور لاهي ڇندڪ جي هٿن ۾ ڏنائين. ڇندڪ
چپ چاپ اکين مان لڙڪ وهائي اهو دلسوز نظارو
ڏسي رهيو هو. سڌارٿ خيال ڪيو ته هيءُ سر جا
ڪارا چمڪيدار وار سنياسين لاءِ ٺيڪ نه آهن
تنهن ڪري هن پنهنجا وار ترار سان ڪپي ڇڏيا.
پنهنجن جواهرن ۽ هيرن سان ڀريل ڪپڙن ڏانهن
نهاريندي چوڻ لڳو ته اهڙا قيمتي ڪپڙا بيکارين
جي منهن تي نٿا پون. انهن کي به تياڳه ڪرڻ
گهرجي. هو چوگرد نهارڻ لڳو ۽ ڏٺائين ته هڪ
شڪاري خاڪي ڪپڙا پائي نديءَ جي ڪناري تي شڪار
جي تلاش ۾ پيو نهاري. شڪاريءَ کي سڏ ڪري هن
سان پنهنجا ڪپڙا بدلائائين. شڪاري اُهي قيمتي
ڪپڙا پائي خوشيءَ ۾ نه پيو ماپي۽ شهر ۾ انهنجو
نيڪال ڪرڻ ويو.
جنهنجو بدن هميشه جواهرن ۽ موتين سان سينگاريل
رهندو هو، جنهن جي وارن کي ٺاهڻ لاءِ طرح طرح
جا سرها تيل ۽ عطر ۽ انيڪ نوڪر موجود هوندا
هئا، جو ڏينهن ۾ ٻه چار دفعا پنهنجا ڪپڙا
مٽائيندو هو۽ جو گاڏيءَ يا گهوڙي کان سواءِ
ڪڏهن به پيادو نه ويندو هو، تنهن خوبصورت ۽
نازڪ راڄ پتر اڄ پنهنجا سڀ زيور لاهي ڇڏيا،
پنهنجا سهڻا وار ڪپي ڇڏيا، پنهنجا نرم پير
ننگا ڪري ڇڏيا ۽ شڪاريءَ جا خاڪي ڪپڙا بت تي
ڍڪيا ڪمر ۾ رسو ٻڌي هٿ ۾ ڪرمنڊل کڻي سڌارٿ
اڳتي وڌيو.
هي پرڀو! ڪير چئي سگهي ته تون هن سنسار ۾
انسان جي ڪهڙي حالت بنائيندين.
جنهن انسان اهو خيال ڪيو هو ته آءٌ هميشه
سلطنت جي خوشين ۾ مست رهندس، تو انهيءَ کي
بيکاري بڻائي جهولي ڏيئي گهر کان ٻاهر نيڪالي
ڏني. جنهن ائين ٿي سمجهيو ته هاڻي جيوت جي
ٻيڙي فقط سکه جي سمنڊ ۾ ترڻ لاءِ آهي، تنهن
انسان جي ٻيڙيءَ کي تو دکه جي سمنڊ ۾ کڻي
اُڇليو آهي. جو انسان ائين سمجهي ٿو ته آءٌ
هميشه دکن جي ڪنن ۾ پيو غوطا کائيندس ۽ منهنجي
لاءِ سکه جو چنڊ ڪڏهين به نه اڀرندو، تون
انهيءَ کي پل ۾ خوشيءَ جي مناري تي پهچايو
ڇڏين. هي پرڀو! تنهنجي اِڇا جي ڀيڌ کي ڪير
ڄاڻي سگهي!
پنهنجي پتا جي دولت، دلڪش محل، بادشاهيءَ جا
سکه ۽ حڪومت، خوبصورت، نيڪ سيرت ۽ نوجوان
استري ۽ ستن ڏينهن جو ڄاول ڪڪو ڇڏي، سڌارٿ 29
ورهين جي ڄمار ۾ سنياسي ٿيو.
ڇندڪ راجڪمار کي سنياسيءَ جي ويس ۾ ڏسي منهن
تي ڪپڙو وجهي زار زار روئڻ لڳو. راجڪمار جو
فقيري ويس ڏسي ڪنٽڪ جي اکين مان به ڳوڙها ڳرڻ
لڳا. سڌارٿ ڇندڪ کي موڪلاڻيءَ وقت چيو ته
”هيءُ زيور تون بابي کي ڏج. سڀني کي چئج ته هو
منهنجو ڪو به خيال نه ڪن. بابي کي چئج ته آءٌ
بي شڪر نه آهيان. ڪنهن دنيوي دکه جي ڪري آءٌ
سنياسي نه ٿيو آهيان. دکه کي دور ڪرڻ جي دوا
جي تلاش ۾ ماڻهن جون تڪليفون دور ڪرڻ لاءِ مون
سنياس اختيار ڪيو آهي. جڏهن منهنجي مراد پوري
ٿيندي تڏهن آءٌ اچي اوهانجي شيوا ۾ حاضر ٿيندس
۽ سڀني جا ڳوڙها اُگهندس. ڇندڪ! تون جلد واپس
وڃ ۽ منهنجي منجهيل پتا کي وڃي تسلي ڏي. تون
جيڪڏهن هت وڌيڪ ترسندين
ته شايد هو دکه ۾ مري وڃي ۽ پوءِ منهنجي ننڍي
ڪڪي جي ڪير سنڀال ڪندو. وڌيڪ دير نه ڪر، جلدي
واپس وڃ“.
ڇندڪ گهوڙو ڦيرائي واپس ويو پر هنکان روئڻ بند
ئي نه ٿئي. جيئن ڪو پتا پنهنجي پتر جي لاش کي
مساڻي ۾ جلائي روئندو پٽيندو واپس گهر ايندو
آهي تهڙيءَ طرح ڇندڪ به آهون ڪندو زار زار
روئندو ڪپل وستوءَ وريو. ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنٽڪ
به واٽ تي مالڪ جي جدائيءَ ڪري پران تياڳيا.
باب نائون
راڄ گرهه هن وقت مگڌهه
سلطنت جي گاديءَ جو هنڌ هو. اُتي جو راجا بمبي
سار ڏاڍو طاقتور ۽ بهادر ليکيو ويندو هو. راڄ
گرهه چوگرد پنج ٽڪريون هيون جن شهر کي بلڪل
سوڀنيڪ بنايو هو. انهن ٽڪرين ۽ پهاڙن
۾ ساڌو جن پرماتما جي ڌيان ۾ رهي جيوت
گذاريندا هئا. اُتيجا غار آباديءَ کان گهڻو
پري نه هئا تنهن ڪري شيءِ شڪل ملڻ ۾ کين گهڻي
تڪليف نه ٿيندي هئي.
سڌارٿ شهر جي ويجهو پانڊو نالي پهاڙ
جي هڪ غار ۾ رهڻ جو ارادو ڪيو. هو صبوح جو
سوير اُٿي ڪرمنڊل هٿ ۾ کڻي راڄ گرهه جي گهرن
مان بکيا پني ايندو هو. شهر جا ماڻهو هنجي
عجيب ۽ سهڻيءَ شڪل تي موهت ٿي پوندا هئا ۽ وري
وري ڏانهس پيا نهاريندا هئا. پرش ۽ ناريون
پنهنجا ڪم اڌ تي ڇڏي درين ۽ دروازن تي کيس ڏسڻ
لاءِ اچي بيهندا هئا. انيڪ واٽهڙو
رستن تي هنجي درشن لاءِ بيهي ويندا هئا ۽
دوڪاندار هنکي ڏسي پنهنجا ڌنڌا ٿوري وقت لاءِ
بند ڪندا هئا.
شهر جي ڪن ماڻهن وڃي راجا کي خبر ڏني ته هڪ
عجيب انسان هر روز صبح جو شهر ۾ بکيا پنڻ
اچيٿو. هنجي شاندار هلت چلت ۽ سوڀنيڪ چهري مان
ماڻهن کي اهو
خيال
ٿو اُٿي ته هو ڪو فرشتو آهي جو انساني جامي ۾
هن شهر ۾ آيو آهي. راجا بمبي سار به هنجي منهن
جي مهما ڏسي مٿس موهت ٿي پيو ۽ نوڪرن کي حڪم
ڪيائين ته اوهين هنجي پٺيان وڃو ۽ خبر لهو ته
هو ڪٿي ٿو رهي.
سڌارٿ پانڊو پهاڙ
جي ڀرسان وڃي بکيا ۾ آندل شيون کاڌيون. جنهن
انسان ٻالپڻ کان وٺي شاهي کانا کاڌا هئا، تنهن
ڏاڍي تڪليف سان اهي شيون کاڌيون.گهڻيئي دفعا
قيون اچي ويس پر آهستي آهستي انهيءَ کاڌي تي
هرندو ويو جنهن انسان لاءِ سون قسمن جا کاڌا
کانا ٺهندا
هئا
سو اڄ اُهي کانا کائي رهيو آهي جي جيڪر غريب
انسان به مشڪل کائين. انهن تڪليفن کانسواءِ
سڌارٿ ٻڌ ٿي سگهي
ها
ڇا؟ آهي ڪو اهڙو انسان جنهن سکه جي سيج تي
سمهي آتمڪ ڌن هٿ ڪيو هجي؟
راجا جي نوڪرن سڌارٿ کي پانڊو پهاڙ
جي غار ۾ کانو کائيندو ڏٺو ۽ اها ڳالهه وڃي
راجا سان ڪيائون. راجا ڪن پنڊتن ۽ سپاهين سان
گڏجي غار ۾ آيو ۽ هڪ پٿر تي ويهي هن کان حال
پڇيائين ته”مهراج اوهان ڪٿان آيا آهيو“. سڌارٿ
جواب
ڏنو ته ”آءُ ڪپل وستو
رياست مان آيو آهيان“. ڳالهين ڪندي راجا کي
پتو پيو ته هيءُ انسان سڌارٿ راجا شڌوڌن جو پٽ
آهي. بمبي سار سڌارٿ کي اڳي ڪڏهن به نه ڏٺو هو
جيتوڻيڪ هو ٻئي هڪٻئي کي سوکڙيون موڪليندا
هئا. انهيءَ ڪري راجا پنهنجي متر سڌارٿ
کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. بمبي سار سمجهو ته سڌارٿ
شايد ڪنهن گهرو ڳالهه تان رسي يا وڙهي سنياسي
ٿيو آهي تنهن ڪري کيس چيائين ته ”تون سنياسي
ڇو ٿيو آهين؟ تون اچي مونکي راڄ هلائڻ ۾ مدد
ڪر.توکي خوش رکڻ لاءِ آءٌ
هر ڪا ڪوشش ڪندس. تون هن ويران جهنگل ۾ وڌيڪ
نه رهه؛ زمين تي سمهڻ تنهنجو ور نه آهي.
تنهنجو نازڪ بدن تڪليفون نه سهي سگهندو،تون
هلي مون وٽ رهه ۽ راجائيءَ جو سکه ماڻ“.
سڌارٿ جواب ڏنو ته”هي راجا! آءٌ
خواهشن ترپت ڪرڻ جي پٺيان نٿو وڃان. خواهش ته
زهر آهي ۽ بيشمار عيبن جي جڙ آهي، اها انسان
کي نرڪ جي
آگه ۾ وجهندي آهي ۽ کيس تباهه ڪندي آهي. خواهش
کي ڌڪارڻ گهرجي. مون کيس پنهنجي اندر مان ڪڍي
ڇڏيو آهي. خواهش يا اڇا بادل ۽ تيز هوا وانگر
جلد گذر ڪريٿي وڃي. اها سڀني ڀلاين کي برباد
ٿي ڪري. خواهش ترپت ٿئي ته به آنند نٿو ملي.
خواهش بلڪل خوفناڪ چيز آهي. نفساني خواهشون
گهڻين
قسمن جون ٿين ٿيون ۽ هن سنسار ۾ هڪ به انسان
ڪونهي جنهنجون سڀ ڪامنائون پوريون ٿيون هجن؛
پر جيڪڏهن اهڙو انسان ڪو هوندو به ڪري ته
به
هنکي هميشه نيون خواهشون پيئون تڪليف ڏينديون.
”هي
راجا! جي انسان پنهنجين نفساني خواهشن کي دمن
ڪن ٿا، جن خود ضابطي يا ” پاڻ-روڪ“ جو سبق
سکيو آهي، جي دانا
آهن، اُهيئي مڪتي پراپت ڪن ٿا. خواهش جي
ترپتيءَ ۾ مڪتي ڪانهي. سياڻا انسان به جيڪڏهن
چاهنا جي وس رهن ته اهي به برباد ٿيو وڃن“.