سيڪشن؛ شخصيات |
ڪتاب:گوتم ٻڌ |
باب-- |
صفحو
:11 |
ضميمو
ٻڌ ديو جن ستن رتنن جو ورلن پنهنجي آخرين
اُپديش ۾ ڪيو هو جنهنجو ذڪر
55
صفح جي پڇاڙيءَ ۾ آيل آهي سي هيٺيان آهن.
1-
چار
سمر تي اُپسٿان
(1)
جسماني اَپو ترتا جو سمرن يا ڌيان. يعني انسان
جي بدن ۾ جيڪا اپوترتا آهي تنهنجو ويچار ڪري،
انهيءَ کان پري رهڻ گهرجي. (2) اندرين کي ڄاڻڻ
ڪري ترشنا جي دکه جو ڌيان. جيڪڏهن اندرين کي
چڱيءَ طرح ڄاڻبو ته خبر پوندي ته انهن اندرين
ڪري انسان جي اندر ترشنا پيدا ٿئي ٿي ۽
ترشنائي دکه جو ڪارڻ آهي. جيڪڏهن انسان کي
ترشنا نه هجي، ته انسان فرشتو ٿي پوي. (3)
چنتا جي اننتا يعني سار کي اَسار ۽ اَسار کي
سار سمجهڻ جو ڌيان. انسان جي خيال يا چنتا کي
انت ڪونهي. انهيءَ کي ڪا به حد ڪانهي. (4) پنج
دکه سنٻنڌ سمرن يعني سڀني شين جي ناپائداريءَ
جو ڌيان يعني (1) روپ (2) بيدنا
يعني ٻاهرين وستن جو گيان (3) وگيان يعني مان
آهيان جو گيان (4) سنگپا يعني پنهنجيءَ شخصيت
جو علم (5)سنسڪار.
2-
چار سميڪ پرڌان
(پاپ جي برخلاف چئن قسمن جي ڪشمڪش)
(1)
آتما ۾ پاپ نه پيدا ٿيڻ لاءِ ڪشمڪش يعني ڪوشش
ڪرڻ ته آتما ۾ پاپ نه پيدا ٿئي.ٻڌ ديو جي سکيا
موجب انسان پنهنجي ساڌن ۽ ڪوششن سان گهڻو ئي
ڪجهه ڪري سگهي ٿو. انسان ڪوشش ڪندو ته خراب
خيال کي روڪي سگهندو جنهنڪري هنجي آتما ۾ ڪو
به پاپ پيدا نه ٿيندو. (2) پيدا ٿيل پاپ کي
گهٽائڻ لاءِ ڪشمڪش. جي پاپ پيدا ٿئي ته به
ڪوشش سان انهيءَ کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو بلڪ هنکي
ناس به ڪري سگهجي ٿو. (3) نون پوتر ۽ منگل
ڀاون جي پيدا
ڪرڻ لاءِ ڪشمڪش. انسان پنهنجيءَ ڪوشش سان
پنهنجي اندر سندر ويچار پيدا ڪري سگهي ٿو. (4)
پيدا ٿيل منگل ۽ پوتر ڀاون کي وڌائڻ لاءِ
ڪشمڪش. جيئن انسان
برا خيال گهٽائي سگهي ٿو تيئن هو سندر خيال
وڌائي به سگهي ٿو.
3-
چار رڌي پد
يعني سنت پدوي حاصل ڪرڻ لاءِ چار نمونا،
جهڙوڪ:
(1)
ڳوڙهو ڌيان ۽ پاپ جي برخلاف شرطن کي پورو ڪري
سنت پدوي حاصل ڪرڻ لاءِ مضبوط ارادي جي قؤت
ڌارڻ (2)ضروري ڪوشش (3) انهيءَ لاءِ دل پوري
نموني ۾ تيار ڪرڻ (4) آتم سنجم ۽ ويچار.
4-
پنج ٻل
(پنج اخلاقي طاقتون)
(1)
وشواس (2) اُتساهه (3)يادگيريءَ جي طاقت (4)
ڌيان جي طاقت (5) گيان جي طاقت)
5-
پنج اندريون
يعني پنج روحاني حواس.
(1)
وشواس جي قؤت (2) اُتساهه (3) يادگيري (4)
ڌيان (5) گيان.
6-
سپت ٻوڌينگ
يعني دانائي جا ست جزا.
(1)
ويرج يعني طاقت (2) چتينا
(قوت ادراڪ) (3) سماڌي (4) تلاش (5) پريتي (6)
شانتي (7) پيار ۽ ڌڪار کان آجو رهي شانتي روپ
ٿيڻ.
جو انسان پنهنجي سنڀال ڪري ٿو ۽ پنهنجي طاقت
اجائي نٿو وڃائي سو انسان سياڻو آهي. انسان کي
پورو خيال هلائڻ گهرجي، وقتن تي دنيا جي ڌنڌن
کان فارغ ٿي سماڌيءَ ۽ شانتيءَ ۾ گذارڻ گهرجي
۽ پيار ۽ پريتيءَ سان هلڻ گهرجي. جو انسان
ائين ڪري ٿو سو انسان بيشڪ سياڻو آهي.
اهو انسان سياڻو ۽ عقلمند ڪونهي جو فقط چتر
زبان هجي يا مٺيون ڳالهيون ڪري سگهي. سياڻپ جا
مٿي ڄاڻايل ست رتن آهن.
7-
اشٽانگ مارگ
يعني اَٺ پدو مارگ.
(1)
ست درشٽي يعني ڪارن ۽ ڪارج جي قاعدي جو پورو
گيان (2) ست سنڪلپ يعني پريم، ديا، آتم، تياڳه
جو صحيح آدرش (3) ست واڪيه يعني نندا، اجائي
ڳالهائڻ، ڪوڙ ۽ سخت ڪلاميءَ کان پرهيز. (4) ست
ونهوار
يعني نيڪ چلن. جپوهنسا، بي ايماني ۽ خواهش جي
غلاميءَ کان پرهيز . (5) سته آجيوڪا يعني جائز
نموني ۾ روزي ڪمائڻ. خراب ۽ اپوتر ڌنڌن کان
پرهيز ڪرڻ (6) ست بيام يعني سچي عبادت. برائي
ڇڏي خيال، وچن ۽ ڪرمن
۾ ڀلائي ڪرڻ لاءِ لڳاتار ڪوشش (7) ست سمرتي
(چت کي ايڪاگر ڪرڻو) يعني پدمن، اندرين ۽
اهنڪار ۽ ٻاهرين ناپائدار شين تي پورو پورو
ويچار ڪرڻو (8) سمٽيڪ سماڌي يعني چت جي سچي
شانتي جا جيون کي پوتر ڪرڻ سان حاصل ٿئي ٿي.
ٻڌ جي مول سکيا اٺپدي مارگه ۾ سمايل آهي. اهو
اٺپدو مارگه مڪتي پراپت ڪرڻ لاءِ سولو مارگه
آهي. انسان ست خيال ڪري، ست ٻولي ۽ ست وهنوار
ڪري ته هو مڪتي پائي سگهي ٿو. ٻڌ ديو جي سهج ۽
سوليءَ سکيا وڃي ماڻهن جي اندر ۾ گهر ڪيو ۽
انيڪ پرش ۽ ناريون هنجو سنيهو ٻڌي خوش
ٿيا.