سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب:گوتم ٻڌ

 باب--

صفحو :5

باب ڏهون

 

هاڻي سڌارٿ اوويلو نالي جهنگل ۾ پهتو، جتي پنج مذهبي پيشوا رهندا هئا. هو ڏاڍي جفا ڪشي ڪندا هئا. پنهنجي بدن جو ماس ڪپي، نهن سان ملائيندا هئا ۽ کانو بلڪل ٿورو کائيندا هئا. وارن کي هو ڪڏهين به ڦڻي نه ڏيندا هئا. راجڪمار جي هنن سان ڏاڍي دل ٿي ويئي، ڇاڪاڻ ته هنن ۾ ڌرم لاءِ اُتساهه هو. هو به هنن وانگر جيوت جا ڏينهن ڪاٽڻ لڳو. روز بروز ويو پنهنجو کاڌو گهٽائيندو ۽ نيٺ اهڙو وقت آيو جو هو سڄو ڏينهن فقط هڪ چانور جي داڻي تي گذر ڪندو هو. نتيجو اهو ٿيو جو هنجي تندرستي ويئي خراب ٿيندي ۽ هو ڏاڍو ڪمزور ٿي ويو. هڪ ڏينهن راجڪمار سنان ٿي ڪرڻ ويو ته ڪمزوريءَ ڪري نديءَ جي ڪناري تائين پهچي نه سگهيو.انهيءَ ڪري هن انهيءَ قسم جي جيوت ڪاٽڻ جو خيال ڇڏي ڏنو. هڪدم اها ڳالهه محسوس ڪيائين ته اهڙن قسمن جي ورتن رکڻ يا بکن ڪڍڻ سان انسان جي جيوت پرتر نٿي ٿي سگهي. هن ساڌن کي چيو ته”هاڻي آءٌ اوهان وٽ نه رهندس“ ۽ ساڌن سمجهوشايد هو موٽي سنسار جي ڄار ۾ ڦاسڻ وڃيٿو.

رستن تي هلندي هلندي راجڪمار هڪ ڌنار ڏٺو جنهن ٻن پهرن جي اُس ۾ پي ٻڪريون ۽ رڍون هڪليون.سڌارٿ ڏٺو ته هڪ ٻڪري کي اهڙي ضرب آئي آهي جو هوءَ ويچاري منڊي ٿي پيئي آهي ۽ هلي نٿي سگهي.سڌارٿ کي ته سڀني ساهوارن  لاءِ اهڙو پريم هو جهڙو ماءُ کي ٻالڪ لاءِ. جهڙي طرح ماءُ پنهنجي بيمار ٻار کي گود ۾ کڻندي آهي تهڙي طرح راجڪمار به ٻڪريءَ تي ديا آڻي هن کي پنهنجي گود ۾ کنيو ۽ هو به ٻڪرار سان گڏ هلندو رهيو. هن ٻڪرار کان پڇيو ته ”تون ٻنپهرن جو اهڙي اُس ۾ ٻڪرين کي ڪاڏي  ٿو هڪلي وڃين“ هن جواب ڏنو ته ”اڄ شام جو راجا کي ٻڪريون قربان ڪرڻيون آهن“. راجڪمار اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍو غمگين ٿيو ۽ ٻڪرار کي چوڻ لڳو” هنن بيگناهن حيوانن کي نه ماريو. آءٌ توسان گڏجي راجا وٽ ٿو هلان. هنن ويچارن گگدامن جي حياتي پوري نه ڪريو“ هو ٻڪر کي گود ۾ ڪري ٻڪرار سان گڏجي راجا جي راڄڌانيءَ ڏانهن روانو ٿيو.


 

باب يارهون

جڏهن هو شهر ڏانهن پي ويا تڏهن کيس واٽ تي ڪرشنا گوتميءَ نالي هڪ استري گڏي. هوءَ ويچاري ڏاڍي غمگين پي لڳي. هوءَ هڪ انجيرن جي باغ ۾ رهندي هئي ۽ کيس هڪ سڪيلڌو پُٽ هو جو انهيءَ باغ ۾ سڄو ڏينهن گلن سان پيو راند ڪندو هو. هڪ ڏينهن گلن جي وچان اوچتو هڪ نانگ نڪتو پر ويچاري ٻالڪ کي اها خبر ڪا نه هئي ته نانگ ڪو چڪ پائيندا آهن. هو هميشه وانگر کيليندو رهيو ته اوچتو ئي اوچتو نانگ  کيس ڪکيو ۽ زهر سندس سڄي بدن ۾ چڙهي ويو جنهن ڪري هو ڏاڍو بيمار ٿي پيو. ويچاري گوتمي گهڻي مٽن مائٽن وٽ ڊوڙي ۽ چيائين ته ”منهنجي ٻالڪ جي مدد ڪريو“.

سڌارٿ هن وقت گوتميءَ جي گهر وٽ رهندو هو. سڀني مٽن مائٽن گوتميءَ کي چيو ته تون هن جي علاج لاءِ سڌارٿ وٽ وڃ ۽ علاج جي خبر چار پڇينس. گوتمي پنهنجي ٻالڪ کي گود ۾ کڻي سڌارٿ وٽ وئي پر ٻالڪ سندس گود ۾ ئي پران تياڳيا. سڌارٿ ڏٺو ته هاڻي انهيءَ ٻالڪ کي وري جيئرو ڪرڻ ته ناممڪن آهي پر جيڪڏهن هن استريءَ کي ٻالڪ جي موت جي خبر ٻڌائبي ته هن کي ڏاڍو صدمو پهچندو. سندس نرم ۽ دياوان دل مائيءَ جو درد سهي نٿي سگهي، انهيءَ ڪري هن ڪرشنا گوتميءَ کي چيو ته”ڪنهن گهر مان وڃي اهر جا ٻه چار داڻا وٺي آءُ،.پر ياد رکج ته اهر اهڙي گهر مان آڻين جنهن ۾ ڪنهن به انسان جو موت نه ٿيو هجي“.ويچاري گوتمي پنهنجي ٻچي کي هنج ۾ کڻي گهر گهر ۾ اهر جي داڻن وٺڻ لاءِ ويئي. ماڻهن کي هنجي حالت ڏسي ڏاڍو ڏک ٿي ٿيو تنهنڪري هو هن کي خوشيءَ سان اهر ڏيڻ لڳا پر جنهن وقت گوتميءَ هنن کان دريافت ٿي ڪئي ته اوهان جي گهر ڪڏهن موت ته ڪو نه ٿيو آهي ته ڪنهن جواب ٿي ڏنو ته منهنجو سڪليڌو پُٽ ٻه ٽي مهينا ٿيا ته گذر ڪري ويو، ڪو چوي ته پر سال منهنجو پتا گذر ڪري ويو، ڪو وري پيو ٻڌائيس ته منهنجي ماءُ، يا ڀيڻ، يا ڀاءُ گذر ڪري ويا آهن.

ويچاريءَ گوتميءَ کي هڪ به اهڙو گهر نظر نه آيو جتي ڪو به موت نه ٿيو هجي، انهيءَ ڪري هوءَ هٿين خالي موٽي آئي ۽ سڌارٿ  کي ٻڪرار سان گڏ ايندو ڏٺائين.ڏاڍي ڏک سان گوتميءَ سڌارٿ کي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي تنهن تي سڌارٿ ڏاڍن مٺن شبدن ۾ هنکي چيو”هي منهنجي ڀيڻ! مون کي خبر هئي ته تون جنهن شيءِ جي تلاش ۾ وڃين ٿي سا توکي پراپت نه ٿيندي، تنهنجو ٻالڪ ته انهيءَ وقت ئي مري ويو هو پر جيڪڏهن آءٌ توکي اها خبر انهيءَ وقت ٻڌايان ها ته تنهنجي دل کي صدمو پهچي ها. پر هاڻي ته تو گهر گهر رلي ڏٺو آهي ته هر ڪنهن انسان کي ڪنهن نه ڪنهن وقت پنهنجن مٽن مائٽن ۽ مترن کان جدا ٿيڻو پويٿو. ٻين جي دکدائڪ حالت ڏسي صبر ڪر. جيسين اسين هن سنسار ۾ آهيون تيسين اسان جي مٿان ضرور ڪي نه ڪي مشڪلاتون اچڻيون آهن. آءُ هن وقت اهو پدارٿ ڳولي رهيو آهيان جنهن دوران انسان ذات تڪليفن کان ڇٽي پوي“ راجڪمار اهڙي قسم جو پر ٻوڌ ڪرشنا گوتميءَ کي ڏيئي اڳتي وڌيو ۽ ڪرشنا وڃي پنهنجي ٻالڪ جو اگني سنسڪار ڪيو.


 

باب ٻارهون

راجڪمار سڌارٿ ٻڪرار سان گڏجي انهيءَ شهر ڏانهن ويو جتي ٻڪرين ۽ رڍن جي قرباني ٿيڻي هئي. شام جو وقت هو ۽ سج اُلهندي طرف پي لٿو. زمين ٿڌي ۽ سهڻي هئي. جڏهن دربان راجڪمار کي هنج ۾ منڊي ٻڪريءَ (ڪي چون ٿا رڍ) سان ايندو ڏٺو، تڏهن هن پاسو ڪري راجڪمار کي رستو ڏنو ڇاڪاڻ ته هن اڳي اهڙي سهڻي ۽ شاندار شڪل ڪڏهن به نه ڏٺي هئي، شهر جا ماڻهو راجڪمار کي ڏسڻ لاءِ اچي ڪٺا ٿيا پر سڌارٿ پنهنجي خيال ۾ محو هو ۽ ماڻهن جي انبوهه کي برابر ڏٺائين به ڪو نه، هن کي ويچارين رڍن ۽ ٻڪرين جو ڏاڍو ڏک هو ۽ چاهيائين ٿي ته هنن کي ڪيئن به بچايان، هو انهيءَ ڪري سڌو مندر ڏانهن ويو. راجا مندر ۾ بيٺو هو ۽ سندس ٻنهي پاسن کان ٻه انسان سفيد پوشاڪ پهري بيٺا هئا. ٻل واري اسٿان جي سامهون هڪ ٻڪر ليٽيو پيو هو ۽ هڪ پرش هنکي مارڻ لاءِ سندس مٿان جهڪيو بيٺو هو ، هڪ پوڄاري ديوتائن کي خوش ڪرڻ، اها قرباني قبول ڪرائڻ ۽ راجا جا دوش مٽائڻ لاءِ پرارٿنا ڪري رهيو هو ته”اي ديوتائو! اها اسان جي آس ته من ٻڪر جي خون ڪرڻ سان راجا جا سڀ پاپ ناس ٿي وڃن شل اوهان کي قبول پوي!“ جنهن وقت ٻڪر کي ٻل چاڙهڻ جي تياري ٿي رهي هئي تنهن وقت راجڪمار به اتي پير پاتو ۽ هن آهستي پنهنجو هٿ ڇريءَ جي مٿان رکيو.هو راجا کي چوڻ لڳو ته” هن قاسائيءَ کي مارڻ جي موڪل نه ڏيو.“ هن اها رسي جنهن سان سڀ حيوان ٻڌا پيا هئا سا هڪدم ڇوڙي ڇڏي، سڀ ماڻهو هڪ طرف ٿي ويا ۽ ڪنهن کي به هنکي روڪڻ جي جرئت نه ٿي، ڇاڪاڻ ته راجڪمار جو پريم اهڙو زبردست هو جو هنکي ڏسنديئي ماڻهن تي بجليءَ  جهڙو اثر ٿيو. هن ماڻهن کي چيو ته ”ڪنهنجي به جان نه وٺو، اوهان جان نه ٿا ڏئي سگهو تنهنڪري اوهان کي جان وٺڻ جو ڪو به اڌڪار ڪونهي، هر ڪا وستو جيئڻ چاهي ٿي تنهنڪري آءٌ اوهان کي وينتي ٿو ڪريان ته انساني همدرديءَ جي خاطر ڪو به ساهوارو نه ماريو، هنن تي قياس ڪريو، اسين چاهيون ٿا ته ديوتائون اسانتي مهر ڪن مگر اسان جي دلين ۾ هنن گگدامن لاءِ ڪا به همدردي ڪانهي، هننجو ناتو اسان سان اهڙو آهي جهڙو اسان جو ديوتائن سان، هيءُ ويچاريون ٻڪريون اسان کي کير ۽ اُن ڏين ٿيون، هننجو اسان ۾ ڀروسو آهي پر اسين انهيءَ جي بدلي سندن خون ٿا وٺون. اهو هڪ بلڪل برو ڪم آهي، اسين انهن بيزبان گگدامن جو رت واهي ڪڏهن به پاڻ کي پوتر نه ڪري سگهنداسين، ديوتائون هر ڪنهن جي ڀلائي چاهين ٿا، سي ڪڏهن به نه ٿا چاهين ته اسين هنن تي ڇري هلايون، اسين انهيءَ نموني ڪڏهن به ديوتائن جو پريم پراپت نه ڪري سگهنداسين، جيڪڏهن اسين پاپ ڪنداسين ته اسان کي انهيءَ جو ضرور ڪيتو لوڙڻو پوندو، جيڪڏهن اسين خوش رهڻ چاهيون ٿا ته اسان کي هڪ ٻئي سان پريم ۾ رهڻ گهرجي ۽ نيڪ ڪم ڪرڻ گهرجن، جيڪڏهن سڀ ساهوارا محبت ۽ پريم ۾ رهن ته هوند هيءُ سنسار سرڳ بڻجي پوي. ٻنيون اسان جي کائڻ لاءِ گهڻو ئي اَنُ پيدا ڪن ٿيون تنهن ڪري کائڻ لاءِ ڪنهن به ساهواري جي جان نه وٺڻ گهرجي.“

جنهن وقت سڌارٿ اهو اپديش پي ڏنو تنهن وقت سندس منهنجي مهما ڏسڻ وٽان هئي. هنجي اندر ۾ پريم جو اهڙو ته زبردست اُمنگه اٿيو هو جو هنجو هڪ هڪ اکر هر ڪنهن جي دل ۾ تير وانگر چُڀي ويو. قرباني ڪرڻ وارو شرم وچان پنهنجو منهن مٿي نه کڻي سگهيو ۽ پنهنجا هٿ کڻي ڪپڙن ۾ لڪايائين، راجا وڌي سڌارٿ وٽ اچي کيس نمسڪار ڪيو، ٻل چاڙهڻ وارن ٻل اسٿان مان باهه وسائي ڇڏي ۽ ڇري کڻي هيٺ ڦٽي ڪئي، ٻئي ڏينهن راجا سڄي رياست ۾ پڌرائي ڪئي ته ڪو به انسان ٻل يا کائڻ وغيره لاءِ ساهوارن کي نه ماري ۽ سڀ ميون، ڀاڄين ۽ اَنَ  تي گذران ڪن، انهيءَ ڏينهن کان وٺي ملڪ ۾ شانتي ڦهلجي وئي، انسان ۽ حيوان خوش ٿيا ۽ ڪنهنکي به هڪ ٻي جو ڊپ نه رهيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org