سيڪشن؛ شخصيات |
ڪتاب:گوتم ٻڌ |
باب-- |
صفحو :2 |
باب پھريون
ٻڌ ديو جو جيون چرتر
خاص وديارٿين لاءِ
عيسوي سنه کان ڇهه سؤ ورهيه اڳي ساڪيه گهراڻي
جو شڌو ڌن نالي راجا ڪپل وستوءَ ۾ راڄ ڪندو
هو. راجا شڌو ڌن اتم درجي جو نيڪ دل ۽ نياءَ
ڪاري راجا هو. سندس راڄ ۾ سڀ ڪنهن قسم جو سکه
موجود هوندو هو. جهڙو پاڻ ڌر ماتما راجا هو،
تهڙي ئي سندس پرجا ڌرماتما۽ سچيار هوندي هئي،
ٺڳيءَ، دولاب ۽ ظلم جو وٽن نالو به ڪو نه
هوندو هو. سڀ ماڻهو ڏاڍي پريم، مٺ محبت ۽ صلح
سالت سان رهندا هئا. راجا پنهنجي پرجا کي سکي
۽ خوش رکڻ لاءِ سدائين سوچ ۽ ادم ڪندو رهندو
هو. هو هميشه اها ئي ڪوشش ڪندو هو ته جيئن
منهنجي راڄ ۾ ڪو به انسان ڏکيو يا بکيو ۽
مورکه يا اڻ پڙهيل نه رهي. راجا شڌو ڌن اهڙو
خبردار هوندو هو جو ڪنهن به عملدار يا ٻئي
ماڻهوءَ کي سندس پرجاکي رنجائڻ يا ظلم ڪرڻ جي
همٿ نه ٿيندي هئي. سڀ ماڻهو ڏاڍا خوش، آسودا
گذريندا هئا. مطلب ته راجا شڌوڌن پنهنجو راڄ
چڱي نياءَ ۽ نيتيءَ سان هلائيندو هو، جنهن ڪري
هر هنڌ سندس هاڪ هوندي هئي. ڪپل وستوءَ جي
اڀرندي پاسي ڪلي نالي هڪ ننڍي رياست هئي، جنهن
جي گاديءَ جو هنڌ ديو دهه نگر هو. راجا شڌو ڌن
ڪليءَ جي راجا انجن جي ٻن راجڪمارين سان
وواهه ڪيو هو. انهن راجڪمارين مان هڪڙيءَ جو
نالو مهامايا هو ۽ ٻيءَ جو پرجاوتي. پرجاوتيءَ
کي گومتي به ڪري سڏيندا هئا. مهامايا ڏاڍي
پتورت استري هوندي هئي؛ هوءَ ٻڌيءَ جي ڏاڍي
چتر هوندي هئي، چترتا ۽ سونهن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ
هئي ۽ سندس ڳالهائڻ ڏاڍو ميٺاج وارو ۽ وڻندڙ
هوندو هو. سندس هلت چلت پڻ ڏاڍي سندر ۽ سٺي
هوندي هئي. هوءَ گهر جي ڀاتين نوڪرن ۽
نوڪرياڻين ۽ ٻين سڀني ماڻهن سان اهڙي پريم سان
ورتاءُ ڪندي هئي جو سڀئي منجهانس ڏاڍا خوش
هئا. گهپي، ڪڪل، جهيڙي جهٽي، حسد ۽ ساڙي جو
نالو به ڪو نه هوندو هو. سڀئي ڏاڍي پريم سان
رهندا هئا. سڀاءَ جي نماڻي ۽ سچيار ۽ سخي دل
هئي. هنجي در تان ڪو به بکيو ڏکيو خالي هٿين
نه موٽندو هو. مهاراجا شڌوڌن ٻه شاديون ڪيون
هيون پر ڪنهن مان به اولاد ڪو نه ٿيس. مهامايا
مٿان اچي 44 ورهين جي ٿي ته به ڪو ٻار ڪو نه
ٿيس انهيءَ ڪري راڻي ۽ راجا ڏاڍا دکي گذاريندا
هئا. مهامايا ته ڳڻتين ۾ ڳري ڪنڊا ٿي ويئي.
راجا ۽ راڻي اولاد هئڻ جي ڪا به اُميد نه ساري
پرلوڪ جي تياري ڪرڻ لڳا، ڪپل وستو شهر ۾
دکشاين پرڀ جو ڏينهن اچي پهتو ۽ ساڪيه لوڪ
پنهنجا ڌنڌا ڌاري ڇڏي تيوار ملهائڻ لڳا.
انهيءَ اُتسو تي گلن جا هار ۽ گلدستا هزارن ۽
لکن جي تعداد ۾ هڪ ٻئي کي سوکڙي طور ڏنا
ويندا هئا. گهرن ۾ گلن سان سيجون ۽ کٽون
سينگاريون وينديون هيون. ٻار ٻچا، مرد ۽
استريون گلن جا هار پائيندا هئا ۽ سڄو نگر گلن
جي سڳنڌ ۽ هٻڪار سان ڀرجي ويندو هو. اهڙي قومي
پرڀ ۾ ڪو به انسان شامل ٿيڻ کان سواءِ رهي نه
سگهندو هو. راڻي انهيءَ اُتسو ۾ ڇهه ڏينهن
لڳاتار اچي شامل ٿي. ستين ڏينهن صبح جو سوير
اُٿي سنان پاڻي ڪيائين ۽ غريبن کي کارايائين
پيئاريائين ۽ کين دان ڏنائين. انهيءَ کانپوءِ
زريءَ ۽ جواهرن سان ڀريل پوشاڪ پهري راجا جي
آرام خاني ۾ ويئي ۽ اُتي وڃي هڪ سندر ۽ سهڻي
هنڌ تي سمهي پيئي. اُتي هڪ خواب ۾ ڇا ٿي ڏسي
ته چار ديو منهنجي سهڻي کٽ کڻي هاليه جبل جي
چوٽيءَ تي آيا آهن ۽ مون کي هڪ سندر وڻ جي
هيٺان لاهي پاڻ وڃي پري ٿي بيٺا آهن. مون هڪ
تلاوَ جي پاڻيءَ ۾ سنان ڪري پنهنجا پاپ ڌوئي
ڇڏيا آهن ۽ هڪ سهڻي پوشاڪ پائي سرڳي گلن سان
پاڻ کي سينگاريو آهي؛ وڌيڪ ڏٺائين ته شال وڻ
جي ويجهو جبل جي مٿان هڪ سونهري محل ۾ هڪ
سورڳي کٽ تي وڃي ستي آهيان. ايتري ۾ هڪ هاٿي
پنهنجي سفيد سونڊ ۾ هڪ اڇو ڪنول جو گل کڻي اچي
محل ۾ پهتو آهي. هاٿيءَ ٽي دفعا مٿو ٽيڪي
منهنجو ڏائو پاسو چيري اندر گهڙي ويو آهي.
بس اتي مهامايا جي اک کلي پيئي. مهامايا
انهيءَ خواب جو ذڪر راجا سان ڪيو. راجا انهيءَ
خواب جي مطلب سمجهڻ لاءِ چوهٺ جوتشي براهمڻن
کي گهرايو. انهن سڀني جو احوال ٻڌي چيو ته
”مهراج، اوهين ڪو به فڪر نه ڪريو. راڻيءَ کي
اُميدواري ٿي آهي ۽ اوهان کي پٽ ٿيندو.
انهيءَ ڪڪي جي راجائي ڪمائي ته سڄيءَ دنيا تي
راڄ ڪندو ۽ جي دنيا کان پري رهيو ته سڄي دنيا
جا پاپ ناس ڪندو.“
پنجيتاليهن ورهين جي عمر ۾ مهامايا کي پيٽ ٿيو
۽ هوءَ ڏينهون ڏينهن وڌيڪ سهڻي ٿيڻ لڳي. نو
مهينا هن رڳو خوشيءَ ۾ گذاريا پر انهيءَ عرصي
۾ هن جي من ۾ هميشه پوتر خيال واسو ڪندا رهيا.
جڏهن ڏينهن پڪا ٿيا ۽ ڏهون مهينو آيو ته
مهامايا راجا کي چيو ته ”منهنجي مرضي آهي ته
آءٌ پنهنجي پيڪي گهر ديو دهه وڃان“ راجا گهڻي
سوچ ويچار کان پوءِ راڻيءَ جي اها ڳالهه مڃي ۽
کيس پيڪي وڃڻ جي موڪل ڏني.
ڪپل وستوءَ کان ديو دهه نگر تائين جيڪو رستو
هو سو ڪيلن ۽ گلن ڦلن جي ڪمانن سان سينگاريو
ويو ۽ راڻي سوني گاڏيءَ ۾ چڙهي پيڪي گهر رواني
ٿي. رستي تي لنبيءَ نالي باغ جي من موهڻي صورت
ڏسي موهجي پيئي. ڦلن ڦولن سان ڀريل وڻن جي
سونهن، ڀنورن جي ڀون ڀون ۽ پکين جي لاتين سندس
دل ۾ عجيب ڪشش پيدا ڪئي ۽ راڻي انهيءَ آرام
باغ ۾ لهي پيئي. گهمندي ڦرندي اچي شال وڻن جي
جهڳٽي وٽ پهتي ۽ جڏهن هن شال وڻن جي نون ۽
تازن پنن ڇنڻ لاءِ پنهنجا هٿ ڊگهيڙيا ته اچي
کيس سور ٿيا ۽ بيٺيئي پٽ ڄڻيائين.
عيسوي سن کان اٽڪل 557 ورهيه اڳي بسنت
پورنماسيءَ (ويسا که جي پورنماسي) ڏينهن شال
وڻ جي هيٺان ٻڌ ديو هن دنيا ۾ پيدا
ٿيو.
شهزادي جي جنم
جي خوشخبريءَ تي ڪپل وستو ۽ ديو دهه نگر جا
ماڻهو خوشيءَ ۾ نه پيا ماپن! سڀني جي ڊوڙ هئي
آرام باغ ڏانهن. مهامايا کي ڪپل وستوءَ جي محل
۾ آندو ويو. اتي باجن جي مٺي ۽ سريلي آواز ۽
زالن جي گاني شهر کي مٿي کڻي ڏنو. محلات ۾
رهندڙن ٻالڪ جي وڏي جيون لاءِ پرٿنائون ڪيون ۽
گهڻيئي سکائون سکيون.
انهيءَ خوشيءَ جي سج کي اُڀري اٺ ڏينهن مس
گذريا هئا ته مهامايا هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.
جا مهامايا پنهنجي پتيءَ جي نئڻن جو نور هئي،
جا گهر جي لڪشمي هئي ۽ مٽن مائٽن ۽ نوڪرن
چاڪرن کي خوش رکڻ واري هئي سا هن خوشيءَ جي
وقت هيءَ دنيا ڇڏي پرلوڪ راهي ٿي. سڄي راڄ ۾
ماتم مچي ويو ۽ هر هڪ جي واتان سندس ساراهه جا
گيت پي نڪتا.
باب ٻيون
راجا شڌو ڌن پٽ جو منهن ڏسي پيو ڏکيا ڏينهن
ڪاٽيندو هو. راجا جي ٻيءَ زال گومتيءَ ٻار جي
پالڻ جو بار ڏاڍيءَ خوشيءَ سان پاڻ تي کنيو.
ٻالڪ ڏينهون ڏينهن نئين چنڊ وانگر ويو وڌندو
تان جو ڇٺيءَ (نالي رکڻ جو ڏينهن جو هندستان
جي ٻين ڀاڱن ۾ جنم کان گهڻا ڏينهن پوءِ ٿيندو
آهي) جو ڏينهن به اچي پهتو.
شڌو ڌن خيال ڪيو ته جنهن پٽ جي ڄمڻ ڪري منهنجي
دل جا مطلب پورا ٿيا آهن تنهنجو نالو به اهڙو
ئي رکجي. انهيءَ ڪري ٻالڪ جو نالو سڌارٿ (يعني
اهو جو ارٿ سڌ ڪري يا مرادون پوريون ڪري)
رکيو. ٻالڪ جي ڇٺي ڏاڍي ڌام ڌوم سان ملهائي
ويئي. انهيءَ شڀ ڪارج تي ايترو دان ڪيو ويو جو
چون ٿا ته ڪپل وستوءَ ۾ انهيءَ ڏينهن کانپوءِ
ڪو به غريب نه رهيو. ڇٺيءَ تي رام، ڌوج،
لڪشمڻ، منترن، ڪونڊانيه، ڀوڄ، مسودام ۽ سورت
نالي اٺ جوتشي گهرايا ويا. انهن مان ستن ڄڻن
ٻه آڱريون مٿي کڻي اها اڳڪٿي ڪئي ته جنهنجي
بدن تي هن ٻالڪ جهڙيون نشانيون هونديون آهن
سو جي دنيا ۾ رهندو ته راجائن جو راجا ٿيندو ۽
جي تياڳي ٿيندو ته ٻڌ ٿيندو. انهن اٺن ۾
ڪونڊانيه جو سڀني کان ننڍو هوتنهن هڪ آڱر مٿي
ڪري چيو ته ”هيءُ ٻالڪ ڪڏهن به گهر ۾ نه
رهندو. آءٌ پڪ سان اها اڳڪٿي ٿو ڪريان ته هيءُ
ٻڌ ٿيندو ۽ دنيا جا گناهه ۽ پاپ دور ڪندو.“
انهيءَ تي راجا جوتشين کان پڇيو ته ” منهنجو
ڪڪو ڇا ڏسي تياڳي ٿيندو.“ جوتشين جواب ڏنو ته
”ٻالڪ هڪ ڪمزور ٻڍو انسان، هڪ بيمار، هڪ مڙدو
۽ هڪ سنياسي ڏسي تياڳي ٿيندو.“ انهيءَ تي
راجا چيو ته ”اڄ کان ئي وٺي آءٌ انهن چئن
نظارن مان ڪو به نظارو هنجي اڳيان آڻڻ نه
ڏيندس. هنجي ٻڌ ٿيڻ مان اسان کي ڪهڙو فائدو؟
منهنجي ته چاهنا آهي ته منهنجو ڪڪو سڄي جهان
جو راجا ٿئي.“ انهيءَ ڪري راجا شهر جي چئني
پاسن کان هڪ ڪوهه تائين چوڪيدار بيهاري ڇڏيا ۽
انهن کي تاڪيد ڪري ڇڏيو ته انهن چئن قسم جي
ماڻهن کي شهر ۾ بلڪل اچڻ نه ڏيو.
اڙي مورکه شڌو ڌن! ايشور جنهن انسان کي ڪنهن
خاص ڪم لاءِ موڪليندو آهي، اُنهيءَ کي دنيا ۾
ٻڌي رکڻ انسان جي شڪتيءَ کان ٻاهر آهي.
باب ٽيون
هڪ ڏينهن شهر ۾ هرن ڏيڻ جو جشن هو. سڄي شهر ۾
خوشيون منايون ويئون . سڀ نگر واسي نوان ڪپڙا
پائي، گلن جا هار ڳچيءَ ۾ وجهي اچي محلات ۾
ڪٺا ٿيا، راجا کي ڏهه هزار هر هئا. انهن مان
هڪ سو ست هر چانديءَ جي زيورن سان سينگاريا
ويا. هڪ هر، ڍڳن کي قابو رکڻ وارو رسو ۽ چهبوڪ
سون سان مڙهيا ويا. انهيءَ موقعي تي راجا به
پٽ کي پاڻ سان وٺي آيو. اُتي هڪ وڏو ڄمن جو وڻ
هو جنهن جي ڇانو جي هيٺان ٻالڪ جو هنڌ وڇايو
ويو. اُتي ٻالڪ کي سمهاري ڪيتريون داسيون سندس
سنڀال لاءِ ڇڏي، راجا ٻين سان گڏ هر ڏيڻ ۾ وڃي
شامل ٿيو.
ڪجهه وقت کان پوءِ داسين ڏٺو ته ڪمار چپ چاپ
اکيون بند ڪري ويٺو آهي. هنن اها ڳالهه وڃي
راجا سان ڪئي. راجا پنهنجي پٽ کي جبل وانگر
اٽل ۽ تلاوَ وانگر چپ چاپ ڏسي اچرج ۾ پيو.
انهيءَ مهل راجڪمار جي اکين ۾ ڇا نه پريم ۽
تجلو هو ۽ ڇا نه سونهن ۽ سوڀيا هئي؟ هنجي
منهن جي مڻيا ۽ جوتي ڏسي سڀيئي اشچرج ۾ پئجي
ويا. سڀ ماڻهو هر ڇڏي هنجي منهن جو تيج ڏسڻ
آيا. ڪمارڌيان پورو ڪري چيو ته ”هي پتا!
کيتيءَ جي ڪم ۾ گهڻيئي ساهوارا ناس ٿين ٿا
تنهنڪري اوهين اهڙي ڪم ڪرڻ کان اڳتي باز رهي
ڪنارو ڪريو.“