سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب:گوتم ٻڌ

 باب--

صفحو :7

باب ويهون

 

جڏهن ٻڌ ديو اناٿ پاندي جي جيت بن باغ ۾ رهندو هو تڏهن هڪ ڏينهن هڪڙو براهمڻ وٽس آيو ۽ اچي کانئس ڪيترا سوال پڇيائين جن مان ڪي سوال جوابن سوڌا هت ڏجن ٿا.

برهمڻ پڇيو ته ”سڀ کان وڌيڪ تيز ترار ڪهڙي آهي؟ سڀني کان وڌيڪ خوفناڪ ڪهڙو زهر آهي؟ سڀ کان وڌيڪ اُلن واري باهه ڪهڙي آهي؟ سڀ کان ڪاري اونداهي ڪهڙي آهي؟

ٻڌ ديو جواب ڏنو ته” هڪ شبد جو تمام گهڻي غصي ۾ چئجي سوسڀ کان تکي ترار آهي، لالچه سڀ کان وڌيڪ خوفناڪ زهر آهي، اندرين خواهش سڀ کان وڌيڪ تيز باهه آهي ۽ اگيان يا جهالت سڀ کان وڌيڪ اونداهي رات آهي.“

برهمڻ وري پڇيو ته ”سڀ کان وڌيڪ فائدو ڪهڙي انسان کي ٿو پهچي؟سڀ کان وڌيڪ ڪنهن کي نقصان ٿو سهڻو پوي؟ سڀ کان ڪهڙو اوزار وڌيڪ ڪمائتو آهي؟

ٻڌ ديو جواب ڏنو ته” انهيءَ انسان کي فائدو ٿو رسي جو ٻين کي ڏي ٿو،  سڀ کان وڌيڪ نقصان سهڻ وارو اهو انسان آهي جو ٻين کي فائدي پهچائڻ کانسواءِ کانئن پاڻ ڪجهه وٺي ٿو ۽ آتمڪ گياني  ئي سڀني کان وڌيڪ ڪارائتو هٿيار آهي.“

برهمڻ وري پڇيو ته ”سڀ کان وڌيڪ خوفناڪ چور ڪير آهي؟ سڀ کان قيمتي خزانو ڪهڙو آهي؟ سڀ کان وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ درد ڇا  جو آهي؟“ٻڌ ديو جواب ڏنو ته ”خراب خيال سڀ کان وڌيڪ خوفناڪ چور آهي، نيڪي سڀ کان زيادهه قيمتي خزانو آهي ۽ اپوتر وويڪ سڀني کان عذاب ۽ درد ڏيندڙ آهي.“

برهمڻ انهي تي وري پڇيس ته” هن سنسار ۾ ڪهڙي پدارٿ جي ڪري بربادي ٿيندي آهي؟ دوستي ڪهڙي ڪارڻ ڪري ٽٽندي آهي؟

 سڀ کان سخت بيمار ڪهڙو آهي ۽ سڀني کان سٺو حڪيم ڪير آهي؟“

ٻڌ ديو جواب ڏنو ” اگيان سڀني کان وڌيڪ بربادي جو ڪارڻ آهي؛ حسد ۽ خود غرضي دوستي ٽوڙين ٿا، ڌڪار سڀکان تيز ۽ سخت بخار آهي ۽ ٻڌ سڀکان سٺو حڪيم آهي.“ اهي جواب ٻڌي برهمڻ چيو ته ”منهنجيءَ دل ۾ اڃا هڪ شنڪا آهي اها به دور ڪريو. مهرباني ڪري ٻڌايو ته اها ڪهڙي وستو آهي جنهنکي نه باهه جلائي سگهي، نه هوا ڪيرائي سگهي، نه پاڻي برباد ڪري سگهي، بلڪه اها ساري سنسار کي سڌاري سگهي ٿي.“

ٻڌ ديو جواب ڏنو ” ڌرم ۽ نيڪ ڪمن جي برڪت کي نه باهه، نه پاڻي ۽ نه هوا برباد ڪري سگهن ٿا. اهي سڄي دنيا کي سڌاري سگهن ٿا.“

براهمڻ ٻڌ ديو جا اهي جواب ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کانئس عزت سان موڪلائي ويو.

باب ايڪويهون

اهڙي دلڪش ۽ سندر سمي کي ڏسي هڪ ڏينهن ڪال اُدائن ٻڌ ديو کي چيو ته”مهاراج! ٻاهر سير لاءِ نڪرڻ جي هيءَ موسوم آهي. شاسترن ۾ چيل آهي ته بسنت جي موسوم ۾ جدا جدا هنڌن جو سير ڪرڻ صحت لاءِ فائديوارو آهي. هلو ته ڪجهه لاءِ سڀ گڏجي سير لاءِ هلون. اوهانجي پتا جي هن وقت برڌ اوستا آهي ۽ هنجي اوهانکي ڏسڻ جي ڏاڍي دل آهي. هو چاهي ٿو ته مرڻ کان اڳي اوهانجو درشن ڪري پنهنجي تتل هردي کي ٺاري پوءِ مران.“

ٻڌ ديو کي ڪال اُداتن جي اها ڳالهه پسند آئي ۽ پنهنجي پتا جي درشن لاءِ پنهنجن ششن سان گڏجي ڪپل وستوءَ ڏانهن راونو ٿيو ۽ واٽ تي مل ملڪ ۾ ڪجهه وقت رهيو.اتي جي راجائن به ٻڌ ڌرم قبول ڪيو. راڄ درٻار ۾ اوپالي نالي هڪ نائي هو جو راجائن ۽ شهزادن جو حجامتون لاهيندو هو تنهن به ٻڌ ڌرم انگيڪار ڪيو.

ٻڌ ديو ٻن مهينن ۾ راجگرهه مان ڪپل وستوءَ پهتو. پنهنجي ڌرم جي نيمن انوسار هو وڃي نيگرودهه جهنگل ۾ رهيو. اهو جهنگل ڪپل وستوءَ کي بلڪل ويجهو هو. ٻڌ ديو جي اچڻ جي خبر ٻڌي شهر جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون قطار ٺاهي شهر کان ٻاهر آيا ۽ گلن جي هارن سان هنجي آجيان ڪيائون. هنن جي پٺيان نوجوان ۽ ٻڍا به هئا. نيگرودهه جهنگل ۾ حشام ماڻهن جا اچي ڪٺا ٿيا.

راجا شڌودن ۽ سندس ڀائر ۽ ٻيا انيڪ مٽ مائٽ ٻڌ ديو کي اتي گڏجڻ آيا. سج لهڻ وقت سڀ موٽي پنهنجن گهرن ڏانهن روانا ٿيا باقي سنياسين جي ٽولي سڄي رات جهنگل جهنگ ۾ رهي.

ٻي ڏينهن ٻڌ ديو هٿ ۾ ڪرمنڊل کڻي شهر جي اندر گهڙيو. هن اهو فيصلو ڪيو ته ڌرم جي نيمن موجب سڌو راڄ محل ۾ نه ويندس پر گهر گهر مان بکيا پنندو پوءِ اتي ويندس. انهي ڪري هن در در تي بکيا پنڻ شروع ڪئي. شهر جا ماڻهو شهزادي کي فقيراڻي ويس ۾ ڏسي زار زار روئڻ لڳا. جڏهن استرين ڏنو ته هيءُ راجائي ٻار گهر ۾ ڌن دولت ۽ سکن جي سامان موجود هوندي به هٿ ۾ ڪرمنڊل کنيو بکيا پني رهيو آهي تڏهن هو  به اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيون. جو انسان سوني جي سواريءَ کان سواءِ ڪٿي به ٻاهر نه نڪرندو هو. جنهنجو سڄو بدن موتين ۽ جواهرن سان سينگاريل هوندو هو، 36 قسمن جي ڀوڄنن کان سواءِ جنهنجو کانو پورو نه سمجهيو ويندو هو، اڄ اهو ساڳيو انسان هٿ ۾ ڪرمنڊل کنيو پنهنجي پيءُ جي  راڄڌانيءَ ۾ بکشا پنڻ لاءِ نڪتو آهي. ٻڌايو ته اهو نظارو ڪنهن جي دل برداشت ڪري سگهندي؟ پوتر گوپا! تنهنجي پوتر مکري تي ڳوڙهن جي ڌارا وهندي ڏسي اسان جي دل به روئڻ کان سواءِ رهي نٿي سگهي.

گوپا پنهنجيءَ دل کي روڪي، راجا کي پنهنجي پتيءَ جي خبر موڪلي. هو هڪدم محل مان ٻاهر آيو ۽ پنهنجي سڪيلڌي پٽ کي فقيراڻي ويس ۾ ڏسي  زار زار روئڻ لڳو. خيال ڪيائين ته هن کي بکيا پنڻ کان روڪيان پر گهڻي دکه هئڻ ڪري هن جي وات مان حرف نڪتا ئي نٿي. گهڻي تڪليف ۽ مشڪلات کان پوءِ پاڻ روڪي پٽ کي چوڻ لڳو ته ” ڇو هن بکئي پيٽ ڪاتر، دربدر بکيا پنندو مون کي بيعزتو  ٿو ڪرين؟ ڇا آءٌ تنهنجي بڪشن کي کاڌو نٿو کارائي سگهان؟“

ٻڌ ديو جواب ڏنو ته ”مهراج! بکيا مڱڻ اسان جي ڪل جو رواج آهي.“ راجا وراڻي ڏني ته ”اسين سڀ راجائي ڪل جا ٻار آهيون. اسان جي ڪل ۾ ڪڏهن به ڪنهن پيٽ پارڻ لاءِ بکيا نه پني“.

انهيءَ تي ٻڌ چيو ته ”اوهين ۽ اوهانجو ڪٽنب راجا ئي ڪل جو ٿي سگهي ٿو ۽ پر آءٌ ته پراچين ٻڌن جي ڪل جو اولاد آهيان ۽ اهي ته بکيا پني پنهنجو گذران  ڪندا هئا. هي پتا! جيڪڏهن ڪنهن پٽ کي ڳجهو خزانو هٿ اچي وڃي ته هنجو فرض آهي ته هو اهو خزانو کڻي اچي پنهنجي پتا جي اڳيان ڀيٽا رکي. اوهين دنيوي پريم جي ننڊ مان اُٿو، دير نه ڪريو، پوتر جيوت پراپت ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪريو. جو انسان ڌرم حاصل ڪري ٿو سو هن دنيا ۽ ٻيءَ دنيا ۾ آنند پائي ٿو. اوهين به آتمڪ خزانو هٿ ڪريو ۽ وڌيڪ دنيا جي مزن ماڻڻ ۾ وقت نه وڃايو. جي انسان ست تي هلن ٿا سي هميشه خوش رهن ٿا.“

راجا پٽ جو اُپديش ٻڌي سن ۾ رهيو. هن پٽ جو ڪرمنڊل کانئس ورتو ۽ کيس اندر راڄ محل ۾ وٺي ويو.

باب ٻاويهون

ٻڌ جا سڀ مٽ مائٽ، نوڪر ۽ نوڪراڻيون ٻڌ جي آدر ستڪار ڪرڻ لاءِ  اچي ڪٺا ٿيا هئا. گهر جا سڀ ڀاتي  اچي گڏ ٿيا هئا پر گوپا اتي ڏسڻ ۾ ئي ڪا نه ٿي آئي.

گوپا خيال ڪيو ته جيڪڏهن هن کي مون لاءِ ڪجهه به پريم هوندو ته هو ضرور مون وٽ ايندو ۽ پوءِ مان  دل کولي سڀ حال هن سان اورينديس، انهي ڪري هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ ئي ويهي رهي ۽ ٻاهر ڪانه آئي. ٻڌ چوگرد نهاريو ۽ جڏهن ڏٺائين ته گوپا ڪانهي تڏهن پنهنجن ٻن ششن ساري پتر ۽ مودگيان سان گڏجي گوپا وٽ ويو. ٻڌ اندر وڃڻ وقت پنهنجن ششن کي چيو ته ”جيڪڏهن ڪا به استري مون کي ڇهڻ جي ڪوشش ڪري ته اوهين هنکي نه روڪجو.“


 

جڏهن ٻڌ ديو گوپا وٽ آيو تڏهن گوپا کي همٿ نه ٿي جو هڪ لفظ به ڪڇي. هوءَ زار زار روئڻ لڳي ۽ دل کي جهلي نه سگهي. گهڻيئي ڪوشش ڪيائين ته ڪي اکر پنهنجي پتيءَ کي چوان پر زبان مان ڪو به شبد نه اڪليس. هوءَ پنهنجي سواميءَ جي پيرن تي ڪري پيئي ۽ زار زار روئڻ لڳي. انهن پيرن کي هن ورهين کان پوءِ هٿ لاٿو هو تنهن ڪري هنجي اندران دکه جو هڪ سمنڊ اُٿڻ لڳو. هوءَ انهن پاڪ پدمن کي جهلي پٽ ۾ پئجي رهي ۽ روئي روئي اکيون سڄائي ڇڏيائين.

گوپا نيٺ خيال ڪيو ته جيڪڏهن مان ساري عمر انهيءَ نموني رودن ڪنديس ته به منهنجو سوامي منهنجو نه ٿيندو. روئي روئي نيٺ اُٿي هڪ پاسي ٿي بيٺي. انهيءَ تي شڌو ڌن پنهنجي پٽ کي چيو ته ”جنهن وقت کان وٺي تون گهر ڇڏي ويو آهين، تنهن وقت کان تنهنجي استري نوجوانيءَ جي عمر ۾ سخت برهم چريه ورت پالن ڪري ڏينهن ڪاٽي رهي آهي.  کائڻ پيئڻ کان سواءِ، خبر نه آهي ته هن ڪيئن پنهنجي جان بچائي رکي آهي. پتيءَ جي جيئري هوءَ ڏهاڳه جا ڏکه ڏسي رهي آهي. هن جا دکه ڏسي جيڪر پٿر دل به هڪ دفع ڳري وڃي. راڄ راڻي ٿي ڪري به هن جهڙا ڏکه ڏٺا آهن تهڙا ڪنهن ٻيءَ استريءَ ورلي ڏٺا هوندا. گهڻن شخصن هن کي سمجهايو آهي پر هن اهو پرن ڪيو آهي ته ساري عمر برهم چريه جو ورت پالن ڪنديس ۽ فقيراڻي لباس ۾ رهي جهڙو تهڙو ٽڪر کائي جيوت جا باقي ڏينهن ڪاٽينديس“.

ٻڌ ديو اها ڳالهه ٻڌي ٿورو وقت خيال ۾ پئجي ويو. دل ۾ چوڻ لڳو ته جا گوپا مونکي پنهنجي جان کان به وڌيڪ پياري هئي، جنهن گوپا مونکي پنهنجو سهارو ۽ حياتيءَ جو ساٿي سمجهي پنهنجو سڀ ڪجهه مون کي ارپن ڪيو هو، انهيءَ بي گناهه گوپا کي مون هن دنيا ۾ نااُميديءَ جي اٿاهه سمنڊ ۾ پوري ڇڏيو آهي. آءٌ پنهنجيءَ  بي قصور استريءَ جي راهه ۾ ڪنڊو آهيان انهيءَ ويچار کان پوءِ ٻڌ ديو پنهنجي استريءَ کي اٿاري سچي سکه هٿ ڪرڻ لاءِ اپديش ڏنو. هنجي امبرت ڪٿا ٻڌي، گوپا جي دکي دل کي ٿورو آرام مليو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org