سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب:گوتم ٻڌ

 باب--

صفحو :3

باب چوٿون

هڪ ڏينهن ڪمار برسات جي موسوم ۾ ٻين ٻارن سان باغ ۾ پي گهميو ته ڇا ڏسي ته ٻه چار هنس پکي گڏ پي جبلن پاسي ويا. راجڪمار جو سوٽ ديودت هٿ ۾ تير ڪمان کنيو بيٺو هو ۽ هن تير هڻي هڪ هنس کي زخمي ڪري ڇڏيو. ويچارو هنس اچي پٽ تي ڪريو. راجڪمار پکيءَ جو دکه ڏسي هنکي گود ۾ کنيو ۽ تير ڪڍي ڦٽيل هنڌ ملم لڳايو.پاڻ ته راجا جو ٻار هو تنهن ڪري ڪڏهن به دکه نه ڏٺو هئائين. انهيءَ ڪري اهو سمجهڻ لاءِ ته هنس کي ڪيتري تڪليف ٿي هوندي هن ڇا ڪيو جو تير کڻي پنهنجي ٻانهن ڦٽي وڌائين جنهنڪري کيس سڄي بدن ۾ اچي سور پيو. انهيءَ ڪري پکيءَ جي درد محسوس ڪري هو زار زار روئڻ لڳو. راجڪمار جي ڪوششن سان هنس بچي ويو. ديودت راجڪمار کان هنس گهرڻ لڳو. راجڪمار چيس ته ”جيڪڏهن هي پکي مري وڃي ها ته برابر تنهنجو هن تي حق ٿئي ها پر جنهن حالت ۾ هو جيئرو آهي تنهنڪري سندس شڪاريءَ کي مٿس ڪو به حق ڪونهي“ ديودت چيو ته ”پکي مري وڃا يا جيئرو رهي ته به منهنجو آهي ڇاڪاڻ ته مون هنکي زمين تي ڪيرايو آهي هاڻي منهنجي ملڪيت آهي.“ راجڪمار ڏاڍي پيار وچان هنس کي ڇاتيءَ سان لائي چيو ته ”هيءُ پکي منهنجو آهي. جيڪڏهن توکي منهنجي ڳالهه قبول نه  آهي ته تون ڀلي انهيءَ سوال جو نبيرو چئن چڱن کان ڪراءِ.“ اهو سوال چئن چڱن  جي اڳيان پيش ڪيو ويو جن گهڻي بحث مباحثي کان پوءِ فيصلو ڪيو ته مارڻ واري  کان بچائڻ واري جو وڌيڪ حق آهي ۽ جنهن صورت ۾ هن هنس جي جان راجڪمار بچائي آهي تنهن ڪري اهو هنس سڌارٿ  جو آهي. انهيءَ فيصلي تي راجڪمار ڏاڍو خوش ٿيو.

 

باب پنجون

راجڪمار هينئر وڌي وڏو ٿيو هو. سندس ڦوهه جواني هئي ۽ تنهن هوندي به دنيا جا سکه هنکي خوش  نٿي رکي سگهيا. دنيا جي عيش عشرت ۾ رهندي به هو دنيوي لذتن کان پري هو. سندس هن وقت اهڙي حالت هئي جو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڌيان ۾ محو ٿي ويندو هو.

پٽ جي اهڙي حالت ڏسي راجا کي اچي ڏاڍو فڪر لڳو. هڪ ڏينهن سوچ ڪري رهيو هو ته سڌارٿ جي دل ڪيئن دنيوي شين سان لڳايان. انهيءَ مهل ساڪيه خاندان جا ڪي ماڻهو وٽس  آيا ۽ چوڻ لڳا ته ”مهراج! راجڪمار  دنيا جي وستن کان پيو ڀڄي ۽ ٽهي. جيڪڏهن اوهين  هنکي گرهست جي زنجيرن ۾ جڪڙي ٻڌي قابو نه ڪندا ته هو دنيا ۾ گهڻو وقت رهي نه سگهندو؛ هو وڃي سنياسي ٿيندو. هنکي سنسار جي موه ۾ ڦاسائڻ لاءِ وواهه کان سواءِ اسانکي ٻيو ڪو به اُپاءُ نظر نٿو اچي“. راجا اها ڳالهه  قبول ڪئي ڇاڪاڻ ته هن به سمجهو ته  وواهه جو نالو ٻي هر ڪنهن ناتي کان  وڌيڪ مضبوط آهي. شاديءَ جوئي هٿيالو راجڪمار کي سنسار ۾ قابو ڪري رکندو. راجا انهيءَ ڪري حڪم ڪيو ته راجڪمار لاءِ ڪا سلڇڻي ٻانهن ڳوليو. گهڻن وڏن ماڻهن راجڪمار کي پنهنجون ڪنيائون آڇيون. ڪجهه عرصي کانپوءِ خبر پيئي ته راجڪمار جو پريم ڊنڊياڻيءَ جي ڪنيا سان ٿيو آهي. اها خبر راجا جي ڪنن تائين به پهتي جنهن ڊنڊياڻيءَ  کان براهمڻ جي معرفت پنهنجي پٽ لاءِ سندس ڪنيا جي گهر ڪئي. ڊنڊياڻي جواب ڏياري موڪليو ته   ” ساڪيه خاندان بهادريءَ جو قدر ڪندو آهي. جيڪڏهن راجڪمار پنهنجيءَ بهادريءَ جي ثابتي ڏيندو ته آءٌ خوشيءَ سان پنهنجي ڪنيا راجڪمار سان پرڻائيندس؛ باقي اوهان جي  مايا ڏسي فقط انهيءَ تي موهت ٿيڻ وارو نه آهيان.“ راجڪمار انهيءَ تي گهڻن ودوانن جي اڳيان انيڪ ورزشن، تير چٽڻ، گهوڙي سواري، رٿ(گاڏي) هلائڻ ۽ گهڻني قسمن جي وديائن جي پريکشيا ڏني ۽ ڊنڊياڻيءَ خوشيءَ سان پنهنجي ڪنيا سڌارٿ کي ڏيڻي ڪئي.

19 ورهين جي عمر ۾ ڊنڊياڻيءَ جي ڪنيا يشوڌارا (جا عام طرح گوپا جي نالي سان مشهور آهي) جو سڌارٿ سان وواهه ٿيو. راجا شڌو ڌن راجڪمار لاءِ ڪيترا خوشي ۽ آنند ڏيندڙ پدارٿ موجود ڪري رکيا. سڌارٿ ۽ گوپا جو وواهه سون ۽ هيري جو ميلاپ هو. گوپا پتورت استري هئي ۽ هميشه پاڇي وانگر پنهنجي پتيءَ جي پٺيان پيئي ڦرندي هئي. سڌارٿ کي به جو اهڙو  رتن مليو سو خوشيءَ ۾ نه پيو ماپي. جيئن گلن تي ماڪ جا ٻه ڦڙا هڪ ٿي ويندا آهن تيئن هيءُ ٻه دليون هڪ ٿيون. ٻنهي کي اها ئي هڪ آس هئي ته اسين هرگز هڪ ٻئي کان جدا نه ٿينداسون پر وڌاتا ويٺي کليو. رنگيءَ جا رنگه نيارا آهن.

باب ڇهون

هڪ ڏينهن سانجهن جو سڌارٿ ڪيترن ساٿين سان گڏجي شهر جي اُڀرندي واري دروازي کان آرام باغ ڏانهن پئي ويو ته واٽ تي هن هڪ ٻڍو ڏٺو. انهيءَ تي گاڏيوان کان پڇيائين ته ” هي گاڏيوان، هيُ ڪمزور انسان ڪير آهي؟ هنجو ماس کاڄي ويو آهي، سندس سڀ رڳون ۽ ڪنڊا پيا ڏسڻ ۾ اچن، وار به سڀ اَڇا ٿي ويا اٿس، ڏند به ڪو نه اٿس ۽ لٺ تي پيو هلي. مون کي جلد ٻڌاءِ ته هيُ انسان جو پورو پنڌ به نٿو ڪري سگهي سو ڪير آهي؟“

گاڏيوان وراڻي ڏني ته ” هي راجڪمار! هيُ شخص ٻڍاپڻ ڪري ڪمزور ۽ نڪمو  ٿي ويو آهي تنهن ڪري سندس مٽن مائٽن کيس ڪڍي ڇڏيو آهي“.

ڪمار کي اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍو دکه ٿيو. گاڏي واري کان پڇيائين ته ”فقط هي شخص ٻڍو ٿيو آهي يا سڄي دنيا جي اها حالت آهي؟“

گاڏيوان جواب ڏنو ته ”هي راجڪمار! سڄي دنيا ۾ جيڪي ساهوارا آهن سي جي گهڻو وقت سنسار ۾ رهندا ته نيٺ ضرور ٻڍا ٿيندا. اوهين  ۽ اوهانجا مٽ مائٽ سڀ ٻڍا ٿيندا ۽ نيٺ سڀني جي اهڙي حالت ٿيندي“.

اهو ٻڌي ڪمار چيو ” ماڻهن جي مورکتائيءَ تي مون کي ارمان ٿو ٿئي. افسوس! هو ڪهڙا نه مورکه چئبا جو جوان جي نشي ۾ پنهنجي آخرين حالت جو ڪو به خيال نٿا ڪن.” گاڏيوان! گاڏيءَ کي بهار. جو شخص نيٺ ٻڍو ٿيندو تنهنجو کيلن ڪوڏن سان ڪهڙو مطلب؟“ ائين چئي راجڪمار گهر موٽيو ۽ فڪر ۾ پئجي ويو. شڌوڌن کي جڏهن خبر پيئي تڏهين کيس ڏاڍو دکه ٿيو. حڪم ڪيائين ته راجڪمار کي وندراڻ لاءِ سريلي آواز واريون ڳائڻ ۽ نچڻ واريون استريون مقرر ڪيون وڃن ڇاڪاڻ جو سمجهائين ته جيڪڏهن راجڪمار دنيوي خوشين جي لهرن ۾ ٽٻيون هڻندو ته کيس ٻڍاپڻ جا خيال لهي ويندا.

هڪ ڏينهن ڪمار شهر جي ڏاکڻي دروازي کان آرام باغ ڏانهن وڃي رهيو هو ته رستي ۾ هڪ انسان ڏٺائين. گاڏيوان کان دريافت ڪيائين ته ”هي بدصورت، زرد رنگه ۽ ڊگهن ساهن کڻڻ وارو جنهنجو سڄو بدن سڪي ويو آهي سو ڪير آهي“ گاڏيوان جواب ڏنو ته ”هيُ شخص بيماريءَ ۾ ورتل آهي تنهنڪري ڏاڍو ڳري ويو آهي ۽ هو ڪنهن به حالت ۾ بچي نه سگهندو. هن وقت هنکي ڪو به پڇڻ وارو ڪونهي“.

انهيءَ تي ڪمار چيو ته تندرستيءَ جي حالت خواب مثل بيجٽاءُ آهي. بيماري انسان جي ڪهڙي نه هيبت ناڪ صورت ٿي بنائي ڇڏي! ڪو به سياڻو انسان اهڙي حالت ڏسي پنهنجو قيمتي وقت کيلن تماشن ۾ نه وڃائيندو.

ڪمار آرم باغ ۾ نه ويو ۽ بي قراريءَ ڪري رستي تائين موٽي آيو. راجا کي جڏهن اِها خبر ملي تڏهن هو ڏاڍو غمگين ۽ اُداس ٿيو.

هڪ ڏينهن راجڪمار شهر جي اُڀرندي واري دروازي کان باغ ڏانهن وڃي رهيو هو ته ڏٺائين ته ڪي ماڻهو ڪاٺيءَ تي ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪپڙي سان  ڍڪيل لاش کنيو پيا وڃن ۽ منهن مٿو پيا پٽين. اهو خوفناڪ نظارو ڏسي راجڪمار گاڏيوان کان پڇيو ته ” هي ڇا آهي؟ هي ماڻهو کٽ تي ڪنهن کي ٿا کڻي وڃن؟ هو روئن پٽين ڇو پيا؟“

گاڏيوان جواب ڏنو ته ” هي راجڪمار ! ڪو انسان مري ويو آهي. هيُ شخص ماءُ پيءُ زال ۽ ٻارن کي وري نه گڏجي سگهندو. سنگتين ساٿين ۽ مٽن مائٽن کي ڇڏي هو هميشه واسطي هيءَ دنيا ڇڏي ويو “.

گاڏيوان جي اِها ڳالهه ٻڌي راجڪمار چوڻ لڳو ته ”ٻڍاپڻ ڪري نيٺ ناس ٿيڻ واريءَ جوانيءَ تي لعنت هجي؛ طرح طرح  جي بيمارين جي ڪري خراب هئڻ واريءَ تندرستيءَ تي حيف هجي؛ هيءُ ناسونت جيوت ڪهڙي ڪم جي! افسوس آهي جو عام ماڻهو دنيوي لذتن ۾ ڦاسيو وڃن. جيڪڏهن ٻڍاپڻ، بيماري ۽ موت اسانجا ساٿي آهن، ته پوءِ دنيا جي موجن مان ڪهڙو فائدو؟ گاڏيوان موٽي گهر هل ته آءٌ مڪتيءَ جي مارگه جي تلاش ڪريان“.

هڪ ڏينهن راجڪمار اُتر واري دروازي کان عيش محل ڏي پيو ويو ته هڪ عجيب انسان جي شڪل ڏسي پڇيائين ته ” هي گاڏيوان خبر ڏي هي گيڙو رتا ڪپڙا پائي، هٿ ۾  ڪرمنڊل کنيو آهستي آهستي ڪير پيو اچي. هن جي منهن ۾ ڪيڏي مهما آهي! هو فقط هيٺ زمين ۾ ڇو پيو نهاري؟ سندس شڪل مان نهٺائي پيئي بکي. هيءُ عجيب قسم جو انسان مون پهريون دفعو ڏٺو آهي؛ ٻڌاءِ ته ڪير آهي؟“

انهيءَ تي گاڏيوان جواب ڏنو ته ”هيءُ شخص سنياسي آهي. هن دنيا جي ٽولن کي ترڪ ڪيو آهي. هو حليم آهي ۽ هن فقيري اختيار ڪئي آهي. هو ننڍي وڏي کي پاڻ جهڙو سمجهي ٿو. هو وير ڀاو کان پري آهي ۽ بکيا، پني پنهنجي جيوت گذاري ٿو“.

اها ڳالهه ٻڌي راجڪمار چيو ”اڄ تو مونکي اها ڳالهه ٻڌائي آهي جنهنجي ٻڌڻ لاءِ منهنجي ڏاڍي دل هئي. ودوانن هميشه فقيريءَ جي تعريف  ڪئي آهي. انهيءَ مان پنهنجو ۽ ٻين جو ڀلو ٿيندو آهي، انهيءَ مان حياتي سکي ٿيندي آهي. انهيءَ فقيريءَ مان مٺي امبرت جو ڦل پراپت ٿيندو آهي“.

ڪمار اڄ گهر نه موٽيو. ڪجهه وقت حياتيءَ جي ڳجهارت سمجهڻ لاءِ وڃي ڌيان ۾ ويٺو.

ننڍي هوندي کان وٺي ڪمار کي دنيوي سکه ۽ خوشيون نه وڻنديون  هيون. هو انهن کي ناسونت سمجهندو هو، راڄ محل ۾ رهندي به هو دنيا ۾ سکي نه هو ۽ پنهنجي چوگرد اوندهه ڏسندو هو؛ انهيءَ ڪري هو ڪنهن روشنيءَ هٿ ڪرڻ لاءِ ڏاڍو ماندو هو. انهيءَ بيقراريءَ جي حالت ۾ هن ٻڍاپڻ جو دکه، بيماريءَ جي تڪليف ۽ موت جا نظارا ڏٺا تن ته آقي باقي  دنيا مان کٽو ڪري ڇڏيس. انهيءَ ڪري هو انهيءَ سکه جي تلاش ڪرڻ لڳو جو پائدار هجي  ۽ دنيا جي سکن دکن وانگر ناسونت نه هجي. انهيءَ ڪري خيال ڪيائين ته آءٌ به ڇو نه هن سنت وانگر سنياس اختيار ڪيان ۽ ٻين ماڻهن کي به ائين ڪرڻ لاءِ پرچار ڪريان. مون خيال ڪيو هو ته دنيا ۾ رهي انسان ذات کي نيڪيءَ جو گيان ڏيندس پر هاڻي ڏسان ٿو ته ائين ڪرڻ ناممڪن آهي. پنهنجي حياتيءَ ۽ ٻيو سڀڪجهه قربان ڪرڻ کانسواءِ ملڪ ۾ ڦهليل گناهن کان ماڻهن کي بچائڻ مشڪل آهي. دنيا ۾ رهي سنئين رستي تي هلڻ بيشڪ مشڪل آهي. انهيءَ ڪري سڀ ڪجهه قربان ڪري دنيا ڇڏي سنياسي ٿي انسانن کي سمارگه تي آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org