سيڪشن؛ شخصيات |
ڪتاب:گوتم ٻڌ |
باب-- |
صفحو :8 |
باب ٽيوهيون
ٻڌ ديو هڪ ڏينهن راج محل ۾ کانو کائڻ ويو.
گوپا پنهنجي پٽ راهول کي قيمتي ڪپڙا پهرائي
چيو ته” هي منهنجا ٻچا! تون پنهنجي پتا وٽ وڃ
۽ هن کان پنهنجو ورثو گهر.“ راهول هن وقت ستن
و رهين جو هو ته به هنکي خبر ڪانه هئي ته سندس
پتا ڪير آهي. ماتا کان پڇيائين ته امي منهنجو
پتا ڪير آهي.آءٌ راجا (شڌوڌن ) کان سواءِ ٻي
ڪنهن کي به ڪو نه سڃاڻان. گوپا پٽ کي دريءَ وٽ
وٺي ويئي ۽ آڱر سان اشارو ڪري کيس پنهنجو پتا
ڏيکاريائين ۽ چيائين ته ”هو سامهون جيڪو
نوراني شڪل وارو سنياسي ڏسين ٿو اهو تنهنجو
پتا آهي. هن وٽ قيمتي خزانو آهي. جنهن ڏينهن
کان وٺي هو اسان کي ڇڏي ويو آهي تنهن ڏينهن
کان وٺي اسان وري اهو قيمتي خزانو نه ڏٺو آهي.
تون هن وٽ وڃ ۽ وڃي ورثو ڇڪينس.“
راهول پتا وٽ وڃي پريم ڀريل اکين سان هن
ڏانهن نهاريو ۽ چيو ته ”هي پتا! اوهان کي ڏسي
مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي.“ ٻڌ ديو هن کي ٻڌو
اڻٻڌو ڪري ڇڏيو ۽ نيگرودهه جهنگل ڏانهن روانو
ٿيو. راهول به هنجي پٺيان ويندو رهيو ۽ کانئس
ورثو گهرندو رهيو. ٻڌ سانت ۾ رهيو. جڏهن هو
نيگرودهه جهنگل ۾ پهتو، تڏهن سوچ ڪرڻ لڳو ته
هن فاني دنيا جي دولت دکه جو ڪارڻ آهي جو
خزانو مون کي ٻوڌي وڻ جي هيٺان مليو هو اهو
خزانو ڇو نه هن پٽ کي ڏيان. هن ساري پتر
کي چيو ته هن ٻالڪ کي پنهنجو ساٿي بنايو. اهو
حڪم ٻڌي ٻڌ ديو جي ششن ٻالڪ جي بدن تان سڀ
زيور ۽ سندر وستر لاٿا. جتي به پيرن مان
لاٿائونس ۽ مٿو ڪوڙائي کيس گيڙورتا ڪپڙا
پاريائون.
باب چوويهون
ڪپل وستوءَ کان راڄ گرهه تائين رستي تي
انمانديءَ جي ويجهو انو پريه نالي انبن جي باغ
۾ ٻڌ ديو ڪجهه ڏينهن ڪاٽيا. اهو ساڳيو آستان
هو جتي هن پهريائين سنياسيءَ جا وستر پهريا
هئا ۽ جتان ڇندڪ کي روانو ڪيو هئائين. انهيءَ
مڪان تي هنجا گهڻيئي شش ٿيا، جن مان آنند،
ديودت ۽ ادراني ٻڌ اتهاس ۾ بلڪل
مشهور ٿي گذريا آهن. شيڪلودن، امرتودن، دوتودن
۽ گهني دن راجا شڌوڌن جا چار ڀائر هئا. آنند ۽
ديودن شيڪلودن جا پٽ هئا ۽ ادراني روڌ امر
تودن جو پٽ هو. ٻڌ ديو هن وقت پنهنجي ساهريءَ
آڪهه مان به گهڻيئي شش ڪيا ۽ پوءِ ششن سان
گڏجي هو راج گرهه جي بينو بن ۾ ويو.
باب پنجويهون
آتمڪ گيان پائڻ کان اڳي راج ڪمار راهول جو
چرتر بلڪل خراب رهيو هو. ڪوڙ ڳالهائڻ ته ڪو هن
کان سکي! ٻڌ ديو هن کي چيو ته ”تون مون جو ورت
ڌار ۽ پنهنجي زبان قابو رکه.“ هن کي ڪجهه وقت
لاءِ ٻاهر موڪلي ڇڏيائين. ٽن مهينن کان پوءِ
ٻڌ ديو اتي ويو ۽ راهول هن کي ڏسي ڏاڍو خوش
ٿيو. هڪ ڏينهن ٻڌ ديو راهول کي چيو ته هڪ
برتن ۾ پاڻي کڻي اچي مون کي پير ڌئار. راهول
ائين ڪيو ۽ جڏهن پير ڌئارايائينس. تڏهن ٻڌ ديو
راهول کان پڇيو ته ”ٻڌاءِ ته هيءُ پاڻي پيئڻ
جي لائق آهي“ راهول جواب ڏنو ته ”مهاراج! هيءُ
پاڻي ته ميرو ٿي ويو آهي.“ انهيءَ تي ٻڌ ديو
چيس ته ”تون سوچ ڪر ته جيتوڻيڪ تون منهنجو پتر
۽ راجا شڌوڌن جو پوٽو آهين ۽ تو سنسار ڇڏي ڏنو
آهي تڏهن به تون پنهنجي زبان کي ڪوڙ ڳالهائڻ
کان بچائي نٿو سگهين ۽ انهيءَ نموني پنهنجي
آتما کي اپوتر ٿو ڪرين. ڀلا ٻڌاءِ ته هن برتن
۾ پيئڻ جو پاڻي رکي سگهجي ٿو؟“ راهول جواب ڏنو
ته ”نه، هيءُ برتن به ڪنو ٿي ويو آهي.“ تنهن
تي ٻڌ ديو وري چيس ته تون ويچار ڪر. جيتوڻيڪ
تون گيڙورتا ڪپڙا پائين ٿو تڏهن به پاڻ کان پڇ
ته تون ڪو اوچ ڪارج ڪري سگهين ٿو يا نه؛ خاص
ڪري جڏهن تون هن برتن وانگر اپوتر ٿي ويو
آهين.“ انهيءَ کانپوءِ ٻڌ ديو اهو خالي برتن
کڻي ڦيرائڻ لڳو ۽ راهول کان پڇيائين ته ”توکي
ڊپ ته ڪونه ٿو لڳي ته متان هيءُ برتن ڀڄي
پوي.“ راهول جواب ڏنو ته ” نه! هي برتن بلڪل
سستو آهي تنهن ڪري جي اهو ڀڳو ته فڪر ڪونهي“
تنهن تي ٻڌ ديو چيو ته ” تنهنجو بدن ته ٻين
ناسونت پدارٿن جهڙو آهي جو هڪ ڏينهن خاڪ ٿي
ويندو. اهو بدن جي ناس ٿي وڃي ته فڪر ڪونهي.
پر جو شخص ڪوڙ ڳالهائڻ جو شوقين آهي تنهن کي
هر ڪو ڌڪاري ٿو تنهن ڪري تون پنهنجي بدن کان
وڌيڪ زبان جي خبردار ڪر.“
راهول اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽
لڳاتار ڪوشش سان هن پنهنجي جيوت پوتر بنائي.