سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: غلام رباني آگري جي سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتن جو تنقيدي جائزو

 

صفحو:9 

غلام رباني آگري جي قلمي پورهئي جو تنقيدي جائزو

        هر هڪ شعبي ۾، اصلاحي تنقيد شين کي اجاريندي آهي، ليڪن شرط اهو آهي نقاد ڄاڻو ۽ سڄاڻ هجي ۽ ان کي شين جي اصليت بابت ڪفايه سرائي جي ڏات هجي. سنڌي ادب ۾، غلام رباني آگري جو نالو وڏي احترام سان ورتو وڃي ٿو. انهيءَ لحاظ کان وڏي مطالعي ۽ مشاهدي سان سندس تحريرن جي ڪٿ ڪرڻ لاءِ علم، عقل ۽ شعور جي ضرورت پوي ٿي تنهن کان پوءِ سندس تحريرون اجاگر ٿي تابناڪ روشني ڏينديون. راقم الحروف کي سندس تحريرن جي اڀياس مان اهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته، غلام رباني جو قلمي پورهيو علم ادب ۽ ادبي تخليق جي راهه ۾ پانڌيئڙن لاءِ رهبر ۽ رهنمائي وارو ڪم ڪري ٿو. سنڌ جي نئين نسل کي ان جي ڪم کان آگاھ ڪرڻ گهرجي جيئن وڌ کان وڌ ان مان استفادو حاصل ڪري ۽ پنهنجي ٻولي، ادب، تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت کان وافق ٿي، غلام رباني آگري وانگر ڏيھ ۽ پرڏيھ ۾ پنهنجي ادب جو نالو روشن ڪري. غلام رباني جا سمورا مضمون، مقالا لکيل ڪتاب تمام وڏي ڏاهپ ۽ اتساهه سان لکيل آهن. سندس لکڻين مان ماديت سان گڏوگڏ روحانيت جو پڻ درس ملي ٿو. سندس سڄو سارو فڪر ۽ فهم اسلامي تصوف جي رنگ ۾ رتل آهي. سندس ڪتابن ۾ معنيٰ جا موتي پوئيل آهن جيڪي املهه آهن، سندس بيان ڪيل نڪتن جي ٻولي سولي ۽ سهڻي آهي. رباني مرحوم جي لکڻين ۾ وڏي مفيد معلومات درج ٿيل آهي. ان جي ضرورت جهڙي ڪالهه هئي، ۽ اڄ آهي ۽ سڀاڻي رهندي. سندس ادبي اصول ادبي دنيا لاءِ سونهري اصول آهن. ربانيءَ مرحوم جيڪو ادبي دنيا ۾، مواد ۽ معلومات سنڌ جي ادبي خزاني ۾ داخل ڪيو آهي سو قيمتي وکريل وٿڻ جي صورت ۾ ڳولي هٿ ڪري ان جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي. هن وقت اهي ڇپايل يا ايڊٽ ڪيل تحريرون نهايت ئي ڪارائتيون آهن. هن جيڪا جاکوڙ ۽ جستجو ڪئي آهي، اهو ڪم ساراهڻ جهڙو آهي. هن هڪ پل به سنڌ سنڌيت ۽ ان جي ادب ۽ ڪلچرل جي خدمت کانسواءِ نه گذاريو بقول شاهه لطيفرح:

تتي ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي.

اڃا به ان کان وڌيڪ سائين سلطان الاولياءَ لنواري شريف جي باني جي قول مطابق

سڄڻ ڏٺو جن، تن ڏسڻ غير گناهه،

جني لڌي راهه، ويهڻ تني وهه ٿيو.

           غلام رباني آگري جي جدوجهد ۽ جتن جيڪا هن جي تحرين ۾ موجو آهي. تن کي سمجهڻ لاءِ صرافن جي ضرورت آهي جن جو ملھ ڪٿي سڃاڻي سندس لکتن جي اندر گهرائي سان جهاتي پائي هڪ معلومات کي دماغ ۾ ويهارڻ کانپوءِ جائزي مان معلومات آڏو آئي ته، هر هڪ تحرير ۾ وڏي محنت ڪري جهڙيءَ طرح پڙهڻ سان مخاطب ٿيو آهي تن خيالن ۾ ادائگي جو واھ جو رنگ ڀريل آهي. ٻئي طرف لکت جي طريقيڪار ۽ مهارت کي ڏسندي ايئن چوڻو پوي ٿو ته، رباني مرحوم سنڌ جو تمام وڏو ليکڪ آهي جيڪو ادبي دنيا جي اچي پد تي نظر اچي ٿو. غلام رباني آگري جي هرهڪ تصنيف اسان توڙي اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ ادبي تحفو ۽ سوکڙي آهي. جنهن مان هر ادبي ذوق رکندڙ انهن تحريرن مان وڏو فائدو حاصل ڪندا رهندا. رباني سنڌي ٻوليءَ جي جيڪا خدمت ڪئي آهي. مٺڙي زبان استعمال ڪرڻ ڪري ان جا انفرادي توڙي اجتمائي فائدا نظر اچن ٿا. سندس عبارت ته مختلف رنگن روپن ۾ ڏسي  پسي سگهجي ٿي، جنهن ۾ سنڌ جو فڪر ۽ فهم هڪڙو ئي سبب آهي. اهو ته انسان ذات جي فلاح ۽ بهبودي ۽ جملي قومن جو ادب سانڍڻ هر وقت ۽ هر جاءِ تائين الاهي جو قائل ۽ حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي سيرت مبارڪ جا حوالا ڏيڻ، ۽ پڻ مشائخ ڪرام ۽ صوفي عظمتن جا قول حوالي طور پيش ڪرڻ، هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته: محمد هاشم جا سڪايل وڻ اڃا ساوا ڪونه ٿيا آهن. حالانڪ اهو مقولو مخدوم شهيد عبدالرحيم گرهوڙي جو آهي.(115) سندس تنقيد به اهڙي جو پڙهندڙ توڙي ٻڌندڙ جي دل تي اثر ضرور ڪري مگر بار نه ٿي ڪري جئين ته هن ئي مقالي ۾ محمد هاشم ٺٽوي تي تنقيد ڪندي لکي ٿو ته: مخدوم صاحب مهراڻ درياءَ (سنڌو دريا) جي اڻکٽ موجن ۽ بيشمار لهرين هوندي به سنڌ کي عربي صحرا سمجهي! هاشمي ڪوزا ايجاد ڪيا هئا.(116) ڊاڪٽر ڊيوڊ چيز، پنهنجي مضمون ’غلام رباني آگرو- ياد گيريون‘ ”غلام رباني آگري جي وفات پاڪستان جي ثقافتي ۽ علمي زندگي لاءِ ۽ خاص طور تي هن جي اباڻي صوبي سنڌ لاءِ وڏو نقصان آهي. هو هڪ لائق احترام ليکڪ ۽ عالم هو. هن سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ لکيو. ساڳيو مضمون نگار لکي ٿو ته: ”غلام رباني آگرو هڪ بافخر پاڪستاني هو پر هن پنهنجي اصلوڪي سنڌي ڳوٺاڻي زندگيءَ کي ڪڏهن به نه وساريو. غلام رباني آگرو سنڌ جي مرڪز ۾ ڪنڊياري جي هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو. هن کي سنڌ جي اصل روح جي ڄاڻ هجڻ ڪري اسان ٻئي 77-1976ع ۾ هڪٻئي سان ملياسين. مان يونيورسٽي آف لنڊن طرفان سنڌ جي تاريخ تي پي ايڇ.ڊي ڪري رهيو هيس. مان جڏهن هن سان مليس ته هو يوسنڌ نيورسٽيءَ جو پرو وائيس چانسلر مقرر ٿيوهو، هن مون کي يونيورسٽي جي لائبريري تائين رسائي ڏياري ۽ ان کان علاوه هن مون کي مختلف عالمن سان ملايو.“(117) انهن ڳالهين کي ٻڌي سرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان ته، ساهتي جي ماڻهن سدائين علمي ۽ ادبي لحاظ اڳواڻ وارو ڪردار ادا ڪيو آهي.

        غلام رباني جي تحرير فاسدرت ڪڍڻ واري نشتر جهڙي به آهي. هن ئي مضمون ۾ لکيو اٿس. سنڌ جي بي رحم معاشري ۾ اهڙي سٺي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گُهرڻ وانگر آهي. انهي ساڳئي مقالي خط شاهه والي الله دهلوي جا مخدوم معين ٺٽويءَ ڏانهن. تازو اخبارن ۾ هڪ خبر آهي. جنهن مان وري هن دور جي سنڌ جو احوال معلوم ٿئي ٿو ته، سنڌ جي فلاڻي ضلعي ۾ ڪتن ۽ سوئرن جي ويڙهه جي ٽورنامينٽ وڏو مقابلو ٿيندو، جنهن ۾ خفتي وڏيرا پنهنجي ڪتن جون لوڌون ڪاهي ايندا ۽ سوئرن تي بڇيندا. پنجاب جو وڏيرو پنهنجا ڪتا ڪاهي ايندو ۽ پنهنجي ڀائرن سنڌي وڏيرن جي هن شاهاڻي شغل ۾ ساڻن شريڪ ٿيندو. غلام رباني جون تحريرون ۽ ان ۾ اعتقادي مسئلا، اخلاقي هدايتون، عبرت، تنقيد، دليل تاريخي۽ نيم تاريخي قصا ماضيءَ جا حقائق، آثار، ڪائنات، اشارن ۽ ڪناين، کان علاوه چٽا ۽ صاف بيان ڪيل آهن. آگري جا عنوان جامع ۽ مفصل آهن. ڪهڙو به سندس موضوع کڻو ته ان سان تضاد وارا نڪتا به اتي بيان ڪيا اٿس، هڪ مضمون بيان کڻندي ان سان تعلق نه رکندڙ ڳالهيون پڻ اتي اظهار ڪيون اٿس. رباني جي مضمونن ۾ پڻ ڪٿي کوٽ نظر اچي ٿي مثال هڪ مضمون جي وچ م ٻيو پڻ مضمون اچي ٿو. اهڙي طرح مخاطب ۽ هَٿَ قَلَم هر هنڌ بدلجي وڃن ٿا. سندس بيان جو رخ رکي رکي جدا جدا طرفن ڏانهن ڦري وڃي ٿو. جزن يا ڀاڱن توڙي مضمونن جي ڳنڍجڻ يا ٽٽڻ جو ڪٿي سنڌو يا نشان نطر نه ٿو اچي. گويا رباني جي تحريرن ۾ ڪي ڳالهيون هزار داستان يا الف ليلان واري داستان جو نقل آهن، ته ڪٿي رباني پنهنجي مضمونن ۾ جو فني اوج پڻ سمايوآهي.

           منجهس انسان دوستي ۽ خيرخواهي اقوام عالم جي سمايل آهي، ته ڪٿي مغربي ليکڪن جي اثر ۾ اچي اسان جا سنڌي ليکڪ مست قلبي ۽ دلي ڪشادگي ۽ روحاني پاڪائي ۽ ذهني بلندي کان بي خبر آهن. وٽن تعميري جذبو ۽ غائب آهي. مگر اسان جو آئيڊل ۽ آدرش رباني صوفي منش پنهنجي محبت آميز، الفت انگيز ۽ حيات آفرين، جذبي ومستي سان زنده ليکڪن جي غلاظتن ۽ ڪثافت کي يڪ لخت ميساري اڇو اجرو ڪري ڪايا پلٽي ڇڏي آهي.

           غلام رباني جي حسن انتخاب کي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي. هن سنڌ واسين کي صوفين، درويشن جي حيات ۽ ڪلام سان روشناس ڪري وڏو ڪم ڪيو آهي. سندس تحريرن ۾ سطحي ڳالهه ڪيل نه آهي.

سندس قلم ڳوڙهائي ۽ عميقائي سان بيان لکيو آهي. مثال طور “وحي” جي حقيقت ۾ تمام گهڻي جستجو ڪئي آهي. جهڙوڪ وحي جي معنيٰ، وحي جي اصطلاحي معنيٰ وحي جي ڪيفيت يا وحي جي نازل ٿيڻ واري حالت وحي جي نازل ٿيڻ وقت حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي بدني حالت يا وجودي پوزيشن جيڪا وحيءَ جي نازل ٿيڻ وقت وحي جي پذيرائي بيان ڪئي اٿس سا، وڏي اتساهه ۽ سڪ ۽ معلومات تي مبني آهي. جهڙوڪ: وحي جي اچڻ وقت حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن گهنڊڻين جا آواز ٻڌندا هئا. جئين هن دور ۾ موبائيل تي ڪو پيغام ايندو آهي ته قسمين قسمين ڪال جا آواز ايندا آهن. ڪڏهن ڪو آدمي صورت وارو شخص روبرو سلام ڏئي ويهندوهو. گفتگو ٿيندي هئي. جيڪا صرف پاڻ سڻندا هئا. بعضي سڄي ڪچهري ۾ آواز ٻڌو ويندو هو. ڪڏهن سندس منهن مبارڪ ڳاڙهو ٿي ويندو هو. ته ڪڏهن سڄو بدن پگهر ۾ پسي ويندو هو. مطلب ته مٿن ڄڻ وڏو بار اچي پوندو هو. غلام رباني آگري جيڪو به لکيو سو وڏي جانفشانيءَ سان بيان ڪيل آهي. جيڪو لفظ جملو لکيو اٿس. اهو چڱي ريت سوچي ۽ سمجهي لکيو اٿس. هن دور ۾ رباني جي تحريرن کي مطالعي ۽ اڀياس جي ضرورت آهي. سندس ڪم اسان کي ذهني اوسر ۽ ترقيءَ جو رستو مهيا ڪري ٿو.

           غلام رباني آگري جي تحريرن ۾ ٻوليءَ جو ورجاءُ سٻاجهو ۽ سولو آهي. پڻ مٺاس ۽ نمڪيني به آهي، سندس لکڻي سهڻي ۽ سٿري آهي. مطلب ته رباني جي لکيت ۾ اڪيچار خوبيون آهن، اها پر لطف ۽ پر ڪشش آهي، نزاڪت ۽ نفاست پڻ منجهس آهي، ڄڻ رنگ برنگي گلن جو گلدستو آهي. گهڻي جاذبيت ۽ هماگيريت سببان دلنواز ۽ دلفريب آهي، سندس نثر نويسي سدا بهار آهي. منجهس اکٽ صلاحيتون ۽ اٿاهه استعداد آهي. نثري ادب جي کيتر ۾ زرخيزي آندي اٿس. هن سنڌي ادب جي نثري پهلوءَ کي ترقي ڏيارڻ ۾ مالامال ڪرڻ ۾ گوناگون ڪوششون ۽ ڪاوشون ڪيون آهن. سندس پورهيو تصنيف ۽ تاليف سان گڏوگڏ ترجمو به انتهائي اهميت رکي ٿو. رباني جي دور ۾ ڪن نام نهاد عالمن توڙي بي راهه روين صوفين ۽ دقيانوسي ليکڪن ڪجهه غلط فلسفيانه نظرين کي اسلامي لاب ۾ فاسد خيالات کي جنم ڏنو. ليڪن هن دور م ڪي مصلح ۽ مفلح مجدد به هئا. تن پنهنجي اجتهاد سان سنڌي ادب ۾ اهڙي صورت پيدا ڪري وڌي. جو معتقدانه ۽ مشترڪانه اثرات زائل ٿيندا رهيا. اهڙي گروهه جي دائري ۾ غلام محمد گرامي، انجم هالائي، محمد ابراهيم جويو، حيدر بخش جتوئي، برڪت آزاد، رشيد ڀٽي، ڊاڪٽر تنوير عباسي، ڊاڪٽر گل حسن لغاري، ڊاڪٽر غلام علي الانا، علي محمد راهو، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، مولانا غلام مصطفٰي قاسمي، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، جمال الدين مومن، سائين جي.ايم.سيد، تاج صحرائي، ڊاڪٽر اياز حسين قادري، جمال ابڙو ۽ ٻيا ڪيترا جن ۾ غلام رباني آگرو به اهم جاءِ والاري ويو آهي. سندس مکيه خاصيت هئي خارجيت ليکڪن جي ليکن ۾ هڪ اعليٰ معيار، پوري علميت، اظهار ۾ چٽائي ۽ مضمونن توڙي تنقيد جي کيتر ۾ خارجي پرک جو اظهار انهن سببن ڪري غلام رباني نه رڳو عظيم افسانه نگار، مترجم، محقق ۽ موءرخ جي روپ ۾ ڄاتو وڃي ٿو، بلڪ کيس ساهت جي سائين جو درجو ڏنو ويو آهي. اگر رباني سان ڪنهن جي ڀيٽ ڪريون ته اهو سندس هڪ همدوش آهي. ڊاڪٽر تنوير عباسي جنهن کي به سنڌي ساهت جو مهان تارو سڏيو ويوآهي، ٻنهي شخصن ۾ عبرت انگيز فرق ۽ هڪجهڙائي آهي. رباني وڏي سگهه ۽ سوچ جو مالڪ هو، جيڪو پنهنجي پوئيان معيار جون اعلٰي تخليقي رچنائون ڇڏي ويو. سندس ڪتابن مان جهڙا گل گلاب جا، سنڌ جا بربحر ۽ پهاڙ توڙي ٿيا قلب قرار جن جي وڏي اهميت آهي، تنوير جي ڪتابن رڳون ٿيون رباب“، ”ڪلام نانڪ يوسف، ڪلام خوش خير محمد توڙي جو ”سچل جو سنيهو“ وغيره ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ٻئي حيات ۽ ادب کي اندروني طور ڳنڍيل ۽ مڃيندڙ هئا، پنهنجي صحيح  سهڻي لکڻي جا توڙي لطيف ذوق ۽ سالم پرک جا ماڻ پرماپا مقرر ڪرڻ جي شروعات ڪئي ۽ ٻنهي سنڌ جي صوفي بزرگن جي ڪلام کي آدرشي مددگار ڪري تسليم ڪيو آهي. ڏٺو وڃي ته ربانيءَ جو سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ اُڀرڻ اڀ ۾ سج جي اڀرڻ سمان آهي بطور افسانه نويس رباني عظيم ته هو نقاد جي ناتي ۾ به نام ڪٺيو هو. مگر تخليقي فنڪار جي نالي ۾ نئين سجاڳي جي حوالي سان سندس ادا ڪيل پارٽ ۽ تنقيدي ويچار ۽ عمل کي جهڪو ڪري ڇڏيوآهي، سندس تنقيد ڪمال جي آهي. اها تيز ۽ چست ۽ درست قوت جي آهي. هن راءِ رکندي غلام رباني کي اهو ڄاڻي سڄاڻي سگهندو جنهن ساڻس چند گهڙيون گهاريون هونديون جنهن لاءِ ڀڳت ڪبير چوي ٿو.

گهڙي آڌي گهڙي، کهڙي کاپي آڌ

ساٿ سنگت  هوجائي، ته هو جائي پرساد

اهي غلام رباني کي سمجهي سگهن ٿا، جنهن سندس تحريرن جو گهرو اڀياس ڪيو آهي. سندس مقصد ۽ مدعا، مرڪزي خيال انداز بيان، اصطلاح، چوڻيون، سطحي ٻوليءَ ۾ نه آهن. اهو هڪ وڏو عميق بحر آهي، جنهن ۾ تاريخي حقيقتون بيان ڪيل آهن، سندس تخليقات جو مرڪزي نڪتو، سنڌ ڏيهه جي سڄي تاريخ، سنڌي ماڻهن ۽ انهن جي تهذيب ۽ ڪلچر جي سڌ ٻڌ آهي. هو ڪٿي به ويو ته اتان جي قديم ڪتابن جي هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ان ڪري ڪيائين ته من هن ڪتاب مان سنڌ ڏيهه ۽ ان جي زبان ڪلچر ۽ تهذيب بابت ڪا معلومات ملي وڃي، چين ۾ اتان جي ديوار جي ساخت کي ڏسندي، اهو خيال اتي پيش ڪيائين ته ههڙي ساخت سان ملندڙ جلندڙ رني ڪوٽ اسان وٽ آهي. رباني سان رهاڻ ڪرڻ جو جسماني موقعو ته نٿو ملي سگهي. باقي ساڻس روحاني ڪچهري جنهن کي ڪرڻي آهي ته ان جي تحريرن کي پڙهي جيئن مان واري زيب النساءَ ڌي اورنگزيب جو چوڻ آهي ته اگر ڪو مون کي ڏسڻ گهري ته مون کي منهنجي شهرن ۾ ڳولي.

محمد صلي الله عليھ وآلھ وسلم ڪارڻي:

         اهو ڪهڙو انسان آهي، جو رب العزت ۲ سان محبت نه ٿو رکي. محبت جو سرچشمو حق تعالٰي آهي. دنيا جي مائرن، انسانن، جانورن، پکين ۽ جيتن جي محبت پنهنجي اولاد سان مڃيل حقيقت آهي. مگر هڪ مثال وڏا عالم ۽ مفڪر ڏين ٿا ته اگر محبت سڄي ڪائنات جي حصا هڪ سو ڪجن. هڪ حصو مخلوق جي مائرن وٽ آهي ۽ نوانوي حصا خلق جي خالق وٽ پنهنجي مخلوق لاءِ آهن، اهو به مڃيل اصول آهي ته هر شيءَ کان پنهنجو محبوب ئي پيارو هوندو آهي. هر مخلوق جي فرد جو محبوب ضرور هوندو آهي. جنهن کي پنهنجو آئيڊل بنائيندو آهي. بلڪل انهي اصول تحت مالڪ  حق پاڪ رب تعاليٰ ۲ جو پڻ هڪ محبوب آهي. اهو ڪائنات جو ڪارڻي آهي. جنهن جو اسم مبارڪ حضرت محمد  صلي الله عليہ وآلہ وسلم آهي. 

          ان کان وڌيڪ رب فرمايو آهي. اي مومنو! آءُ ان پنهنجي محبوب محمد صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن تي دورود و صلوٰت پڙهان ٿو ملائڪ به اهو ورد ڪن ٿا ۽ اوهان به ان عبادت جي شڪل ۾ مون سان شامل ٿيو. قرآن فهمي ڪندي اهو معلوم ٿئي ٿو ته ربي محبت، حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن سان چٽي ۽ پڌري صاف بيان ڪيل آهي.

       جئين ته، هر مسلمان اديب، ليکڪ، شاعر ۽ فلاسافر حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي بابت ساراهه ڪري آخرت سنواري آهي. تئين رباني صاحب به آخرت جو ثمر ۽ توشو گڏ ڪيو جو حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن بابت محبت ۽ عشق جو ڳالهيون لکيون آهن. بلاشڪ اهو رباني صاحب علمي پنهنجي خانداني بزرگن جي پيروي ڪئي اٿس.

 

غلام رباني آگري جي لکڻين بابت عالمن ۽ اديبن جا رايا

       غلام رباني آگري بابت سنڌ ۽ پاڪستان جي ڪيترن ئي ناميارن عالمن، اديبن، شاعرن، محققن، نقادن ۽ تعليمي ماهرن پنهنجا پنهنجا رايا قائم ڪري اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته، غلام رباني آگرو سنڌ جو هڪ وڏو نثرنگار هو ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو ته: غلام رباني بلند پايه افسانه نويس آهي. هن انهيءَ زماني ۾ افسانا لکڻ شروع  ڪيا، جڏهن اياز قادري ۽ جمال ابڙو افسانا لکي رهيا هئا. سندس افسانا سه ماهيمهراڻ ۽ ماهوار نئين زندگيءَ ۾ ڇپيا. هن اياز قادري کان متاثر ٿي، پهريان ئي هڪ ڪردار افسانو: شيدو ڌاڙيل لکيو.(118) اسان جي خيال موجب، غلام رباني آگرو سنڌي ادب جي دنيا ۾،  هڪ مڪمل يونيورسٽي جو درجو رکندڙ هو جنهن وٽ سنڌ جي تاريخ ۽ ادب بابت اڪيچار موضوع هئا جن تي ويهن سالن جي عمر کان لکندو رهيو ۽ اهو سلسلو 2010ع اک ٻوٽڻ تائين جاري ساري رهيو. هن وٽ لکڻ لاءِ پنهنجا ماڻ ۽ ماپا هئا. سندس زبان گهٽ اکيون وڌيڪ ڳالهائينديون هيون. هر انسان کي ايتري عزت ڏيندو هو. جيترو هو پاڻ کي مان ڏيندو آهي. هو انسانيت کان وڌيڪ انسانيت کي وسهندو هو. محمد پناهه کان ٻڌو هيم ته هڪ دفعي پاڻ سندس ادبي بورڊ جي آفيس ۾ مليو ته ملاقات دوران هن کي ٻڌايائين ته ماڻهپو ماڻهوءَ لاءِ ائين آهي جيئن عورت لاءِ سينگار ۽ انسان ٿيڻ ته سولو آهي. مگر انسانيت حاصل ڪرڻ مشڪل ۽ اڻانگو ڪم آهي. مون کي مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب رات هڪ مقالو ڏيکاريو آهي، جنهن ۾ اهو  ٻڌايو ويو آهي ته، انسان کان انسانيت وڌيڪ آهي. ان جو مطلب ٿيو ته انسانيت حاصل ڪرڻ لاءِ سخت ۽ گھڻي محنت حاصل ڪرڻي آهي.(119) غلام رباني آگري جي لکڻين جي جائزي مان هي ڳالھ معلوم ٿي آهي ته هو هر هڪ واقعي  کي اهڙي ته، سچائي ۽ صداقت آهي جو سندس لکڻين جي مطالعي ڪرڻ سان دل ۽ دماغ تي ڇانيو وڃي. هو پنهنجي لکڻين ۾ طرز بيان سادن ۽ سليس زبان ۾ اهڙي ته نموني ادا ڪري ٿو جو سندس هر هڪ ڪردار، افسانن جي ٻولي ۽ مضمون نگاري ۾ حقيقي جذبات جي ترجماني ڪري ٿو. غلام رباني آگري جي لکڻين جي جائزي مان اها ڳالھ به آڏو آئي آهي ته هو شاھ لطيف جي شعرن ۽ خوبصورت استعارن ۽ تشبيهن جو سهڻو استعمال ڪري مختلف معاملن ۽ واقعن ۾ صحيح ۽ اصلي  رنگ ڏٺا ويا آهن. غلام رباني آگري جي مضمونن ۾ بلند خيالي جو اظهار ملي ٿو.

         لفظ ڇا آهن؟ جيئرا جاڳندا ڪردار آهن. جن تي حقيقت ۾ ربانيءَ جهڙي ڏاهي اديب تي انهن کي لکڻ گھرجي، جيڪي ساڻس گھڻو وقت گڏ رهيا يا ساڻس گھڻو سفر ڪيو آهي. اسان کي کيس سا گڏ رهڻ جو موقعو حاصل نه ٿيو مگر انهن شخصن سان مليا آهيون. جيڪي ساڻس ٿورو يا گھڻو گڏ رهيا. ٻيو ته سندس تحريرن کي پڙهيو آهي. اهو به سندس هڪ ملاقات جو ذريعو آهي. غلام رباني آگرو بنيادي طور ته مذهبي ماڻهو هو. مگر سنڌيت جو جذبو سندس اندر۾وڏڙن کان وديعت ٿيل هو، هو چوڏهن سو سالن کان مسلماني ڪردارن جو معتقد هو ۽ آدجگاد کان سنڌيت جي محنت سان سرشار هو مگر سندس لکڻين ۾ ٻنهي ثقافتن جو سنگم ملي ٿو. سندس لکڻين جي روشني ۾ اسان اهو به پسيو آهي ته هن جو خيال آهي ته، چڱا ڀلا ماڻهو خاص طور تي سکيا ستابا پنهنجي ٻارن کي سنڌي اسڪولن ۾ موڪلڻ بدران اردو سيکاري يا انگريزي پڙهڻ لاءِ ڪانوينٽ اسڪولن ۾ ويهاروي- ڄڻ ته شاهه، سچل، مخدوم معين، مخدوم نوح ۽ لنواريءَ شريف جي لعل محمد زمان (سلطان الالياءَ) جي ٻولي هن غير مهذب هئي.

        ربانيءَ تي لکڻ تريءَ تي ڏيئو ٻاري سج جي روشنيءَ کي ڳولڻ يا اڃا به ائين ته اڇري ٿر مان هڪ هڪ واريءَ جو چمڪندڙ داڻو کڻي ان کي کٽائڻ برابر آهي، ادبي  دنيا ۾ جيئن ڪي ڪي قدآور هوندا آهن، تيئن رباني به قدآور شخصيت هو. سندس قد ۽ پورهيو ماپي نٿا سگھجن. ڇو ته هو گھڻ رخو ۽ هر وجھ لائق ۽ فائق شخصيت جو مالڪ هو. سندس ذهن يادگيريءَ لاءِ بي مثال هو. سندس تحرير کي پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته کيس ٻالڪ پڻي واري اوستا کان وٺي معمولي واقعا به ياد هوندا هئا. جڏهن ٻاراڻي ڪلاس ۾ داخل ٿيو. اسڪول گاهي خان جلباڻيءَ ۾ ان وقت جي شاگرد ۽ ڳوٺ جي ماڻهن جا نالا ملاقاتين سان کڻندو هو، پڻ انهيءَ دور جي مسئلن ۽ سماجي توڙي معاشي حالات جا ذڪر ڪندو هو. سندس ڪلاسي دوستن مان قاضي شمس الدين، قاضي محمد معروف، علي محمد ڦرڙو، احمد نواز ڦرڙو، حسين بخش ڦرڙو، غلام مصطفى سومرو، عبدالغني سومرو، رسول بخش ڦرڙو، جان محمد جلباڻي، محمد پناهه ڦرڙو، گلزار علي دايو، جلال الدين قاضي، محمد بچل قاضي، ليلومل، بولومل هينئر هندستان ۾ زنده آهي. تازو 2010ع تي ڳوٺ گاهي خان جلباڻي ۾ آيو آهي. رباني صاحب جي لکڻين ۾ ڪٿي ڪٿي جھڙوڪ ڪتاب جھڙا گل گلاب جا۾ هن ڳوٺ جي ماڻهن جو ذڪر ملي ٿو.  ۽ ان وقت  جيڪي استاد هي هئا، تن ۾ ڪن جا نالا . عبداللطيف آگرو سندس والد محترم، محمد يوسف چنه، ڪندن مل، نظر محمد ڪونڌر، غلام فريد ملاح ذڪر لائق آهن. غلام رباني آگرو هڪ نثر نويس آهي، جنهن سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي. سندس لکڻين، ڪهاڻيون، افسانا، سوانح، ڪالم، مضمون، سفرناما، مقالا، ايڊيٽوريل، خط- رپورٽون، نثري ٽڪرا، خاڪا پڻ شامل آهن. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته رباني جيڪو به موضوع کنيو ان کي پوري طرح نڀايو اٿس. شيخ اياز لکي ٿو ته مان رباني لاءِ جيڪو لکندس، ان تي هن لاءِ منهنجي ذاتي محبت ضرور اثر وجھندي ربانيءَ جون ڪهاڻيون غريبن جي جھوپڙي، پن ٻوڙين پاتال ۾، هوندا سي حيات، شيدو ڌاڙيل ۽ بُري هن ڀنڀور ۾ ٻولي ڪهاڻي جي اوسر ۽ پڄاڻي، ٻهراڙي جي عڪاسي سنڌ جي پيڙهيل ۽ ڏتڙيل عوام سان گھري دلچسپيءَ ۽ همدردي سبب سنڌي ادب جو لازوال حصو بنجي چڪيون آهن.(120)

          ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ : خط عنوان سون برابر سڳڙا ۾ لکي ٿو ته: ادا غلام رباني السلام عليڪم مهرباني ڪري ، اوهان جو گلن وارو ڪتاب موڪليو. اوهان جي گلن جي واڙيءَ جو سير ڪيم ۽ اوهان جا چونڊيل گل ڏٺم. جيتوڻيڪ اوهان پنهنجو وڙ ڪري، مون کي گلاب جو گل ڪونه بنايو آهي، ته به ٻيڙي فقير جي حوالي سان جيڪي لفظ لکيا آهن، سي سچا آهن. ان انصاف لاءِ اوهان کي مبارڪ!(121)

        ولي رام ولڀ : پنهنجي مضمون جلي پئي جوت ۾ لکي ٿو ته: غلام رباني بنيادي طور سنڌي ادب جي افق تي ڪهاڻيڪار ٿي اڀريو.(122)

        ڊاڪٽر غلام محمد لاکو لکي ٿو ته: غلام رباني آگرو بنيادي طرح افساني جي دنيا جو ماڻهو آهي. ليڪن بعد ۾ خاڪا نگاري به ڪيائين ۽ ٻين عنوانن تي به قلم کنيائين، راشدي ڀائرن کانپوءِ موجود دور ۾ رباني صاحب کي ڀلوڙ نثر نويس تسليم ڪيو وڃي ٿو.(123)

         گل محمد عمراڻي مقدمي جهڙا گل گلاب جا جو نفسياتي ۽ سماجياتي جائزو ۾ لکي ٿو ته: رباني صاحب جو هي ڪتاب واقعي پنهنجي جاءِ تي هڪ اهڙو ڪتاب ڪري لکجي ٿو، جنهن ۾ سنڌي ادب ۽ زبان کي وڏي ضرورت هئي. هي ڪتاب سوانح عمري جي کيتر ۾ ڄڻ هڪ بلندو بالا درخت آهي، ان کوٽ جي پورائي ڪري ٿو ۽ ائين لڳي ٿو ته ان ڪتاب جي لکڻ جي پويان علامه آءِ.آءِ قاضي صاحب جي هدايت ۽ ان کان متاثر ٿي انهن قدآور علمي ۽ ادبي شخصيتن جا خاڪا لکيا ويا، جيڪي ويهينءَ صديءَ جي تاريخ ۾ پنهنجو پاڻ مڃرائي چڪيون هيون.(124)

      قاضي جاويد لکي ٿو ته: غلام رباني آگرو ڏاڍو مٺ ٻوليو هو. افسانه نگار هجڻ جي ڪري جڏهن ڳالهائيندو هو ته معلوم ٿيندو هو ته، ڪو افسانو ٻيو ٺهي.(125)

      حافظ مهراڻ سڪندري لکي ٿو ته: آگري صاحب ڪڏهن به سياست جي پيچرن تي ڪم ڪو نه ڪيو هو، پر هڪ ئي وقت ملتان ير ڳوٺ ۽ هالا جي مسند نشين سان چاه جون سرڪيون ڀرڻ وارو فن به رباني آگري جو ڪمال هو. سندس زندگيءَ جي ٻنهي پاسن ساڄي کاٻي پاسي وارا منظر به سندس شخصيت جي گھرائيءَ جي خوب عڪاسي ڪن ٿا، پر انهن کان به وڌيڪ سندس تحريرن سنڌي ادب لاءِ آب حيات کان گھٽ ڪونه هيون. سندس شاهڪار تخليق جھڙا گل گلاب جا کان وٺي سنڌ جا بر بحر پهاڙ توڙي مهراڻ ۾ ڇپجندڙ مقالن ۽ سفرنامن تائين بس اهو اونو رهندو هو، ته آگري صاحب جي قلم جي چاشني چکجي ٿي، سندس زندگيءَ جي آخري تحرير جيڪا مهراڻ ۾ ڇپي آهي. ان جي ڇا ڳالهه ڪجي… سندس فڪر جو انداز تعميري ۽ نظر ڊگھي هئي. سفرنامن ۾ اهڙي منظر ڪشي ڪندو هو، جو پڙهندڙ کي تصور ئي تصور ۾ پاڻ سان گڏ وٺي هلندو هو.(126)

       عبدالغفار صديقي لکي ٿو ته: اهو ئي اهو ئي دور هو جنهن ۾ ون يونٽ خلاف سن ۾ تحريڪ زور تي هئي. سنڌي اديب، شاعر، دانشور، سنڌ زبان ۽ سنڌ صوبي جي اصلوڪي حيثيت بحال ڪرڻ لاءِ رات ڏينهن مصروف هئا. ادا رباني به انهن جذباتي نوجوان مان هڪ هو.(127)

       محمد هاشم لغاري لکي ٿو ته: ورهاڱي کانپوءِ جمال ابڙو، غلام رباني آگرو ۽ ٻيا ڪجھ ليکڪ بهترين نثر نويس ٿي اڀريا ۽ قومي جدوجھد ۾ پاڻ ملهايائون.(128)

      سيد زوا نقوي لکي ٿو ته: رباني صاحب جي لکڻيءَ جي اها خصوصيت آهي جو هو جيڏي مهل مولانا عبدالواحد سنڌيءَ جي سنڌالاجيءَ ۾ ڪيل آخري تقرير جو عڪس چٽي ٿو ته اکين ۾ پاڻي تري اچي ٿو ۽ وري جڏهن رشيد ڀٽيءَ سان ڪيل کل ڀوڳ جو ذڪر ڪري ٿو ته پڙهندڙ پنهنجي منهن مسڪرائي ٿو.(129)

       اياز پاٽولي لکي ٿو ته: محترم غلام رباني اهڙين لياقتن ۽ صلاحيتن جو مالڪ هو جنهن جو اعتراف سٻاجھي سنڌ جا ماڻهو ڪندا رهندا، اهڙيون شخصيتون امر آهن ۽ امر رهنديون.(130)

     امام راشدي لکي ٿو ته: نيٺ رباني راهه رباني وٺي وڃي مالڪ حقيقي سان مليو سنڌ جو هي املهه ماڻڪ اديب پنهنجي لاجواب لکڻي سبب تاحيات زندهه رهندو. غلام رباني قلم جو بادشاهه هو. سندس تحريرن جو محور سنڌ رهيو. سنڌي ادب ۾ افسانن ۽ مضمونن جي حوالي سان منفرد مقام رکندڙ رباني صاحب ملڪ جي آعلى اديبن ۾ شمار ڪيو ويندو هو.(131)

       غلام رباني جي وفات جي موقعي تي ٽماهي مهراڻ، نمبر1، جنوري - مارچ 2010ع واري پرچي ۾ غلام رباني آگري لاءِ لکيل آهي ته: سنڌي ادب، هڪ بيمثال قصه گو اديب کان محروم ٿي ويو. سنڌ جو اهو حيرت انگيز one and only  ڪٿاڪار غلام رباني آگرو نالي وارو هڪ عجب شخص هو.(132)

       سراج ميمڻ آب حيات جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته: غلام رباني آگرو تي ٻه اکر لکڻ منهنجي خوش نصيبي آهي. هو نه صرف منهنجو همعصر به هو، پر پنجاهه جي آخري ڏهاڪي ۾ سن سٺ ستر تائين اسان چند چرين جو لڏو هوندو هو.(133) جسٽس (ر) ديدار حسين شاهه پنهنجي مضمون ”وساريان نه وسرن“ ۾ لکي ٿو ته: آگرو صاحب هڪ ٻهراڙيءَ جي ڳوٺ مان نڪري ڪري پڙهي ڪري محنت ڪري ترقي ماڻي سنڌي ادبي ۾ شامل ٿي پنهنجي زندگيءَ جو آغاز ڪيو.(134)

     حڪيم اعجاز حسين چانڊيو خطِ غبار ۾ لکي ٿو ته: رباني صاحب سچ پچ ته تمام وڏو ماڻهو هو، سو کيس صحبت به وڏن ماڻهن جي نصيب ٿي، جيڪي صحيح معنيٰ ۾ وڏا ماڻهو هئا. سندس پسند جا ڪي اهڙا اعليٰ انسان جن جي کيس رفاقت ميسر نه ٿي سگهي- تن مان گهڻا ته کانئس اڳ ٿي گذريا ۽ ڪي وري دنيا جي هن ڀيڙ ڀاڙ ۾ کيس ملي نه سگهيا. ان ڪمي جو تدارڪ هيئن ڪيائين جو انهن هستين جي ڪتابن جا مطالعه ڪري ساڻن روحاني رفاقت جو رستو هموار ڪيائين.(135) ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي پنهنجي تحقيقي مقالي ”آزادي کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“ ۾ لکيو آهي ته: سنڌي مختصر ڪهاڻي جي طرقيءَ ۽ مدارج کي سمجهڻ لاءِ، ان کي مختلف مرحلن ۾ ورڇيو ويو آهي. سنڌي ڪهاڻيءءَ جي نئين دور جو آغاز، جيڪو1947ع ۾ شروع ٿيو هو، تنهن جو ابتدائي ترقيءَ جو مرحلو 1960ع تائين اختتام تي رسيو.(136) انهيءَ عرصي دوران يعني 1953ع کان غلام رباني آگري ويهن سالن جي جواني پهرين ڪهاڻي اتر ڊاهي ان جا جي عنوان سان لکي، ادب ۾ ابتدا ڪيائين.

      ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته: رباني واقعات کي ڪهاڻيءَ جي توڙ تائين مڪمل ڪري ٿو.(137)  نواب ڪاڪا لک ٿو ته: ربانيءَ جي سمورين ڪهاڻين ۾ سنڌ ڌرتي جو عڪس ۽ ڌرتي واسين جا جيئرا جاڳندا ڪردار نظر اچن ٿا. هو سماج جي ناسورن کي سڀني سامهون کولي ٿو. انهن ناسورن جو علاج ۽ دوا ٻڌائي ٿو.(138)  موهن ڪلپنا، جمال ابڙو، رشيد ڀٽي ٻين وڏن عالمن غلام رباني آگري جي قلمي پورهئي ۽ لکڻين جي پڻ وڏي ساراهه ڪئي آهي. مٿين عالمن کانپوءِ ٻين ڪيترن ئي محققن ۽ اديبن غلام رباني صاحب جي ڪردار ۽ تحرير ۽ تصنيفات کي وقت به وقت پئي ساراهيو آهي. جهڙوڪ: اعجاز منگي، نصير مرزا، الطاف آگرو، محمد قاسم ماڪا، الهه ڏتو وگھيو، ڊاڪٽر فهميده حسين، سيد مظهر جميل، بدر ابڙو، نواب ڪاڪا، حميد سنڌي،  ڊاڪٽر محمد علي مانجھي، نفيس احمد شيخ، عنايت بلوچ، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، نواز احمد ميمڻ، شيخ راز وغيره. غلام رباني آگري جي تصنيفات تي سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ تعريفي نوٽ لکيا آهن.

حـــوالا:

1.     لاکو غلام محمد، ”غلام رباني آگرو: شّخصيت جو هڪ پهلو“، ٽماهي ”مهراڻ“، نمبر 2، جلد 60، اپريل- جون، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سنڌ، 2010ع، ص: 168

2.    ايضاً، ص: 168، 169

3.    آگرو غلام رباني، ”آبِ حيات“، ۽ ٻيون ڪهاڻيون: (ڪهاڻي- ڪليات)، سهيڙيندڙ: الطاف آگرو ۽ نصير مرزا (ڇاپو پهريون)، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سنڌ، 2011ع، ص: 7

4.    لاکو غلام محمد، ”غلام رباني آگرو: شّخصيت جو هڪ پهلو“، ٽماهي ”مهراڻ“، نمبر 2، جلد 60، اپريل- جون، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سنڌ، 2010ع، ص: 170

5.    ايضاً، ص: 171

6.    ايضاً، ص: 171

7.    آگرو غلام رباني، ”سنڌَ جا بَرَ، بَحَرَ ۽ پهاڙ“، (ڇاپو ٻيو)، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سنڌ، 2005ع، ص: 375

8.    لاکو غلام محمد، ”غلام رباني آگرو: شّخصيت جو هڪ پهلو“، ٽماهي ”مهراڻ“، نمبر 2، جلد 60، اپريل- جون، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سنڌ، 2010ع، ص: 169

9.    ايضاً، ص: 172

10.           سراج ”منهنجو يار جمال ابڙو“ ڪتاب: ”آئون جاڳي پوندس- جمال ابڙو“، سهيڙيندڙ: بدر ابڙو (پهريون ڇاپو)، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 2009ع، ص: 669

11.            ايضاً، ص: 722

12.           جوڻيجو عبدالقادر، ”گلاب جي گلن جهڙو ڪتاب“، ڪتاب: ”سڏ پڙاڏو“ جهڙا گل گلاب جا ڪتاب تي ٽيليويزن، ريڊئي، اخبارن ۽ رسالن ۾ اديبن ۽ دانشورن جا تبصرا ۽ پڙهندڙن جا خط: مرتب: نصير مرزا، مدگار: نفيس احمد شيخ، احمد سولنگي ۽ الطاف آگرو:  (ڇاپو پهريون)، شاھ عبداللطيف سنڌي ادبي سوسائٽي ڪراچي، سال 1993ع، ص:13

13.           لاکو غلام محمد غلام رباني آگرو: شخصيت جو هڪ پهلو، ٽماهي مهراڻ نمبر 2، اپريل- جون، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو سنڌ، 2010ع، ص: 171

14.           ايضاً، ص: 168

15.            آگرو غلام رباني، جهڙا گل گلاب جا، پهريون حصو: (ڇاپو ٻيو)، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 2007ع، ص:22

16.           آگرو غلام رباني، جهڙا گل گلاب جا، ٻيو حصو: (ڇاپو ٻيو)، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 2007ع، ص: 477

17.           غلام رباني آگرو، سنڌي ڪلچر هي ڪتاب ڪيئن لکيو ويو؟ نفيس احمد شيخ،

18.           آگرو غلام رباني، ٿيا قلب قرار، سهيڙيندڙ: الطاف آگرو ۽ نصير مرزا، (ڇاپو پهريون)، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، 2013ع، ص: 116 ۽ 117

19.  آگرو غلام رباني، سنڌي ادب تي ترقي پسند تحريڪ جو اثر، (ڇاپو پهريون)، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ، 2013ع، ص: 60، 61

20.           آگرو غلام رباني، ٿيا قلب قرار، مرتب: نصير مرزا، الطاف آگرو، (ڇاپو پهريون)، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، ڄام شورو، 2013ع، ص: 9

21.           ايضاً، ص 14

22.          ايضاً، ص: 8.

23.          غلام رباني آگرو رڻ جا راهي ٽماهيمهراڻ، نمبر 4، جلد 39، آڪٽوبر، نومبر، ڊسمبر، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو/ حيدرآباد، سنڌ 1990ع، ص: 188

24.          ايضاً، ص: 188

25.           آگروغلام رباني، سنڌ جا ٻرندڙ جبل سنگم پبليڪيشن، پوسٽ باڪس نمبر 89، حيدرآباد، سنڌ، ص: 9

26.          آگرو غلام رباني،پير علي محمد راشدي، ٽماهي مهراڻ نمبر 1، جلد 46، جنوري- مارچ، سنڌي ادبي بورڊ - ڄام شورو، سنڌ، 1997ع، ص:35، 36

27.          آگرو غلام رباني،اکيون مينگھ ملهار، ٽماهي مهراڻ، نمبر1، 2 (تنوير عباسي نمبر)، جلد 50، جنوري- جون، سنڌي ادبي بورڊ -ڄام شورو، سنڌ، 2000ع، ص: 111

28.          آگرو غلام رباني، ماڻُهو شهر ڀنڀور جا، (ڇاپو پهريون)، سنڌي ادبي بورڊ - ڄام شورو، سنڌ 2012ع، ص: 349

29.           آگرو غلام رباني، دارا جا پويان ڏينهن ٽماهي مهراڻ، نمبر 4، جلد 62، آڪٽوبر- ڊسمبر، سنڌي ادبي بورڊ - ڄام شورو، سنڌ 2012ع، ص: 82

30.          خط غبار- غلام رباني آگري جا خط حڪيم اعجاز ڏانهن، سانڍيندڙ ۽ ساريندڙ، حڪيم اعجاز حسين چانڊيو، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو 2010ع

31.           ٽماهي مهراڻ، مخدوم محمد زمان طالب المولى، (خاص نمبر)، سنڌي ادبي بورڊ -ڄام شورو، جنوري - مارچ 2013ع

32.          لاکو غلام محمد ڊاڪٽر غلام رباني آگرو شخصيت جو هڪ پهلو، ص: 170-169

33.          جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽرسنڌي ادب جي تاريخ (جلد ٽيون) ڇاپو پهريون، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد- سنڌ، 2006ع، ص: 69

34.           ملڪاڻي منگهارام سنڌي نثر جي تاريخ ٽيون ايڊيشن، روشني پبليڪيشن حيدرآباد - ڪنڊيارو، اپريل، 1993ع، ص: 39

35.            عرساڻي شمس الدين ڊاڪٽر آزادي کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر باب ٻيو- انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي- ڄام شورو، 1983ع، ص: 9 ۽ 18

36.           قاضي خادمادب ۽ روايتون ڇاپو پهريون، سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد سنڌ، 1993ع ص: 72

37.          شيخ راز“، ”1955ع جي مختصر افساني جو جائزو، ماهوار نئين زندگي، نمبر 11، ايڊيٽر: عبدالواحد سنڌي، ماه نومبر، ڪراچي، 1956ع، ص: 15

38.          غلام رباني سنڌي فتويٰ، ماهوار نئين زندگي، نمبر 8، (آزادي نمبر)، ايڊيٽر: عبدالواحد سنڌي، آگسٽ، ڪراچي، 1955ع، ص: 29

39.          شيخ راز“، ”1955ع جي مختصر افساني جو جائزو، ماهوار نئين زندگي، نمبر 11، ايڊيٽر: عبدالواحد سنڌي، ماه نومبر، ڪراچي، 1956ع، ص: 19

40.          اتر ڊاهي ان جا

41.           غلام رباني آگرو، آبِ حيات“- ڪهاڻي ڪليات: (ڇاپو پهريون)، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2011ع، ص: 20.       

42.          آب حيات ٻه اکر - اسان پاران، ص: 8 ۽ 9

43.          ٻوهيو الهداد، سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج، (ڇاپو پهريون)، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، سنڌ يونيورسٽي، 1978ع، ص:176

44.          غلام رباني آگرو آب حيات“ ڪهاڻي- ڪليا، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2011ع، ص: 27

45.            ايضاً، ص: 33

46.          غلام رباني آگرو آب حيات، ڪهاڻي- ڪليات، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2011ع، ص: 33

47.          ايضاً، ص: 40

48.          (ڏسو ڪتاب آب حيات“، ڪهاڻي نيٺ بهار ايندو، ص: 41

49.          ايضاً، ص: 42

50.           ايضاً، ص: 42

51.            ايضاً، ص: 43

52.           ايضاً، ص: 46.

53.           (ڏسو ڪتاب آب حيات ڪهاڻي ”نيٺ بهار ايندو، ص: 45

54.           ايضًاً، ص: 45

55.           ايضاً، ص: 45

56.            ايضاً، ص: 46

57.            ايضاً، ص: 48

58.            ايضاً، ص: 51

59.           ڏسو ڪتاب آب حيات- ڪهاڻي- ڪليات، ص: 55

60.          ڏسو ڪتاب: آب حيات- ڪهاڻي- ڪليات، ص: 56

61.           ڏسو ڪتاب : “آب حيات- ڪرئڪ : ڪهاڻي، ص: 57

62.          ڪتاب :”آب حيات“ (ڪرئڪ: ڪهاڻي)، ص: 58

63.          ڏسو ڪتاب: آب حيات- ڪهاڻي- ڪليات ڪهاڻي: جي پل هجان ها“، ص: 61

64.          ڏسو ڪتاب: آب حيات، ڪهاڻي- ڪليات، ڪهاڻي، جي پل هجان ها، ص: 62

65.           ايضاً، ص: 66

66.          ايضاً، ص: 70

67.          آب حيات، ڪهاڻي ڪليات ڪهاڻي: غريبن جي جهوپڙي“، ص: 72.

68.          آب حيات ڪهاڻي، غريبن جي جهوپڙي: ص: 75

69.          ايضاً، ص: 76.

70.          ايضاً، ص: 77.

71.           آب حيات  ڪهاڻي، غريبن جي جهوپڙي، ص: 78

72.          آب حيات  ڪهاڻي، غريبن جي جهوپڙي، ص: 79

73.          ايضاً، ص: 82

74.          ايضاً، ص: 84 

75.           آب حياب - ڪهاڻي ڪليات، (ص 93 کان 95) نواب ڪاڪا اخبار، ص: 60

76.          ڪاڪا نواب غلام رباني آگري جي افسانن جي ڪردارن جو جائزو، تحقيقي جرنل، ڪارونجھر جون، 2011ع، ص: 60-61

77.          غلام رباني آگرو آب حيات، ڪهاڻي - ڪليات. ص: 97

78.          غلام رباني آگرو  آب حيات ڪهاڻي - ڪليات، ص: 99

79.           آب حيات ڪهاڻي: هوندا سي حيات، ص: 102

80.          آب حيات، ڪهاڻي: هوندا سي حيات، ص: 103

81.           ايضاً، ص: 104

82.          ڪهاڻين جو ڪتاب آب حيات ڪهاڻي آبِ حيات، ص: 110

83.          ڪتاب:آب حيات ڪهاڻي: شيدو ڌاڙيل، ص:  110

84.           ايضاً، ص: 111

85.            ايضاً، ص: 114

86.          ڪتاب: آب حيات ڪهاڻي: ”پيار جي پري، ص: 120

87.          ايضاً، ص: 120

88.          ايضاً، ص: 121.

89.          ڪتاب: آب حيات ڪهاڻي: ”پيار جي پري، ص: 12

90.          ايضاً، ص: 126

91.           ايضاً، ص: 127، 130

92.          آب حيات  ڪهاڻي ڪليات، ص: 134کان 135

93.          ڪارونجھر ريسرچ جرنل شمارو، 4 جون، 2011ع، ص: 63.

94.          ڪارونجھر ريسرچ جرنل- شمارو، 4 جون، 2011ع، ص: 62.

95.           آب حيات - ڪليات ڪهاڻي، ص: 137-142-144 ۽  145

96.          آب حيات هن لکيو، ڪهاڻي، ص: 148. (87)آبِ حيات ڪهاڻي: هن لکيو، ص: 148

97.          آب حيات ڪهاڻي: لهرن لک لباس پهرين صفحي جو فوٽ نوٽ، ص: 151

98.          آب حيات ڪهاڻي - ڪليات:، ص: 1 ۽ 2 151۽167

99.          ايضاً، ص: 167

100.      آب حيات ڪليات ڪهاڻي ۾، ڪهاڻي خواب، ص: 184

101.       ايضاً، ص: 185 

102.      آب حيات، ڪهاڻي: صبح ازل، ص: 211

103.      ايضاً، ص: 212

104.      آب حيات، ڪهاڻي - ڪليات، ص: 217، 218

105.      آب حيات: کان پوءِ واريون ڪهاڻيون)، ص: 219-221 ۽ 230

106.      آب حيات کانپوءِ واريون ڪهاڻيون۾“ ڪهاڻي: محمد موچي جو حج، (ص: 231-234.

107.      چانڊيو جامي، سنڌي ادب ۾ تنقيد اينٿالاجي (حصو ٽيون). افسانوي ۽ فڪري ادب پهريون ڇاپو، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 2007ع.

108.      آگرو غلام رباني، ”ٿيا قلبَ قرار“، سهيڙيندڙ: الطاف آگرو ۽ نصير مرزا، (ڇاپو پهريون)، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، -ڄام شورو 2013ع، ص: 174

109.      ايضاً، ص: 212                                 

110.       غلام رباني آگرو جهڙا گل گلاب جا، عنوان: عبداللطيف آگرو، پهريون حصو، (ڇاپو ٻيو)، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو 2007ع، ص: 140

111.        فيروزُ اللُغات: (اردو)، فيروز سنز پرائيويٽ، لميٽڊ، (پهريون ڇاپو)،  2007ع، ص: 471

112.       بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان، جامع سنڌي لغات، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي.

113.       قاضي خادم ادب ۽ روايتون (ڇاپو ٻيو)، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد، سنڌ، 1992ع، ص: 49

114.       سنگت پبليڪيشن، جولاءِ، آگسٽ- سيپٽمبر- خاڪا نمبر، 2013ع.

115.       ڏسو ڪتاب: “ٿيا قلب قرار” ص: 197

116.       ايضاً، ص: 198

117.       ڊاڪٽر ڊيوڊ جيز مين، ”غلام رباني آگرو يادگيريون“، ڪتاب: ”ڏُور به اوڏا سپرين: غلام رباني آگرو فن ۽ شخصيت“، مرتب: الطاف آگرو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، سنڌ يونيورسٽي، -ڄام شورو، 2014ع، ص: 131، 132

118.       ميمڻ عبدالمجيد، سنڌي ڊاڪٽر سنڌي ادب جو تاريخي جائزو، (ڇاپو پهريون)، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2002ع، ص: 191

119.       15 جون 2012ع ۾ استاد محمد پناھ ڦرڙو سان ملاقات.

120.       آگرو غلام رباني آب حيات ڪهاڻي:ڪليات: (ڇاپو پهريون)، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، هن ڪتاب جي مصنف بابت رايا:، 2011ع، ص: 240

121.       سڏ پڙاڏو، مرتب - نصير مرزا، 1993ع، ص: 103

122.      ايضاً، ص: 57.

123.      غلام محمد لاکو غلام رباني آگرو- شخصيت جو هڪ پهلو، ٽِماهي ”مهراڻ نمبر 2، جلد 60، اپريل- جون، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ، 2010ع، ص: 168.

124.      گل محمد عمراڻي، مقدمي جھڙا گل گلاب جا جو نفسياتي ۽ سماجي جائزو: ساڳيو رسالو، ص: 147.

125.      قاضي جاويد آگري صاحب جون ڪي يادون، ساڳيو رسالو، ص: 182

126.      حافظ مهراڻ سڪندر آگري صاحب جو وڇوڙو“، ساڳيو رسالو، ص: 183.

127.      عبدالغفار صديقي جوڳي ڇڏي ويا جوءِ، (ساڳيو)، ص: 195

128.      محمد هاشم لغاري غلام رباني جي جدائي، (ساڳيو)، ص: 200.

129.      سيد زوار نقوي صفحن ۾ نظر، (ساڳيو)، ص: 203.

130.       اياز پاٽولي ڪو ڪو ماڻهو موتي داڻو، (ساڳيو)، ص: 204.      

131.       امام راشدي هن دنيا جي حياتي هڪ ڏينهن وانگر، (ساڳيو)، ص: 206.

132.      طارق عالم، سنڌي ادب هڪ بيمثال قصه گو اديب کان محروم ٿي ويو، ٽماهي، مهراڻ جنوري- مارچ 2010ع.

133.       سراج آب حيات مقدمو: ص: 14. 

134.       روزاني- عوامي آواز، ڇنڇر، 23 جنوري 2010ع

135.       خطِ غبار: (غلام رباني آگري جا خط حڪيم اعجاز ڏانهن)، سانڍيندڙ ۽ ساريندڙ:

136.                عرساڻي شمس الدين، آزاديءَ کانپوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر، (ڇاپو پهريون)، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، 1982ع، ص: 259

137.       جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر سنڌي ادب جي تاريخ، (جلد ٽيون) سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد ، سنڌ 2006ع، ص: 78

138.      ڪاڪا نواب، غلام رباني آگري جي افسانن جي ڪردارن جو جائزو، ڪتاب ڏور به اوڏا سپرين- غلام رباني آگرو فن ۽ شخصيت، مرتب: (ڇاپو پهريون)، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو، 2014ع، ص: 299، 300

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org