باب ٻيو:
غلام
رباني آگري جي قلمي پورهئي
جو تعارف
سنڌ جي ساهتي پرڳڻي جي علمي، ادبي،
تاريخي، ثقافتي، جاگرافيائي ۽ تمدني مطالعي مان
ظاهر ٿئي ٿوته، هي خطو پنهنجي تاريخي لحاظ وڏي
علمي وسعت رکي ٿو، انهيءَ وسيع تاريخي حقيقتن جي
روشنيءَ ۾ ڏسنداسين ته، هتان جي ڳوٺن، شهرن،
وستين ۽ واهڻن مان ڪيترن ئي عالمن جون علمي ۽ ادبي
خدمتون پنهنجي قوم لاءِ مشعل راھ بڻيون آهن. هتان
جي هر قبيلي جي عالمن ۽ اديبن جي تاريخ جا قصا ۽
روايتون مشهور آهن انهن قبيلن مان آگرا قبيلي کي
اها هڪ خاص اهميت حاصل آهي جو سندن خاندان مان
ڪيترائي فرد هن خطي ۾ علم جي محلاتن مان شاهي
مينار ٿيا. جهڙوڪ مخدوم عبدالله ۽ مخدوم محمد
دائود آگرو ۽ غلام رباني آگرو جيئن ته رباني هڪ
ڳوٺاڻي ۽ وچولي طبقي جو ٻارهو.
ڊاڪٽر غلام محمد لاکو لکي ٿو ته:
”پاڪستان جي ورهاڱي کان پوءِ ساهتي علائقي (موجوده
ضلعو نوشهرو فيروز)، ادبي دنيا جي حوالي سان ٽي
وڏا نالا پيدا ڪيا. ڊاڪٽر نجم عباسي جنهن 25
آڪٽوبر 1995ع تي وفات ڪئي. غلام رباني آگرو جنهن
18 جنوري 2010ع تي ستهتر (77) سالن جي ڄمار ۾ هن
فاني جهان ڇڏيو. ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي
صاحب، جنهن ڇاهتر (76) سالن جي عمر ۾ 15 مارچ تي
دم ڌڻيءَ جي حوالي ڪيو.“(1)
هت انهيءَ ڳالھ جي به وضاحت ڪرڻ ضروري آهي
ته، ساهتي پرڳڻي ۾، ٻيا به ڪيترائي عالم، اديب،
شاعر ۽ محقق ۽ نقاد پيدا ٿيا آهن جن جي هڪ وڏي لسٽ
آهي. مذڪوره ٽنهي عالمن جو تعلق ساهتي جي تعلقي
ڪنڍياري سان آهي ۽ ٻن عالمن جو تعلق خانواهڻ شهر
سان آهي ۽ غلام رباني آگري جو تعلق خانواهڻ جي
الهندي طرف تقريباً، ڇهن ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي
ڳوٺ محمد خان آگري سان آهي. هڪڙي اهم ڳالھ هي به
آهي ته، ٽنهي اديبن جا والدين استاد جهڙي عظيم
پيشي سان تعلق رکندا هئا ۽ ٽنهي استادن، استاد
الهندو خان عباسي، استاد محمد يعقوب قريشي ۽ استاد
عبداللطيف آگري جا پاڻ ۾ دوستي وارا مراسم هئا.
جيئن ته، هن تحقيق جو تعلق غلام رباني آگري جي
ادبي خدمتن سان آهي اُن ڪري هت انهيءَ ڳالھ جو
تحقيقي جائزو پيش ڪجي ٿو:
”غلام رباني آگري جي زندگيءَ ۾ جهاتي پائڻ سان پتو
پوي ٿو ته، هڪ انگريز اسڪالر رچرڊ برٽن جي حياتي ۽
تحريرن سان خاص انس هو.... ڪراچي ۾ رهائش ۽ ملازمت
واري دور ۾، سنڌ جي ڀلوڙ نثر نويس غلام رباني آگري
جو تعلق رچرڊ برٽن جي ڪتابن سان پيدا ٿيو.“(2)
غلام رباني آگري جي تحقيقي ڪم جي مطالعي مان جا
ڳالھ آڏو اچي ته، هن جي پهرين تحرير۾ ته هُو هڪ
ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ نظر اچي ٿو.
”غالباً 1953ع ڌاري پاڻ صرف ويهن ورهين جي ڄمار ۾
پهريون افسانو لکيو هئائون: ’اتر ڊاهي ان جا‘...
تڏهن مهراڻ رسالي طرفان اعلانيل نون افسانه نگارن
جي چٽاڀيٽيءَ ۾ سندن اِن افساني کي هاڪارن اديبَ
ججن پاران پهرئين انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو.
حُسن اتفاق، ان وقت به ويھ سالا رباني صاحب جي،
ڀٽائي صاحب سان والهانه وابستگيءَ جو هي عالم هئو
جو، پاڻ ان پنهنجي پهرين افساني جو عنوان ڀٽائي
صاحب جي عظيم الشان ابيات مان چونڊيو هئائون” (3)
ان مان ثابت ٿئي ٿو ٿه، غلام رباني آگرو، شاھ
عبداللطيف کان متاثر ٿيندي ڪهاڻي جو عنوان شاھ
عبداللطيف جي بيت مان کڻي ڪهاڻي جوڙيائين. انهيءِ
ڳالھ مان ثابت ٿئي ٿو ته، غلام رباني آگري جو شاھ
صاحب جي ڪلام سان گهرو لڳاءُ هو ۽ ٻئي طرف اهو به
ثابت آهي ته، سندس گهرو ماحول جو اثر غالب نظر اچي
رهيو آهي جو سندس والد صاحب استاد هو ان وقت جي
استادن جوادب سان گهرو سٻنڌ هو.
ڊاڪٽر غلام محمد لاکو لکي ٿو ته: ”هتي هي ڳالھ
ٻڌائڻ مناسب ٿيندي ته، ”سنڌ ۾ بازن سان شڪار“ اصل
۾ انگريزي ڪتاب دوباره انگلنڊ مان 1971ع ۾، ۽
ثقافتي کاتي توڙي آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڪراچي
پاران، ٽيون ڀيرو 1977ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.“(4)
ڪابه تحقيق پنهنجي تعارف کان سواءِ اڻپوري ۽ اڌوري
ليکي ويندي آهي ان ڪري هت مختصر طور تي، غلام
رباني آگري جي ابتدائي ذوق شوق ۽ ادبي ڪم جي وضاحت
پيش ڪري رهيا آهيون جيئن هن تحقيق کي چڱي نموني
ترتيب ۾ آڻي سگهجي. ”سنڌي ادبي 1977ع ۾ محمد
اسماعيل عرساڻي مرحوم جو ڪتاب ”سنڌ ۾ پکين ۽
جانورن جو شڪار“ ڇاپي پڌرو ڪيو. ڪتاب ۾ عرساڻي
صاحب جا عنوان لکيل ڇھ مضمون موجود آهن. جڏهن ته،
ضميمي طور رباني صاحب جو 1962ع ۾، برٽن جي ڪتاب جو
ڪيل ترجمو ”بازنامو“ پڻ شامل ڪيو ويو آهي. هيءُ
ڪتاب ڪرائون سائيز ۾ 143 صفحن تي مشتمل آهي. مصنف
طور عرساڻيءَ مرحوم سان گڏ غلام ربانيءَ جو نالو
به ڏنو ويو آهي، پر ان ۾ آگرو ڪونهي. حرف آغاز
عرساڻيءَ جو، ۽ پيش لفظ رباني صاحب جو لکيل آهي،
جنهن ۾ وري به برٽن بابت مختصر ڄاڻ ڏني وئي
آهي.“(5) ڪنهن به ليکڪ تي ڪي علمي ۽ ادبي اثرات
مرتب ٿيندا آهن ۽ انهيءَ اثرات کان غلام رباني
آگرو به آجو نظر نه ٿو اچي. ”رچرڊ برٽن شايد سنڌ
جي حوالي سان لکندڙ، پهريون اسڪالر آهي جنهن قلندر
شهباز تي علمي انداز سان لکيو آهي. ليڪن رباني
صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ قلندر تي پرٽن جي لکيل مواد کي
جزوري طرح کنيو آهي. سنڌ ۾ بازن سان شڪار، ڪتاب ۾
رچرڊ برٽن ڪتاب ختم ڪندي، پس نوشت
Postscript
لکيو آهي. ساڳيءَ طرح رباني صاحب ”سنڌ جا بر، بحر
۽ پهاڙ“ ختم ڪندي پس نوشت لکيو آهي. معنيٰ ته
رباني مرحوم 1962ع ۾ برٽن جو اثر قبول ڪيو ۽ اهو
پنجٽيھ سال پوءِ به (1997ع) تائين برقرار
رهيو.“(6) غلام رباني آگرو پنهنجي ڪتاب ”سنڌُ جا
بَرَ، بَحَرَ ۽ پهاڙَ“ ۾ پس نوشت جي پهرين صفحي
يعني صفحي نمبر 375 جي فوٽ ۾ لکي ٿو ته: ”Post
script
جو صحيح سنڌي ترجمو موجود ڪونهي. سنڌي اخبارن ۾
اڳي انهيءَ انگريزي محاوري جو نعم البدل ”قلم
تازو“ لکندا هئا. انهيءَ ڪري، مون صحت جي لحاظ کان
ان جو فارسي ترجمو استعمال ڪيو آهي، جو اردوءَ ۾
به رائج آهي. پر، انهن انگريزي محاورن جا صحيح
سنڌي ترجما ٿيڻ گهرجن.“(7)
دنيا ۾ ڪوبه ماڻهو ڪنهن جي نه ڪنهن جي اثرات کان
آزاد ڪونهي ان ڪري علمي حوالو ئي اهڙو آهي جو هي
عمل صدين کان جاري آهي ۽ انسان نواڻ پسند آهي ان
ڪري اهو ادبي دنيا جو قانون آهي ته، شين ۾ نواڻ
آڻجي، ان ڪري غلام رباني آگري رچرڊ برٽن جو اثر
قبول ڪندي هڪ ننڍڙي شيءِ اتان کڻي پنهنجي لکتن ۾
آڻي سنڌ جي ادب ۾ هڪ نواڻ آندي آهي. غلام رباني
آگري رچرڊ برٽن جا ڪتاب مطالعو ڪيا آهن ان ڪري اها
نواڻ پڙهندڙ کي سٺي لڳي ٿي. ”سنڌ ۾ بازن سان شڪار“
(انگريزي)، لنڊن مان 1852ع ۾ ڇپيو. رباني صاحب هن
ڪتاب مان ڪي ٽڪرا (حصا)، ترجمو ڪيا ۽ ماهنامه
”نئين زندگي“ ڪراچي ۾، مارچ، اپريل ۽ جون 1962ع جي
پرچن ۾ ڇپرايا. ليڪن ڪتاب مڪمل ترجمو نه ٿي
سگهيو.“(8) غلام رباني آگري کي برٽن جي ڪتابن سان
انتهائي لگن هو ان ڪري جڏهن پاڻ سنڌي ادبي بورڊ هو
ته، ”سنڌ ۾ برٽن جي ڪتابن جي نئين سر مطالعي جو
باني دراصل غلام رباني آگرو هو آهي. برٽن جا سنڌ
تي لکيل چار ڪتاب ويجهڙ ۾ ڇپايا. سنڌ ۾ بازن سان
شڪار ۽ ٻيهر سنڌ ۾، نالن وارا ڪتاب عبدالحميد
آخوند جي دلچسپيءَ سان ڇپيا آهن. جڏهن ته ٻه ٻيا
ڪتاب صفدر مهدي، انڊس پبلشرز پاران نروار ڪيا
آهن.“(9)
غلام رباني آگري جي علمي ۽ ادبي خدمتن کي سمجهڻ
لاءِ سندس دور جي همعصرن ۽ سندس ويجهو رهندڙ ماڻهن
۽ ان وقت يعني 1953ع کان 2010ع تائين جي مختلف
اخبارن ۽ رسالن جي گهري اڀياس مان جا معلومات ملي
ٿي ته، هن جي ادبي ڪم بابت ڪيترن ئي عالمن سندس فن
۽ فڪر تي گهري نظر وڌي آهي. سراج ميمڻ لکي ٿو ته:
”ڀائنجي ٿو ته حضرت عزرائيل عليہ السلام اسان جي
ادبي دوستن جو دائرو ننڍڙو پتڪڙو هوندي به هن جي
نظر کان بچي نه سگهيو آهي. اسان جي لڏي ۾ ابراهيم
جويو، شيخ اياز، جمال ابڙو، حفيظ شيخ، ع.ق شيخ،
غلام رباني، سوڀو گيانچنداڻي، پوهومل، رشيد آخوند،
۽ آءُ هئا سون. انهن مان هرڪو پنهنجي پنهنجي دائري
۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ خاموشي سان لکندو
رهيو.“(10) غلام رباني آگرو، سن 1953ع ۾ هڪ
ڪهاڻيڪار طور تي سنڌي ادب ۾ شامل ٿيو ۽ 2010ع،
يعني ستونجاھ سال مسلسل لکندو رهيو. غلام رباني
آگري ۽ سندس همعصرن هڪٻئي کي جيءَ ۾ جايون ٿي
ڏنيون ادب جي تخليقڪارن جو وڏو مانُ هو جنهنڪري
وڏن ۽ سينيئرن جي نگرانيءَ ۾ وڏا قلمڪار پيدا ٿيا.
”مون ”پشو پاشا“، ”بلودادا“ ۽ شيدو ڌاڙيل کان
متاثر ٿي لکيو.“(11) جڏهن اسان غلام رباني جي ادبي
ڪمن جو جائزو وٺون ٿا، ته ان جي شخصيت ۽ فن فڪر جو
هڪ گهرو ۽ معلوماتي پهلو اجاگر ٿي آڏو اچي ٿو.
غلام رباني آگرو تمام وڏو ليکڪ هو جنهن پنهنجي
ستونجاھ سالن جي عرصي ۾، ڪهاڻيون/ افسانه، ترجما،
خاڪا، تاريخ، سوانح عمريون، تاثرات، سفرنامن جي
موضوعن تي تمام ڀلو لکيو آهي. انهن لکيڻين پٺيان
ڪي محرڪات ڏسڻ ۾ اچن ٿا. سمورين صنفن تي ڀلو لکڻ
اهو ثابت ڪري ٿو ته، سندس تربيت جو بنياد ئي مضبوط
هو سندس لکڻين جي فڪري پس منظر ۾، سندس اديب ٺاهڻ
۾ مختلف شخصيتن جو ڪردار آهي، ان ۾ سندس خاندان،
ڳوٺ، شهر پنهنجو علائقو، ملڪ ۽ دنيا جي مختلف
شخصيتن هن کي متاثر ڪيو ۽ وڌيڪ مطالعي جي زور تي
سندس شخصيت جي سوچ فڪر ۾ وقت به وقت تبديلي ايندي
رهي. سندس لکتن جا موضوع به تبديل ٿيندا رهيا.
انهيءَ تبديلي جا اثرات وري پڙهندڙ ۽ لکندڙن تي
مرتب ٿيا جن سندس شخصيت ۽ ادبي شهپارن تي خوب کان
خوب تر لکيو تن ۾، عبدالقادر جوڻيجو لکي ٿوته:
”غلام ربانيءَ لکڻ جي شروعات تڏهن ڪئي، جڏهن هڪ
پاسي امن، پيار، درد، بي وسي، ماٺار ۽ ٻوڏار جي
ڌنڌ ۾ ويڙهيل سنڌ جي سماجي جوڙجڪ ۾ ڏار پوڻ شروع
ٿيا هئا، ته ٻئي پاسي ٻن عظيم جنگين ۽ ڪجھ انقلابن
جي نتيجي ۾ اڀري آيل نظرين، فني ڪارنامن ۽ سائنسي
ايجادن سنڌ جي سمجهو ماڻهن کي ذهني توڙي جذباتي
سطح تي لوڏي وڌو هو، آخر واٽ وٺن ته ڪهڙي
وٺن؟“(12) غلام رباني آگري جي ادبي ڪمن تي، سنڌ جي
مختلف شاعرن، اديبن، نقادن، محققن، مورخن،
ڪهاڻيڪارن، ڊراما نگارن، ڪامورن ڏيهي توڙي پرڏيهي
عالمن ننڍاننڍا مضمون، تاثرات ۽ تبصرا ۽ ان جي
ڪهاڻين/ افسانن جا مختلف ٻولين ۾ ترجما به ٿيا
آهن. ليڪن سندس ادبي ڪم تي ڪابه تحقيق ڪونه ٿي
آهي.
الف: ڪتاب: غلام رباني آگري جي ڪتابن جو
وچور هيٺ ڏجي ٿو
1-
چونڊ آمريڪي مختصر افسانا: مترجم- سراج ۽ رباني پهرين ايڊيشن،
ادبي بورڊ ڪراچي، حيدرآباد سنڌ، 1958ع
2-
آب حيات: (ڪهاڻي- ڪليات - ڇاپو پهريون - روشني پبليڪشن، ڪنڊيارو
2011ع
3-
سنڌ ۾ پکين ۽ جانورن جو شڪار: محمد اسماعيل ۽ غلام رباني، ڇاپو
پهريون- سنڌي ادبي بورڊ، پوسٽ باڪس نمبر 12
حيدرآباد، سنڌ 1977ع
4-
جهڙا گل گلاب جا: (پهريون حصو)- ڇاپو ٻيو- سنڌي ادبي بورڊ، -
ڄام شورو 2007ع
5-
جهڙا گل گلاب جا: (ٻيو حصو) ڇاپو ٻيو- سنڌي ادبي بورڊ، -ڄام شورو
2007ع
6-
ماڻهو شهر ڀنڀور جا: (ڇاپو پهريون) - سنڌي ادبي بورڊ،
ڄام شورو، سنڌ 2007ع
7-
سنڌي ڪلچر: سهيڙيندڙ : الطاف آگرو، نصير مرزا، ثقافت کاتو، حڪومت
سنڌ، 2011ع
8-
خط غبار: (غلام
رباني آگري جا خط حڪيم اعجاز ڏانهن)
سانڍيندڙ ۽ ساريندڙ، حڪيم اعجاز حسين چانڊيو،
روشني پبليڪشن، ڪنڊيارو، 2010ع
9-
هنگلاج ۾ چانهه: (سفر ناما) سهيڙيندڙ: الطاف آگرو ۽ نصير مرزا)
ڇاپو پهريون
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي،
ڄام شورو 2012ع
10- سنڌي ادب تي ترقي پسند تحريڪ جو اثر: (ڇاپو
پهريون)
سنڌي ادبي بورڊ -
ڄام شورو، سنڌ 2013ع
11- ٿيا قلب قرار: (مضمون، مقالا، يادگيريون،
ترجما، تقريرون ۽ خاڪا) مرتب، نصير مرزا-
الطاف آگرو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، -ڄام شورو
2013ع
12- سنڌ جا بر بحر ۽ پهاڙ: سوانح عمريون، سنڌي
ادبي -ڄام شورو، سنڌ 2005ع
ب : مضمون: غلام رباني آگري جي مضمونن جو
وچور
ڪتاب: سنڌي ڪلچر ۾ آيل مضمون
1- وري ورندو واءُ، وري وسندا مينهڙا
2- ان پر نه ايمان جيئن ڪلمي گو ڪوٺائين
1-
سارو ئي سبحان
2-
سنڌ جي تهذيب ۽ سنڌو
نديءَ جي شروعات
3-
فيضي ۽ ابوالفضل
4-
موجيم که آسودگي ماعدم
ماست
7- درياءَ جا ڪنارا
8- ڏس گذران فقيران دا
9- قابل فخر سرمايو
10- شهر- ڪلچر جو مظهر
11- سنڌي ساهت ۽ سنڌي عورت
12- شهر - ڪلچر جو سرچشمو
13- صاحب ساري سنڌ تي
14- سنڌ جو ممتاز علمي شخصيتون
ٽماهي،
”مهراڻ“ رسالي ۾ آيل مضمون ۽ مقالن جو مختصر تعارف
(1)
غلام رباني آگرو
”رڻ جا راهي“ ٽماهي،
”مهراڻ“،
نمبر4، جلد 39، آڪٽوبر،
نومبر، ڊسمبر- سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو/
حيدرآباد، سنڌ 1990ع،
(2) غلام رباني آگرو
”سنڌ
جا ٻرندڙ جبل“
سنگم پبليڪيشن، پوسٽ باڪس نمبر 89، حيدرآباد، سنڌ
(3) غلام رباني آگرو
”سامي
سنک وڄائي واٽ ٿيا“
ڊاڪٽر مهڪري جي ياد ۾- ٽماهي
”مهراڻ“ نمبر4، جلد 44، آڪٽوبر - ڊسمبر، سنڌي
ادبي بورڊ -
ڄام شورو، سنڌ 1955ع، ص:
(4)
غلام رباني آگرو
”جوڳيءَ تي جڙاءُ“ ٽماهي،
”مهراڻ“ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، خاص نمبر، جلد 63، جنوري - مارچ، سنڌي
ادبي بورڊ -
ڄام شورو، سنڌ 2013ع
(5)
غلام رباني آگرو
”اکڙيون مينگهه ملهار“
ٽماهي
”مهراڻ“، نمبر1، 2 جلد- 50، جنوري - جون، (تنوير عباسي نمبر) سنڌي
ادبي بورڊ -ڄام شورو، سنڌ 2000ع،
(6)
غلام رباني آگرو
”دارا جا پويان ڏينهن“
ٽماهي
”مهراڻ“، نمبر4، جلد -62، آڪٽوبر- ڊسمبر، سنڌي ادبي بورڊ -
ڄام شورو، سنڌ 2012ع،
غلام رباني آگري جي ڪتابن جو تعارف ۽ تبصرو
1-
آب حيات
غلام رباني آگري جو نالو سنڌ
جي اهم ڪهاڻيڪارن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس ڪهاڻين جي
ڪتاب
”آب حيات“
پهريون ڇاپو 1960ع ڌاري اداره زندگي پبليڪيشن
حيدرآباد پاران حميد سنڌي شايع ڪيو. ان وقت غلام
رباني آگرو 27 ورهين جو نوجوان هو. سندس شمار ان
وقت ۾ سٺن افسانن نگارن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. اوائلي
افسانن بابت پاڻ ڪتاب جي ابتدا ۾ لکيو اٿس ته:
”مون ننڍيءَ ڄمار ۾ جيڪي واقعا ڏٺا ۽ ٻڌا آهن. تن مان ڪن کي
ڪهاڻي جو ويس ڍڪائي عام ماڻهن جي اڳيان پيش ڪيو
اٿم. افسانا لکندي لکندي پوءِ اوچتو نوڪرين جي
ڪارو وهنوار ۽ شديد مصروفيتن سبب ڪهاڻي لکڻ کانئن
ڪجهه وقت لاءِ ڇڏائجي وئي. خوش قسمتيءَ سان 1980ع
واري ڏهاڪي ۾ وري ڪنهن دوست جي اصرار تي وري
افسانا لکڻ لاءِ قلم هٿ ۾ کنيم.“
۽ ساڳي طرح ٻئي دور جي پهرئين افساني جو عنوان به
پاڻ ڀٽائي صاحب جي ئي بيتن مان چونڊ يائون جيڪو
”لهرن
لک لباس“ هو ۽ اهو ئي افسانو جيڪو ٻئي دور ۾ لکيو
ويو. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ٽماهي
”مهراڻ“ ۾ شايع ٿيو ۽ پهرين دور يعني 1953ع کان
1960ع غلام رباني جي افسانن جو پهريون دور آهي،
جنهن ۾ تقريباً 18 افسانا لکيا هئا ۽ ان کان پوءِ جيئن
مٿي ذڪر ڪيو اٿم ته رباني آگري افسانا لکڻ ڇڏي
ڏنا. ۽ ان کانپوءِ 1980 ڌاري غلام رباني آگري
افسانا لکڻ شروع ڪيا. انهن افسانن ۾ پنج افسانا
”لهرن لک لباس“،
”خواب“،
”صبح ازل“،
”همسفر“ ۽
”محمد موچيءَ جو حج“ شامل آهن. اهڙي طرح، غلام رباني آگري جا ڪل 23 افسانا ٿين
ٿا. اهي سڀئي افسانا الطاف آگري ۽ نصير مرزا سهيڙي
2011ع ۾ روشني پبليڪشن، ڪنڊيارو - سنڌ طرفان هڪ
ئي ڪتاب ۾ شايع ڪيا ويا آهن. اهو ڪتاب
”آب
حيات: ڪليات ڪهاڻي“
جي عنوان سان منظر تي اچي چڪو آهي. جيڪو تصوير ۾
ڏسجي ٿو. جيئن ذڪر ٿي چڪو آهي ته مذڪوره ڪتاب ۾
غلام رباني آگري جا سمورا افسانا شامل ڪيل آهن.
ڪتاب ۾ غلام رباني آگري جا هٿ اکر خط لکيل آهي ۽ اهو خط الطاف ڏانهن
لکيل آهي هن خط ۾ تاريخ ڏنل ڪو نه آهي. ڪتاب ۾ ٻه
اکر نصير مرزا ۽ الطاف آگرو لکيا آهن. ڪتاب جو
مهاڳ سنڌ جي نالي واري ڪهاڻيڪار سراج ميمڻ جو لکيل
آهي. ڪتاب جو پيش لفظ 1960ع واري ڏهاڪي جو غلام
رباني آگرو جو لکيل آهي.
”آب
حيات“ کانپوءِ پوءِ واريون پنج ڪهاڻيون لکيل
آهن. پنجن ڪهاڻين کانپوءِ
”آب
حيات“
بابت ٻه اکر نالي واري ڪهاڻيڪار حميد سنڌي لکيا
آهن، ۽ پيش لفظ - غلام رباني آگروي لکيو آهي. ڪتاب
جي آخر ۾ چئن قلم ڌڻين شيخ اياز، رسول بخش پليجو
جمال ابڙو ، شيخ حفيظ جا رايا شامل ڪيل آهن. هي
سمورو ڪتاب 254 صفحن تي مشتمل آهي.
2- چونڊ آمريڪي مختصر افسانا
مترجم:
سراج رباني
مذڪوره مجموعي ۾ جديد آمريڪي
افسانوي ادب مان هڪ انتخاب ڪيو ويو آهي. آمريڪا جي
زبان انگريزي هوندي به ان جو تمدن ۽ تهذيب ۽
زندگيءَ جو اسلوب ٻين انگريزي ڳالهائيندڙ ملڪن کان
ڪجھ قدر مختلف آهي. هن افسانن جي مجموعي ۾ آمريڪي
زندگيءَ جي مختلف پهلوئن کي اجاگر ڪيو ويو آهي.
مذڪوره ڪتاب کي سنڌي ترجمي ڪرڻ ۾ رباني ۽ سراج
بامقصد ترجمو ڪيو آهي. پنهنجي صلاحيت موجب ۽ ڪافي
محنت سان هي ترجمو ڪيل آهي. ٻئي ترجمي نگار پنهنجي
مقصد ۾ ڪامياب نظر اچي رهيا آهن جيڪا ترجمي نگارن
جي ڪاميابي
آهي،
مذڪوره ڪتاب مان چٽي نظر اچي رهي آهي. پنهنجي ديس
واسين لاءِ پرڏيهي ادب مان چونڊ ڪري سنڌي زبان ۾
ترجمو سنڌ واسين تي هو وڏي ۾ وڏو احسان ڪيو آهي.
مترجم ٻن ٻولين جي مهارت سان پنهنجي ماهرانه
صلاحيتن سان ڀرپور ترجمو ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ چوڏهن
افسانن جو ترجمو
ڪيل آهي. جيڪو رباني ۽ سندس ساٿي سراج ڪيو آهي.
انهن افسانن جا عنوان آهن: مغربي سمنڊ جي ساحل تي،
ڪافر، واديءَ جو ڪڙمي، آرزو مند مهمان، ڪونج، پٿر
جي عظيم شڪل، نيوانگلينڊ جي راهبه، لويءَ جي
واپسي، جونيس مالٽبي، ٻيلن جو بادشاهه، گرم ندي،
ريڍار جي ڌي، سرڪس، مئخاني جون سوکڙيون. نالن سان
ديسي زبان ۾ ويس ڍڪرائي، سنڌي ادب ۾ اهم اضافو ڪيو
آهي.
3-
سنڌ ۾ پکين ۽ جانورن جو شڪار
محمد اسماعيل عرساڻي ۽ غلام رباني
غلام رباني آگري جي زندگيءَ
۾ جھاتي پائڻ سان خبر پوي ٿي ته هو هڪ پاڙهو ڏاهو
۽ عالم هو. ڪراچي ۾ رهائش ۽ ملازمت واري دور ۾ سنڌ
جي هن ڀلوڙ نثر نويس غلام رباني آگري جو تعلق
رچرڊبرٽن جي ڪتابن سان ٿيو، پاڻ رچرڊ برٽن جي چئن
ڪتابن مان هڪ ڪتاب سنڌ ۾ بازن سان شڪار 1852
Falconry in the Valley of Indus
جيڪو لنڊن ۾ ڇپيو. رباني صاحب هن ڪتاب مان ڪي ٽڪرا
(حصا) ترجمو ڪيا ۽ ماهنامي
”نئين زندگي“
ڪراچي ۾ مارچ اپريل ۽ جون 1962 جي پرچن ۾ ڇپرايا ۽
پوءِ ربانيءَ جي اصرار تي محمد اسماعيل عرساڻي سنڌ
۾ شڪار جي موضوع تي مضمون لکيا، ۽ اهي سه ماهي
”مهراڻ“ ۾ ڇپيا ۽ مذڪوره ڪتاب جي ضميمي طور رباني جا ٽي مضمون ڏنا
ويا.“(13)
ضميمو
1.
باز سان شڪار
2.
مصنف رچرڊ برٽن
3.
مترجم غلام رباني آگرو
مذڪوره ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ 1977ع ۾ محمد
اسماعيل عرساڻي مرحوم جو ڪتاب
”سنڌ
۾ پکين ۽ جانورن جو شڪار“ڇاپي
پڌرو ڪيو. هن ڪتاب ۾ عرساڻيءَ جا عنوان تي لکيل
ڇهه مضمون 1. تترن جو شڪار 2. هرڻن جو شڪار 3.
بربلن جو شڪار 4. پلن جو شڪار 5. مرن (سوئرن) جو
شڪار 6. ڍنڍ جي پکين (آبي پکين) جو شڪار موجود
آهن.
جڏهن ته ضميمي طور رباني صاحب جو
1962ع ۾ برٽن جي ڪتاب جو ترجمو
”بازنامو“ پڻ شامل آهي. هن ڪتاب ۾ ڪرائون سائيز ۾ 143 صفحن تي مشتمل
آهي. هن ڪتاب ۾ برٽن جي مختصر ڄاڻ ڏني وئي آهي.“(14)
4 - جهڙا گل گلاب جا (حصو پهريون)
هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڇهن ناميارن عالمن، اديبن ۽
استادن جو تذڪرو بيان ڪيو ويو آهي. هي تخليق اصل ۾
سنڌ جي ويجھي ماضيءَ جي مختلف ادبي، ثقافتي، سماجي
۽ سياسي شخصيتن جي زندگيءَ تي روشني وڌل آهي. هن
ڪتاب ۾ غلام رباني آگري سهڻيءَ ريت پنهنجي
يادگيرين کي به سهيڙيو آهي. هن ڪتاب ۾ جن جن
شخصيتن جا خاڪا پيش ڪيا ويا آهن. انهن مان ڪن جي
زيارت ۽ صحبت ته ڪن سان خط و ڪتابت جي سعادت نصيب
ڪئي آهي.هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو آهي، جيڪو سنڌي ادبي
بورڊ 2007ع ۾ شايع ڪيو آهي ۽ هن ڪتاب جي قيمت 150
رپيا رکيل آهي. هي سمورو ڪتاب 280 صفحن تي مشتمل
آهي. مذڪوره ڪتاب جي هن حصي ۾ جن شخصيتن جو ذڪر
ڪيو ويو آهي. انهن ۾ آهن: علامه آءِ.آءِ قاضي، عبداللطيف آگرو- ليکڪ جو پيءُ
آهي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، عثمان علي
انصاري، سيد ميران محمد شاهه، پير حسام الدين
راشدي. هن ڪتاب جي شروعات يعني صفحي نمبر يارهين
کان اٺاسي تائين هڪ لاجواب مقدمو شامل ڪيل آهي.
غلام رباني آگرو هن ڪتاب جي مقدمي ۾ لکي ٿو ته:
پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ هڪ ثقافتي معاهدي هيٺ اديبن
جا وفد سال بسال دوري تي ويندا آهن جڏهن مان
اڪيڊميءَ ۾ ملازم ٿيس، ته چيني اديبن جي وفدن جي
دورن جا انتظام ڪندو هئس.“(15) جيئن ته غلام رباني ذهين ماڻهو هو
سندس هن ڪتاب جي مقدمي ۽ مواد مان سندس علم ادب جي
معلومات ظاهر نظر اچي رهي آهي.
4-
جهڙا گل گلاب جا (ٻيو حصو)
”جهڙا گل گلاب جا“
هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جو ٻيو ڇاپو آهي. هن ڪتاب
جي قيمت پڻ 150 رپيا رکيل آهي ۽ هي ڪتاب پهرين حصي
جي، ٻي ڪڙي آهي جيڪو صفحي نمبر 281 کان شروع ٿئي
ٿو ۽ صفحي 510 تي ختم ٿئي ٿو. هي ڪتاب پڻ سائين
جي.ايم.سيد جي مشهور ڪتاب
”جنب گذاريو جن سين، پير علي محمد شاهه راشدي جي ڪتاب
”اهي ڏينهن اهي شينهن“، سيد حسام الدين راشديءَ جي ڪتاب
”هو ڏو ٿي هو ڏينهن“ وانگر سنڌي ساهت ۾ وڏي اهميت لهڻي ٿو. هن
ڪتاب جي پهرين ڀاڱي ۾، سنڌ جي علمي ۽ ادبي شخصيتن
جو انهن جي تصويرن سميت ذڪر ڪيو ويو آهي اديب،
شاعر، عالم ۽ ڪامورا سڀ اچي وڃن ٿا. جن جون علمي،
ادبي، تعليمي ۽ تاريخي خدمتن ۽ يادگيرين کي اجاگر
ڪري پيش ڪيو ويو آهي. اهي معلوماتي ڳالهيون سنڌي
سماج تي اثر انداز ٿين ٿيون. هن ڪتاب ۾ جن سترهن
مشاهيرن جو تذڪرو ڪيو ويو آهي سي آهن: شيخ
عبدالمجيد سنڌي، حاجي مولا بخش سومرو، نواب نور
احمد خان لغاري، مولانا غلام محمد گرامي، مولانا
عبدالواحد سنڌي، ٻيڙو فقير ڪنڀر، مولوي حافظ
عبدالحميد ڀٽي، رشيد ڀٽي، صديق سالڪ، ايڇ.ٽي لئمبرڪ، محمد امين کوسو، مخدوم محمد زمان طالب المولى،
پروفيسر سيد غلام مصطفى شاهه، محمد ابراهيم جويو،
شفيق الرحمٰن، مولانا غلام مصطفى قاسمي، غني خان
شامل آهن. اهي عظيم شخصيتون پنهنجن سمورن رخن ۽
علمي ۽ ادبي ڪارنامن سان سان اسان آڏو نروار ٿي
بيهن ٿا. غلام رباني آگرو علامه غلام مصطفيٰ قاسمي
بابت لکي ٿو ته انسان جي ذهني تربيت گهڻن ئي ذريعن
سان ٿئي ٿي، پر مکيه شايد ٻه آهن: هڪ چڱن ماڻهن جي
صحبت وسيلي، ۽ ٻيو سٺن ڪتابن پڙهڻ سان.“(16)
5-
ماڻهو شهر ڀنڀور جا
ڄاڻو ڄاڻن ٿا ته رباني جي لکت ۾ دلڪش بيان جي نواڻ
جو خاص ۽ الڳ انداز آهي. سندس تحرير ۾ لفظن جا
ڀنڊار نه موتين جا انبار آهن. رباني جي هي تحرير
لکڻ جو پنهنجو منفرد انداز آهي. هي ڪتاب ڏيهي ۽
پرڏيهي ادبي، ثقافتي، سماجي ۽ سياسي شخصتن جي
مختلف رخن تي روشني وجهي ٿو. هن ڪتاب ۾ انهن شخصتن
جي مکيه پهلوئن جا عڪس پنهنجي لکڻي وسيلي پسايا
آهن. هي ڪتاب سندس اڳين ڪتابن جو ادبي ڪاوشن جو
تسلسل آهي، جيڪو سنڌي ادب ۾ قابل قدر اضافو آهي.
هن ڪتاب ۾ جن به شخصتن جو احوال ڏنل آهي. سي سڀ
معزز ۽ محترم آهن.، پر انهيءَ احوال کي سندن سوانح
خاڪا سمجھڻ شايد صحيح ڪونه ٿيندو. رباني لکي ٿو
ته، مون ڪنهن به شخصيت جي ڄم جي تاريخ ۽ هنڌ، سندس
تعليم، شادي ۽ اولاد جا تفصيل ڪو نه ڏنا آهن، ان
ڪري هن ڪتاب ۾ سندس تاثرات آهن. جيڪي ڪارائتا آهن.
هن ڪتاب جو تعارف حميد سنڌي لکيو آهي، ۽
”پيش لفظ“ خليفي حڪيم عبدالحميد چانڊيو جا لکيل آهن.
هن ڪتاب ۾ ڇويهه شخصيتن تي تاثرات لکيل آهن. جيڪي
رباني صاحب
ڪن شخصيتن سان گڏ گذاريو ته ڪن کي وري ڪتابن ۾
پڙهيو يا وري ٽي- ويءَ تي ڏٺو آهي. هن ڪتاب ۾ جن
ڇويهه شخصيتن تي تاثرات لکيا آهن سي هي آهن.
سائين جي-ايم- سيد، پير علي محمد راشدي، پير حسام
الدين راشدي، مخدوم سجاد حسين قريشي، ڊاڪٽر
ائنيمري شمل، ايلسا قاضي، سوڀو گيانچنداڻي، شيخ
اياز، جمال ابڙو، ڊاڪٽر جي ايم مهڪري، شيخ حفيظ،
نورالدين، تنوير عباسي، حميد سنڌي، جمال رند،
استاد اظهار حسين، ارنيسٽ ٽرمپ، ڊيوڊ چيزمين،
ليڊي ڊيانا، ڀڳت ڪنور، حسين شاهه راشدي، پروين
شاڪر، ڊاڪٽر نجم الاسلام، محمد حسن ڀٽو، اعجاز
قريشي ۽ غلام علي شامل آهن. هن ڪتاب کي سنڌي ادبي
بورڊ ڄام شور، سنڌ پاران پهريون دفعو، فيبروري
2012ع ۾ شايع ڪيو آهي. هن ڪتاب جي قيمت 650 رپيا
رکيل آهي. ڪتاب 576 صفحن تي مشتمل آهي.
7. سنڌي ڪلچر
- پس منظر- پيش منظر
هن ڪتاب ۾، غلام رباني آگري سنڌي ثقافت
کي نمايان ڪري پيش ڪيو آهي ۽ ثابت ڪري ڏيکاريو آهي
ته سنڌ جي تهذيب تمدن شاهوڪار ۽ ٻين ملڪن جي تهذيب
۽ ثقافت هر لحاظ منفرد آهي.
نفيس شيخ لکي ٿو ته:
”سنڌي ڪلچر“ جي موضوع تي رباني صاحب جي فڪر انگيز مضمونن جو هي مجموعو
پڻ آهي. سنڌي ادب جي دلپذيرائي واري نثر نويسيءَ
جو هڪ وڌيڪ بهار آفرين گلستان برپا ڪيو آهي.“(17)
هن ڪتاب ۾ چوڏهن مضمون شامل
آهن. جيڪي آهن.
”وري
ورندو واءُ“،
”ان پر نه ايمان“،
”سارو ئي سبحان“،
”سنڌ
جي تهذيب“،
”فيضي ۽ ابوالفضل“،
”موجيم
که آسودگي ماعدم ماست“،
”دريا جا ڪنارا“،
”ڏس
گذران فقيران دا“،
”قابل فخر سرمايو“،
”شهر
ڪلچر جو مظهر“،
”سنڌي
ساهت ۽ سنڌي عورت“،
”شهر ڪلچر جو سرچشمو“،
”صاحب ساري سنڌ تي“،
”سنڌ جون ممتاز علمي شخصيتون“
۽ مولانا عبيدالله سنڌي شامل آهن. هن ڪتاب جو ليکڪ
غلام رباني آهي. ڪتاب جا شهيڙيندڙ: الطاف آگرو ۽
نصير مرزاآهن. ڪتاب ۾ جيڪي سهڪاري ساٿي آهن تن ۾،
حافظ احمد الدين انڍڙ ۽ ڪتاب جي لئي آئوٽ ڪئي موهن
مدهوش ۽ فقير محمد ڍول. ٽائيٽل نعيم خان ديسوالي ۽
ڪمپوزنگ سليم پيرزادي ڪئي آهي. هن ڪتاب کي سنڌ جي
ثقافت کاتي حڪومت سنڌ پاران 2011ع شايع ڪيو ويو
آهي. سمورو ڪتاب 144 صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي
قيمت 200 روپيا رکي وئي آهي. هي سمورو ڪتاب 144
صفحن تي مشتمل آهي. مذڪوره ڪتاب جا ٻه اکر ڊاڪٽر
محمد علي مانجهي جا لکيل آهن ۽ گفتار ۽ هي ڪتاب
ڪيئن لکيو ويو آهي؟ جنهن لاءِ نصير مرزا ۽ نفيس
احمد شيخ ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت تي خيالن جو
اظهار ڪيو آهي.
غلام رباني آگري جي مذڪوره ڪتاب جي مطالعي جي
جائزي مان جيڪا ڳالھ آڏو آئي آهي ته، پاڻ سنڌي
زبان ۽ ادب جو گهڻ پاڙهو عالم هو ۽ سنڌي زبان جي
ماهيت کان وافق هو، ان ڪري سنڌ جي تاريخ، ادب ۽
ثقافت کي متعارف ڪرائيندي مذڪوره ڪتاب ۾ جيڪي
چوڏهن مضمون مختلف مٿي ڏنل عنوانن سان قلمبند ڪيا
ويا آهن. اهي سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت جو چٽو عڪس پيش
ڪن ٿا.
”سنڌي ڪلچر- پس منظر-
پيش منظر“
هڪ اهڙو شاهڪار ڪتاب آهي، جنهن ۾ غلام رباني آگرو
پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي جي زور تي سنڌي ثقافت کي
منظر عام آندو آهي جو پڙهندڙ انهن مضمونن کي پڙهي
سندن اندر ۾ هڪ احساس اڀري ٿو، اسان جو سنڌي
معاشرو هماگير ۽ قديم آهي ۽ انهيءَ جون پاڙون سنڌ
ڌرتيءَ اونهائيءَ ۾ کُتل آهن. اهڙي ڪتاب کي پڙهي
سرهائي محسوس ٿي آهي.
8. خطِ غبار
غلام رباني آگري جا خط - حڪيم اعجاز ڏانهن
غلام رباني آگري جو شمار جديد سنڌي
ڪهاڻي جي معمارن ۾ ٿئي ٿو. پر سندس لکڻين جا ٻيا
به پهلو رهيا آهن. سندس هرهڪ تصنيف کي هڪ خاص
افاديت حاصل آهي ڇاڪاڻ جو سندس سيني اندر سنڌي
لفظن جو هڪ وڏو خزانو اٿس،
جنهن ڪري گفتگو جي انداز ۾ وڏي چاشني رکيل آهي.
انهيءَ شيريءَ سبب دنيا جي وڏن وڏن اڪابرن کي
پنهنجو بڻائي ڇڏيائين ۽ ايران، هندستان ۽ بنگلاديش
۾ پنهنجي ذهن ۽ ذڪاء جو استعمال ڪندي وڏو نالو
روشن ڪيائين. سندس تحريرن کي چين سميت ٻين زبانن ۾
ترجمو ڪيو ويو. انهيءَ خوبي ڪري سندس هرهڪ تحرير
مان هرڪو معطر ٿي ويندو آهي. ادبي لحاظ کان سندس
مضمون ۽ سفر ناما وڏي معلومات پيش ڪن ٿا. سندس
عنوانن ۾، ڪيترا ئي جامع پهلو شامل آهن جن ۾:
”شاهه
ولي الله جا مخدوم معين ٺٽويءَ ڏانهن خط“
۽ قرآن شريف جا ترجما عالمانه مقام رکن ٿا. سندس
هي ڪتاب “خط غبار” حڪيم اعجاز حسين چانڊيو ڏانهن
لکيل خط آهن، جن کي حڪيم صاحب ڪتابي صورت ڏئي
ڇپرايو آهي. خط ڇا آهن؟ ديني اسلامي ڄاڻ سان ڀريل
تحفا آهن ۽ هن ڪتاب ۾ اٽڪل اڻويهه خط شامل آهن،
جيڪي رباني صاحب حڪيم صاحب ڏانهن لکيا آهن ۽ ڪتاب
جي آخر ۾ ربانيءَ صاحب جون يادگار تصوير ڏنل آهن.
جنهن ۾ پهرين تصوير محمد ابراهيم جويي سان غلام
رباني آگرو ڪنهن علمي ادبي محفل ۾ ملي رهيو آهي.
آخري تصوير غلام رباني آگري جي سيد غوث علي شاهه
سان گڏ ڏنل آهي. خطن جو مجموعو 134 صفحن تي مشتمل
آهي ۽ هي خط اعلى نموني ۾ لکيل ڄاڻ جو خزانو آهن.
سنڌي ادبي تاريخ ۾ خطن جي موضوع تي هي ڪتاب پُڻ
اهم اضافو آهي.
9-
هنگلاج ۾ چانهه، تبصرو
سفر ناما گهڻن ليکڪن لکيا آهن. مگر غلام
ربانيءَ جو لکڻ جو انداز منفرد ۽ اوچي پد تي نظر
اچي ٿو. اهو سچ آهي
”سرمون سڀڪا پائي، پر اک اک جو ڦير“ ڪتاب جو انتساب پنهنجي ٻچڙن ۽ امان سانئڻ
ڏانهن ڪري ويو آهي. هن سفر نامي لکڻ وقت رباني
دنيا جهان جي تاريخ جون ڪيتريون حقيقتون اجاگر
ڪيون آهن. جيڪي تاريخي ماڳ ۽ گهميائين تن جي آثارن
۽ اهڃاڻن جي پرک ڪندي ڪن تاريخي حوالن سان انهن
متعلق قيمتي معلومات ڏني وئي آهي. اهڙين لکڻين مان
هڪ آتم ڪٿا ۽ ڊائري واري به خوشبوءِ معلوم ٿئي
ٿي. ان کان علاوه هن ليک ۾ هي خاص حقائق بيان ٿيل
آهن، جن ۾، سفر نامن جي تحريڪ، سفر نامن لکندڙ
مشاهيرن جو احوال، شاھ ڀٽائي بابت، مشاهيرن جي
ڪويتائن بابت، ڊاڪٽر شمل بابت، هيلي ڪاپٽر، جيپ ۽
ٻيڙي جي سير بابت، ڪن آفيسرن جي اخلاق بابت، شيرين
فرهاد جي قبر بابت، خلا جي تصور بابت، هنگلاج جي
اهميت بابت، هنگلاج جي مکيه ياترين بابت، هنگلاج
جو مفهوم پيش ڪري، هيٺ ڏنل بيت تي هن مضمون جي
پڄاڻي ڪئي وئي آهي:
”پڙاڏو سو ئي سڏ، ور ورائي جو لهين
هئا اڳين گڏ، پر
ٻڌڻ ٻه ٿيا“.
(شاهه ڀٽائيؒ ) |