باب پهريون:
غلام
رباني آگري جي سوانح حيات
سنڌ جو تاريخي پس منظر
سنڌ جهڙي پاڻ آهي قديم تهڙي سندس تاريخ آهي قديم. سنڌ جي تاريخ
متعلق ڪيترن ئي ڏاهن ان جي قدامت جي تاريخ بابت ڪي
اڳ ڪٿيون ۽ روايتو پيش ڪيون آهن ۽ ڪيترن ئي محققن
اُن جي قديم اهڃاڻن ۽ آثارن ۽ ان جي جاگرافيائي
بيهڪ کي ڏسي ان بابت معلومات ڏني آهي. “سنڌ جو
پرڳڻو جهڙو آهي پاڻ قديم، تهڙو ئي آهي سندس نالو
قديم. رگ ويد جهڙي جھوني پستڪ ۾ به اهو نالو
ڄاڻايل اٿس، جنهن ڪري چئبو ته سڄيءَ دنيا جي ساهت
۾ انهيءَ کان آڳاٽو ٻيو نالو آهي ئي ڪونه. اها
اسان جي سنڌ آهي، جنهن ۾ سڀيتا جو سج به انهيءَ
آڳاٽي سمي ۾ اڀريو هو، جنهن سمي ۾ دنيا جون ڪيتريو
ئي قومون اڃا سياري جي سوڙ تاڻي سمهيون پيو هيون،
۽ پوءِ سجاڳ ٿيون، ته به ڪيترو وقت سنڌ جي سنگين
ململ سان پنهنجو بت ڍڪينديون هيون. اهو رواج
الهندي ايشيا، مصر ملڪ ، ڀونوچ سمنڊ وارن ڪنارن،
بلڪه يورپ ۾ به ڪيتريقدر اسان جي سنڌو ماٿر جي
رهاڪن ڪيو هو.“(1)
ويدن ۾ آڳاٽو رگ ويد آهي، جنهن جي منڊل ڏهين جي سُوڪت پنجهتر ۾
انهيءَ قديم زماني جي هڪ رشيءَ ان وقت ئي سنڌ جي
سڀيتا ۾ شاهوڪاريءَ جي واکاڻ جا ڍڪ ڀريا آهن! ويدن
کان پوءِ هندن جا اتهاس ۽ پراڻ آهن، ۽ انهن کان
پوءِ ٻڌ ڌرم ۽ جين ڌرم وارن جا ڌرمي پستڪ آهن.
انهن سڀني ڌرمي پستڪن ۾ ساندهه ڏسبو ته سنڌ جي
هڪڙي نه ٻي ساک لکي پئي آهي. گوتم ٻڌ کان پوءِ، ۽
سڪندر اعظم کان ٿورو ئي وقت اڳ جا احوال ڏسو ته
انهن منجهان به ائين ئي معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي
پرڳڻي ديسان ديس پنهنجو ڌاڪو اهڙو ته وجهي ڇڏيو هو
جو ايران، اسيريا، بابل (بئبلونيا) بلڪه يورپ جي
ڪن قومن کي انهيءَ وقت به سڌ هئي ، ته سنڌ نهايت
ڀاڳ ڀريو پرڳڻو آهي. ۽ انهيءَ ڪري ايرانين ۽
يونانين جو وات پاڻي پئي ٿيو، ته ڪيئن به ڪري اهو
ڌن سان ڀريل پرڳڻو پنهنجي قبضي ۾ ڪجي، اهو ئي هڪ
مکيه سبب هو، جنهن ڪري وقت به وقت ڌاريون قومون
سنڌ تي ايئن پئي ڪاهون ڪيون، جيئن ملان مِڙن ڀَت
تي.“(2)
سنڌ جي نالي بابت اسلامي تاريخن ۾ لکيل آهي، ته هند ۽ سنڌ حام بن
نوح عليہ السلام جا پٽ هئا، جن جي هن سر زمين تي،
سندن اولاد سميت گهڻو وقت حڪومت رهي هئي. تنهن ڪري
سندن نالي پٺيان ئي هن ملڪ تي سند ( سنڌ) نالو
پيو.“ (3)
ڪن جو بيان آهي ته ، لفظ
”سنڌو” سنسڪرت لفظ
”سنڌاوا“
مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ
”چنڊ“ آهي. رگ ويد ، جو هندن جو پراڻو گرنٿ آهي،
تنهن ۾ سنڌ جو نالو
”سپت
سنڌو“
يعني ستن ندين وارو ملڪ لکيل آهي. آرين لوڪن سنڌ
تي
”سنڌو“
درياءَ تي اهو نالو وڌو، جنهن جي معنيٰ آهي.
”سمنڊ“ سونهاري سنڌ جو هر ڳوٺ، واهڻ، وستي پنهنجي
اندر سوين سالن جون تاريخون سانڍيون ويٺي آهي.
قديمي تاريخي عمارتن ۽ يادگارون، سماجي ۽ سياسي پس
منظر جون عڪاس آهن. نادر ۽ ناياب نواردات ۽ قلمي
مخطوطات، هنر مندن عالمن ۽ اديبن ۽ روحاني شخصيتن
جي منزلت علميت قابليت ۽ محنت جو مظهر آهن. اتي
عالمن، اديبن، صوفين ۽ تاريخدانن پڻ هن خطي کي وڏي
اهميت ڏني ۽ ان کي پنهنجو ملڪ بنايو. سر زمين سنڌ
پنهنجي تهذيبي ۽ تمدني روايتن سبب، هر مهمان جي
ميزباني جو فرض بهتر طريقي سان نباهيو. نه صرف
رهائش، کاڌي خوراڪ ۽ گذر سفر جو سامان مهيا ڪيو،
بلڪه هر قسم جو علمي، روحاني، تحقيقي ۽ ادبي سامان
به مهيا ڪيو. اسين ڏسون ٿا ته صوفين ۾ لعل شهباز
قلندر، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جهڙا
جليل القدر ماڻهو، عالمن ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي،
ابوالحسن سنڌي، شاهه شريف راڻي پوري، مخدوم معين
ٺٽوي، جهڙا بي مثال انسان ۽ شاعرن ۾ اڻ ڳڻيان شاعر
جن بابت
”مقالات الشعراء“ ۽
”تڪلمه
مقالات الشعراء“
شاهدي ڏئي رهيا آهن ۽ وري تاريخ نويسن ۾ مير علي
شير قانع، رحيمداد خان مولائي شيدائي، پير حسام
الدين راشدي ۽ ٻيا کوڙ سارا وڏا عالم پيدا ڪيا
آهن.“(4)
ڳوٺ محمد خان آگرو جو تعارف
سنڌ جا ڳوٺ واهڻ ۽ وستيون پنهنجي
اندر هڪ تاريخ رکن ٿا. انهيءَ لحاظ ڏٺو وڃي ته،
ساهتي جي تاريخ ۽ علم ادب سنڌ جي تاريخ جي صدين جو
هڪ سرمايو آهي انهيءَ پرڳڻي جا ڳوٺ واهڻ ۽ وستيون
علم ۽ ادب ۾ اڳڀرا رهيا آهن. ڳوٺ محمد خان آگرو
ضلع نوشهروفيروز جي تعلقي ڪنڊياري جي يونين
ڪائونسل محبت ديرو جتوئي ديهه شيخاڻي ۾ پڻ موجود
آهي. غلام رباني آگرو لکي ٿو ته:
”آگرن جا ٻه ٽي ڳوٺ نواب شاهه ۽ دادو
ضلعن ۾ دريا جي ڪپن سان آمهون سامهون ڳوٺ موجود
آهن. اڳي جڏهن روڊ رستا ڪونه هوندا هئا. تڏهن
آمدرفت ٻيڙين وسيلي ٿيندي هئي، ان ڪري دريا جي
ٻنهي پاسن کان آبادي هوندي هئي. سنڌ ۾ ڪيترن ئي
ذاتين ۽ قبيلن جا ائين دريا جي ٻنهي پاسن سان
آمهون سامهون ڳوٺ آهن، ڳوٺ محمد خان آگرو درياءَ
مهراڻ جي ڪناري يعني بچاءَ بند جي ڳوٺ ڀوئنرن جي
نزديڪ آهي.“(5)
هن ڳوٺ جي آگرا قوم وارن ديني ۽ علمي دنيا ۾ توڙي
ادبي دنيا ۾ ايڏو نالو ڪڍيو، جنهن ۾ ايتري نکار
آئي ۽ لازوال ذخيرو پيش ڪيو، جنهن کان پوءِ، سنڌ
جي علمي ۽ ادبي تاريخ جهومي پئي. مطلب ته آگرن جو
ڳوٺ ظاهر ۾ هڪ ننڍڙي آبادي آهي، مگر آڳاٽي زماني
کان وٺي، هن آباديءَ مان مخدوم عبدالله جي ڪٽنب
مان اهڙا روشن مينار ٿيا، جو ان مان سنڌ ته ڇا
دنيا جا ڪيترا شهر روشن ٿيا. انهن ۾ سندس پٽ مخدوم
محمد دائود پڻ وڏو عالم ٿيو. مخدوم عبدالله جن
اهڙا عظيم دانشور هئا جن جا فقهي ۽ ادبي شاهڪارن
جي نسبت سان گرامي مرتبت آگرا ذات جي سڃاڻ بنجي
ويا سندس عرفان آگهي جو پتو هلندڙ ڦرندڙ مجسمو ۽
اخلاق حسنه جو هڪ متحرڪ درسگاهه هو. هن قوم ۾ ڪيئي
بزرگ عالي قدر هئا، جو انهن جا پوئلڳ خاندان آگرو
سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا.“(6) هن ڳوٺ بابت رٽايرڊ استاد نثار احمد
آگرو ٻڌائن ٿا ته:
”هن
ڳوٺ جو جنهن نيڪ مرد بنياد وڌو هو، اهو هو محمد
خان ولد فضل محمد آگرو هو، انهي جي پڻ قبر سندس ئي
ڳوٺ جي قبرستان ۾ موجود آهي. هن ڳوٺ ۾ جيڪا مسجد
آهي، اها پڻ ڳوٺ جي نيڪ مرد جي ٺهرايل آهي. جنهن
مان هي اهڃاڻ ثابت ڪري ٿو ته هي ڳوٺ علمي مرڪز هو.
غلام رباني آگري جو خاندان
سنڌ ۾ آگرا قبيلي جي آبادي تمام
ٿوري تعداد ۾ آهي. غلام رباني آگرو سنڌ جي آگرا
خاندان جو چشم چراغ هو.
”انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا“ جلد پهريون الف- ب آگرا قبيلي بابت ذڪر ڪيل آهي ته:
”آگرا مسلمانن جي هڪ ذات جو نالو آهي. جيڪي
اڪثر سڄي سنڌ ۾ آهن. هڪ روايت موجب اصل اهي آهن.
گر+ يعني لوهار آهن. سنڌ ۾ رهندڙ پاڻ کي لوهارن،
”آڳريا“ يا لوهر چوايو پر ٻاهران ايران ۽
افغانستان مان آيل ڪاريگرن پاڻ کي آهنگر سڏايو،
جيڪي اڳتي هليا آگرا مشهور ٿيا.“(7)
پنهنجي قبيلي بابت غلام رباني آگرولکي ٿو ته:
”اصل لفظ آگرو نه آڳرو آهي. اڳي ڪتاب فارسي زبان ۾ لکبا هئا.
فارسي ۾ ڳ جو اچار ڪونهي ان ڪري آگرو کي آگرو لکيو
ويندو هو. اهڙي ريت آگرو ۽ آگرا لفظ مشهور ٿيا. پر
ٻهراڙي ۾ اڻپڙهيل ماڻهن جو اڄ تائين آچار صحيح
آڳرو آهي. غلام رباني آگرو پنهنجي ڪتاب:
”جهڙا
گل گلاب جا“
وڌيڪ لکي ٿو ته:
”آڳرن جا ٻه ٽي ڳوٺ نواب شاهه ۽ لاڙڪاڻي
ضلعن ۾ آهن. نواب شاهه ، لاڙڪاڻي ضلعي جا آڳرا
خيرپور جا اڳڙا ۽ ٺٽي جا آگريا اصل ۾ هڪ ئي ذات
وارا آهن. آڳرن جو ٻاهران آيل قومن قبيلن سان ڪوبه
واسطو ڪونهي، سنڌ جا اصلوڪا رهاڪو آهن، سماٽ آهن،
اها روايت غلط معلوم ٿئي ٿي ته مغل
آهن. چغتا يا چغتائي شاخ سان تعلق اٿ
، لفظ آگرو جي معنيٰ ڄاڻايل آهي ته
”آڳرو“
معنيٰ اڳواڻ ، مهندار، سردار، سالار يقينن فارسي
تلفظ ۽ تحرير جي ڪري جيئن آڳرا بدلجي آگرا ٿيو
هوندو، تيئن ئي هن لفظ جي معنيٰ مان معلوم ٿئي ٿو
ته
”آڳريا“
معنيٰ باهه جو ڪم، ڪندڙ جئين ته سنڌ ۾ گهڻيون ئي
ذاتيون پنهنجي ڌنڌن سان سڃاتيون وڃن ٿيون.“
(8) مثال: ڊکڻ، ڪنڀر، سونارا، حجم، تيئن آڳريا
معنيٰ آڳ جو ڪم ڪندڙ ۽ پوءِ اهو لفظ بدلجي
”آگرا“ ٿي پيو آهي. تئين ئي تحقيق مان ثابت ٿيو ته،
”آگرا“ ذات وارن جو اصلوڪو ڌنڌو لوهارڪو ڪم هو،
جو سندن وڏن جو ڌنڌو هو. خانداني پسمنظر تي نظر
وجهنداسين ته رباني صاحب جي خاندان جا وڏا وڏا
حاذق ۽ حڪيم هئا. ڪي استاد ۽ عالم ڏاها ۽ اڪابر
بزرگ ٿي گذريا آهن. جن پنهنجي وقت جي حساب سان
نالو ڪمايو آهي. انهن عالمن ۽ بزرگن ۾،
مخدوم عبدالله آگرو تمام وڏو هاڪاري عالم هو، جنهن
جو ذڪر مير علي شير قانع پنهنجي مشهور ڪتاب
”تحفة
الڪرام“
هن طرح ڪيو آهي:
”ڀيلاڻي هالاڻي جي سامهون آهي. (ميان عبدالله) آگري قوم جو هڪ
ڪامل فقير اتي جو رهاڪو آهي.“(9)
سندس پٽ مخدوم محمد دائود پڻ ايڏو وڏو عالم ۽ اهل
الله هو، ان بابت مولوي عبداللطيف سڪندري پنهنجي
ڪتاب
”روحاني رمزون“ ۾ لکيو آهي ته:
”پير
سائين سيد راشد روضي ڌڻي شاگرد آهن، مخدوم محمد
آريجي جا ۽ اهي پاڻ شاگرد آهن، مخدوم محمد دائود
جا جو وڏوعالم هو ۽ پنهنجي تعليم ڪوٽڙي ڪبير جي
مدرسي مان حاصل ڪئي هئي. سندس ڪتبخانو ضايع ٿي
ويو. سندس عالم هجڻ جو ثبوت اهو آهي ته پنهنجي هٿن
سان لکيل مولانا جلال روميءَ جي مثنوي جو نسخو
سنڌي عربي، فارسي ۾ ٻن جلدن ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي
ڪتب خاني ۾ محفوظ آهي. پاڻ هالاڻي جي ساداتن ۽ ٻين
ذاتين جي ماڻهن جو استاد هو. سندس علمي ۽
پرهيزگاريءَ جي هاڪ جا قصا به گهڻائي آهن. رباني
لکي ٿو ته نثار احمد آگري مونسان روايت بيان ڪئي
ته شاهه ڀٽائي جڏهن کهڙن ڏانهن ويندو هو ته
هالاڻيءَ ۾ مخدوم دائود جي پيءُ مخدوم عبدالله
آگري وٽ رهندو هو. مخدوم عبدالله آگري سندس پٽ
مخدوم محمد دائود آگري ۽ ٻين جون مزارون پشاور کان
ڪراچي ويندڙ قومي شاهراهه تي هالاڻيءَ کان ميل کن
جي مفاصلي تي ڪنڊياري طرف لب سڙڪ آهن. مزارن سان
گڏ جيڪا مسجد نظر ايندي آهي.“
سا
غلام
رباني صاحب جي ڳوٺ جي چڱي مڙس رباني جي
پڙڏاڏي محمد خان آگري ٺهرائي هئي. هن مان معلوم
ٿيو ته، غلام رباني جنهن خاندان ۾ پيدا ٿيا، انهن
۾ مخدوم عبدالله، مخدوم صاحبڏنو، ميان عبدالڪريم،
ميان معروف جهڙا اعلٰي صفت انسان هئا، ان کان
علاوه هن ڳوٺ جي نالي وارن استادن ۾ ميان محمد
معروف جهڙن استادن جو وڏو نالو هيو. خانواهڻ ۽
اوسي پاسي ۾ جنهن جنهن جڳهه تان گذرندا هئا ته
ماڻهو سندس ادب ۾ اٿي بيهندا هئا. غلام رباني جنهن
خاندان ۾ پيدا ٿيو تنهن سندس ڏاڏو حاجي محمد اگرو
علم حڪمت جو وڏو ڄاڻو هو. سندس والد استاد
عبداللطيف آگرو علمي لحاظ کان پنهنجي دور جو مقبو
۽ معروف استاد هو ۽ سندس مهمان خانو هرهڪ لاءِ
کليل هو. اسان کي اهو به معلوم ٿيو آهي ته، سندس
والده نسيم بيبي سخي عورت هئي ۽ مهمانن کي کاتو
بچائي کارائڻ ۾ هر وقت خوشي محسوس ڪندي هئي. غلام
رباني پنهنجي خاندان ۾ ٻيو نمبر ٻار هو، کائنس وڏي
ڀاءُ جو نالو غلام دستگير هو ۽ ننڍي ڀاءُ جو نالو
غلام شبير آهي. ان کان علاوه کيس پنج ڀينر پڻ آهن.
ساهتي پرڳڻي جي قدآور
شخصيت
سنڌ جي قديم تاريخ تي نظر وجهڻ سان
معلوم ٿئي ٿو ته، هي اهڙو ملڪ رهيو آهي، جنهن جي
عظمت جا قصا ۽ علم ادب جون ڳالهيون هزارن سالن جي
تاريخ بيان ڪن ٿيون. هتي هر دور ۾ وڏا وڏا عالم ۽
ڏاها پيدا ٿيندا رهيا آهن. سنڌ جي ٻين خطن سان گڏ،
سنڌ ۾ ساهتي خطو به اهڙن عالمن پيدا ڪرڻ ۾ پوئتي
ڪو نه رهيو آهي. هر دور ۾ ناميارا عالم اديب ۽
شاعر پيدا ٿيندا رهيا آهن. ساهتي پرڳڻي جي عالمن،
اديبن، شاعرن تي تحقيق جي طالب علم سميت سنڌ جي
سڀني سڄاڻ ۽ ڏاهن ماڻهن کي ناز ۽ فخر آهي ۽ رهندو.
انهن عالمن، اديبن ۽ حڪمت جي فن جي ڄاڻن پنهنجي
علمي قابليت جي ذريعي دنيا ۾ نالو پيدا ڪيو آهي.
اها ڳالھ به فخر سان چوان ٿو ته، ساهتيءَ جي
سرواڻن سنڌ ۽ سنڌي ادب جي خدمت ڪندي پنهنجي ادب
ٻوليءَ ۾ ڪيئي شهپارا قلمبند ڪيا آهن ۽ هن خطي جو
چپو چپو پڻ انهيءَ ڳالھ جي گواهي پيش ڪري رهيو
آهي. انهيءَ جو زنده مثال، غلام رباني آگري جي
شخصيت نمايان نظر اچي ٿي. ڳوٺ محمد خان آگرو کان
مدرسه هاءِ اسڪول نوشهروفيروز توڙي، ڦليلي ڪاليج
حيدرآباد، سنڌ مسلم آرٽس ڪاليج ڪراچي توڙي سنڌي
ادبي سنگت ڪراچي، ميٺارام هاسٽل، ماهوار
”نئين زندگي“ سنڌي ادبي بورڊ، ٽماهي
”مهراڻ“ سنڌ يونيورسٽي، اڪيڊمي ادبيات آف پاڪستان اسلام آباد، ڏيهي
توڙي پرڏيهي ادبي ڪانفرنسن ۾ غلام رباني جي شخصيت
تمام اوچي پد تي بيٺل نظر اچي ٿي. غلام رباني آگري
کي ننڍ پڻ کان زندگيءَ جي آخري سفر تائين، اهڙا ته
رهبر ۽ رهنما مليا جن جي صحبت ۽ تربيت حاصل رهي جو
هُو اڳتي هلي ادبي دنيا جي افق تي چمڪڻ لڳو.
انهيءَ جو وڏي ۾ وڏو سبب ذهني تربيت جي ڪري هو
پنهنجي نماڻي شخصيت ۽ فرمانبرداريءَ جي ڪري وڏو
انسان شناس ٿي اُڀريو. هن جي ذات ۾ جا نوڙت شامل هئي، جنهن ڪري هن ايڏا وڏا
رتبا ماڻيا. سندس شروعاتي زندگيءَ ۾ استاد
عبداللطيف آگرو جهڙو شفيق پيءُ مليو، جڏهن پاڻ
ڪراچي ويا اتي مولانا عبدالواحد سنڌي جهڙن ڏاهن
ماڻهن کان علم ادب جي سکيا وٺي، پنهنجي ذهن ۽
ذڪاءَ سان ادبي دنيا ڏانهن قدم ڌريائين. پاڻ جڏهن
طالبعلم هئا، ان وقت علامه آءِ.آءِ
قاضي جهڙي سنڌ جي وڏي عالم کان حياتيءَ جي فلسفي
بابت هن سوال پڇيا.
”اهڙيءَ طرح سندس سوچ، فڪر، فن ۽ علم جي باري ۾، سنڌ جي محققن
۽ مؤرخن ۽ سماجيات جي شاگردن لاءِ تحقيق ۽ اڀياس
جي ڪيئي دفتر کولي ڇڏيا اٿس.“(10)
جيئن ته غلام رباني آگري کي به وڏن وڏن
عالمن جي صحبت نصيب ٿي هئي، انهن ۾ ٿورو وقت شمس
العلماءَ عمر دائود پوٽو سان به ۽ علامه آءِ.آءِ
قاضي، عثمان علي انصاري، ميران محمد شاهه، علامه
غلام مصطفٰي شاهه، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، پير حسام الدين راشدي، مولانا
عبدالواحد سنڌي، جي.ايم.سيد، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد ابراهيم
جويو وغيره جهڙن عالمن سان گڏ رهڻ جو موقعو مليو،
جن جي اثرات سبب گهڻو علم حاصل ڪندي اڳتي هلي ان
جو پنهنجي لکڻين ۾ اظهار ڪيائين. سندس همعصر به
اهڙا ئي هئا، جن جي سنگت ۽ صحبت مان گهڻو علم ادب
حاصل ڪيائين. همعصرن ۾ جمال ابڙو، اياز قادري،
حفيظ شيخ، عبدالغفور انصاري، رشيد ڀٽي، شيخ اياز،
شيخ راز، ابن حيات پنهور، نورالدين سرڪي، تنوير
عباسي، سراج الحق ميمڻ، حميد سنڌي کان علاوه ٻيا
گهڻا ئي سنگتي ۽ ساٿي شامل هئا. انهن ۾ رباني جي
شخصيت جو اهو جهان آهي جو سڀني ساٿين ۽ دوستن ۾
انهن وانگر عظيم هو. سندس عظمت ۽ قابليت لاءِ سندس
شاهد طور عالم ۽ اديب هجڻ جو ثبوت سندس ڪتابن جي
لکڻين مان معلوم ٿئي ٿو. ان کان علاوه سنڌ جي ڏيهه
توڙي پرڏيهه جي عالمن سندس جي ڪهاڻين کي اردو،
انگريزي، هندي، چيني ۽ جرمن زبانن ۾ ترجمو ڪيو ويو
آهي. سنڌ جي وڏن عالمن ربانيءَ جي شخصيت ۽ ڪتابن،
لکڻين بابت پنهنجي مضمونن ۾ اهو اعتراف ڪيو ويو
آهي ته، غلام رباني آگرو سنڌ جو ناميارو عالم آهي،
سندس علمي ۽ ادبي قابليت جا مثال پيش ڪيا ويا آهن.
انهن ۾ اعترافي اديبن ۾، ڊاڪٽر غلام علي الانا،
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي،
سراج الحق ميمڻ، شيخ اياز، جمال ابڙو، بدر ابڙو،
عنايت بلوچ، حميد سنڌي، مهتاب اڪبر راشدي، ڊاڪٽر
فهميده حسين، ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، ڊاڪٽر انور
فگار هڪڙو، مدد علي سنڌي، عبدالقادر جوڻيجو، شوڪت
حسين شورو، نصير مرزا، مومن بُلو، عبدالغفار
صديقي، محمد هاشم لغاري، پروفيسر اعجاز قريشي،
ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، اعجاز حسين چانڊيو، گل
محمد عمراڻي، نفيس احمد شيخ، طارق عالم ابڙو، نواب
علي ڪاڪا ۽ ٻين عالمن ۽ اديبن هن نالي واري اديب
ماکي وانگر مٺي نثر نگار لکندڙ تي قلم کنيو آهي ۽
سندس شخصيت توڙي لکڻين ۽ ڪتابن جي ساراهه جا ڍڪ
ڀريا آهن. انهي جو ثبوت مٿين عالمن، اديبن، ڏاهن
جي لکڻين مان معلوم ڪري سگهجي ٿو، ته غلام رباني
آگرو جي شخصيت سنڌ ۽ سنڌي ادب لاءِ پارس مثل هئي.
سندس لکڻين ۾ نه فقط سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ روشن
راهن تي هلڻ لاءِ ڏس ملي ٿو. سندس لکيتون هر
باشعور ماڻهو لاءِ آهن. جنهن مان سندس قدآور شخصيت
هجڻ جو ثبوت اهو ئي آهي جو سندس لکڻيون سنڌي ادب
جي تاريخ جو حصو آهن. هر هڪ کي پڙهڻ گهرجن، ڇاڪاڻ
ته سندس تحريرن سنڌي ٻولي، سنڌ جي ثقافت ۽ تاريخ
کي اثرائتي نموني ۾ گفتگو ڪرڻ ۽ ان بابت قيمتي
معلومات سان روشني وڌي وئي آهي. سندس ڪهاڻيون،
خاڪا، سفر ناما، سوانح عمريون وڏن وڏن مشاهيرن جي
احوالن سان پراثرائتي نموني بيان ڪيل آهن. غلام
رباني آگري جي هر هڪ تحرير مان سنڌي ٻوليءَ جي
حسناڪي ۽ بيهڪ ۽ لفظن جي جوڙجڪ ۽ تخاطب جي صيغن ۾
واھه جي اڻت ڪيل آهي. انهن لکيتن ۾ عالمگيريت
۽ انساني قدرن جو پيغام سمايل آهي.
ولادت
غلام رباني آگرو ضلع نواب شاهه، هاڻوڪي
ضلعي نوشهروفيروز جي تعلقي ڪنڊيارو جي ڳوٺ محمد
خان آگرو ۾ 5 نومبر 1933 تي استاد عبداللطيف آگري
جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد بزرگوار عبداللطيف
آگرو تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد هيو. جنهن پنهنجي
لاڏلي پٽ جي سٺي نموني پروش ۽ پالنا ڪئي. ننڍپڻ ۾
ئي چڱي خاصي تربيت ۽ سکيا سندس اڳتي هلي اعلٰي ۽
عزت واري مقام ڏانهن وٺي وئي.
تعليم
غلام رباني آگرو جو والد عبداللطيف آگرو
تعليم کاتي ۾ استاد هيو، ۽ سندس گهر ۾
ئي علم ادب جي روايت پراڻي هئي. پاڻ گورنمينٽ
پرائمري اسڪول ڀوئنرن ۾ استاد هئا ته، سن
1941-9-16 تي ننڍڙي غلام رباني کي پرائمري تعليم
حاصل ڪرڻ لاءِ ڪچي پهرين ۾ داخل ڪرايو هئائين. پاڻ
جڏهن اتان بدلي ٿي گورنمينٽ پرائمري اسڪول گاهي
خان جلباڻي ۾ آيا ته پنهنجي پٽ کي گورنمينٽ
پرائمري اسڪول ڀوئنرن مان وٺي گورنمينٽ پرائمري
اسڪول گاهي خان جلباڻي ۾ ٻاراڻه درجي ۾ داخل
ڪرايو. غلام رباني اتان 1946ع ۾ پنجون پاس ڪيو.
شروعاتي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ
مدرسي هاءِ اسڪول نوشهروفيروز، ۽ ان کان پوءِ
حيدرآباد واري ڦليلي ڪاليج ۾ داخل ٿيو، جتان 1953ع
۾ انٽر پاس ڪيائين. وڌيڪ تعليم لاءِ ڪراچي ويو.
جتي بي.اي جو امتحان پاس ڪيائين. رباني ۽ سندس
پرائمري تعليم تحقيق جي طالب علم جي ڳوٺ گاهي خان
جلباڻي ديهه ديهات ۽ ساهتي پرڳڻي ۾ ٿي آهي. جنهن
لاءِ سندس پرائمري تعليم جي سرٽيفڪيٽ جي ڪاپي
مقالي ۾ شامل آهي. پر پاڻ پنهنجي احوال ۾ انهيءَ
اسڪول مان پڙهڻ جو ذڪر انهيءَ ريت نه ڪيو اٿس. ٻيو
ته سندس والد بزرگوار استاد عبداللطيف جا تعلقات
اسان جي عزيزن ۽ ڳوٺاڻن سان هئا. جن کي رباني جي
پونئرن ساري رکيو آهي.
مثال طور غلام رباني ڳوٺ گاهي خان جلباڻي جي جنهن
شخص جو ذڪر ڪيو آهي، تن مان هڪڙو استاد شمس الدين
قاضي پڻ آهي، جنهن کي ڳوٺ جي سَهَوَ جلباڻي ڪري
لکيو اٿس. ان جي فرزند حميدالحق ادبي نالو پارس
حميد، جنهن کي روزگار ڏيارڻ ۾ مدد ڪيائين ۽ ان سان
دوستاڻا پراڻا ناتا نڀاهيندو رهيو. قاضي حميد ادبي
نالو حميد
”پارس“
نئين ٽهي جو سرموڙ شاعر آهي، جيڪو سدائين غلام
رباني آگري جون ڳالهيون بيان ڪندو رهندو آهي، ۽
غلام رباني آگرو جا ديهه ديهات ۽ خانواهڻ جي
اديبن ۽ شاعرن سان سٺا تعلق رهيا. جن مان ڊاڪٽر
قريشي حامد علي خانائي ۽ محمد پناهه ڦرڙو مشهور
آهن.
شخصيت رهڻي ڪهڻي ، پوشاڪ ۽ اخلاق:
سنڌ جو اهڙو ڪو پڙهيل لکيل ماڻهو نٿو
رهي جنهن غلام رباني آگري جو نالو نه ٻڌو هجي. هو
دوستن جو دوست هو. پر نا آشنائن سان به وڙ ڪندو
هو. سندس ذات گرامي هڪ سٻاجهي ۽ سپوت سنڌي جي صورت
آهي. هو تمام ممتاز شخصيت جو مالڪ هو. جنهن کي هر
لکيو پڙهيو چڱي نموني سڃاڻي ٿو. جهڙي صورت سهڻي
تهڙي سيرت ڀلي هئس.
غلام رباني بهترين مصنف،
اعليٰ
گڻن وارو مؤلف ۽ علم جي پارکو هجڻ سان گڏ عشق رسول
ﷺ ۾ مستغرق ۽ سخا جو پيڪر هو. هر ڪنهن کان موڪلائڻ
وقت يا فون تي گفتگو جي پڇاڙيءَ ۾ يا خطن جي پڄاڻي
تي چوندو هو، حضور ﷺ
جن شفاعت هيٺ هجو. سندس تحريرن ۾ ديني ۽ مذهبي
حقائق بيان ڪيل آهن. ادبي دنيا جو ته مڃيل
چوڏهينءَ جو چنڊ هو. حڪيم اعجاز حسين چانڊيو لکي
ٿو ته:
”سندس شخصيت عظمت جو حوال ۽ سندس احسانن جو بيان سندس ڪمال
قربن جا دلاويز داستان ڪاغذ جي تنگ ميدان تي بيان
ڪرڻ ڏکيا آهن، ڇو ته اخلاق ۽ ڪردار ۾ هن مثالي
انسان ۾ محبت ۽ خلوص جي سرچشمي سائينءَ رباني جي
صحبت ڪچهري ۾ گفتار ائين هوندي هئي، جيئن ڪا ڀريل
ندي سانت ۽ ڌيرج سان وهي رهي هجي.
غلام رباني آگرو قد جو وچولو بت
۽ جسم ۾ پورو نه ٿلهو نه تمام سنهڙو گول چهرو
مرڪندڙ پر ٺهندڙ خوش پوشاڪ ۽ خوش اخلاق ماڻهو هو.
آئي وئي جي خيال ڪرڻ جو سبق کيس سندس وڏڙن کان
مليل هو. اگر اڻواقف به سندس اوطاق ، آفيس يا گهر
يا سفر ۾ رهيو ته ان ۾ ڪڏهن به اوپرو نه لڳندو هو.
ائين محسوس ٿيندو هو ته غلام رباني سان پراڻي ۽
گهري واقفيت آهي. ڄڻ ته ملندڙ ڪنهن همدرد دوست سان
ملي آيو آهي. سندس گفتگو ۾ پيار ڀريو انسان
جهلڪندو نظر ايندو هو.
فراخدلي ۽ مهمان نوازي جا گُر
ته کائنس سکڻ جهڙا هئا. مهمان کي ڏسي سندس دل باغ
باغ ٿي پوندي هوس. سندس تعلق ۽ واسطا ته اميرن سان
به هيس پر وڏائي اصل ڪونه هئس.
هن کي وڏن ماڻهن جي مشروبن تي فخر گهٽ پر
پنهنجي ڳوٺ جي سندس پيءُ جي ٺاهيل سادي ۽ سودي
ملاوٽ کان پاڪ ٿاڌل کي هو وڌيڪ ساراهيندو هيو.
سندس ڳوٺ ۾ ٺهيل ٿاڌل ايران، دبئي، هندستان،
بنگلاديش ۽ چين جي مشروبن کان وڌيڪ هئي. هو لکي ٿو
ته: “ڀئونرن واري اسڪول ۾ بابا سائينءَ جي هٿ مان
مليل سادي سودي ٿاڌل جي گلاس کان وڌيڪ اهي مشروب
ڪونه هئا. ٿاڌل ڇا هئي؟ جنت جو جام هو. جو آب ڪوثر
سان ڀريل هو هي آهي رباني جو من جنهن جو روح
ماروئي جي من جهڙوهو.
ملازمت
نمبر |
ملازمت |
سال |
هنڌ |
01 |
ملازمت جو آغاز اول ڊئريڪٽر انڊسٽريز جي آفيس ۾ |
02 |
ڪلارڪ |
1954-1955ع |
سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي |
03 |
جوائنٽ ايڊيٽر |
1956 ع |
ماهنامي ”نئين زندگي“ وزارت اطلاعات حڪومت پاڪستان |
04 |
نائب سيڪريٽري |
آڪٽوبر 1957ع |
سنڌي ادبي بورڊ |
05 |
جوائنٽ سيڪريٽري |
1959 ع |
سنڌي ادبي بورڊ |
06 |
ايڊيٽر: گل ڦل |
1959-1964ع |
سنڌي ادبي بورڊ |
07 |
ايڊيٽر |
1962-1961ع |
سنڌ مسلم ڪاليج مئگزين جي سنڌي سيڪشن جو |
09 |
قائم مقام سيڪريٽري |
آڪٽوبر 1967ع کان ڊسمبر 1967ع |
سنڌي ادبي بورڊ |
10 |
اسٽنٽ سيڪريٽري |
مئي 1970ع |
سنڌي ادبي بورڊ |
11 |
سيڪريٽري |
جون 1970ع کان فيبروري 1977ع |
سنڌي ادبي بورڊ |
12 |
پرووائيس چانسلر |
1 فيبروري 1977ع کان 7 جنوري 1979ع |
سنڌ يونيورسٽي |
13 |
سيڪريٽري |
نومبر 1979ع کان سيٽمبر 1984ع |
سنڌي ادبي بورڊ |
14 |
ڊئريڪٽر جنرل |
6 نومبر 1984ع کان 21 مئي 1991ع |
پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد، پاڪستان |
15 |
چيئرمين |
3 جون 1990ع کان 18 آڪٽوبر1993ع |
پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس، اسلام آباد |
|
|
|
|
|
|
نوڪريءَ جي رٽائرمينٽ کان پوءِ عهدا
نمبر |
ملازمت |
سال |
هنڌ |
01 |
ميمبر |
1993-1996ع |
فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن |
02 |
چيئرمين |
2000ع |
سنڌي ادبي بورڊ |
03 |
اعزازي سيڪريٽري |
جنوري 1997ع کان آڪٽوبر 2003ع |
سنڌي ادبي بورڊ |
04 |
چيئرمين |
جولاءِ 2002ع کان سيٽمبر 2003ع |
سنڌي ادبي بورڊ
|
05 |
ريجنل ڊئريڪٽر |
2006ع |
محتسب
اعليٰ
حيدرآباد |
مختلف ادبي ادارن سان وابستگي
1- ميمبر - 1954ع سنڌي ادبي سنگت
2- ميمبر - اردو لغت بورڊ ڪراچي
3- ميمبر- قائداعظم اڪيڊمي ڪراچي
4- ميمبر- انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي -ڄام شورو
5- ميمبر- سنڌي ادبي بورڊ -ڄام شورو
6- ميمبر- اقبال اڪيڊمي لاهور
7- ميمبر- (بورڊ آف ڊئريڪٽر) ادارا ثقافت اسلاميه لاهور
8- ميمبر-
نيشنل بوڪ ڪائونسل آف اسلام آباد پاڪستان
9- ميمبر-
نيشنل بوڪ فائونڊيشن اسلام آباد پاڪستان
10- ميمبر- اسلامي ڪلچر اداره لاهور
11- ميمبر- فلم سينسر بورڊ
12- ميمبر- حڪومت جي تمغن ڏيڻ واري ڪاميٽي
13- جج - فلمي ايوارڊن جي نيشنل ڪاميٽي
14- جج- ٽيليويزن ايوارڊن جي قومي ڪاميٽي
ادبي خدمتن تي ايوارڊ ۽ مڃتا
غلام رباني آگري جو شمار سنڌ جي
وڏن اديبن ۾ ٿئي ٿو، سندس شاندار ادبي خدمتن جي
اعتراف ۾ کيس ڪيترن ئي ايوارڊن سان مڃتا ملي هئي.
اهي سمورا ايوارڊ سندس شاندار ادبي خدمتن عيوض
مليا هئا. جنهن جا پاڻ حقدار به هئا ڇو ته، پاڻ
دنيا جا مختلف ملڪ ايران، چين، بنگلاديش ۽ ڀارت ۾
به پاڪستاني اديبن جي اڳواڻي ڪندو گھمي آيو هو.
اهي ايوارڊ سندس ادبي خدمتن جي اعتراف طور مليا.
1-
سنڌي افسانن ۾ چٽاڀيٽي 1953ع انعام-
سنڌي
ادبي سنگت ڪراچي
2- تمغهءِ امتياز 1986 ع
صدر
پاڪستان
3- صدارتي ايوارڊ 1995ع
صدر پاڪستان
4- گولڊ ميڊل 1986ع
پنجابي ادبي بورڊ
لاهور طرفان |