16- آب حيات
آب حيات غلام ربانيءَ جي
ڪهاڻين جو مجموعو آهي. پهرين 1960ع ۾ شايع ٿيو.
ڪهاڻي جي مجموعي ۾ پڻ هڪ افساني جو نالو
”آب حيات“ آهي هي ڪهاڻي ڏند ڪٿائي انداز جي حوالي سان مقبول ٿي. اهو
ٻيڙي جي ملاح جي زباني ٿيو ته مهراڻ سنڌ جي هڪ
شهزادي جو نالو هو. هڪ ڀيري شڪار تي وڃي ٿو ۽ چشمي
مان مڇي هن کي گھوري ٿي ۽ چشمي جي پاڻي کي
”آب حيات“
سڏي ٿي. تنهن سان گڏ شهزادي کي ملڪ جي ماڻهن جي
حقن جي لحاظ جي تلقين ڪري ٿي. شهزادو متاثر ٿئي ٿو
۽ جڏهن مري ٿو وڃي ته، رعيت پيار وچان سنڌ جي ساهه
پساهه سنڌؤ جو نالو مهراڻ رکي ٿي. هي ماجرا
ڪهاڻيءَ ۾ رباني خوبصورتي سان بيان ڪئي آهي. مهراڻ
هڪ ارڏي انسان جو ڪردار هو، جيڪو هڪ ڏينهن دوستن
سان شڪار ڪندي هرڻ کي ماري ذبج ڪندي ان جي اکين ۾
موت جي پاڇي کي ڏسي ڊڄي وڃي ٿو. جنهن ڪري کيس وزير”آب حيات“ جي ڪٿا ٻڌائي ٿو.
…
منهنجين اکين موت جو پاڇو ڏٺو ۽ منهنجي
ڪنن مرندڙ جو آواز ٻڌو چئي رهيو هو. شهزادا هڪ
ڏينهن تنهنجو به وارو ايندو پاڻيءَ جو بوڙيو گھڻي
ڏينهن چٽاءُ ڪندو.“(91)
…
شهزادو ايتري ۾ چپ ٿي ويو ۽ گھڙي کن کانپوءِ چوڻ لڳو اوهان
مان ڪو ٻڌائي سگھندو. انهيءَ سوال جو جواب؟
…
ٻئي ڄڻا چپ رهيا ويرم رکي وزير زادي چيو شهزادا موت مهڻو
ناهي. مهڻو ۽ ميار ته زندگيءَ سان وابسته هوندي
آهي. شهزادي چيو موت ته هر ڳالهه جو خاتمو آهي.
…
پر تدبير انسان جي وس آهي. وزيرزادي چيو
…
موت کان ڪائي تدبير بچائي ٿي سگھي، شهزادي جواب
ڏنو … ڇو ڪيئن؟ وزيرزادي جواب ڏنو مونکي منهنجي
پيءُ ٻڌايو آهي ته جڏهن سڪندر بادشاهه هن ملڪ ۾
آيو هو ته هڪڙي جوڳي کيس ٻڌايو ته هن جبل جنهن جي
هيٺيان پاڻ بيٺا آهيون. ان ۾ هڪ غار آهي، انهي
غار ۾ هڪ چشمو آهي
…
ان جا ٻه ڍڪ ٻه سو سالن جي پوڙهي کي سورنهن ورهين
جي جواني موٽي آڻي ٿا ڏين ۽ کيس حيات ابد ٿا
بخشين. موت ان شخص لاءِ بي معنى لفظ آهي.“(92) ان پاڻيءَ جو نالو
”آب حيات“
آهي. جنهن جي تلاشي ۾ سڪندراعظم به هتي آيو هو.
ساڻس گڏ ٻه وزير هئا، خضر ۽ ايلياس انهن مان صرف
هڪ ڄڻو
”آب
حيات“ واري چشمي تائين پهچي ٿو. مگر مڇي کيس
ڪيتريون نصيحتون ڪري ٿي. کيس ٻڌائي ٿي ته:
”آب حيات“
مان پاڻي پي هميشه زندهه رهڻ انهن لاءِ عذاب آهي.
جيڪي بد ڪردار آهن. جن پنهنجي قوم سان ويساهه
گهاتيون ڪيو آهن. اهڙن ڪردارن جي ڊگھي حياتي انهن
لاءِ عذاب بڻجي وڃي ٿي. مڇي شهزادي مهراڻ کي مخاطب
ٿي چوي ٿي
…
شهزادا بيشڪ ڪاري روح ۽ بي حيا اک کي ڌوئي پاڪ ڪرڻ لاءِ
”آب حيات“ جا هزارين چشما به ڪافي ناهن. تنهنجو روح پاڪ آهي، ته توکي
ڪنهن“آب حيات” پيئڻ جي ضرورت ڪانهي. ڇو ته پوءِ
تنهنجو نالو تيسين قائم رهندو جيسين بقا کي بقا
آهي. پوءِ تون امر رهندين هر دور ۾ آدرش هوندي هر
انسان لاءِ شهزادي مهراڻ تي اهڙين نصحيتن جو اثر
ٿئي ٿو. هو ”آب حيات“ پيئڻ کانسواءِ واپس موٽي ٿو.
مڇي جي نصيحت سندس مٿان ايترو ته اثر ڪري ٿي.
…
غار مان ٻاهر نڪري گھوڙي تي چڙهيو سرتن کي اچي ننڍ مان
اٿاريائين ۽ کين ساڻ ڪري اوڏي مهل ئي محلات ڏي
روانو ٿيو.“(93)
ان کانپوءِ شهزادي جي ملڪ ۾ ڪو به ٽڪر ڪنهن جي به
حق تلفي نه ٿي ڪمزورن کي حق وٺي ڏنا. پنج سال
حڪومت ڪري هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. مهراڻ دريا به
شهزادي مهراڻ جي ڪردار جيان ماڻهن جي جياپي جو
ڪارڻ آهي. اهڙي طرح غلام رباني آگري کي سموري دريا
جو پاڻي
”آب حيات“ نظر آيو. جو ڪيترن ئي زندگين کي سهارو آهي.
17 - بدلو
زندگيءَ جي تجربي ۽ مشاهدي سان
ٽمٽار/ هي هڪ مختصر ڪهاڻي آهي. ربانيءَ هن ڪهاڻي ۾
به سماجي حقيقت نگاري جي عڪاسي ڪئي آهي. هن
ڪهاڻيءَ ۾ ٻن بگي هلائيندڙ گھوڙن وارن خيرو ۽ گلاب
جا اهم ڪردار آهن. خيرو هڪ موالي ۽ حاسد طبيعت
وارو آهي. ٻئي طرف گلاب عام سادو سودو ڪردار آهي.
جنهن رئيس جي طرفان مليل گھوڙي جو نالو
”پکي“ رکيو هو. پکي جو بيحد خيال رکي ٿو. هن
گھوڙي ۾ تمام گھڻيون وصفون هيون. تمام گھڻو تکو ۽
تيز ڀڄندڙ چهبڪ کي اصل برداشت نه ڪندو هو، جنهن
ڪري گلاب جو هن گھوڙي سان پٽن جيترو پيار هو. هن
ثابت ڪري ڏيکاريو ته پٽ ۽ گھوڙا ڏاڍا پيارا هوندا
آهن. هي گھوڙو گلاب جو پکي پٽ هو. سندس گھوڙي جي
هاڪ هوندي هئي. خاص ٻڌا ٻڌا گراهڪ هوندا هيس، جيڪي
سندس بگيءَ تي سواري ڪندا هئا. خيرؤ کي انهن
ڳالهين تي ساڙ ۽ حسد ٿيندو هو، ڇو ته اهو ئي ساڳيو
گھوڙو رئيس کائنس ڦري گلاب جي حوالي ڪيو هو.
سدائين پيو اندر ۾ کار کائيندو هو، ۽ پيو سٽون
سٽيندو هو، گلاب کي اوچتو مدي جو بخار ٿي پيو. وڃي
خيرؤ رئيس جا ڪن ڀري گھوڙو حاصل ڪري ٿو. جڏهن
گھوڙو خيرؤ وٽ اچي ٿو ته گگدام تي ظلم شروع ڪري
ٿو. بکون اڃون ڏنائينس. ڀنگ ۽ پست جي ڏوڏي
پياريائينس. پوءِ چؤکنڀو ٻڌي رات ۾ نوڪدار ڪِلي
ٺوڪيائين. ٻن مهينن ۾ گھوڙي کي اهڙو ڪري ڇڏيائين.
جو رئيس غوث بخش مجبور ٿي گھوڙو وڪڻڻ چاهيو.
هوڏانهن گلاب صحتمند ٿيو ته يڪدم گھوڙو خريد ڪري
ورتائين ۽ خوب چاريائينس. سندس ننڍڙي زليخان جيڪا
گھوڙي سان تمام گھڻو پيار ڪندي هئي، ان جي وڃڻ سان
ڏاڍو اداس ٿي هئي. جڏهن گھوڙي جو حشر ڏسي ٿي، ته
خيروءَ کي پاراتو ڏئي ٿي ته:
”امان
خيرو پاپيءَ کي ڏاڍو ڏوهه ٿيندو. گگدامن کي مارڻ
وڏو پاپ آهي. خدا خيروءَ کي ڪڏهن ڪونه بخشيندو ٻئي
ڏينهن صبح جو جڏهن گلاب گھوڙي کي گاڏيءَ ۾ جوٽي
اسٽينڊ تي ڪاهي پئي ويو ته زليخان چيو بابا مان به
اوستائين هلان. پڻس کيس گاڏي ۾ چاڙهي اسٽينڊ تي
ويٺو. زليخان پنهنجي بگيءَ ۾ ويٺي رهي ۽ گلاب ٻين
بگين وارن کان حال احوال وٺڻ لڳو.“(94) پريان خيرو پنهنجي بگي ڪاهي آيو سندس
گاڏيءَ ۾ هڪ ڪمزور گهوڙو جوٽيل هو جنهن کي هو بي
حساب ماري رهيو هو. زليخان جي جيئن نظر پيس ته
پنهنجي بگيءَ تان لهي ڏانهن ائين ڊوڙي جيئن تير
ڪمان مان ڇٽي جڏهن زليخان خيرؤ جي بگيءَ جي ويجھو
پهتي ڪاوڙ ۾ مٺيون ڀڪوڙي پنهنجون ٻئي ٻانهون وڪوڙي
چيو…
”خدا
توکي نه بخشيندو
…
گلاب مشڪي اچي زليخان کي ڀاڪر ۾ کنيو ۽ کيس پيار
مان چمي ڏئي خيرؤ ڏانهن فاتحانه نموني نهاريائين.
ڄڻ هن خيرؤ کان بدلو وٺي ڇڏيو هو.“(95)
رباني جي هن ڪهاڻي ۾ ڪردار پنهنجي عملن ۾ پڌارا
آهن. هن ڪهاڻي ۾ ڪردارن جي زندگي جو نئين رخ کان
مطالعو ڪيو ويو آهي ۽ ان ۾ انساني فطرت جون عام
ڪمزوريون معلوم ڪيون ويو آهن. هن ننڍڙي بظاهر
معمولي طبقي ۾ ڪهڙا تعصبات ٿين ٿا. هو هڪٻئي سان
ڪهڙو حسد رکن ٿا. گلاب ۽ خيرؤ جي نفسياتي مطالعي ۾
ڪهاڻيڪار ان طبقي جي فردن ۾ مسرت انگيزين ۽
المناڪين تي روشني وڌي آهي. ننڍڙي زليخان جو ڪردار
به ڏاڍي خوبصورتي سان بيان ٿيل آهي. اصل ۾ ان جو
معصومانه رد عمل ئي ڪهاڻي ۾ تاثر پيدا ڪيو آهي.
هڪ جانور جي حيثيت ۾ پکي گھوڙي) جي خصلتن ۽ عادتن
جو اڀياس ڏنو ويو آهي. رباني صاحب هڪ قابل فنڪار
وانگر، تاثر موضوع، ۽ فن جي هم آهنگي ۽ توازن جون
سڀئي تقاضائون پوري ڪرڻ جي ڪوشش آهي، ان سٺائي ۽
سيبتائي جي ڪري هن افساني کي اردو زبان ۾ پڻ ترجمو
ڪري ٻارهين ڪلاس جي ڪورس تي رکيو ويو آهي. هي
مختصر ڪهاڻي نهايت ئي جذب نگاهه ۽ متوجع ڪندڙ آهي.
البت ان ۾ ڪردار بلڪل سنوان ۽ سڌا آهن. غلام
ربانيءَ جي اسلوب تي ادبي ۽ تخليقي رنگ سمايل آهي،
اها ڪهاڻي ماحول سان مطابقت رکي ٿي.
18- هن لکيو
پڙهڻ آهي
”رڪ جا چڻا چٻڻ“
پر لکڻ آهي ته اکريءَ ۾ مٿو رکي ڪنهن کي چئجي ته
مٿان مهري هڻ لکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. هي هڪ اهڙو
گورک ڌنڌو آهي، جنهن کي لکڻ وارا ئي ڄاڻن ٿا. لکڻ
ٿيندو ڇا آهي؟ جذبن جي ساگر ۾ ڇولين جو اچڻ. اهي
ڇوليون ڪڏهن ماٺار ۾ بدلجي وڃن ٿيون. اهڙي انداز ۾
هڪ ليکڪ جون تحريرون به ڪڏهن تيز ته ڪڏهن مدهم ٿي
وڃن ٿيون. جيئن ته رباني هڪ دور جو نمائندو ليکڪ
آهي. اهو به ان ڪيفيت ۾ دوچار ٿيو آهي. اهڙي ڪيفيت
کي اسان جي هڪ ڏاهي ۽ ڄاڻو سڄاڻ ۽ سياڻي، ساڃاهه
وند سچل سرمست هيئن بيان ڪيو آهي. ڪڏهن اس ته ڪڏهن
ڇانوَ، ڪڏهن ناري ڪڏهن نرنائنءِ . اڃا به وڌيڪ هن
طرح اسان جي سچل سرمست چيو آهي.
ڪڏهن من ماڪوڙو، ڪڏهن ڪيهر شينهن،
سرتيون سارو ڏينهن، هينئون نه هنڌ نه هڪڙي.
هن ڪهاڻي بلڪه
(Short Story)
۾
غلام رباني آگري انهيءَ ڪيفيت جو اظهار ڪيو آهي،
جيڪا هڪ فيلسوف ۽ باخبر تخليقڪار ۽ مشرقي توڙي
مغربي فلسفي ۽ لاڙن کان وافق هجي. غلام رباني آگري
پنهنجين ڪهاڻين ۾، انساني زندگي جي هر رخ کي هڪ
نفس شناس حڪيم وانگر ڏسي علاج تجويز ڪري ٿو.
…
ادل مون ڪڏهن به ڪي مسرتن ڀريا گيت ڪين لکيا آهن. لکيو اٿم
ته ٻه چار درد ڀريون ڪهاڻيون.“(96)
…اڄ سالن کانپوءِ وري هن قلم سنڀاليو هو.
…
هن ڪنهن جي اميد پوري ڪرڻ لاءِ اڄ وري اگر
بتي جلائي هئي.
…
هن پنو پينسل پري اڇلي.“(97).
پنهنجي حالات ۽ ڪيفيت هن بيت سان کولي لکي اٿس.
مي سازم مي سوزم، چون خون بکباب اندر
مي گويم مي خندم، چون برق سحاب اندر
هن ڪهاڻي ۾ عجيب قسم جي منظر
نگاري ٿيل آهي، جيڪا اندر ۾ تجسس پيدا ڪري ٿي.
غلام رباني جي پوئين دور وارن افسانن جو تعارف ۽
تبصرو
غلام ربانيءَ جون سڀ ڪهاڻيون
پنهنجو مٽ پاڻ آهن. غلام رباني ڪجھ وقت افساني لکڻ
جي دنيا کان ڪٽيل رهيو.
”آب
حيات“
جي پيش لفظ ص 238 تي لکي ٿو ته:
”جيڪڏهن
سن 1958ع کان ملڪ ۾ فوجي آمريت قائم ٿيڻ بعد مون
افسانا لکڻ ڇڏي ڏنا ته ان جو مطلب اهو نه آهي ته
آئون گوشه نشين ٿي ويو آهيان. سچ جي سربلنديءَ
لاءِ جدوجھد منهنجو دين ايمان آهي. انهي واٽ تي وک
هميشه اڳتي رهي آهي. ڪڏهن به سستي نه رهي آهي.“
ڪهاڻي جو عنوان ڪهڙو به هجي ربانيءَ ان کي مهراڻ
جي صورت ۾ ڇڪي ڇڪي آڻي ڪڍندو. رباني کي شاهه صاحب
سان ايتري ته محبت هئي، سنڌي ٻولي، ڀٽائي صاحب ۽
سنڌ جي ثقافت سان والهانه حب جو هي هڪڙو بي مثال
به نوٽ ڪرڻ جھڙو آهي ته اهڙا افسانه لکندي لکندي
پوءِ اوچتو نوڪرين جي ڪاروهنوار ۽ تمام گھڻين
مصروفيتن سبب جڏهن ڪهاڻي لکڻ کانئن ڪجھ وقت لاءِ
ڇڏائجي ويو، ۽ خوش قسمتي سان 1980ع واري ڏهاڪي ۾
جڏهن ورهين جي وٿي کان پوءِ پاڻ وري افسانا لکڻ
لاءِ قلم هٿ ۾ کنيائين ته ٻئي دور جي پهرين افساني
جو عنوان به پاڻ ڀٽائي صاحب رحه جي ئي بيتن مان
چونڊيائين، جيڪو مٿي بيان ٿيل آهي.
”لهرن لک لباس“ ٻئي دور وارو هي افسانو 80 واري ڏهاڪي ۾
ٽماهي
”مهراڻ“ ۾ شايع ٿيو. تازو 2011 ع ۾ رباني صاحب جي سڀني افسانن کي
سهيڙي الطاف آگري ۽ نصير مرزا
”روشني پبليڪشن“ طرفان ڪتابي صورت ۾
”آب حيات“
ڪهاڻي- ڪليات ۾ ڇپرايا ويا آهن، جنهن ۾ مجموعي
”آب حيات“
کانپوءِ واريون پنج ڪهاڻيون.
”لهرن لک لباس“،
”خواب“،
”صبح
ازل“،
”همسفر“ ۽
”محمد
موچيءَ جو حج“
شامل آهن. هن مجموعي ۾ خراج پيش ڪرڻ لاءِ آب حيات
تي ٻه اکر- حميد سنڌي لکيا آهن. پيش لفظ غلام
رباني آگري لکيو آهي ۽ ڪتاب جي آخر ۾ رباني صاحب
تي چئن ناليوارن اديبن ۽ عالمن جا رايا آهن. انهن
۾ شيخ اياز، رسول بخش پليجو، جمال ابڙو ۽ حفيظ شيخ
جا رايا شامل آهن. غلام رباني جي پنجن ڪهاڻين تي
هت مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.
19-
لهرن لک لباس:
غلام رباني آگري پنهنجي ڪهاڻين ۾
انساني حقن ۽ رتبن کي وڏو مانُ بخشيو آهي. سنڌ جي
ٻهراڙين، ڳوٺن ۽ شهرن جي زندگي کي نمايان ڪندي
ڪهاڻين ۾ انساني مسئلا بيان ڪيا آهن. هن ڪهاڻيءَ
لاءِ رباني مرحوم جو چوڻ آهي ته:
”ورهين جي وٿي کان پوءِ حيدرآباد جي هڪ شاعر دوست جي اصرار تي
هي افسانو لکيو آهي.“(98)
ڪهاڻي جي شروعات هن طرح ڪري ٿو:
”اسلام
آباد برسات ۽ برف جو شهر …
رات ڏينهن وڏ ڦڙي جا وسڪارا …
لاڳيتو برسات مرگلا جي پهاڙ تي برف چمڪندي نظر
ايندي.“(99) هن جي ڪهاڻي ۾ هي نڪته وضاحت ڪيل آهن.
1.
ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هن ڪهاڻي ۾ ربانيءَ پنهنجي
زندگيءَ جي عڪاسي ڪئي آهي.
2.
ساڻس جيڪي معمولي يا غير معمولي واقعا نمودار ٿيا
آهن. انهن کي رنگيني ڏيڻ لاءِ افساني جو رنگ ڏنو
اٿس.
3.
صوفيائن جو ڊائلاگ، ان وقت جي دعوتن جو منظر هتان
جو ڳالهيون، سياڻن ۽ نامورن شاعرن جا قول عالمي
ماحول، رات ڏينهن جا حصا جھڙوڪ رات جا ٻارنهن،
سفارت خانن جي صورتحال، قومن جي ثقافت، ڊائننگ
هال، لنچ ۽ ڊنر، حاجين جو ذڪر، يورپين جي پچار،
قديم آثارن جو ڏس پتو، ڊرائنگ روم وغيره. غلام
رباني آگري پنهنجي زندگي ۾ ڪيئي منظر ڏٺا. مگر
پنهنجي ڳوٺ جي آس پاس وارن نظارن کي وساري نه
سگھيو آهي ۽ جتي به رهيو ان کي ياد ڪندو رهيو. لکي
ٿو ته:
”اسان
جي ڳوٺ وٽ موري ٺهيل هئي، اتي اسان جي ڳوٺ جا ٻار
گرميءَ جي مند ۾ ڊنب ڪري، وهنجڻ ويندا هئاسين…موري
هيٺيان دِڪو ٺهيل هوندو هو.
…اتي
لهرن جا لک لباس هئا.
هن ڪهاڻي ۾ جا منظر ڪشي ڪئي وئي آهي، قاري کي اها منظر ڪشي مجبور
ٿي ڪري ته سڄي ڪهاڻي پڙهي
پورو ڪري.
20- خواب
خوابن جي دنيا ورهين کان پيا ٻڌندا اچون. خوابن جي حقيقتن سان
ڪيترو تعلق آهي. ڪي خواب حسين هوندا آهن ته ڪي
خواب بڇڙا هوندا آهن. خوابن جا ڪيترائي قسم آهن.
ڪي چون ٿا ته ڏينهن جون ڏٺل يا ٻڌل ڳالهيون رات جو
ننڊ ۾ ڏسڻ اينديون آهن. ڪي شيطاني خواب به ٿين ٿا.
ڪي استخارا لائق خواب به ٿين ٿا. خوابن جا تعبير
به ٿين ٿا. مگر ڪو
”راسخون في العلم“
هجي جو خوابن جا تعبير ڪري. هڪ مقدس ڪتاب جنهن جو
دنيا ۾ گھڻو ورد ٿئي ٿو. (القرآن) ان ۾ به خوابن
جو ذڪر آهي. خوابن جي تعبير حضرت يوسف عليہ
السلام لاءِ چئي وڃي ٿي. ڪن ڪتابن ۾ هڪ خواب جو
ذڪر اچي ٿوته عباسي شاهي خاندان جي هڪ عورت خواب
لڌو ته ملڪ تي ڌارين جو قبضو ٿي ويو آهي. ملڪ ۽
محل ڌارين جي حوالي ٿي ويا آهن، لٽيرن ۽ غاصبن ان
سان زنا ڪئي آهي ڇا پاڪ دامن عورت لاءِ هن کان
وڌيڪ ڪهڙي سزا ٿي سگھي ٿي. زارو قطار روئندي رهي.
کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنائين ڳري ڪنڊا ٿي وئي. ڪنهن سان
سور سلي؟ آخر هڪ چولي پائڻ وقت سنگتياڻي هن کان
احوال پڇي ورتو، چيائينس
”سانئڻ“
هن خواب جو تعبير ٿيندو. اهو احوال هن پنهنجي
روحاني رهبر سان ڪيو. جنهن ٻڌي چيو ته اها ته
ڀاڳوند ۽ ڀلاري عورت آهي. ان کي مبارڪ هجي هن کان
اهڙو سٺو ڪم ٿيندو جنهن مان باقي رهندڙ دنيا
مستفيد ٿيندي رهندي. اها حقيقت جڏهن ان پاڪ دامن
بيبيءَ سان ڪئي وئي ته هن عربستان ۾ هڪ نهر
کوٽايائين جنهن ۾ اڄ تائين ان خطي جا رهاڪو فائدو
پيا حاصل ڪن ٿا ان نهر جو نالو ان ڀلاري عورت جي
نالي تي رکيو ويو. اها بيبي باقي خوش خورم زندگي
گذارڻ لڳي. رباني صاحب هن ڪهاڻيءَ ۾ اهڙا ڪيئي
حقائق بيان ڪيان آهن. مثلاً:- شيرين سخن گھر ۾ آئي
آهي ۽ ڏاڍي پريشان آهي. منهنجي بيڊ تي ويهي مون کي
ٻڌائي ٿي ته منهنجي گھر ۾ رات چور گھڙيا هئا. ڌڻي
بچايو… منهنجي مدد ڪر.“(100) منهنجا ٺپ ٺري ويا جو رات جيڪو خواب
ڏٺو هيم… سوساڳيو لفظ به لفظ بيان ڪيائين.“(101) رباني تمام ڏاهو ڪهاڻيڪار آهي. سندس گفتا ڏاهپ سان
ڀريل آهن. هن ڪهاڻي ۾ پڻ ڪي
اصطلاح ۽ پهاڪا جا بجا ملن ٿا.
جنهن
ڪري ڪهاڻي پڙهڻ ۾ مزو اچي ٿو.
21- صبح ازل
غلام رباني آگرو هڪ سهڻو سيبتو ۽ وڙائتو اديب آهي. کيس لکڻ ۽
سمجھائڻ جو ڊول آهي. ماحول ۽ معاشري جي چڱاين
خواهه مٺاين کي ڄاڻي ٿو. سندس عنوان ڪشش رکندڙ
آهن. ربانيءَ جو مطالعو تمام وسيع آهي. جيترو سنڌ
جي قدآور شاعرن جي شاعريءَ جو مطالعو ڪيو اٿس.
اوترو ئي حافظ سعدي، جامي، رومي توڙي اقبال، فريد،
شاهه حسين جھڙن جي شاعريءَ کان آشنائي رکي اٿس. هن
ڪهاڻيءَ جي ابتدا پڻ حافظ شيرازيءَ جي هڪ شعر سان
ڪئي اٿس. رباني ڪنهن سان به مخاطب ٿئي ٿو ته اولين
سياڻن جي طرح ٿئي ٿو.
هن ڪهاڻي ۾ ايران جي هڪ مانواري شاعره قرت العين کان ايترو ئي متاثر آهي،
جيترو ميران ٻائي کان اثر ورتو اٿس. ان ڪري هن
ڪهاڻي ۾ قُرت العين جو هي شعر ڏنو اٿس.
تو حشم وجاهه سڪندري
من ورسم راهه قلندري
۽ پڻ هن شعر جي معنى به لکي اٿس. معنى هن ريت آهي.
تون ۽ سڪندر وارو رعب تاب
مان ۽ قلندر وارو هي فقير نمونو. (102)
هڪ ذات لاءِ رباني جون لکيتون سهڻيون صلاحون آهن. سندس اهڙن صلاح ڀريل گفتن
۽ نڪتن جو ذڪر ڪجي ٿو.
…مان ڪير آهيان، هر اهل دل انسان ۽ عالم جي
دروازي تي دستڪ ڏني اٿم. پر ڪٿان به جواب ڪونه ٿو
مليم.
…آدم ڇاجو ۽ ڪنهن جو نالو آهي.
…آدم هو آ- دم آيو ته آدم دم نه آيو ته
مردو کڏ کوٽي ، وڃي پوري اچوس متان ڌپ ڪري.“(103)
…انسان ذات جي ترقي ۽ روشن مستقبل جو مدار
سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ليول تي منحصر نه آهي. ان جو
انحصار معاشري جي اخلاقي قدرن تي آهي.“(104)
رباني صاحب کي جتان به نصيحت آموز گفتو وڻيو، اهو پڙهندڙن تائين پهچايو!
مثلاً :
…پوءِ جنهن ذرڙي جيتري نيڪي ڪئي هوندي. اهو
ان کي ڏسندو ۽ جنهن ذرڙي جيتري بدي ڪئي هوندي اهو
ان کي ڏسندو
”القرآن“
…ويهارو ورهيه اڳ ، مان هڪ يار جي دعوت تي ڪن دوستن سان گڏ
لالو ڪوٽ ويو هئس. اسان جي يار جو اوتارو هو بس
ڪچين سرن جو هڪ ڪوٺو هو. گرم گرم ٻوڙ ۽ مانيون
اسان جي اڳيان آڻي رکيون اسان ماني کائي ڍوءُ ڪيو.
ڪچي ڪوٺي اندر يڪتارن جي لرزندڙ تار تي دل
درد جون صدائون بلند ٿيون.
جوڙي قلب بيت ربي، انسان ۾ سمايو
ڏسي ذات کي صفت ۾، مَلڪن ٿي نمايو
غلام رباني نه فقط پنهنجن ڪهاڻين ۾ پر پنهنجي حقيقي زندگي ۾ به
غريبن جو يار رهيو هو. انهن غريب يارن جي اوتارن ۽
ڪچن ڪوٺن ۾ دعوتون کاڌيون ۽ انهن دعوتن کي هيئن
ياد ڪيو اٿس.
…صبح ازل! مون کي گھڻين ئي وڏين وڏين هوٽلن
۾ رهڻ جو موقعو مليو آهي. روالپنڊيءَ جي انٽر
ڪانٽيننل هوٽل، اسلام آباد جي اسلام آباد هوٽل ۽
سيدو شريف جي سوات هوٽل ۾ رهائش جو لطف ورتو اٿم.
اهي هوٽلون ڄڻ محلاتون آهن. پر انهي مڙني محلاتن ۾
ڪابه محلات ۽ راڳ جي مجلسن ۾ ڪابه مجلس ڪوٽ لالو
جي ڪچيءَ ڪوٺي ۽ راڳ جي مجلسن کان مٿي ڪانهي.
رباني مرحوم وٽ ڇا ته، انسان ذات سان پيار هو، سندس هي ڪهاڻي شاهد
آهي. غلام رباني جو غريب دوستن سان ڪيترو پيار آهي
۽ رتبه ماڻهن کي عارضي طور وڏو ڪندا آهن، زندگي
چار ڏينهن جو چٽڪو آهي، غريب توڙي امير احساس ۽
وفا جو اکر هجي ته غريبن يارن جا ڪچا ڪوٺا به
بادشاهي محلاتن کان وڌيڪ لڳندا آهن جيئن رباني هن
ڪهاڻي ۾ اهڙو ذڪر ڪيو آهي.
22- همسفر
غلام رباني آگري جي 1980ع کان پوءِ جي لکيل ڪهاڻين ۾
اسلام آباد جو ذڪر ملي ٿو. سندس شروعاتي ڪهاڻيون
جن ۾، موضوع ۽ مواد ڳوٺاڻي زندگي مان کنيل آهن.
ڳوٺاڻي ٻولي اسلوب بيان ڪردارن جي مُنهن تي سونهن
ٿا. اسلام آباد جي هوائن ۾ به ڪو اهڙو هڳاءُ آهي.
هن ڪهاڻي ۾ به اسلام آباد جو ذڪر ڪيو اٿس. بهرحال
جھڙو ديس تهڙو ويس هن ڪهاڻي جو پلاٽ ٽن مقصديتن
وارن اصولن تي ٻڌل آهي. 1 ڪفايت 2- محنت 3- ڪوشش
ڪنهن فلم ۾ گانو ٻڌوسون صبح سفر شام سفر، اس دنيا
ڪا نام سفر، هاڻي هن ڪهاڻي ۾ به رباني رڳو سفرن جو
ذڪر ڪيو آهي، ۽ ڪهاڻي کي نالو ڏنو اٿس.
”همسفر“…اسان چنيوٽي واپار ۾ جو ڪامياب آهيون سو،
ان ڪري جو اسان کي ننڍپڻ ۾ ئي ڪفايت جي ٽريننگ
مليل آهي.
…امان خرچي لاءِ چار پئسا ڏيندي هئي، چوندي
هئي ته، چار ئي پئسا تنهنجا آهن. پر کپائڻ لاءِ
ڪونهن توکي انهن ۾ هڪ پئسو جوڙڻو آهي
اڃان به هڪ ڳالهه جو تت جيڪو هن ڪهاڻي جو تت آهي.
…اتم کيتي نيچ نوڪري ، پنڻ بيڪار ۽ وڌنڌڙ
واپار هن همسفر ڪهاڻيءَ ۾ واپار جا به فائدا بيان
ڪيل آهن. زندگي کي هن ريت بيانن ڪيو اٿس.
نقش باقي نهين کوئي پيچهي. (105)
غلام رباني آگرو ڪٿي ڪٿي پنهنجا حال به بيان ڪيا آهن.
…ماضي جا الائي ته ڪيترا همسفر ياد آيا،
مرد به زالون به مون مٿن سالن جا سال پاڻ قربان
ڪيو هو. پر هو مون کان پنهنجا مطلب حاصل ڪرڻ
کانپوءِ ائين اکيون ڦيري ويا جو ڄڻ ته ڪڏهن واقف
ئي ڪونه هئا. اڪثر انسان پنهنجي فطري مزاج موجب
شايد خود مطلب ٿين ٿا.
هن ڪهاڻي ۾ غلام رباني آگري پنهنجا ڪي تلخ
تجربا بيان ڪيا آهن. ڪهاڻي ۾ نصيحت آميز مثال پڻ
بيان ڪيل آهن. هي ڪهاڻي به اڳين ڪهاڻين وانگر بي
مثال ڪهاڻي آهي.
23- محمد موچيءَ جو حج
غلام رباني آگري هن ڪهاڻيءَ جي شروعات هن طرح ڪري ٿو ته:
”ڳالهه
ڪندا ته گھڻا گھڻا سال اڳي، شام ملڪ جي دمشق نالي
شهر ۾ محمد نالي هڪ موچي هو جو پنهنجي سٺي سڀاءَ ۽
مهمان نوازي سببان سڄي شهر ۾ مشهور هو. انهيءَ
موچي پاڙي ۾ هڪڙو شاهوڪار رهندو هو، جو وري پنهنجي
ڌن دولت ۽ بخيلي سببان شهر ۾ مشهور هو.“(106)
هن ڪهاڻي ۾، شاهوڪار ۽ امير جي ڪيفيت کي بيان ڪيو ويو آهي انهن
ٻنهي جي سوچ ويچار عمل ۽ ڪردار ۾ ڪيترو فرق آهي.
”هڪ
دفعي شاهوڪار شخص محمد موچيءَ کي اچي چيو ته ادا
مون سان ڪو سنگتي ڪو نه ٿو ملي ، جو حج ڪري اچجي
جو هل ته حج ڪري اچون، پراڻي دور ۾ اٺن تي سفر
ٿيندو هو ۽ رستن تي مهمان سرايون هونديون هيون.
هڪڙي رات ٻئي ڄڻا سراءِ ۾ ٽڪيا، جنهن ۾ هڪڙو شخص
بيمار ۽ لاچار ٽڪيل هو، جنهن وٽ سمورا پئسا ڏوڪڙ
کپي چڪا هئا، ويچارو عذابن ۾ هو: هڪ پرديس ٻيو
بيماري مٿان وري پئسي ڏوڪڙ جي ڪمي، سراءِ جي مالڪ
چتاءُ ڏنس ته ميان ڪو خرچ جو بندوبست ڪر بنا پئسي
مان توکي ٽڪائي ڪو نه سگهندس. رات جو رڙهي محمد
موچيءَ وٽ آيو. جنهن همراهه کي دلداري ڏني ته ڌڻي
سڀ سولي ڪندو، ماني کائي محمد موچي پنهنجي شاهوڪار
سنگتي وٽ اچي ٿو. بيمار شخص جو ذڪر ڪري ٿو ، ۽
چويس ٿو تو وٽ رقم جهجهي آهي هن غريب جي مدد ڪرين
ته ڏاڍو چڱو شاهوڪار شخص چويس ٿو اهڙو مورکپائي
وارو ڪم هرگز نه ڪبو…محمد
موچيءَ کي پنهنجي سنگتي ۾ وڏي اميد هئي…سو
اصل وسامي ويو خير صبح ٿيو، شاهوڪار شخص محمد
موچيءَ کي چيو ته
”ميان“ اٿ ته اڳتي رڙهيون تنهن تي محمد موچي انڪار ڪندي اڳتي نه ٿو هلي ۽ چوي ٿو هيل
حج منهنجي نصيب ۾ ڪونهي هن بيواهي بيمار شخص کي
هڙي حالت ۾ ڇڏڻ تي دل نه ٿي چوي. شاهوڪار شخص اڳتي
روانو ٿي وڃي ٿو. محمد موچي غريب جي خدمت چاڪري
ڪري گهر موٽي اچي ٿو ڪجهه مهينن کان پوءِ پاڙي ۾
هُل ٿيو ته شاهوڪار شخص حج ڪري موٽي آيو آهي، محمد
موچي به پنهنجو ڌنڌو ڇڏي اچي ٻين سنئون اچي گس تي
بيٺو جڏهن شاهوڪار شخص اٺ تان لهي ٿو، سندس مٽ
مائٽ، يار دوست ملڻ لاءِ اڳتي وڌن ٿا. پر حاجي
سڳوري، انهن مان ڪنهن سان به هٿ ملائڻ کان اڳ پاسي
کان ڦري اچي محمد موچيءَ کي ڀاڪر پاتو ۽ پوءِ
تعظيم وچان سندس هٿن کي چمي ڏنائين ۽ چيائينس ته
ادا تون منهنجي حق ۾ دعا گهر ته ڌڻي منهنجو حج
قبول ڪري. اهو لقاءُ ڏسي هرڪو وائڙو ٿي وڃي ٿو،
خود محمد موچي به عجب ۾ پئجي وڃي ٿو، شاهوڪار کي
ماڻهو کلي چون ٿا، ميان عقل ته جاءِ تي اٿئي هي ته
اڌ واٽ تان موٽي آيو هو پوءِ شاهوڪار ماڻهو ڳالهه
ڪري ٿو ته مان حج ڪري مديني مبارڪ ۾ رسول الله
صلي الله عليہ وآلہ وسلم
جي روضي پاڪ جي زيارت لاءِ ويس. رات جو مسجد نبوي
۾ نماز پڙهي پاسي سان ٿي ويٺس ته اک لڳي وئيم ، ڇا
ٿو ڏسان ته حاجي سڳورا آهن جن سان گڏ بيٺو ڪعبة
الله جو طواف ڪريان پري کان ڪا شيءِ اڏامندي نظر
آيم…
چار نوراني شخص هئا…انهن
شخص جي ڪلهن تي هڪ تخت هو، جنهن تي محمد موچي ويٺل
هو! اهي نوراني شخص محمد موچيءَ کي طواف ڪرائي…“(107)
منهنجن نظرن کان گم ٿي ويا…بسنت
بهار جهڙو جهوٽو آيو، ڪارا ڪڪر آيا…مينهن
مان ڪو سوز ڀرئي آواز ۾ ڪو ڳائي رهيو هو. محمد
موچي دمشق وارا! تنهنجو حج قبول! مون پاڻ پنهنجي
ڪنن سان ٻڌو ته هن جهان جي هر شيءِ هوا، پاڻي، پکي
پکڻ ، گاهه گلزاريون، هي ڌرتي آسمان سڀ گڏجي
سيبائيندڙ آواز ۾ ڳائي رهيا هئا: محمد موچي دمشق
وارا! تنهنجو حج قبول!
غلام رباني آگرو هن ڪهاڻي ۾ انساني خدمت جو درس ڏنو آهي، اهوئي
عالمي ۽ آفاقي پيغام آهي. انسانذات جي خدمت ڪرڻ ۾
ڀلائي رکيل آهي. سڀ ڪجھ انسانن جي خدمت ۾ آهي
انهيءَ معيار کي سامهون رکي هي ڪهاڻي جوڙي وئي
آهي. هن ڪهاڻي جي شروعات توڙي آخر ۾ سٺي ڪردار
نگاري ۽ بهتري منظر ڪشي ڪئي وئي آهي. ٻولي ۽ اسلوب
بيان نهايت ئي وڻندڙ آهي. اهو ميٺاج ۽ ڏانو
پڙهندڙن جي ذهن کي گرفت ۾ وٺي ٿو جنهن مان
ڪهاڻيڪار جي سوچ جو پتو پوي ٿو سندس انقلابي سوچ
جي هي ڪهاڻي ڇرڪائيندڙ موضوع، اسٽائيل، ڊائلاگ ڇرڪ
ڪڍرائي ٿا ڇڏن. ڪهاڻيڪار پنهنجو مقصد سامهون رکي
هي ڪهاڻي جوڙي آهي ان مقصد ۾ ڪامياب نظر اچي ٿو،
جنهن مان سندس شعور جي بيداري، حب الوطني ۽ انسان
شناسائي وارا سمورا قدر نروار ٿي بيهن ٿا.
غلام رباني آگري جي قلمي پورهئي تي تبصرو
غلام رباني آگري جو شمار سنڌ جي وڏن نثر نويس عالمن ۾ ٿئي ٿو. اسان
کي سندس ادبي ڪمن جي جائزي مان جا ڳالھ
آڏو
اچي ٿي ته، مرحوم غلام رباني آگري سنڌي
ادب ۾، مختلف
موضوعن تي
قلمي پورهيو ڪيو آهي،
جن ۾
ڪيترائي پهلو آهن. افسانن جي دنيا جو وڏو افسانا
نگار، ڪهاڻيڪار، سوانح عمريون لکندڙ، خاڪانگار،
تاريخ نويس،
سندس نثر جي صنفن ۾ سفر ناما، خط، انٽريو،
تقريرون، ڊائريون، ادارن جا احوال، ادارن جون
خدمتون مطلب هر قسم جون علمي ادبي
خدمتون
ساراهڻ جوڳيون آهن. ربانيءَ جي تحريرن ۾ اعتقادي
مسئلا اخلاقي، هدايتون، عبرت، تنقيد، دليل، تاريخي
۽ نيم تاريخي قصا، ماضيءَ جا حقائق، آثار ڪائنات،
اشارن ۽ ڪناين کان علاوه گفتا لفظ صاف ۽ چٽا بيان
ڪيل آهن.
سرزمين سنڌ جي مردم خيز زمين تي ڪيترن ئي
عالمن، اديبن، شاعرن، مذهبي اسڪالرن جنم ورتو آهي
جن مسلسل پنهنجي وطن جي خدمت لاءِ پنهنجي زندگي
صرف ڪئي ۽ پنهنجي ذوق شوق ۽ مطالعي کي جاري رکندي
وقت بوقت پنهنجي وطن جي علم ۽ ادب کي مٿاهون کان
مٿي پد تي آڻڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي. پنهنجي
ٻولي جي قلم کي سدائين سائو رکيو ۽ ان جي مس سُڪڻ
نه ڏني، تن جي ذهني ۽ فڪري ڪوششن سان سنڌي زبان جو
خزانو وڌنڌو رهيو، ۽ انهيءَ ادبي سرمايي مان سنڌي
ڳالهائيندڙن جا ايندڙ نسل هميشه فائدو حاصل ڪندا
رهندا. جڏهن اسين هن هيٺ، غلام رباني آگري جي ادبي
خدمتن جو تنقيدي جائزو وٺون ٿا.
”آب حيات“، ”ڪليات ڪهاڻيون“ ڪتاب ۾ ٽيويھ ئي
ڪهاڻيون تخليقي ادب جو بي مثال نمونو پيش ڪيل آهي.
هن ڪتاب ۾، غلام رباني آگري پنهنجي ابتدائي ادبي
زندگي يعني سال 1953ع کان 1960ع تائين جيڪي ڪهاڻيو
لکيون، تن جي جائزي مان معلوم ٿئي ٿو، ته انهن
ابتدائي ڪهاڻين ۾ ٻهراڙي جي ٻولي ۽ رنگ ڍنگ ۽
ماحول نظر اچي ٿو. هن ڪتاب جي آخري حصي واريون پنج
ڪهاڻيون لهرن لک لباس، خواب، صبح ازل، همسفر، جن
مان شهري زندگي نظر اچي ٿي ۽ آخري ڪهاڻي ”محمد
موچيءَ جو حج“ انساني خدمتن تي لکيل هڪ بهترين
ڪهاڻي آهي. هن ڪتاب ۾ غلام رباني آگري سنڌي زبان ۽
ادب جي وڏي حفاظت ڪئي آهي. ٻئي طرف سماجي نظام جي
اوچ نيچ واري طبقي جي سوچ کي اجاگر ڪيو آهي. هي
ڪتاب پهريون ڀيرو 1960ع ۾ شايع ٿيو هو ۽ ان کان
پوءِ سن 2011ع ۾ ڪهاڻي ڪليات جي نالي سان روشني
پبليڪيشن شايع ڪيو آهي.
”جهڙاگل گلاب جا“ پهريون ۽ ٻيو حصو ۾، هنن ٻنهي
حصن ۾، غلام رباني آگري پاڪستان جي سياسي، سماجي ۽
علمي ادبي شخصيتن جا يادگيرا، تذڪره، سوانح عمريون
۽ خاڪا پيش ڪيا آهن. پهرين حصي جو مقدمو صفحي 11
کان 88 صفحي تائين آهي. مقدمو ڇا آهي؟ هڪ سنڌي ادب
لاءِ لازوال مقدمو آهي جنهن ۾، اهڙو ته رنگ ڀريو
ويو آهي جو سموري مقدمي پڙهڻ کان سواءِ قاري رهي
نه سگهندو. ڇاڪاڻ جو هن مقدمي ۾، رامائڻ تلسي،
راوڻ جو سيتا کي اغوا ڪري وڃڻ، رام ۽ لڇمڻ جي سندس
ڳولا ۾ نڪرڻ، کان ويندي غلام رباني آگري پنهنجا
مشاهدا ۽ تجرا بيان ڪري انهن ڪردارن جي ڪار گذارين
مان مثال کنيا آهن. دانائن ۽ دشمنن، بادشاهن،
شاعرن جي شاعري، درسي ڪتابن جون ڳالهيون، اوهينري
جي افساني عيسيٰ ۽ شيطان مان مثال ڏنا ويا آهن.
پهاڪا چوڻيون، سائنس، ادب ۽ روح جون ڳالهيون ذڪر
هيٺ آڻي هن مقدمي جي مواد ۾ اهڙي ته، رس چس رکي
وئي آهي جو هن مقدمي ۾ رڳو سنڌي بيتن مان مثال نه
ڏنا ويا آهن، پر البرٽ آئنسٽائين جي ڪن ڳالهين جا
مثال ڏنا ويا آهن. مهاڀاري لڙائي ۾ آمريڪين جپانين
مٿان جيڪي بم ڪيرايا تن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ابن
خلدون، عيسائي مذهب ۽ ان جي پوئلڳن جو ذڪر ڪيو ويو
آهي. انسانن جي رنگ نسل، قوم، ذات، زبان، مذهب،
ثقافت جي تفاوتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. پيغمبر حضرت
محمد صلي الله عليہ وآلہ وسلم جا اخلاق جا مثال
ڏنا ويا آهن. انصاف بابت ٻڌايو ويو آهي ته، انصاف
معنيٰ حق ۽ ناحق جي وچ ۾ ليڪو ڪڍڻ. مصر جي راڻي
قلوپطره پنهنجي ڀاءُ سان شادي ڪئي هئي، جنهن کان
پوءِ ان کي مارائي ڇڏيائين. سعادت حسن منٽو جي
افساني جا مثال ڏنا ويا آهن. انهيءَ افساني جي
جملن کي پڙهي اڄ جو اڪثر معاشرو اڳيان نظر اچي
رهيو آهي. مطلب ته، جارج برناڊشاھ، علامه آءِ.آءِ
قاضي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ۽ البرٽ آئنسٽائين
جي وچ يعني صفحي 46 کان پوءِ تصوير ڏني وئي آهي.
عمر خيام، ڪشنچند بيوس، ابن سينا جا قول، غلام
فريد، ڀلاري ڀٽ ڌڻي، نواب نور احمد لغاري، سائيڪل
هارٽ، جي ڪتاب:
A Ranking of 100 Most Influential person in
Human History
مان حوالو ڏنو ويو آهي جنهن ۾ لکيو آهي:
He was only man in history, who was supremely
successful, on both the religious and secular
levels.
Today 14 centuries after his
death his influence is still powerful and
pervasive. It is his UN _ paralleled combination
of secular and religious innocence, which I feel
entitled Muhammad to be considered the most
influential in human history.
غلام رباني آگري، هن مقدمي ۾ ثابت ڪيو
آهي ته، تاريخ ۾، حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم
واحد شخص هو، جنهن کي مذهبي توڙي دنياوي لحاظ کان
ڪاميابي حاصل آهي. اهڙي طرح هن مقدمي ۾، اهو لکيو
ويو آهي، ته: ‘انگلستان’ جي عظيم اديب، ٿامس
ڪارلائيل، پنهنجي ڪتاب
Heroes and Hero-worship’
۾ پيغمبر کي عقيدت جا گل پيش ڪيا آهن جنهن مان هڪ
حوالو ڏنل آهي ته: ”ڪنهن ٿي ڄاتو ته عربستان جي
ريگستان ۾، واريءَ جو اهو داڻو، جڏهن جرڪندو، تڏهن
غرطانه کان دهليءَ تائين، ملڪن پٺيان ملڪ، سندس
روشنيءَ ۾ تجلا ڏيندا.“ (”جهڙا گل گلاب جا“ مقدمو:
ص: 54، 55)
اهڙي طرح هن مقدمي ۾، ليکڪ پنهنجي ڏاڏي جي
يارهن حجن جو ذڪر ڪري مقدمي کي لاجواب ڪري پيش ڪيو
آهي. تنهن کان پوءِ هن ڪتاب ۾ پهرين نمبر تي
علامه آءِ.آءِ قاضي جي يادگيرين کي ساريو ويو آهي.
۽ آخري پير حسام الدين راشدي کي ساريو ويو آهي.
ٻئي حصي کي پهرين حصي سان صفحن ۾ ڳنڍيو ويو آهي.
غلام رباني آگري جيڪو علمي ادبي خدمتن وارو
ڪم ڪيو آهي، ان کي ڏسي سنڌ جي معمر شاعر، اديب ۽
ڏاهي انسان شيخ اياز اها علمي اڳڪٿي ڪئي آهي ته،
”رباني جو نالو سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو، شيخ
اياز جي اها اڳڪٿي سورهن آنا سچي ثابت ٿي رهي آهي،
جو سندس ڪتابن ”جهڙا گل گلاب جا“ ٻئي حصا ۽ آخري
ڪتاب ”سنڌ جا بَرَ، بَحَرَ ۽ پهاڙَ“ سنڌ جي علمي
ادبي حلقن ۾ ايترو ته، مشهور ۽ مقبول ٿيا جو اهي
بڪ اسٽالن ۽ ادارن مان ختم ٿي ويا. سنڌي ادبي بورڊ
کي مذڪوره ڪتابن کي وري ٻيهر شايع ڪرڻ جي ضرورت
پيش آئي ۽ اهي وري ٻيو ڀيرو شايع ڪيا ويا آهن.
مذڪوره ٽنهي ڪتابن جي مواد ۾، علمي ۽ ادبي معلومات
ڏنل آهي جن ۾، شاعرن، اديبن، استادن ۽ بزرگن جو
احوال دلچسپ نوع ۾ ڪيو ويو آهي، پر مفيد ۽ معلومات
ڏئي ان تي علمي، ادبي بحث مباحثا ڪري تنقيد جا
نڪته به آڏو آندا ويا آهن. ”جهڙا گل گلاب جا“
ڪتابن جي ٻنهي حصن ۾، ٽيويهن شخصيتن جي علمي ادبي
۽ سماجي ڪانامن کي آڏو آڻي انهن جا سمورا رخ روشن
ڪيا ويا آهن. سندس هڪ ڪتاب ”سنڌ جا بَرَ، بَحَرَ ۽
پهاڙ“ هن ڪتاب ۾، سنڌ جي ٻن بزرگن پير محمد راشد
روضي ڌڻي جو سبق (تعليم) وٺڻ جو اول ذڪر ڪيو ويو
آهي، جيڪو صفحي نمبر 1 کان 80 تائين ڦهليل آهي.
جنهن ۾ پير محمد راشد روضي ڌڻي جي، ولادت 1170ھ ۽
وفات 1223ھ کان ابتدا ڪئي وئي آهي. ان کان پوءِ
سندس تعليم، علمي حيثيت کان ويندي بزرگي ۽ خليفن
جي معلومات ۽ ٻيا ڪيترائي بحث تاريخ جي روشني ۾
بيان ڪيا ويا آهن. پير صاحب جيڪا تبليغ ڪندا هئا
سا فارسي بجاءِ پنهنجي مادري زبان ۾ ڪرڻ فرمائيندا
هئا. ان کان علاوه هن موضوع ۾، مريدن کي هدايت ڏيڻ
۽ رهنمائي ڪرڻ جا ڪي رهنما اصول ٻڌايا ويا آهن. ان
کان علاوه سندس مضمونن جي حوالن ۽ اضافن بابت
معلومات ڏني آهي ۽ پير صاحب جي ’ملفوظات شريف‘ جي
سنڌي ترجمي بابت معلومات ڏني وئي آهي. هي سمورو
ذڪر غلام رباني جي ذهني فڪري عمل کي ظاهر ڪري ٿو.
اهڙي طرح هن ڪتاب ۾، هڪ ٻئي بزرگ غوث بهاؤ الدين
ملتاني بابت هرلحاظ کان يعني ڪتاب جي صفحي نمبر 81
کان سندس زندگيءَ جي سفر ۽ حياتيءَ جو پس منظر
بيان ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح ڪيتريون تاريخي ڳالهيون
هن بزرگ جي زندگيءَ کي اجاگر ڪن ٿيون جيڪي اسان
غلام رباني آگري جي هن عنوان مان استفادو حاصل
ڪيون سين. هن ڪتاب ۾، هڪ ٽئين بزرگ، سيد عثمان
مروندي قلندر لعل شهباز، جو ذڪر ملي ٿو جيڪو هن
ڪتاب جي صفحي 145 کان 386 صفحي تي پورو ٿئي ٿو.
جنهن کان پوءِ هن ڪتاب جي آخر ۾ پس نوشت ڏهن صفحن
۾ ڏني وئي آهي. غلام رباني آگري پنهنجي حياتي ۾،
جيڪي ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن تن بابت سنڌ،
پاڪستان ۽ دنيا جي لڳ ڀڳ پنجاھ کن عالمن، اديبن،
شاعرن ۽ محققن جا سندس زندگي ۽ خدمتن بابت مضمون ۽
تاثرات ملن ٿا. جنهن مان ڪنهن قدر اڳڀرائي محسوس
ٿي رهي آهي، پر اڃا تائين تحقيق واري تشنگي محسوس
ٿي رهي آهي. جيڪا ڪوشش ڪري هن تحقيق ۾ پوري ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي وئي آهي. غلام رباني آگري جي ادبي خدمتن
تي هي پهريون ڀيرو تحقيق آهي. غلام رباني سنڌ ادب
۽ ٻولي جي حوالي سان اسان جي تحقيق موجب ٻارهن
ڪتاب ۽ ٻيا ڪيترائي مضمون ۽ مقالا مختلف موضوعن تي
قلمبند ڪيا آهن انهن جو تعداد جيڪو هن تحقيق ۾ ذڪر
هيٺ آيل آهي. هن تحقيق کان پوءِ وڌي به سگهي ٿو.
ڇاڪاڻ جو تحقيق جو علم هڪ جڳھ تي بيهڻ وارو نه آهي
هي عمل سمنڊ جي عميق ۽ ان کان مٿي لهرن وانگر
هوندو آهي، ۽ تحقيق جي طريقيڪار ۽ عمل ۾ هميشه
نوان نوان وڌارا پيا ٿيندا رهنداآهن. هر دورجي
تحقيق اڳ واري تحقيق جي روشنيءَ ۾ اسرندي آهي.
اسان جڏهن غلام رباني آگري جي مضمونن، مقالن،
يادگيرين، ترجمن، تقريرن ۽ خاڪن جي وڌيڪ ڳولا ڪندا
سين ته، اسان کي هڪ ڪتاب ”ٿيا قلبَ قرار“ جو
مطالعو ڪرڻو پوندو. هن ڪتاب کي الطاف آگري ۽ نصير
مرزا مذڪوره چيزن کي سهيڙي هن ڪتاب ۾، جيڪي موضوع
شامل ڪيا آهن تن جو تعداد اُوڻٽيھ آهي. هن ڪتاب جو
انتساب سنڌي ٻولي جي نامياري عالم محمد ابراهيم
جويي ڏانهن منسوب ڪيل آهي. هن ڪتاب کي سهيڙيندڙ
ساٿين هن ڪتاب کي اٺن ڀاڱن ۾ ورهايو آهي. 468 صفحن
جو هي ڪتاب، غلام رباني آگري جي ادبي خدمتن کي
متعارف ڪرائي ٿو ته، غلام رباني آگري دين اسلام جي
عظيم هستين تي قلم کنيو آهي تن ڳالهين کان علاوه
قرآن شريف جا ترجما ۽ جتوئي صاحب واري انگريزي
ترجمي کي مرڪز بڻائي هن مقالي ۾ ٻين ترجمي نگارن
بابت ڄاڻ ڏنل آهي. انهيءَ کان علاوه هن ڪتاب ۾،
سنڌ جي تاريخ جي پهرين ڪتاب فتح سنڌ ۽ چچ نامي
متعلق هڪ تعارف تحقيق پيش ڪئي وئي آهي. غلام رباني
آگرو گهڻ پاسائو عالم هو ان ڪري سندس موضوعن ۾،
سنڌ جو تاريخي منظر تي هڪ مقالو تيار ڪري ويو آهي.
ان کان علاوه سنڌ جي بمئي کان جدائي جو سربستو
احوال ڏنو ويو آهي. غلام رباني جي ادبي خدمتن ۾،
سنڌ جا سرڪاري ۽ نيم سرڪاري علمي ادبي ادارا به
موضوع رهيو آهي، جنهن ۾ سنڌي ادبي بورڊ، ۽ ان جي
اسڪيمن ۾، سنڌ جي تاريخ جي اسڪيم، سنڌي لوڪ ادب جي
اسڪيم، جامع سنڌي لغات، سنڌ جي صوفي شاعرن جا ڪتاب
ڇپائڻ، ترجمن جي اسڪيم، قرآن پاڪ جو فارسي ترجمو،
عربي فارسي ڪتابن جي اشاعت، سنڌي زبان ۾ ٻارن جو
ادب شايع ڪرڻ جي اسڪيم، عوامي ڪتابن واري اسڪيم،
مهراڻ رسالو شايع ڪرڻ، بورڊ جي لائبريري، بورڊ جون
آفيسون وغيره کان علاوه انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي جي
ڪم ۽ ڪارڪردگي ۽ ان جي مقصد کي آڏو آندو ويو آهي.
انهيءَ خيال کان ته، سنڌ جو ماڻهو پنهنجي علمي ۽
ادبي ادارن جي ڪم ۽ ڪارڪردگي کان آگاھ رهي. ادارن
واري معلومات ۾، سنڌ پراونشل لائبريري ۽ ميوزم،
شاھ عبداللطيف ڀٽائي مرڪز، اشاعتون، شمس العلماءُ
دائود پوٽا سنڌ گورنمينٽ پبلڪ لائبري، مهراڻ آرٽس
ڪائونسل حيدرآباد ۽ شاھ ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد،
جي علمي ادارن بابت قوم کي آگاھ ڪيو آهي ته، اهي
قوم جا پنهنجا ادارن آهن جيڪي ڪن خاص ماڻهن جي
مقصد لاءِ ڪونه ٺاهيا ويا آهن. سنڌ جي سمورن ماڻهن
جا ادارا آهن، غلام رباني آگري جي ادارن بابت
معلومات ڏيڻ مان اهوئي مقصد نڪري ٿو. سندس ادبي
خدمتن جي حوالي سان هن ڪتاب جو هڪ موضوع، ”مهراڻ“
ادب جو ”سنڌ نامو“ رکيل آهي جنهن ۾، ماهوار ”نئين
زندگي“ ۽ ”مهراڻ“ ٻين رسالن ۽ انهن جي واڳ ڌڻين
بابت معلومات ڏني وئي آهي. غلام آگرو لکي ٿو ته:
”پاڪستان پبليڪيشن اردوءَ ۾ ”ماه نو“، فارسيءَ ۾،
”هلال“، عربيءَ ۾، ”الوعي“ ۽ انگريزيءَ ۾، ”Pakistan
Quarterly
“ رسالا ڪڍندي هئي. پر ڪوبه رسالو
”نئين زندگيءَ“ جيترو شايع ڪونه ٿيندو هو. اهو سڄو
نتيجو سائين عبدالواحد سنڌيءَ جي محنت جو
هو.“(108) غلام رباني آگري انهيءَ ڳالھ جو به،
افسوس جو اظهار ڪيو آهي ته، ”نئين زندگي“ ۽
”مهراڻ“ ٻئي سرڪاري رسالا آهن ايڏو وڏو عرصو هليا
آهن، جيڪا هڪ حقيقت آهي، پر اهو حرف حساب ته سنڌ
جي جاگيرادر طبقي تي اچڻ گهرجي. ڪنهن زماني ۾،
انهيءَ طبقي جي ڪن اشرافن، نوشهرو فيروز ۽ ٽنڊي
باگي ۾ اعليٰ پايي جا درسگاھ ٺهرايا. هن وقت انهن
کي الائجي ڇاٿي ويو آهي، جو ڪڪڙن جي ويڙھ ۽ ڪتن جي
بڇ کان سواءِ ٻيو چڱائي وارو عمل نه ٿا ڪن! غلام
رباني آگري جي خدمتن کي ڏسي ويساھ ٿئي ٿو ته، سنڌ
۾ اهڙا ماڻهو پيدا ٿين جن جي سوچ تعليم ۽ علم ادب،
هنر ۽ سائنس ڏانهن هجي ته، سنڌ جو ڪوبه ٻچو بُک
وگهي نه مرندو نه ئي ڪنهن لاحق بيماريءَ جي ور
چڙهي لوڙي لوڙي قبر ڀيڙو ٿيندو موت ته برحق ليڪن
بيروزگاري، بک ۽ بدحالي وارو موت ايذائيندڙ آهي.
غلام رباني آگري سنڌ ۽ سنڌي ادب بابت جيڪو به لکيو
آهي سو انسانن کي هڪ درس آهي ته، ڀلائي ڪيئن ڪجي ۽
معاشرو ڪيئن سڌارجي ان کي صحيح دڳ تي آڻجي. هڪ ٻيو
موضوع هن ڪتاب جي زينت آهي، سو آهي، شاھ ولي الله
جا مخدوم معين ٺٽوي ڏانهن خَطَ، هن مضمون ۾ ٻنهيءَ
عالمن جي بزرگي ۽ علمي ڏات جو ذڪر ڪيوويو آهي.
غلام رباني آگرو لکي ٿو ته: ”هندستان ۾ ائين ڪونه
ٿيو. اتي شاھ ولي الله جي سمورين تحريرن کي ڪمال
ادب ۽ احترام سان ذري پرزي سانڍيو ويو. سندس خطن
جو مکيه مجموعو حيدرآباد دکن جي نظام جي عثمانيه
يونيورسٽيءَ ۾ محفوظ آهي، جنهن ۾ جملي ٽي سو
پندرهن خط آهن. اهي مختلف عالمن ڏانهن لکيل آهن،
جن ۾ مخدم معين ٺٽوي به شامل آهي.“(109) هن مضمون
۾، غلام رباني آگري، مخدوم محمد معين ٺٽي ڪي نام،
جي حوالي سان ڪي نمونا ڏنا آهن. اهڙي علمي ڪم کي
ڏسي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، غلام رباني آگري ڏانهن
هڪ خط لکيو، جيڪو تاريخ 29 -8 - 2000 تي لکيو ويو
ان خط جو عڪس هن مضمون ۾ ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾، ٻيا
موضوع پڻ آهن. ”اقرار نامو“: سنڌي ترجمو، تمسڪ
شرعي دستاويز: هن ڪتاب ۾، هڪ اهم موضوع آهي، ڪمرو
نمبر30- ميٺارام هاسٽل، هن موضوع ۾، غلام رباني
آگري پنهنجي يادگيرين کي سهيڙيو آهي. ۽ مضمون جي
آخر ۾ هي شعر ڏنو ويو آهي.
یہ
دنیا
رین
بسیرا
ہے
ان کان پوءِ هن ڪتاب ۾، ڦليلي ڪاليج جون يادگيريون
کان ويندي، تاج تائين اهم موضوع شامل آهن. هن ۾
ڪتاب شامل اوڻٽيھ ئي موضوع، غلام رباني آگري جي
ادبي خدمتن جو بي مثال نمونو آهي. جنهن سان، غلام
رباني آگري جي ٽڙيل پکڙيل ادبي خدمتن کي هڪجاءِ تي
محفوظ ڪيو آهي. انهن ٽيٽيهن ئي موضوعن جي جائزي
مان جا ڳالھ آڏو اچي ٿي، غلام رباني آگرو سنڌي ادب
۾ اعليٰ صلاحيتن وارو اديب آهي جنهن سنڌي ادب لاءِ
ڪيتريون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. سرڪاري ادارن
کي ڀلوڙ منتظم طور هلايائين. ادبي خدمتن جي حوالي
سان اعليٰ صلاحيتن وارو اديب نظر اچي رهيو آهي.
ٻارهن ڪتابن جو مصنف ۽ مترجم آهي. غلام رباني آگرو
پنهنجي والد بابت لکي ٿو ته: ”بابا سائين جي زندگي جو پويون عرصو
تنهائي ۾ گذريو فقط سائين مير محمد گھانگھرو چاچي
عبدالعليم اڄڻ ، چاچي نصرالله جلباڻي سان اڳ وانگر
قرب جو رستو قائم رکيو جڏهن بابا سائين جي حياتي
جو پيالو ڀرجي آيو، تڏهن هڪ ڏينهن مون کي چيائين
ته:
”پٽ“
بهشت جي وڏي ڳالهه ٻڌجي ٿي. پر هن جهان جا نظارا
به وڏا وڻندڙ آهين، جو ڪنهن به انسان جي انهن کي
ڇڏڻ لاءِ دل ڪانه ٿي ٿئي. بابا سائين، امان مٺي
ٻئي ڄڻا هي جهان ڇڏي ويا آهن، پر هو اسان جي ڳوٺ
جي قبرستان ۾ ابدي آرامي آهن. مان جڏهن ٻارهين
مهيني، ٻئي سال ڳوٺ ويندو آهيان، تڏهن قبرستان ۾
حاضري ڏيڻ ويندو آهيان جڏهن سندن تربتن وٽ وڃي
بيهندو آهيان، تڏهن ڌرتي لُڏڻ لڳندي آهي ۽ آسمان ۾
سخت گجگوڙ ٿيندي آهي پر ڪڪر ڪو نه هوندا آهن، ان
ڪري منهنجون اکيون وسڻ لڳنديون آهن.“(110)
غلام رباني آگري جي نثر۾ ڪهڙي نه زبردست وڻندڙ
ٻولي بيان ٿيل آهي. رباني اهڙو ليکڪ آهي، جنهن جي
لکڻين ۾ ڀرپور فڪري ۽ فني حسن سان گڏ پنهنجي
تحريرن ۾ خارجي ۽ ڳوٺاڻي زندگي کي موضوع بنايو
آهي. جتي اٻوجھ ۽ سادا ماڻهو رهن ٿا. سندس لکڻين ۾
ڪهاڻين کان ويندي خاڪانگاري تائين سندس هرهڪ تحرير
سماجي ۽ اخلاقي قدرن جي پرچار آهي. جيڪو ادب جو
بنيادي ڪم آهي، اهو سندس لکڻين ۾ موجود آهي.
انساني سماج، معاشرو ۽ ڪردار سنوارڻ. جڏهن هن جي
ڪهاڻين جو مطالعو ڪجي ٿو ته، سندس ڪهاڻيون سماج جي
ڀرپور عڪاسي ڪن ٿيون. جنهن ۾ فني فڪري پوراءُ نظر
اچي ٿو، اخلاقي ۽ نصيحت ڀريا نڪته انسانن کي تربيت
ڪن ٿيون. پنهنجي دور تي پڙهندڙ
مٿان هڪ خاص اثرات مرتب ڪن ٿيون.
غلام رباني سنڌي سماج جي نبض تي هٿ رکي موضوعن جي
چونڊ ڪئي آهي. هن سنڌي سماج کي زندگي ۽ موت جهڙن
مسئلن کان آگاهي ڏني آهي. رباني جون ڪهاڻيون
”هوندا سي حيات“،
”بري هن ڀنڀور ۾“ جاگيرداري خلاف بغاوت جو منظر ڏيکاريو ويو آهي. ڪهاڻي جو
بيان انداز وڻندڙ پر پڙهندڙن کي ٿڪائي ٿي وجھي ٿي.
”شيدو ڌاڙيل“
غلام رباني جي مشهور ڪهاڻي آهي. شيدوڌاڙيل ڪهاڻي ۾
اسان جي سماج ۾ اهڙا اهڙا ڪردار اڀريا آهن، جيڪي
سماج ۾ وحشت ۽ جبر ڏسي ڌاڙيل ٿيا آهن. ليکڪ ڌاڙيل
کي ظالم نه مگر اصل وڏيرن کي ظالم ڏيکاريو آهي.
رباني جا اڪثر بيان بيان جامع ۽ مفصل آهن. ڪهڙو
به سندس موضوع کڻو ان ۾ تضاد وارا نڪتا به اتي
بيان ڪيا اٿس. هڪ مضمون بيان لکندي ان سان تعلق نه
رکندڙ ڳالهيون پڻ بيان ڪيون اٿس. هڪ مضمون جي وچ ۾
ٻيو مضمون اچي وڃي ٿو. اهڙي طرح ذهن ۽ توجهه هر
هنڌ بدلجي وڃن ٿا. سندس بيان جو رخ رکي رکي جدا
جدا طرفن ڏانهن ڦري ٿو. جزن يا ڀاڱن توڙي مضمونن
جي ڳنڍجڻ يا ٽٽڻ جو ڪٿي سنڌو يا نشان نظر نٿو اچي
گويا ربانيءَ جون تحريرون هزار داستان يا الف ليلا
واري داستان جو ڄڻ ته نقل آهن. رباني جي اسلوب ۾
ڪٿي مبالغه آرائي به محسوس ڪئي وئي آهي، جيڪا
افسانه نويس کي روا آهي. ڪي اهڙيون به تحريرون پيش
ڪيل آهن، جن ۾ مستند عالمن جي تحريرن تان استفادو
حاصل ڪري اعليٰ مقام
قائم ڪيو اٿس. علمي ۽ ادبي تحقيق جي لحاظ کان به،
غلام رباني آگري جي اسلوب ۾ سادگي ۽ جاذبيت ۽
انهيءَ سادگيءَ ۾ سونهن پسي سگهجي ٿي.
غلام رباني جي سوانح نگاري جو جائزو
جيئن ته مذڪوره عنوان ۾ پنهنجي تحقيقي حوالي سان غلام رباني
آگرو
بحثيت سوانح نگار جي حيثت ۾ جائزو پيش ڪجي
ٿو. غلام رباني آگري جا ادبي لحاظ جن موضوعن تي ڪم
ڪيل آهن تن ۾ سوانح نگاري وارو فن سندس پسنديده
موضوع رهيو آهي. هن فن جي حوالي سان غلام رباني
آگري جو بهترين انداز ڪم نظر اچي ٿو جنهن ۾ هوهڪ
برک اديب طور پنهنجي صلاحيتن سان مطالعو ڪري سنڌ ۽
دنيا جي ناميارن عالمن، اديبن، سگهڙن ۽ مشاهيرن جي
احوال کي قلبند ڪيو آهي. سندس ڪم جي مطالعي ڪرڻ
سان اهي سموريون شخصيتون
پنهنجي سمورين خوبين، ڪمن ڪردارن سان اسان جي آڏو
اچن ٿيون. انهن بزرگن جي علمي ادبي ڪمن کان اسان
استفادو حاصل ڪريون ٿا.
هن حصي ۾ سوانح نگاري جي فن بابت جائزو وٺندس ته سوانح نگار
ڇاکي چئبو آهي؟ ۽ ان سان ملندڙ جلندڙ ٻيون ڪهڙيون
صنفون آهن جن جا هڪٻئي سان ڪي جزا ملن ٿا. ان
لاءِ اسان کي ڪن ڄاڻو ماهرن جي راين کي پيش ڪرڻو
پوي ٿو، جيئن چڱيءَ طرح معلوم ٿي سگهي ته، سوانح
نگاري ڇا آهي؟ ماهرن جي اصولن جي آڌار تي غلام
رباني جي سوانح نگاري جي بابت وضاحت ڪندس.
سوانح نگاري ڇا آهي؟
فيروزُ اللغات (اردو)، جي معنيٰ هن طرح ڪيل آهي:
”سوانح
نگار( ع-
ف-
صف)، ڪنهن شخص جي حالات زندگي جي لکڻ
وارو.“(111)
جيئن ته، جامع سنڌي لغات ۾ هن لفظ جي وصف هن طرح آهي:
”سوانِح
نگارُ جمع جمع سوانح نِگارَ، ز.(ع. سوانح +ف. نگار> نگاريدن = لکڻ)
واقعات لکندڙ، واقع نگار، افسانه نگار، ڪهاڻي
نويس. اخبار نويس. نامه نگار.“(112) انهيءَ لفظ جي وضاحت کان پوءِ
انهيءَ نتيجي تي پهچجي ٿو ته، غلام رباني آگري
ڪيترن ئي صنفن تي لکيو پر سوانح نگاري جي فن ۾،
ڪيترين ئي شخصيت جا احوال ۽ واقعا پڻ قلمبند
ڪيائين. هن فن جي وضاحت ڪري الڳ حيثيت يا تعين ڪرڻ
ڏکيو ڪم آهي. ننڍڙي ڪوشش ورتي اٿم. ته هن فن سان
لاڳاپيل صنفن آتم ڪهاڻي، خاڪا، تذڪرا، جيون ڪهاڻي،
سوانح عمري جي ڪجھ وضاحت ڪريان ۽ ان کانپوءِ
پنهنجي مقصد ڏانهن اچان ۽ غلام رباني آگرو جي ٽن
ڪتابن جو مختصر جائزو پيش ڪريان ان لاءِ هڪ ننڍڙي
پڙهندڙ شاگرد وانگر ڪچڙي ۽ علم کان اڻڄاڻ ذهن کان
ڪم وٺان ته سوانح عمري يا سوانح حيات جو سنڌي ادب
۾ ڪافي مواد موجود مٿي ذڪر ڪيل صنفن يعني آتم
ڪهاڻي، سوانح عمري، تذڪره نويسي، خاڪا نويسي جي
وضاحت کان اڳ ايترو چوندس ته انهن صنفن جو تعلق
چئن ويڳين ڀنڀرن يا ڀائرن وانگر آهي. جن ۾ ٿورو
گھڻو فرق موجود آهي.
(1)
سوانح عمري لکڻ وقت ليکڪ انهي ڳالهه جو پابند هوندو آهي ته ڳالهه
جي حقيقي ڇنڊ ڇاڻ ڪجي.
(2)
سوانح عمري ۾ جنهن شخص بابت لکيو ويندو آهي ته ان ۾ سوانح نگار
مرضي شامل نه ڪندو آهي.
(3)
سوانح عمري ۾ مختصر بيان ۽ ليکڪ ڪنهن شخص جي جنم جو سال ڏيندو آهي
۽ فوت ٿيل آهي ته وفات جي تاريخ ڏيندو آهي.
(4)
سوانح نگار لکڻ وقت ليکڪ ڪنهن شخصيت جا حالات ٻين کان حاصل ڪري
مواد ڪٺو ڪندو آهي. اهو مواد مختلف جاين اخبارن،
رسالن يا خود پاڻ پڇي لکندو آهي.
آتم ڪهاڻي ۾ ليکڪ پنهنجي زندگي
جو احوال لکندو آهي. جنهن ۾ خود ليکڪ پنهنجي باري
۾ لکي ٿو. اها سندس ذاتي آهي. ان جو علم سواءِ ٻي
ڪنهن کي ڪونهي. ڇو ته ان ۾ ان شخصيت جا ڪجھ پهلو
شامل هوندا آهن.
الف: ذاتي زندگي
ب : شخصي آزمودا
ت : ماحولياتي تجربو
ث : سياسي ۽ سماجي پسمنظر
خاڪا نويسي بابت ڊاڪٽر قاضي خادم لکي ٿو ته
”خاڪو
بنيادي طرح جيون ڪهاڻيءَ جو ئي قسم آهي، فرق صرف
اهو آهي، ته هن صنف ۾ جيون ڪهاڻيءَ واري طوالت ۽
تفصيل کان پاسو ڪيو ويندو آهي.“(113)
الف : جيون خاڪا
ب : ادبي خاڪا يا شخصي خاڪا
جيون خاڪا گھڻو ڪري، مذهبي سماجي ۽
سياسي شخصيتن جي باري ۾ هوندا آهن. جن ۾ ڪنهن به
قسم جو وڌاءُ کان ڪم نٿو وٺي سگھجي ۽ هنن جو احوال
جيئن جو تيئن بيان ڪرڻو پوي ٿو.
جيون خاڪا
گھڻو ڪري مذهبي ، سماجي ۽ سياسي شخصيتن جي باري ۾ هوندا آهن.
جن ۾ ڪنهن به قسم جي وڌاءُ کان ڪم نٿو وٺي سگھجي.
خاص ڪري مذهبي شخصيتن جي حياتيءَ جي بيان ۾ ڪا به
تبديلي پسند ۾ برداشت نه ٿي ڪئي وڃي ۽ نه ئي
تاريخي انگن اکرن ۾ ڪا به ڦير ڦار ڪرڻ ممڪن نه
آهي.“(114) موضوع ڏانهن ايندي غلام رباني آگري
جي ٽن ڪتابن جن کي خاڪا چيو وڃي ٿو. انهن ڪتابن ۾
”جھڙا گل گلاب جا“
(2 ڀاڱا)
”سنڌ
جا بر بحر ۽ پهاڙ“،
”ماڻهو شهر ڀنڀور جا“ انهن ڪتابن کي خاڪا نويسي چيو وڃي ٿو.
جڏهن مذڪوره ڪتابن جج مطالعو ڪجي ٿو.
ته ماهرن جي مٿي ڏسيل اصولن تي پرکجي ٿو
ته، غلام رباني صاحب جا ٽئي ڪتاب ظاهر ۾ جيون خاڪا
آهن. پر ادبي پرک جي اعتبار کان سندس لکيل ڪتابن
کي هيٺين طرح جي اڀياس کان پوءِ هن ريت نتيجو آڏو
اچي ٿو:
جهڙا گل گلاب جا (پهريون حصو)
هن ڪتاب ۾ غلام رباني آگري سنڌ جي ناميارن شخصيتن جو ذڪر ڪيو آهي.
انهيءَ ۾ سڀ کان پهرين نمبر تي ڪتاب جو مقدمو آهي.
مقدمي کانپوءِ سنڌ جي ڏاهي شخصيت علامه آءِ.آءِ قاضيءَ جو ذڪر ڪيل آهي. هن خاڪي ۾ علامه امداد علي قاضي
جي ڪتابن ۽ سندس علمي ۽ علمي ڳالهين ان سان
وابستگي بابت فلسفيانه ڳالهيون ڪيل آهن، پر علامه
امداد علي قاضي جي جنم جي تاريخ وغيره جو ڪٿي به
ذڪر ٿيل نه آهي، پر نوڪري دوستن يارن ۽ ٻين مامرن
مسئلن جو ذڪر ڪيل آهي. هن ۾ به رباني جو ياد
گيريون سمايل آهن.
1-
عبدالطيف آگرو جيڪو رباني صاحب جو والد محترم هيو.
هن شخصيت جي ذڪر ۾ رباني پنهنجي ننڍپڻ ۽ تعليم
بابت، استادن ۽ شاگردن بابت ذڪر ڪيو آهي. پنهنجي
اوس پاس بابت پنهنجي يادگيرين کي سهيڙيو آهي. هن ۾
به پنهنجي والد جي جنم وفات جون تاريخون ڪونه
ڏنيون اٿس.
2-
ڊاڪٽر عمربن محمد دائود پوٽو: علامه امداد علي،
عبداللطيف آگري، وانگر هن شخصيت جو ذڪر اڌ ۾ مان
ڪيو اٿس. پر علامه عمر دائودپوٽي جي زندگيءَ جا ڪي
اهم پهلو بيان ڪيل آهن ۽ هن ۾ مذڪوره شخصيت جي
وفات جي تاريخ ڏني اٿس. ڇو ته غلام رباني جڏهن
سنڌي ادبي بورڊ جو نائب سيڪريٽري ٿيو هو. تڏهن
رباني لکي ٿو ته:
”ان وقت علامه عمر دائود پوٽي جو پيالو ڀرجي آيو هو. سندس
گھرائپ ۽ گھاٽائيءَ جو موقعو ڪونه مليو هو. غلام
رباني آگرو علامه عمر دائود پوٽي جي والد جو نالو
۽ سندس ڌنڌي بابت ذڪر ڪيو آهي.
3-
عثمان علي انصاري : مذڪوره شخصيت بابت لکي ٿو ته
جي.ايم.سيد
چوي ٿو ته انصاري جا ابا ڏاڏا ٻاهران آيا هئا. بهر
حال هن ۾ رباني صاحب اڳين شخصتن وانگر جنم ۽ وفات
جا سال ڪو نه ڏنا آهن.
4-
ميران محمد شاهه: هن شخصيت جو احوال لکندي. رباني
جي تحريرن ۾ معلوم ٿئي ٿو ته،رباني هن شخصيت ۾ به
پنهنجون ڪجھ يادگيريون سهيڙيون آهن.
5-
پير احسام الدين راشدي: هن ڪتاب جي آخر ۾ پير حسام
الدين راشدي کي رکيو ويو آهي ۽ هيٺ فوٽ نوٽ ۾ پير
حسام الدين راشديءَ جي جنم جي تاريخ 1911ع ڏنل
آهي. جنهن ۾ حسين شاهه راشدي جي حوالي سان لکي ٿو
ته، جنهن جي چاچي جيڪا بائيوڊيٽا ٺهرائي هئي، ان ۾
جنم جو هنڌ بهمڻ لکايو هئائين 1911ع. مذڪوره ڪتاب
جي جائزي کانپوءِ ان نتيجي تي پهتو آهيان ته
”جھڙا گل گلاب جا“
(پهريون حصو) ۾ غلام رباني سهڻي ريت پنهنجين
يادگيرين کي سهيڙيو آهي. انهن عظيم شخصيتن سان
همدرديءَ ۽ ان جي ادبي خدمتن تي ڀرپور نوٽ لکيا
آهن ۽ ان وقت جي حالات ۽ واقعات جي روشني ۾ شخصيتن
جي خدمتن کي ساراهيو آهي.
جھڙا گل گلاب جا (حصو ٻيو)
هن ڪتاب کي به نه ڪي خاڪا چوندس نه وري
سوانح عمري، ڇو ته هي ڪتاب پهرين حصي وانگر.
سترنهن جن شخصيتن جو ذڪر ڪيل آهي ۽ انهن شخصيتن
سياسي، سماجي ۽ ادبي ميدان ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون
آهن. هي ڪتاب غلام رباني آگري جي يادگيرين تي ٻڌل
آهي. جهڙي طرح پهريون حصو باڪمال نموني لکيل آهي،
انهن يادن کي جھڙي طرح سهيڙيو ويو آهي، ۽ انهيءَ ۾
خوبصورت لفظن جملن واقعن جو بيان آهي. اهڙي طرح هن
ڪتاب جي جيتري ساراهه ڪجي اها گھٽ آهي. هن ڪتاب ۾،
سترنهن 17 امر ڪردارن جي زندگي بابت ڪيتريون ئي
دلچسپ ۽ انوکيون ڳالهيون بيان ڪيل آهن، اهي بيان
اسان تائين اهڙي معلومات فراهم ڪن ٿا، جن جي تمام
گھڻي ضرورت آهي. انهيءَ کوٽ کي پوري ڪرڻ جي سٺي
ڪوشش ڪيل آهي. هي ڪتاب سنڌي ادب ۾، ماضيءَ جي
تاريخي داستان هئڻ سان گڏ تاريخي ماخذ جي حيثيت پڻ
رکي ٿو. |