سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: غلام رباني آگري جي سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتن جو تنقيدي جائزو

 

صفحو:15 

ضميما

تقريرون:

         جيئن ته غلام رباني آگرو ملڪ جي مختلف ۽ وڏن نالي وارن ادارن جا سربراهه رهيا آهن. جتي به رهيا آهن اتي سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي. اسان هن تحقيق ۾ گھڻي ۾ گهڻا جتن ڪري ڪي چيزون مختلف جريدن مان هٿ ڪيون آهن ۽ جيستائين تحقيق جي طالبعلم جي پهچ رهي آهي تن ۾ هي ٽي اهم تقريرون هٿ آيون آهن. 1. سنڌالاجي، سنڌ جي ثقافت جو امين ادارو 2. جي.ايم.سيد خود شناسي جو سبق ڏيندڙ پيامبر3. ٻاراڻي تنظيم بزم گلزار ڪنويشن ۾ تقرير

مذڪوره  ٽن موضوعن تي غلام رباني آگري جون تقريرون ملن ٿيون جيڪي نظر مان گذريون آهن. انهن ۾ ٻن تقريرن جو ذڪر غلام رباني جي ڪتاب ”ٿيا قلب قرار“ ۾ ڪيو ويو آهي. هڪ ٻارن جي ڪنوينشن واري تقرير جو ذڪر اياز پاٽولي جي مضمون ڪو ڪو ماڻهو موتي داڻو ۾ ذڪر ٿيل آهي.

1. تقرير سنڌالاجي جي سلور جوبلي تقريبات ڊسمبر 1987ع جي لوڪ سنگيت محفل ۾ مهمان خصوصي طور تقرير آهي، جيڪا پاڻ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر مظهرالحق صديقي ۽ سنڌالاجي جي ڊئريڪٽر محترمه مهتاب راشدي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي استاد صاحبان ۽ سنڌ جي عالي مرتبت اديبن قلمڪار ساٿين ۽ ٻين سان مخاطب ٿيندي تقرير جي شروعات ڪئي آهي. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي سلور جوبليءَ جي جشن جي موقعي تي سنڌالاجي ۾ 25 ورهيه جي پوري سفر جو ڏينهن ملهايو ويو هو. جيڪو ڪجھ رنگ به رنگي ملهايل ڏينهن جو ذڪر ڪيو اٿس. هن تقرير ۾ سنڌالاجي اداري جي شناخت ۽ قدر شناسي بابت ٿيل تقرير جو احوال بيان ڪيل آهي. ابتدائي گفتا روايتي آهن. جيئن هر محفل جو مور واتان ڪڍندو آهي. ايئن ئي هن تقرير ۾ ملڪي ۽ ادبي محفل جو ذڪر آهي. سنڌ تي لکيل ڪتابن تي ڳالهايل آهي. مشاهيرن جو ذڪر ڪيل آهي. سنڌالاجي جي مڪمل تاريخ آهي. سنڏ ۾ ٿيل اهم واقعن جنگين بابت بيان آهي، سنڌي تهذيب تي لازوال بيان ڏنل آهي. هن تقرير جو خاتمو دعا سان آهي، جيڪو رباني پنهنجي تقرير ۾، هيئن چوي ٿو. خاوند ڪريم سنڌ کي سدائين شاد ۽ آباد رکي ۽ ان جي خدمت گذار عالمن ۽ اديبن استادن، شاگردن ۽ ادارن کي زنده ۽ پائنده رکي.

1-     جي.ايم.سيد خود شناسي جو سبق ڏيندڙ پيامبر

        هن تقرير جي به شروعات ساڳئي طرح روايتي آدابن سان ڪيل آهي ۽ اسٽيج تي توڙي هيٺ نامور عالم ۽ ڏاها ويٺل هئا. جن ۾ سائين جلال محمود شاهه، سائين محمد ابراهيم جويو ٻيا اديب ڀائر دوست ۽ سنڌ سان محبت ڪندڙ ساٿي جن جو سنڌ ڌرتي سان پيار آهي.  تقرير ۾ رباني شروعات سائين جي- ايم- سيد سان نياز مندي بابت ڪري ٿو ته جي- ايم -سيد سان سندس نيازمنديءَ جو عرصو تقريبن پنجاهي کن ورهين جو آهي، جنهن ۾ پهرين ملاقات جو سال 1954-1953ع ۾ ڄاڻايو آهي.”(103) هن تقرير ۾ رباني جون سائين جي.ايم.سيد سان جيڪي سيني سانڍيل يادون آهن تن کي ساريو ويو آهي. جن ۾، ڪن مشهور عالمن ۽ مشاهيرن، محفلن جو احوال- سنڌ جي تاريخ بابت، رني ڪوٽ جو ذڪر- گورک هل جو ذڪر ۽ جي.ايم.سيد جون ادبي ڪاوشون ۽ ادارن جو احوال سائين جي.ايم.سيد جي رٿن سان ڪيترائي ادارا وجود ۾ آيا. هي تقرير سائين جي.ايم.سيد بابت لفظن جي پڄاڻي تي لکيو اٿس ته: هو سنڌ جي روشن مستقبل جو پيامبر آهي ۽ اسين سڀ سندس سلامي آهيون ۽ سندس خادم آهيون. جو هن اسان کي خود شناسائي جو سبق ڏنو. آءُ اهي لفظ چئي اجازت وٺان ٿو، اوهان جي وڏي مهرباني.(104)

3-  ٻاراڻي تنظيم بزم گلزار ڪنوينشن ۾ تقرير

       مذڪوره تقرير غلام رباني آگرو جي سال 1967ع ۾ ڪيل آهي. جيڪا ٽنڊو محمد خان شهر جي ٻاراڻي تنظيم بزمِ گلزار پنهنجي ٻالڪ ڪنوينشن تي رباني کي مهمان خاص طور تي گهرايو هو. انهيءَ موقعي تي رباني پنهنجي صدارتي تقرير ۾ ٻارن جي گهڻي حوصلا افزائي ڪئي هئي. کين اڳتي وڌڻ ۽ ادبي ميڙاڪا منعقد ڪرڻ جي صلاح ڏني، ته جيئن اڄوڪوٻاررلڻ بجاءِ علمي ادبي تنظيمن ذريعي پاڻ کي اجاري قوم جو ڀلو سوچي.(105)  

ڊائريون:

      ڊائري انهيءَ کي چئبو آهي. جنهن ۾ ماڻهون روز مره جي ڳالهه لکندو آهي. روز مره جي روئداد ڪن ماڻهن جي عادت هوندي آهي. ڪير آيو؟ ڪير ويو صحت ڪيئن رهي. گهر جو خرچ ڪهڙو ٿيو. ان جي داخلا روز نامچي ۾ رکندا آهن. ڪي رڳو گهر جي بجيٽ جي ڪٿ خاطر لکندا آهن. غلام رباني آگرو پنهنجي هڪ مضمون پير علي محمد راشدي ۾ لکي ٿو ته: سنڌ يونيورسٽيءَ واري زماني ۾ هڪڙو واقعو ٿيو. جنهن مان راشدي جي سڀاءَ جو اندازو ٿيو. مون انهن ڏينهن ۾ ڊائري لکڻ شروع ڪئي هئي. وقت به وقت ڪي دلچسپ قصا آئنده جي لاءِ يادگيريءَ لاءِ لکندو رهندو هيس. انهي دور جو لکيل هڪ واقعو نقل ٿيل آهي. ڪالهه صبح غلام نبي ميمڻ (اڳوڻو وزير قانون) مغربي پاڪستان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي پٽ جي داخلا لاءِ مون سان ملڻ آيو. ان سلسلي ۾ ٻه چار دفعا اڳ به مون وٽ آيو هيو معاملي ۾ ڪو اٽڪاءُ آهي. هر دفعي ساڻس سٺي ڪچهري ٿيندي هئي. هر ڀيري ٻڌايائين ته ايوب خان جي دور ۾ جڏهن پاڻ ون يونٽ حڪومت ۾ وزير قانون هو. تڏهن راشدي صاحب سان اهو طع ٿيو هو ته هو حڪومت جي حمايت ۾ اخبارن ۾ آرٽيڪل لکندو ۽ مون موٽ ۾ کيس ماهيانو. پندرهن سؤ (1500) روپيه معاوضو گلبرگ ۾ بنگلو ۽ اچڻ وڃڻ لاءِ ڪار ملندي. هن چيو ته انهي خرچ پکي  جو سڄو بار ڪراچيءَ جي هڪ سيٺ تي رکيو ويو هو، جنهن جا نواب ڪالاباغ سان گهرا مراسم هئا، هن ۾ انهي سيٺ جو نالو ڄاڻي ٻجهي ڪو نه ٿو لکان، غلام نبي ميمڻ ٻڌايو ته راشدي جا مضمون ڪڏهن ڪنهن نالي سان، ڪڏهن ڪنهن نالي سان ڇپبا هئا. هڪ مضمون غلام نبي جي نالي سان ڇپيو هيو. جنهن ۾ فاطمه جناح جي مخالفت ڪيل هئي.” (106)

            ڪوشش ورتي هيم ته ڪٿي نه ڪٿي رباني جي لکيل ڊائري هٿ اچي ۽ ان ڊائري ۾ ٻيون به اهڙيون کوڙ ساريون ڳالهيون بيان ٿيل هونديون. وڏي ڪوشش جي باوجود رباني جي ڪا به ڊائري هٿ نه لڳي سگھي، سنڌي ادب ۾ ڪي چند ڊائري ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيل آهن

 انهن جو ذڪر به ضروري سمجھان ٿو.

 1-     قيدياڻي جي ڊائري - 1972ع اختر بلوچ

2-     جيل ۾ ٻاويهه مهينا -        1977ع کان 1978ع طارق اشرف

3-     جيتامڙي جي ڊائري - 1982ع        ڊاڪٽر سرلا ديوي

4-     ساهيوال جيل جي ڊائري       1986ع        شيخ اياز

5-      چين جي ڊائري -              1995ع        پير علي محمد راشدي  

          مٿين ڊائرين ۾ اگر رباني جي يادگيرين ۽ مختلف واقعن تي مشتمل ڊائري شايع ٿي پوي ته يقينن رباني جا اهي لڪل ۽ روشن پهلو ظاهر ٿي پوندا ۽ ذڪر ڪيل ڊائرين جي تاريخ ۾ هڪ تاريخ جو وڌيڪ اصافو ٿي پوندو.

خــط

      غلام رباني آگري جي شخصيت سنڌي ادب ۾ تمام قدآور ۽ علم ادب ۾ توڙي منتظم جي حوالي کان ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي. جيتري قدر غلام رباني جي شخصيت جو تعلق آهي ته هن کوڙ سارن دوستن ۽ يارن ڏانهن خط لکيا آهن. جيئن ته ذڪر ڪري آيو آهيان ته رباني جيڪي حڪيم اعجاز حسين چانڊيو ڏانهن خط لکيا هئا. سي حڪيم اعجاز حسين چانڊيي سهيڙي ڪتابي صورت ۾ پڌرا ڪيا آهن. ان ڪتاب جو عنوان آهي خط غبار هن مجموعي ۾ رباني جا ارڙهن خط شايع ٿيل آهن. ان کان علاوه اڻڇپيل خط غلام رباني جا مختلف ساٿين عزيزن ۽ دوستن وٽ موجود آهن. غلام رباني جي عزيزن دوستن ۾ خاص طور الطاف آگرو جنهن کي ايئن چوندس ته رباني جو جانشين آهي. تنهن غلامرباني جي علمي ۽ ادبي ڪم جي حفاظت ڪرڻ جي هر لحاظ کان منظر عام تي آڻن لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي. انهي کان علاوه مختلف ڪتابن ۽ رسالن جي اڀياس مان اهڙن خطن جو پڻ احوال مليو آهي. ڪجھ خط غلام رباني آگري جي ڀاڻيجي رياض آگري وٽ پڻ موجود آهن، ان جو ٻڌائڻ آهي ته رباني جا اهي خط هاڻ ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيا ويندا. بهرحال رباني جا جن ماڻهن سان قرب  ۽ پيار جا رشتا هئا. انهن ۾ چونگاڻي صاحب، صديق سالڪ، ڊاڪٽر تنوير عباسي، زبيده ميتلو، سيد واجد علي شاهه، سائين جي.ايم.سيد، حميد سنڌي، پير حسام الدين راشدي، مسٽر ناشاد، ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، جمال ابڙو، پير علي محمد راشدي، رشيد ڀٽي، سيد انيس شاهه جيلاني صادق آباد وارو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد دائود بلوچ، ڊاڪٽر حميدالله، حسين شاهه راشدي ۽  سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ۽ ٻين کوڙ سارن ماڻهن سان رباني جي نياز مندي هئي. مرحوم غلام رباني جون انهن ماڻهن سان ڪچهريون ٿيل هيون پر تازو هڪڙو مضمون امام راشديءَ جو هن دنيا جي حياتي هڪ ڏينهن وانگر ۾ لکيو آهي ته: مون وٽ رباني جا پنج خط آهن، ٻه خط وڏي اهميت رکن ٿا. ٻنهي خطن ۾ تاريخ جي اَوت ٿيل آهي. 11 سيپٽمبر 1994ع واري خط کي مضمون ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ٻيو خط اسلام آباد مان 1994-09-14 جو آهي. ڪجهه خط هٿ آيا آهن، جيڪي هيٺ ڏجن ٿا ۽ اهي خط غلام رباني جا پنهنجا هٿ اکر آهن، جيڪي پاڻ سيد حسام الدين راشدي ڏانهن لکيا آهن.


 


 


 


 


 


 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org