سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: غلام رباني آگري جي سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتن جو تنقيدي جائزو

 

صفحو:7 

 اُتر ڊاهي ان جا

         مذڪوره ڪهاڻي/ افسانو، غلام رباني آگري جي افسانوي ادب ۾ پير پائڻ جي پهرين ڪڙي آهي، جنهن جو عنوان، شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي سر سارنگ جي هڪ بيت مان جوڙيو ويو آهي. جو سڄو شعر هن طرح جو آهي:

ڪڻڪن ڪانڌُ چت ڪيو، جهڙ پسيو جهجهن،

ورن  ريءِ  وانڍن  اڏيا،  پکا  سي  مَ  پسن،

اُتر  ڊاهي  اُن جا،  ته  ڪنهن کي ڪارون ڪن،

وارث وري تن، اَچي شال اولاد ڪري.

(سر سارنگ) داستان ٻيو.؟ (40)

غلام رباني آگري جو هي هڪ بهترين افسانو آهي جنهن ۾ لکي ٿو ته: چوطرف چو ڏس جي چانڊاڻ ڦهليل هئي. ڪٿي ڪٿي آڪاس ۾ ڪو تارو ٽمڪيو ٿي، نه ته سڄو ئي آسمان هڪ نوراني چادر سان ڍڪيل هو مهراڻ جي سطح ائين پئي لڳي ڄڻ ڪو چاندي جو تهه آهي، ٿڌي هير پئي گھلي… ٻيڙي ساگر جي ڇاتيءَ تي لڏندي لمندي وچ سير ڏيو پئي ويئي بچل جا ابا ڏاڏا اها ڪرت ڪندا هئا. (41)

رباني صاحب جو پهريون افسانو ”اتر ڊاهي ان جا“جو فطرتي پسمنظر مهراڻ آهي.  هي افسانو درياءَ سنڌ ۽ سنڌ سان ربانيءَ جي محبت جو مظهر آهي. هن  پنهنجي پهرين ئي تحرير منجھ موج ڀريي مهراڻ جو ذڪر ڪيو آهي. جيڪا اسان سنڌ وارن جي جياپي جو پهريون ۽ آخري ڪارڻ پڻ آهي. ان درياهه شاهه يعني تارؤن تار مهراڻ بابت سندن هي تشبيهه سندس ٻولي محبت ۽ عقيدت جي رنگ ۾ ورتل آهي. مهراڻ کي لفظن ويس ڍڪائڻ ڏسو! “ مهراڻ جي سطح ائين پئي لڳي ڄڻ ته ڪو چانديءَ جو تهه هجي. هن افساني ۾ نج سنڌي محاورا وک وک تي واپرايا اٿس. هن افساني ۾ نوران ۽ بچل ٻه نوجوان ڪردار آهن. هي افسانو رباني ويهن سالن جي عمر ۾ لکيو. هي افسانو ٻيلي ۾ رهندڙ بچل ملاح ۽ نوران مهاڻي تي ۽ انهن جي واتان جيڪڏهن رومان پرور فضائن ۾ ڪجھ ڳائرائي ٿو. پيرين پوندي  سانءِ چوندي سانءِ . ڀٽائي صاحب سان ربانيءَ جو اهڙو عشق آهي. جو سندس افسانن جا نالا ڀٽائي جي بيتن ۾ کنيا اٿس، ۽ پنهنجي هن افساني جي ڪردار کان به ڀٽائيءَ جي وائي چورائي اٿس. رباني صاحب جي هي ڪهاڻي به رڳو سنڌ ئي سنڌ آهي. رباني صاحب جي هن ڪهاڻي جي تحرير پڻ اعلى نموني جي آهي.(42)

              هن افساني جا مکيه ٻه ڪردار آهن جيڪي درياھ شاھ تي رومانوي رقص ڪندي ظلم جو شڪار ٿي وڃن ٿا.      

2- بري هن ڀنڀور ۾

            غلام رباني آگري جي هرهڪ ڪهاڻي پنهنجي اندر فڪري تخليق جو سهڻو حسن کڻي پڙهندڙن کي موهي رکي ٿي. بُري هن ڀنڀور ۾ جي افساني جو عنوان به، شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي سر حسيني جي هڪ بيت مان ورتو ويو آهي. جيڪو بيت هر ريت آهي:

مون سڏيندي سڏڙا، ساٿي سڏ نه ڏين،

ولهيءَ جي وٿاڻ تي، توڏا نه تنوارين،

هيڏا هاڃا ٿين، بري هن ڀنڀور ۾!

(سر حسيني: داستان ٻيو)

       هن ڪهاڻيءَ ۾ غلام رباني آگري اهڙو ته درد رکيو آهي جو پوري انسان ذات انهيءَ جي شدت محسوس ڪري ٿي. ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو لکي ٿو ته: ”سماجي مسئلا هر دور هر سماج ۾ پيدا ٿين ٿا.(43)

       هن ڪهاڻي جي شروعات هن طرح ڪئي وئي آهي. ”بروهين  واري ٻيلي جي چور پهي ۾، پراڻي نو لَکي جي ڪڙ تي سندس چونئرو هو، ڏينهن جو گڏهه ڪاهي ويندو هو، پڪي تي ڪمائي ڪرڻ، ۽ سانجهيءَ جو هي به ڪمائي ڪري گڏهه وٺي ڪکين اوڏو ٿيندو هو ته زالون به ٻيلي مان مال ڳٽڪارينديون اچي وٿاڻ تي پهچنديون هيون.(44)

             هي ڪهاڻي ٻوڏ جي منظر تي لکي وئي آهي بدستور معاشري ۾ ظلم ڪندڙ طبقي لاءِ هن ڪهاڻي ۾ نفرت ڏيکاري وئي آهي. هڪ ڏتڙيل فرد عيسي کي زميندار خان محمد هٿان تباهه ٿيندي ڏيکاريو ويو آهي. جڏهن ڪچي ۾ ٻوڏ اچي ٿي وڏيرو خان محمد ان وقت ڪچي ۾ پنهنجيون زمينون بچائڻ لاءِ بند ٻڌرائي ٿو. عيسي به اچي سلام ورايو وڌي وڃي وڏيري کي پيرين پيو. ”ڀلي آئين بابا محل تي آيو آهين! ماڻهو آهن اڳ ۾ گهٽ گڏهه جي ڏاڍي ضرورت هئي، جو ڀنجو کڻڻ لاءِ وهٽ ڪونهي شابس ٿي، جنبي وڃ ٻين سنئون ڪم کي…… عيسو ڇا ڪري زور اڳيان زاري، زال وري تاڪيد ڪيو هيس ته حال پويان ڏسيون ٿو وڃي، دير اصل نه ڪجان! عيسي جو روح پوئتي اٽڪيل هيو، دل ۾ چيائين، جهڙا حال آهن ته هي رات سڄي لوڙائيندا ……… گڏهه ڇڏي بند جو پاسو ڏئي رڙهيو. (45)

اڙي ڪيڏانهن ڪمدار رڙ ڪئي……… عيسي ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺو، ڏٺائين ته چڱو پر ڀرو آهيان ، وٺي ڊوڙ پاتائين. ڪمدار ماڻهن کي ڇڇڪر ڏني! وارو ڪريو ڀيڻسان سوئر کي پڪڙي وٺو! پر عيسو وٺ ڪٿي ٿو ڏئي! ڊوڙندو ماڻهن اڳيان غائب ٿي ويو………… عيسو سٿر جيڏي پاڻي کي جھاڳيندو اڳتي پئي وڌندو ويو، تان جو اچي ڪابلي ٻٻرن جي قطار کي رسيو جا نو لَکيءَ جي ڪپ تي هئي، عيسي جون ٽنگون لوڏو کائي بيهي ويون، سندس اکين ۾ خوف ڀرجي ويو، سامهون نو لَکي جي ڪپر جو نالو نشان ڪو نه هو! ……… اوچتو سامهون ڪا اڇي شيءِ اچي عيسي ڏانهن اچڻ لڳي عيسو بيٺو رهيو. اڇي شيءِ وڌندي اچي عيسي اڳيان پهتي، عيسي ٻرانگهون هڻي وڃي ان کي ڀاڪر ۾ کنيو.

            هيءُ عيسي جو موتي ڪتو هو، مالڪ کي سڃاڻي، ڪتو ڪونڪاٽ ڪرڻ لڳو، ڄڻ ته کيس چوندو هجي، تون ڪٿي هئين ؟ تون ڪٿي هئين ؟ تو دير ڇو لاتي؟ عيسي جي اکين ۾ ڳوڙا وسڻ لڳا. (46)

            هن ڪهاڻي ۾ ماحول جي بدڪرداريءَ تي شاندار ڪهاڻي آهي وچولي طبقي بابت لکيل ڪهاڻين ۾ نئين آڀرندڙ نسل ذاتي ۽ گروهي تضادن کي ڌاڍي قابليت سان وائکو ڪيو ويو آهي. جاگيردار نظام جي علاظت جو نهايت شفاف آئينو آهي، هن ڪهاڻي ۾ جاگيردار نظام جون سموريون اونداهيون، ستم گيريون ۽ ڀيانڪ بد افعاليون جامعيت سان پيش ڪيو ويو آهن. هن ڪهاڻي ۾ ٻوڏ جي منظر ڪشي اهڙي ته بيان ڪيل آهي جو پڙهندڙ سڀ ڪجهه پنهنجي سامهون محسوس ڪندي ڏسي ٿو. رباني وٽ ڪهاڻي پيش ڪرڻ جو اهڙو فن آهي، جيڪو مختصر هوندي به نهايت وسيع ۽ سمنڊ جيترو اونهو آهي. سندس ڪهاڻين ۾ ڪردار پڙهندڙن سان ڳالهائيندي نظر ايندا آهن، جو اهو ڳالهاءُ عالمگير آهي.  

                          

3- اکڙيون اڃايون

سنڌ جي ڪهاڻيڪارن وانگر غلام رباني آگري جو شمار سنڌ جي وڏن ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو. مذڪوره افساني ۾ ڪاليج جي هڪ سلجھيل شاگرد جو ڪردار پيش ڪيو ويو آهي ۽ پڻ برجستانه ڊائلاگن استعمال ڪرڻ وارو فني رستو ورتو ويو آهي. جڏهن رباني پرائمري تعليم پرائيندو هو ته درسي ڪتابن ۾ ڊائلاگي سبق هوندا هئا. اهو طريقو انگريزي اسڪولن جي نصاب وارن ڪتابن ۾ هوندو هو. اسڪولن ۾ استاد اهي ڊائلاگ شاگردن کان انهيءَ انداز ۾ پڙهائيندا هئا. ان جو اثر رباني تي سڌو يا اڻ سڌو ضرور پيو. ان ڪري هن ڪهاڻيءَ ۾ اهو نمونو اختيار ڪيائين. هن ڪهاڻي ۾ شاگرد دوستن جي گفتگو آهي. ان مان پتو پوي ٿو ته ان وقت جا شاگرد هڪٻئي سان ڪيئن ۽ ڪهڙو ورتاءُ  ڪندا هئا. سندس اخلاقي قدرن جي به خبر پوي ٿي. مطلب ته هي افسانو ڪلاس اسڪول ۽ هاسٽل جي  ماحول جي اڪاسي آهي. جڏهن دوڪاندار سان مد مقابل ٿئي ٿو ته ان وقت جي پنگتي ۽ سوشل زندگي توڙي سياسي چال بازيءَ کان پوري ريت خبر ڏئي ٿو.اهڙين ڪهاڻين ۾ اخلاقي درس جي جھلڪ ڏئي ٿو، سندس بهتر ڊائلاگ ۽ اخلاق جي تبليغ جو انداز ته ڏسو.

……بد تميز جھنگلي! پنهنجي ماءُ ڀيڻ ڪانه اٿيئي.

……هن جي اکين اڳيان پنهنجي نماڻي ماءُ ڀيڻ اچي ويئي!

اکيون کڻي ٻوٽيائين ويرم رکي کوليائين. سندس اڃايل اکڙين ۾ آب اچي ويو. هن ڀنل پنبڙين مان، دور دور خلا ۾ گھوريندي، ڀريل گلي سان، آهستي چيو ته امان منهنجي ڀيڻ منهنجي ماءُ مون کي معاف ڪج مان اڃيو هيس مان بکيو هيس.(47)

مذڪوره ڪهاڻي ۾، غلام رباني آگري انهن ماڻهن لاءِ پيغام آهي جيڪي ٻين جي نياڻين کي تنگ ڪن ٿا ان تي پڇتا به نٿا ڪن. پر رباني اهڙن ڪردارن ذريعي معاشري جي ماڻهن کي پيغام ڏنو آهي ته منهنجي ڪهاڻين جا ڪردار گندي بڇڙن عمل ۽ غلطي تي پڇتائن ٿا ۽ چون ٿا ته  ٻين عورتن کي به ماءُ ڀيڻ جي حيثيت ڏيو. مٿيان لفظ ربانيءَ جا ڪيڏا نه وڏا ۽ اثر ڪندڙ الفاظ آهن ڄڻ ته ڪلاشنڪوف جون گوليون آهن.

 4- نيٺ بهار ايندو

          هن ڪهاڻيءَ ۾ رباني هڪ سالگرهه واري پارٽي جو منظر ظاهر ڪيو آهي. مختلف موضوعن تي ڪردارن جي وچ ۾ گفتگو هلي ٿي. ڊاڪٽر تاج ۽ پروفيسر گل هن ڪهاڻي جا ٻه اهم ڪردار آهن. هن ڪهاڻيءَ جو موضوع اولاد جي مستقبل بابت فيصلن جي باري ۾ آهي. پروفيسر گل جو موقف آهي ته مائٽ پنهنجي تجربي آڌار تي اولاد جي مستقبل لاءِ بهترين فيصلو ڪري سگھي ٿو. ڊاڪٽر تاج انهي ڳالهه تي زور ڏئي ٿو ته والدين صرف اولاد جي پرورش ڪن ۽ اولاد جي مستقبل بابت ڪيل فيصلن ۽ پنهنجي پاڻ ٺاهيل منصوبن کي عملي جامو پهرائڻ ۾ انهن جا مددگار ٿين. يعني هو پنهنجي تجرباتي زندگي گذارين. پنهنجي مستقبل لاءِ پاڻ راهه تلاش ڪن. انهي معاملي ۾ سندن مدد ڪجي. اولاد مٿان پنهنجا فيصلا نه مڙهجن. ڪهاڻي ۾ وڏ گھراڻي جي عورتن جي ڪردار کي ظاهر ڪيو ويو آهي، جن کي هميشه پنهنجي ٿولهه، صحت، ورزش ۽ کاڌي وغيره کان ويندي سماج ۾ عورت جي برتري جو فڪر هوندو آهي. رباني جي هن افساني جو مرڪزي خيال ۽ پيغام هي آهي:

…… والدين جو فرض آهي ته ذهني ۽ بدني بلوغت بعد، اولاد پنهنجي مستقبل بابت جيڪو فيصلو ڪري تنهن کي عملي جامو  پهرائڻ ۾ ان جي مدد ڪن.

…… ناتجربيڪار جي فيصلي کي گھڻي اهميت نه هئڻ گھرجي.(48)

…… انسان فقط پنهنجي ذاتي تجربي ۽ مشاهدي مان ئي سبق پرائي سگھي ٿو.(49)

…… دوري ۽ قرب جو واسطو دل سان ٿيندو آهي نه جسم سان.(50)

…… هر عورت چاهيندي آهي ته هو پنهنجي ڌيءَ کان ڏهه ورهيه ننڍي ڏسڻ ۾ اچي.(51)

…… اڳيان حڪيم ۽ طبيب چوندا هئا. ته اڌ ڍؤ ۽ اڌ بک هجي ته کاڌي تان اٿي کڙو ٿجي.(52)

…… ملٽري وارا اشارو ۽ ڪنايو، هميشه گھٽ سمجھندا آهن.(53)

…… شاعرن جي دنيا کي ڪو وجود به آهي ڇا؟ هو ته فقط تخيل ۾ رهي ڄاڻن.(54)

…… فوق البشر ۽ فوق الفطرت وغيره جا نظريائي غلط آهن.(55)

…… عورت هڪ نغمو آهي.(56)

…… هن ۾ دنيا ۾ ڪنهن کي، ٻئي انسان جي قسمت جي فيصلي ڪرڻ جو حق نه آهي.(57)

…… وقت جو پکي، هميشه پنهنجي پرن تي آهي، يقين رک سدائين سرءَ نه هوندو، نيٺ بهار ايندو.(58)

      رباني صاحب جي ڪهاڻي مان ڪجھ ٽڪرا بيان ڪيا ويا آهن. جنهن ۾ رباني صاحب جي شعور جي بلندي ۽ مشاهدي جي سگھ ظاهر ٿئي ٿي، ڪهاڻي جي آخري ۾ رباني سماج جي اهم مسئلن طرف آيو آهي. مثال اولاد جا ننڍپڻ ۾ رشتا ڪرڻ بعد ۾ انهن جي شادي ڪرائڻ ، پرذهني هم آهنگي نه هئڻ سبب اهڙا رشتا وڌيڪ نٿا هلي سگھن ۽ هڪٻئي کاب جدا ٿي وڃن ٿا. جيئن هن ڪهاڻي ۾ فاطمہ جو ڪردار آهي، جيڪا ڊاڪٽر جي پهرين گھر واري هئي. منجھن عمر جو وڏو فرق هو، اسان جي معاشري ۾ سودو يا واپار هلندو آهي. رشتن طع ڪرڻ پوءِ اهي رشتا ڪهاڻين وانگر ٽٽي پوندا آهن. ڪندا هڪڙا ۽ لوڙيندا ٻيا آهن. هن ڪهاڻي ۾ رباني پنهنجي ڪردارن جي ذريعي انهيءَ ڄمڻ وقت جي طئي ٿيندڙ رشتن ۽ انهن ڀوڳيندڙ ڪردارن جي زندگي جو عڪس چٽيو آهي، ٻئي طرف انهيءَ بري رسم جي خاتمي جو اعلان ڪري ٿو ۽ پنهنجي ڪهاڻي وسيلي عوام ۾ شعور آڻڻ لاءِ هي ڪهاڻي سماج لاءِ بهترين سبق آهي.

 

 5- ڪارا ۽ ڳاڙها ليڪا

         غلام رباني آگرو جي هي ڪهاڻي ۾ هڪ پڙهيل ۽ پرجهيل ايم.بي.بي.ايس ڊاڪٽر جو ڪردار آهي. هن ڪهاڻي ۾ سماجي اڻبرابري ۽ کوکلي محبت ڪندڙ مذهب ۽ مفلسي سبب هڪڙو ڪردار پنهنجي جان قربان ڪريو ڇڏي. ٻئي پاسي لاغرض ۽ لاپروهه ڊاڪٽر جو ڪردار آهي. جيڪو مهل تي ويچاري ڪولهڻ سوهوءَ کي ڌوڪو ڏئي ٿو. ايم.بي.بي.ايس ڪرڻ کان پوءِ ڊاڪٽر کي ٿر ڏانهن مقرر ڪيو وڃي ٿو. اتي هڪڙي ڪولهي ڇوڪري سوهوءَ سان محبت ٿي وڃي ٿي. شاديءَ جي انجام تائين پهچن ٿا. سوهؤ پنهنجي ماءُ جو واقعو ٻڌائي ٿي ته اها به ڪنهن صاحب لوڪ کي پسند آئي هئي. ان وٽ ويندي ماڻهن ڏسي ورتو ۽ کيس ڀالو هڻي ماريو ويو. ڊاڪٽر غفور ساڻس شادي ڪرڻ جو پڪو انجام ڪري ٿو کائنس رات گھران نڪري اچڻ جو واعدو وٺي ٿو. ڊائلاگ جو خوبصورت انداز ته ڏسو.

…… تون سڀاڻي اچج مان جيپ وٺي ايندس. پوءِ اسان هلنداسون سنڌ مٿي ٻڌءِ نه؟  هاپڪ! آڱر اوري ڪر ته توکي پنهنجي ويڙهه پارايان سوهوءَ پنهنجي چيچ مان چانديءَ جو ويڙهه لاهي غفور جي آڱر ۾ وڌو. چڱو هاڻي هلون! چڱو ڏاڪدر هاڻي وڃان ٿي سڀاڻي ياد ڪري اچجانءِ متان نه اچين. سو هو مان پڙهيل ڪڙهيل ماڻهو آهيان اسان ڪنهن سان پريت ڪندا آهيون ته دل لائي محبت ڪندا آهيون …… ۽ مان ڄٽي آهيان  سوهؤ کلي چيو چڱو ڏاڪدر سڀاڻي رات؟ چڱو سوهو. رات بستري تي پاسو ورائيندي غفور سوچڻ لڳو: ڪير ٿو ڪمذات لاءِ جان جوکي ۾ وجهي! اها به عقلمندي آهي. هڻي ڀالو وجھي ڪو ماري ته پوءِ مون کي سوهو ڇا ڪري ڏيندي نه بابا پاڻ کان ٿو پڄي جو هينئر اونداهيءَ ۾ رات وڃان ويران واهه کڏن ۽ کوٻن ۾ جيپ ٿي پئي اونڌي! هؤ ڪولهڻ ڇوڪري، ڪمذات جھنگلي، تنهن سان ڪير شادي ڪندو! مان پڙهيل آهيان ڊاڪٽر آهيان ، شادي ڪندس ته ڪنهن پاڻ جھڙيءَ سان- مائٽن کي منهن ڪيئن ڏيکاريندس- دوست ڇا چوندا … غفور کي ننڍ اچڻ لڳي ۽ سوهؤ جا اکر ياد اچڻ لڳا. ڏاڪدر متان نه اچين… ڏاڪدر مان ڄٽي آهيان.(59)

            لڌا لڙي ويا آهن. اڃا ڏاڪدر اڳي نه اوري سوهو ڪپڙن جي ڳنڍ  ڪڇ ۾ ڪيو پئي، کجيءَ جي وڻن هيٺيان ڦري متان نه اچي! پوءِ امان وانگر مون کي به … نه نه ڏاڪدر ايندو …… سڀ صاحب لوڪ هڪجھڙا نه ٿيندا آهن.(60)

هن ڪهاڻيءَ ۾ رباني هڪ خود غرض انسان جي ڪهاڻي ڪهڙي نه انداز سان  چٽي آهي. هڪ عورت گھران نڪري ٿي. آخر جڏهن گھر جا ڀاتي سجاڳ ٿين ٿا ته ڳولا ٿئي ٿي. …… تون هتي ڪيڏانهن ٿي ويئن؟ …… هي ڪپڙن جي ڳنڍ … ها تون ڀالو اڀو ٿيو……۽ هڪ ڪمذات نينگريءَ جي ڳاڙهي ڳاڙهي خون جا  ……  ، ڇو ته هڪ اتم ذات انسان سان محبت ڪئي هئي. شايد کيس خبر نه هئي ته اسان جي طبقاتي سماج ۾ غريب جي اميرن سان محبت فقط هڪ سندر سپني تائين محدود آهي. رباني صاحب بي وس لاچار انسانن جو همدرد ۽ هڏ ڏوکي ڪهاڻيڪار آهي، سندس ڪهاڻي جي پيش ڪش ڪيڏي نه وڻندڙ آهي.

 6-  ڪرئڪ

        غلام رباني هڪ سنجيدو ليکڪ آهي. سندس تحريرن ۾ سنجيدگي سان گڏ فلسفو پڻ آهي. سندس ڪهاڻين ۾ گفتن جو ورجاءُ ۽ نمونو فيلسفوفياڻو نظر ايندو آهي. جيئن ته سندس عنوان ئي ساڃھ وندن سپوتن واري فلسفي وارا آهن. جن ۾ گھڻو دخل طنزيه به آهي. جنهن کي سمجھڻ لاءِ بقول تنوير عباسي جي فولاد  فقير کي ربانيءَ جو (حق جو) عطا  ٿيل علم ضروري آهي. رباني ڏسڻ طور سطحي طور هڪ قدآور ڪميونسٽ شبيهه سان ايندو مگر جنهن به کيس قريب ڏٺو هوندو ۽ کيس عميق طور مطالعو ڪيو هوندو  يا گھرو مشاهدو ڪيو هوندو. سو ته ضرور چوندو رباني هڪ سچو صوفي باعمل عالم ۽ کرو انسان هو. اهڙي ريت سندس هي ڪهاڻي ڪرئڪ به نالي کان وٺي آخر تائين اهڙو ئي تاثر ڇڏي ٿي اچو ته سندس تحرير جو لطف وٺون.

…… عام طرح ، شاگرد، ڪاليج ۽ ڪتابن جي دنيا ۾ گم هوندا آهن، ۽ ملازم فائيلن جي اٿل پٿل ۾.(61)

…… ڳنڀير، گھريءَ ۽ هيڪانديءَ سوچ سبب ، سندس جوانيءَ جي جلوي کي به لهس اچي  ويئي آهي.

…… فيلسوفن سان پنهنجي پوي ئي ڪانه.

…… جيئن ئي گلن سان پريت ڇنائين ته دوستن جو تعداد.

…… جڏهن هڪ ستايل انسان ٻئي ستايل انسان کي ڏسندو آهي تڏهن سندس اکيون نه ته دل ضرور رئندي آهي.(62)

              اسان کي ربانيءَ جي هن لکيت ۾ گلن يا انهن جي ٻج سان گفتگو ڪرڻ مان مٿيون حقيقتون ظاهر ٿين ٿيون. اهائي خوبي ربانيءَ صاحب جي اهميت واري آهي.

7-  جي مان پل هجان ها

        غلام رباني آگري جي هن ڪهاڻي ۾ به اڳين ڪهاڻين وانگر زير بحث فلسفي جي ڪن مکيه اصولن جي اپٽار ڪيل آهي. جهڙوڪ زندگي، موت، مادو ۽ روح وغيره اهڙن تحريرن جي ڪري اسان ربانيءَ کي فيلسوف چونداسين.

مان زندهه آهيان انڪري جو محسوس ڪريان ٿو …… مادي جي ماهيت کي هن ريت سمجھائڻ ۾ رباني ڪمال ڪري ڇڏيو آهي. …… زندهه ۽ مردهه جي سرحد جا ڪي چٽا ليڪا آهن؟ زندهه يا مردهه ٻنهي جو بنياد ته مادو ئي آهي. ڀلا مادو ڇا آهي؟ نه نه مادي کي ڪا اهميت نه آهي. سڄي ڳالهه ”من“ آهي. حس احساس سوچ ئي سڀ ڪجھ آهي. موت پڄاڻا مادو ته پنهنجي جاءِ تي قائم آهي، پر اهو انسان ڪٿي جنهن ۾ گھڙيون اڳ زمين آسمان هڪ ڪرڻ جي طاقت هئي. ڀلا موت ڇا آهي؟

جسماني تبديلي؟ ڪيميائي ڦيرو؟(63)

…… زندهه مادي مان اها ڪهڙي شيءِ نڪتي ، يا منجھس ڪهڙي نئين شيءِ داخل ٿي جو هو بيجان ٿي پيو، مان جو هيڏو سارو آهيان. سو ڄمڻ کان اڳ ڪاٿي هيس.

…… مرڻ کان پوءِ ڪاڏي ويندس؟

…… مان ڪير آهيان؟ مان هت ڇو آهيان؟

         ڪي مان ڪجھ به ناهيان! نه مان آهيان.(64)

…… بندوق وارو ڪو پاپي هو! ماڻهن ته سندس تعريف پئي ڪئي. چي هڪ ڌڪ سان ٻه  پکي ڪيرايائين، واهه جو شڪاري آهي.(65)

…… آدم جو اولاد هڪٻئي جو رت وهائيندو رهي!

…… بس انسانن جي دنيا جو دستور آهي!

…… مان انسان هجان ها ته، ائين ٿيڻ نه ڏيان ها.(66)

رباني هن ڪهاڻي ۾ خوبصورت منظر پيش ڪيو آهي.

 

 8-  غريبن جي جھوپڙي

       غلام رباني پنهنجي هر ڪهاڻي ۾ پڙهندڙ تي هڪ ڀرپور تاثر ڇڏي ٿو. غلام رباني جي هر ڪهاڻي فن جي دنيا ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿي. رباني جي ڪهاڻين ۾ انسانيت جو چٽو گڻ نظر اچي ٿو. کيس انسانن سان محبت آهي. مسڪينن لاءِ اسان جي آقا سردار فرمايو يارب مون کي مسڪينن سان گڏ رهاءِ ۽ مسڪينن سان گڏ مار! ۽ حشر ڏينهن مسڪينن سان گڏ اٿار: جئين رباني صاحب جو آئيڊل حضور ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن وجود مسعود ۽ سندن اخلاق حسنيٰ آهن. تنهن ڪري مسڪينن لاءِ سندس دل ۾ همدردي وڏڙن کان وديعت ٿيل آهي. هن ذڪر ڪيل ڪهاڻيءَ ۾ اسان کي اهو رنگ نظر ايندو. …… انهن ڪکائن اجھن هيٺ ڇٽي خان جي ڳوٺ جا رهاڪو، پنهنجو سيارو سانوڻ ڪاٽيندا هئا.(67)  

…… ڀر۾ نئون ٻڌل شهر ، هوريان هوريان وڌندو، ڇٽي خان جي ڳوٺ کي اوڏو پوندو آيو.

… ۽ ائين ئي ٻن چئن سالن ۾ ڇٽي خان جو ڳوٺ نئين شهر جي گود ۾ اچي ويو.

…… جھوپڙي وارو، بنگلي ڌڻي جو پاڙيسري ڪونهي.

…… وڏن پيٽن ۾ وڪڙ پيو، هلنديءَ وارن حرفت هلائي. هڪ ڏينهن هڪ وڏو ميونسپل عملدار، ڇٽي خان جي رهاڪن کي چتاءَ ڏئي ويو ته توهان کي لڏي وڃي ڪنهن ٻئي هنڌ ويهڻ گھرجي ۽ ڳوٺ خالي ڪرڻ گھرجي، اوهان جون جھوپڙيون ڪالونيءَ جي زيب زينت تي داغ آهن. اسين ته صدين کان اتي رهندا اچون. هي ڪالهه آيا اڄ اسان کي ٿا لڏائي هھڙو انڌير.

…… نه بابا، اباڻا ڪک اسان ڪونه ڇڏينداسون!…… پر ڇڏيون به ڇو؟.(68)

…… آخر متفق فيصلو اهو ٿيو ته ڳوٺاڻن کي لڏائجي. هونئن نه لڏن ته ڪم پوليس جي حوالي ڪجي آخر پوليس جو ڪم بالا عملدارن جا حڪم مڃڻ ئي ته آهي.(69)

…… پوليس ڳوٺاڻن کي ميونسپل ميٽنگ جو متفق فيصلو پڙهي ٻڌايو ۽ پوءِ بالا عملدارن جا حڪم…… ۽ تنهن بعد بلڊوز کي اشارو ٿيو. …… سندس فولادي ڦيٿا ڦرڻ لڳا جھوپڙيون ڏڪڻ لڳيون ٻڍا ۽ ٻار هيسجي ويا. عورتن اوڇنگارون ڏنيون ٻارن سڏڪا ڀريا. بلڊوز اڳتي وڌيو پوءِ هڪ ڏڪندڙ جھوپڙي سان ٽڪريو. کڙ کڙ ڪندي جھوپڙي پٽ تي پئي!“(70)

هن ڪهاڻي ۾ غريبن مسڪينن سان جيڪو ظلم ڪيو ويو آهي.

        هي ڪهاڻي شهرن جي تعمير ٿيڻ کان پهريائين اتي جي رهواسين جي ڪهاڻي آهي. پوليس ۽ ميونسپل جي مدد سان انهن غريبن جي قائم ٿيل غريباڻين جھوپڙين کي پٽ ڪيو ويو آهي. هن ڪهاڻي ۾ رباني انهن بي رحمن ۽ بي قياسن جي منهن تي چماٽ هنئي آهي. مظلومن تي ٿيل  ظلمن جي ڪهاڻي عوام تائين پهچائي، پنهنجو قومي فرض نڀايو آهي، هن ڪهاڻيءَ ۾ سمورا ڪردار  اسان جي ارد گرد ڦرن ٿا.

9-  بک بڇڙو ٽول

               هونئن به سٺو مقرر يا ليکڪ اهو ليکبو آهي، جيڪو پنهنجي ڳالهه جي ابتدا ڪنهن چوڻي، پهاڪي ۽ ٽوٽڪي سان ڪري، جيئن هڪ سٺو موسيقار پنهنجي راڳداريءَ جي شروعات بيتن يا دوهيڙن سان ڪري، مون ربانيءَ جي هم ڪلاسي نه پر هم اسڪولي استاد گلزار علي دايو کي ٻڌو جيڪو استاد منظور علي خان جو دادلو شاگرد هو. جڏهن به ڳائڻ ويهندو هو  ته اول موقعي ۽ موضوع سان تعلق رکندڙ بيت جھونگاريندو هو ۽ پوءِ ڪافي ۽ غزل يا ڪلام ڳائيندو هو.اهڙي ريت غلام رباني پنهنجي ڪهاڻين جي عنوانن ۾ به ڪو نه ڪو بيت يا پهاڪو ڏيندو آهي. جيئن هن ڪهاڻيءَ جو عنوان آهي.

بک بڇڙو ٽول، دانا ديوانا ڪري.

       هن ڪهاڻي ۾ هاسٽلن ۽ ان جي ڪامن روم، ڪلبن ڪئنٽين ۽ ڪمرن جو ماحول چٽيو اٿس. شاگردن جا چهچٽا چرچا گھٻا ۽ چالاڪيون توڙي مايوسيون بيان ڪيون اٿس. غريب شاگردن سان، شاهوڪارن جي پٽن جو رويو ۽ شاگردن سان استادن جو برتاءُ جو سٺي نموني بيان ڪيو اٿس. ان کان علاوه شاگردن جي خيالي پلاءُ ۽ وهمي محلاتن بابت به ٻڌائي ٿو.

شاگردن سان گڏوگڏ انهن جي والدين ۽ گھرو ماحول بابت لکيو اٿائين. مثال:

…… هر ڪنهن ڪمزوريءَ ۽ گناهه جو بنيادي سبب اقتصادي بدحالي آهي.

……انساني قدرن جي عُدولي ئي اڄوڪي هر مسئلي جي بنيادي ڪمزوري آهي.(71)

……اٺ ڪتابن جو پڙهيو هئائين! ايڏي علم مان پرايو به هئائين ڪڏهن ڪنهن کي گار ڪين ڏنائين ۽ يا عمر وضو ڪرڻ کانسواءِ آسمان ڏانهن ڪين نهاريو هئائين.(72)

…… انسان جي لازمي نيڪ فطرت بابت دنيا جي وڏن وڏن عالمن جا نهايت سهڻا لکيل مضمون پڙهيا هئائين…… انسان جي لازمي نيڪ فطرت بابت سالن کان سانڍيل صالح جو ايمان اڪ جي ڪاٺيءَ جيان ٽڙڪو ڏئي ٽٽي پيو.(73)

…… بک هر ڪنهن اخلاقي جرئت کي ختم ڪري ٿي ڇڏي، ۽ مظلوميت هر ذلت کي دعوت ٿي ڏئي.(74)) هن ڪهاڻي ۾ هڪ اهڙو ڪردار آهي. جيڪو محنت مزدوري ڪري تعليم حاصل ڪري ٿو. پوزيشن به کڻي ٿو انهيءَ لاءِ سندس ماءُ پيءُ قرباني به ڏين ٿا. انهي آس اميد جي سهاري ته ضرور ڦل ملندو، مگر اسان جي سماج ۾ جتي ٻيون ڪيتريون برايون آهن. اتي اقربا پروري، طبقاتي سوچ غريب ۽ امير جو فرق، سفارش ڪلچر جون لعنتون پڻ موجود آهن. اهڙيون پيڙائون جنهن ۾ بک ۽ بيروزگاري شامل هيون صالح جو ڪردار ڊگري ملڻ کانپوءِ مسلسل ڀوڳي ٿو انهن مسئلن کان تنگ ٿي آخرڪار هو ڪوڙ جو سهارو وٺي ٿو. مگر پڪڙجي پوڻ کانپوءِ هو پنهنجو توازن وڃائي ويهي ٿو. بهرحال رباني صاحب جي ڪهاڻين جا ڪردار مظلوم ۽ ماريل طبقي مان کنيل آهن. رباني کي گھرجي ها ته هنن ماريل ۽ پيڙهيل ڪردارن کي ڪٿي ڪو حوصلو ۽ ڪاميابي ڏياري ها ته سٺو هيو. ربانيءَ جي ڪهاڻيءَ جا ڪردار ويڳاڻيل ۽ ماريل ۽ هيسيل آهن. آخر ۾ رباني انهن کي شڪست ڏياري ٿو جڏهن ته انهن کي ڪامياب ڪرائڻ ۾ ڪوشش وٺي ها ته سٺو ٿئي ها.

 

10- نئون مڙدو

        هن ڪهاڻي ۾ رباني صاحب هڪ اهڙي غريب مسڪين جي ڪردار جو نمونو پيش ڪيو آهي. جيڪو تجربيگاهه ۾ سيکڙاٽ ڊاڪٽرن کي مردي وٽ پهچائيندي پهچائيندي پاڻ مردو ٿي پوي ٿو. جڏهن ٻئي هفتي اهي نوجوان تجربيگاهه ۾ پهچن ٿا ته کين نئون مڙدو چيڙ ڦاڙ لاءِ ملي ٿو. هو ان کي ڏسي حيران ٿين ٿا ته اهو ساڳيو سائيڪل رڪشا واري جو لاش هو. هن ڪهاڻي ۾ ربانيءَ جي هٿ ۾ ادبي ڪئميرا آهي. ويٺو ڪئميرا جي اک سان تصوير ڪشي ڪري ٿو. هن ڪهاڻي ۾ اهڙن ڪردارن جي بي ڪسي، مفلسي ۽ مجبوري جو عڪس چٽيو ويو آهي جيڪي اندر جون تڪليفون، بيماريون سانڍي زندگي جي رفتار جاري رکيو اچن، مگر ڪڏهن ڪڏهن زندگي ئي کانئن موڪلايو وڃي. جنهن لاءِ هو ايتريون سختيون برداشت ڪن ٿا.

11- اخبار

            هن ڪهاڻي ۾ روزاني اخبار نائيٽ جي سب ايڊيٽر جي ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ ايڊيٽر جو ڪردار ۽ هڪ غريب اٻوجھ بي پهچ سادي سودي پوڙهي جو ڪردار بيان ڪيل آهي. جيڪو اخبار جي دفتر ۾ اچي ٿو. سندس شڪل شبيهه قد بت هن ريت آهي. …… ٻه تاڪائين صدري، با فتي جي جھولدار سٿڻ سنڌي سليمي موچڪي جتي، وڏو پٽڪو مٿي تي اجرڪ ۾ ٻڌل هڙ ڪلهين ڪيو، ساٺيڪو سال عمر جو هڪڙو پير مرد اخباري دفتر ۾ اچي ٿو. ربانيءَ جي هن ڪهاڻيءَ مان ائين معلوم ٿئي ٿو. ته هي پير مرد ڄڻڪ ڪنهن اخباري دفترنه پر پوليس جي ٿاڻي ۾ پهتو هجي. رباني  صاحب جي ڪهاڻي ۾ اخبار وارن جا وکا ئي پڌرا ڪري وڌا آهن. هن ننڍڙي ڪهاڻيءَ ۾ وڏو ڪم ڪري ڏيکاريو اٿس. اخبار جو ايڊيٽر هميشہ پنهنجي پيٽ جي پورائي لاءِ سوچي ٿو. پئسا وٺي غلط ۽ ڪوڙيون خبرون هلائي ڇڏي ٿو. جو غريبن کان سندس حق کسجيو وڃن.

غريب ماڻهو ڪيتريون به دانهون ڪندي ايڊيٽر تائين پهچن ٿا ته به انهن دانهن تي عمل نٿو ڪيو وڃي. … سائين … سائين صاحب سان ملڻو اٿم ٻانهون ٻڌندي ڏڄندي وراڻيائين اندر وڃو صاحب جن اندر آهن.(75)

       سائين، اسلام عليڪم! وعليڪم السلام ڀلي آئين پير مرد صاحب وڌيڪ رعب وجھڻ لاءِ کنگھار ڪئي خبر ڏي ڪيئن پنڌ پيو آهين؟ سائين جمن منهنجو نالو آهي، تنهنجي اخبار ۾ خبر آئي هئي ته مون رئيس سوڍي خان وارن کي تنگ ڪيو آهي. سائين مون مسڪين جو ڏوهه ئي ڪونهي مون وٽ ڪل ٻني آهي. ڏيڍ ايڪڙ ۽ رئيس جون آهنرئيس مون کان گھر ڪئي آهي ته وڪرو ڪري ڏي سائين منهنجو گذران ئي ان تي سو نهڪر ڪيم ان تان رئيس ڪاوڙجي ويا. تنهن پڄاڻان ڪو تنهنجي اخبار ۾ خبر آئي تنهن ته منهنجا ويل وهائي ڇڏيا. تپيدار جو ڪوٽار چئي توتي ڪيس داخل ٿيندوتنهنجي خبر موٽائي کڻي آيو آهيان. تو وٽ ته سچي خبر ڏي ڪوڙيءَ کي موٽاءِ . پير مرد پٽڪي جي پلئه مان ڳنڍ ڇوڙيندي پنجين پنجين جا پنج نوٽ ايڊيٽر جي اڳيان ميز تي رکندي چيو هي تنهنجي في به آندي اٿم. چڱو چڱو دلجاءِ ڪر ايڊيٽر نوٽن ۾ هٿ وجهندي دريءَ مان مون ڏانهن نهاريو… نوٽ کڻي خاني ۾ رکيائين. چڱو خدا حافظ چانورن جي ڳالهه مڙئي ياد رکجو. حاضر حاضر بس وڃڻ سان ٻيو ڪم ڪار اخبار مٿان هي فقرو اڄ يادگيري ڪري ڏجو.(76)

 سنڌ جي اٻوجھ عوام جي بنهه پنهنجي اخبار! هن مان معلوم ٿئي ٿوته صحافت جھڙي عظيم پيشي سان به ائين ڪيو وڃي، غلط ۽ ڪوڙيون خبرون هلائڻ سان غريب دانهون ڪندا جنهن ايڊيٽر تائين پهچن ٿا ته به هو انهن تي عمل نٿو ڪري بلڪ هڙ ۾ جيڪي پئسا اٿس اهي به وٺيس ٿو ۽ ٽاري ڇڏيس ٿو، ته  اها ترديد واري خبر هلائي ڇڏينداسين.

ٻئي پاسي وڏيرو جيڪو ايڊيٽر کي کارائي ٿو. گيهه، چانور۽ پئسا ڏئي ٿو ته پوءِ هو هميشه ان سان گڏ ساٿ نڀائي ٿو. هن غريب تي وڏيري سان ملي ٺٺول ڪري ٿو. هن جي سادگي ۽ هن جي اٻوجھائي تي هن ڪهاڻي ۾ اهڙن رشوت خور ايڊيٽر جي ڪردار کي وائکو ڪيو ويو آهي. جيڪي ظاهر طرح چوندا آهن ته هي اخبار هتي جي غريب اٻوجھ ۽ بي پهچ ماڻهن جي آواز آهي.       

12 - پن ٻوڙين پاتال ۾

          غلام رباني سنڌ جي انهن قلمڪارن مان هڪ آهي جنهن جي ڪهاڻين ۾ فسلفياڻوعمل نظر اچي ٿو ۽ ان ۾ غريبن لاءِ همدردي بيان ٿيل آهي. مذڪوره موضوع تي سنڌ جي قديم ۽ روايتي ٻن ڪردارن جو ذڪر آهي. اهو ساڳيو ئي سنڌ جي رت ۽ ست چوسيندڙ وڏيري جو ڪردار آهي. جيڪو مسڪينن سان ظلم به ڪري ٿو ته زبردستي ووٽ به وٺي ٿو. اهو رباني جو ڪمال آهي جو ٻنهي ڪردارن کي سهڻي  انداز سان ڪردارن کان ڪم وٺي سنڌ جي وڏيرڪي نظام جو نقصانڪار نقشو چٽيو آهي.

          هڪ سنڌي سٻاجھڙي جي تصوير هن ريت ڪڍي اٿس اگھاڙا پير ۽ پنيون جن تي گپ جا چاپڙ چڙهيل، گوڏن تائين ڪاري ڪپڙي جي گوڏ جنهن ۾ هيٺيون حصوڪانڊيرن ۽ ڪرڙڻ ۾ رهڙجي جھالر ٿي ويو هو، پٺن تي تاڪيائين صدري جنهن مان هسليءَ جو هڏو ۽ ڪلهي جي ڦڻي صاف اگھاڙي نظر ٿي آئي مٿي تي ڪپڙي جي ميري ٽوپيٻاجھريءَ جي پاڇاٽي پوک جيان کٿل کنڀن واري ڏاڙهي ۽ ڏرا ڏئي ويل اکيون.(77)

          واهه رباني واهه تنهنجا سورما جن کي چؤ طرف وڏيرا سرمائيدار وڌيڪ رت چوسڻ لاءِ ڪنگلو ڪري ڇڏيو آهي. ڇا ته هن ڪهاڻي ۾ هڪ غريب لاءِ لفظ آهن. ڄڻ ته هڪ زندهه تصوير منهنجي سامهون پئي ڦري جنهن جو وڌيڪ رت چوسڻ لاءِ هڪ ظالم ڪيئن نه وڌيڪ ڏکوئي ٿو. پر رباني جو ارڏو ڪردار ڄڻ پن آهي. جيڪو پاتال ۾ ٻڏيو وڃي ۽ پهڻ مٿان بيٺو تري. وڏيري کي ووٽ کان جواب ڏيڻ ساڻس سينو ساهڻ ۽ سندس سڏ تي نه وڃڻ جو نتيجو ڪهڙو ٿو نڪري سندس حق حلال جي ڪيل ڪمائي چور ڌاڙيل ٻهاري ٿا وڃن.

جڏهن پوليس ۾ فرياد ڪري ٿو ته کيس پوليس نه ٻڌي جڏهن ووٽ ويجھو آيا. وڏيرو قائم خان پاڻ چڙهي آيو. هنن کي گار گند ڪري چيائين ته سڀاڻي صبح جو ساجھر زالن سميت ووٽ ڪرڻ نه آيا آهيو ته منهنجي بنگلي تي  پوءِ جئين سمجھو ٿا.  تنهن تي صدوري صاف صاف چئي ڏنس ته سائين سدائين ڪيا اٿئي اسان سان اهنج هاڻي جي ڀلا وونٽن ۾ بيٺو آهين ته ڪهڙي منهن سان آيو آهين. اسان وٽ ته هلي ووٽ ڏيو؟ تون ڄاڻ تنهنجو ڪم ڄاڻي اسان جو ڪم نه آهي. جي تون وونٽن ۾ کٽين ته ڇا هارائين ته ڇا؟ اسان کي ڪهڙو هوند شڪر جو اڇيون ڏاڙهيون ٽنگي ماڻهن جي ميڙ ۾ زالون وٺي اچون. بس ابا صدوري جو ايترو چوڻ ۽ وڏيري جو باهه ٿيڻ ڪٿان پيو اڀري ڪٿان پيو لهي! چي تون آهين ڪير مونکي اها ورندي ڏيڻ وارو، ڄٽ جا پٽ- تون سمجھين ڇا ٿو پاڻ کي چئي ڪلٽر کي  وجھايانءِ اڄ جو اڄ لاڪپ ۾ تو کي ووٽ ڏيڻو آهي. ڪيئن نه ڏيندين تنهنجو پيءُ به ڏيندو. تنهن تي سدوري کي به اچي ويو جولان واڪو ڪري چيائينس وڏيرا گھڻو نه ڳالهاءِ - پنهنجي گھران ٿا کائون تون اسان جو رب رزاق ڪونه آهين نڪي اسين تنهنجا نوڪر آهيون.(78)

رباني پنهنجي ڪهاڻين ۾ بي زبانن کي زبانون ٿو ڏئي ۽ ظلم جي خلاف مظلوم ڪردارن کي حوصلو ٿو ڏئي. هزارن ظلمن سهڻ جي باوجود به رباني پنهنجن مظلوم ۽ ماريل ڪردارن کي فتح ٿو ڪرائي. پر رباني کي اڃان به  گھربو هو ته پنهنجي ڪهاڻي جي آخر ۾ صدوري جي گھر واري جي مارجڻ کانپوءِ صدوري کي ڪو حوصلو ڏياري ها. تاڪَ سماج ۾ رهندڙ ماڻهو صدوري کان بهادري جو سبق سکن ها، پر رباني آخر ۾ صدوري کي پنهنجي ڪهاڻي ۾ ڪل ٿڙيل ڏيکاريو آهي جيڪا هڪ مظلوم  ڪردار سان ناانصافي آهي.

13- هونداسي حيات

           غلام رباني سماجي مسئلن تي اهڙا ته، بحث ڪري پنهنجي جي ڪهاڻين جي ڪردارن ۾ جاگيردارن خلاف بغاوت جو منظر ڏيکاريو ٿو. ته ٻئي پاسي ڪهاڻين ۾ موجوده معاشري جي ڪمزورين جي نشاندهي ٿيل آهي، مگر هن ڪهاڻي کي ڏسي چئون ٿا ته غلام رباني جون ڪهاڻيون نه صرف انساني ڏکن جو ذڪر ڪن ٿيون پروٽس انهن جو علاج به آهي. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ڪهاڻي جو منڍ آهي، هن ڪهاڻي ۾ جهڙوڪ بغاوت جي باهه ٻري ٿي ۽ ڪردار مزاحمت ڪن ٿا. اهڙو ڀنڀٽ مچائين ٿا، جو جاڳڻ خان جھڙو ظالم ختم ٿي وڃي ٿو. خاص ڳالهه ته هن ڪهاڻيءَ ۾ سنڌ جي قديم روايتن کي قائم رکيو اٿس. جھڙوڪ اسان پراڻي دور ۾ پيا هلون. هن ڪهاڻي ۾ اهڙا واقع لکيا اٿس جو ماضي اکين اڳيان تري اچي ٿو. لکي ٿو ته   ٻنيون تن ڏينهن ۾ ٿوريون ڪاهبيون هيون پر اپت جھجھي ۽ جال ٿيندي هئي. جريب خرار. ملڪ ۾ سڪر سهانگ هوندو هو چئن ڪوڏين ۾ کير جو سير ۽ ٻه آني گيهه جو سير.

مسافر ۽ مهمان جي هر ڪو وڏيءَ دل سان آجيان ڪندو هو. مهمان آيو ته اڳلو کٿي نه ماپندو هو. مزمان به ڀاڳين جي درن تي ايندا آهن.

ماڻهن ۾ ڏاڍو رس هو. وڏڙا جوانن کان وڌيڪ ۽ جوان وڏڙن کان وڌيڪ قربائتا هوندا هئا.

…يڪتاري جي تڻ تڻ گھاگھرجي ڌڌڪي ۽ ڇير جي ڇمڪي تي ڪلام هلندا هئا.

ڪي ڳائڻا قصا ڳائيندا هئا. قصي جي هلندي ڏوهيڙو ايندو هو. ٻڌندڙن مان آواز ايندا هئا. هوءِ ڙي عثمان ماري وڌءِ! ڇني وڌءِ، وڄائي ڇڏيهءِ.(79)

راڳ کان پوءِ ڪچهري ۾ ڳجھارتن ۽ پرولين جو وارو ورندو هو.

سوابا اهي اوج هئا، تن ڏينهن اڄ اهي ڏينهن ياد اچن ٿا ته ڀائنجي پيو ته سرڳ مان نڪري اچي نرڳ ۾ پيا آهيون.(80)

وڏيرن جا ڪرتوت هن طرح بيان ڪيا اٿس.

ڪڍو ڀيڻسان (جيڪا گار آهي) ڪميڻي کي ٿڙا مٿي تي ڏيئي! کس ٿي ويئي. پڻس جي قسمت ڍل به تاوڻ.(81)

          هن ڪهاڻي ۾ ائين پيو محسوس ٿئي ته رباني ڪهاڻي نه ماضيءَ جون يادگيريون گڏ ڪيون آهن.

         قديم روايتن جو بيان ڪيو آهي، ان وقت جي ايمان ۽ حالتن جو ذڪر آهي،مسافر ۽ مهمانن جو قدر ۽ فرض بيان ڪيو آهي، يڪتاري جو ذڪر ڄڻ ته سومرن ۽ سمن جي دور جي ياد تازي ڪيل آهي. ڄڻ ته ڀٽن ۽ ڀانن جو بيان آهي. پيرن فقيرن جا اوتارا محفلن ۽ مجلسن ۾ ويٺل ماڻهن جي واهه واهه جو بيان، لوڪ ادب جو بيان آهي. پراڻي دور ۽ اڄ جي دور جي ڀيٽ ڪيل آهي. پراڻي دور کي جنت ۽ موجوده کي دوزخ ڪوٺيو اٿس. آخر ۾ ائين پيو محسوس ٿئي اڄ جي دور جي وڏيري جاڳڻ خان جو ظلم بيان ڪيل آهي ۽ هي ڪهاڻي آخر ۾ سمجھ ۾ اچي ٿي ته هن لکڻي ۾ ڪهاڻي سمايل آهي. وڏيرن جون عادتون ڦرون، ڌاڙا، غريبن سان ظلم آخر ۾ ئي ظاهر ٿئي ٿو ته هي ڪهاڻي جاڳڻ خان جي دور سان شروع ٿئي ٿي.

14- شيدو ڌاڙيل

         جديد سنڌي ڪهاڻي ۾ اهم ٽي مشهور ڪهاڻيون آهن. جنهن جا ڪردار هڪ ٻئي سان ملندڙ جلندڙ آهن. جمال ابڙي جي پشو پاشا اياز قادري جي بلو دادا ۽ غلام رباني آگري جي شيدو ڌڙيل ٽئي ڪردار سماج جي مظلوم طبقي جا ئي مددگار آهن. اسان جي سماج ۾ ماضيءَ ۾ اهڙا ڪردار اڀريا آهن. جيڪي سماج جي جبر جي ڪري ٻي واهه نه ڏسي ڪري ڌاڙيل ٿيا آهن. شيدو ڌاڙيل جو مرڪزي ڪردار نهايت وڻندڙ آهي. واقعات توڙي ڪردار نگاري ۾ تمام سادگي ۽ سچائي رکيل آهي، ايتري قدر جو پلاٽ ۾ حقيقت نگاري جو رنگ ڀريل آهي. ايترين خوبين جي باوجود ليکڪ شيدو ڌاڙيل جي ڪردار کي اڀارڻ ۾ ناڪام ڪيو ويو آهي. ان ۾ ڪو به رت ست ۽ نتيجو اثر نٿو ڇڏي. رباني صاحب جو شيدو ڌاڙيل اهڙو ڪردار آهي. جنهن ۾ رباني جو هن ڪهاڻيءَ ۾ اثر سندس سڀني ڪهاڻين ۾ پڻ چوکو نظر اچي ٿو. اڳ ۾ پرائمري تعليم جي استادن جو نالو وٺي مائرون ٻارن کي خوف ڏيارينديون هيون ته ڇورا ماٺ ڪر نه ته ماستر کي ٿي چوان، ۽ ان چواڻي کان ٻارڙن ۾ اثر ويٺل هو. ان وقت جو نقشو ربانيءَ هن ڪهاڻي ۾ چٽيو آهي جنهن ۾، شيدو اسڪول نٿو وڃي گوسڙو ٻارن جي لسٽ ۾ هن جو نالو آهي. گوسڙو ٻارن لاءِ جيڪو استاد حڪم ڪندا هئا. پنهنجي شاگردن واري فوج کي ۽ اهي ڪيئن ٻارن کي گھلي، کنڀي، ڪٽي سٽي اسڪول ۾ پهچائيندا هئا. اهڙيون وارڌاتون ربانيءَ جي اکين اڳيان ٿيون هيون، انهي ڪري فرضي نالي سان حقيقتون لکيون اٿس. اگر ان ۾ ڪو به مرچ مصالحو وڌو اٿس ته اها سندس ٻوليءَ جي ڄاڻ آهي. شيدو هڪ اهم ڪردار آهي. جيڪو زماني جي ستم ظريفي ماحول جي نا آشنائي کيس ڌاڙيل بنايو هو. هن ۾ رباني ٻوليءَ جو واهه جو استعمال ڪيو آهي. شيدو سان ماستر جي رويي جو نقشو هن ريت ڀريو اٿس: ڊنب ٻارن جو گھر ۾ گھڙي آيو. ماستر جو آواز آيو. اڙي کنڀي کڻي اچوس ڇوڪرا شيدؤ کي چنبڙي ويا. ڪو ٽنگن کان، ڪو ٻانهن کان ٽنگو ٽالي ڪري، اهي کيس ائين ماستر ڏانهن کنيو پي ويا. جيئن ماڪوڙيون ڪنهن مئل ڏينڀوءَ کي پنهنجي ڏر ڏانهن نينديون آهن.(82)

… هل اسڪول سائين گپ ۾ ترڪي پيو آهيان. گھڙي ڪن ڇڏيو ته تلاءَ تان وهنجي اچان… وهنجي ٿو پٽ، ماستر شيدؤ جي اگھاڙي پٺيءَ تي نم جو لڪڻ هڻندي خار وچان چيو … پاڻيءَ واري واڍ کڻي اچو…ماستر جي حڪم سان شيدؤ کي بينچ تي پٺيءَ ڀر سمهاري ٻڌڻ لڳو… سائين سوگھو آهي ماستر جي گارين جي گجگوڙ بعد جڏهن ٻير جو لڪڻ وڄ جيان وراڪو ڏئي. بينچ سان ٻڌل شيدؤ تي وسڻ لڳو. ته شيدؤ جون اکيون سانوڻ جي ڪڪرن جيان اوهيرا ڪري وسڻ لڳيون… جيسين ڏيڍ مڻ پڃري کڻندڙ ماستر جي ٻانهن ساڻي ٿي پيئي.(83)

اڙي بس ڪيو ڪتي جا پڇ... ها ڪتي جا پٽ چوري نه ڪندا ته ٻيو ڇا ڪندا؟(84)

        هن ڪهاڻيءَ ۾ ٻيو نام نحاد ڪردار وڏيري جو آهي. هونئن به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ڪهاڻين ۾ ساهه هوندو آهي. ولين جو پارٽ جيڪو رباني طرفان وڏيرن لاءِ ٺيڪو ٿيل آهي. ڏسو سندن ڪرتوتن بابت ڪيئن ٿو لکي: ڌڱاڻو خان اهڙو ته ظالم آهي. شل نه ڪنهن سهڻي ڇوڪريءَ تي اک پويس… ڏينهن ڏٺي جو راهه ويندڙ ماڻهوءَ کي خون ڪرائي ڇڏڻ به رئيس لاءِ ڪا وڏي ڳالهه نه آهي. وٽس وڏا وڏا ناليوارا بدمعاش، ڌاڙيل، خوني ۽ وارنٽي ويٺل هئا. هو سڀ ڌڱاڻي خان جي راڄ ۾ الوليون ڪندا هئا. شيدو هاڻي رئيس ڌڱاڻي خان وٽ رهندو هو. رئيس جي چوڻ تي ڪيترن ئي مخالفن کي سڌو ڪيو. سَوَن جا جھڳا برباد ڪيا ۽ ڪيئي قتل ڪيا. اوچتو شيدؤ جي ۽ ريس جي اڻبڻت ٿي پئي.(85)  وڏيري جي اڻبڻت جو نتيجو - شيدو کي ڦاسي جي ڦندي تائين پهچائي ٿو. هي ڪهاڻي ته زبردست لکيل آهي. سندس ڪهاڻيءَ ۾ ڪردار ته مضبوط آهن. پر ڪٿي ڪٿي ڪهاڻيڪار اهڙيون ڳالهيون به ڪيو آهن. جيڪي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿيون هي لفظ ڇو ڪهاڻي ۾ ڪتب آندا ويا آهن.

مثال: ماستر جو شيدؤ کي گاريون ڏيڻ حالانڪ ماستر ته ادب ۽ اخلاق جا پابند هوندا آهن. پراڻي دور ۾ استاد هر ڳالهه جا پڻ پابند هوندا هئا. پر رباني الاهي ڪهڙي ڳالهين ڪري اهڙا لفظ چيا آهن. بهرحال هي ڪهاڻي سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل لازوال ۽ اڻمٽ ڪهاڻي آهي ۽ ڪهاڻين جي کيتر ۾ بهترين  ڪهاڻي آهي.

15- پيار جي پري

           هر ڪهاڻيڪار جي پٺيان سندس ڪهاڻي ۾ ڪو نه ڪو واقعو هوندو آهي. اهي واقعا ڪهاڻيڪار کي متاثر متاثر ڪندا آهن. هر هڪ ڪهاڻي نويس اهو چاهيندو آهي ته  پڙهندڙ جي دلين ۽ ذهنن کي شعور ڏجي. سندس اهو مقصد سماج جي ڀلي لاءِ هوندو آهي. هن ڪهاڻي ۾ هڪ رٽائرڊ پروفيسر جو ڪردار آهي. جيڪو پنهنجي ماضيءَ جو هڪ واقعو ٻڌائي ٿو. جنهن ۾ پيار جي هڪ اڏامندڙ پريءَ جو علامتي ڪردار آهي. هن ڪهاڻي ۾ کوڙ خيالي ڳالهيون بيان ڪيل آهن، پرهن ڪهاڻي ۾ ديس جي دردن ماريل انسانن جي دردن جي ڪٿا بيان ڪيل آهي. سنڌي سٻاجهڙن جو بيان هن ڪهاڻي ۾ ڪيل آهي. اهڙا لفظ هي آهن. پرڀرو اڀڪپري، ننڍڙي، جوانڙي، سٽڪو، نيراڻ، جھڳ، گھوگھاٽ، ٻيڪڙيل جھوٽو.(86)

غلام رباني جي ڪهاڻي پيار جي پري ۾ اڻ ڏٺل کي شيون ڏيکارڻ جو طريقو ۽ بيان ڏسو. هڪ حور يعني اپسرا جي سڃاڻپ هيئن ٿوڪرائي: سندس پورو پورو جسم ائين پئي جرڪيو. جيئن چانديءَ جي آئيني ۾ اڇي گلاس جو عڪس! ۽ سندس وار پرمان انهن کي وار ڪيئن ڪوٺيان! اهي ته سون جو تارون هيون. منجھس صندل جي سرهاڻ هئي. سندس چال پٽ  ڳيريءَ جي چال کان گھڻو نرم ۽ موهيندڙ هئي.(87)

تشبيهه ڏيڻ جو ربانيءَ وٽ ڏاڍو عمدو طريقو آهي. هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ڪنهن سمي هي جيئرن جون جايون هيون… ۽ اڄ گدڙ پيا اونايون ڪن.(88)

غلام رباني آگري جي هر ڪهاڻيءَ ۾ ڪجھ ناصحاڻا نڪته به هوندا آهن. اهڙي ريت هن ڪهاڻيءَ ۾ عقل وارا گفتا به لکيل آهن. جو انسان ابي امڙ جي ساڃاهه نه رکي، تنهن مان باقي ڪهڙي توقع رکبي. جو ڏک وٺي ۽ سک ڏئي، اهڙا انسان مثل پارس آهن.(89)

جڏهن آسماني مخلوق مان به ڪنهن جي دل اڇل کائيندي آهي ته اهو انسان جو روپ وٺي جڳ ۾ ايندو آهي.(90)  ربانيءَ جي هي ڪهاڻي هن ديس جي دردن ماريل انسانن جي ڪردارن جي ڪٿا آهي. هن کي انسانن سان هاڃا ٿيندي ڏسي تڪليف پهڇي ٿي ۽ پوءِ چئي ڏئي ٿو انسان ۾ شعور ۽ سمجھ جي کوٽ آهي. اها پري ڄڻ خوبصورت خيال آهي. جيڪو اندر ۾ لڪيل خيال آهي سو ئي سونهن پسائي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org