سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: غلام رباني آگري جي سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتن جو تنقيدي جائزو

 

صفحو:5 

بنگلاديش ۾ ڏهه ڏينهن

           مذڪوره سفر نامي ۾، جن چيزن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، سي آهن. بنگلاديش جي تاريخ، جاگرافي، ادب ۽ ثقافت تي نوٽ. ايران بابت احوال، بنگلاديش جي صدر توڙي وزيراعظم جي اخلاق بابت بنگال جي مشاهيرن بابت، ڪن ڪتابن بابت، جهڙوڪ گيتا نجلي وغيره.

          بنگالين جي ريتن رسمن ۽ راڳ توڙي ناچ بابت، بنگالين جي سياست بابت هندستان ۾ سارڪ سيمينار، هي آهي هنڌن جي تاريخ - خصوصًا تاج محل بابت، پنهنجي سوانح حيات، الڙپائي جا قصا. ڀارت جي اديبن جي بي رخائي ڪرتوتن بابت اسان جو پاڙيسري ڦرڙو محمد پناهه به ذڪر ڪندو آهي. هن جي شهرن جي جاگرافيائي پوزيشن ڪن تحريرن بابت ون يونٽ بابت، هوٽلن ۾ ادبي مشاهيرن بابت، ميلا ڏسڻ جهڙيون جايون، تيمورن جي ڪوس بابت، مغلن جي زواليت جا ڪارڻ بيان ڪيا اٿس.

ايران اڳي ۽ هاڻي

         هن موضوع ۾ هيٺ ڏنل جيڪي عنوان بيان ڪيل آهن تن ۾، ايران جي تاريخ، ايران جي تهذيبي ورثي بابت، ايران ۾ بيگانگي ۽ عياشي، شاهي محلاتن جي ڪرتوتن، اسلامي انقلاب بابت، هوائي سفر جو احوال قديم شهرن بابت، هوٽلن جو حوال، فرهنگ ايران جو ڪردار، خميني عالمي ڪانفرنس، امام علي رضا﷦ جي روضي بابت، چين ۾ سن يات جي مقبري بابت، ڪن ڪتابن جا تذڪرا، حضورﷺ جن جا حوالا، امام خميني جو خاڪو، ايران جون اقتصادي ۽ سياسي حالات، ايجنسين جي ڪارڪردگي، بادشاهن جي اخلاقن بابت ۽ بداخلاقي بابت، ملڪي حالات جهڙوڪ زرعي سڌارا چنگيز جا ڪارناما وغيره وغيره جو ذڪر ڪيل آهي.

 

رني ڪوٽ

       سنڌ جي قديم تاريخ جا هي ماڳ ۽ مڪان جيڪي اسان جي سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت جا اڻ مٽ ۽ چٽا نشان آهن. هي قديم ڪوٽ ۽ قلعا اسان جي ماضيءَ جا شاندار اهڃاڻ آهن جيڪي اسان کي قديم ماضي جي تاريخ جي ڄاڻ ڏين ٿا تن کي غلام رباني آگري چڱي نموني هن قلعي جي ساخت کي ڏٺو ۽ چڪاسيو آهي ۽ مغربي ۽ مشرقي عالمن جي معلومات کي به آڏو آڻي ڪي نتيجا حاصل ڪيا اٿس. هن عنوان ۾: رني ڪوٽ قلعي اهميت ۽ افاديت کان ويندي جاگرافيائي پوزيشن، تاريخ جا احوال، رني ڪوٽ بابت ڪيترن عالمن جا حوالا ۽ رايا ڏئي معلومات ڏني وئي آهي. اهو سمورو اکين ڏٺو احوال آهي جنهن ۾، غلام رباني آگري پنهنجي مشاهدن ذريعي شين کي اجاگر ڪري پيش ڪيو آهي.

 

سير ۽ سفر چين ۽ ولايت جو

       مذڪوره سفر نامي ۾، غلام رباني آگري چين جي تهذيب ۽ ثقافت بابت، چين جي علمي، ادبي ۽ تاريخي ڳالهين قلمبند ڪري اجاگر ڪيو آهي ۽ پاڪستاني ادبي ادارن بابت، رباني جي ڪهاڻي سندس زباني، سفر جا نتيجا، جبلن جا لاوا، ڪن مشاهيرن جو احوال، قرآن ڪريم جا نسخا، چين سوشلسٽ انقلاب کان اڳ، انقلاب کان پوءِ، ادب تي گفتگو، چين ۾ جاگيرداري دؤر وڏڙن جي شين کي سانڀڻ بابت ڪن ڳالهين جو ذڪر آيل آهي. چين جا باغ، ڪي ڏند ڪٿائون، عقيدائي اصول، ڪاريهر جو سوپ، هارين جي حالت زار، خوابن جي دنيا، رني ڪوٽ ۽ ديوار چين جي مشابت، حضورﷺ جن جون حديثون، چين جو ٻئي دفعي سفر تي وڃڻ جو احوال، هوٽلن بابت، ادبي ڪچهرين بابت، جبلن جا نظارا پيش آيل واقعا، اخبارن ۽ رسالن بابت، ڳوٺاڻا گهر، مذهبي آزادي بابت، ريلوي مسافري، مکيه فصل، چيني دعوتون، چين جي موسم، مائو بابت خيال آرائي، ڪوهه قاف جون پريون. هي مضمون ۾ اتان جي حالات تي لکيل آهي ۽ پڻ ملڪي ڀيٽ ڪيل آهي.

  10.سنڌي ادب تي ترقي پسند تحريڪ جو اثر

 

 

 

         غلام رباني آگري جو هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ 2013ع ۾ ڇپرايو آهي. هن ڪتاب جي قيمت 170 رپيا رکيل آهي ۽ هي سمورو ڪتاب 103 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جي آخر ۾، ترقي پسند ادب جي سرواڻن جون يادگار تصويرو ڏنيو آهن. هن  ڪتاب کي ٻن ترقي پسند ليکڪائن جي نالي ارپيو ويو آهي. سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري محترم الهڏنو وگهيو جيڪو ربانيءَ جي ساهتي خطي جو رهاڪو ڳوٺاڻو آهي. لکي ٿو ته: هي ڪتاب آئون پنهنجي ايام ڪاريءَ ۾ اداري طرفان شايع ڪرائي سرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان. ڪتاب جو مهاڳ هن دؤر جي سجاڳ ليکڪ محترم نصير مرزا لکيو آهي، اهو هن ريت لکي ٿو ته: سنڌ ۾ خاص طرح سان سنڌي ٻوليءَ ۾ ترقي پسند تحريڪ جي اثرن تي جڏهن لکيو ئي نه ويو آهي، تڏهن رباني جي قلم مان هن دلفريب تحرير کي ڀانئيان ٿو ته ٿورو لکيو گهڻو ئي سمجهي پڙهڻ گهرجي. هن ڪتاب ۾ برصغير جي اندر هن تحريڪ جا اصل روح روان ڪير هئا؟ انهن جا ڪجهه نالا ڏنا اٿس. جهڙوڪ سيد سجاد ظهير، پروفيسر منير احمد علي، فيض احمد فيض، سيد سبط حسن، محترم رشيد جهان، ملڪ راج آنند، ڪرشن چندر، منشي پريم چند، رابندرناٿ، ٽئگور ۽ قليچ بيگ ترقي پسند تحريڪ 1936ع کان اردو ادب ۾ نمودار ٿي، ان وقت عصمت چغتائي، علي سردار جعفري، جوش مليح آبادي، ڪيفي اعظمي، خواجه احمد عباس، مجاز جان، نثار اختر، ساحر لڌيانوي، احمد نديم قاسمي ۽ لکنوءَ جون ليکڪ مايون حاجره مسرور، خديجہ مسرور، سڀني جو سرواڻ ڪهاڻيڪار جناب ڪرشن چندر هو. هنن ليکڪن جا مذهبي عقيدا ۽ اصول جدا جدا هئا. مگر پروگريسو رائيٽر سڏبا هئا. انهن مان ڪن ڪهاڻي ۽ ڪن ناول، ڪن شاعري ۽ ڪن ناٽڪ نويسي سان گڏ صحافت ۽ ڪن قلم ذريعي ميڊيا تي سماجي انقلاب برپا ڪري وڌو. سنڌ مان پهريون ليکڪ جيڪو ترقي پسند تحريڪ يعني انجمن ترقي پسند مصنفين ۾ ميل جول رکندوهو، سو نور الدين سرڪي جيڪون وڪالت جو ڌنڌو ڪندو هو. جيئن مڪان جي عزت مڪين جي عظمت  سان سلهاڙيل آهي،  تيئن هڪ ليکڪ جي عظمت جي جي ڇاپ وري سندس لکڻين تي ڇانيل آهي. ڪو به شخص پنهنجي دوستن جي دائري مان پرکي سگهبو آهي. اهڙي طرح ڪنهن به ليکڪ جي شناخت سندس تحريرن مان ٿيندي آهي. مسلم دنيا جي عظيم دانشور محمد جلال الدين روميءَ جو قول آهي ته، مون کي ڳولڻ وارا ڪنهن قبر ۾ مون کي نه ڳولجانءِ. مگر منهنجي ڪلام ۾ مون کي ڳولي هٿ ڪجان. ان مصداق ڪنهن  به مصنف يا مؤلف کي سندس تصنيف يا تاليف مان ڳولي سگهبو آهي. غلام رباني آگرو گهڻ پاسائون شخص آهي . وٽس انسانيت جو مرتبو هر چيز کان مٿانهون آهي. هو محقق، اسڪالر ۽ تاريخدان آهي. هو پڙهندڙن کي متاثر ڪندو رهيو. هن روايتن کان هٽي ثقافتي، ادبي ۽ سياسي تاريخ جي جديد رخ کان تشريح، تعمير ۽ تعبير ڪئي آهي. رباني جي گفتگو ۾ مقناطيس واري ڪشش هوندي هئي. اهڙي طرح سندس لکڻين ۾ به اهڙس ڪشش ڪري سندس هر نڪتو مصري جي تڙ جهڙو مٺو ۽ طعام کي سلوڻو آهي، جيڪو پڙهندڙ کي موهي ٿو وجهي. رباني ڪچهري جو ڪوڏيو ۽ مور هو. قدرت کيس ٻئي قوتون عطا ڪيون هيون، هڪڙي گفتگو جي ۽ ٻي تحرير جي. رنج رسامي، حسد ڪاوڙجي وٽس بوءِ به نه هئي. هر وقت ڏيڻ سکيو هو. قول ڀٽ ڌڻي جي

پرچي ته پٽ ڀري، ڏمرجي ته به ڏئي

جُنگ جکري کي، ٻيئي چڱيون چت ۾

           سنڌ جي قدامت صوفي بزرگن جو احوال ۽ قديم ڪتابن تي تبصرو گهڻن مؤرخن ڪيو آهي، مگر رباني جو تبصرو ڀرپور تنقيد آهي. سندس تحرير ۾ ڇنڊڇاڻ ۽ تحريرن کي پرک جا ماڻ  ۽ ماپا هڪ نقاد وانگر به آهن ته، ٻئي طرف سندس تحرير ۾ چاشني ۽ سلوڻائي آهي. ڪتاب جو  تبصرو سنڌ جي قديم سڀيتا جو ڀنڍار آهي. ڪتاب جو نالو ۽ ان جو وجهه کولي بيان ڪيو اٿائين. ليکڪ جي خانداني پس منظر جي خوف تشهير ڪئي اٿس. ضروري جاين تي حاشيا به لکيا اٿس. حوالي ڏيڻ جو ته کيس ڍنگ آهي. حوالي سان گڏ ان تي پنهنجي راءِ پڻ قائم ڪئي اٿس. ليکڪ کان وٺي مترجمن تائين لکيو اٿس. عنوان سان واسطو رکندڙ اسمن جو ذڪر کولي ڪيو اٿس. مگر جنهن چيز جو عنوان سان پري جو واسطو رهيو آهي ته ان جو به درست ۽ پورو احوال لکيو اٿس. لکي ٿو: ڪتاب چچ نامي تي ته سنڌي ادبي بورڊ جي مڪمل تاريخ ڏئي ويو آهي. سنڌ ۽ سنڌي ٻولي يا زبان بابت به هن مضمون ۾ سٺي ڄاڻ لکي اٿس. سنڌ جي راجائن ۽ ان جي ملازمن جوپورو بيان ڪيو اٿائين. حڪومتن کان ويندي عوام جي حالات  بابت ڄاڻ ڏني اٿائين. مردن سان گڏ عورتن جي چالاڪين ۽ عقل بابت ڏاڍو سٺو لکيو اٿس، جهڙوڪ: سونهن ديوي ۽ نورجهان جو بادشاهي حڪمن تي اثرانداز ٿيڻ، جنگين جا منظر ۽ جهونجهارن جو بيان ڪيو ويو آهي. خوددار شخصن جا مقولا پڻ ڏئي ٿو، جهڙوڪ: راجا ڏاهر چوي ٿو، مان اها ڳالهه برداشت ڪو نه ڪندس ته ڪنهن جي دروازي تي وڃي صدا هڻان ته مون کي اندر اچڻ جي اجازت آهي. مان پنهنجي من هن جو مقابلو ڪندس. جي فاتح ٿيس ته منهنجي بادشاهت مضبوط ٿيندي ۽ جي مارجي ويس ته عرب به چوندا ته هن  پنهنجي جان فدا ڪري ڇڏي.(18)

            انجمن ترقي پسند مصنفين: جي بابت ڄاڻ ڏني وئي آهي ته، ان جا بنيادي ڪارڪن هي هئا: اياز قادري ، جمال ابڙو، احسان بدوي ۽ ڪي ٻيا؟ 1953ع  کان پوءِ ميٺارام هاسٽل جي ڪمري نمبر 94 ۾ روشن خيال ليکڪن ادبي ڪلاس شروع ڪيا. جنهن ۾ رباني، حفيظ شيخ، ۽ رشيد ڀٽي اڳرا هئا. اها تحريڪ انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ ڪميونسٽ فڪر جي اثر هيٺ رهي جنهن مان نئين ادبي سنگت پيدا ٿي مگر پوءِ اها انجمن ترقي پسند مصنفين جي ماتحت نه رهي. سنڌ ۾ محمد ابراهيم جويو صاحب سوڀي گيانچنداڻي جھڙا وڏا ليکڪ پيدا ٿيا، جن جي قول ۽ فعل ۾ ڪو تضاد مشڪل نظر ايندو آهي. اهي حائق ٻڌائن ٿا ته رباني جي ههڙي تحرير به ٻين لکڻين جيان حسب قانون خوشگوار ۽ دلچسپ نوع ۾ لکيل آهي. جنهن جي پڙهڻ سان سٺي نثر جو لطف هڪڙي پاسي ته ترقي پسند تحريڪ جي بنياد وجھندڙن جي آگاهي ٻئي پاسي حاصل ٿئي ٿي. هن ڪتاب ۾ هن تحريڪ جي وڌڻ ۽ اپڙڻ جا اسباب بيان ڪيل آهن. جن ۾ مصلحت پسندن جو تحريڪ ۾ گهڙي اچڻ ۽ موقع پرست ليکڪن جي ذهنيت انهن اديبن جي شموليت سبب نتيجو اهو نڪتو جو عظيم ذهنن جي تيار ڪيل تحريڪ جيڪا بڙجي ڇانو ڪندڙ درخت ثابت ڪانه ٿي. مگر يوڪلپٽس جي وڻ جيان هوا جي جهوٽي ۾ لچڪندي رهي. هاڻ ان جو ڪٿي وجود نظر ڪونه ٿو اچي. هن ڪتاب  ۾، علمي جنگين جي زماني کان وٺي ادبي سرگرمين تي مواد ملي ٿو. تحريڪ جي ڪاميابين ۽ ناڪامين تي روشني وڌل آهي. محسن اڪابرن جي ڄم ۽ وصال جا سال به لکيا اٿس. حيدرآباد دکن جي اميرن ۽ لٽريچر بابت معلومات ڏنل آهي، سياسي حالات تي به منجهس مواد آهي. ڪن اديبن ۽ اديبائن بابت ڄاڻ ڏنل آهي. گذريل وقت جا معاشي حالات بيان ڪيل آهن. ڪراچي، لاهور اسلام آباد، دهلي، بمبئي ۽ جئپور جي ادبي محفلن جو ذڪر به ڪيو ويو آهي. ڪتابن تي صفحي نمبر 60 تي سنڌي ترقي پسند تحريڪ جي اولين مشاهيرن مان جمشيد نسروانجي، محمد امين کوسو، حشوڪيولراماڻي، سوڀو گيانچنداڻي، گوبند مالهي، گوبند پنجابي، ڪيرت ٻاٻائي، حيدر بخش جتوئي، محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، ڪامريڊ عبدالخالق جو ذڪر ڪيو اٿس. هن تحريڪ جي ڳالهه ڪندي رباني روس جي سوشلسٽ انقلاب جو بيان ڪري ٿو. چين جي سوشلزم بابت به ٻڌائي ٿو. ليڊرن جي گرفتاريءَ ۽ جيل جي وقت جي چٽي تصوير عڪس ڪئي اٿس. ڪيترا حقائق امام انقلاب مولانا عبيدالله جا لڪل راز ظاهر ڪيا اٿس. رباني لکي ٿو ته: سنڌ ۾ ترقي پسند سوچ جي اولين مشاهيرن ۾، جمشيد نسروانجي، محمد امين کوسو، حشو ڪيولراماڻي، سوڀو گيانچنداڻي، گوبند مالهي، گوبند پنجابي، ڪيرت ٻاٻاڻي، حيدربخش جتوئي، قادر بخش نظاماڻي، برڪت علي آزاد، ارباب نور محمد پليجو، عبدالقادر انڍڙ، محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز ۽ نوابشاھ وارو انقلاب اخبار جو ايڊيٽر، ڪامريڊ عبدالخالق شامل آهن. انهن ۾ هڪڙا ٻين کان سينيئر هوندا، پر ان باري ۾ ڪا ڳالھ چئي نٿي سگهجي، ڇو ته سنڌي ترقي پسند جي اوائلي دور بابت مستند مواد سنڌ ۾ ملي ئي ڪونه ٿو. البته هند ۾ موجود آهي. تازو تفيس احمد شيخ، تاج جويو وٽان ٻه ڪتاب مون کي عاريتاً آڻي ڏنا. هڪڙو گوبند مالهي جو سنڌڙيءَ منهنجي جندڙي ۽ ٻيو ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جو ڪجھ ٻڌايم ڪجھ لڪايم.(19)

11. ٿيا قلب قرار

   

        غلام رباني آگري جي شخصيت، هر پهلوئن کان علمي، ادبي توڙي انتظامي لحاظ کان سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا ۾، عزت جي نگاھ سان ڏٺي وڃي ٿي. اسان جي هن تحقيق جو تعلق غلام رباني جي ادبي تحقيق جي تنقيدي جائزي سان آهي. مٿي بيان ڪيل، غلام رباني آگري جي هڪ تصنيف جو عنوان آهي. هن ڪتاب کي نصير مرزا ۽ الطاف آگري مرتب ڪيو آهي. هن ڪتاب کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي - ڄام شوري پاران 2013ع ۾ شايع ڪيو ويو آهي. هي سمورو ڪتاب 478 صفحن ۾ ڦهليل آهي. ڪتاب جي قيمت 750 رپيا رکي وئي آهي. هن ڪتاب جو انتساب نالي واري تعليمي ماهر، عالم، استاد ۽ اديب محمد ابراهيم جويي جي نالي ڪيل آهي. هن ڪتاب جو سٽاءُ هن طرح جو آهي. هن ڪتاب جا ٻه اکر، سنڌ الاجي جي ڊائريڪٽر محمد قاسم ماڪا جا لکيل آهن، ۽ ڪتاب جي باري ۾، نصير مرزا ۽ الطاف آگري ٻه صفحا لکيا آهن ۽ عنايت بلوچ غلام رباني آگرو هڪ مقناطيسي شخص جي عنوان سان مهاڳ لکيو آهي. هي سمورو ڪتاب اٺن بابن ۾ ورهايو ويو آهي. نصير مرزا ۽ الطاف آگرو لکن ٿا ته: سائين غلام رباني آگري صاحب جي يادگيرين، مقالن، مهاڳن، تقريرن، تاثرن، ۽ خاڪن جي هِن بي مثل ڪتاب سان ائين سمجهو ته سندن لکيل غير افسانوي ۽ شاهڪار نثري تحريرن جو باب ڄڻ مڪمل سهيڙجي تمت بالخير ٿيو. (20)

          عنايت بلوچ ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته: سنڌ جي بمبئي کان جدائي، اياز جي عظمت، ڊاڪٽر تنوير عباسي سان رهاڻيون توڙي ع.ق شيخ جو ذڪر هجي، رباني صاحب ڪيترن ٻين برک شخصيتن کي پڻ پيار ۽ پاٻوھ ۾ ياد ڪيو آهي.(21)

          محمد قاسم ماڪا لکي ٿو ته: غلام رباني آگري صاحب جو شمار اهڙن جڳ مشهور اديبن ۾ ٿئي ٿو جن کي دنيا جي مقبو ومعروف ٻولين ۾ ترجمو پڻ ڪيو ويو آهي، جن ۾ انگريزي، هندي، چيني وغيره وغيره شامل آهن.(22)

           علمي ۽ ادبي لحاط کان ڪتاب جي وڏي اهميت محسوس ٿي رهي آهي. تحقيق جي جائزي مان اهو به معلوم ٿيو آهي ته، سهيڙيندڙ ساٿين هي مضمون ۽ مقالا سنڌ جي معروف ۽ مقبول رسالي اڪثر ٽماهي مهراڻ تان وٺي، غلام رباني آگري جي ادبي ڪم کي هڪجاءِ تي گڏ ڪري پڙهندڙن کي هڪ لاجواب ادبي تحفي سان نوازيو آهي. هن ڪتاب جي عنوان جا ڪي پهلو  آهن:

سيرت طيبه جا ڪي پهلو:  هن عنوان سان رباني سٺو نيباهه ڪيو آهي، جنهن ۾ حضور ﷺ جي ولادت باسعادت، ننڍپڻ ۽ جواني، نڪاح ۽ اولاد، ڪعبي جي تعمير، رسالت، معراج، هجرت، قبلي جي مقرري، غزوه بدر، غزوه احد، غزوه خندق، صلح حديبيه، مڪي جي فتح، اسلام جي تبليغ حجة الوداع، وصال، اوصاف ۽ اخلاق حسنه بابت سٺو سهڻو بيان ڪيو اٿس.

عنوان حضرت بيبي خديجة الڪبرى ﷦:

          قول مبارڪ حضرت محمد ﷺ جن جا ، سيرت مبارڪ، عزيزواقارب جدا جدا ٻولين ۾ لکيل ڪتابن بابت، بيبي سانئڻ جو عزيزن ۾ مرتبو، اولاد، حضور ﷺ سان محبت، وصال ۽ مزار مبارڪ بابت تفصيلي احوال ڏنو ويو آهي.

عنوان قرآن شريف جا ترجما :

          قرآن جي لفظي لغوي معنيٰ، عالمن جا رايا، اوائلي ترجما، فوٽ نوٽ، ڪتابي حوالا، هند سنڌ جو پهريون فارسي ترجمو. مترجمن جو احوال ، نزول قرآن، وحيءَ جي ڪيفيت، بانگ جو مفهوم، مسلمانن بابت، قرآن شريف جا اردو انگريزي ترجما ۽ ٻيو مواد هن سري هيٺ ڏنو ويو آهي.

ڀاڱوٻيو: سنڌ منهنجي امان:

           هن عنوان ۾، ڪتابن جي اصل ٻولي ۾ ترجما، عالمن جو احوال، سنڌ بابت، چچ بابت، سنڌ جي راجائن بابت، ٻڌ ۽ هندو مذهب بابت، علم نجوم بابت، ثقافت بابت، گذريل وقت جو احوال، مستقبل بابت  نظريا ڏئي مطلب ته هرهڪ اسم تي دل کولي لکيو اٿس.

شاهه ولي الله دهلوي جا مخدوم معين ٺٽويءَ ڏانهن خط

           هن عنوان ۾ تحت وڏو مواد سمايل آهي. برصغير جي ٻارهين صديءَ جا مشاهير، شاهه ولي الله ۽ معين ٺٽوي جا همعصر ۽ دوست انهن جا احوال، ان دور ۾ سنڌ جو  معاشرتي احوال ۽ پنهنجي دور جي ادبي شخصيتن بابت تنقيد براءِ اصلاح، سنڌ جي ڪن بزرگن جا هڪ ٻئي جي خلاف نظريا، جهڙوڪ مخدوم محمد هاشم ۽ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جا فيصلا، بورڊ جو ڪئٽلاگ ٺهرائڻ، سنڌ جي جاگيردانه معاشري بابت، مخدوم معين جي ڪتابن بابت، ڪي فوٽ نوٽ، مولانا عبيدالله سنڌي ۽ ٻين مدبرن جا احوال، ڪي چوڻيون، جيڪي، ڏاڍو سو گابو، ڪي عڪس، حضورﷺ جن سان عشق ۽ محبتون جو ڳالهيون، ان وقت جا ڪي دستاويز يعني اقرارنامه، پاڻي پٽ جي جنگين بابت، اصلي درٻار جا قصا هن سري جا اهم موضوع آهن.

ڀاڱو ٽيون: سارون، سنڀارون، يادگيريون

            هن مضمون جو نالو ته ننڍو آهي پر منجهس مواد وڏو ۽ گهڻو آهي. ان دور ۾ جڏهن ميٺارام هاسٽل جو ڪمرو نمبر 30 ادبي سرگرمين جو مرڪز هو، ڪير ۽ ڪهڙا شخص انهيءَ وقت ايندا هئا، ڪهڙي گفتگو ڪندا هئا؟ ڪمرو ۽ هاسٽل جي سچي تصرير ڪشي جنهن جو ذڪر  ڪرڻ جو احوال، وڏن مشاهيرن جا گفتا، شاگردن جون حرڪتون، ان وقت ڪراچي جي روڊن، بازارن ۽ سوارين بابت ان جي آفيسرن ۽ سياسدانن بابت گھڻو ڪجھ هن سري هيٺ ڏنو ويو آهي.

ڦليلي ڪاليج جو يادگيريون

          ڪاليج بابت، ڪاليج جي عمارتن، فرنيچر، استادن، شاگردن پنهنجي دوستن بابت، حيدرآباد جو احوال، پاڻ سان گفتگو ۽ حاصل نتيجا، حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن، شروعات، عملدار، پروگرام، پروڊيوسر، فنڪارن، سياسدانن، تنقيد، ريڊيو بابت، سٺيون ڪهاڻيون ۽ ڪهاوتون هي مضمون نما تاثر ۾ لکيل آهن.

ڀاڱو چوٿون متفرقھ:

          هن عنوان تحت هن مضمون ۾ يادگيريون بيان ڪيل آهن سنڌي عشائيه، رڻ جا راهي، استاد رائچند هڪ تاريخدان هنن مضمونن ۾ سٺو بيان ۽ سهڻو انداز ڏنو ويو آهي. لکجي ته ائين لکجي عنوان سان ڀرپور انصاف ڪيل آهي، سرڳواسي رائچند تي اهڙو بيان لکيو ويو آهي، جو دل تان لهي ئي نٿو.

ڀاڱو پنجون: وکر سو وهاءِ-  مهاڳ، پيش لفظ، مقدمو

           پيش لفظ ۾ شاهه جي رسالي جو احوال ڏنو اٿس، ڪئين رسالو هٿ آيو، ڪهڙين دانشورن ان تي ڪم ڪيو آهي، سن وار احوال ڏنو ويو آهي. بورڊ جي ڪارڪردگي، بورڊ جي بجيٽ ۽ آمدني، بورڊ جا ڇپايل لطيف بابت ڪتاب، انصاري صاحب وارو رسالو، ڀٽ شاهه مرڪز جي ڪارگذاري، ماضيءَ جا مور ۽ انهن جا ڪارناما هن سري هيٺ ذڪر ڪيا ويا آهن.

جوڳيئڙا جهان ۾ (مقدمو)

          مٽيءَ سان محبت، وطن سان پيار، مصنف بابت،سنڌ تهذيب بابت، دادو ضلعي جي جاگرافي ۽ تاريخ، ڪوهستان بابت، مشاهيرن بابت، علامه آءِ آءِ قاضي، محمد ابراهيم جويو ۽ سائين جي.ايم.سيد بابت، صوفين جا قول، ڏاهن جون ڪويتائون، جهڙوڪ ٽئگور ۽ شاهه ڀٽائي، سچل توڙي خواجه غلام فريد بابت احوال بيان ٿيل آهي.

وڏو مصور، وڏو ماڻهو (ع . ق شيخ)

            ع.ق شيخ بابت احوال، سندس زندگيءَ جو خاڪو، اولاد بابت، ڪن ڪتابن تي تبصرو، آرٽسٽ جو مفهوم سندس ڪتابن جي شرح خصوصاً محبت جي راهه تي پيش لفظ:

اڪبر سومرو تي گهرو اڀياس آهي، زندگي جا چند عڪس نغمه جي تشريح، سازن جو سنسار، ڪن مشاهيرن جو تذڪرو ، خصوصاً شاهه عبداللطيفؒ جو بيان، افسانوي ادب تي تحرير، وتايو بابت رايا، اردو اديبن بابت خيال آرائي جو هي جهڙوڪ خزانو آهي.

ڀاڱو ڇهون: تقريرون

            عنوان سنڌ الاجي سنڌ جي ثقافت جو امين ادارو. هي تقرير سنڌالاجي جي سلور جوبلي تقريبات ۾ سال 1987 ع ڊسمبر لوڪ سنگيت محفل ۾ مهمان خاص جي حثيت سان ڪيل آهي. ابتدائي گفتا ته روايتي آهن جئين هر محفل جو مور جو واتان ڪڍندو آهي. هن تقرير ۾ ملڪي ادبي محفلن جو ذڪر آهي. اداري جي ڇپيل ڪتابن تي ڳالهايل آهي، مشاهيرن جو ذڪر خير آهي، سنڌ الاجي جي مڪمل تاريخ آهي. سنڌ جي تهذيب تي لازوال بيان ڏنل آهي، خاتمو هڪ بيت تي ڪيل آهي ۽ شروعات به هڪ بيت سان ٿيل آهي.

جي.ايم.سيد خود شناسي جو سبق ڏيندڙ پيامبر

‏هن تقرير جي شروعات روايتي آدابن سان آهي. جي.ايم.سيد تي يادگيريءَ سان سانڍيل حقيقتون ، مشاهيرن جو ذڪر، محفلن جو احوال. سنڌ جي تاريخ بابت، رني ڪوٽ جو ذڪر، گورک هل جو ذڪر، جي.ايم.سيد صاحب جون ادبي ڪاوشون، ڪيترا ادارا سندس رٿن سان وجود ۾ آيا اهي سڀ ڳالهيون هت ڪوزي ۾ بند ڪيون ويو آهن.

ڀاڱو ستون: سڄڻن جا ساريو سانگ (خاڪا)

          ڊاڪٽر نبي نخش خان بلوچ توڙي سندس همعصرن تي ڀرپور تاثر، سنڌي نثر نويسن جو تذّڪرو، ڊاڪٽر بلوچ جي ڪتابن بابت، پارسي، انگريزي، اردو ۽ سنڌي بيتن جي چوڻين جو ڪشڪول، پنهنجي ڳوٺ شهر ۽ ملڪ سان محبت بابت، ڊاڪٽر صاحب جي آتم ڪهاڻي مان حوالا، ادبي ڪارناما رباني جي دور ۾ ٿيل ادبي مسئلا خصوصاً زنده دانشورن جي حوالي سان آخر ۾ لکيو اٿس.

يه طورکا جلوه

محمد عثمان ڏيپلائي:

         هن عنوان ۾ محمد عثمان ڏيپلائي جي علمي ۽ ادبي ڪاوشن، عقيدن ۽ زندگي جي لاهن چاڙهن بابت ربانيءَ جي پنهنجي دوستن جي ياداشت، ون يونٽ کان ويندي سنڌ جي معاشرتي ۽ سنڌ جي ماحول بابت تاريخي معلومات ڏنل آهي.

اياز جي عظمت:

        هن عنوان ۾، شيخ اياز بابت خيال آرائي، اياز جي ادبي ڪاوشن بابت، سنڌ جي مشاهيرن جا تاثرات، سياسي دور ۾سياسي سماجي ترجمان، تصوف بابت اياز جا خيال، مشاهيرن جي يادگيرا ڏنا ويا آهن. گرهوڙي صاحب جو حوالو ۽ ٻيو مواد ڏئي اياز جي عظمت بيان ڪئي اٿس.

تنوير عباسي: اکڙيون مينگهه ملهار

          مذڪوره عنوان ۾، تنوير جي ٻالڪپڻ ۽ صغير سني بابت، پيغمبر بابت، ڏاهن ماڻهن بابت، تنوير جي دوستن بابت، مشاهيرن بابت، سٺن ڪتابن بابت، تنوير جي خاندان بابت، ڪراچي هوٽلن جون ڪچهريون، شاديون اولاد ۽ علم ۽ دانش ۾ دلچسپي، تصوف جي مشاهيرن بابت، اهل تصوف جو ڪلام، تنوير تي اهل تصوف جو اثر. حلاج بابت احوال، تنوير تي تاثرات، تنوير جي مهمان نوازي، ون يونٽ جو دور سنڌ جو سير سفر، شعرو شاعري، انسان ۽ هن جهان بابت گھڻو ڪجھ مواد هن سري هيٺ موجود آهي.

حفيظ شيخ: زندگي حفيظ سان ڪانه نڀائي

             مذڪوره عنوان سان، حفيظ جي زندگي جو مختصر خاڪو ذڪر هيٺ آندو ويو آهي. هن ۾ رباني ڪمال جو پورهيو ڪيو آهي نه رڳو حفيظ جي زندگي بابت پر هر انسان جي زندگيءَ جو خاڪو آهي. ادب جي مشاهيرن توڙي شاهڪارن جو تذڪرو به آهي. موت ۽ حياتي بابت پنهنجي آٿم ڪٿا، حفيظ جي دوستن بابت، حفيظ جي خاندان بابت، ڌنڌو ڪيئن ڪجي؟ سنڌ جي ڪٿا ۽ مشاهيرن جون ڪويتائون بيان ڪيل آهن.

خان محمد پنهور

         هن موضوع ۾، ماڻهن جا قسم، سنڌ جي سياسي حالت، سنڌي تهذيب، خان محمد پنهور جي زندگي، سنڌ جا مشاهير، سنڌ جي توڙي عالمي سياستدانن بابت احوال، سنڌ جي ڪيل مسافرين بابت ۽ بي وفا يارن بابت ذڪر آيل آهن.

ڀاڱو اٺون: ترجما

         مذڪوره موضوع ۾ جيڪي ننڍڙا عنوان هن ريت رکيل آهن. دارا جا پويا ڏينهن، ڪتاب بابت، مشاهيرن بابت جهڙوڪ: نڪولائي، بهادر خان، جيوڻ خان، فريدون، بغاوتن بابت، اورنگزيب جا ڪرتوت، دارا جي زندگي جو نقشو، مطلب ته مضمون ترجمو نه پر اصل پيو لڳي اها ئي ليکڪ جي خوبي سڏبي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org