سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: غلام رباني آگري جي سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتن جو تنقيدي جائزو

 

صفحو:13 

5- رني ڪوٽ

           غلام رباني آگري جا مختصر سفر نامه علمي ۽ ادبي دنيا ۾ وڏي حيثيت جا حامل آهن، سندس سفر ۾ جا فڪري گهرائي رکيل آهي اها پڙهڻ، سمجهڻ ۽ غور ڪرڻ آهي. مذڪوره سفرنامي ۾ غلام رباني آگري، سنڌ جي تاريخي ماڳ رني ڪوٽ جو ذڪر ڪيو آهي. هن ننڍڙي سفرنامي ۾ غلام رباني آگري هن سفرنامي جي شروعات هنن لفظن ۾ ڪئي آهي: اڄڪلهه رني ڪوٽ کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو سمجھيو وڃي ٿو ۽ اهو خيال رباني ڪرنل خواجه عبدالرشيد جي هڪ مضمون مان حاصل ڪيو آهي ۽ هن ڪوٽ بابت مختلف مضمونن جي ليکڪن جا احوال ورتا آهن. روزانه هلال پاڪستان جي مضمونن جو حوالو ڏنو آهي ۽ رني ڪوٽ جي تعميرات بابت ڪجھ خيال بيان پڻ ڪيا آهن. ان کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو ڪوٺيندي چيو آهي ته رني ڪوٽ 18 ميلن ۾ آهي ۽ اها ڳالهه ان جناب فضل الحق قاضي جي حوالي سان ڪئي آهي، ۽ ان ڳالھ کي درست قرار ڏيندي چوي ٿو ته،: اهو بيان صحيح آهي ته رني ڪوٽ ارڙهن ميلن ۾ آهي، ۽ وڌيڪ اهو به لکي ٿو ته: منهنجي خيال موجب، رني ڪوٽ کي دنيا جي وڏن قلعن ۾ ته بلاشبه شمار ڪري سگهجي ٿو. پر ان کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو سڏڻ لاءِ تحقيق ۽ ثابتيءَ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن جناب فضل الحق َاضيءَ جو اهو بيان صحيح آهي، ته رني ڪوٽ ارڙهن ميلن ۾ آهي، ته پوءِ رني ڪوٽ دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو ٿي نٿو سگهي، ڇو ته سنڌ جي اوڀارينءَ سرحد تي راجستان ۾ هڪ قلعو موجو آهي، جو چويهن ميلن ۾ آهي. مورخن ان کي ديوار چين سان تشبيھ ڏئي ديوار هند سڏيو آهي ۽ ٻڌايو آهي ته، اهو قلعو راجستان جي راڻي، ڪمڀا، اٽڪل 500 ورهيه اڳ، مسلمانن جي ڪاهن کي روڪڻ لاءِ اراولي پهاڙين تي ٺهرايو هو. راڻي ڪمڀا اهڙا ٻٽيھ قلعا ٻيا به ٺهرايا هئا.(67) ان کان علاوه هن سفرنامي ۾ به راجستان جي هڪ قلعي جو ذڪر ڪيو آهي، هن قلعي بابت آمريڪا مان شايع ٿيندڙ نيشنل جاگرافيءَ جي فيبروريءَ 1977ع واري پرچي ۾ شايع ٿيل خبر جو ذڪر ٿيل آهي. غلام رباني آگرو هن قلعي بابت سٺي ڄاڻ ڏني آهي. ايڇ ٽي لئمبرڪ، يوناني جاگرافيدان هڪيٽس.  محمد ابراهيم جويي، ايڇ.ايم.پنهور، علي احمد بروهي جا حوالا ڏنا آهن ۽ پڻ پنهنجو خيال ظاهر ڪندي چوي ٿو، ته رني ڪوٽ جي تعمير جو معاملو تيسين فيصلو نه ٿي  سگھندو، جيسين محڪمه آثار قديم وارا ان طرف توجھ نه ڏيندا ۽ رباني ڪجھ ڳالهيون لکيون آهن. جنهن ۾ اهو به لکي ٿو ته: رني ڪوٽ جيڏو يا ان کان به وڏو قلعو سنڌ جي اوڀارينءَ سرحد تي موجود آهي. ته پوءِ رني ڪوٽ کي دنيا جي وڏي ۾ وڏو قلعو سڏڻ ڪيتري قدر درست آهي.(68) رني ڪوٽ جي عمارت سازيءَ جي فن کي شاهڪار سڏيو اٿس. لکي ٿو ته هي فن پنهنجي جڳهه تي هڪ مڪمل سائنس آهي ۽ اڄوڪي دور بابت به ڀيٽ ڪئي اٿس ته هاڻوڪي دور جي انجنيئرن جي ڪارنامن کي به حيران ڪندڙ سڏيو اٿس ۽ چيو اٿس رني ڪوٽ جي دور جا استاد ڪاريگر هئا. رني ڪوٽ جي قلعي بابت لکي ٿوته پراڻي ۾ پراڻو نظريو اهو آهي ته غالباً اهو ايران جي انهن ساساني بادشاهن جو ٺهرايل آهي لکيو اٿس ته فوجي تحفظ لاءِ سرحدن تي قلعا جوڙائيندا رهندا هئا. 1976ع ايران جي دعوت جو ذڪر ڪيو اٿس 1982ع پاڻ جڏهن چين ويو هو ته انهي بابت لکي ٿو ته دوري جي اختتام تي اسان جا چيني ميزبان اسان کي دنيا جي عجائبن مان اهو واحد عجوبو يعني ديوارِ چين  ڏيکارڻ وٺي ويا. جڏهن اسان ديوار چين وٽ وڃي پهتاسين ۽ منهنجي مٿس پهرين پهرين نگاهه پيئي تڏهن مون ايئن محسوس ڪيو ته، رني ڪوٽ اچي پهتا آهيون جيڪڏهن هزار کن والن جي مفاصلي تان رني ڪوٽ ۽ ديوار چين جون تصويرون ڪڍبيون ۽ اهي ڪنهن ٻئي هنڌ ماڻهن اڳيان پيش ڪبيون ته حالي ته هو آساني سان چئي نه سگهندا ته رني ڪوٽ ڪهڙو آهي؟ ۽ ديوار چين ڪهڙي آهي، ۽ انهن ٻنهي تاريخي ڪوٽن جي فن ۽ ڪاريگري ۾ رکيل هڪجھڙائي مان رباني هڪ نتيجو ڪڍيو آهي. قديم زماني کان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اچ وڃ هئي ۽ ٻنهي ديوارن جي مفاصلي جي پڻ ڄاڻ ڏني اٿس. ته انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته، رباني ديوار چين جي ماپ پندرهن سو ميل ڄاڻائي آهي ۽ رني ڪوٽجي ماپ ويهن ٻاويهن ميلن ۾ ته پوءِ دنيا جي وڏي ۾ وڏو قلعو ڪيئن ٿيو؟. غلام رباني آگري مرحوم هن سفر نامي ۾، رني ڪوٽ جي تعمير بابت ڪن روايتن جو ذڪر ڪيو آهي، ۽ رني ڪوٽ جي آڏاوت ۽ ساخت کي ڏسي چيو آهي ته، اڏاوت جي فن جو هڪ شاهڪار آهي، ۽ ان دور جي استاد ڪاريگرن جي ساراھ ڪري ٿو. اهو به چوي ٿو ديوار چين جي تعمير ۾ سوين ورهيه لڳا هوندا. رني ڪوٽ هڪ ئي بادشاھ ٺهرايو يا گهڻن ان جي اڏاوت ۾ گهڻا ورهيه لڳا هوندا. انهيءَ سموري ڳالهين کان پوءِ، ان نتيجي پهتو آهي ته، محڪمه آثار قديمه وارن کي توجھ ڏيڻ کپي ۽ تحقيق ڪري ان رپورٽ ظاهر ڪرڻ گهرجي. جنهن مان ثابت ٿيو پنهنجي طرفان قلعي جي آثارن ۽ اهڃاڻن کي ڏسي ڪوبه حتمي فيصلو يا ڪونه ڪيائين، ليڪن انومانن ۽ قياس جي سلسلي کي ختم نه ٿيڻ تي ڳالھ ڇڏي ڏنائين.

 6-  سير ۽ سفر چين ولايت جو

        تحقيقي نگاھ سان غلام رباني آگري جي سفر نامن کي ڏٺو وڃي اهي مختصر سفر نامه آهن، جن ۾ چند صفحا لکيا ويا آهن “چين جو سفر” جنهن ۾ چين بابت وڌيڪ روشني وجھندس ڇو ته غلام رباني آگري چين ملڪ بابت ٽي سفر ناما لکيا آهن.

(1)- مذڪوره سفر نامو (2)- چين جو سفر(3)- ڪوهه قاف جون پريون جيڪي ننڍڙا ڪجھ صفحن ۾ سمايل آهن. هن سفر نامي جي عنوان ۾، غلام رباني آگري چين جي تهذيب ۽ ثقافت بابت، چين جي علمي ساکت بابت، پاڪستان جي ادبي ادارن بابت، رباني جي ڪهاڻي سندس زباني، چين سوشلسٽ انقلاب کان اڳ، انقلاب کانپوءِ ادب تي گفتگو، چين ۾ جاگيرداري دور، وڏڙن جي شين کي سانڍڻ بابت، چين جا باغ ڪي ڏند ڪٿائون، عقيدائي اصول، ڪاريهر جو سوپ، هارين جي حالت زار، خواب جي دنيا،  رني ڪوٽ، ديوار چين جي مشابهت، حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جون حديثون، چين ڏانهن ٻئي دفعي سفر تي وڃڻ جو احوال، هوٽلن بابت، ادبي ڪچهرين بابت، جبل جا نظارا، پيش آيل واقعا، اخبارن ۽ رسالن بابت، ڳوٺاڻي زندگي ۽ گھرن بابت، مذهب جي آزادي بابت، ريلوي مسافري، مکيه فصل، چيني دعوتون، چين جي موسم، مائو بابت خيال آرائي، ڪوهه قاف جون پريون پڻ چڱو مضمون آهي. ان حالات تي لکيل هي سفرنامو به پڻ رباني جي سرنامن ۾ اهم اضافو آهي ۽ وڌيڪ تفصيل ايندڙ سفرناما نمبر 7 تي احوال بيان ڪندس. چين جي حالات ۽ واقعات جا مثال رباني جي ئي سفرنامي مان ڏيندس.

1-    چين جو سفر

        غلام رباني آگري جو هي سفر سال 1982ع ۾ ٿيو جيڪو وزارت تعليم پاڪستان طرفان انتظام ڪيل هو. ان وقت ثقافت کاتو تعليم کاتي جي ماتحت هو. ان ڪري هن ثقافتي کاتي طرفان قافلي کي سير ڪرايوهو. هن سفر جو اڳواڻ مزرا اديب هو مگر، اهو ويچارو سادو هو جنهن جي سنڀال به غلام رباني کي ڪرڻي پئي. هن سفر نامي پڙهڻ سان اها خبر پوي ٿي ته سياح کي ڪهڙين هلڪڙين ڳالهين سان به خجالت جو منهن ڏسڻو پوي ٿو. جيئن مرزا اديب جڏهن جهاز ۾ پنهنجي سيٽ ڇڏي ٻي خالي سيٽ تي ويٺو ته کيس ايئر هوسٽس ناشتو ئي نه ڏنو.(69)

       هن سفر نامي ۾ رباني ٻڌائي ٿو، ته چين جي هوٽلن جو ماحول ڪهڙو آهي. ڪمرا، ايئر ڪنڊيشنڊ، آرامده ۽ نهايت نفيس فرنيچر سان آراستا هئا. گرائونڊ فلور تي چيني طرز جي کاڌي جو ڪمرو ۽ پنجين ماڙ تي انگريزي طرز جون ڏهاڪو کن گول ميزون پيل. هر ميز تي هڪ ڇوڪري کاڌي کڻي اچڻ لاءِ مقرر هئي. پر آرڊر هڪ ڇوڪرو وٺندو هو. ڇوڪرين وانگر کيس به سفيد شرٽ ۽ سفيد پينٽ پاتل هوندي هئي. پر هو هڪ ڄڻو هو ۽ ڇوڪريون ڏهه ڄڻيون هيون تن لاءِ ته ڄڻ شڪار هو.(70) هن معلومات مان ثابت ٿيو ته، غلام رباني آگرو هڪ تخليقڪار ان ڪري سندس سفرنامن ۾ رومانس جون ڳالهيون ڪيل آهن.

اسان وٽ هڪ پهاڪو آهي هڪ ڌنو ڏهه رنون ان مصداق هي ڪم ٿيو. چيني هوٽلن جي ماحول بابت. وڌيڪ لکيو اٿس ڪا ٻانهن ۾ چهنڊي وجهندي هئسڪنهن اهڙي ٽنگ اڙايس جو ڪِرندي ڪِرندي بچيو.(71)

         چين جي آخرين بادشاهه جي محلات جو نقشو هن ريت ڀريو اٿس. محلات ۾ وڏا وڏا حال ٺهيل جن ۾ چاندي جو فرنيچر بادشاهه جي عياشي جي لاءِ خريد ڪيل حسينائون رهنديون هيون، هر هڪ مان ڪنهن کي هڪ دفعو بادشاهه سان همبستريءَ جو شرف نصيب ٿيندو هو. ٻه هزار چار سو چاليهه (2440) حسينائون پنهنجي واري جي انتظار ۾ هيون انقلابي بيجنگ ۾ پهچي ويا، بادشاهه کي ڀڄڻ لاءِ ڪا واهه ڪانه ملي سو محلات جي هڪ باغ ۾ رسي ٻڌي پاڻ کي ڦاهو ڏئي مئو چيني ميزبانن اسان کي اهو وڻ ڏيکاريو سڪي ڪنڊا ٿي ويو هو. پر اڃا بيٺو هو.(72)

ديوار چين لاءِ رباني هن ريت لکيو آهي ته: ديوار چين سڄي پٿر مان ٺهيل آهي. مٿس ست گھوڙي سوار هڪ ئي قطار ۾ پهرو ڏئي سگھن ٿا ۽ ڊيگھ ۾ 1500 سو ميل آهي.(73)

رباني جيڪي ڏٺو اهو دل جي نظر سان ڏٺو بقول ڊاڪٽر اقبالؒ

دلِ بینا بھی کہ خدا سے طلب آنکھ کا نور دل کا نور نہیں

ربانيءَ جي نگاهه بي پناهه طاقت رکي ٿي. سندس شهبازي نظر ته ڏسو سؤ ڪروڙن جي آبادي واري ملڪ ۾ اسان هڪ عورت کي لپ سٽڪ لڳل ڪو نه ڏٺي چيني عورتن جو سينو (ارهه) ته  نالي ماتر هوندو آهي. سو پري کان پتو ئي ڪونه پوندو هو ته ڇوڪر اچي رهيو آهي، يا ڇوڪرِي؟“(74) ڪي ٽوٽڪا وسرندڙ مزيدار ٽوٽڪا! سفر ۾ ڪڏهن ڪڏهن کي اوچتو ٽهڪڙا ٿيندا آهن، ربانيءَ جي سفر ۾ به اهڙا واقعا بيان ڪيل آهن ڀلي اهي هلڪڙا هجن مگر معنيٰ خيز ضرور آهن. اهڙو هڪڙو واقعو رباني کي نانجنگ جي ريلوي اسٽيشن تي پيش آيو. جڏهن مرزا اديب جو سوٽ ڪيس سندس گائيڊ کنيو ۽ ٽڪاءُ ٿيو، سوٽ ڪيس گھڻي سامان ۽ بار جي ڪري ڦاٽي پيو، اردو مترجم جي هٿ ۾ رڳو مٺيو Handle وڃي پڃيو مرزا جا خريد ڪيل پلاسٽڪ جا رانديڪا هيڏي هوڏي پکڙجي. ويا گنجيون ۽ ميرا ڪپڙا هڪ طرف ڏاڙهي لاهڻ جو سامان ٻي طرف اڳٺ وجھڻي، نچڪڻو ۽ ڏند کوٽڻي ٽيئن طرف هوٽل جي ڪمري مان صوف ڪوڪا ڪولا جا ڪئن کنيا هئائين پيپسي چوٿين طرف گاڏيءَ جي هلڻ جو سائرن وڳومرزا سيٽ تي ويٺو رهيو. جھڙوڪ پنڍ پاهڻ.(75)

       مون چيو ته مون کي سوپ گھڻو وڻيو، اهو ٻڌي ميزبان ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين ته انهيءَ سوپ ٺاهڻ لاءِ اسان کي ٽي ڏينهن جھنگ ۾ رلڻو پيو. تڏهن وڃي مس مس هڪڙو اصلي ڪاريهر نانگ هٿ آيو اوهان سچ چيو آهي، ته ڪاريهرنانگ جوسوپ ڏاڍوسٺوٿيندو آهي.(76)

        هڪ بجي رات جو ڪئنٽين جي هوٽل ۾ هڪ بجي رات جو پهتاسين. سو بک لڳي هئي، ڪمري ۾ فرج رکيو هو منجھس بادامن، پستن ۽ ڪوڪا ڪولا جا ڪئن رکيا هئا.مون پستن ۽ بادامن جا ٻه پاڪيٽ کائي مٿان ڪوڪا ڪولا جا ٻه ڪئن پيتا اردو مترجم صبوح جو ٻڌايو ميزبان اهي پئسا ٿو گهري، جيڪي خشڪ ميوي جا آهن. مان وائڙو ٿي ويس. حاضر چئي بل ادا ڪيو جيڪو ٻارنهن رپيا هو.(77)

اصحاب رسول ڪريم صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي مزار مقدس

       اهو ڪهڙو ملڪ آهي جتي اسلام جي روشني نه پهتي هجي حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جا اصحاب سڳورا سندن قول مبارڪن يعني حديثن تي عمل پيرا ٿي نڪرندا هئا. سندن هجرت حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي حڪم سان ربي منشا پٽاندر هوندي هئي. هڪ حديث شريف ۾ اچي ٿو. اطلبو العلم ولوکان بالصين.

ترجمو: علم جي طلب لاءِ چين وڃڻو پوي ته به وڃو ملڪ چين ۾ شهر ڪئسنٽن ۾ هڪ مشهور ۽ معروف اصحابي سڳوري جي مزار مبارڪ آهي، ان ڀلاري بزرگ جو نالو حضرت سعد بن ابي وقاص آهي. هيءَ ثابتي آهي ته اسلام ۾ پهرينءَ صديءَ ۾ ئي ۽ حضرت ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي دور ۾ چين ۾ پهتو آهي. بقول ربانيءَ جي، ته هت هڪ مسجد جي پيش امام سان جنهن جو نالو حاجي نور محمد هو هن شهر ۾ چار هزار ست سؤ (4700) مسلمان آهن. هن سفر کي رباني هڪ ڏاهي شيڪپيئر جي قول تي ختم ٿو ڪري. (78)

        عظيم انسانن جي ولادت ۽ وفات انساني تاريخ تي وڏا اثر وجهندي آهي. بادشاهن ۾ ٽاڪوڙا پوندا آهن ۽ قومن جي عروج ۽ زوال جا اسباب جڙندڙ آهن ڌرتي تي زلزلا ايندا آهن ۽ آسمان ۾ پڇڙ تارا چرپر ۾ ايندا آهن. اهڙيون ڪيئي ڳالهيون شعر، تاريخ جون حقيقيتون علمي، ادبي ۽ ديني عالمن جا ڪارناما پڙھ مان ملي ٿو. جن ڳالهين سهڻو درس ملي ٿو.

8- ڪوهه قاف جون پريون

          غلام ربانيءَ آگري جي سفرنامي جي ڪتاب هنگلاج ۾ چانهه جو آخري سفرنامو آهي. جنهن ۾ پراڻي دور جي روايتن کي ساريندي چيو آهي ته ننڍي هوندي رات جو سمهڻ مهل گھر جي وڏيءَ عمر وارين عورتن کان ڪوهه قاف جي پرين جون ڳالهيون ٻڌندا هئاسون. وڏا ٿياسين ته قصن ۽ ڪهاڻين جي ڪتابن ۾ پڙهيوسين ته پريون ڪوهه قاف تي رهنديون آهنپرين جي ملڪ ڪوهه قاف کي انگريزيءَ ۾ CAUCASUS ڪوٺيندا آهن. بهرحال هن سفرنامي ۾ رباني روس، چين، پاڪستان، ترڪي بابت ڪجھ خيال ۽ فلسفي وارا نڪته بيان ڪيا آهن. عثمانيه خلافت مدينو منور، مڪو شريف ۽ پنهنجي شاگردي وارو زمانو بيان ڪيو اٿس. رباني جو چين جي دوري بابت هي ٽيون سفر آهي.

جنهن ۾ اڳين سفرن وانگر طعامن هوٽلن ۽ دوستن مهمانن بابت ذڪر ڪيو آهي. چين ۽ ترڪستان جي ڳالهين ۾ ڪوهه قاف جي پرين جو قصو ايئن بيان ڪيو اٿس. ڄڻ پڙهندڙ ساڻ گڏ ڪوهه قاف پرين جو دلپزير منظر ڏسي رهيو آهي.

غلام رباني آگرو جي سفرنامن جو جائزو

           سفرناما ته گھڻن ليکڪن لکيا آهن مگر ربانيءَ جو لکڻ جو انداز به وڻندڙ  منفرد ۽ اوچو آهي. اهو سچ آهي ته سرمو سڀڪا پائي پر اک اک جو ڦير، ربانيءَ سفرنامي جي ڪتاب  هنگلاج ۾ چانهه  جو ذڪر ڪري آيو آهيان. رباني پنهنجي سفرنامن ۾ جيڪي مفصل ۽ مڪمل حقائق بيان بيان ڪيا آهن، سي سنڌي ادب ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. سندس لکيل سفرناما به سنڌي ادب صنف ۾ اهم ۽ خاص سفرنامن جي ڪتابن ۾ شمار ٿين ٿا. سندس سفرنامن ۾ تخليقي خوبيون موجود آهن. غلام رباني جا سفرناما پڙهڻ کانپوءِ معلوم ٿيو ته اها ليکڪ جي هڪڙي  ڊائري به آهي ته سوچن يادگيرين، سوانحي خاڪن ۽ تاريخي ۽ جاگرافي معلومات تي مشتمل هڪ منفرد لکڻي به پڻ آهي. جنهن ۾ رباني جا جذبا ۽ احساس ۽ جمالياتي حسن جي جھلڪ به ملي ٿي. تاريخي جاين ۽ واقعن جو تفصيل هڪ سهڻي نموني سان پڙهندڙ آڏو پيش ڪرڻ ڪو رباني کان سکي وٺي. سندس سفرنامن ۾ فلسفي، مشاهيرن جي ڪويتا دوستن يارن دل گھرين وفادارين جاڳڻ ڳائڻ جا منظر واهه جا بيان ٿيل آهن. هنگلاج ۾ چانهه ۾ ڊاڪٽر شمل، ڪئرن، هيلي ڪاپٽر، جيپ، اٺ جي سواري، ڪن آفيسرن جي اخلاق بابت، شيرين فرهادي جي قبر بابت، خدا جي تصور بابت، هنگلاج جي حج بابت، هنگلاج جي مکيه ياترين بابت، هنگلاج جي مفهوم ۽ پڄاڻي ڀٽائيءَ جي بيت تي ڪئي اٿس.

پڙاڏو سو ئي سڏ، ور ورائيءَ جو جي لهين

هئا اڳ ۾ گڏ، پر ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.(79)

        غلام رباني آگرو بنگلاديش جو سفرنامي ۾ لکي ٿو ته: بنگلاديش تاريخ، جاگرافي، ادب ۽ ثقافت تي ڀرپور نوٽ لکيا آهن. بنگلاديش جي صدر توڙي وزيراعظم، ڪانفرنسن ۽ مشاهيرن بابت، ڪن ڪتابن بابت جھڙوڪ گيتا نجلي وغيره بنگالين جي ريتن رسمن ۽ راڳ توڙي ناچ بابت ۽ بنگالين جي سياست بابت احوال ڏئي ٿو. آخر ۾ ٽئگور جي گيت جو پڙلاءُ اچيس ٿو. اگر رباني هندستان ۾ سارڪ سيمينار ۾ وڃي ٿو ته اهو به پنهنجي سفر جو موضوع بنائي ٿو ۽ هند جي تاريخ خصوصاً تاج محل بابت، ڀارت جي اديبن جي بي وفائي توڙي اتي آيل تڪليف بابت احوال پڙهندڙن آڏو پيش ڪري ٿو. هن سفرنامي جي آخر ۾ لکي ٿو ته: پنهنجي وطن جي غريباڻن ڪکن ۾ جيڪو قرار آهي سو ڪا ٿي به ڪونهي هي آهي رباني جي پنهنجي وطن جي مٽيءَ سان محبت جو اظهار چين جي سفر هجي يا ايران جو، بنگلاديش جو هجي، يا سنڌ جو سندس سفرنامن پڙهڻ سان اها خبر پوي ٿي ته سياح کي ڪهڙين هلڪڙين ڳالهين ڇڏڻ سان به خجالت جو منهن ڏسڻو پوي ٿو جيئن رباني لکيو آهي ته: مرزا اديب جهاز ۾ پنهنجي سيٽ ڇڏي بي خالي سيٽ تي ويٺو ته کيس ناشتو ئي نصيب نه ٿيو. ڇو ته اها جھاز جي انتظامن جي اصولن ۽ قاعدن جي ڀڃڪڙي جي سزا هئي.(80) رباني جي سفرنامن مان اٿڻ ويهڻ آدابن جي مڪمل ڄاڻ ملي ٿي. رباني جا سفرناما ڪو معمولي سفرناما ڪونهن هو هڪ ڄاڻو سياح وانگر باخبر ۽ حوصلي سان گهمي ٿو. زماني جي لاهن چاڙهن کان پڙهندڙن کي واقفيت ڪرائي ٿو، ماضي کي حال جي آئيني ۾ ارپيندو ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن جو من موهڻ رباني جي ڏات هئي. جو تازو سنڌي لئنگيج اٿارٽيءَ پاران تاريخ 10 جولاءِ 2013 تي ريجنٽ پلازا هوٽل ڪراچي ۾ ڪرائون حال جي روم ۾ سنڌي ۾ ڇپيل سال 2011ع ۽ 2012 عيسوي جي مختلف صنفن جي ڪتابن تي ايوارڊ ڏيڻ جي تقريب ٿي هئي جنهن جي صدارت نالي واري اديب امرجليل ڪئي هئي. اسٽيج سيڪريٽري جا فرض اٿارٽيءَ جي سيڪريٽري تاج جويي ادا ڪيا هئا، ان ۾ جن شخصيتن شرڪت ڪئي تن ۾ خاص مهمان طور سرفراز راڄڙ، نظر محمد ڳاهو اعزازي مهمان طور آر- اي شاهه وائيس چانسلر شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري  ڊاڪٽر سليمان شيخ، منظور احمد قناصرو، نذير ناز، ڊاڪٽر فهميده حسين جنهن ميزبان جي حيثيت ۾ آيل مهمانن کي آجياڻو ڏنو. آجياڻي واري تقرير کان پوءِ انعام حاصل ڪندڙ ليکڪن کي شيلڊون ۽ چيڪ ڏنا ويا جنهن ۾ سال 2012ع جي بهترين ڪهاڻيڪارن جو ايوارڊ رسول ميمڻ کي امر جليل هٿان، بهترين ناول نگار جو ايوارڊ منور سراج کي، امرجليل ۽ سرفرا راڄڙ هٿان ڏياريو ويو.

سفرنامي هنگلاج ۾ چانهه مرحوم غلام رباني آگري جو ايورڊ الطاف آگري امر جليل کان وصول ڪيو. بهترين ترجمي جو ايوارڊ پروفيسر سليم ميمڻ کي آر.اي شاهه هٿان بهترين شاعري جو ايوارڊ امر جليل ۽ سليمان شيخ هٿان، سنڌ جي تارخ بابت اياز ڀاڳت کي ايوارڊ امر جليل ۽ نذير ناز هٿان. ٻيڙي ۾ چنڊ ٻاراڻي ادب تي ياسر قاضي کي امر جليل ۽ سرفراز راڄڙ هٿان ڏنو ويو. رباني جي ڪتاب ”هنگلاج ۾ چانهه“ کي سنڌي ليئگيج اٿارٽي پاران انعام لاءِ چونڊڻ جي اهم خدمت عيوض آهي ڪاش اهو ايوارڊ، غلام رباني آگرو پنهنجي هٿن سان وصول ڪري ها!

غلام رباني آگرو بحيثيت سوانح نگار

           غلام رباني آگرو ڪچهريءَ ۾ تمام مٺو ڳالهائڻ ۽ تمام سٺي لکڻ جا ٻئي ڏانوَ چڱيءَ طرح ڄاڻندو هو، اها قدرت طرفان ڏات آهي جنهن کي ملي.(81)

عنايت بلوچ لکي ٿو ته غلام رباني جڏهن ڳالهائيندو هو. ڪو ماڻهو پوري طرح متوجع ٿي غور سان سندس ڳالهه ٻڌندو هو. ائين محسوس ٿيندو هو ته سندس زبان مان نڪتل هر لفظ مصري ڳڙيءَ جيان ٻڌندڙن کي مٺو لڳندو هو ۽ جڏهن لکندو هو ته پنهنجي پڙهندڙن کي رباني جي رهاڻ جي مخصوص طرز جي تحريرن ۾ محو ۽ مگن ڪري ڇڏيندو هو.(82)

نصير مرزا پنهنجي مضمون آگرو صاحب - جيئن مون ڏٺو ۾ لکي ٿو ته غلام رباني آگري جي قلم ۾ جيڪو ڏات حيات جو درياءُ  مس جي صورت ۾ موجزن هو، اهو اڃان به تارؤن تار وهيو پئي ۽ پوري طاقت سان موجون هڻي رهيو هوغلام رباني جھڙوڪ ليکڪ ته اهو سدائين زندهه رهي سگھي ٿو.(83)

غلام رباني مرحو، پنهنجي ڪتاب ماڻهو شهر ڀنڀور جا شڪر ادائي ۾ لکي ٿو ته: هن ڪتاب ۾ جن شخصيتن جو احوال ڏنل آهي. سي سڀ معزز ۽ محترم آهن. پر انهيءَ احوال کي سندس سوانح خاڪا سمجھڻ شايد صحيح ڪو نه ٿيندو. ڇو ته مون ڪنهن به شخصيت جي ڄم جي تاريخ ۽ هنڌ، سندس تعليم شادي ۽ اولاد تفصيل وغيره ڪونه ڏنا آهن. جيڪا ڳالهه سوانح خاڪن جي هڪ عام خصوصيت هوندي آهي.(84)

غلام رباني آگرو ساڳي ڪتاب ۾ ئي لکي ٿو ته: مون انهن مان ڪن شخصيتن سان گھڻوته ڪن سان ٿورو وقت گڏ گذاريو آهي . ليڊي ڊيانا جو احوال رڳو ڪتابن ۾ پڙهيم يا وري ٽي ويءَ تي ڏٺم گويا مڙئي محترم ۽ معزز شخصيتن بابت هي منهنجا پنهنجا تاثرات آهن. جيڪي نهايت ادب ۽ احترام سان پڙهندڙن اڳيان پيش ڪريان ٿو.(85)

غلام رباني جي پنهنجي زباني آهي ته: مون انهن شخصيتن بابت تاثرات لکيا آهن. پر جڏهن غلام رباني جي ٽن ڪتابن جھڙا گل گلاب جا، ”سنڌ جا بر بحر۽ پهاڙ، ماڻهو شهر ڀنڀور جا پنهنجي مطالعي هيٺ رکي پڙهي ڏٺم ته، انهن ٽنهي ڪتابن ۾ ائين محسوس ٿيو آهي. غلام رباني آگري سوانح عمرين جي روپ ۾ خاڪا، يادگيريون ۽ انهن 49 شخصيتن جون ڪجھه يادون علمي ادبي خدمتون بيان ڪيون آهن. انهن جي ادبي ڪارنامن ۽ ڪار گذارين جو پتو پوي ٿو. اهڙي طرح ٽنهي ڪتابن ۾ انهن عالمن اديبن، اوليائن، بزرگن جي خاڪن جي روپ ۾ ته ڪٿي سوانح عمرين حوالن سان انداز بيان اختيار ڪيو ويو آهي ۽ ادبي جائزي جو موقعو به ملي ٿو. غلام رباني آگري مشاهيرن جي تذڪرن ۾ به پنهنجي ذات جي جھلڪ ڏيکاري ٿو. انهن ۾ سندس ذاتي تجربا ۽ مشاهدا به شامل اٿس. جھڙا گل گلاب جا ڇاپو ٻيو مقدمو ۾ لکي ٿو ته: انهن اعلى انسانن جي ابتڙ زندگيءَ ۾ اهڙا ادنيٰ ماڻهو به عام جام ڏٺم جيڪي ظاهر ۾ اڇا اجرا پر باطن ۾ بگھڙ هئا. در حقيقت دنيا ۾ اڪثريت اهڙن ئي درندن جي هئي. آخر ڪو ته سبب هوندو. جو ڀٽائيءَ کي چوڻو پيو

چڪس چئي، ماڻهو شهر ڀنڀور جا.(86)

     سوانح عمرين جو جيتري قدر تعلق آهي ته رباني مٿين ذڪر ڪيل اهم ڪتابن ۾ جن مختلف شخصيتن جا حوالا ملن ٿا اهڙن حوالن جو ذڪر به گذريل صفحن ۾ لکي آيو آهيان. هت هاڻي رباني صاحب جي مذڪوره ڪتابَ جن ۾ جيڪي تذڪره حالات ۽ واقعات جي ڄاڻ ملي ٿي. انهن شخصيتن جي علمي ادبي خدمتن کان آخري حياتي يعني اک پورڻ تائين جو ذڪر ڪيل آهي. جيئن علامه امداد علي قاضي کان رباني سوال پڇي ٿو. مون عرض ڪيو ته: سائين اهو مان اوهان کان پڇڻ آيو آهيان. ته ڪير آهيان ۽ هن دنيا ۾ ڇو آيو آهيان علامه صاحب خاموش ٿي ويو ڪجھه دير بعد پڇيائين ته ابا ڇا پڙهندو آهين

مون جواب ڏنو بائلاجي“… اهو ٻڌي علامه صاحب مون کي وري اچڻ لاءِ چيوڪن ڪتابن جا نالا لکي ڏنائين ڪتاب وٺڻ جو خيال لاهي ڇڏيم. رباني لکي ٿو ته علامه سان تمام گھڻيون ملاقاتون ٿيون ۽ جڏهن وفات ڪيائين ته علامه صاحب جي وفات جو ٻڌي مان صبح سان جيئن بنگلي تي پهتس ماڻهن جو هجوم گڏ ٿي چڪو هو.

جڏهن ڪمري ۾ گھڙيس ته سندس سينگاريل جنازو برف جي ٻن نادين جي وچ ميز تي رکيل هو.

مٺيءَ ننڍ ۾ ستل علامه صاحب جي معصوم چهري ڏي جڏهن مون ڏکويل دل ۽ ڀنل اکڙين سان نهاريو تڏهن ٻاجھاري انداز ۾ پاڻ سان هڪدم هم ڪلام ٿيندي ٻڌم فرمايائين!

ابا رباني تون ويهارو ورهيه اڳ مون وٽ سوال کڻي آيو هئين ته، انساني زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي؟ توکي انهيءَ جو جواب ملي ويو.(87)

بهرحال غلام ربانيءَ جي مذڪوره ڪتابن پڙهڻ کانپوءِ کيس ايئن چوندس ته جنهن انداز سان رباني آگري جن 49 شخصيتن جي بابت لکيو آهي. تن کي حقيقت جي روشني ۾ ڏٺو وڃي ته انهن(49) ئي شخصيتن ۾ سوانح عمرين جهڙي جهلڪ نظر اچي ٿي. جيئن رباني مٿي لکيو آهي ته مون ڪٿي انهن شخصن جا ڄمڻ جا سن ۽ مرڻ جو تاريخون ڪو نه ڏنيون آهن، پر جيئن ته علامه ڊاڪٽر دائودپوٽي، توڙي علامه امداد علي قاضي جون وفات جون تاريخون ڏئي ويو آهي. ڊاڪٽر عمربن محمد دائودپوٽو جو اصل نالو پيءُ سميت ڳوٺ ۽ ڌنڌي بابت احوال شروع ۾ ڪيو اٿس. انهيءَ مان ثابت آهي ته مذڪوره 49 شخصيتن جي تذڪرن ۾ پڻ سوانح عمرين جون جھلڪيون نظر اچن ٿيون ۽ انهن شخصيتن جو تصويرون به ڏنيون ويون آهن ۽ انهن شخصيتن جي سيرت نگاري، واقعات، گڻ، تصويرڪشي، اهڙيون شاهديون آهن. جنهن کي سوانح عمري چئبو ئي ان شيءِ کي آهي. جنهن ۾ انساني زندگيءَ جو تفسير هجي. غلام رباني به قابل اديب آهي. جنهن سوانح عمارت اڏڻ لاءِ هڪ قابل معمار طور ڪم ڪيو آهي. هر شخص جي رخ کي اهڙي انداز سان بيان ڪيو آهي. جو اول کان آخر تائين شخصي جذبن تي وسعت قلب ۽ سنجيدگي دماغ کي موهي وٺي ٿو ۽ سوانح طرز کي اُڀاري ٿو. خداوند ڪريم دنيا ۾ جدا جدا قسمن جا انسان پيدا ڪيا آهن. جيڪي جدا جدا قابليتن ۽ وصفن جا مالڪ آهن. هر هڪ انسان ٻين جي ضرورت پوري ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. غلام رباني آگري به اسان کي جن وڏن قابل ۽ ڏاهن انسانن جي ڪارنامن کان اسان کي واقف ڪرايو آهي. انهن شخصيتن پنهنجي سهڻي عملي، ڪارنامن سان عوام جي ذهن تي اثر ڇڏيو آهي.

ان تحت رباني صاحب سوانح نگاري انهن معتبر ماڻهن جي زندگين کي اهڙي ته سهڻي سليقي سان لکي پيش ڪيو آهي. جنهن کان پڙهندڙ متاثر ٿيڻ کانسواءِ رهي نه ٿا سگھن. سوانح عمري جو دائرو ته تمام وسيع آهي، انساني زندگيءَ جو هر عمل ڪنهن نه ڪنهن طرح سان عجيب غريب پهلوئن سان تعلق رکي ٿو، جيئن ته غلام رباني آگري جي لکيل سوانح عمرين ۾ پير سائين راشد روضي ڌڻي، غوث بهاؤالدين ملتانيؒ، توڙي قلندر لعل شهبازؒ  ٽنهي شخصيتن تي اهڙي انداز سان لکيو آهي جنهن ۾ انساني حياتيءَ جي هڪ ڀاڱي جو پڌرو شرح ۽ فردن جي آزمودن جو گڏ ٿيل نتيجو آهي. سوانح عمري ۾ ٽنهي شخصيتن جو سچو ڏيک چٽو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اسين ڪي صديون آڳاٽو گذريل شخصيتن سان ڪچهري ڪري ويهون ٿا. پير سائين قلندر لعل شهبازؒ،غوث بها‍ؤالدين ملتانيؒ جي ارشادات عمريءَ جو آب حيات سوين ورهين جي مري ويلن جي اخلاقي، معاشي، ديني  ادبي ۽ تهذيبي واقفيت ملي ٿي. جو ايئن سمجھ ۾ اچي ٿو ته گويا سوانح عمري جو ادب اسان کي هن ڪارنامن ۽ عام ڪمن جي حقيقت سمجھائي ٿو. عظيم انسانن جا نيڪ ڪردار ڏسي هنن جي علم ۽ عقل مان لذت وٺون ٿا. پنهنجا اخلاق سڌاريون ٿا. رباني جي سوانح ڳالهين ذريعي واضع ڪري سگھجي ٿو، هڪڙو آهي مواد ٻيو صورت ۽ ٽيون سيرت.(88) مواد جو مطلب آهي ته ڪنهن خاص شخصيت جا حالات لکڻ لاءِ ماضي ۾ داخل ٿي حقيقتون حاصل ڪجن ٿيون جو ان سان واسطو پيو هجي. صورت مان مراد آهي ته ان جي خد و خال ڏيک ويک رنگ برنگي ڪيفيتن کي فوڪس ڪرڻ. سيرت- مان مراد ان جي شخصيت جي طبيعت تفريح طبع ڳالهائڻ ٻولهائڻ اٿڻي ويهڻي چال چلت رنگ ۽ ڍنگ هر پهلوءَ کان چڱي طرح واقف ٿيڻ انهيءَ ٽنهي بزرگن کي خاص نقطئه نظر سان رباني جي سوانح قلم جي نوڪ سان لکڻ ڪري سوانح عمري جو فن ڪمال درجي تي پهچي ٿو، جنهن ڪري چئي سگهجي ٿوته: غلام رباني آگري سنڌي ادب جي واڌاري ۾ اهم ڪم ڪيو آهي.

 

سوانح نگاري غلام رباني آگري جي دور ۾

       ادبي صنفن ۾ سوانح نگاري جو ڪافي مواد موجود آهي پرهتي غلام رباني جي دور ۾ ڪيل سوانح نگاري جو جائزو وٺنداسين ته 1953ع کان 2010ع تائين جي دور جي وچ واري دور جي سوانح نگارن هن فن ۾ پاڻ ملهايو آهي.

         هونئن ته 1936ع ۾ محمد صديق مسافر قرب قليچ ڪتاب لکيو. جنهن ۾ مرزا قليچ جي سوانح سان گڏ سندس ادبي ڪتابن جو پڻ احوال ڏنل آهي. 1938ع کان 1947ع تائين ڪيترن ئي مختلف شخصيتن تي ڪيتريون ئي سوانح عمريون لکيون ويون. جن مان ڪبير“، ”ميران ٻائي“، ”نام ديو“، ”شاهه لطيف“، ”سامي“، ”شيخ سعدي“، ”شيخ فريد“، ”بلها شاهه“، ”خليفو گل محمد گل“، ”قليچ ۽ خاڪي ليلارام جو سربستو احوال ملي ٿو. مذڪوره جي جائزي لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪئي وئي آهي ته، غلام رباني جي ادبي خدمتن کي عوام اڳيان آڻيان، ان جي وت ۽ وس آهر ڪوشش ڪئي ئي آهي ته، جيئن سندس ادبي خدمتون پنهنجي اصل جوهر سان منظر عام تي اچن ۽ هر ادبي ذوق رکندڙ ان مان فائدو حاصل ڪري ۽ ان جي فن فڪر کي هن تحقيق جي روشنيءَ ۾ نهاري ته، غلام رباني آگري سوانح ادب واري فن سان ڪيترو انصاف ڪيو آهي. ان جي طرف ڌيان لاءِ ڪن سوانح ادب تي لکندڙن جو ذڪر ڪنداسين جن جا ڪجھ اثرات غلام رباني آگري تي محسوس ٿيا آهن.

1.     فاروق اعظم: 1952ع مخدوم محمد صالح ڀٽي

2.    ياد رفتگان: 1953ع مؤلف- مرتب- محمد زمان طالب المولى

3.    عالمن جو آفتاب: 1961ع

4.    تذڪره شهباز: 1964ع ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

5.    جنب گذاريم جن سين: 1967ع سائين جي.ايم.سيد

6.    اهي ڏينهن  اهي شينهن: (ٽي ڀاڱا)، 1966ع، 1980ع، 1981ع پير علي محمد راشدي

7.    اسان جي آزاديءَ جا اڳواڻ: 1980ع مرحوم جي - الانا

8.    پرين جي پچار: 1980ع ترجمو= محمد موسى ڀٽو

9.    مسڪين جھان خان کوسو: 1967 محمد بخش مجنون

10.           مائوزي تنگ: 1972ع رسول بخش پليجو

11.تذڪره مشاهير سنڌ: ٽن جلدن ۾ 1974،1985 ۽ 1986ع مولانا دين محمد وفائي.

12.           غالب: 1976ع سنڌي ترجمو- نارائڻ شيام

13.           هو ڏوٿي هو ڏينهن: 1977ع ايڊٽ پير حسام الدين راشدي

14.           وطن جي آزاديءَ جو امام: 1984ع سيد محمود شاهه جي پي - ايڇ- ڊي ٿيسز.

15.            سوانح حيات قاضي اڪبر درازي: 1985ع مرتب- سندس فرزند علي مردان

16.           گانڌي: 1987ع سنڌي (ترجمو) ڊاڪٽر نجم عباسي

17.           منهنجو ڀاءُ: 1991ع سنڌي ترجمو شيخ عزيز

18.           سدا ساواپن: 1984 ع سنڌي ۾ ولي رام ولڀ

19.           تذڪره مشاهير سنڌ: 1985ع مولانا دين محمد وفائي

20.          جديد سنڌ جا نورتن: 1986ع سائين جي.ايم.سيد

21.            مشاهير اسلام: 1986ع مولوي عبدالرحيم مگسي

22.          چار نوان درويش: 1989 ع ناز سنائي

23.          سانگي ڪي ساريام: 1971 ع شيخ عبدالرزاق راز

24.          جيل گھاريم جن سين: 1977 طارق اشرف

25.           شڪليون: 1979ع عبدالقادر جوڻيجو

26.          جيءَ جھروڪا: 1982ع مهتاب محبوب

27.          ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا: 1984ع علي احمد بروهي

28.          ماءُ کاهوڙي هليا: 1984ع ناز سنائي

29.          واٽ ويندي: 1986ع علي احمد بروهي

30.          ڏيئا تيل ڦليل جا: 1987ع علي احمد بروهي

31.           سڏن مٿي سڏڙا: 1987ع علي احمد بروهي

32.          رند ۽ پنڌ: 1989ع پير علي محمد راشدي ( اخباري ڪالم)

33.          منهن تنين مشعل: 1990 ع تنوير عباسي

34.          پريم تنهنجا پار: 1992ع مرتب عبدالله ملاح

35.           هڪڙو پيارو ماڻهو: 1992ع مرتب قاضي منظر حيات

36.          ڏٺم، ٻڌم، پڙهيم، لکيم: 1995ع شهيد سومرو

37.  شهداد ڪوٽ جا قلمڪار ۽شاعر: 2000ع مرتب سيد گل محمد شاهه رضوي

38.          نئون ديرو، نوان ۽ پراڻا ورق: 2001ع نئون ديرو هسٽاريڪل سوسائٽي پاران

39.          تذڪره مخدومان هالا: 2001ع مرتب مخدوم جميل الزمان

40.          ڊاڪٽر بلوچ هڪ مثالي عالم: 2000ع مرتب تاج جويو

41.           ميان غلام شاهه ڪلهوڙو سنڌ جو شاهجهان: 2002ع

42.          مٺڙا مارو: 2002ع ڊاڪٽر داد محمد خادم بروهي

43.          عالمن جو آفتاب: علامه غلام مصطفى قاسمي شخصيت ۽ علمي خدمتون 2002ع ايڊٽ- تاج جويو

44.          مارو جي ملير جا: 2003ع مرتب خادم چانڊيو

45.           انسان دوست اديب ۽ بيباڪ صحافي، محمد عثمان ڏيپلائي: 2003ع، ماڻڪ موتي تنظيم پاران

46.                       مُوحد شاعر مولانا حاجي احمد ملاح: 2003ع ،مرتب، تاج جويو صاحب

47.          جي.ايم.سيد جي سوانح حيات: 2003ع ترتيب، آزاد قاضي

48.          سٻاجهو ساڃهه وند محمد ابراهيم جويو: 2003ع ماڻڪ موتي تنظيم پاران

49.          ڊاڪٽر بلوچ هڪ مطالعو: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

50.           شيخ اياز هڪ مطالعو 1999ع …………………

51.            تنوير عباسي هڪ مطالعو        ……………

52.           ڊاڪٽر سنديلو هڪ مطالعو   ………………

محمد سومار هڪ مطالعو     ……………………

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org