ڇپائيندڙ پاران
سنڌ جي ساهتي پرڳڻي جي معروف شخصيت غلام رباني
آگرو
سنڌي ادب ۾ هڪ سُڃاڻ قلمڪار جي حيثيت رکي ٿو. جيڪو
60 واري
ڏهاڪي ۾ سنڌي اديبن جي پُرجوش، باهمت ۽ بهادر ٽولي
۾ هڪ منفرد ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ اُڀريو ۽ سنڌي ادب
۾ جرئت ڀَريو ساهت سَرجيو. غلام رباني آگرو نه فقط
بهترين ڪهاڻيڪار ۽ سفرناما نويس جي حيثيت ۾ مڃتا
ماڻي، پر هڪ محقق جي حيثيت ۾ به پاڻ مڃرايو آهي.
”جھڙا گل گلاب جا“ ۽ ”سنڌ جا بَر بحر ۽ پهاڙ“ سندس
شاهڪار تحقيقي تصنيفن ۾ شمار ٿين ٿا.
غلام رباني آگرو ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي.
سندس علمي ۽ ادبي خدمتن کي مانُ ڏيندي، پروفيسر
ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ
صاحب جي نگراني ۾ ايم- فل ٿيسز لاءِ لکيل تحقيقي
مقالي ”غلام رباني آگري جي سنڌي ادب لاءِ ڪيل
خدمتن جو تنقيدي جائزو“ کي سنڌي ادبي بورڊ طرفان
شايع ڪرڻ جو فيصلو رِٿيو ويو.
جيڪو محترم ذوالفقار علي جلباڻي صاحب جي ڪاوش ۽
تحقيق جو نتيجو
آهي.
جنهن صاحب نهايت خوش اسلوبيءَ سان غلام رباني آگري
جي علمي ۽ ادبي خدمتن تي جائزو پيش ڪرڻ لاءِ بورڊ
سان ڀرپور تعاون ڪيو آهي.
هيءُ ڪتاب غلام رباني آگري جي شخصيت ۽ علمي-
ادبي
ڪاوشن تي هڪڙي بنيادي ماخذ جي حيثيت رکي ٿو، جنهن
۾ رباني صاحب جي مڪمل سوانح حيات ۽ ادبي خدمات جو
اڀياس شامل ڪيو ويو آهي.
سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جي اهڙي علمي ۽ ادبي خزاني کي
شايع ڪري منظرعام تي آڻڻ لاءِ شروع کان ڪوشان
رهندو پيو اچي. موجوده وقت ۾ بورڊ جي مانواري
چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي
خاص دلچسپيءَ تحت اداري طرفان نوان ڪتاب شايع ٿي
رهيا آهن.
سندن علمي ۽ ادبي گھراڻي سان وابسته هئڻ سبب، بورڊ
طرفان
اڻڇپيل مسودا اوليت جي بنياد تي شايع ڪري منظرعام
تي آڻڻ لاءِ بورڊ جي پبليڪيشن ڪميٽي جي ميمبر
صاحبان جي مشاورت سان بورڊ جي اشاعتي سلسلي کي
ترقي وٺرائڻ لاءِ نت نوان پروگرام جوڙيا آهن.
انهيءَ سلسلي کي مدنظر رکندي سنڌ جي هِن عظيم
قلمڪار جي سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتن کي نروار ڪرڻ
خاطر، ڪتاب
”غلام رباني آگري جي سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتن جو
تنقيدي جائزو“ کي
بورڊ طرفان شايع ڪري منظرعام تي آڻڻ به اِن سلسلي
جي ڪڙي آهي. جنهن جو پهريون ڇاپو آءٌ بورڊ جي
مانواري چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘
صاحب جن جي ايامڪاري ۽ رهنمائيءَ ۾ شايع ڪري
سُرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان.
توقع
آهي
ته،
سنڌي ادبي بورڊ جي هيءَ ڪاوش سنڌ جي عالمن ۽
اسڪالرن وٽ مڃتا
ماڻيندي.
19 جمادي الاول 1442هه
سيد سڪندر علي شاهه
4- جنوري 2021ع
سيڪريٽري
پيش لفظ
هر
نيڪ ڪم جي شروعات الله جي نالي سان جو وڏو
مهربان نهايت رحم ڪرڻ وارو آهي. جيئن ته نوجوانن ۽
تحقيق ڪندڙن لاءِ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور
به ٻين يونيورسٽين وانگر (هيڪ) هائير ايجوڪيشن
ڪميشن پاران تحقيق ڪندڙن لاءِ معيار ۽ اصول ڏنا
آهن ته ڪنهن به شعبي ۾ تحقيق ڪرڻ کان پهريان تحقيق
سان دلچسپي رکندڙ طالب علمن کي مختلف مرحلن مان
گذاريو وڃي. انهن معيارن ۾ پهريون معيار اهو آهي
ته هر هڪ شعبي طرفان ايم.فل ۽ پي.ايڇ.ڊي لاءِ ٽيسٽون ڪرايون وڃن ته جيئن سٺي
معيار جا محقق پيدا ڪري سگهجن، انهي معيار کي مد
نظر رکندي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور اخبارن
۾ اشتهار ڏياريو. جنهن ۾ مختلف شعبن ۾ تحقيق سان
چاهه رکندڙ شاگرد داخلا ٽيسٽ لاءِ درخواستون جمع
ڪرائين. مون به شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور
جي سنڌي شعبي جي معرفت پنهنجي درخواست جمع ڪرائي.
يونيورسٽي پاران 2008ع ۾ لکت واري ٽيسٽ جو اعلان
ڪرايو ويو، جنهن جو نتيجو 2009ع ۾ ظاهر ڪيو. لکت
واري امتحان ۾ پاس ٿيل ڪامياب اميدوارن جي نالن
واري لسٽ ظاهر ڪئي وئي ۽ اطلاع ڏنو ويو ته فيس جمع
ڪرايو ان مرحلي جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ 2010ع ۾ ايم-
فل جي ڪورس ڪرائڻ لاءِ ٻن سيمسٽرس تي مشتمل هڪ سال
جو ڪورس ڪرايو ويو ۽ ان ڪورس کي هيٺين چئن حصن ۾
ورهايو ويو:
”تحقيق جو فن“،
”سنڌي ادب جي تاريخ“،
”لسانيات جو مطالعو“،
”سنڌي
ادب ۾ تحقيق“،
ٻنهي سيمسٽرس تي مشتمل مذڪوره ڪورس مڪمل ٿيو. ڪورس
ورڪ جي دوران اسان جا استاد صاحبان جن اسان کي
پڙهائڻ لاءِ هر طرح جون ڪوششون ڪيون ۽ شاگردن تي
وڏا مهربان رهيا تن جي سٺين روين، محققانه انداز ۾
سمجهائڻ وارو طريقو ئي هو، جا انهن پنهنجي علمي ۽
”ادبي تحقيق جي طرف راغب ڪرڻ ۾، ڊاڪٽر ادل
سومرو صاحب جنهن
”سنڌ
ادب جي تاريخ“
سهڻي ۽ سٺي انداز سان تاريخي حوالن ۽ مثالن سان
پڙهائي، پنهنجو متعين ڪيل ڪورس مڪمل ڪرايو. جناب
ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو صاحب جنهن انداز سان بورڊ
تي بيهي تحقيق جي طريقن ۽ اهميت جي علم بابت ڄاڻ
ڏني اهي سڀ نڪتا ذهن ۾ محفوظ آهن. جناب ڊاڪٽر محمد
يوسف خشڪ صاحب
”سنڌي
ادب ۾ تحقيق“
جي موضوع تي جيڪي سمجهاڻيون ۽ ليڪچر ڏنا تن ته
وڌيڪ موهيو. جهڙو خوبصورت ۽ وڻندڙ شخصيت جو مالڪ
آهي، اهڙي طرح شفيق به آهي پر عملي ڪم جو قائل به
آهي. سنڌ جي تاريخ جي ڪتاب
”جنت السنڌ“ مان هڪ ليڪچر سنڌو دريا جي وهڻ جو ذڪر ڪرڻ جو انداز اهڙو ته
وڻيو جو ڄڻ ته سنڌو دريا منهنجي سامهون موج ۽ مستي
۾ پنهنجي ناز ۽ انداز سان وهي رهيو آهي. سندس هر
هڪ سمجهاڻي ۽ پڙهائڻ جو انداز ڏاڍو معلوماتي ۽
فڪري انداز وارو آهي. ميڊم ڊاڪٽر صوفيه يوسف خشڪ
صاحبه، پاڻ اسان کي
”لسانيات جو مطالعو“ پڙهايائون، لسانيات جي تاريخ، قديم ٻولين بابت نظريا توڙي
ٻولين جي بڻ بڻياد بابت پڙهايو. جنهن ۾ پاڻ لفظن
۽ جملن ٺاهڻ جي ماهر آهي. پنهنجي سال جي ڪورس
دوران ڪافي تڪليفون به آيون. هڪ گورنمينٽ جي نوڪري
۽ ان جا فرض سر انجام ڏيڻ ۾ ڪڏهن به ڪوتاهي نه ٿي
۽ ان وقت ڪلاس تائين پهچڻ ۽ حاضري کي يقيني بڻائڻ
صبح کان ڪاليج جي ڊيوٽي ۽ ان کان پوءِ 60 ڪلو
ميٽرن جي پري پنڌ تائين يونيورسٽي پهچڻ ڏاڍو مشڪل
لڳندو هيو. انهن سڀني ڏکين مرحلن کي آسان ڪرڻ وارا
اسان جا رهبر ۽ رهنما استاد ئي هئا، جن وقت به وقت
اهڙيون هدايتون ۽ انهن جون شفقتون اسان کي پنهنجي
ڪم ۾ چاهه پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجون علمي صلاحيتون ڪم
آڻيندي اسان کي اهڙن ڏکين مرحلن ۾ اهڙي ته دلچسپي
وٺرائي جنهن جو ثبوت هي ٿيسز پڙهندڙن جي سامهون
آهي.
جيئن ئي اسان جي ڪورس جو ڪم مڪمل ٿيو، ته ان ۾ پاس ٿيڻ کان پوءِ اسان
پنهنجي عنوانن جا خاڪا سنڌي ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين
صاحب وٽ جمع ڪراياسين، ان سان گڏ درخواست به عرض
رکي سين ته اسان کي پنهنجي عنوان تي تحقيقي ڪم ڪرڻ
جي اجازت ملي.
Advance Studies & Reseach Boarدرخواست
منظور ڪندي عنوان
”غلام
رباني آگري جي سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتن جو تنقيدي
جائزو“ منظور ڪندي ان تي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني. هن تحقيقي ڪم جو
نگران ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ صاحب جن کي مقرر ڪيو ويو.
جڏهن پهرين دفعي سندس ڳوٺ خير محمد آريجا ضلعو
لاڙڪاڻو تعلقي باقراڻي ويس ته پاڻ مون کي هن
تحقيقي ڪم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ اتساهيو. اهل سنڌ وارن ۾
سدائين قرب محبت جي ستي پيل آهي. پر ڪي اهڙا ماڻهو
به گڏيا ۽ مليا جن مشورو ڏنو ته هي ڪم ڏاڍو مشڪل ۽
ڪٺن آهي. اهڙن ڪمن ۾ الائي جو ڇو، منهنجي ذهن ۾
ڪيئي سوال اڀرندا آهن. مون کي زندگيءَ ۾ سدائين
سٺا ۽ سچا دوست مليا آهن. سڄي دنيا ۾ سٺن ماڻهن
سان گڏ ڪي ڏينڀوءَ وانگر ڏنگ هڻندڙ ٻئي جي دل شڪست
ڪرڻ وارا به موجود آهن. انهن سڀني ڏکين ۽ آسان
مرحلن کي طئي ڪندي هي ڪم جاري رکيم. مسلسل 10_
2011ع کان پنهنجي تحقيقي ڪم جي شروعات ڪيم. پنهنجي
خوشنصيبي ڀائيندي عنوان به اهڙو مليو، جنهن ۾
منهنجو پاڙيسري، منهنجي ڳوٺ جي اسڪول جو شاگرد
غلام رباني آگري سان ڳوٺ اوڙي پاڙي جي ماڻهن جا
تعلقات ۽ ان جون ڳالهيون علمي ادبي خدمتون، وڌيڪ
منهنجي چاهه جو سبب بنيون. هن ڪم ۾ هٿ وڌم ۽ ان
ڳالھ کي به مدنظر رکيم ته، ساهتي خطو هرلحاظ کان
علم ۽ ادب ۾ اڳڀرو پئي رهيو آهي ۽ هتان جي خمير
مان جنم وٺندڙ ڪيترن ئي عالمن هن مٽي، مٺيءَ جو
نالو روشن ڪيو آهي ۽ انهن علم جي اڪابرن جي وڏي
لسٽ آهي جنهن ۾، غلام رباني آگري جو نالو ادبي
دنيا تي ڇانيل آهي. اهو پنهنجو ڀاڳ ڀانيم جو موضوع
ئي اهڙو مليو جنهن ۾، منهنجي دلچسپي وڌڻ لڳي ۽
پنهنجي ذوق شوق سان ساهتيءَ جي ماڻهن کان سندس حال
احوال وٺڻ شروع ڪيم. سنڌي ادب جي شاگرد جي حيثيت
سان، ته ڪافي غلام رباني آگري جو نالو ذهن تي
ڇانيل هو، ويتر جو ان جي ادبي خدمتن تي تحقيق ڪرڻ
ڄڻ، ته پاڻ لاءِ هڪ ڀاڳ ڀانيم. مان غلام رباني
آگري جو پاڙيسري هيم ۽ ٻيو دل ۾ اهو به خيال هو
ته، هي ڪم هر لحاظ کان مون لاءِ آسان ٿيندو جو هڪ
پاڙيسري سنڌي اديب تي تحقيق ڪرڻي هيم. جڏهن ان ڪم
۾ وک اڳتي وڌايم کوڙ ساريون ڏکايون پيش آيون، جو
مواد هٿ ڪرڻ ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي وڃڻو پيم. غلام
رباني جا توڙي ان شخصيت تي لکيل مضمون، مقالا،
تاثرات، خاڪا توڙي سوانح عمرين تي مواد هٿ ڪرڻ سڀ
کان اول سندس ڳوٺ محمد خان آگرو جو رخ رکيم، اتي
مون کي رٽائرڊ استاد نثار احمد آگري صاحب ۽ سندس
فرزند رياض حسين ۽ الطاف آگري جن منهنجي تمام گهڻي
دل کولي غلام رباني آگري جي شخصيت، ڪتابن، آگرو
قوم، ڳوٺ محمد خان آگرو بابت معلومات ڏني ۽ هڪ
ڪتاب رباني صاحب جو جنهن ۾ سندس سموريون ڪهاڻيون
موجود آهن، سو ڪتاب مون کي گفٽ ڪيو ويو. ان کان
پوءِ باقاعدي جاکوڙ کي لڳو رهيس. هڪ ڏينهن به
غلام رباني جي ادبي خدمتن تي ڪم ڪرڻ کان غافل نه
رهيس. جيڪو به مواد، معلومات ملندي رهي ڪٺي ڪندو
رهيس. مذڪوره لائق ۽ فائق ماڻهن کان علاوه هن ڪم ۾
رٽائرڊ استاد ۽ اديب محمد پناهه ڦرڙو، جن تمام
گهڻا وڙ ڪيا وقت به وقت رهنمائي ڪندو رهيو. لک
لائق محمد عثمان عباسي جا جن هر منهنجي فون ڪال تي
پنهنجو ڪم سيڙائي به مون کي پنهنجي لائبريري مان
ڪتابن ڏيڻ جي مدد ڪندو رهيو. پنهنجي پختي ارادي ۽
وقت به وقت پنهنجي گائيڊ پروفيس ڊاڪٽر در محمد
پٺاڻ صاحب سان به صلاح مشوري ۽ پنهنجي ڪيل تحقيقي
ڪم کي آڏو رکيم. هر دفعي هڪ سچي رهبر جيان مفيد
مشورن سان منهنجي رهنمائي ڪندو رهيو. جڏهن چؤ طرف
مون کي سازگار ماحول مليو ته منهنجي حوصلي ۽ همت ۾
اضافو ٿيندو رهيو. جڏهن مون وٽ چڱو خاصو مواد گڏ
ٿي ويو ان کانپوءِ، پاڻ کي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج
محرابپور کان ڪاليج جي ڊيوٽي ڪرڻ کان پوءِ پنهنجو
پاڻ کي گهر ۾ بند گذارڻو پيو، دوستن سان ميل
ملاقات گهٽائي ڇڏيم. ان وقت پنهنجي طبيعت مان سڪون
۽ چين موڪلائي ويو هيم. پنهنجي تحقيقي ڪم ۾ تمام
گهڻو محو هوندو هيس.
ٻين ملڪن ۽ يونيورسٽين ۾ علمي ادبي تحقيق ڪرڻ لاءِ کوڙ رعايتون
هونديون آهن، ليڪن افسوس جو هتي ايئن ڪونهي.
حالانڪ هڪ پروفيسر جو اصل ڪم آهي ئي تحقيق ڪرڻ.
سرڪاري ملازمت هوندي به پنهنجي فرضن جي ڪوتاهي
ڪونه ڪيم. ان ڪري خاص طور تي 2014-06-01 کان گرمين
جي موڪل سبب مون کي تحقيقي ڪم ڪرڻ جو تمام گھڻو
موقعو مليو. سارو ڏينهن ۽ راتيون جاڳي ڪم ڪندو
رهيس. لڳاتار ڪم سبب ڪجهه ذهن تي ڪافي وزن به
محسوس ڪيم پر حوصلي، همت پنهنجي پاڻ سان، پنهنجي
تحقيقي ڪم سان سچائي ڪري پڄي پار ٿيس. هي ٿيسز
منهنجي ٽن سالن جي ڪاوش جو نتيجو آهي. پنهنجن
مشڪلاتن مان پار پئي پنهنجي مذڪوره مقالي کي مڪمل
ڪري سگهيو آهيان. غلام رباني آگري جي ادبي ڪمن جي
سلسلي ۾ جنهن انداز سان محترم ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
صاحب همت افزائي ڪئي آهي، هونءَ ته سندس مستقل
حاضري ڀربي رهي آهي، پر پاڻ کي جڏهن ڪراچيءَ کان
ڳوٺ ڪمال ديرو ۾ ميان شفيق احمد مهيسر جي ڏاڏي،
حضرت علامه ميان غلام محمد مهيسر جي اٺهترهين عرس
جي دعوت مليل هئي ته پاڻ ٻه ڏينهن پهريان اچي
منهنجي ٿيسز کي مڪمل ڪرڻ لاءِ منهنجي ڪيل تحقيقي
ڪم جو جائزو ورتو. ٿورين ٿورين پروف ريڊنگ جي
غلطين ۽ مواد کي ترتيب ۾ رکڻ جي ڪم جي تصحيح ڪئي.
هر وقت فون تي توڙي ملاقات ۾ هدايتن وٺڻ مهل ايئن
چوندو رهيو، توهان جو وقت ضايع نه ڪندس ۽ پاڻ ايئن
ڪري ڏيکاريو پاڻ ٻه ڏينهن ٻه راتيون منهنجي تحقيقي
ٿيسز کي ڏسي ترتيب جي ڪم کي هڪ معياري شڪل ڏيارڻ ۾
منهنجي همت افزائي ڪئي. دعا آهي ته، الله ڪريم
سمورن استادن کي اهڙن سٺن ڪمن ڪرائڻ ۾ همت ۽ جذبو
ڏئي، جو هو اهي تحقيق ڪندڙن جي مٿان شفقت ۽ قابليت
۽ ڏاهپ وارا هٿ، رهبر ۽ رهنماءَ جهڙو ڪم ڪن. سندس
سهڻي سلوڪ ۽ ڀلي سڀاءُ کان متاثر ٿيس ۽ آهيان جو
هن مون کي ڪڏهن به پنهنجي گائيڊ واري شوخي نه
ڏيکاري هر وقت سٺي ۽ معياري ڪم ڪرڻ جي اصولن کي
اپنائيندو رهيو. آءُ سندس گهڻو شڪر گذار آهيان. ان
کان سواءِ جن دوستن ۽ استادن به رهنمائي ڪئي، تن ۾
استاد
نثار احمد آگري، رياض حسين آگري، الطاف آگري، محمد
عثمان عباسي، محمد پناهه ڦرڙي صاحب جو علمي همدردي
تي ٿورائتو آهيان. الڪبير ايڪيڊمي ڪوٽري محمد
ڪبير، ساهتي لائبريري خانواهڻ، عثمانيه لائبريري
ڪنڊيارو مان پڻ استفادو حاصل ڪيم. پنهنجي دوست
پروفيسر غلام اڪبر ڀنڀرو، پروفيسر محمد اشرف جو
شڪريو ادا ڪريان ٿو، جن غلام رباني آگري جي ڪتابن
بابت ڄاڻ ڏني. سڀني دوستن ۽ بزرگن جا احسان جن مون
کي هن علمي ڪم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي ۽ آخر ۾ آئون امان
الله چنه جو به شڪريو ادا ڪندس جنهن منهنجي ٿيسز
کي ڪمپوز ڪرڻ ۾ پنهنجا سڀ ڪم ڇڏي منهنجي ٿيسز کي
ڪمپوز ڪيو.
ذوالفقار علي جلباڻي
مقدمو
سنڌ جي
ساهتي پرڳڻي ۾، ڪيترائي ناميارا عالم ۽ اديب، شاعر ۽ سگهڙ
پيدا ٿيندا رهيا آهن. انهن عالمن ۽ اديبن ۾ غلام
رباني آگري جو نالو پڻ عزت جي نگاهه سان ورتو وڃي
ٿو. جيڪو سنڌي زبان جو منفرد ۽ عظيم نثر نگار هو.
جنهن سنڌي زبان ۾ مختلف موضوعن تي ڪي شاندار ڪتاب
لکي، سنڌي ادب ۽ ٻولي جي خدمت ڪئي آهي. هن ٿيسز ۾
”غلام
رباني آگري جي سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتن جو تنقيدي
جائزو“ پيش ڪيو ويو آهي. مذڪوره تحقيق جو مقصد هي آهي ته، غلام
رباني آگري جي ادبي خدمتن کي عوام تائين گهڻي کان
گهڻو متعارف ڪرائي سگهجي. ٽن سالن جي ڪوششن
سان هن مواد کي نه سهيڙيو وڃي ها ته شايد، غلام
رباني آگري جي شخصيت، لکڻين ۽ عهدن رتبن جي خبر نه
پئجي سگهي ها. لکڻ، پڙهڻ ۽ سمجهڻ وارن کي هن موضوع
جي مطالعي مان اها خبر پوندي ته، غلام رباني آگري،
سنڌي ادب ۾ جيڪو ڪجھ لکيو، اهو سندس ديس واسين سان
وچن ٿيل هيو. پنهنجي همعصر دور جي عالمن، اديبن
وانگر علمي ادبي جيڪي به خدمتون سر انجام ڏنيون سي
سڀ ديس واسين لاءِ آهن. غلام رباني آگري جي سنڌي
ادب لاءِ ڪيل ادبي خدمتن جي پيش نظر هن موضوع کي
ٽن بابن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ ان کان پوءِ ضميما ڏنا
ويا آهن. هن ٿيسز جي ترتيب هن طرح جي آهي:
باب پهرين ۾، غلام رباني آگري جي سوانح حيات جنهن ۾، سڀ کان اول
سنڌ جو مختصر لفظن ۾ تعارف ۽ ان کان پوءِ، غلام
رباني جي جنم ڀومي ڳوٺ محمد خان آگري جو تعارف
اهڙيءَ طرح، غلام رباني آگري جي خاندان جو تعارف
پيش ڪيو ويو آهي. تنهن کان پوءِ اهو ثابت ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي وئي آهي ته سنڌ ۾، هن قبيلي جا ماڻهو ۽
ڳوٺ ڪٿي ڪٿي آهن. ان کان پوءِ غلام رباني آگري کي
ادبي لحاظ کان ساهتي پرڳڻي جي قدآور شخصيت ثابت
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. تنهن کان پوءِ، غلام
رباني آگري جي ولادت، تعليم بابت هڪ سرٽيفڪيٽ شامل
ڪيو ويو آهي، اُن مان سندس بنيادي تعليم جي حقيقت
جي ثابتي ملي ٿي. اهڙيءَ طرح هن باب ۾، سندس شخصيت
رهڻي ڪهڻي، پوشاڪ ۽ اخلاق بابت ٻڌايو ويو آهي.
تهڙي طرح هن باب ۾، سندس ملازمت کان ويندي ادبي
ذوق ۽ ادبي دائري بابت مختصرطرح هن باب ۾ وضاحت
ڪئي وئي آهي. سياسي شعور کان وفات تائين هن باب جو
تعين ڪيو ويو آهي. انهن بنيادي شين کان سواءِ هن
مقالي جو اڳتي وڌڻ ناممڪن ٿي پوي ها، تنهنڪري
مذڪوره چيزن جو ذڪر ضروري هو.
باب ٻئي ۾ غلام رباني آگري جي قلمي پورهئي جو تعارف ۽ تبصرو بيان
ڪيل آهي. هن باب ۾ هي به، معلومات ڏنل آهي ته،
غلام رباني آگري پنهنجي دور ۾ ڪهڙاڪتاب لکيا آهن ۽
ڪهڙي ڪتاب ۾ ڪهڙو موضوع ۽ ڪهڙي مقصد ۽ ڪهڙي رنگ
ڍنگ سان پيش ڪيو آهي. ڇا بابت آهي؟ ۽ اهي ڪتاب
ڪهڙن ادارن ڇپرايا آهن. هن ئي باب ۾ غلام رباني
آگري جي مضمونن جو تعارف ڏنو ويو آهي، ۽ اهي مضمون
ڪهڙن ڪتابن ۽ ڪهڙن رسالن ۾ شايع ٿيل آهن، تن جو
مختصر تعارف ڏنو ويو آهي ۽ غلام رباني جي قلمي
پورهئي جو تنقيدي ۽ تحقيقي حوالي سان تجزيو پيش
ڪيو ويو آهي. غلام رباني آگري جي ڪهاڻين/ افسانن،
سوانح عمرين، خاڪن، مقالن، مشاهيرن جي تذڪرن،
سفرنامن تي تبصرا ڪري ان جي اصولن جي تشريح ڪئي
وئي آهي.
باب ٽئين ۾، غلام رباني آگري جي بحيثيت نثر نگار اديب واري حثيت کي
متعين ڪيو ويو آهي. مذڪوره مقالي جي باب جي پهرئين
حصي ۾، غلام رباني آگري جو علمي ادبي دائرو مقرر
ڪيل آهي، ته غلام رباني آگري ڪهڙن موضوعن تي قلم
کنيو آهي. اهي سمورا اصول ماهرن جي ڏسيل ۽ ٻڌايل
قاعدن کي ڌيان ۾ رکي هي باب مڪمل ڪيو ويو آهي.
غلام رباني مرحوم جو هڪ زور آور ادبي پهلوهڪ
ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ به آهي، ان پنهنجي ڪهاڻين ۾
جيڪو سماج ۾ شعور پکيڙيو آهي، سو هرلحاظ کان قابِل
تعريف آهي. سنڌ جي علمي ۽ ادبي حلقن ۾ سندس
ڪهاڻيون ان حساب سان ڪيتريون ڪامياب آهن، تن
ڳالهين جو فني ۽ فڪري تقابلي جائزو وٺي، نچوڙ ۽
نتيجو ڪڍيو ويو آهي. سندس ڪهاڻين ۽ همعصرن جي
ڪهاڻين مان ٽڪرا ۽ حوالا ڏنا ويا آهن. غلام
ربانيءَ جي هڪ ادبي حيثيت هڪ مضمون نگار واري به
آهي انهيءَ پهلوءَ کي مدنظر رکي تن جي معلومات ڏني
وئي آهي. ۽ ان کانپوءِ ان وقت جي مضمون نگارن جو
به جائزو ورتو ويو آهي. هن ئي باب ۾ غلام رباني
آگري جي سفر نامن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، ۽ انهن
جاين، ماڳن، مڪانن ۽ ملڪن جو احوال ڏنو ويو آهي
جيڪي غلام رباني آگري گهمي ڦري ڏٺا تن ماڳن، مڪانن
بابت پنهنجي ڪيفيت ظاهر ڪندي اتان جي مقامي
ماحول، سياسي ۽ سماجي پسمنظر کي پنهنجي سفر نامن ۾
اجاگر ڪري سنڌ واسين کي معلومات ڏني آهي. انهن
سفرنامن جي سنڌ ادب ۾ ايتري حيثيت ڇو آهي؟ تن
ڳالهين جو احوال هن باب ۾ ڏنو ويو آهي. غلام رباني
آگري جي ادبي پاسن ۾ هڪ پاسو سوانح نگار وارو به
آهي جيڪو سندس ڪتابن جي جائزي مان معلوم ڪري سگهجي
ٿو ته، سندس ڪتابن ۾ جيڪو سوانح نگاري جو فن ملي
ٿو، اُن جي فني حوالي سان ڇنڊ ڇاڻ ڪري پرک ڪئي وئي
آهي. ان فن ۾، غلام رباني آگري جي سوانح نگاري ۾
ڪهڙي حيثيت هئي ۽ پنهنجي دور ۾غلام رباني هن فن کي
نڀائڻ ۾ ڪيترو ڪامياب ٿيو آهي ۽ سوانح عمرين جو
فني، فڪري ۽ تقابلي جائزو وٺي نتيجو ڏنو ويو آهي ۽
پوءِ سوانح نگاري جي شعبي ۾ غلام رباني جي سوانح
عمرين جي فني اصولن کي پرکي غلام رباني آگري جي
حيثيت جو تعين ڪيو ويو آهي. هن ئي باب ۾ غلام
رباني آگري ڪن مضمونن جا جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجما
ڪيا آهن تن بابت معلومات ڏني وئي آهي. غلام رباني
جو سنڌي زبان ۾ ترجمن ڪرڻ ۾ ڪهڙو ڪردار آهي ۽
مترجم جي حيثيت سان ترجمي ڪرڻ جي لوازمات تي ڪيترو
عمل ڪيائين. انگريزي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪن مضمونن کي
سنڌيءَ جو ويس ڍڪائي پيش ڪيائين تن جو تعارف ڏنو
ويو آهي. ۽ ترجمي جي اهميت ۽ افاديت بابت به هڪ
مضمون لکيائين جيڪو اردو زبان ۾ شايع ٿيل آهي ۽ ان
کان علاوه ٻين صنفن بابت مضمون ۽ ڪي تحقيقي مقالا
لکيائين تن جي مواد ۽ معلومات مان جيڪو نتيجو آڏو
آهي اُن جو مختصر ذڪر ڪيو ويو آهي.
هن مقالي جي پڄاڻي ضميمن سان ڪئي وئي آهي. انهن ضميمن ۾ پهرين رباني
جي تقريرن جو ذڪر آيل آهي ۽ پوءِ سندس ڊائريون تن
بابت ڪي اشارا ڏنا ويا آهن. مذڪوره ضميمن ۾ رباني
جي خطن جو به ذڪر ڪيو اٿم ۽ ڪجھ رباني جي هٿ اکرن
وارن خطن جا عڪس ڏنا اٿم. ضميمن ۾ اڻڇپيل مواد جو
ذڪر ڪيو اٿم. مذڪوره تحقيق ۾ اسان غلام رباني
آگري جي تحريرن جي مختلف علمي ادبي پهلوئن جي ڇنڊ
ڇاڻ ڪري ان کي ذڪر هيٺ آندو آهي. غلام رباني آگري
جو هڪ اردوزبان ۾ انٽرويو دستياب ٿيو آهي. تحقيق
جي طالب علم انهيءَ اردو انٽرويو کي سنڌي ۾ ترجمو
ڪري رکيو آهي. اسان سندس ادبي ڪتابن مان ڪي نقطه
نظر مان ڪڍندي ان جو جائزو وٺي پنهنجي تحقيق کي
مڪمل ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي. مذڪوره تحقيق
لاءِ، مختلف عالمن ۽ اديبن جا مقالا ۽ مضمون آڏو
رکي انهن تان به، استفادو حاصل ڪيو ويو آهي. سنڌ
جي مختلف رسالن ۾ مواد کي آڏو رکي تن مان معلومات
حاصل ڪري، غلام رباني آگري جي ڇپيل مواد جو به
تجزيو ڪيو آهي، جنهن ۾، سنڌي ۽ اردو ۾ لکيل محققن،
نقادن، تخليقڪارن ۽ سنڌ جي ادبي تاريخن بابت لکيل
ڪتابن، مضمونن، تحقيقي مقالن، رسالن، اخبارن ۽ ٻين
ڪيترن ذريعن سان ڪيترو ئي مواد تحقيق جي دوران نظر
هيٺ رهيو آهي. مذڪوره سمورن ذريعن کان استفادو
حاصل ڪري هن تحقيقي مقالي کي مڪمل ڪيو آهي. تحقيق
هڪ خشڪ ۽ احتياط سان ڪم ڪرڻ وارو عمل آهي ۽ ان
لاءِ ڪن قائدن ۽ قانونن جي پاسداري ڪرڻ لازم امر
آهي. اهڙي طرح تحقيق وارو ڪم حرف آخر نه هوندو آهي
ان ۾ تبديليون اينديون رهنديون آهن. ڪوبه محقق
جڏهن ڪنهن ڪتاب لکڻ تي پورهيو ڪري ٿو. ان لاءِ
محقق جي وڌ ۾ ڪوشش هوندي آهي ته، ڪن نين شين جو
ذڪر ڪيو وڃي جيڪي اڳ ۾، تحقيق هيٺ نه اچي سگهيون
آهن. محقق کي هر هڪ شيءِ جو صحيح رخ بيان ڪرڻ لاءِ
وڏا جتن ڪرڻا پون ٿا. محقق جي اها دلي خواهش هوندي
آهي، ته سندس محنت عوام اڳيان اچي ۽ عوام ان جو
قدر سڃاڻي. هن تحقيق جي مڪمل ٿيڻ سان سرهائي محسوس
ڪري رهيو آهيان. هي ڪم اوهان سامهون پيش ڪري نه
فقط ڊگري پر هڪ سنڌي اديب ۽ ڏاهي، مدبر شخص جي
ادبي خدمتن کي اجاگر ڪرڻ جي ننڍڙي ڪوشش ڪئي اٿم.
مان پنهنجي قابل احترام بزرگ استاد ۽ هن ڪم جي
نگران پروفيسر ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب جو نهايت
ئي ممنون ۽ مشڪور آهيان جيڪو ڪيترين ئي مصروفيتن
جي باوجود پنهنجو قيمتي وقت ڏئي منهنجي هر لحاظ
کان هن ڪم ۾، ممڪن مدد ڪندو رهيو سندس تربيت کان
سواءِ هي ڪم اهڙي نوعيت سان نه ٿي سگهي ها.
حاصل مطلب ته، هر لحاظ کان هي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته، غلام رباني
آگري جي ادبي تحقيق جي حوالي سان سندس هرهڪ تحقيق
جي جزي ۽ حصي جو، هن ٿيسز ۾ ذڪر پيش ڪيو ويو آهي
جيستائين تحقيق جي طالب علم جي پهچ ٿي آهي، سو
ادبي دنيا وارن آڏو پيش ڪيو اٿم.
ذوالفقارعلي جلباڻي |