تاج محل
تاج محل جي ٺهڻ جو تاريخي سبب، عجائبات
۾ داخلا، مغل خاندان جي تاريخ، شاهجهان جا ڪرتوت،
عمارات شاهجهان،مغلن جي زوال بابت احوال ڏنو ويو
آهي. تاج محل جي حقيقت جو احساس انهن ماڻهن اڳيان
اڀري ٿو جن تاج محل ڏٺو آهي. ڏسڻ جو احساس محسوس
ڪري اهي ماڻهو هن مضمون کي ور ور پڙهندا رهندا.
گويا تاج محل جو اهي غلام رباني سان گڏ سير ڪرڻ جو
مزو محسوس ڪندا. اهو رباني سچ لکيو آهي، جيڪو ڏسي
ان تي اعتبار ڪري ۽ جيڪي ٻڌي ان کي ويساهه ۾ آڻي.
12سنڌ جا بَرَ، بَحَرَ ۽ پهار
غلام رباني آگري جو، مذڪوره
عنوان سان هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ 1997ع ۾، شايع
ڪيو آهي. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو تحقيق جي طالب علم
وٽ موجود آهي، جيڪو ساڳي اداري سنڌي ادبي بورڊ
اپريل 2005ع ۾ شايع ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ پنجاب
جي ٽن مکيه ڪردارن پير محمد شاهه روضي ڌڻي، غوث
بهاول الحق ملتاني ؒ۽ قلندر شهبازؒ جي زندگي جا
احوال تاريخي حوالن سان مصنف جي مطالعي هيٺ آيا
آهن. ٻين ڪتابن وانگر غلام رباني آگري جو، هي ڪتاب
ڏاڍودلچسپ آهي. ڪجھ قصا گوئي ۽ ڪجھ تحقيقي ڳالهيون
ذڪر هيٺ آنديون ويون آهن، ليڪن ڪتاب ۾ وڻندڙ نثر
سان سنڌي ٻوليءَ لاجواب استعمال ڪري، ٽنهي بزرگن
جي ڪيترين ئي دلچسپ ڳالهين جو تذڪرو بيان ڪيو ويو
آهي. مذڪوره ڪتاب ۾، ڪن تحقيقي حوالن جي روشني ۾
قلندر شهبازؒ جي زندگي ۽ ان جي سير سفر ۽ ٻين
بزرگن سان روحاني ملاقاتن جو تفصيلي احوال هن ڪتاب
جي خاص زينت آهي. ڪتاب جو انتساب ارنيسٽ ٽرمپ، ايڇ
- ٽي سورلي ۽ ڊاڪٽر ائنيمري شمل جي نالي ٿيل آهي.
ڪتاب ۾ مٿي بيان ڪيل ٽن بزرگن جو پيرائتو ۽ تفصيلي
ذڪر ڪري ان وقت جي سياسي، سماجي حالتن کي به ذڪر
هيٺ آندو ويو آهي. ڪتاب جي مطالعي مان جا ڳالھ آڏو
آهي ته، غلام رباني آگري هن ڪتاب ۾ پنهنجي مطالعي
جو نچوڙ پيش ڪيو آهي. اهو سمورو پورهيو غلام
رباني آگري جي هن تصنيف مان ظاهر نظر اچي ٿو. هن
ڪتاب کي جڏهن گهرائي سان اڀياس ڪجي ٿو ته، ان جي
مواد ۾ ڪيئي علمي ۽ ادبي ڳالهيون، مدبرن جا قول ۽
شعرن جي چونڊ مان غلام رباني آگري جي علم ادب سان
وابستگي ۽ مطالعي جي ڀلي ڀت خبر پوي ٿي ته، هو
ڪيڏو نه بلند درجو رکندڙ اديب جو اهڙو ڪتاب تصنيف
ڪري سنڌ جي تاريخ ۽ ادب ۾ اهم واڌارو ڪيوويو آهي.
تحقيقي ۽ تنقيدي حوالي سان جڏهن ادبي ڪسوٽي تي
انهيءَ ڪتاب جي پرک ڪجي ته، ان مان اهو معلوم ٿئي
ٿو ته، هي ڪتاب سوانح نگاري جي فن تي پورو لهي ٿو.
عالمن جو خدمتون سنڌ لاءِ ۽ خاص طور شاهه ڀٽائي تي
۽ سنڌي ٻولي بابت مشهور آهن هي ڪتاب اها کوٽ پوري
ڪرڻ جي حوالي سان هڪ بهتر ڪوشش آهي. ليکڪ طرفان
لکڻ لاءِ اُتم ڪردارن جي چونڊ ڪري انهن جي علمي ۽
عملي زندگيءَ بابت ڏنل تفصيل ۽ سندن زندگي ۽
حاصلات تي جامع نظر واري نڪتي سان هرهڪ بيان ۾ هن
ڪتاب کي انفراديت بخشي ڇڏي آهي. سمورو ڪتاب 410
صفحن تي مشتمل آهي جيڪو غلام رباني آگري جي محنت
جو نچوڙ آهي.
غلام رباني آگري جي مضمونن تي تبصرو
سنڌ ڪلچر تي هڪ نظر
غلام رباني آگري جي تحريرن جي مطالعي
مان هي ڳالھ ظاهر ٿي آهي ته، ادب
جي
شروعات ڪهاڻين سان ڪئي آهي. ان کان پوءِ ٻين ڪيترن
ئي صنفن تي قلم کنيائين. ڪهاڻين کان علاوه
”مضمون
نويسيءَ“ جي صنف ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. ڪهاڻين
وانگر سندس مضمون ۾، به اها ادبي ڪششش ڏٺي وئي
آهي. قلم جو ڪرشمو ساڳيءَ طرح اهڙو ته منفرد،
مدلل، مؤثر ۽ من موهيندڙ حيثيت رکي ٿو. سندس نثري
ادب ۾ بلا شبه هڪ فخر لائق ڪارنامو آهي، جنهن لاءِ
ثابتي ڏيڻ لاءِ سندس ڪتاب ۾
”آب حيات“،
”جھڙا گل گلاب جا“ ۽ ٻيون ڪي ئي تحريرون موجود آهن.
”سنڌي ڪلچر“ جي موضوع تي غلام رباني جي فڪر انگيز مضمونن جو هيءُ مجموعو
پڻ هڪڙي اهڙي سهڻي سلسلي جي ڪڙي آهي. جن موضوعن تي
قلم کنيو ويو آهي، انهن جو تعلق انساني زندگي سان
آهي. انهن مضمونن مان مان ائين ڀائنجي ٿو ته مصنف
زندگيءَ جي ننڍين ننڍين ڳالهين کي ويجھو ڏٺو آهي.
هر ڳالهه کي چڱي طرح پرکيو ۽ پروڙيو آهي ۽ حقائق
معلوم ڪيا آهن. هن ڪتاب ۾ ڪل چوڏهن مضمون آهن، فن
جي لحاظ کان ته هي مضمون وڏي اهميت رکن ٿا. مصنف
لفظن کان اهم ڪم ورتو آهي. ٿورا جملا پاڻ ۾ علم ۽
حڪمت جو درياءُ رکن ٿا. هن جي هيٺ مکيه مضمونن جو
تعارف ڏجي ٿو.
1- وري ورندو واءُ، وري وسندا مينهڙا
غلام رباني آگري جي لکتن ۾ ان ڪري گهڻي ۾
گهڻي ڪشش هوندي آهي، جو هو اڪثر پنهنجي موضوعن کي
سنڌي شعرن مان چونڊ ڪري پيش ڪندو آهي.
”سنڌي
ڪلچر“ جهڙي اهم موضوع تي هي ڪتاب سون تي سهاڳو
آهي. مذڪره ڪتاب ۾ هي پهريون مضمون آهي جنهن ۾،
غلام رباني پنهنجي دوست مسٽر جعفر، انڪم ٽيڪس
ڪمشنر حيدرآباد، جي يادن کي سهيڙيو آهي. هن مضمون
۾ ڪاليج جي يادگيرين کي قلمبند ڪيو آهي. مضمون ۾
فلسفي کان وٺي وڏن عالمن افلاطون، ارسطو ۽ سقراط
بابت لکي ٿو ته: “يونان جي مٽي هاڻي افلاطون،
ڪوارسطو ڪو سقراط پيدا ڇونه ٿي ڪري؟ ۽ پوءِ سنڌيءَ
جي عظمت ۽ تاريخ بابت ٻڌايو ويو آهي. هن مضمون ۾
ڪي ئي فلسفي ڳالهيون ۽ ويچار ڏنل آهن.
2- ان پر نه ايمان جيئن ڪلمي گو ڪوٺائين
هن مضمون ۾ با مقصد زندگي گذارڻ جا
رهنما اصول ٻڌايا ويا آهن. سج جي اڀرڻ ۽ لهڻ،
مهاتما گوتم ٻڌ ۽ حضرت عيسٰي، حضرت محمد صلي الله
عليہ
وآلہ وسلم بابت ٻڌايو ويو آهي. سيرت جي ڪتابن
جو مطالعو هر مسلمان لاءِ ضروري آهي. اسان شاهدي
ڏيون ٿا ته الله هڪ آهي، اسان شاهدي ڏيون ٿا ته
محمد صلي الله عليہ
وآلہ وسلم الله جو رسول آهي. اهڙيون ڳالهيون هن مضمون کي زينت
بخشين ٿيون.
3.
سارو ئي سبحان:
هن مضمون جي شروعات شهيد عبدالرحيم
گرهوڙيءَ جي بيت سان ڪيل آهي، ڪلچر لفظ تي بحث ڪيو
ويو آهي ۽ ڪلچر لفظ جي معنيٰ ٻڌائي وئي آهي.
4.
سنڌ جي تهذيب ۽ سنڌو نديءَ جي شروعات:
هن مضمون ۾ پيٽرهارڊيءَ جي قول مان نگاهه
وجھي
”سنڌي
ڪلچر“
جي اوسر ۽ ارتقا کي متاثر ڪيو آهي. سنڌ جي
عالمن ۽ صوفن بزرگن، مخدوم بلاول، شاهه عنايت
شهيد، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست جو ذڪر ڪري
فلسفو سمجهايو آهي.
5.
فيضي ۽ ابوالفضل
هن مضمون جي شروعات شاهه عبداللطيف ڀٽائي
جي بيت سان ڪئي آهي. فيضي ۽ ابوالفضل مُلا مبارڪ
جا پٽ هئا ۽ سندس خاندان اصل ۾ يمن مان آيو هو.
هندستان جي ناگور نالي شهر ۾ ويٺو هو، انهيءَ ڪري
سندس خاندان کي ناگوري سڏيندا هئا. ابوالفضل ۽
فيضيءَ بابت اڪبر بادشاهه بات معلومات ملي ٿي.
6.
موجيم که آسودگي ماعدم ماست
هن مضمون ۾ تصوف ۽ سنڌي ڪلچر بابت بحث
ڪيو ويو آهي. هن مضمون ۾ غلام رباني آگري صوفي
بزگن جي بهادر ۽ بيباڪيءَ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ هن
مضمون وسيلي اهو سمجهايو آهي ته، ڏاڍ ڏمر اڳيان سر
نه جهڪائجي اها پيغمبرن جي سنت آهي. ظلم خلاف جهاد
ڪرڻ. جيئن مخدو بلاول لشڪر جو مهندار ٿي حق ۽
انصاف واري راھ وٺي ظلم خلاف لڙيو. هن مضمون ۾
ليکڪ عقيدن جي روشني ۾ ڪلچر ۽ رسول خدا جي تعليم
بابت، رسول ڪريم جي نبوت بابت، ايذاءَ جون تڪليفون
ڏنائون انهيءَ بابت ذڪر ڪيو ويو آهي.
7- درياءَ جا ڪنارا:
هن مضمون جي شروعات ۾ مضمون نگار اهو به
سمجهايو آهي ته جهڙي طرح درياءَ جا ڪنارا پاڻ ۾
ڪٿي ڪونه ملندا آهن، اتي درياءُ ختم ٿي ويندو آهي.
قيام پاڪستان، هندو ڪلچر خانواهڻ شهر جو ذڪر ڪيو
ويو آهي ۽ هن مضمون ۾
”جھڙا
گل گلاب جا“ عبداللطيف واري عنوان واريون ڳالهيون
ورجايون ويون آهن. ڀڳت ڪنور، الهه بخش سومري جي
قتل بابت آخر ۾ سنڌي ڪلچر جي ڳالهه ڪندي چئي ٿو
”سنڌي
ڪلچر“ کي انسانيت جي انهيءَ معراج تائين پهچائڻ
وارو
”سنڌي
صوفي“ هو.
8- ڏس گذران فقيران دا:
هن مضمون ۾ هندو ۽ مسلمان ڪلچر جو بيان
ڪيو ويو آهي. هي سمورو مضمون نون صفحن تي مشتمل
آهي، جيڪو ڪتاب جي صفحي 75 کان 83 تائين ڦهليل
آهي. مضمون جي اندر رابندر ناٿ ٽئگور، پروفيسر
ڪي.ايم.سين راين کان ويندي ڀڳتي تحريڪ جي ٽن
شخصيتن ڪبير، ميران ٻائي ۽ گرونانڪ جو ذڪر ڪيو ويو
آهي. دادو جي سنڌي ڪلام جو نمونو ڏنو ويو آهي.
9 قابل فخر سرمايو
هن مضمون ۾ غلام رباني مرحوم سنڌي ڪلچر
کي پاڪستاني ڪلچر جو قابل فخر سرمايو قرار ڏنو ويو
آهي هن مضمون ۾ تاريخ مظهر شاهجھاني، ادبي بورڊ،
حضرت شاهه ولي الله محدث دهلويءَ جي لفظن جو بيان
ڪيو آهي، ته
”حضرت
شاهه ولي الله محدث دهلويءَ چيو ته فقط سنڌ ۽
گجرات ۾ صحيح تعليم رائج هئي.“
(ص: 88) ويهن ٺٽي جي خطاطن جا نالا ڏنا ويا آهن ۽
سنڌي علمي ادبي ساک بابت ڄاڻ ڏنل آهي.
10. شهر- ڪلچر جو منظر
هي جي توڙي عام رواجي مضمون آهي، پر هن ۾
ليکڪ سٺو نڀاءُ ڪيو آهي، پر ڪٿي ڪٿي ٻولي ۾ جهول ۽
ٿوريو گهٽ وڌايون محسوس ٿين ٿيون.
11.
سنڌي ساهت ۽ سنڌي عورت:
جيئن ته هي عنوان پڙهي اندازو ڪيو هيم.
اهو اندازو غلط نڪتو، هي مضمون انتهائي اهم مسئلي
کان هٽيل نظر آيو. هن مضمون هڪ شعر ڏنل آهي.
نياڻيون به آهين نيڻن جا تارا،
ڪريو ڪين بي علم تن کي خدارا.
(ص: 110)
12-
شهر - ڪلچر جو سرچشمو:
هن مضمون ۾ ڪٿي ڪٿي ليکڪ اڻٺهڪندڙ جملا استعمال
ڪيا آهن، ليکڪ پنهنجي مضمون ۾ جيڪو ربط ۽ ضبط جو
خيال مڙئي گھٽ ڪيو آهي، هِتان ، هُتان جون ڳالهيون
هڻي مضمون کي پورو ڪيو آهي.
13-
صاحب ساري سنڌ تي:
هن مضمون جي شروعات مصري شاهه جي بيت سان ڪئي وئي
آهي، جيڪو هن طرح جو آهي:
صاحب ساريءَ سنڌ تي بادل برسائينس.
مصري ملائينس، کنڊ وانگر کير ۾.
(ص: 126)
هن مضمون جو عنوان به ڪشش ڪندڙ آهي پر مضمون
جي اندر اردو جو محاورو ۽ مٿان وري اسٽوري آف سينٽ
مائل جي مصنف جو قول وري مٿان راڌن ڪرشن جا قول
مضمون ۾ مزو گھٽ پر وڏا نقل نظير زياده نظر اچن
پيا. اهي پڙهندڙن کي ٿڪائين ٿا، پر مضمون نگار جي
محنت کي به داد ڏجي ٿو.
14-
سنڌ جون ممتاز علمي شخصيتون (مولانا عبيدالله
سنڌي)
هي ڪتاب جو آخري مضمون آهي. جنهن ۾، شهرن، ڳوٺن کي
سنڌي ڪلچر جو مظهر چوندي، غلام رباني آگري پنهنجي
مضمونن ۾ اهڙيون ڳالهيون شامل ڪيون آهن، جن ۾ وطن
جي حب، مشاهيرن بابت، ٻولي بابت، سنڌ جي راجائن
بابت، ڪلچر جو مذهب بابت اثر، موئن جي دڙي مان لڌل
مجسمن، جن موضوعن تي رباني مضمون لکيا آهن، انهن
جو انساني زندگي سان واسطو آهي. غلام رباني آگري
جا هونئن ته گهڻا مضمون آهن پر ڪجهه ٽماهي
”مهراڻ“ جي مختلف پرچن ۾ مضمون شايع ٿيل آهن جن ۾
”رڻ جا راهي“،
”سنڌ
جا ٻرندڙ جبل“،
”جوڳيءَ تي جڙاءُ“،
”اکڙيون
مينگهه ملهار“،
”سامي سنک وڄائي واٽ ٿيا“،
”دارا جا پويان ڏينهن“ بهترين مضمون آهن. مذڪوره مضمونن هڪ سنڌي شخصيت جي فڪر جو
نتيجو آهن ۽ عام سنڌي ٻوليءَ ۾ ورجايل آهن. هن ۾
سواءِ هڪ مضمون
”دارا جا پويان ڏينهن“ کان سواءِ نه ڪنهن ٻئي خيالن جي نڪالي
آهي ۽ نه ترجمو. عبارت ۾ نه ڪا علمي ڪچ وهٽ آهي،
نه ڪا هٿرادو ٺاهه ٺوهه هر ڳالهه ۾ عالمن ۽ اديبن
ڏانهن ۽ دانشورن جا نڪتا ڪجهه تاريخي ڪتابن جا
حوالا آهن. سڀني مضمونن ۾ سولا جملاڪم آندل آهن ۽،
لفظن جي معنيٰ مبهم نه رکي وئي آهي. جيئن شروعات ۾
چوڏهه مضمون جو ذڪر ٿيل آهي. غلام ربانيءَ جي
مضمونن ۾ سنڌي ثقافت ۽ ڪلچر کي دل کولي بيان ڪيو
ويو آهي. ٻئي حصي جي مضمونن ۾
”رڻ
جا راهي“
۾ ادب لطيف جو بيان ڪيل آهي جنهن ۾ رباني مرحوم
لکي ٿو ته: “هر بيقرار روح سونهن ۽ ساڃاهه لاءِ
سڪندو رهي ٿو، مون به رابيلن ۽ گلابن جا خواب ڏٺا
چوندا آهن ته ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو جا خواب سچا ٿيندا
آهن، زندگي جي صحرا ۾ خيابان ۽ نخلستان ايندا آهن.“(23) هن مضمون ۾ ويهينءَ صديءَ جي وڏن
سائنسدانن جا حوالا ڏنا ويا آهن انهن ۾ البرٽ
آئنسٽائن جو به ذڪر ڪري ٿو، ٻئي طرف فلسفا عجم جا
مثال دليل، ابن سينا، مونا ليزا، مولوي غلام مصطفيٰ قاسمي جون ڳالهيون ڪيون آهن. ۽ آخر ۾ چوي
ٿو ته:
”مان
اجنبي مسافر وانگر، دنيا جي طلسم مان ايئن حيرت ۽
حسرت سان لنگهيس جئين ڪو نادان ڀري بازار مان هٿين
خالي گذري.“(24)
”سنڌ جا ٻرندڙ جبل“
هن مضمون جي شروعات هيئن ٿو ڪري:
”مخدوم
معين ٺٽوي پنهنجي دور جو هاڪاري عالم هو ۽ صحيح
معنيٰ ۾ وڏو ماڻهو هو، ڀٽائي صاحب جو پڳ مٽ يار هو، مخدوم معين
ٺٽوي جي جنازي نماز به ڀٽائي صاحب پڙهائي هئي.“(25) هن مضمون ۾ رباني مرحوم مخدوم معين ٺٽوي جي تعليم توڙي
بزرگيءَ جو ذڪر ڪيو آهي. پير علي محمد راشدي ۽ ٻين
ماڻهن جي روايتي اصولن، مخدوم محمد دائود آگرو جي
طالب علميءَ جي زماني جي ڳالهه ڪئي آهي، ته ان
زماني ۾ پير سائين پاڳاري حضرت محمد راشد روضي
ڌڻيءَ سان گڏ پڙهيو هو، ڪوٽري محمد ڪبير جي مدرسي
۾، علامه غلام مصطفيٰ
قاسمي صاحب کان جيڪا ڳالهه ٻڌي اٿس، اها به بيان
ڪئي اٿس.
غلام رباني آگري مرحوم جون سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ
ڪيل خدمتن کي هن مقالي ۾ پيش ڪرڻ لاءِ هر ممڪن
ڪوشش آهي. غلام رباني آگري ڪيترين ئي شخصيتن جي
علمي ۽ ادبي پاسن ۽ يادگيرين تي مضمون قلمبند ڪيا
آهن. ٽماهي
”مهراڻ“
سندس ادبي ڪم جي وڏي سڃاڻپ پڻيل آهي. جنوري- مارچ 1997ع جي پرچي نمبر 1، ۾
”پير علي محمد راشدي“ جي شخصيت بابت هڪ مضمون ملي ٿو، جيڪو
مذڪوره پرچي جي صفحي 33 کان 50 تائين پکڙيل آهي.
هن مضمون ۾، پير صاحب جي ڪيترين ئي يادن کي سهيڙي
محفوظ ڪيو ويو آهي. پير علي محمد راشدي جي پهرين
ملاقات بابت غلام رباني آگرو لکي ٿو ته:
”راشدي
صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات 1958ع ڌاري ٿي. سندس
ننڍي ڀاءُ پير حسام الدين راشديءَ سان، سنڌي ادبي
بورڊ جي نوڪري سببان، گهري گهاٽي واقفيت ٿي وئي
هئي. اڪثر وٽس ايندو ويندو هوس. اوچتو کيس دل جو
دورو پيو. پير علي محمد راشدي تن ڏينهن ۾ وزارت
اطلاعات ۽ نشريات ڇڏي، فلپائينس ۾ پاڪستان جو سفير
ٿيو هو ۽ حسام الدين راشديءَ جي بيماري جي خبر ٻڌي
ڪراچيءَ آيو هو. مان پير صاحب جي طبيعت معلوم ڪرڻ
لاءِ گهر ويس ته راشدي صاحب لائبريريءَ ۾ ويٺو هو.
ٻنهي ڀائرن جا مهانڊا ملندڙ هئا. مان کيس ڏسي حالي
ته ڀُهلجي (ڀلجي) پيس ته سائين حسام الدين راشدي
ويٺو آهي“ (26)
ان کان علاوه ٻين ڪيترين ئي علمي ادبي شخصيتن تي،
غلام رباني آگري مضمون لکيا آهن، ۽ انهن مضمونن جي
عنوانن جي چونڊ به وڻندڙ آهي مثال:
”اکيون مينگهه ملهار“ هي مضمون تنوير عباسي جي ياد ۾ لکيو ويو هو. هن مضمون ۾
ڦليلي ڪاليج واريون يادون ۽ ان دور جي تصوير، توڙي
تنوير جي والد صاحب مرحوم گل حسن، ۽ ان جي خاندان
جون ڪي يادون سانڍيون ويو آهن، تنوير عباسي جي
خاندان کان وٺي ڪراچي هوٽل جون ڪچهريون، انسان جي
حياتي ۽ هن جهان ۾، سندس هن جهان بابت، انسان
زندگي جي مقصد بابت چڱو بحث ڪيل آهي. هن مضمون ۾
مولانا غلام محمد گرامي جي تصوير ۽ تنوير جي
خاندان بابت، تنوير، ڊاڪٽر قمر، مارئي، سرمد ۽
پارس جون گڏ تصويرون ڏنل آهن.
هن مضمون ۾ تنوير جي علم دانش ۾ دلچسپي، سچل سرمست
جا شعر، تنوير جي شخصيت بابت لکي ٿو ته:
”تنوير جي شخصيت ۾ محبت جي ماکي هئي، مٺو
ماڻهو هو، مٺو ڳالهائيندو هو، نفيس ۽ نرم مزاج
هو، ڪاوڙ ڪونه ڪندو هو، يارن جو يار هو، پر دشمنن
کي به در گذر ڪرڻو وارو هو، بلڪه معاف ڪرڻ وارو به
هو، وير ته ڪون وٺندو هو پر ميار ڪونه ڏيندو هو،
گلا غيبت نه ڪندو هو، نه ٻڌندو هو.“(27)
هن مضمون ۾ تنوير بابت مڪمل ڄاڻ ڏني اٿس. جنهن ۾
فن فڪر ۽ شخصيت اچي وڃي ٿي.
”سامي سنک وڄائي واٽ ٿيا“ هي مضمون ڊاڪٽر مهڪري بابت لکيل آهي.
غلام رباني هن مضمون جي شروعات ۾ لکي ٿو ته:
”ڊاڪٽر صاحب جڏهن به ڪنهن سان ملندو هو، ته پنهنجو تعارف
”جي.ايم مهڪري“
لفظن سان ڪرائيندو هو. مضمونن ۾ به پنهنجو نالو
ايئن لکندو هو. سو، گهڻن ماڻهن سندس اصلي نالي جي
خبر ڪانهي سندس نالو غلام محي الدين هو ۽ ذات جو
مهڪري هو.“(28)
هن مضمون ۾ مهڪري جو تعارف ڪرايو آهي ته مهڪري
”ميسور“ پاسي جي ذات آهي. ڊاڪٽر مهڪري هندستان جي
ورهاڱي کان ستت پوءِ ٻين مهاجرن وانگر ڪراچي لڏي
آيو هو. هن مضمون ۾ ڊاڪٽر مهڪري ۽ پنهنجن يادن کي
رباني صاحب ياد ڪيو آهي. رباني ۽ مهڪري جي
1975-1976ع ۾ پهرين ملاقات جو ذڪر ٿيل آهي ۽ ان
کان پوءِ مضمون نگار ۽ ڊاڪٽر مهڪري گهرا ۽ گهاٽا
يار ٿي ويا. هن مضمون ۾ جيز مين جو انگريز هو،
ڊاڪٽر حميده کهڙو، سائين غلام مصطفٰي قاسمي، قاضي
غلام محمد قريشي، مظهر يوسف، نور احمد خان لغاري،
محمد حسين پنهور، قاضي غلام محمد ۽ ٻيا کوڙ سارا
عالم ۽ ڏاها ۽ ٻيون يادون هن مضمون جون زينت آهن.
”دارا
جا پويان ڏينهن“
هي مضمون نڪو لائيءَ منوچيءَ جي اطالوي زبان ۾
لکيل
”سوريا
دو مور“
تان ترجمو ٿيل آهي. اهو ڪتاب سن 1906ع ۾، لنڊن مان
چئن جلدن ۾ شايع ٿيو هو. هن ڪتاب جي چئن جلدن جو
انگريزي ترجمو رباني صاحب پڙهيو هو، جنهن ۾ شهزادي
دارا واري مضمون رباني کي ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ پوءِ
غلام رباني آگري هن مضمون کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو
ڪيو هو.
مضمون پڙهڻ وٽان آهي ۽ مسلمانن جي بادشاهه شاهه
جهان ۽ سندس پٽن جي دور جي هن مضمون ۾ تاريخ ملي
ٿي. غلام رباني لکي ٿو ته:
”دارا
جو ٻيو ارادو اهو هو، ته ايران هليو وڃي جو گهڻو
پري ڪونه. آزانسواءِ، ايران ڏانهن ويندڙ رستي تي
کيس جيوڻ خان سان ملڻ جي اميد هئي، جو هندستان جي
مغل سلطنت ۽ ايراني سلطنت جي دنگ تي، وڏي جاگير جو
مالڪ هو.“(29)
غلام رباني آگري مرحوم جي مڪمل مضمونن جو جائزو نه
ورتو ويو آهي پر مخصوص مضمونن جو مٿي جائزو پيش
ڪيو ويو آهي اها ڳالهه معلوم ٿي ته مصنف جيڪي
مضمون لکيا آهن
تن مان معلوم ٿئي ٿو ته،
ليکڪ کي نثر تي چڱي دسترس حاصل آهي جنهن ۾ سندس
خيالي بياني، فيلسو فيانه مضمون بيان ڪيا ويا آهن.
غلام رباني آگري جي مضمونن ۾ جيڪا سنجيدگي ۽
گهرائي نظر اچي ٿي. سا صاف ٻڌائي ٿي ته هو مضمون
جي لکڻ وقت
نثر نويسيءَ جي عظمت ۽ رفعت کان چڱي طرح واقف آهي،
سندس مضمونن ۾ جا بلند خيالي ۽ علمي ترقي
واسطي
سنڌي ادب لاءِ خدمت وارو فرض صحيح معنيٰ ۾ ادا ڪيو
آهي. سندس خدمت وارو فرض پڙهندڙن لاءِ روحاني جذبن
۽ دلي خيالن جي ترجماني ڪري ٿو. غلام رباني جي
مضمونن جون ته کوڙ ساريون خوبيون آهن، ۽
مکيه خصوصيت
اها نظر اچي ٿي ته، هر مضمون جي آخر ۾ ڪنهن نه
ڪنهن مسئلي جي ڇنڊڇاڻ ڪري ڇڏي ٿو، سندس زياده تر
مضمونن ۾ فلسفي ۽ اخلاق جو ڳالهيون بيان ڪيل آهن،
۽ ربانيءَ جي مضمونن ۾ اهڙا به نڪتا بيان ٿيل آهن،
جنهن تي بحث به ڪري سگهجي ٿو، ان جي سڀني اسباب کي
گڏ ڪري نتيجو ڪڍي به سگهجي ٿو.
ڪمال اهو آهي ته بحث ۾ نهايت عام رواجي اصطلاح اچن
ٿا ۽ زبان تي هر هر رڳو مطلب جون به ڳالهيون اچن
ٿيون.
جائزي
مان معلوم ٿيو ته غلام رباني زندگي سان واسطو
رکندڙ هر مسئلي تي روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽
هدايت جي شمع کڻي سڌي رستي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي
آهي، مختلف مسئلن تي بحث ڪندي فقط پرڏيهي عالمن جا
قول نه ڏنا آهن. مضمونن جي جائزي کان پوءِ هي
نتيجو نڪتو آهي ته سندس مضمونن ۾ اسلوب جي دلڪشي ۽
خيالن جي بلنديءَ جي لحاظ کان سندس مضمون هڪ مثالي
نثر جو نمونو آهن، سندس مضمون يا ٻيون لکڻيون ٿوري
وقت لاءِ نه پر جٽادار ۽ ديرپا ثابت ٿينديون.
غلام رباني آگري جي خط نويسي
خطن کي ملاقات جو اڌ سڏيو ويو
آهي. خطن جا ڪيترائي قسم آهن. اسان کي ڪيترائي
ڪتاب ڏسڻ جو موقعو مليوآهي. جن مان ڪي آهن. 1
مڪتوبات محمدي
صلي الله عليہ وآلہ وسلم
(اردو) 2 مڪتوبات امام رباني قدس سره 3 مڪتوبات
خواجه باقي بالله دهلوي قدس سره 4 مڪتوبات
ابوالڪلام آزاد 5. سڄڻن جا سنيها، جمالدين مومن 6
مڪتوبات لنواري شريف ان کان علاوه اخبارن، رسالن ۾
ڪن عالمن، فاضلن ۽ دانشورن جا خط جن ۾ سائين
جي.ايم.سيد، پير علي محمد راشدي، قاضي عبدالمجيد
”عابد“ ۽ ڪن ٻين جا.
خطن ۾ ٻن شخص جي دلي رسم وراهه
جو تعلق هوندو آهي. ڪي خط عزيزن ڏانهن ته ڪي دوستن
ڏانهن ته ڪي وقت جي حاڪمن ڏانهن به ڏٺا ويا آهن.
انهن ۾ شخصي انفرادي ۽ قومي فلاح سمايل هوندي آهي.
خط انساني زندگي جو حقيقي اولڙو آهن، جنهن ۾
شخصيتن جا حقيقي روپ نروار ٿين ٿا، خط پنهنجي ٻولي
۽ ادب کي شاهڪار بنائيندڙ پارا آهن، خطن جي مطالعي
سان لکندڙ جي زندگي جي نفيس ۽ نيارن رخن کان
واقفيت ٿئي ٿي. جئين ته غلام رباني آگري جي خطن جو
تعلق آهي ته ان ڪري انهن تي مجمل خاڪو پيش ڪجي ٿو.
ڪتاب- خظ غبار: ص 56 کان هڪ خط آهي
خط ڇا آهي؟ جنسي آتم ڪهاڻي آهي.
منجهس ماضي ۽ حال کي ڀيٽ ڪري ٿو. صغيرسنيءَ واريون
يادگيريون، حال جي موافق ڪري لکي ٿو.” هونئن به
عالم اهو آهي، جو ماضيءَ کي بيان ڪري حال سان ڀيٽي
۽ مستقبل لاءِ نتيجا اخذ ڪري اهي سڀ خوبيون هن ليک
۾ بيان ڪيل آهن. هو هوائي جهاز ۾ پيڪنگ ڏانهن
ويندي اسلام آباد ۽ ايران ۾ ٿيندڙ محفلن جو ذڪر
ڪري ٿو. جنهن کي ڏهاڪو سال ٿي ويا. پنهنجو احوال
لکندي همسفر دوستن جو ان جو تعارف پيو ڪرائي جڏهن
چين ۾ اتان جي سماج ۽ معاشري کي ڏسي ٿو ته ان کان
به دوستن کي خط لکي محفوظ پيو ڪرائي. (خط غبار: ص،
60 ۽ 81)
سندس خطن کي ربانيءَ جا مجمل خيالات
چئجن جن جي لکڻ ۽ انداز بيان سان سندس شخصيت ۽
سيرت نکار ڪري ٿي. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هڪ پاڙهو محب
وطن ۽ سچو مومن سچو مسلمان هو. خط جي شروعات هن
طرح ڪري ٿو…… الله پاڪ ڪڏهن ڪڏهن ڪرم ڪندو آهي،
صبح جو سوير ننڍ مان جاڳ ٿيندي آهي ……بخت ڀلو هو
سستي ڇڏي وضو ڪيم ۽ ٻه ٽي نفل پڙهي.
”قرآن مجيد جو دؤر ڪيم، قرآن پاڪ رکي صبح جي نماز پڙهيم ……دعا
قبول ڪرڻ وارو رب پاڪ آهي.“
دعائن ۽ سلامن کان پوءِ آخر ۾ لکيو اٿس.
ترجمو: تون جتي به هجين خدا تنهنجو دوست
حاضر آهي ۽ حضرت محمد
صلي الله عليہ وآلہ وسلم تنهنجو نگهبان آهي.
ص 83 تي سندس هڪ خط ڏنل آهي، ان جو نمونو ڏسي
سگهجي ٿو. آگرو صاحب ديني مفڪر، خانداني تاريخ جو
ڄاڻو ۽ رب پاڪ ۾ اميد رکندڙ انسان هو. ڪابه ڳالهه
مستقبل جي لکي ٿو ته، انشاءَالله سان لکي ٿو ۽
الله سائينءَ جو شڪر بجا آڻي ٿو، تصوف جي بزرگن جا
گفتا ياد رکندڙ هن ئي خط ۾ لکيو اٿس. (عزيز) سائين
صالح شاهه، اوهان جهڙن ئي آعلى انسان کي نيڪ مان
ساري چيو هو.
مٺا مارو الله آڻئي
دل جا داغ وڃ ڌوئي.
نهٺائي ته سندس مزاج ۾ پيل هئي. لکي ٿو ته منهنجي عيبن ڏي نه ڏسندا
ڪريو مان ائين ئي اڻ گهڙيو ڪاٺ آهيان. مان ڏاڙهي
ڪوڙ ٿيس. پورا پنج وقت نماز به نصيب ڪونه اٿم.
رباني خانداني ۽ اسلامي روايتن جو قدر ڪندڙ هو.
لکي ٿو ته:
”منهنجي
ڏاڏي يارهن حج ڪيا. ست حج پيادل ڪيائين …… رفيقن
سان گڏ نڪرندو هو، جبل، ميدان ۽ پهاڙ سڀ اورانگهي.
رحمة رسول
صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي روضي تي وڃي چائنٺ چمندو هو، اڪثر ڳالهه ڪندا هئا ته هڪ
سفر ۾ ڇهه مهينا لڳي ويندا هئس، پر پوءِ آگبوٽ
نڪتا سو چار حج سامونڊي رستي ڪيائين، منهنجي بابا
سائينءَ چاليهارو ورهيه نماز قضا ڪانه ڪئي، بيماري
۾ به اشارن سان نماز پڙهندو هو. رباني سچائيءَ جو
پيڪر هو. هن ئي خط ۾ لکيو اٿس.
اوهان ڏانهن دير مدار بلڪل ڏوهه قبول آهي. پر
اوهان لاءِ دل ۾ عزت ۽ محبت جا جبل آهن. هڪ خط
2002-10-10 ۾ لکيل آهي. ان ۾ شروعات هيئن ٿو ڪري
عزيرم اعجاز، الله پاڪ ۽ سندس رسول اڪرم
صلي الله عليہ وآلہ وسلم
جن جون اوهان تي ۽ سڄي خاندان تي برڪتون هجن.“ (ص86) ان کان پوءِ منهنجو تجربو لکي ٿو ته:
”ائين محسوس ڪريان ٿو ته دنيا ۾ هر دور ۾
چڱا ۽ برا ماڻهو هئا. ۽ آئنده به هوندا. خط جي آخر
۾ لکي ٿو ته:
”سائين وڏي کي پيرن تي هٿ ۽ سڀني ننڍن کي
وڏن لاءِ دعائون ۽ سلام.
دعاگو غلام رباني آگرو
18 جون 2002 ع
(خط غبار: ص: 87)
ساڳئي ڪتاب جي ص 89 ۽ 90 تي هڪ
خط آهي ان جو مفهوم ٻڌائي ٿو ته سڀ ڪجھ ڪاتب تقدير
جي هٿ ۾ آهي، سٺو دوست گلاب جي گل جيان آهي. اڪثر
ماڻهو پلاسٽڪ جا ٿي ويا آهن. پلاسٽڪ تي مک ۽ مڇر
به نه ٿا ويهن ههڙي حال ۾ هڪ دفعي اوهان جهڙو سڄڻ
ملي وڃي ٿو.“
(خط غبار ص 102 کان 105 تائين)
هن خط ۾ رباني جي عقيدن جي ڀلي
ڀت پروڙ ڏنل آهي. خوابن جا قسم بيان ڪيا اٿس پر ان
۾ حضور ڪريم
صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي معجزن ۽ حيات النبي
صلي الله عليہ وآلہ وسلم
واور عقيدو عيان آهي. شهيد سرمد سان محبت جو ثبوت
ڏنواٿس. ڪن ڪتابن تي تبصرو ڪيو اٿس، حياتي جو
مفهوم بيان ڪيو اٿس، اجائي خيالي پلائن جي مخالفت
۽ سٺي تنقيد سمايل آهي. (خط غبار ص 108 کان 109)
هن خط ۾ حقيقت ۽ خواب جو مفهوم
سمجهايو ويو آهي، پنهنجي عقيدي موجب هن خط ۾ به
قرآن ڪريم جو حوالو ڏنو اٿس، جتي اسلامي رنگ بيان
ڪري ٿو. اتي غير مسلم دانشور جا حوالا ڏئي ٿو.
هونئن به انسان سڃاپندو آهي، دوستن مان ۽ خوابن
لهڻ مان اهي ٻئي حقيقتون رباني جون صاف ۽ پاڪ آهن.
سندس دوست ته ڀلا آهن. پر خواب به ڀلا اٿس. جهڙوڪ
”غارِحرا“
جي زيارت يا حضور
صلي الله عليہ وآلہ وسلم
جي روضي مبارڪ کي ڏسڻ. رباني جا خط ڇا آهن. برصغير
جي آزادي جي تحريڪن جو ذڪر آهي. معاشري جي عڪاسي
آهي. پنهنجي سرگذشت لکي اٿس. ماڻهن جو قد ڪاٺ
ڪڇيواٿس، ڏيهي توڙي پرڏيهي مدبرن جي ڪهاڻي آهي،
پنهنجي توڙي دانشورن جي خوشحالي ۽ ڪسمپرسي بيان
ڪئي اٿس. سنڌ جي آزادي واري تحريڪ جو بيان آهي.
ربانيءَ کي جيڪا امام انقلاب عبيدالله سنڌي سان
محبت آهي، ان جو سچو نقشُ آهي. سياسي تاريخ آهي.
شاهه ڀٽائيءَؒ کي ضرور ياد ڪيواٿس. خط جي پڇاڙي
دعائن سلامن سان ڪري ويو آهي. پوءِ اهي خط سيد
واجد شاهه ڏانهن هجن، سائين جي.ايم.سيد ڏانهن هجن،
علي محمد راشدي ڏانهن، محمد امين جيلاني ڏانهن
هجن، يا الطاف آگري، زبيده ميتلو، حڪيم
اعجازچانڊيو ڏانهن سندس خطن پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو
ته رباني خطن جي ترتيب احوال سڀ سنڌ جي اصلوڪي
معاشرتي اصولن تحت آهن. جيئن ٻه سنڌي ماڻهو جڏهن
کان وڇڙيا هوندا هئا ته ان تسلسل کي ڳڍيندا هئا،
ادا تون ئي مان گذريل سال ڀٽائيءَ ؒ جي ميلي تي
مليا هئاسون. ان بعد اسان جو وقت هن ريت ڳنڍيو
اچي. اڄ وري مالڪ ملايو.
پنهنجي گذريل وقت جي ياد
خوابن بابت ڪنهن جي اعانت ڪرڻ اسان کي رباني جي خط
پڙهڻ بعد اهو تاثر ويٺو ته انسان جي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جا
ٻيا ڪن به آهن، بقول شاهه عبدالڪريم بلڙي واري
هي ڪن گڏهڻا وڪڻي، ٻيا ڪي ڳنهيج،
جني ساڻ سڻيج، پريان سندي ڳالهڙي.
دنيا جي هاڪارن ۽ نامور بزرگن
جي ياد گذريل وقت جا حالات، قدرت تي پورو يقين.
(خط غبار ص 114- 116) هن خط جي شروعات الله پاڪ
حضور
صلي الله عليہ وآلہ وسلم
جي رحمت ۽ برڪت سان ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ گذريل
ادبي ماحول جو ذڪر، پنهنجي روئدار بزرگن جا اقوال،
پنهنجا تجربا، دوستن جي دلجوئي، ڪي صلاحون سنڌ جي
خدمت، چوڻيون جهڙوڪ
”ڀاڳين
جا ڀاڻ هميشه وسندا رهندا“
۽ دعائون سمايل آهن. دوست کي خوشيءَ جي موقعي تي
مبارڪون. ڪتابن جو تذڪرو، شاعرن جو بيان، ايران
جي تاريخ، رني ڪوٽ جو احوال، فردوسيءَ جو ذڪر،
سندس قدر زندگي ۾ نه ٿيو.
هي خط مضمون پيو لڳي، ذاتي
احوال بعد وري به ڪتابن جي ڳالهه، وحدت الوجود ۽
وحدت الشهود جو معائنو، ڪن بزرگن جا نظريا ۽ انهن
تي تنقيد جهڙوڪ:
”هاشمي-
ڪوزا“
ٺهرائڻ وغيره. مخدوم محمد هاشم سخت گير ۽ مخدوم
محمد معين جي نرم مزاج بابت، ڀٽائي جي دوستن بابت
ڪي مقولا به لکيا اٿس. عشق سارو اسلام مذهب محبت
عين مبارڪ، تون مومن مسلمان آهين، لکيل آهن. جبر ۽
ڏمر جو مسئلو نفاق جو نتيجو، تاريخي تذڪرا حضور
صلي الله عليہ وآلہ وسلم جون ڪيتريون ڳالهيون ۽ حديثون بيان ڪيل آهن. نيڪي ۽ بدي
بابت هڪ ڪتاب
”هڪ
شخص جن جو عالمي تاريخ تي اثر رهيو“.
سيرت پاڪ
صلي الله عليہ وآلہ وسلم
تي ڪتاب لکڻ بابت هڪ بزرگ مهر علي شاھ گولڙي شريف
جو شعر ڏنل آهي:
ڪٿي مهر علي، ڪٿي تيڏي ثنا،
گستاخ اکيان، ڪٿي جا اڙيان.
دعائن ۽ سلامن تي پڄاڻي ۽ خط جي جواب جو
انتظار.“
(خط غبار ص 130-134)
هي آخرين خط خطن جي مجموعي
”خطِ
غبار“
۾ آهي جنهن ۾ سڌريل ماڻهن يعني صالحن جي صحبت جو
ذڪر آهي، ذاتي احوال پڻ آهي. ذاتي مشاهدا ۽ تجربا
بيان ڪيل آهن. وڏن وڏن بزرگن جا قول. سنڌ ڌرتيءَ
سان محبت ڪندڙ جو قدر، دعائن جو منتظر، الله پاڪ
تي مضبوط عقيدو دعائن ۽ سلامن تي خاتمو ڪي ٿو. هن
خط جي مجموعي ۾ هي آخري خط جو شعر ڏنل آهي:
هلايو ته هلي هَلان بيهاريو ته بس،
واڳ ڌڻي تنهنجي وس، آئون ڪا پاڻ وهيڻي.
(خطِ غبار: ص131)
تحقيق مان معلوم ٿيوته، غلام
رباني آگرو اسان سنڌين خصوصاً پڙهيل ۽ لکيل ماڻهن
کي صدين تائين ياد رهندو ۽ سندس احسان ڳائيندو
رهندو. اسان جي بدقسمتي آهي جو اسان پنهنجي نئين
نسل کي پنهنجي بزرگن ۽ ڏاهن سان متعارف نه ڪرائي
سگهيا آهيون جنهنڪري اڄ پنهنجي پنهنجي ٻولي تاريخ
کي نٿو پڙهي، ان جي سموري ذميواري اسان جي پنهنجي
تاريخ ۽ ادب سان عدم دلچسپيءَ جي ڪري ٿي رهيو آهي
۽ اسان وٽ ادب جا شاگرد پيدا نه ٿي رهيا آهن. اهڙي
صورتحال ۾، غلام رباني آگري جون لکڻيون اڳيان آڻڻ
جي ضرورت درڪار آهي. غلام آگري جي خطن جي اڀياس
مان معلو ٿئي ٿو ته، هُو فارسي زبان جي چڱي ڄاڻ
رکندڙ هو، ان ڪري سندس خطن ۾ ڪي فارسي شعر ڏنل
آهن، ۽ ان کان علاوه اردوءَ جا ڪي شعر ۽ مقولا به
ڏنا ويا آهن. سندس خطن ۾، شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه
جا گهڻي تعداد ۾ بيتن جي چونڊ ڪري ڳالھ سان ٺهڪندڙ
بيتن کي به، جاءِ ڏني وئي آهي.
افسانا: غلام رباني آگري جي افسانن تي تبصرو
سنڌي افسانن جي تاريخ
بابت مختلف عالمن جا مختلف خيال ملن ٿا ته
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي پنهنجي ڪتاب
”سنڌي ادب جي تاريخ“، جلد ٽيون ۾ لکي ٿو ته:
”سنڌي افسانو جنهن کي اڳتي هلي ڪهاڻي سڏيو
ويو. ان کي به هڪڙو پسمنظر آهي. اڳ ۾ اهو خيال هو
ته ڪهاڻي/ افسانو/ اڳوڻن ننڍن قصن يا آکاڻين مان
اسريل آهي.“(33)
ڊاڪٽر عبدا لجبار جوڻيجو جي راءِ جي روشني کان
پوءِ هت هڪ ٻئي اديب، محقق ۽ نقاد جو حوالو ڏيون
ٿا: پروفيسر منگھارام ملڪاڻي ڪهاڻي جي اوسر بابت
لکندي ڪهاڻي جي بنياد بابت ڄاڻايو آهي. ته:
”سورٺ
راءِ ڏياچ“
جي آکاڻي
”شهزادي املهه ماڻڪ“،
”سڌا توري ڪڌا“،
”طوطي نامو“ ڪيولرام جو ڪتاب سوکڙي شيڪسپيئر جو ترجمو دلپسند قصا ۽ ڪي
ٻيا داستان ۽ ٻارن جون آکاڻيون ڏنيو آهن. حقيقت ۾
اهي پراڻا قصا آهن. انهن ۾ ڪنهن به حوالي سان
افساني جو پسمنظر نه آهي. ڪي ماڻهو ناول جون اصلي
صورتون ڪوٺين ٿا. پر اهو به صحيح نه آهي. قصو يا
آکاڻي خيال جي پيداوار آهي.“(34) افساني جي وصف بابت عالمن ۽ اديبن جي
راين جي روشنيءَ ۾ ڏسنداسين ته هن لفظ جي لغوي
معنى ڇا آهي؟ ۽ هن ادب پاره بابت صحيح معنى ۾ ڪيئن
وضاحت ٿي سگھي ٿي. جديد سنڌي ڪهاڻي يا افساني کي
بيان ڪرڻ کان پهريائين مٿي بيان ڪيل آکاڻين مان
معلوم ٿئي ٿو ته افساني جي شروعاتي زندگيءَ ۾
بدلجندڙ قدرن مطابق ماڻهن وٽ وقت نه رهيو هو. جو
طويل قصا پڙهن. يا مڱڻهارن يا سگھڙن جي ڪچهرين ۾
ويهي قصا ٻڌن. ٻئي طرف مطالعي مان اهو به معلوم
ٿيو آهي ته، قصن ۽ داستانن ۾ ڪتب ايندڙ ڊيگھ، هنن
۾ غير انساني ڪردار يا وري جادوئي قصا ۽ بادشاهه
وزيرن يا سوداگرن جا غير انساني ڪردار پنهنجي
دلچسپي جڏهن وڃائي چڪا هئا.
مشنري دور ۽ سرمائيدارنه نظام جي اوسر زندگيءَ جا
ڍنگ ئي بدلائي ڇڏيا. جاگيردارانه دور واريون
حالتون بدلجي ويون هيون. هاري وڏيري سان گڏوگڏ مل
مالڪ ۽ مزدرو جي درميان چپلڪش وارو دور شروع ٿيو،
غريب ۽ امير جي طبقاتي جنگ شروع ٿي وئي ته افسانو
وجود ۾ آيو.
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي
پنهنجي تحقيقي مقالي ”آزادي کان پوءِ سنڌي افسانوي
ادب جي اوسر“ جي باب ٻيون ۾ لکي ٿو ته:
”افساني جي وصف جي حوالي کان پوءِ
انسائيڪلوپيڊيا سوشل سائنس جو حوالو ڏنوآهي ته،
افسانو اهو ادب پارهه آهي. جنهن کي حقيقي زندگي ۾
ڪوبه سچو مفهوم ناهي. اها ئي معنى ۽ وصف ٻين ڪتابن
۽ لغتن ۾ به ڏني وئي آهي. جديد سنڌي ادب لاءِ اهو
بيجا نه ٿيندو ته ان کي شروع ڪندڙ مرزا قليچ بيگ،
لعل چند امرڏنومل ۽ ان وقت جا ٻيا اديب هئا. ان جي
تدريجي ارتقا ڪيئن ٿي. سنڌي افساني جي سلسلي ۾ ڪن
عالمن جو چوڻ آهي ته پهريون پهريون افسانو جو سنڌي
ٻولي ۾ آيو سوهو ميران محمد شاهه اول (1309-1245
هه) مٽيارين واري جو هنديءَ ۾ ڪرشما دتا جي لکيل
آکاڻي ”سبودي ڪبودي“ جو سنڌي ترجمو”سڌا توڙي ڪڌا
توري جي ڳالهه“ پروفيسر منگھارام ملڪاڻي پنهنجي هڪ
مضمون ڏسو هفتيوار هند واسي 16 ڊسمبر 1956ع
پاڪستان ۾ سنڌي نثر جي ترقي ۾ لکيو آهي ته، سنڌي
نثر ۾ آوائلي آکاڻي جا ڇاپي هيٺ آئي، سا هئي آکاڻي
(راءِ ڏياج ۽ سورٺ) جنهن جو ذڪر شروع ۾ ڪري آيو
آهيان، اها هڪ مڃيل ڳالهه آهي ته مختصر افسانو
مغربي ادب جي پيداوار آهي، ۽ اسان وٽ انگريزي
ٻوليءَ جي معرفت پهتو آهي.“(35)
قاضي خادم پنهنجي علمي ادبي ۽ تحقيقي مضمونن
”ادب ۽ روايتون“
۾ لکي ٿو ته:
”1914ع
۾ مرزا قليچ بيگ، شريف بيگم نالي هڪ افسانو لکيو.
جنهن جي سٽا اڄڪلهه جي افساني کان به هونئن هڪ الڳ
آهي پر ان ۾ اڄ جي افساني جا اهڃاڻ ملن ٿا. هن
افساني جو ڪردار ثابت ٿو ڪري ته انسان پنهنجي همت
سان آهستي آهستي پنهنجي مقصد ۽ منزل تائين پهچي
سگهي ٿو. 1925ع کان 1940ع تائين افساني جو ترجمو
دور ليکيو وڃي ٿو. اهو زمانو عالمگير جنگين وارو
هو. سموري دنيا جون حالتون نهايت ڇڪتاڻ واريون
هيون. هندستان ۾ آزادي واري تحريڪ شروع ٿي چڪي
هئي. جنهن جو اثر سنڌي ادب تي نمودار ٿيو. هي
اهوئي دور هيو. جنهن ۾ هندستان جي مختلف زبانن
هندي، اردو، بنگالي، گجراتي، مرهٽي ۽ ٻين ٻولين
مان سوين افسانه سنڌيءَ ۾ ترجما ٿيا. جن مان ته ڪي
هوبهو ترجمو هئا ۽ ڪن افسانن ۾ صرف ماحول ۽ ڪردار
نگاري ٿورو تبديل ڪري سنڌي حالتن مطابق بنايو ويو
هو.“(36)
هندستان جي افسانن کان علاوه يورپ جي جڳ مشهور افسانه نگار
جا افسانه سنڌي ۾ ترجمو ڪيا ويا، جن مان چيخوف
گورڪي، ٽالسٽاءِ ۽ موپا سان، اوهينري وغيره.“
هن تحقيق جي مقصد ۾ جيڪو موضوع
متعين ٿيل آهي انهيءَ عنوان جي روشني ۾ هت غلام
رباني آگري جي افسانوي ادب ۾ ڪيل تخليقي عمل کي
ڏسنداسين ته، غلام رباني جو بنيادي طور ڪهاڻيڪار
هو ۽ ان جي ٻي خاص سڃاڻپ هڪ برک اديب نظر ٿو، سندس
ٻولي ۾، سنڌي ادب ۾ سڃاڻپ نثر نويس ۽ ڪهاڻيڪار
واري آهي،۽ ٻيا به سندس رخ آهن ۽ انهن ئي پهلوئن
جي مذڪوره تحقيق ۾ اڀياس پيش ڪيو ويو آهي. غلام
رباني آگري جي افسانوي ادب جي جائزي دوران جيڪو
نتيجو آڏو آيو آهي ته، غلام رباني جي شناخت ۽ شناس
ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ آهي. ربانيءَ جي تحريرن ۾
ٻوليءَ جو وڻندڙ استعمال ۽ ڪردارن سان سونهندڙ
جملا، تجنيس حرفي جو استعمال، پهاڪا ۽ اصطلاح،
تمثيل ۽ تشبيهه وارا محرڪات نج سنڌي معاشري جو
دفتر آهي تن کي غلام رباني آگري پنهنجن ڪهاڻين ۾
آڻي جيڪو رنگ ڀريو آهي تن کي پڙهي محرومي دور ٿئي
ٿي. هر پاڙهو پاڻ کي مصنف سان گڏ وسهي ٿو. اسان وٽ
سندس ٽيويھ اهڙيون لکتون آهن. جن کي ڪهاڻي چئون
ٿا. سندس لکڻ جو ڍنگ طور ۽ طريقو معاشري تي زوردار
ٿڦڙ آهي. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته وٽس بيمار معاشري ۽ ڏٻري
ماحول لاءِ حاذق حڪيم وارا نسخا ڏسيا ۽ ٻڌايا ويا
آهن. جيڪي آزمايل آهن ۽ آزمودي مان نڪتل آهن، تن
کي آزمائڻ جي شرط نه آهي. بلڪ ائين چئجي ته آزمائي
کي آزمائي اهو ڌوڙ پائي. 23 افسانوي ڪهاڻين تي
بيجا تنقيدي راءِ قائم ڪرڻ ادبي نقص آهي، ان ڪري
ان جي فڪري پهلوئن کي جانچي ان جي پرک ڪئي آهي،
انهن ڳالهين مان جيڪو نتيجو اخذ ٿيو ته، ڪهاڻي جي
فني لوازمات کي ڀرپور نموني سان تخليقي عمل سان
نڀاهيو آهي ۽، اهڙو نڀاءُ کيس سونهي ٿو. غلام
رباني آگري جي ڪهاڻي جي رٿابندي يعني پلاٽ کان
ويندي سمورن جزن کي سهڻين ڪڙين سان ملائي اهڙو ته،
اختتام ڪري ٿو جو ان جو اثر دل ۽ دماغ ٿي حاوي ٿيو
پوي. سنڌ جي ترقي پسند ۽ جديد ڪهاڻيڪارن ۾، غلام رباني آگري جو
نالو نمايان طور نظر اچي ٿو. شيخ
”راز“ لکي ٿو ته:
”سنڌ ۾ 1934ع ڌاري مختصر افساني جو نئون دور شروع ٿيو. زندگي
جي ڪيترن ئي مسئلن کي افساني جو مواد بنايو ويو.
هن کان اڳ آکاڻي جو مواد، اصلاحي ۽ اخلاقي نظريات
جي پيش نظر ڪيو ٿي ويو. سنڌ ۾ انهيءَ آکاڻي جي
زندگي به ايڏي وڏي ڪانه آهي.“(37)
آزاديءَ کانپوءِ، سنڌ ۾ نئين اٿل پٿل ٿي، ان جا
ڪيترن ئي ذهنن تي اثرات مرتب ٿيا. آزادي کان پوءِ
سنڌي زبان ۾ ماهوار
”نئين
زندگي“،
”سنڌي ادبي سنگت“ جو نئين سر وجود ۾ اچڻ، ان پليٽ فارم تان سنڌ جي مختلف شهرن
۾، علمي، ادبي سرگرميون شروع ڪيون ويون. انهيءَ
ادبي سنگت جي سرگرمين ڪري، سنڌ جي اديبن ۾ هڪ نئون
جوش پيدا ٿيو. ان پليٽ فارم تي ڪيترائي نوجوان گڏ
ٿي سنڌي ادب جي نون قدرن تي طبع آزمائي شروع ڪئي.
سن 1955ع ۾ سنڌ ادبي بورڊ پاران سه
ماهي ”مهراڻ“ رسالو جاري ٿيو جيڪو سنڌ جي نوجوانن لاءِ هڪ نئين اميد سان سڀاڳو سج ٿي اُڀريو جنهن جي روشني ۾ ڪيترن نوجوانن سنڌي
ادب ڏانهن ڌيان ڌريو. انهن نوجوانن ۾، اياز قادري،
جمال ابڙو، شيخ اياز، شيخ
”راز“ غلام رباني سنڌي (آگري)، ۽ ٻين پنهنجي سماج جي نقل وحرڪت تي
گهرائي سان نظر ڦيري انتهائي ڪاميابي سان پنهنجا
افسانه لکي سنڌي عوام آڏو آندا. اسان جي هن تحقيق
جو تعلق غلام رباني آگري جي سنڌي ادب لاءِ ڪيل
خدمتن جو تنقيدي جائزي سان آهي، ان ڪري سندس همعصر
۽ بزرگن جي ذڪر کان سواءِ هي تحقيق اڻپوري ليکبي،
ان ڪري اسان سندس همعصرن ۽ بزرگن جو به ذڪر ڪيو
آهي، پر تحقيق جو محور ۽ مرڪز غلام رباني آگري جون
تحريرون
آهن. غلام رباني آگري پنهنجي ذوق ۾ جيڪي افسانه
لکيا تن جو جائزو پيش ڪريون ٿا: ان لاءِ اسان هڪ
افساني
”فتويٰ“ کي سامهون رکي ان جو اڀياس ڪريون ٿا ته،
هو اسان کي برک افسانه نويس نظر اچي ٿو، توڙي جو
سندس شروعاتي دور ۾ ماڻهو ايترو ذهين نه هوندو آهي
پر، سينيئرس جي صحبت ۾ اچي بهترين افسانه تخليق
ڪرڻ لڳو. پنهنجي نفيس ۽ دلڪش طبيعت ۽ ادا سان
پنهنجي ماحول کي چڪاسڻ ۽ تپاسڻ ۾ باخبر هو. پنهنجي
ماحول مان ڪردار چونڊي تن کي فرضي نالا ڏئي ڪهاڻي
گهڙڻ ڪو ايڏو سولو ڪم نه آهي، پر غلام رباني آگري
ان کي آسان ڪري ڇڏيو آهي. اچو ته سندس افساني
”فتويٰ“ مان گواهي وٺون.
”بُوڻينڊي جو آواز ڪن تي پيس. اُٿي کڙي ٿي. اڱڻ مان ڪُتِر جي
جهولي ڀري، وڌي وڃي مينهن جي آهر ۾ اڇلايائين.
هوريان هوريان لوڙهي جي وٽ ڏيئي ٻُنڀي ڏانهن وڌڻ
لڳي ۽ اچي اڃا کڙھ ۾ هٿ وڌائين ته کڙڪو ٿيو.“(38) هن افساني مان هڪ رومانوي ڪهاڻي رقص
ڪندي نظر اچي ٿي ۽ خالص هڪ ٻهراڙيءَ جي ٻولي
استعمال ڪئي ويئي آهي جا اڄ جي شهري ماڻهوءَ کي
سمجھ ۾ به، نه اچي ته، بوڻينڊو ۽ کڙھ کي به نه
سمجهي سگهندو ته، هي ڇا آهن.؟ بهرحال رباني هن
افساني ۾ ٻهراڙيءَ جي ماحول جو هڪ سهڻو عڪس چٽيو
آهي.
”فتويٰ“
۾ ماحول جي عڪاسي ۽ سهڻي اسلوب کي پيش ڪندي،
افسانه نگار سنڌي افساني ۾ پنهنجي لاءِ هڪ خاص
مقام
پيدا
ڪيو آهي. افساني کي سهڻي ۽ دلچسپ نموني ۾ آهسته
آهسته، خبرداري سان اڳتي وڌائڻ وڏي فنڪاري آهي.
افساني جي شروع ڪرڻ سان، پڙهندڙ جو ذهن هڪدم گرفت
۾ اچيو وڃي ٿو. هن ۾ البت پلاٽ کي چڱي سمجهائڻ جي
ڪوشش ڪانه ڪئي وئي آهي، ۽ افساني جو خاتمو معمولي
آکاڻي وانگر ڪيو ويو آهي.“(39) |