[25]
مون اڳ ۾ به لکيو آهي، ته عماني وڏا مهمان نواز
هئا. هفتي ۾ ٻه- ٽي دفعا ڪنهن نه ڪنهن کي گهر
سڏائيندا هئا ۽ دعوت اسپتال جي سڄي اسٽاف کي ڏيندا
هئا. پهريون دفعو هڪ پوڙهو شيخ حمد شڪيبي قبيلي جو
آيو، سو دعوت ڏئي هليو ويو. ان کان پوءِ اسپتال جي
صفائي ۽ ڪچن (بورچيخاني) جو ٺيڪيدار فيصل آيو،
جيڪو فلسطيني هو. فيصل پڇيو ته توهان کي شيخ حمد
دعوت ڏني آهي ڇا؟ جڏهن مون هاڪاري جواب ڏنو ته
چيائين ته هاڻي توهان کي لازمي طور وڃڻو پوندو.
ڇوته جيڪڏهن توهان نه ويندا، ته هيءَ عرب قبائلي
انهيءَ کي پنهنجي گهٽتائي سمجهندا ته مهمان کي
سڏيوسين، پر ڪونه آيو. بهرحال اسين مقرر ڏينهن تي
پهتاسين، اسان کي ڏسي هن هڪ ٻڪرو حلال ڪيو. انهيءَ
کي روسٽ (Roast)
ڪيائون. چانور، مرغيون ۽ فروٽ انهيءَ کان سواءِ
رکيائون. مطلب ته وڏو حفله (محفل) ڪيائون. چانورن
جو وڏو ٿالهه ۽ سنهيون پاپڙ جهڙيون مانيون به کڻي
آيا. ٻڪرو سڄو روسٽ آندائون. پهرين اسان کي
کارايائون، پوءِ بچيل باقي ٻين کي. عماني دعوتون
انهيءَ طريقي تي ٿينديون هيون. انهيءَ کان پوءِ
ڪئين دعوتون ڪم و بيش انهيءَ طريقي سان ٿيون، جن ۾
عمانين جي مهمان نوازيءَ جا وڏا مظاهر ٿيندا هئا.
عمانين جون روزمره جون عادتون سنڌ جي ٻهراڙين جي
ماڻهن جهڙيون هيون. هيءُ صبح جو سوير اٿندا هئا،
فجر نماز پڙهي نسبتن وڏن شهرن ڏي خريد و فروخت
لاءِ ويندا هئا. شهر جي هڪ ڪنڊ تي مارڪيٽ لڳندي
هئي، جنهن ۾ زمين تي تڏا وڇائي دڪان سجائيندا هئا.
اتي گوشت، مڇي، فروٽ، صوفن، موسمين، ڇهارن ۽ ٻئي
هر قسم جي شين جي مارڪيٽ لڳندي هئي. مڇي بهترين
عربي سمنڊ مان ايندي هئي ۽ سستي هئي. کجور هنن جو
پنهنجو فصل هوندو هو، البته ٻيون شيون ٻاهران
گهرائيندا هئا. ٻڪريون پاڻ پاليندا هئا. وڏو
چوپايو جانور سوڊان، هندستان، ۽ پاڪستان کان
گهرائيندا هئا. اُٺ اعليٰ قسمن جا هنن جا پنهنجا
پاليل هئا. هڪ دفعو مون ڏٺو ته هـُـنن اٺن جي ڊوڙ
جو مقابلو جيپن سان ٿي ڪيو. هن مارڪيٽ ۾ وڻج واپار
8-9 بجي صبح تائين هلندو هو. ان کان پوءِ 11 بجي
تائين مارڪيٽ بلڪل ختم ٿي ويندي هئي، وري ٻئي
ڏينهن لڳندي هئي.
اهي ئي ساڳيا ٻهراڙين جا ماڻهو وڻج واپار کانپوءِ
اسپتال ۾ دوا لاءِ ايندا هئا. ان ڪري ٻارهين بجي
تائين ته چڱي رش هوندي هئي، پوءِ اسپتال ۾ خاموشي
ڇانئجي ويندي هئي. 2 بجي پهرين شفٽ ختم ٿيندي هئي.
مون کي اسپتال ۾ 2 ڪلاڪ او. پي. ڊي ۾ مريضن کي
ڏسڻو هوندو هو. ان کان پوءِ مرداڻي ۽ ٻاراڻي وارڊ
۾ داخل مريضن کي ڏسڻو پوندو هو. باقي وقت مون کي
انتظامي معاملات ڏسڻا پوندا هئا. اسپتال ۾ صفائي ۽
داخل مريضن جي کاڌي جو ٺيڪو هڪ ٺيڪيدار ڪمپني (Oman
Caterers) کي ڏنل هو، جنهن جي طرفان فيصل نالي هڪ فلسطيني سپروائيزر
مقرر هوندو هو. هيءُ شخص پاڪستانين جو بغير ڪنهن
سبب مخالف هو ۽ پاڪستاني ملازمن سان بد اخلاقيءَ
سان پيش ايندو هو. هن جي دوستي هندستان جي ماڻهن ۽
عيسائين سان گهڻي هئي. اسان کان سواءِ هڪ ٻيو
ڊاڪٽر مصر جو قبطي عيسائي ڊاڪٽر حاني هو، فيصل جو
انهيءَ سان گهاٽو تعلق هو. حالانڪه هڪ عيسائي هو ۽
ٻيو فلسطيني مسلمان جن تي يهودين ۽ عيسائين بيحد
گهڻو ظلم ڪيو آهي.
اسپتال جي مسجد ۾ مون مغرب جي نماز جو باجماعت
اهتمام ڪرايو، جتي مقامي هاءِ اسڪول جو ماستر
استاد رمضان مصري تفسير بيان ڪندو هو. هيءُ تفسير
عربيءَ ۾ ڏيندو هو، ان ڪري گهڻن پاڪستانين ۽
هندستانين کي سمجهه ۾ ڪونه ايندو هو. اڳتي هلي اهو
سلسلو ختم ٿي ويو. پبلڪ هيلٿ جو انچارج هڪ ٻيو
مصري الحاج عبدالعزيز هو، جيڪو پاڪستانين کي
مسلمان هجڻ جي ناتي گهڻي عزت ڏيندو هو. گفتي جو به
پڪو هو ۽ ڪنهن کي ڳالهائڻ جو موقعو ڪونه ڏيندو هو.
هڪ دفعو آمريڪا جو انڊر سيڪريٽري صحت بهلاء اسپتال
ڏسڻ آيو. عبدالعزيز کان ڪجهه سوال پڇيائين، جن جو
جواب ايترو ته ڊگهو هو جو سيڪريٽري دورو ختم ڪري
روانو ٿيو.
بهلاء جي اسپتال هڪ سڌريل صحت مرڪز جو بهترين مثال
هئي. 2- بجي کان پوءِ ايمرجنسي مريضن کي ڏسبو هو.
ڊاڪٽر ٿورا هئا. ان ڪري هڪ ڊسپينسر شام ۽ رات جي
شفٽ ۾ مقرر هوندو هو. پر ڪو ڏکيو مريض ايندو هو ته
ڊاڪٽرن کي سڏائيندا هئا. ان ڪري مريض کي ڪڏهن به
تڪليف نه ٿيندي هئي. دوائون به سڀ معياري هونديون
هيون. وزارت صحت غير ملڪي ڪارخانن مان دوائون
ٺهرائيندي هئي. انهن تي وزارت جو نشان لڳل هوندو
هو، جيئن چوريءَ جو انديشو نه رهي. هونئن به چوري
ڪانه هوندي هئي.
سخت تڪليف وارن مريضن کي هندستان ۽ ڪويت علاج لاءِ
موڪليندا هئا. بمبئيءَ ۾ مشهور ”جسلوڪ اسپتال“
آهي، جيڪا سنڌي اهل خير لوڪو رام ٺهرائي هئي. هن
پنهنجي سڄي زندگي جي بچت انهيءَ اسپتال جي قائم
ڪرڻ تي لڳائي ۽ نالو پنهنجي زال ”جيسي“ جي پويان
لڳارايائين. اسپتال جو نالو ٿيو جسلوڪ اسپتال.
هيءَ هندستان جي وڏين اسپتالن مان هڪ آهي. ٻي ڪويت
جي ڪينسر اسپتال آهي، جيڪا مشرق وسطيٰ جي وڏين
اسپتالن مان هڪ آهي. وزارت صحت ڏکيا مريض انهن
اسپتالن ڏي موڪليندي هئي.
بهلاء ۾ رهندي گهڻين فلسطين ۽ ٻين عربن سان به
دوستي ٿي. انهن ۾ استاد ابو عيسيٰ يوسف الجعفري جو
نالو ٻين کان مٿي لکجي. هيءُ فلسطيني مهاجر هو.
1947ع جي لڏپلاڻ ۾ جڏهن يهودين سندن جائداد تي
قبضو ڪيو ته هي مهاجر ڪيمپن ۾ اچي رهيا. جتان هجرت
ڪري اردن جي شهر اربد
(irbid)
۾ اچي رهيو. اتان تعليم وٺي عمان ۾ ماستر ٿي آيو ۽
انگريزي پڙهائيندو هو. ابو عيسيٰ بيحد نفيس ۽
نماڻي طبعيت جو مالڪ هو. هن جو گهر بهلاء ۾ اسان
جي گهر جي ڀرسان هوندو هو. ٻيا فلسطيني استاد به
اسپتال ۾ ايندا ويندا هئا، جهڙوڪ: استاد
عبدالعظيم، استاد عبدالسلام، استاد نواف، استاد
فائز ۽ ڪجهه ٻيا. هنن مان گهڻن جو تعلق تبليغي
جماعت سان هو. ان سلسلي ۾ پاڪستان به آيل هئا.
انهن سان ڪچهريون ٿينديون هيون، ڪيترا عماني
واپاري ۽ سرڪاري آفيسر به واقف ٿيا. مطلب ته مختلف
قوميتن جو عجيب چهچٽو هو. اسپتال ۾ ڪيترا انڊين
ملازم هئا، جيڪي به فرض شناس ۽ محنتي هئا. نرسون
گهڻو ڪري هندستان جي ڪيرالا صوبي جون هيون. گهڻو
ڪري عيسائي هيون ۽ اسان سان انگريزيءَ ۾
ڳالهائينديون هيون.
بهلا ِّ جي ڀرسان ’اخضر‘ نالي هڪ سرسبز جبل آهي،
جنهن ۾ مختلف ڦلدار وڻ هوندا هئا. ان جبل تي هڪ
شهر ”الحمراء“ نالي هو، جيڪو پريان ڏسبو هو، ته
ڏاڍو خوبصورت نظارو ڏيندو هو. ڪيترا گهر جبلن کي
ڪاٽي ٺاهيا ويا هئا. هيءُ ننڍو شهر ما قبل اسلام
جي زماني جو هو. هن جي عمر 2-3 هزار سال ٿيندي،
ٻيو ننڍو شهر غافات هو، جتي سابق حڪمران هنائي شيخ
رهندا هئا. جيڪي امام طالب جي اولاد مان هئا. جنگ
۾ شڪست کان پوءِ امام غالب ۽ طالب ٻئي ڀائر سعودي
عرب ڀڄي ويا. سندن پوين سان سلطان قابوس ٺاهه ڪيو
۽ کين وڏن عهدن تي وزير يا والي يا ڊائريڪٽر ڪري
رکيو. سندن گهر سنڌ جي اميرن ۽ سيدن جي ڪوٽن جهڙا
وڏا قلعي نما هوندا هئا. هي هنائي سڀ مون سان سٺا
تعلقات رکندا هئا. ان کان پوءِ تنوف
(Tanuf)
جي ننڍي شهر جو ذڪر ڪجي، جتي هنائين ۽ بو سعيدين
جي وچ ۾ 1920ع ڌاري توبن جي جنگ لڳي هئي. ابو
سعيدي سلطان قابوس جي خاندان کي چون ٿا. 1980ع
تائين اهي ڀڳل زنگ آلوده توبون ۽ ٻيا هٿيار اڃا
اتي ئي پيا هئا. مسقط ۽ بهلاء، جي وچ ۾ وڏو شهر
نزوه جو هو، جتي اسان جي وقت ۾ ميڊيڪل ڪاليج جي
پيڙهه جو پٿر رکيو هئائون. نزوه جي اسپتال تمام
وڏي هئي، جنهن جو انچارج به هڪ پاڪستاني ڊاڪٽر هو.
نزوه ۽ بهلاء، جي وچ ۾ هڪ ٻيو شهر سمائيل هو، جنهن
۾ وڏي اسپتال هئي. هي اسپتالون سڀ سڌريل ۽ هر لحاظ
کان ترقي يافته هيون. سڀ ايئرڪنڊيشنڊ هيون ۽ منجهن
ماڊرن سهوليتون موجود هيون.
بهلاء ۾ رهندي ٻارن جي پڙهائي جو مسئلو پيدا ٿيو،
جو اسڪولن ۾ عربي، انگريزي پڙهائي ويندي هئي، جيڪا
اڳتي هلي اسان جي ڪم جي نه ٿئي ها. اقبال صاحب
نالي هڪ پاڪستاني استاد ملي ويو. هيءُ صاحب لاهور
جي پاسي جو هو ۽ پي پي جو وڏو جيالو هو. پر هوشيار
۽ لائق به بيحد ڪمال هو. هن پي پي جي حمايت ۾ ڪجهه
سياسي ڪم ڪيو هو، ان ڪري ضياء حڪومت هن جي پويان
هئي. خدا جي مدد سان کيس مسقط ۾ نوڪري ملي وئي.
ائين پاڪستان کان ٻاهر نڪري آيو. انهيءَ اقبال
صاحب ٻارن تي محنت ڪئي، جن پاڪستان اسڪول مسقط ۾
وڃي ساليانو امتحان ڏنو. ۽ ڪامياب ٿيا ائين سندن
سال بچي پيو.
بهلاء کان ڪجهه پنڌ تي جبرين جو تاريخي قلعو آهي،
هي قلعو پورچوگيزن جي قبضي وقت عمان جي امامن
سترهين صديءَ ۾ ٺهرايو هو. هن جي عمارت بيحد مضبوط
ٺهيل هئي. هڪ کوهه به کوٽايو اٿن، جنهن جو قطر هڪ
فوٽ کن ٿيندو ۽ ان جي اونهائي 100 فوٽ کن. ايڏي
فنڪاريءَ سان کوهه کوٽڻ وڏو ڪمال جو ڪم چئبو.
موجوده حڪومت کوهه جي تري ۾ ابرق ڀرائي ڇڏيو آهي.
هيٺ نهارڻ سان آئيني وانگر نظر اچي ٿو. زميني منزل
کان مٿي چڙهڻ لاءِ مضبوط ٿلهيون ڏاڪڻيون ٺهيل آهن،
جن جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته هاٿي ۽ گهوڙا اتان مٿي
چڙهي ويندا هئا. ان کان سواءِ وڏا هال، راهداريون
۽ بالڪنيون تعمير ٿيل آهن. هيءُ عمان جي عجائبات
مان هڪ آهي. بلڪه عماني ان کي دنيا جي ستن عجائبات
مان هڪ سمجهن ٿا.
هن مرحلي تي عمان جي تاريخ تي نظر وجهجي، عمان ۾
انسان جي رهائش جي تاريخ 10000 سال پراڻي آهي. ڪن
آثار قديمه جي ماهرن موجب ميگان قوم جا ماڻهو ڪنهن
وقت هتي رهندا هئا، جن جو ذڪر سميرين (3000 ق-م ۾)
پنهنجن ڪتابن ۾ ڪيو آهي. هي ميگاني شرق اوسط جا
قديم رهاڪو هئا، جيڪي جهاز راني ۽ تجارت ڪري مشهور
هئا. قديم عماني ڪافور ٺاهيندا هئا ۽ انهن جي
تجارت ڪندا هئا.
عرب عمان ۾ 9 سو سال ق-م ۾ آيا. ٻه نمايان قبيلا
عرب جا عمان ۾ آيا. هڪ قحطاني، جيڪي اولهه ڏکڻ طرف
کان آيا، ٻيا نزاري، جيڪي اتر اولهه کان آيا- هنن
ٻنهي قبيلن جي رقابت موجوده زماني تائين هلندي آئي
آهي. اسلام اچڻ کان اڳ ايراني هتي حملي آور ٿيندا
هئا ۽ هتان جي رهاڪن کي مغلوب ڪندا هئا. سن751
عيسويءَ ۾ نهروان جي جنگ ۾ جن حضرت علي رضه جي
خلاف بغاوت ڪئي، انهن مان ڪي عمان ڏي به آيا ۽ هتي
سڪونت پذير ٿيا. هنن انهيءَ وقت ۾ عبادي فرقي جي
امام محمد بن عباد جي هٿ تي بيعت ڪئي، جيڪو خارجي
هو. انهن خارجين اڳتي هلي جلندا بن مسعود کي
پنهنجو امام چونڊيو، جنهن جي پٽ جعفر بن جلندا جو
سڄي عمان تي پورو قبضو هو. 1154ع تائين جلندا
خاندان جي حڪومت رهي. ان کان پوءِ بنو نبهان
اقتدار ۾ آيا ۽ پنهن جو بادشاهه نامزد ڪيائون. پر
1428ع ۾ امامن وري زور ورتو ۽ پنهنجي طاقت جو
مظاهرو ڪيائون. نصر بن مسعود امام ٿيو. هن جي جاءِ
نشين 1507ع ۾ پورچوگيزن کي ڀڄائي ڪڍيو، جن انهيءَ
زماني ۾ عمان تي قبضو ڪيو هو.
18 صديءَ جي شروع ۾ هنائين ۽ غفارين ۾ گهرو جنگ
لڳي. هنائي قحطان قبيلي مان هئا ۽ غفاري نزاري
خاندان مان. آخرڪار 1744ع ۾ احمد بن سعيد جي
پوئلڳن پاڻ ۾ صلح ڪيو ۽ کيس امام مقرر ڪيائون. پر
هن جي پوين کيس امام جي بدران سلطان چوڻ شروع ڪيو
۽ ٻه متوازي حڪومتون مشرقي زنجبار ۽ عمان ۾
ٺاهيائون. شروع ۾ گاديءَ جو هنڌ زنجبار رهيو.
آخرڪار 1861ع کان پوءِ عمان ۽ زنجبار الڳ ٿي ويا.
عمان جي داخلي قبائيلن وقت به وقت بو سعيدين سان
لڙايون ڪيون. هنن جي حمايت عبادي امام سان هئي ۽
هو سلطان جي خلاف هئا. 1959ع ۾ جڏهن امام طالب کي
جلاوطن ڪيو ويو ته امن و امان قائم ٿيو. بين
الاقوامي طور تي عمان کي تڏهن تسليم ڪيو ويو، جڏهن
موجوده سلطان قابوس بن سعيد پيءُ جي حڪومت جو تختو
اونڌو ڪيو ۽ وسيع پيماني تي سڌارا آندائين. پر ڏکڻ
۾ ظفار صوبي جي ماڻهو ڏکڻ يمن ۽ ڪميونسٽن جي مدد
سان سلطان خلاف بغاوت ڪندا رهيا. آخرڪار انهن کي
1975ع ۾ شڪست ملي. 1971ع ۾ عمان عرب ليگ ۽ اقوام
متحده جو ميمبر ٿيو ۽ 1981ع ۾ خليجي تعاون جي مجلس
جو به ميمبر ملڪ بنيو.
عمان جي زرعي پيداوار ۾ کجور، ڪڻڪ، ڪيلا، ڏاڙهون،
موسميون، ڇانهيون، گدرا ۽ ليمان اچيو ٿا وڃن.
ڇاڪاڻ ته ملڪ وارياسو آهي، ان ڪري ڇانهين گهڻي
پوکجي ٿي. هتي جي ڇانهين ابوظهبي، دبئي، ڪويت ۽
قطر ۾ به وڃي ٿي. ڪيلا ننڍي سائيز جا پر بيحد مٺا
ٿين ٿا. کجور جا مختلف قسم ٿين ٿا، جن ۾ بهترين
قسم عنبر جو آهي. سلطان قابوس بن سعيد تخت حاصل
ڪرڻ کانپوءِ گهڻا سڌارا ڪيا، سڄي مسقط ۽ عمان ۾
وڏا چار رويه رستا ٺهريائين.
اسپتالن جو قيام هر ننڍي وڏي شهر ۾ ڪيائين، ملڪ کي
ننڍين ولايتن ۾ ورهائي اتي والي ۽ قاضي مقرر
ڪيائين، ملڪ کي ٽيڪس فري قرار ڏنائين، نوجوانن کي
وڏي تعداد ۾ ٻين ملڪن ۾ تعليم لاءِ موڪليائين.
پهرين سال ملازمت جي پوري ٿيڻ تي سندن قانون موجب
اسان کي 45 ڏينهن موڪل ملي، جيڪا پاڪستان ۾ گذاري
وري واپس ورياسين. هن دفعي منهنجي مقرري صحار جي
قديم شهر ۾ ٿي، جيڪو ايراني نار تي بندرگاهه آهي،
هتي جي مڇي سڄي عمان ۾ مشهور آهي. صحار ڪنهن زماني
۾ صنعت ۽ حرفت جو مرڪز هو ۽ هتي نفيس ڪپڙو ٺهندو
هو. روايت آهي ته حضور نبي ڪريم صلي الله عليہ
وآلہ وسلم جن لاءِ ڪفن جو ڪپڙو صحار مان ويو هو.
صحار پاڪستان جي شهر گوادر جي سامهون عربي سمنڊ جي
الهندي ڪپ تي آهي، هتي عربي بلوچ گهڻي تعداد ۾ رهن
ٿا، جن جو لباس، اٿڻ ويهڻ اسان جي ملڪ جي مڪرانين
۽ بلوچن جهڙو آهي. گوادر کان سمنڊ رستي صحار جو
رستو 6 ڪلاڪن جو آهي. گوادر اڳ مسقط جو حصو هو،
جيڪو پاڪستان 1957ع ۾ مسقط جي سلطان کان خريد ڪيو
هو. هاڻي گوادر ۾ فوجي ڇانوڻي ۽ وڏي شهر ٺهڻ جا
منصوبا ٿي رهيا آهن ۽ سلطان انهيءَ زمين جي ٽڪر کي
ڏهوڻ وڌيڪ قيمت تي وٺڻ لاءِ تيار آهي. صحار ۾ وڏي
مرڪزي اسپتال هئي، جنهن ۾ ساحلي ماڻهن جي علاج جو
سٺو انتظام هو. ڪافي ڊاڪٽر هئا، جن ۾ فزيشن ۽ سرجن
به هئا. اُهي گهڻو ڪري هندستان جا هئا، انچارج هڪ
مصري قبطي عيسائي ڊاڪٽر هو، جيڪو شقي القلب هو ۽
مسلمانن سان وير رکندو هو. تعجب آهي ته عماني
حڪومت انهن غير مسلم عيسائين کي ڪيئن ٿي برداشت
ڪيو؟ بلڪ اسان پاڪستانين جي مقابلي ۾ هو هندستان
کي وڌيڪ ترجيح ڏيندا هئا. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور
۾ سنڌ جي اميرن جا مسقط جي سلطان ۽ امامن سان سٺا
تعلقات هئا ۽ وڻج واپار آگبوٽن ذريعي هلندو هو.
حاجين جا جهاز جده ڏانهن ويندي پهرين مسقط جي
بندرگاهه تي ڪوئلا ڀرائيندا هئا، پوءِ حضر موت،
مڪلا ۽ عدن کان ٿيندي جده پهچندا هئا. حضر موت ۽
مڪلا (Makala)
يمن جا شهر آهن. عدن ۾ انگريزن جي بيٺڪ هئي، جيڪو
پڻ يمن جو حصو هو. مسقط جي سلطان ڪجهه زنجبار شيدي
ميرن کي خادم ڪري ڏنا هئا. اڄوڪا شيدي انهن جو
اولاد آهن. صحا ر ۾ به وڏا تجارتي دڪان هئا، جن ۾
ولايتي مال هر وقت ڀريو پيو هوندو هو. انهن سڀني ۾
وڏي تجارتي ڪوٺي ڪاٺياواڙ جي کيمجي رامداس جي هئي.
جيڪو قديم زماني کان صحار ۾ رهيو پيو هو. سندس
دڪان ٻين شهرن ۾ به هئا.
ٻن ٽن مهينن کان پوءِ منهنجي بدليءَ وادي صراميءَ
(Sarami)
نالي پهاڙن جي وچ ۾ گهيريل هڪ بستي ۾ ٿي. وادي
صراميءَ ۾ هيلٿ سينٽر سڄو ايئرڪنڊيشن هو ۽ نئون
ٺهيو هو، بلڪ ان جو افتتاح به منهنجي وقت ۾ ٿيو.
اسپتال ۾ طاقتور جنريٽر به لڳل هئا، جن جي زور تي
ايئرڪنڊيشنڊ نظام هلندو هو. هيءُ پهاڙن جي وچ ۾
الڳ ٿلڳ هيلٿ سينٽر هو. وچ ۾ وادي هئي، جنهن جي ٻي
طرف زهير جي آبادي هئي. زهير جي بستي هڪ وڏو
نخلستان هو، جتي قدرتي آبشار ۽ پاڻيءَ جا چشما
هئا. صبح جي پهر ۾ ڳوٺ جا ماڻهو، مرد عورتون، ٻار
ٻچا، دوا وٺڻ ايندا هئا. 2- بجي کان پوءِ ايمرجنسي
هلندي هئي. اسپتال کي پنهنجي ايمبولينس پڻ هئي،
جيڪا وڏن مريضن کي صحار جي مرڪزي اسپتال ۾
پهچائيندي هئي. ڪجهه پاڪستاني ملازم به هئا، جن
مان راوالپنڊيءَ جو حاجي اسلم جو لاڳاپو مون سان
گهڻو هو، هاڻي تبليغي جماعت ۾ آهي. حاجي صاحب
جنريٽر مڪينڪ هو. جنريٽر شام جو 2 ڪلاڪ بند ٿيندا
هئا، ته جيئن گهڻي استعمال جي ڪري خراب نه ٿين.
وادي صرامي ۾ پهرين ڏينهن عصر جي وقت کان ڪجهه اڳ
آءٌ تفريحن پيدل نڪري پيس. ڪجهه اڳتي وڌيس ته قرآن
شريف جي تلاوت ٻڌم، جيڪا ڪنهن شخص ڏاڍي سوز ۽
الحان سان پئي ڪئي. ويجهو ويس ته هڪ گهر جي ورانڊي
۾ حبشي نسل جو هڪ شخص تلاوت ڪري رهيو هو. مون کي
ڏاڍي ڪشش ٿي. سو اتي ئي قرآن پڙهندڙ جي اڳيان تڏي
تي ويهي رهيس. ٿوري دير کان پوءِ هن شخص تلاوت ختم
ڪئي ۽ مون سان ڏاڍي آڌر ڀاءُ سان مليو. پاڻ اتي جي
اسڪول جو هيڊ ماستر هو ۽ سندس نالو استاد
عبدالحميد هو. هيءُ سوڊان جي ام درمان شهر جو هو ۽
اسان وانگر ڊيپوٽيشن تي آيو هو. استاد عبدالحميد
چيو، ته مون کي خبر آهي ته توهان هتي ڊاڪٽر ٿي آيا
آهيو، ڇوته صبح جڏهن توهان جي گاڏي اسڪول وٽان
لنگهي، مون توهان کي ڏٺو هو. دراصل وادي صرامي جي
آدمشماري 1000 کن ماڻهن کان مٿي ڪانه هئي، ان ڪري
سڀ هڪ ٻئي کي سڃاڻندا هئا. البته اسڪول ۽ اسپتال
ماڻهن جي رهائش کان الڳ هڪ پهاڙيءَ تي ٺهيل هئا.
استاد عبدالحميد سان پوءِ تمام سٺا تعلقات ٿي ويا.
هو اسپتال ۾ عام جام ايندو هو. کيس بلـڊپريشر هو.
جلدي مون اسپتال جي عملي ۽ استادن جي ميلاپ سان
والي بال ٽيم ٺاهي، جو روز ڪلاڪ کن شام جو راند
ڪندا هئاسين. ٻين استادن ۾ استاد صلاح جيڪو سوڊان
جو دنگله شهر مان هو. استاد عبدالحامد ۽ استاد
احمد ۽ ٻه مصري استاد به اچي راند ۾ شامل ٿيا. مون
وري مغرب جي نماز جو اهتمام اسپتال جي حدن ۾ ڪيو.
استاد حامد سوڊاني قرات جو سٺو ماهر هو، ان ڪري
پيش امامت هو ڪندو هو. سڀ مسلمان ڀائر اچي گڏياسين
۽ انما المؤمنون اخوت جو عملي مظاهرو ٿيڻ لڳو.
[26]
زوهير ۾ ڪي شيخ ڳوٺ جا وڏا هئا، جن مان شيخ مالڪ
وڌيڪ معتبر ۽ همت وارو هو ۽ حڪومت جي طرفان نڪاح
رجسٽرار به هو. سندس باغ به هئا ۽ باغن جي وچ ۾
ننڍي ڪچي مسجد به هئي. آءٌ جڏهن اتي پهتس ته شيخ
مالڪ حج تي ويل هو. موٽي آيو ته اتي جي دستور موجب
اسپتال جو سمورو عملو کيس حج جي مبارڪ ڏيڻ ويو. ان
کان پوءِ شيخ مالڪ سان تمام گهاٽا تعلقات ٿي ويا ۽
هو هفتي ۾ 3 دفعا ماني تي سڏائيندو هو. اسين ظهر
جي وقت پهچندا هئاسين. سندس خاندان به وڏو هو.
پوءِ نوجوان ڇوڪرا غلم غاليچا ۽ تڪيا اچي مسجد ۾
رکندا هئا. مالڪ پهرين نماز پڙهائيندو هو، پوءِ
ڪچهري هلندي هئي. انهيءَ کان پوءِ وڏن ٿالهن ۾
ماني آڻيندا هئا. هڪ وڏي ٿالهه ۾ چانور ۽ انهيءَ
سان گوشت تقريبا سڄو جانور، ٻئي ۾ سنهيون پاپڙن
جهڙيون مانيون، جيڪي هڪ ئي گرهه ۾ پنج ست اچي وڃن.
ان کان علاوه روسٽ مرغي. پهرين اسان کي کارائيندا
هئا، پاڻ به شريڪ ٿيندا هئا. باقي بچت حاضرين کي
کارائيندا هئا. پوءِ فروٽ آڻيندا، آخر ۾ ديڳچيءَ ۾
پاڻي کڻي ايندا هئا، جنهن سان هرڪو پنهنجا هٿ صاف
ڪندو. انهيءَ سموري نشست دوران لوبان پيو ٻرندو
هو، جنهن جو دونهون پري کان نظر ايندو هو. سندن
چوڻ هوندو هو ته لوبان جي دونهي کي ڏسي آس پاس
وارا چوندا ته فلاڻن جي گهر مهمان آيا آهن، جيڪا
چڱمڙسيءَ جي نشاني آهي. شيخ مالڪ جو چاچو عبدالله
هو، جنهن کي مالڪ خاص طور تي گهرائيندو هو.
عبدالله جا پٽ ابو ظهبيءَ ۾ ڪم ڪندا هئا ۽ هفتي
وار موڪل تي ڳوٺ ايندا هئا، جيئن اسان وٽ ڪو ڪم
ڪراچيءَ ۾ ڪندو هجي ۽ ڇنڇر جي ڏينهن ڳوٺ اچي سومر
صبح جو روانو ٿي وڃي. عبدالله جي وڏي پٽ جو نالو
خلفان هو. شيخ مالڪ وڏو ڌاڪي وارو، مهمان نواز ۽
رهائي وارو انسان هو ۽ عبدالله سندس مددگار هو.
اسان کي ڪوبه مسئلو هوندو هو ته مالڪ کي چوندا
هئاسين ته هو حل ڪرائي ڏيندو هو. شيخ مالڪ جي
خاندان جا سلطان قابوس سان ويجها تعلقات هئا، وادي
صراميءَ جي ڀرسان خابوره جي ولايت هئي جنهن جو
اڳواڻ شيخ محمد حسني هو، عمر 90 سال کن هئس. شيخ
حسني جا مون سان ڏاڍا گهرا تعلقات ٿي ويا. وقت
بوقت اسپتال به ايندو هو، پئٽرول نڪرڻ کان اڳ هي
انهي علائقي جو چڱو مڙس هو. تيل نڪتو ته مختلف
رياستون ٺهيون جيئن ابوظهبي، دبئي، شارجه وغيره.
شيخ حسني چوندهو هو ته ابو ظهبي جو حاڪم النهيان ۽
سندس ڀاءُ شڪبوت تيل نڪرڻ کان اڳ اٺ چوري ڪندا
هئا. فيصلاحون اڏائيندا هئا، کين آءٌ بيد جي لڪڻن
سان ڪـُـٽيندو هئس. شيخ کي هميشه هٿ ۾ بيد جي وڏي
لٺ هوندي هئي ۽ چڙ به گهڻي هوندي هئس.
اسپتال جي پاسي ۾ واهي لنگهندي هئي. واهيءَ مان
مراد آهي، پاڻيءَ جي وهڪري جو رستو. عمان ۾ بارشون
تمام گهٽ پون. پر جڏهن پون ته آس پاس جي جبلن مان
لهندڙ پاڻي وڏي گجگوڙ سان واهيءَ مان لنگهندو ۽
رستي ۾ آيل هر شيءِ کي تهس نهس ڪندو ويندو هو،
جيئن وڏو سيلاب هجي. واهيءَ ۾ پاڻي اچڻ کان اڳ
ماڻهو وڏي واڪ هڪٻئي کي اطلاع ڪندا آهن ۽ چوندا
آهن ”جاءِ واهي“ يعني واهيءَ ۾ سيلاب اچي رهيو
آهي، ته جيئن هرڪو پنهنجو مال متاع، اٺ، رڍون،
ٻڪريون، واهيءَ جي رستي مان ڪڍي وڃن.
وادي صراميءَ جي جبلن ۾ اسان غار نما گهر ڏٺا، جن
۾ بدوي عرب پنهنجي جانورن سميت رهندا هئا. هي غار
4-5 هزار سال پراڻا کوٽيل ٿي ڏٺا.
اسپتال جي ڀر ۾ هڪ ٻيو ڳوٺ حيلته الراس نالي هوندو
هو، جيڪو چڱو اوچائيءَ تي ٻڌل هو. اتي جا بدو به
علاج لاءِ ايندا هئا. انهن ۾ عبدالله نالي هڪ مريض
هوندو هو، جنهن جي هڪ ٽنگ ڪنهن سبب ڪري مسقط جي
الرحمته اسپتال جي انگريز سرجن ٿامس ڪاٽي هئي.
هيءُ گهوڙين
(crutches)
جي سهاري هلندو هو. وڏو پهلوان شخص هو. ڪمزوري
هيس، کلمک هو، هڪ دفعي صلاح بيٺي، ته وادي زوهير ۾
ڪجهه اندر وڃجي ۽ اندران ڳوٺ به ڏسجن، جيڪي مکيه
رستن تي نه آهن.
پهريون ڳوٺ ”رڪه“ نالي آهي، جنهن ۾ هڪ غيرآباد
قديم ٺهيل ننڍي ڪچي مسجد آهي. هن مسجد جي صحن لاءِ
مشهور هو ته حضرت يونس نبي عليہ السلام جن هتي
مدفون آهن، چوطرف چانورن ۽ دالين جون ڳوڻيون پراڻي
وقت جون ڇڏيل بيڪار پيون هيون، جن لاءِ چيائون ٿي،
ته ڪي ماڻهو باس باسيندا هئا ته مختلف شيون باس
پوري ٿيڻ کان پوءِ ڇڏي ويندا هئا. هي بدعتون شروع
به عرب ۾ ٿيون آهن ۽ ختم به اتي ٿيون آهن. رستي تي
هلندي هڪ جهونو شخص ڪناري تي بيٺل هو. نظر به گهٽ
هئس ۽ هٿ ۾ لٺ هئس. سو اسان کي ڏسي زور زور سان
علي الله - علي الله چوڻ شروع ڪيائين. مون سمجهيو
ته فقير تن آهي، شايد خيرات ٿو گهري. پر ڪنهن
واقفڪار چيو ته هي چوي ٿو، ته منهنجي مهماني قبول
ڪريو. هاڻي عماني دعوت ڏئي ته موٽائي نه ٿي سگهجي.
ساڻس سندس گهر هلياسين. پاڻ ۽ سندس زال چند لمحن
جي اندر غاليچا پکيڙيا. پوءِ کائڻ جون شيون جهڙوڪ:
بيضا اٻاريل، مرغي جا تڪا، فروٽ، عماني حلوو وغيره
کڻي آيا. مٿان ننڍن ڪوپن ۾ قهوه پياريائون.
بدوين جي قهوه جو ڪجهه ذڪر ڪجي. هي ڪجهه مصالح
وغيره وٺي، انهن کي حمام دستي ۾ ڪٽين ٿا، جيسين
اهو وڃي پائوڊر ٿئي. انهيءَ پائوڊر کي گرم پاڻيءَ
۾ وجهي چانهه وانگر ٽهڪائين ٿا. پوءِ ننڍن پيالن ۾
وجهي پيش ڪن. هڪ خاص ماڻهو قهوه پياريندو، هن جي
لاءِ هيءَ عزت واري ڳالهه آهي. پيالي ۾ ٽي يا چار
ڍڪ قهوه جا ٿين. پيئڻ کان پوءِ جيڪڏهن توهان پيالي
کي آڱرين ۾ جهلي لوڏيو ته سمجهبو ته توهان کي ٻي
پيالي نه کپي. پر جي توهان ڪجهه نه ڪيو ته وري اچي
توهان جي پيالي ڀري ويندا. پوءِ اهو سلسلو هلندو
رهندو، تان جو مهمان وڃي پيالي لوڏي.
مون کان اها ڳالهه مٿي لکڻ رهجي وئي آهي ته هر
دعوت جي پڇاڙيءَ تي هٿن تي عطر يا پرفيوم ضرور
هڻندا. ٻي ڳالهه اتي ئي حاضرين مان ڪو اٿندو ۽ ٻي
دعوت ڏيڻ جو اعلان ڪندو. حتيٰ ڪه مون ڪن عورتن کي
به دعوت ڏيندي ڏٺو. ايتري مهمان نوازي شايد ئي ڪٿي
هجي.
”رڪه“ کان 5-7 ميل اڳتي جبلن ۾ هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو،
جنهن جو نالو هو ”قلعته“ يعني قلعو، بظاهر ڪوبه
قلعو ڪونه هو، پر شايد قدرتي پهاڙن جي وچ ۾ هجڻ
ڪري قلعي جي حيثيت رکندو هو. هتي جو شيخ، سلطان
قابوس مان خوش ڪونه هو، ان ڪري دوا لاءِ اسپتال ۾
ڪونه ايندو هو ۽ نه وري ان ڳوٺ جا ماڻهو. اسان جو
هڪلي وياسين ته ڏاڍا خوش ٿيا ۽ پوءِ شيخ ۽ انهيءَ
جي قوم جا ماڻهو اسپتال ۾ ايندا ويندا رهيا. قلعي
جي ماڻهن به وڏي حضلي يعني ماني جو انتظام ڪيو.
قلعي ۾ ڪجهه مصري استاد به هئا. هنن جو اهو اخلاق
ڏٺوسين ته هنن زبردستي اسان جا هٿ ڌئاريا، جيئن
اسان وٽ ٻهراڙين ۾ ميزبان مهمانن کي هٿ ڌئاريندا
آهن. دراصل اسان سنڌين ۽ عربن جي ثقافت پاڻ ۾ گهڻو
ملي ٿي.
عيد الفطر اسان کي وادي صراميءَ ۾ پئي. معلوم ٿيو
ته هتي عيد نماز علي الصبح سج ڪني ڪڍڻ شرط
پڙهائيندا آهن. رات جو محمد اسلم اچي چئي ويو ته
فجر کان اڳ تيار رهجو، جيئن وقت تي عيد نماز تي
پهچي سگهجي. اسٽاف ۾ اسين پنج پاڪستاني ۽ هندستاني
مسلمان هئاسين. محمد اسلم اڌ رات کان پوءِ آيو،
پوءِ ته جلدي ساڻس گڏجي روانا ٿياسين. هاڻي جبلن
جي وچ مان 8-10 ميل پنڌ ڪري وياسين. پر عيدگاهه يا
ماڻهن جو مجمع نظر ئي نه اچي. نيٺ ڪنهن هڪ جاءِ تي
پهتاسين ته اسان مان هڪ چيو ته نماز ته هتي پڙهي
ويندي آهي. شايد بدوين جاءِ بدلائي آهي. وري مٿڀرو
جبلن ڏي پنڌ ڪيوسين ته مٿي چوٽيءَ تي ڪجهه ماڻهو
نظر آيا. هاڻي سج به اچي ڪني ڪڍي هئي. واقعي هي
نماز لاءِ تيار بيٺا هئا، پر اسان کي ڏسي بيهي
رهيا ۽ اسان کي سڏڻ لڳا. پوءِ هنن مان هڪ نماز
پڙهائي، جنهن جو نالو مرحون هو ۽ ابوظهبي ۾ ڪم
ڪندو هو. نماز کان پوءِ سڀ ڀاڪر پائي مليا. پوءِ
ڪيترا عماني اسان کي سندن گهر وٺي ويا. حلوي ۽
کجور ۽ قهوي سان تواضح ڪيائون.
عمان جي اولهه ۾ صحرا ۽ پهاڙ آهن. هي صحرا وڏي ربع
الحاني دشت جو حصو آهن. البته ڪناري تي پاڻي آهي ۽
پوک به ٿئي ٿي. هنن بدوين جي مهمانوازي، سادگي ۽
سچائي ضرب المثل آهي. ڪجهه وقت مون کي وري صحار
اسپتال ۾ رکيائون، لڳ ڀڳ هن وقت ۾ اومان ٽائمز
Oman Times
هڪ روزانو انگريزي اخبار نڪرڻ لڳي، جنهن ۾ دنيا
جون خبرون پيون ڇپجنديون هيون. انهيءَ عرصي ۾ شيخ
ڊاڪٽر عبدالحليم سان ملاقات ٿي، جيڪو مصري هو ۽
عماني اسڪولن جو ڊائريڪٽر هو. هن جو تعلق اخوان
المسلمين سان هو ۽ مفسر قرآن شيخ قطب شهيد جي
ساٿين مان هو. ساڻس اسلامي موضوعن تي بحث مباحثو
ٿيندو هو، جيڪو ڪافي معلوماتي هوندو هو، ان کان
سواءِ استاد عبدالقيوم البيومي سان به ملاقاتون
رهيون، جيڪو جامعه ازهر جو فارغ التحصيل هو. استاد
عبدالسلام خارطوم جو ويٺل هو ۽ انگريزيءَ جو استاد
هو. هن اعليٰ تعليم آمريڪا مان ورتي هئي. شيخ حمود
سان مغرب نماز تي ملاقات ٿيندي هئي، جيڪو بو سعيدي
خاندان مان هو ۽ عمان جو چيف جج هو، اهڙي طرح اهل
علم عماني ۽ غير عماني ڏاهن ۽ دانشورن سان ڪچهريون
ٿينديون هيون.
آخرڪار 1982ع ۾ ڊيپوٽيشن ختم ڪري پاڪستان واپس
آيس. هتي مون کي لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڊپٽي ميڊيڪل
سپرنٽيڊنٽ ڪري رکيائون. لياقت ميڊيڪل ڪاليج کي ڇڏي
16 سال ٿي چڪا هئا. نجيب خان واري زماني جو نظم و
نسق ته نه هو، ته به اڃا غنيمت هئي. گهڻا پروفيسر
O.P.D
۾ ايندا هئا. وارڊن جو رائونڊ به وٺندا هئا ۽
آپريشنون به ٿينديون هيون. هائوس آفيسر به گهڻي
ڀاڱي پنهنجي ڊيوٽين تي ايندا هئا. ساڳي وقت
هڙتالون به جاري رهنديون هيون. ڪن رجسٽرارن ۽
ميڊيڪل آفيسرن جو ڪم تمام معياري هو، انهن کي خدا
جو خوف هو. ڪي لاپرواهه هئا. 1982ع کان 1985ع
تائين آءٌ
D.M.S
هئس. ڪجهه کلائيندڙ ڪجهه رئاريندڙ واقعا ٿيندا
رهندا هئا. انهن مان ڪن واقعن جو ذڪر ڪجي ٿو.
هڪ ڏينهن ڪجهه ماڻهو منهنجي آفيس ڏانهن ڌوڪيندا
آيا ۽ رڙيون ڪري چيائون ته گائني وارڊ جي ڇت ڪري
پئي آهي ۽ مريضياڻيون دٻجي ويون آهن. هيءَ انتهائي
پريشان ڪندڙ ڳالهه هئي. آءٌ ۽ ايم. ايس، ڊاڪٽر حسن
مرحوم وارڊ ڏي ڀڳاسين. حقيقت ڪجهه ٻي طرح هئي. ڇت
ته صحيح سلامت هئي، البته ان جو اندريون حصو سيمنٽ
(Cement)سان
پلستر ٿيل اچي هيٺ ڪريو هو. سيمنٽ ۾ ڪافي وزن ٿئي
ٿو. پر رب جا لک احسان جو ڪنهن به مريض کي ڪو
نقصان نه پهتو. پوءِ اسان وارڊ خالي ڪرايو ۽ باقي
رهيل پلستر به ڪيرايو ويو. هيءَ ڪوتاهي بلـڊنگ
ڊپارٽمينٽ جي هئي جن جون غفلتون ۽ لاپرواهيون اسان
جي کاتي ۾ پيون ٿينديون هيون. پوءِ نئون پلستر
لڳو.
هڪ دفعو هائوس جاب وارا ڊاڪٽر بي مقصد هڙتال تي
ويٺا. انهن مان ڪن بک هڙتال ڪئي. رات جو پيٽ ڀري
کائيندا هئا ۽ ڪيلن ۽ نارنگين جون کلون، هڏا ۽
بچيل سچيل ماني اسان جي آفيسن جي آڏو ڇڏي ويندا
هئا. هيءَ هنن جي اسان جي مٿان طنز هئي.
هڪ دفعو خبر پئي ته ٿر مان ڇتي ڪتي جو ڏاڙهيل مريض
ايمرجنسي وارڊ ۾ آندو اٿن. آءٌ کيس ڏسڻ ويس،
ويچارو آخري وقت ۾ هو. پر هوش حواس قائم هئس.
ٿـُـڪ ٿـُـڪ گهڻي هئس. چيائين ته دل چوي ٿي ته
توهان سڀني کي چڪ هڻان. پوءِ کيس دماغي امراض جي
اسپتال ۾ موڪليو ويو. حقيقت هن ريت آهي، ته ڇتي
ڪتي جي کاڌل کي جيڪڏهن مقرره وقت اندر مدافعتي
سيون نه لڳيون ته پوءِ هو بچي نه سگهندو. پر هوش
حواس آخر تائين قائم هوندس. ميڊيڪل سائنس ڪيترن
مرضن وانگر هن مرض جو به ڪو علاج نه ڪڍيو آهي.
مينٽل اسپتال ۾ گذاري ويو، علاج جي اميد ڪانه هئي.
هڪ دفعي ٿر مان هڪ باگڙي آندائون، جنهن کي ڇـِـن
(Hernia)
جي بيماري هئي. هن جو ڇن پيرن سان پئي لڳو. غرض ته
علاج نه ڪرائڻ جي ڪري مرض ايڏي ڊيگهه کائي چڪو هو.
ڪيترا مريض پنهنجو مال متاع وڪڻي ايندا هئا، يا
زيور گروي رکي ايندا هئا. حالانڪه اسپتال ۾ علاج
مفت هو، پر ٻيو خرچ به ايندو هو. ٻهراڙيءَ جي
مريضن سان 5-6 ماڻهو گڏجي ايندا هئا، پوءِ اسپتال
۾ فوٽ پاٿن تي ستا پيا هوندا هئا.
اسپتال سان گڏ هڪ مسافر خانو مريضن جي رهائش لاءِ
هو، جيڪو ڊاڪٽر ڪامل راڄپر پنهنجي وقت ۾ بلديه
وارن کان ورتو هو. انهيءَ ۾ مريضن کان اٺ آنا
روزانو رهائش لاءِ ورتا ويندا هئا. هڪ ڏينهن خبر
پئي ته مسافر خاني جو چوڪيدار مريضن کان پنج رپيا
روزانا وٺي ٿو. سو اسان ڪنهن مريض کي پنج رپيا ڏئي
چوڪيدار ڏي موڪليو ۽ وڌيڪ تحقيق لاءِ اڳواٽ ئي ٻن
آفيسرن ڊاڪٽر مير محمد ۽ ڊاڪٽر ممتاز کي موڪليو،
ته ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي. چوڪيدار جو هنن ٻن ڊاڪٽرن
کي ڏٺو، سو جلديءَ ۾ پنجن رپين جو نوٽ ڳڙڪائي ويو.
جڏهن ڊاڪٽرن کيس دڙڪو دهمان ڪيو ته وٺي ڀڳو ۽ غائب
ٿي ويو. انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد جو ميئر مولانا وصي
مظهر ندوي هو، جيڪو پنهنجي اصول جو پڪو ۽ سخت
طبعيت جو هو. هـُـن مرحوم احد يوسف وزير صحت کي
شڪايت ڏني ته ٻن ڊاڪٽرن ميڊيڪل سپرنٽيڊنٽ ڊاڪٽر
حسن جي چوڻ تي منهنجي پٽيوالي کي زد و ڪوب ڪيو
آهي، سو سخت قدم کنيو وڃي. احد يوسف صلح پسند
طبعيت وارو هو ۽ وصي مظهر کان سڀ ڊڄندا هئا. هـُـن
ڊاڪٽر حسن کي فون ڪيو ته وصي مظهر کي ٿڌو ڪيو.
مولانا وصي مظهر منهنجو پراڻو واقف هو. پوءِ آءٌ ۽
ڊاڪٽر حسن گڏجي وٽس وياسين. بهرحال وصي مطهر ڪجهه
شڪوه شڪايت ڪئي پر پنهنجي اسٽاف جي غلطي تسليم نه
ڪيائين. خير، معاملو خير خوبيءَ سان حل ٿيو.
ٿر جا غريب ماڻهو هڪ عجيب بيماري ۾ مبتلا ٿي
اسپتال ايندا هئا. هڪ جراثيم جو شڪار ٿيندا هئا،
جنهن کي ”گني ورم“ چيو ويندو هو. اهو ڪيڙو هڪ سنهي
تند جي شڪل ۾ گوشت ۽ چمڙي ۾ وڃي وهندو هو ۽ اتان
خون ۽ گوشت مان غذا حاصل ڪندو هو. ٿري ان ڪيڙي جي
تند کي هڪ پاسي کان قابو ڪري تار وانگر ويڙهي ٻاهر
ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. پر اها تند ايتري ته باريڪ
هوندي هئي، جو وچ ۾ ٽـُـٽي پوندي هئي ۽ ڪڏهن به ان
مرض مان جند آزاد نه ٿيندي هئي. هيءُ مرض پاڪستان
جي ٿر واري علائقي ۽ هندستان جي راجستاني علائقي ۾
عام هو. آخر عالمي اداره صحت
W.H.O
ان جو نوٽس ورتو. ٿر جي علائقي
۾ دوائون ۽ ٻيون ضروري شيون مهيا ڪيون ويون، جيئن
انهيءَ مرض جو سدباب ڪري سگهجي. ٿر جي ئي هڪ ڊاڪٽر
محمد ايوب نهڙيءَ کي انهيءَ پروگرام جو انچارج
ڪيائون. هن ڏينهن رات محنت ڪئي ۽ ٿر مان هن مرض جي
پاڙ پٽجي وئي. پاڪستان اها جنگ هندستان کان پهرين
کٽي، ڇوته هندستان ۾ اڃا پوري ڪاميابي ڪانه ٿي
هئي. ڊاڪٽر ايوب نهڙيءَ کي سلام آهي، جنهن هن
تحريڪ ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو.
[27]
اسان جي صحت جي نظام ۾ وڏيون ڪمزوريون ۽ حل طلب
مسئلا آهن. جيسيتائين ڪه انهن مسئلن جو حل نٿو
نڪري، ماڻهن کي صحت جون پوريون سهوليتون ڪڏهن به
نه ملنديون ۽ ماڻهو ويچارا هميشه دربدر رهندا.
دنيا ۾ جتي ڪٿي ڊاڪٽرن کي چوويهه ڪلاڪ گورنمينٽ جي
ڊيوٽي ڏيڻي پوندي آهي. هندستان، چين، سري لنڪا،
بنگلا ديش، اسان جي ملڪن جهڙا غريب ملڪ هئا ۽ آهن.
اتي به سرڪاري ڊاڪٽرن کي مريضن جي سار سنڀال لاءِ
چوويهه ڪلاڪ پابند رکيو وڃي ٿو. وچ مشرق، خليجي
ملڪن ۽ مشرقي ايشيا جي ملڪن ۾ به ساڳيو نظام آهي.
پر پاڪستان ۾ اهو بهانو ڏئي ته حڪومت ڊاڪٽرن جا
پگهار ۽ الائونس پورا ڀري نٿي سگهي، کين خانگي
پريڪٽس جي اجازت ڏني آهي. وقت گذرڻ سان انهيءَ جو
نتيجو ڀيانڪ نڪتو آهي. وڏن پروفيسرن ۽ ماهرن جو
پورو توجهه پنهنجي خانگي اسپتالن ڏي آهي. شام جو
3-4 بجي کان پوءِ سندن ڪلينڪون شروع ٿين ٿيون ۽ اڌ
رات تائين به جاري رهن ٿيون. سندن فيون به موتمار
آهن، جيڪي ڏينهون ڏينهن وڌنديون رهن ٿيون. ڪراچيءَ
۾ ته ڪي ڊاڪٽر 3-4 يا پنج هزار رپيا به في وٺن ٿا.
باقي صبح جو نالي ماتر ڪجهه وقت اسپتال کي ڏين ٿا.
ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته سندن بنيادي ڪم تدريس
جو آهي، هو پهرين پروفيسر آهن، پوءِ معالج،
لامحاله مريض سندن خدمتن کان ڪنهن حد تائين
وانجهيل رهن ٿا. هن مان اهو مطلب نه ڪڍڻ گهرجي ته
پنج ئي آڱريون هڪ جهڙيون آهن. ڪي ڊاڪٽر مريضن جي
سار سنڀال کي عبادت سمجهي ڪن ٿا.
مٿئين سڄي بحث جو حل آهي ته ڊاڪٽرن کي هڪ معقول
رقم بطور خانگي پريڪٽس نه ڪرڻ جي بدلي ۾ ڏني وڃي،
پر هنن کي پابند ڪيو وڃي ته هو 24 ڪلاڪ مريضن جي
پرداخت لاءِ مستعد رهن. هي پگهارن ۾ اضافو ڪنهن
عظيم مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ معمولي ڳالهه آهي.
اسان جي بجيٽ جو دائرو صحت لاءِ فقط ٻه سيڪڙو
وڌايو وڃي ته هيءَ خرچ پورو ڀري سگهجي ٿو. ان حالت
۾ ڊاڪٽرن کي پنهنجون خانگي ڪلينڪون بند ڪرڻيون
پونديون ۽ اهو ڪم خالصتن پرائيويٽ ڊاڪٽرن کي ڪرڻو
پوندو. سرڪاري ڊاڪٽر 2-3 بجي تائين ته معمول جي
ڊيوٽي ڏين، ان کان پوءِ ايمرجنسي (هنگامي) ڊيوٽيءَ
لاءِ تيار رهن. ائين ڪرڻ سان سندن توجهه مريضن ڏي
وڌندو ۽ عوام الناس جو ڀلو ٿيندو.
جيڪڏهن بفرض محال حڪومت لاءِ اهو ڪم ڏکيو آهي، ته
پوءِ ٻي صورت ۾ آغا خان اسپتال وانگر اسپتال جي
حدن ۾ ماهراڻي مشورن جون ڪلينڪون قائم ڪيون وڃن،
جن جو انتظام ته اسپتال ڪري، پر هڪ مقرر في جيڪا
مناسب هجي، اها مريض کان ورتي وڃي. ۽ اها غريب ۽
متوسط ماڻهن جي مالي حيثيت مطابق هجي. بهر ڪيف،
ٻنهي مٿي ذڪر ڪيل صورتن ۾ پرائيويٽ وارڊ ۽ ڪمرا
گهڻي تعداد ۾ ٺهرائڻا پوندا، جتي سرڪاري ڊاڪٽر
پنهنجي مريضن کي رکي سگهن. حڪومت جو خرچ ته وڌندو،
پر ڪرڻ گهرجي. هونئن به اجاين سجاين خرچن ۽ بد
عنوانين ۾ هر سال اربين کربين رپيا ضايع ٿي وڃن
ٿا. سو ٻيا خرچ گهٽائي صحت جو حصو بجيٽ ۾ وڌايو
وڃي ته لائق تحسين ڪم ٿيندو.
هڪ ٻي انقلابي قدم کڻڻ جي اشد ضرورت آهي.ماهر
ڊاڪٽر بنيادي طور ميڊيڪل ڪاليجن ۾ پروفيسر يا
ايسوسيئيٽ پروفيسر وغيره آهن، کين پگهار به انهيءَ
حيثيت ۾ ملي ٿو. سندن سالياني ڪارڪردگيءَ جون
رپورٽون پرنسپال يا وائيس چانسيلر لکي ٿو. اسپتال
جتي مريضن جو علاج ٿئي ٿو، اها هنن جي ثانوي ڊيوٽي
۾ شامل آهي، ان ڪري مريضن تي اهو توجهه نه آهي،
جيڪو ٿيڻ کپي. ازاسواءِ تحقيق ته يعني
Researchجو
ته نالو نشان به ڪونهي، حقيقت ۾ ٿيڻ ائين کپي ته
ڊاڪٽر جي اولين ۽ ترجيحي ڊيوٽي مريضن جي سار سنڀال
هجي ۽ ثانوي ڊيوٽي شاگردن کي پڙهائڻ جي . هڪ
پروفيسر کي ماهر
consultant
ڪري لکڻ کپي ۽ ٻين عهدن جا
نالا به ائين هجڻ کپن، هنن کي انهن جي ڊيوٽي
ميڊيڪل سپرنٽيڊنٽ جي ماتحت ڏيڻ کپي، سندن پگهار
بطور
Consultant
جي اچي ۽ انهن جي سالياني خفيه رپورٽ ميڊيڪل
سپرنٽڊنٽ کي لکڻ کپي، ميڊيڪل سپرنٽيڊنٽ پروفيسرن
جي ڪيڊر مان ۽ باصلاحيت هجي. البته ان جي مد لاءِ
ٻه ڊاڪٽر سول سرجن جي عهدي جا رکيا وڃن جن کي
AMS يا DMS
چيو وڃي، ٻه وڌيڪ
DMS
. ايم. بي. اي جي حامل رکيا وڃن جئين هو انتظامي
صلاحيتن کي احسن طريقي سان هلائي سگهن. اڪائونٽ جي
شعبه ۾ ايم.ڪام پاس ڪيل اميدوارن کي رکيو وڃي
ياممڪن هجي ته آزاد چارٽرڊ اڪائونٽنٽ اسپتالن لاءِ
رکيا وڃن. هن قسم جي انتظامي تبديلين سان اسپتالن
جو نقشو بدلجي سگهي ٿو ۽ عوام جا ڏک سور گهڻي ڀاڱي
ختم ٿي سگهن ٿا.
هڪ ٻيو مسئلو، جنهن کي حل ڪرڻ سان طبي سهوليتن ۾
وڏو اضافو اچي سگهي ٿو سو ميڊيڪل اوزارن ۽ مشينن
جي مرمت جو آهي. ٿئي ائين ٿو جو معمولي خرابيءَ
باعث، ڪو اوزار يا ڪا مشين صحيح طور ڪم نٿي ڪري.
انهيءَ اوزار کي فقط معمولي مرمت جي ضرورت هوندي
آهي، پر فني ڄاڻ نه هئڻ سبب ۽ ورڪشاپ نه هجڻ ڪري
انهن اوزارن جي مرمت ورهين تائين نه ٿي ٿئي. تان
جو مشين اڳتي هلي ناڪاره ٿي وڃي ٿي. اهڙي طرح
گورنمينٽ جو لکن ڪروڙن رپين جو نقصان ٿي وڃي ٿو.
ٻئي طرف عوام کي به سهوليتن کان ورهين تائين محروم
رکيو ٿو وڃي. ان لاءِ ضروري آهي ته صوبي جي سطح تي
طبي اوزارن جي مرمت لاءِ ورڪشاپ قائم ڪيا وڃن جيئن
وقت سر انهن اوزارن جي مرمت ٿي سگهي. انهن ورڪشاپن
جي قائم ڪرڻ تي جي ضروري هجي ته زرڪثير به خرچ ڪرڻ
کپي ۽ متعلقه شعبه جا انجنيئر ۽ ٽيڪينڪل افراد به
رکڻ کپن.
سال 1986 ۾ مون کي پاڪستان آرمي جي پوسٽ گريجوئيٽ
ميڊيڪل ڪاليج راولپنڊي ۾
M.sc
ڪورس ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو. هن ڪورس ۾ فقط فوج جي
ڪرنلن کي کنيو ويندو هو پر صوبائي حڪومتن جي طرفان
به هر صوبي مان هڪ ڊاڪٽر کي منتخب ڪيو ويندو هو.
سنڌ مان آءٌ واحد ڊاڪٽر هئس جنهن ان ڪورس ۾ شرڪت
ڪئي. ٻيو بلوچستان حڪومت جي طرفان به هڪ ڊاڪٽر
کنيو ويو هو. پنجاب ۽ سرحد جي نمائندگي ڪانه هئي.
هن ڪورس جا پهريان ٻه مهينا ڪلدانا مريء ۾ ڪرايا
ويا، باقي 11 مهينا راولپنڊيءَ ۾. هيءُ ڊگري ڪورس
طبي نظم ونسق قائم ڪرڻ جي باري ۾ هو، جتي نوان
نوان موضوع بحث هيٺ آيا ٿي. مثلا: طبي اقتصاديات،
طبي معاشرت، طبي آڊٽ ۽ اڪائونٽنگ، اسپتال جي تعمير
جو نقشو، جنگ جي حالت ۾ طبي سهوليتن جي فراهمي،
طبي اخلاقي مسئلا ۽ انهن جا حل، مثلا: عائلي
قانون، بغير نڪاح جي شادي، وقت کان اڳ مرڻ جي
خواهش ۽ انهي جي تڪميل، مغرب ۾ خاندان جي ٽوٽ
ڦوٽ،مصنوعي اوزارن تي زندگيءَ کي قائم رکڻ، انسان
جي مرڻ جو حق
(Euthansia)
بي شمار طبي مسئلا ۽ مباحثا، جيڪي هاڻي مغرب کي
درپيش آهن ۽ جيڪي آهستگيءَ سان ترقي پذير ملڪن ۾
به اچي رهيا آهن. هن ڪورس منهنجي معلومات ۾ ڪافي
اضافو آندو ۽ ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون، جن جي متعلق
ڪا معلومات نه هئي، علم ۾ آيون ۽ صحت جي مسئلن کي
سمجهڻ ۾ معاون ثابت ٿيون. اسان کان پوءِ جيڪي ڪورس
ٿيا، انهن مان صوبائي حڪومتن جي ڪوٽا بلڪل ختم ڪئي
وئي ۽ ان ۾ صرف فوجين کي شامل ڪيو ويندو هو. ڪنهن
به فوجي ڊاڪٽر، جيڪو ميجر، ليفٽيننٽ، ڪرنل يا ڪرنل
هجي، انهيءَ جي پروموشن انهيءَ ڪورس ڪرڻ کان سواءِ
نه ٿيندي هئي. آخر ۾ امتحان قائد اعظم يونيورسٽي
اسلام آباد مان ورتو ويندو هو ۽ ڊگري به اتان
ملندي هئي.
انهيءَ زماني (1986-1985ع) ۾ آرمڊ فورسز ميڊيڪل
ڪاليج جو ڪمانڊنٽ ميجر جنرل عشرت حسين هو، جيڪو
Psychology
يعني نفسيات ۾
M.R.C.P
هو. علم و ادب، لٽريچر ۽ سائنسي موضوعن تي لکڻ ۾
سندس حصو هو. سندس نفسيات تي مقالا دنيا جي مختلف
طبي رسالن ۾ شايع ٿيندا هئا. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ
هن ڪراچي ناظم آباد ۾ نفسياتي اسپتال قائم ڪئي،
ڪجهه سال ٿيا ته گذاري ويو آهي.
ڊپٽي ڪمانڊنٽ برگيڊيئر سڪندر الاهي رانا هو. هن
Anatomy
۾ ايم. ايس سي ڪئي هئي، پوءِ ميجر جنرل به ٿيو.
هاڻي به حيات آهي ۽ شايد اسلام آباد ۾ آهي.
آرمي جا ڪجهه ڪرنل ڊاڪٽر جيڪي ڪورس ۾ شريڪ هئا ۽
صاحب اخلاق ۽ وڏي محبت وارا هئا، انهن مان ڪن جو
ذڪر ڪرڻ کپي.
ڪرنل منظور چوڌري نمازي، متقي، پرهيزگار ۽ ڪچهريءَ
جو مور هو. پاڻ اوائل زندگيءَ ۾ ڪجهه ڏک ڏاکڙا ڏٺا
هئائين، پر پوءِ دين جي ارڪانن تي هلڻ سان
مشڪلاتون آسان ٿيس ۽ خوشحال ۽ خوش نصيب ٿيو. ان
کانپوءِ دين اسلام جي احڪامن تي پابند هوندو هو،
هي تجربا سندس پنهنجا ٻڌايل هئا. اسان سان آمريڪا
هليو ته به رمضان جا روزا نه ڇڏيائين. حالانڪه
روزي جو دورانيه 18 ڪلاڪ هوندو هو. هيءُ فيصل آباد
جو ويٺل هو.
ٻـيــو آفـيـسر، هوائي فوج جو گروپ ڪئپٽن، جميل
نواز ڪيوبا جي صدر فيڊل ڪاسترو جو هم شڪل هو. سندس
طبعيت ۾ رنگيني هئي ۽ اسلامي موضوعن تي وڏا بحث
ڪندو هو. سندس مطالعو ڪافي وسيع هو ۽ متشرقين
مصنفن ۽ دانشورن کان متاثر هو. بهرحال سندس ڳالهين
۾ ڪافي وزن هوندو هو. ڪورس پوري ڪرڻ کان پوءِ فوج
مان استعيفا ڏنائين ۽ آمريڪا ۾ رهائش پذير ٿيو.
سندس پيءُ جنرل حق نواز حيدرآباد ۾ ايوب خان جي
ڏينهن ۾ ايگريڪلچر ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن ّجو
چيئرمين هو. هيءُ تلاگنگ جو ويٺل هو.
ڪرنل اڪرام صوبي بهار جو هو. آخر ۾ ڪراچي ملير
ڇانوڻي اسپتال جو ڪمانڊنٽ هو. بيحد خوش اخلاق ۽
مهربان دوست هو. هاڻي به ڪراچيءَ ۾ ڪٿي رهي ٿو.
ڪرنل اعظم هاڻي گجرات ۾ خانگي پريڪٽس ٿو ڪري. هيءُ
به بيحد محبتي ۽ قربدار شخصيت جو مالڪ هو. هڪ دفعي
ڪچهري ڪندي خبر پئي، ته هيءُ مسقط بهلاء ۾ هيلٿ
سينٽر جو انچارج ڊاڪٽر رهي چڪو هو، جتي ڪجهه سالن
کان پوءِ منهنجي مقرري ٿي هئي.
ڪورس جا ليڪچرار به اعليٰ تعليم يافته ۽ پنهنجي فن
۾ ماهر هئا. نفسيات جا ليڪچر جنرل عشرت پاڻ ڏيندو
هو. اخلاقيات تي ليڪچر ميجر جنرل اظهر ڏيندو هو.
جيڪو هاڻي بقائي يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسيلر
آهي. اقتصاديات تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ حبيب گروپ آف
ڪمپنيز جو ضياء شفي صاحب آيو، جنهن کي اڪائونٽنگ ۽
آڊٽ ۾ وڏي مهارت هئي. ٻيو مسٽر جنيد ماهر
اقتصاديات ڪراچيءَ مان آيو، شماريات تي ليڪچر مسٽر
لال ڏنا، جنهن جو تعلق پنجاب يونيورسٽيءَ سان هو،
ڪورس جو هڪ پهلو پاڪستان جي مکيه سول ۽ فوجي
اسپتالن جو نظام ڏسڻ هو. ان سلسلي ۾ راولپنڊيءَ
جون ٻه اسپتالون: ملٽري اسپتال ۽ ڪمبائينڊ ملٽري
اسپتال، لاهور جي شيخ زيد اسپتال، فيصل آباد جي
ملٽري اسپتال ۽ آخر ۾ ڪراچيءَ جي آغا خان اسپتال
هئي، جنهن اڃا هاڻي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو. ان کان
سواءِ گهڻيون ٻيون فوجي اسپتالون به ڏٺيوسين.
فوجين سان رهندي مون کي ڪابه ڪوفت يا خلش محسوس نه
ٿي. مون ڏٺو ته هنن صلاحيت جو قدر ڪيو ٿي ۽ منجهن
سنڌي پنجابيءَ جو تعصب ڪونه هو. دراصل ان ڳالهه جي
تشهير نه ٿي ڪئي وڃي. پر حقيقت ۾ فوج ئي هڪ اهڙو
ادارو آهي، جنهن ۾ سڀني کي اهو احساس آهي ته اسين
سڀ پاڪستاني هڪ متحده قوم آهيون. اسان جا دوست به
مشترڪه آهن ته دشمن به مشترڪه. قابليت ۽ لياقت جي
بنياد تي توهان مٿي ترقي ڪري سگهو ٿا ۽ ڪو هروڀرو
توهان جو مخالف نه ٿيندو. مون فوجي آفيسرن کي
هميشـہ
وسيع نظر ۽ فراخدل ڏٺو. هنن سان منهنجا تعلقات
گهڻي وقت تائين برقرار رهيا ۽ ڪن سان اڄ سوڌو به
آهن
فوج ۾ ٿورو گهڻو سول ۽ آرميءَ جو فرق آهي. سويليئن
آفيسر جيڪڏهن برق رفتاريءَ سان فوجين جي همقدم هلي
ٿو، ته هو سندس قدر ٿا ڪن، پر ڪي سويليئن ائين ڪرڻ
۾ پٺتي رهجي وڃن ٿا ته ان حالت ۾ سندن همت افزائي
ايتري نه ٿي ٿئي. منهنجي خيال ۾ فوج جي اعليٰ
آفيسرن کي انهيءَ ڳالهه جو احساس آهي ۽ وقت گذرڻ
سان اهو معمولي فرق به رفع ٿي ويندو.
ڪورس دوران (1986ع) اسان کي آمريڪا وٺي ويا، ته
جئين اتي جي سول ۽ دفاعي طبي سهوليتن جو جائزو
ورتو وڃي. اسان کي سرڪاري طور تي 15 ڏينهن ان ڪورس
۾ شرڪت ڪرڻي هئي. هيءُ ڪورس ٽيڪساس جي ڊلاس اسٽيٽ
۾ بيلر
(Byler)
يونيورسٽيءَ ۾ ٿيو. مطالعي جا موضوع اهي ئي هئا،
جيڪي مٿي آءٌ بيان ڪري چڪو آهيان. البته مختصر وقت
۾ گهڻو ڪم ڪرڻو ٿي پيو. ڪيتريون ملٽري اسپتالون
ڏٺيوسين. واشنگٽن جي والٽر ريڊ اسپتال ۾ سڄو ڏينهن
انتظامي معاملات کي ڏسڻو پيو. فورٽ ورٿ ۾ اسان جي
ڪري فوجي مظاهرو ڪيائون ۽ اهو ڏيکاريو ويو ته جنگ
۾ زخمين جو علاج ڪيئن ڪيو ٿو وڃي. ڪورس دوران
مختلف شهرن ۾ وڃڻ ٿيو. پهريائين نيو يارڪ، پوءِ
هوائي جهاز رستي واشنگٽن آياسين، جتي هاليڊي- ان
هوٽل ۾ رهڻ ٿيو. واشنگٽن ۾ اسان کي ٻڌايو ويو ته
پنجين بجي شام کان پوءِ هوٽل جي ڪمرن مان ٻاهر نه
نڪرجو، جو ڪارن شيدين جي غنڊا گرديءَ جو انديشو
آهي. تعجب آهي ته هيڏي ترقي يافته ملڪ ۾ ڏينهن ڏٺي
جو دهشت گردي عام هئي. واشنگٽن م والٽر ريڊ اسپتال
ڏيکاريائون، جنهن جو ڪمانڊنٽ هڪ سابق اطالوي ڊاڪٽر
هو، پر آمريڪي فوج ۾ جنرل هو. انهيءَ سان ملاقات
ٿي. ان کان پوءِ فيٽ ول، جيڪو نارٿ ڪيرولائنا ۾ هڪ
دفاعي اڏو آهي، جتي پائين جي خوبصورت وڻن جا وڏا
ٻيلا آهن. اتي پئراشوٽ مان جمپ هڻڻ جو مظاهرو
ڏٺوسين. مقصد اهو هو ته جيڪڏهن ڪير پيراشوٽ مان
لهندي زخمي ٿي پوي ته ان جو علاج ڪيئن ڪيو وڃي.
پوءِ بيلر يونيورسٽي هاسپٽل ۾ هڪ هفتي جو مصروف
ترين ڪورس هليو. ان کان پوءِ ڪجهه ڏينهن جي موڪل
ڏني وئي ته جيڪي آمريڪا مان پنهنجي دوستن يا مٽن
مائٽن ڏي وڃڻ چاهين ته اهي هفتي کن لاءِ وڃي سگهن
ٿا. پر پوءِ مون کي 20-25 ڏينهن لڳي ويا.
سڀ کان پهريائين نيو يارڪ واپس آيس، جتي اسٽيشن
جزيره تي منهنجي ماسات ادي اشرف ۽ سندس خاوند
مرحوم انور شيخ رهندا هئا. مون وٽن ٻه ڏينهن
گذاريا. پهرين ڏينهن فيري رستي مين هٽن پهتاسين،
جيڪو دنيا ۾ ڊگهين عمارتن جي ڪري مشهور آهي. ڪي
بلـڊنگون 130-140 ماڙ هيون، جتي پهچندي ٽن يا چئن
لفٽن جو سهارو وٺڻو ٿي پيو. فيريءَ ۾ 3-4 هزار
مسافرن جي ويهڻ جي سهوليت هئي. فيري چار منزله هڪ
وڏو بحري جهاز هو. ڪرايو شايد هڪ ڊالر آمريڪي هو.
اسٽيشن آئلنڊ کان مين هٽن تائين پهچڻ ۾ اڌ ڪلاڪ کن
لڳو ٿي. فيري هڊسن نديءَ مان لنگهي ٿي، جنهن جي وچ
تي آزاديءَ جو مجسمو
(Statue of Liberty)
آهي. هيءَ مجسمو فرينچ عوام پاران آمريڪي عوام کي
1870ع ۾ آزاديءَ جي موقعي تي ڏنو ويو هو. مجسمي جي
اوچائي تائين پهچڻ لاءِ لفٽون آهن ۽ سڄي مجسمي جا
چار طبقا آهن. چوٽيءَ تي مجسمي جي هٿ ۾ شمع ڏني
وئي آهي، جيڪا آزادي جي شمع آهي ۽ هر وقت روشن رهي
ٿي. مين هٽن ۾ لاتعداد عظيم الشان بلـند عمارتون
آهن، جن جون چوٽيون آسمان سان ڳالهائين ٿيون. اسان
راڪ فيلو بلـڊنگ کان پيدل هلڻ شروع ڪيو ۽ مختلف
گهٽيون ڏسندا ٽائيمز اسڪوائر پهتاسين. هتي جڳ
مشهور عمارتون امپائر اسٽيٽ بلڊنگ، ورلـڊ ٽريڊ
سينٽر، اقوام متحده جي عمارت، پين آمريڪين جي
آفيس. مطلب ته سوين وڏيون عمارتون هيون. رستن تي
لا تعداد شاپنگ مال، هوٽل، دڪان ۽ پلازا، هر قسم
جي سامان سان ڀريل موجود هئا. پوءِ انور مرحوم
سندس هڪ دوست ڪئپٽن بخاريءَ جي گهر وٺي هليو، جنهن
۾ هڪ روم وارا فليٽ هئا. هر فليٽ جي قيمت ڪروڙين
رپين ۾ هئي، ڇوته ان ۾ تعمير جو سامان، چترڪاري،
ميناڪاري ۽ عيش آرام جون هر قسم جون سهوليتون ميسر
هيون. هتي جي دنيا ئي ٻي هئي، جنهن کي پهريون دفعو
ڏسجي، ته خواب ۽ خيال جي دنيا ئي چئي سگهجي ٿو.
بخاري صاحب لنچ تي پاڪستان هوٽل شيزان مان برياني
گهرائي. هيءُ هوٽل اتي ئي ڪٿي ڀرپاسي ۾ هئي. ورلـڊ
ٽريڊ سينٽر ۾ 2001ع ۾ جهاز ٽڪرايا ۽ ٻئي عمارتون
زمين دوز ٿي ويون. دنيا سڄيءَ کي انهيءَ معاملي جي
خبر آهي. ٻئي ڏينهن تي نيو يارڪ جا رهيل حصا
ڏٺاسين.
ان کان پوءِ گري هائونڊ جي بس ۾ اٽاڪا روانو ٿيس،
جتي منهنجو ماسات عبدالرزاق شيخ رهي ٿو. هيءُ
1957ع کان آمريڪا ۾ آهي، سندس ٽي جنرل اسٽور آهن،
اٽاڪا نيويارڪ رياست جو هڪ شهر آهي ۽ هتي هڪ
يونيورسٽي آهي. هيءَ يونيوورسٽي جنهن جو نالو
ڪارنيل يونيورسٽي آهي، دنيا جي مشهور يونيورسٽن
مان هڪ آهي. سڄي دنيا مان طالب علم آرٽس ۽ سائنس
جي اعليٰ تعليم لاءِ هتي اچن ٿا. عبدالرزاق جو گهر
ٽرومن برگ نالي هڪ ڳوٺ ۾ آهي، نالي ۾ ڳوٺ آهي پر
منجهس دنيا جون سڀ سهولتون موجود آهن. 3-4 ڏينهن
کان پوءِ آءُ جهاز رستي بالٽي مور ۾ آيس جتي
منهنجو دوست ڊاڪٽر ضياءَ الانصار رهندو هو. ان
بالٽي مور ۽ واشنگٽن جو شهر ڏيکاريو. انهي سفر جون
ڪافي يادگيرون آهن پوءِ قصو مختصر ڪجي. ان کان
پوءِ لنڊن رستي واپسي جو سفر شروع ٿيو. |