سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: يادِ ايام

باب: --

صفحو :2

 

[2]

اسـان جــي وڏن جــي ارشــاد جــي مـسـنـد تي ويٺل سندن شاگرد رشيد فقير منٺار صاحب، ڳوٺ سچيڏني ورياهه لڳ ٽنڊي آدم ۾، عربي مدرسو قائم ڪيو. هن مدرسي کي قائم ٿيندي 60-70 سال ٿي ويا آهن. هتي قرآن شريف ۽ عربي فارسيءَ جو علم مڪمل نصاب جي طور پڙهايو وڃي ٿو. فقير صاحب پاڻ سنڌ جي روايتي صوفين، الله وارن، درويشن جي ساٿ مان آهي. سندس عمر 95 سال آهي. هاڻي چراغ سحري آهي. پر علم جي لاٽ ٻاريو ويٺو آهي. سندس شاگردن جو تعداد اطراف ۾ تمام گهڻو آهي. چند طالب علم تحصيل ڪري به نڪتا آهن. پاڻ فقير صاحب خود به، پنهنجي مدرسي ۾ مهتمم هجڻ دوران، درس نظاميءَ جي تڪميل ڪئي. سندس دستاربندي مفتي محمد شفيع صاحب ڪرائي. سندس استاد وقت جا درويش عالم ٿي رهيا. ڪي سبق اسان جي والد مولوي عبدالله صاحب کان ورتائين ۽ ڪي سبق مولوي محمد صاحب کان ورتائين. ٻين استادن ۾ مولوي حزب الله، مولوي عبيدالله، مفتي رشيد احمد، جنهن افغان جهاد ۾ وڏو حصو ورتو، حاجي محمد اڪتڙ وارو ۽ مولوي عبدالحق رباني شامل آهن. فقير صاحب علم سان گڏ حلم ۽ تواضع جو به سبق حاصل ڪيو. پاڻ غريبي ۽ مسڪيني ۾ زندگي بسر ڪئي اٿس. ڪپڙن جو هڪ جوڙو جسم تي اٿس، جيڪو جمعي ڏينهن ڌوئي سڪائي وري پائيندو آهي. فقير صاحب مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي هن شعر جو مثال آهي:

مرد مرن ڪين ڪي، مرن مردودا
وڏا طالع تن جا، جي مرن مسڪينا

فقير منٺار صاحب جو تعلق صوفي فقيرن شورن سان آهي. شورن جو وڏو فقير حاجي محمد شورو هو، جيڪو خود به الله وارو درويش هو. سائي رنگ جو وڏو عربي جبو پائيندو هو. مٿي تي وڏو پٽڪو ٻڌندو هو. تسبيح سڄي عمر هٿ ۾ کنيائين ۽ ذڪر جلي ۽ خفي ڪندو رهندو هو. سندس والد پيرو فقير شورو هو، جنهن بزرگ جا گهڻا معتقد ۽ مريد هئا. پيرو فقير جي عقيدت عمر ڪوٽ جي صادق فقير سان هئي، جيڪو پهتل بزرگ هو ۽ جنهن جون ڪرامتون مشهور آهن. صادق فقير جي اولاد مان صوفي قلندر بخش ٿيو. جيڪو سن 1940ع ڌاري زمينن جي جهيڙي تان کيس فجر نماز مهل مسجد ڏانهن ويندي شهيد ڪيو ويو.

فقير منٺار صاحب جا عقيدتمند ٽنڊي آدم جا ورياهه مرحوم تاج محمد ورياهه ۽ سندس فرزند عبدالله خان ورياهه هئا. وڏيرو تاج محمد جوانيءَ ۾ گذاري ويو ته عبدالله جي تربيت فقير صاحب جن ڪـئـي. عـبــدالله وڏو مـحــقــق، اديب ۽ مصنف هو. دنيا جي سڪن جو وڏو ذخيرو جمع ڪيائين. سنڌ يونيورسٽيءَ مان انهيءَ موضوع تي پي ايڇ. ڊي جي سـَـنـَـدَ حاصل ڪرڻ لاءِ ٿيسز لکيائين. پر افسوس جو عمر وفا نه ڪيس ۽ ڪجهه سال اڳ باءِ پاس آپريشن دوران ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري ويو. عبدالله خان پنهنجي خرچ سان فقير منٺار صاحب کي مدرسي لاءِ پڪي بـلـڊنگ ٺهرائي ڏني، جيڪا هاڻي به موجود آهي. هن مدرسي جي تعمير ۾ وڏيري شاهنواز جوڻيجي جو به هٿ هو. فقير صاحب جن کي پنهنجي ذاتي لائبرري آهي. پاڻ اوائلي عمر ۾ ڀٽائي صاحب جو عاشق هو ۽ هر جمعي تي پيرين پنڌ راڳ ٻڌڻ ويندو هو، وري صبح جو پيرين پنڌ موٽي ايندو هو. انهيءَ عرصي ۾ سندس ملاقات سنڌ جي ڪيترن صوفين، پهتل بزرگن، فقرائي لڏي سان ٿي، جن جو تعلق دنيا سان نه هو. فقير صاحب سندن صحبتن مان گهڻو ڪجهه پرايو آهي. کيس فقيرن جا ڪيترا گفتا ۽ ڳالهيون ۽ چشم ديد واقعا ياد آهن. اسان سنڌ جي فقيرن، صوفين، سنتن ۽ الله لوڪن جي باري ۾ پڙهيو آهي يا ٻڌو آهي ۽ فقير صاحب انهن جو زندهه جاويد مثال آهي. اهڙا ماڻهو ٿورا وڃي رهيا آهن. الله سائين کين عمر خضري عطا فرمائي. (آمين)

فقير منٺار صاحب هڪ واقعو ٻڌائيندو آهي، ته جڏهن شهيد صبغت الله شاهه انگريزن جي خلاف جهاد جو اعلان ڪيو، ته مريدن کي حڪم ڪيائين ته هاڻي توهان لاءِ تماڪ نوشي، ساز ۽ راڳ ناچ ممنوع آهن. مريدن ان تي سختيءَ سان عمل ڪيو. محمد فقير کٽياڻ مشهور صوفي فقير پير پاڳاري صاحب جو مريد هو. مٿيون حڪم ته مڃيائين پر راڳ ۽ ناچ کي نه ڇڏي سگهيو. هي صوفي فقيرن جا پراڻا طريقا آهن. جڏهن پير پاڳاري صاحب جن اها ڳالهه ٻڌي ته پاڻ فرمايائون، ته محمد فقير کي فقرا ِّ جي جماعت مان تڙي ڇڏيو. پوءِ فقير پيرين پنڌ هالن ۾ مخدوم غلام محمد صاحب جي مجلس ۾ آيو ۽ اچي صدا هنيائين ته تڙيل آهيان. توهان جي مجلس ۾ تڙيلن کي ڪا جاءِ ملندي؟ مخدوم غلام محمد صاحب جن فرمايو ته جاءِ ملندي. هاڻي جتي بيٺو آهين، اتي ئي ويهي رهه. ان کان پوءِ محمد فقير جو تعلق هالن جي مخدومن سان ٿيو ۽ آخر دم تائين قائم رهيو.

اسان جي ڳوٺ جو ٻيو هڪ درويش حاجي فيض محمد ميمڻ هو، وڏي عمر ٿيس. هاڻي گذاري ويو آهي. ٻه دفعا حج ڪيائين. سکپور ۽ راڄڙي جي ٻيلي مان جيڪي شيون جهڙوڪ: پلڙا، لاک، کونئر، ماکي، ميڻ وغيره اينديون هيون، انهن جو واپار ڪندو هو، وڏو حاضر جواب ۽ مزاحيه گفتار هو. پنج وقتي نماز جو پابند ۽ پرهيزگار هو. سن 1972ع ۾ مون سان حج تي گڏ هو. ڪراچيءَ مان بحري جهاز تي چڙهڻ وقت مبارڪ موقعو سمجهي سندس پٽ حاجن کيس نئون سليپر وٺي ڏنو، جيڪو سامونڊي سفر ۾ اٺ ڏينهن پاتائين، تان جو اچي مڪي شريف پهتو. دستور موجب عمرو پورو ادا ڪيائين. حج ۾ چند ڏينهن وڃي رهيا، ان ڪري حجاج جو هجوم تمام گهڻو هو. هيءُ عمرو پورو ڪري ٻاهر نڪتو ته گهر وڃي غسل ڪريان. ٻاهر اچي ته نئون سليپر ٺهي ئي ڪونه. حرم شريف کي پنجاهه دروازا آهن. هاڻي ڪهڙي دروازي تي رکيائين، اهو ياد نه پيس. هن سمجهيو ته هالن پراڻن جي جامع مسجد آهي، جو هڪ ٻه دروازا هوندس ۽ جوتو لڀي پوندو. پوءِ ته هڪ دروازي مان ٻئي ۾، ٻئي مان ٽئي ۾، ائين ڦرندو رهيو تــان جــو نــئــون سليپر هٿ نه آيس. پوءِ ٻين حاجين سمجهايس ته هـتــي ائـيــن ٿـيـنــدو آهي. هاڻي تون به ڪنهن جي چپل کڻي پاءِ. هن چيو ته حرم پاڪ ۾ اچي آءٌ خيانت ڪريان، اهو مون کان نه پڄندو. پوءِ ته اڌ ڏينهن تائين پير اگـهـاڙا ڪــري پئي هليو، نيٺ هوائي چپل ٻن ريالن ۾ خريد ڪيائين.

هڪ ٻئي درويش محمد هاشم واڌاڻي ميمڻ جو به ذڪر ڪجي، جيڪو زيتونن، انبن ۽ کارڪن وغيره جا باغ ٺيڪي تي کڻندو هو، انهيءَ مان جيڪو نفعو ٿيندو هوس، اهو سندس رزق حلال لاءِ ڪافي هو. کيس مولودن چوڻ جو ڏاڍو شوق هو، حالانڪه آواز ۾ ڪو سوز يا گداز ڪونه هوس، پر رسول ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي محبت ۾ مولود ڳائڻ سعادت سمجهندو هو. پنهنجن پيسن مان مٺائي وٺي اعلان ڪرائيندو هو، ته اڄ رات آءٌ عشاء جي نماز کان پوءِ مولود چوندس. نماز کان پوءِ خلق اچي جمع ٿيندي هئي. هيءُ پنهنجي مخصوص انداز ۾ مولود ڳائيندو هو، پر جذب ۽ سرمستيءَ سان. وڏو جبو بافتي جو ٺهيل پائيندو هو. ڇوڪرا ڇڙا ۽ ڪيترا وڏا کيس چيڙائڻ لاءِ کجور جون ککڙيون ۽ ننڍيون پٿريون اڇلي هڻندا هئس، پر هن تي ڪو اثر ڪونه ٿيندو هو، ڄڻ ته ڪجهه ٿئي ئي ڪونه ٿو. ائين ڪري وڃي مولود پورا ڪندو هو. سچو عاشق الاهي هو. آخر ۾ پنهنجي آندل مٺائي حاضرين ۾ ورهائيندو هو.

محمد هاشم کي آخرت جو ڏاڍو اونو هو. قيامت کي ياد ڪري روئندو هو ته ان ڏينهن الاجي پڇاڻو ڪيئن ٿيندو ۽ نجات ملندي يا نه؟ پل صراط تان ڪيئن پار پئبو ۽ اهي ڳالهيون ڳڻي دل بيقرار ٿي ويندي هئس ۽ زارو قطار روئندو هو. حاجي فيض محمد جهڙا درويش کيس آٿت ڏيندا هئا ته محمد هاشم! فڪر نه ڪر. نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم پاڻ گناهگارن جي قيامت جي ڏينهن شفاعت ڪندا ۽ انشاء الله پاڻ جنت ۾ وينداسين. پوءِ وڃي دلجاءِ ٿيندي هيس. ڏسو! ته اسان ۾، ۽ انهن الله وارن ۾ ڪيڏو فرق آهي. هيءُ ماڻهو سلف صالحين مان هو.

حاجي فيض محمد هڪ ٻيو واقعو به ٻڌائيندو هو، ته مرحوم مغفور جد امجد مولانا محمد صاحب جڏهن عربستان مان واپس اچي مدرسو قائم ڪيو ته هڪ ڏينهن دروازي تي تاڙي وڳي. هيءُ زمانو سن 1901ع يا سن 1902ع ڌاري جو هو. حاجي فيض محمد وڃي ڏٺو، ته هڪ نوجوان ڇوڪرو عربي لباس ۾ بيٺو آهي ۽ عربي پيو ڳالهائي. اسان جي ڏاڏي کيس اندر سڏايو. ڇوڪري ٻڌايو، ته سندس نالو عمر آهي. پاڻ مڪي شريف ۾ ڄائو هو ۽ هاڻي سنڌ آيو آهي. اصل ۾ حاجي عمر جا وڏا اسان جي ڏاڏي جا ويجها عزيز هئا ۽ مٽياريءَ ۾ رهندا هئا، پوءِ ارڙهين صديءَ جي آخر ۾ عربستان هجرت ڪري ويا. خاندان جا وڏا ته گذري ويا، پر انهن مان هڪ حاجي عمر رهجي ويو، جيڪو پڇائي هالن پراڻن ۾ آيو. پوءِ هن مٽياريءَ ۾ وڃي ٺاٺارڪو دڪان کوليو ۽ سن 1970ع ڌاري گذاري ويو. اسين کيس چاچا عمر سڏيندا هئاسين. پاڻ لوهارڪو ڌنڌو ڪندو هو. جڏهن به اسان وٽ مهمان ٿي ايندو هو ته لالٽينن کي مرمت ڪري اڇو اليومينم رنگ هڻي نئون ڪري ڏيندو هو. ٻيڙيون پن جون پيئندو هو ۽ مٿي تي ڪاري ٽوپي جناح ڪيپ پائيندو هو. کيس عبدالرحمان ۽ محمد نالي ٻه پٽ ٿيا. عبدالرحمان ته هيڊ منشي ٿيو، پوءِ گذاري ويو. البته محمد جيئرو آهي ۽ دڪان هلائي ٿو.

والد حضرت ۽ چاچي صاحب جن وٽ، فقيرن ۽ درويشن جو وڏو تعداد، بغـرض مجلس ۽ ملاقات، ايندو رهندو هو. حاجي پير محمد سائل هالائي خلافت جي ڏينهن ۾ وڏا شعر لکيا ۽ خلافت جي جلسن ۾ پڙهندو ۽ ماڻهن ۾ وڏو جوش ۽ خروش پيدا ڪندو هو. مون کيس پيريءَ ۾ ڏٺو، تمام نحيف ۽ ڪمزور ٿي ويو هو. بـِـلو رنگ جو بوڇڻ ڪلهي تي کڻندو هو، نظر جي چٽائيءَ لاءِ ڪارن شيشن جي عينڪ پائيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ’همدرد‘ ميرپورخاص جو ايڊيٽر حاجي محمود هالائي وٽس ايندو هو. حاجي محمود اصل ۾ هالن نون جو ويٺل هو، پوءِ لڏي وڃي ميرپورخاص ويٺو، جتي شادي ڪيائين. مدرسه اسلاميه محمديه ۽ شفاخانه محمديه جا ليٽرپيڊ همدرد پريس مان ڇپي ڏيندو هو. ايندو هو ته ڪچهري گهٽ ڪندو هو، خاموش گهڻو رهندو هو. سندس ميرپورخاص واري گهر واريءَ مان وڏو پٽ عاشق علي آهي، جنهن کي ٻيا ڀائر به آهن. اهي پيءُ جي ڇڏيل امانت ’همدرد‘ اخبار کي هر حال ۾ هلائيندا اچن ٿا. آءٌ جڏهن ميرپورخاص ۾ سول سرجن هوندو هوس ته مون وٽ ايندا هئا. سڀ ڀائر قربائتا ۽ ادب ڪندڙ هئا.

جناب والد صاحب وٽ ميان عبدالحق قريشي به ڪڏهن ڪڏهن ايندو هو، جيڪو هالا پوليس ۾ صوبيدار هو. هيءُ درگاهه حضرت غوث بهاؤ الحق زڪريا ملتاني واري جي خاندان مان هو، ان ڪري عالمن ۽ درويشن سان صحبت رکندو هو. کيس انگريز سرڪار هڪ گهوڙو گشت لاءِ ڏنو هو، جنهن تي چڙهي ايندو هو. پوءِ گهوڙو مدرسي جي ٻاهرين دريءَ ۾ ٻڌي پاڻ اندر ايندو هو. دوا درمل به والد صاحب کان وٺندو هو. سندس فرزند عبدالرزاق قريشي ايگريڪلچر کاتي ۾ ڊائريڪٽر آهي. هيءُ به خوش اخلاق ۽ کلمک ۽ پيءُ جي نقش قدم تي هلڻ وارو آهي.

انهيءَ زماني ۾ سنڌي تهذيب ۽ ثقافت جا امين سنڌي سٻاجهڙا چڱيءَ تعداد ۾ پيا هلندا هئا. مرحوم ماستر گل محمد انهن مان هڪ هو. ماستر صاحب نصرپور جي پرائمري اسڪول جو هيڊ ماستر هو. ڊگهو قد، وڏيون اکيون، ڀاري جسم ۽ وڏا شهپر، ائين لڳندو هو ته هيءُ صاحب وڏو چيڙاڪ طبعيت جو هوندو. پر ماستر صاحب جيترو هو قد آور، اوترو ئي هو طبعيت ۾ غريب ۽ نماڻو. سندس آواز به هلڪو ۽ هلڻ ۾ به فهميدو هو. گفتگو مختصر پر شانائتي ڪندو هو. مٿي تي ٻن والن کن جو پوتڙو پٽڪي جي جاءِ تي ٻڌندو هو. نڪ جي ناس ڏيندو هو، ته مڇون ۽ کاڏي ڳاڙهيون ٿي وينديون هيس. شلوار مـُـرين کان مٿي جنهن کي ’لنڊي شلوار‘ چوندا آهن، پائيندو هو. اسان کي سندس اچڻ تي گهڻي خوشي ٿيندي هئي، جو پاڻ سان نصرپور جا مشهور کير پيـڙا کڻي ايندو هو، جيڪي هيءُ پاڻ ٺاهيندو هو ۽ انهن کي خوش ذائقه ڪرڻ لاءِ زعفران ۽ عنبر وجهندو هو. کير پيڙا سائيز ۾ عام رواجي کير پيڙن کان چؤڻا وڏا هوندا هئا. تمام بهترين لذيذ ۽ مٺا سائي رنگ جا هوندا هئا. ماستر صاحب کي گذاري، ٽيهه سال کن ٿي ويا آهن، پر سندس کير پيـڙا اڃا نه ٿا وسرن.

ٻيو سنڌي سٻاجهڙو سيد گل محمد شاهه به ڪڏهن ڪڏهن ايندو هو. اصل ۾ ته هالن پراڻن جو هو، پر پوءِ لڏي شهدادپور جي پاسي وڃي ويٺو. سندس مائٽ، وڪيل شاهه ۽ نور محمد شاهه، هالن پراڻن ۾ ئي رهندا هئا. پاڻ جسم جو ڳورو هو، وڏا شهپر، ۽ چاپئين ڏاڙهي هئس ۽ اڇو پٽڪو ٻڌندو هو. پراڻي زماني جا گفتا ۽ وراڻيون ڳالهه ٻولهه ۾ عام ڪتب آڻيندو هو. جي چئبو هوس: ”جيءُ“ ته وراڻي ڏيندو: ”مٺو کير پيءُ“. هنن ڳالهين ۾ ڪيڏي شفقت، محبت، خلوص ۽ دعا آهي. هي سنڌ جي ثقافت آهي ۽ صوفين جي تعليم جو اثر آهي. گل محمد شاهه جا مائٽ ته هالن پراڻن ۾ هئا، پر ٻه راتيون کن اسان جي چاچي وٽ ئي رهندو هو. اهڙو محبتي انسان مون نه ڏٺو.

ٻيو هڪ درويش فقير حاجي سائينداد رند شاهپور چاڪر جي پاسي جو ايندو هو، ڪنهن مسجد جو خادم هو، پر اڻ پڙهيل هو. جاهل ماڻهن جا شوق شڪار هوندا آهن: ڪتا ڌارڻ، ڪڪڙ ويڙهائڻ، سوئر ۽ ڪتن کي ويڙهائڻ ۽ انهيءَ قسم جا ٻيا خفت ۽ شوق، پر فقير سائينداد کي شوق هو: شرعي مسئلا پڇڻ ۽ انهن جون فتوائون يا فيصلا جمع ڪرڻ. پوءِ وري ڪاتبن کي پئسا ڏئي، انهن کي خوشخطيءَ سان لکرائي جـُـلد ڪري رکڻ. گهڻا مسئلا اسان جي وڏن کان ۽ مولوي محمد هاشم خطيب جامع مسجد نواب شاهه کان لکرائيندو هو. هڪ دفعو ڇن (Hernia) جي بيمـاري ٿيس، جنهن جي علاج لاءِ مون کي چيائين. انهن ڏينهن ۾ نصير شيخ سرجن حيدرآباد ۾ هو. انهيءَ پاڻ آپريشن ڪيس، جنهن مان شفاياب ٿيو. پوءِ نصير شيخ کي هڪ رلي به تحفي ۾ ڏني هئائين. نصير شيخ به غريبن جو همدرد ڊاڪٽر آهي ۽ مغرور ڪونهي. هو به کيس هميشه عزت ۽ شفقت ڏيندو هو. ڀٽي صاحب جي دور ۾ صحت جو مشير به رهيو.

هڪ دفعي فقير سائينداد هڪ فقهي مسئلو کڻي آيو، ته اسان جي پاسي ٻروچ خدا کي ’هـُـدا‘ چون ٿا، اها ڳالهه شرع موجب صحيح آهي يا غلط؟ بزرگن کيس جواب ۾ چيو، ته هيءُ مسئلو محبت ۽ عشق جو آهي. الاهي عشق ۾ جي خدا کي ’هـُـدا‘ چون ٿا، ته جائز آهي. اسان ننڍن کي ان ڳالهه تي حيرت ٿي، ته هيءُ ڪهڙو مضحڪه خيز مسئلو آهي. خدا کي ’هـُـدا‘ ڪير چوندو هوندو. بهرحال ڳالهه آئي وئي ٿي وئي. گهڻن سالن کان پوءِ علي احمد بروهي صاحب جي ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيم، ته سندن پاسي ماڻهو خدا کي ’هـُـدا‘ چون ٿا. معلوم ٿيو ته سائينداد فقير گهڻو وقت اڳ صحيح ڳالهه ڪئي هئي.

جي. ايم. سيد جي نالي کان سنڌ جو ٻچو ٻچو واقف آهي. سندس وڏا مٽيارين جي باقيل پوٽا سيدن مان آهن. انهن مان سيد حيدر شاهه لڏي سن ۾ اچي ويٺو هو. جي. ايم. سيد حيدر شاهه جي خاندان مان آهي. انهن سيدن جي هڪ شاخ، جنهن جو وڏو سيد احمد شاهه هو، لڏي اچي هالن پراڻن ۾ ويٺو. پاڻ سان گڏ ڪيترا سن جا ميمڻ به گڏ آندائين، جن کي سنائي چيو وڃي ٿو. ان زماني ۾ هڪ ٻڪرار سيدن جي گهرن سامهون جهنگ ۾ رهندو هو. جڏهن آخري وقت قريب آيس ته احمد شاهه کي گهرائي چيائين ته مون وٽ ٽي ويهون (60) رپيا باقي آهن ۽ هيءُ ٻڪرين جو ڌڻ آهي. منهنجي وڃڻ جو وقت آيو ڪي آيو. هيءُ سڀ مال توکي آيو. هنن پئسن مان هن جاءِ تي، جتي فقير ويٺل هو، مسجد ٺهراءِ ۽ نماز قائم ڪراءِ. سگهوئي انهيءَ ٻڪرار فقير لاڏاڻو ڪيو. پوءِ احمد شاهه ۽ سندس پٽن سنائي ميمڻن سان گڏجي مسجد ۽ کوهه تعمير ڪيا. کوهه ته ختم ٿي ويو. البته مسجد اڃا موجود آهي، جنهن جي مرمت وقت بوقت ٿيندي رهي ٿي.

سيد احمد شاهه کي چار پٽ هئا: سيد پير محمد شاهه وڏو هو. ٻيو نمبر محمد علي شاهه، جنهن کي نانگ ڏنگ هنيو ۽ جوانيءَ ۾ انتقال ڪيائين. ٽيون غلام حسين شاهه، جيڪو جي. ايم. سيد جي زمينن جي سار سنڀال لهندو هو. غلام حسين شاهه وڏو بهادر، همت وارو، فيصلن ڪرڻ ۾ ڏاهو ۽ راڄ کي وٺي هلڻ وارو هو. سن 1974ع ڌاري وفات ڪري ويو. پاڻ امير حيدر شاهه ۽ امداد محمد شاهه جو صهرو به هو. کيس ’بگهڙ شاهه‘ به چوندا هئا. چوٿون پٽ صالح محمد شاهه، جيڪو سن 1987ع ۾ وفات ڪري ويو، هيءُ ٻني ٻاري جو ڪم ڪندو هو. سندس وڏو فرزند سڪندر علي شاهه تعليم کاتي ۾ انسپيڪٽر هو، جتان رٽائر ڪيائين.

هالن پراڻن جا ڀٽي بزرگ زهد، تقويٰ، روحانيت ۽ ڪرامت جا صاحب هئا. سندن وڏو بزرگ جيسلمير جو ڀرٿ نالي هڪ هندو راجا هو، جيڪو حضرت غوث بهاؤ الحق زڪريا ملتانيءَ جي هٿ تي مسلمان ٿيو. پاڻ پهتل درويش هو. سندس وفات ڀاڻوٺ تعلقي هالا ۾ ٿي، جتي سندس قبر جهنگ ۾ آهي ۽ سندس نالو شيخ عبدالله هو. مخدوم عبدالله کي مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد ٻه فرزند ٿيا.

مخدوم احمد پنهنجي ڀاءُ مخدوم محمد ۽ ٻئي ڪٽنب سميت لڏي اچي هالڪنڊيءَ ۾ ويٺو جتي سن 934هه (1528ع) ۾ وفات ڪيائين. جڏهن هالڪنڊيءَ کي درياء پائڻ لڳو، ته سندس اولاد مان ميان نعمت الله اڳين بزرگن جا لاش کڻائي مسجد ۽ گهرن جي سامان سميت 25- ربيع الثاني 1178هه (22- آڪٽوبر 1764ع) ۾ موجودهه هالن پراڻن ۾ اچي ويٺو، جتي سندن اولاد اڃا تائين رهندو پيو اچي. چيو وڃي ٿو ته سندس پوين مان ميان دين محمد اول کي اولاد ڪونه ٿي ٿيو، تنهن ڪري شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَرح جي مقبري تي اچي مراقبو ڪيائين. اتان کيس اشاري ۾ چيو ويو، ته توکي فرزند ٿيندو، ان تي اسان جو نالو رکج. سن1274هه (1857ع) ۾ ميان عبداللطيف تولد ٿيو. ان کان پوءِ سندس پرورش ۽ تربيت ميان محمد صالح اول جي سپرد ٿي، جنهن کيس عربي ۽ فارسي پڙهائي.

ميان عبداللطيف طب ۽ علم جفر ۾ گهڻي دسترس رکندو هو. سندس انتقال 9- جمادي الثاني 1347هه بمطابق 13- نومبر سن 1928ع تي ٿيو. هن ٽي شاديون ڪيون هيون. سندس وڏي فرزند جو نالو ميان دين محمد هو، جنهن کي: (1) ميان محمود (2) ميان محمد نواز ٻه فرزند ٿيا. ٻئي گهر مان ميان محمد فرزند ٿيس ۽ ٽئين گهر مان ميان رحمت الله ۽ ميان لطف الله فرزند ٿيس.

اسان ميان محمود کي پنهنجي سانڀر ۾ چڱيءَ طرح ڏٺو. وڏو دلير، باهمت، هٿ جو سخي هو. راڄن ۽ ڳوٺن جا فيصلا بهترين طريقي سان طيءِ ڪندو هو. سماجي ۽ سياسي ڳالهين ۾ گهڻو حصو وٺندو هو. سندس وفات سن 1972ع ۾ ٿي.

هالن پراڻن ۾ هڪ ٻيو خاندان، جيڪو علم ۽ روحانيت ۾ مشهور ٿيو، اهو قريشي قاضي صاحبان جو خاندان آهي. سندن جد امجد قاضي ابوالفضل سيوهڻ کان لڏي اچي هالڪنڊيءَ ۾ رهيو. سندس پوين مان مولوي قاضي علي محمد مشهور عالم ۽ مدرس ٿي گذريو آهي. سندس مزار مرجع خلائق آهي. قاضي علي محمد کي قاضي عبدالهادي نالي فرزند ٿيو، جنهن جي پوين مان خليفو فتح محمد بزرگ ۽ الله وارو هو. قاضي علي محمد جي ڀاءُ جو نالو قاضي هدايت الله هو، جنهن کي قاضي عبدالواحد صاحب فرزند ٿيو، جيڪو انگريزن جي دور ۾ مختيارڪار هو. خانبهادر عظيم خان دراني، جيڪو ڪنهن وقت ميرپورخاص جو ڪليڪٽر هو، پنهنجي همشيره قاضي عبدالواحد صاحب کي نڪاح ۾ ڏني هئي. خانبهادر عظيم خان انهيءَ رشتي کان پوءِ هالن پراڻن ۾ اچي رهيو. اتي پرائمري اسڪول جي ڀرسان پارڪ ٺهرايائين، جيڪو اڄ به موجود آهي ۽ سندس نالي پٺيان آهي. عظيم خان کي عنايت علي خان نالي هڪ پٽ ٿيو، جيڪو لاولد وفات ڪري ويو. مرحوم سنڌ ۾ پهريون دفعو حاجين کي حج تي پهچائڻ لاءِ بسن جو ڪاروان شروع ڪيو، جيڪو گهڻو وقت نه هليو. قاضي هدايت الله صاحب ۽ قاضي محمد افضل صاحب، ٻئي بزرگ واصل بالله ٿي چڪا آهن ۽ جنت ۾ جاءِ نشين آهن.

هن خاندان مان ٻيو بزرگ اهل الله قاضي شاهه محمد هو، جنهن جو فرزند قاضي محمد حفيظ صاحب هو، جيڪو جي. ايم. سيد جي سياسي تحريڪن ۾ سندس مددگار هو. قاضي محمد حفيظ کي قاضي فتح الله ۽ قاضي محمد (نالي مٺو) ٻه ڀائر هئا. هي سڀ بزرگ پنهنجي علم ۽ اخلاق سان پنهنجو وارو وڄائي ويا آهن. حفيظ قريشي وڏو بي باڪ ۽ سچار سياستدان هو.

هن ئي خاندان مان خادم المسلمين قاضي حاجي يار محمد جو نالو تابناڪ ۽ درخشان آهي. پاڻ هالا پراڻا ڇڏي، حيدرآباد جي سولجر بازار ۾ اچي رهيو. مرحوم عبدالرحمان وڪيل ڪراچيءَ واري پنهنجي نياڻي کيس نڪاح ۾ ڏني هئي. قاضي يار محمد لاولد وفات ڪئي. پاڻ وڏو خير ۽ سخاوت جو صاحب هو. ڪيترن نادار غريبن ۽ محتاجن کي ماهوار ڪجهه رقم صدقي ۽ خيرات مان ڏيندو هو، جيڪو سلسلو باقاعدگيءَ سان آخر عمر تائين جاري رکيائين. هن ئي خاندان مان مرحوم و مغفور قاضي غلام محمد صاحب علم ۽ فضل ۾ باڪمال ٿيو. پاڻ عربي، فارسي ۽ سنڌي جو وڏو عالم هو. سندس لائبرري ۾ هزارين ڪتاب مختلف زبانن ۾ ادب، فقهه، تاريخ، تفسير، حديث، علم الڪلام ۽ علم الرجال تي موجود آهن، جن جي حفاظت سندس فرزند صاحبان بهتر طريقي سان ڪندا اچن ٿا. پاڻ سروري اسلامي ڪاليج هالا ۾ اعزازي پروفيسر به ٿي رهيا ۽ تدريس جو ڪم به سرانجام ڏنائون.

مطلب ته گذريل زماني کي ڏسجي ٿو، ته حيرت ٿي ٿئي ته ڪهڙا نيڪ انسان، علمي خاندان، روحانيت ۽ ڪرامتن جا صاحب، بارگاهه رب العزت ۾ مستعجاب الدعوات انسان هن سنڌ ڌرتي، جنهن کي ’باب الاسلام‘ جو شرف حاصل آهي، ۾ پيدا ٿيا آهن، جن پنهنجي علم ۽ قلم، تبليغ ۽ تدريس، فهم ۽ فراست، هدايت ۽ تلقين سان عام ۾ دين جي محبت کي جاري ۽ ساري رکيو ۽ نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي امت کي راهه حق تي مضبوط ۽ مستحڪم رکيو. هالڪنڊيءَ جي سرزمين مردم خيز آهي، جنهن گهڻا نيڪ انسان پيدا ڪيا، جن ۾ ڪن ٿورن جو تذڪرو ٿي سگهيو آهي، باقي گهڻي ڀاڱي تاريخ جي ورقن ۾ گم آهن. فاعتبروا يا اولي الابصار.

 

 

 

[3]

هالا پراڻا قديم علمي شهر آهي، جتي ڪنهن وقت ۾ وڏيون درسگاهون، مدرسا ۽ تربيتي مرڪز هئا. تحفته الڪرام ۽ ٻين تاريخي ڪتابن مان معلوم ٿو ٿئي، ته هالا پراڻا کي اڳ هالڪنڊي سڏيو ويندو هو. ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ به هالڪنڊيءَ جي وجود جي ثابتي ملي ٿي. ڪلهوڙن جي دور ۾ هالڪنڊي کي پرڳڻي جي حيثيت حاصل هئي. موجوده هالا پراڻا پوءِ ٺهيو. پراڻو هالڪنڊي موجوده جڳهه کان پنج ڇهه ميل اندر تي هو. درياءَ جي پائڻ ڪري لڏ پلاڻ ٿي ته ماڻهو پراڻا ماڳ ڇڏي، موجوده هالا پراڻا ۽ هالا نوان جي جاءِ تي اچي آباد ٿيڻ لڳا. مخدوم سرور نوح عليـہ الرحمـته جنهن جو زمانو اڄ کان پنج سو سال اڳ جو آهي، سندس مزار پراڻي هالڪنڊيءَ جي قبرستان ۾ هئي. جتان پوءِ سندن ميت کي منتقل ڪري، موجوده درگاهه شريف جي احاطي ۾ رکيو ويو.

هالڪنڊي جو نالو ڄام شاهه محمد هالي جي نالي پٺيان آهي، جيڪو ان وقت صاحب حيثيت هو. ٻاهران ايندڙن کي پهريائين هڪ وڏو ڪنڊيءَ جو وڻ نظر ايندو هو، جنهن جي لاءِ چوندا هئا، ته اها شاهه محمد هالي جي ڪنڊي آهي ۽ اهڙي طرح انهيءَ وسنديءَ تي هالڪنڊي جو نالو پئجي ويو. پراڻن صحيفن مان معلوم ٿئي ٿو، ته ڪنهن سمي هالڪنڊيءَ ۾ هڪ بزرگ رهندو هو. فقير وڏو عالم باعمل، صاحب شرعيت ۽ طريقت جو هو. پر دنيا کان تارڪ هو. کيس دنيوي ڳالهين سان ڪو تعلق نه هو، فقط الله جي ياد ۾ مصروف رهندو هو. ان ڪري کيس مخدوم مستي لا خيال بودلو سڏيندا هئا. الاهي عشق ۾ فنا هجڻ سبب مجذوب لڳندو هو. ڪتابن ۾ آهي ته مخدوم لا خيال جڏهن درس ڏيندو هو ته پنهنجي ساڄي هٿ تي مخدوم نوح کي ويهاريندو هو، جيڪو ذهانت سان گڏ زاهد پڻ هو، کاٻي طرف قريشي عقيلي جي شاگردن کي ويهاريندو هو. پوءِ جڏهن مخدوم صاحب جي تحصيل ٿي، ته بزرگ لاخيال مخدوم نوح رح کي پڳ عطا ڪئي ۽ دعا ڪيائين، ته تون اڳتي هلي صاحب مسند ٿيندين ۽ ماڻهن جي توجهه جو مرڪز بڻجندي. عام ماڻهو تو وٽ هدايت، رهبريءَ ۽ دعا لاءِ ايندا. اها دعا قبول ٿي ۽ مخدوم صاحب جن جي طريقت ۽ معرفت جي گادي اڄ تائين قائم آهي. هن خاندان مان وڏا روحانيت جا صاحب نڪتا، جن اسلام جو فڪر عوام تائين پهچايو ۽ بــُـرائين ۽ بڇڙائين کي روڪيو. مخدوم لاخيال کي عام ماڻهو ’لاکيار بودلو‘ به چون ٿا.

قريشي عقلين کي مخدوم لاکيار اها دعا ڪئي، ته توهان ۾ علم جي ايتري گهڻائي ٿيندي، جيئن سانوڻ ۾ بارش جي رحمت سان زمين سيراب ٿيندي آهي. قريشي عقلين جو ائين نالو ’سانوڻي ملا‘ پيو. هـن خـانـدان ۾ وڏا اهل الله درويش، تارڪ دنيا ۽ اديب ۽ شاعر وقت بوقت پيدا ٿيا،جن اسلام کي ڦهلايو. هالن ۾ ’سانوڻي ملن‘ جي پاڙي ۾ هڪ پراڻي مسجد آهي، جنهن جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته انهيءَ جي پيڙهه جون سـِـرون پاڪدامن باپرده حافظ قرآن بيبين رات جو رکيون. انهيءَ مسجد ۾ اڍائي سؤ حافظ ڪم ڪندا هئا. عالم به انهيءَ حساب سان هوندا هئا. سانوڻي  ملن ۾ پوئين دور ۾ وڏا شاعر ٿي گذريا آهن، جن جا نظم اڳ ۾ درسي ڪتابن ۾ پڻ شامل هوندا هئا. جيئن آخوند گل محمد، جنهن جو انتقال مڪي شريف ۾ ٿيو. آخوند علي اڪبر مجروح ۽ آخوند دين محمد پوئين صديءَ جا سٺا شاعر آهن. هنن سانوڻين ملن مان ڪجهه بزرگن پنهنجي ارادتمندي وري پير پاڳاري صاحب جي خاندان سان رکي. سندن وڏا حضرت پير رشد الله روضي ڌڻي جا خليفا هئا. آخوند محمد قاسم شاعر مٿين سڀني بزرگن کان آڳاٽو آهي.

مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي ته مخدوم لا خيال بودلي عقيلي ذات جي شاگردن کي دعا ڪئي هئي ته توهان ۾ علم سانوڻ جي مينهن وانگر ايندو. جنهن کان پوءِ کين ’آخوند ملا سانوڻي‘ سڏيو ويو. ان سلسلي ۾ وڌيڪ حقيقت هن ريت آهي ته سومرن جي شروعاتي دور ۾ جڏهن عربن کي سنڌ مان ڪڍيو پيو ويو، ان وقت عربن جي هڪ شاخ عقيلي کي سنڌ ۾ رهڻ جي اجازت ڏني وئي، جن جو تعلق بنو هاشم گهراڻي سان هو. هنن سانوڻي عالمن ۾ اڳتي هلي وڏا عالم، اهل الله، درويش، صاحب تحرير ۽ شاعر ٿي گذريا آهن. سنڌ جو پهريون غزل گو شاعر خليفو گل محمد ’گل‘ انهيءَ خاندان مان هو. مولوي دين محمد ’وفائي‘ پنهنجي ڪتاب ’مشاهير سنڌ‘ ڀاڱو - 2 ۾ انهن مان ڪيترن عالمن جو ذڪر ڪيو آهي. آڳاٽن عالمن مان آخوند اميد علي، مفتي محمد رفيق هالائي، آخوند محمد قاسم، آخوند نور محمد، آخوند عبدالصمد، حافظ نصرالله، خليفو لطف الله، آخوند رحمت الله وغيره مشهور ٿيا، جيڪي هاڻي هن جهان ۾ موجود نه آهن، پر پنهنجا علمي ڪارناما پٺيان ڇڏي ويا آهن.

هنن عالمن نه صرف هالڪنڊيءَ ۾ پر ٻين شهرن ۾ به ديني مدرسا، عربيءَ ۽ فارسيءَ جا قائم ڪيا. مثلا نصرپور، ٽنڊو ڄام، ٻورڙي ضلع دادو، درازا (خيرپور)، خود هالن پراڻن ۾ ميان محمد بچل عرف ميان جيءَ جو مدرسو ڪنهن دور ۾ هاڪارو هو، جتي نه رڳو سنڌ پر عربستان مان به شاگرد تعليم وٺڻ ايندا هئا. اها به حقيقت آهي ته وقت جي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙي ۽ پويان ايندڙ ٽالپر حڪمرانن انهن مسجدن ۽ علمي مدرسن جي سرپرستي ۽ معاونت ڪئي.

انهيءَ ڳالهه کي به آشڪار ٿيڻ گهرجي ته صوفي شاعر حضرت سچل سرمست جو اوائلي استاد آخوند عبدالله ملا سانوڻي هالڪنڊي وارو هو.

انگريزن جي دور ۾ هن خاندان مان ڪيترا عربي ۽ فارسي ڄاڻندڙ عالم سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهڙيا، جو اڃا انگريزي تعليم ايتري عام نه ٿي هئي. سرڪاري نوڪريءَ ۾ شامل ٿيندڙ پهريون شخص آخوند رحمت الله ولد آخوند محمد شاڪر سانوڻي هو، جيڪو نارا جيل تي جيلر هو. هي صاحبِ ديوان شاعر به هو، پاڻ 13 جمادي الثاني سن 1304هه (9 مارچ سن 1887ع) ۾ وفات ڪري ويو.

پوئين دور ۾ مشهور علم دوست بزرگ آخوند محمد اعظم قريشي کي مون پاڻ ڏٺو. وٽس وڏو ڪتب خانو علمي نوادرات جو هو، جنهن ۾ عربي، فارسي، اردو ۽ سنڌيءَ جا ڪتاب اچيو وڃن ٿا. محمد اعظم مرحوم جي وقت جي وڏن عالمن جهڙوڪ: علامه ع.م دائود پوٽه، مولوي احمد ملاح، مولوي عبدالرحيم پڇميءَ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان چڱي ڏيٺ ويٺ هئي. مرحوم حفيظ قريشي (ايڊوڪيٽ) چوندو هو، ته آخوند محمد اعظم وڏو خاموش طبع اعليٰ سياسي، مذهبي ۽ ادبي ڪارڪن هو ۽ لواري واري معاملي ۾ مولوي احمد ملاح جو هڪ اهم مددگار هو. مولوي احمد ملاح سان سندس خط و ڪتابت هلندي رهندي هئي، جن مان ڪيترا ئي خط اڄ به سندس پوين وٽ محفوظ آهن. آخوند ملا سانوڻين جي هڪ شاخ حضرت پير صاحب پاڳاري جي جمعيت ۾ وڃي شامل ٿي، جن مان آخوند گل محمد، آخوند صفر ۽ آخوند نور محمد مشهور ٿيا. هنن جو ذڪر ملفوظات ۾ به آيو آهي. محمد اعظم جو والد آخوند حافظ عبدالحق زماني جي گردش دوران اڻويهين صديءَ ۾ ڪراچي هجرت ڪري ويو، جتي لياري جي مشهور خيراڻي مسجد ۾ خطيب مقرر ٿيو. حافظ عبدالحق صاحبِ فتويٰ هو ۽ ديني فيصلا پڻ ڪندو هو، ان ڪري پاڻ ۽ سندس اولاد قاضي مشهور ٿيا. سندس اولاد مان مرحوم قاضي عبدالله جي تعليمي خدمتن جي عيوض، سندس حياتي ۾ ئي هڪ پرائمري اسڪول جو نالو قاضي عبدالله پرائمري اسڪول، بينظير ڀـُـٽي جي حڪومتي دور ۾، محڪمه تعليم طرفان رکيو ويو. هيءُ اسڪول ڪراچي جي علائقي لياري ۾ آهي.

هن خاندان مان هڪ درويش الله لوڪ نهايت قابل ۽ صاحب فهم بزرگ پروفيسر محمد علي قريشي حال حيات آهي. سندس زندگي ذڪر، فڪر، عبادت ۽ مريضن جي عيادت ۾ گذري ٿي. ذاتي زندگيءَ ۾ فقير تن ۽ مسڪين ماڻهو آهي. گهڻو وقت اڳ ۾ مهراڻ يونيورسٽيءَ مان پروفيسر ٿي رٽائر ڪيو اٿس. شاگردي جي زماني ۾ ڪئناڊا مان هائيڊرالڪس ۾ ايم. فل ڪري گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين.

موجوده دور ۾ هن خاندان جي ٻن ڀاءُ ڀيڻ يعني عبدالحفيظ قريشي ۽ فهميده قريشي سماجي خدمتن ۾ پنهنجو نالو ڪڍيو آهي. هنن غريبن جي هڪ بستي، سحرش نگر، ٺاهڻ ۾ وڏي جاکوڙ ڪئي آهي. ان کان علاوه لاڙ جي باندي کيت مزدورن (Bonded Agriculture Labour) ۽ ٽنڊي بهاول جهڙن خوني واقعن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي آهي. سندن انهيءَ جاکوڙ کي سڄيءَ سنڌ ۾ اتساهيو ويو آهي.

هڪ ٻي ڪريم النفس شخصيت ڊاڪٽر قادر بخش جو ذڪر ڪرڻ به بي مهل نه ٿيندو، جنهن جو تعلق سنڌ جي مردم خيز خطي مٽياريءَ سان آهي. ڊاڪٽر صاحب غربت ۽ عشرت ۾ زندگي بسر ڪئي ۽ آخرڪار ترقي ڪندي صحت کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل ٿي رٽائر ڪيائين. سندس دلي خواهش هميشه اها رهي آهي ته ڪاش هو سنڌ جي علمي مدرسن ۾ تعليم وٺي ديني علوم سان سرشار ٿئي ها. ان سلسلي ۾ پاڻ ڪجهه عربي ڪتاب به پڙهيائين، جن ۾ سندس استاد مولوي محمد معروف ميمڻ متعلوي هو. رٽائر ڪرڻ کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب قرآن ۽ حديث جي تحقيقي مطالعي تي وقت صرف ڪري رهيو آهي.

هاڻي ته اهو دور ختم ٿي چڪو آهي، علم ۽ روحانيت پڻ اڻ لڀ آهي. جيڪي سندن ڪتاب ۽ لائبرريون هيون، اهي ٻيا کڻي ويا يا اڏوهيءَ جي نظر ٿيا. شمس العلماء دائود پوٽو گهڻا قديم ڪتاب کڻي وڃي پاڻ وٽ محفوظ ڪيا. ڪن پوين ۾ وڏن جون ڪي وصفون نظر اچن ٿيون ۽ منجهن درويشي يا علم دوستي اڄ به ٿوري ڪي گهڻي موجود آهي. دائود پوٽو مرحوم سانوڻي مـُـلن ۾ گهڻو ايندو ويندو هو.

هالڪنڊيءَ مان جيڪي ٻيون ذاتيون هالا پراڻا يا نوان ۾ اچي رهيون، انهن ۾ گهڻي ڀاڱي: ميمڻ، ڪوري، ونڊيار، هالا، سيد، قاضي، آخوند، سماٽ، شيخ، ٻروچ ۽ هندو هئا. سندن واسطو زراعت، هٿ جي هنرن جهڙوڪ: جنڊي، ڪاشي، سوسي ۽ اجرڪ ٺاهڻ سان هو. علم وارا، مدرسن ۽ تبليغ ذريعي، دين اسلام پکيڙيندا هئا. انهن جا پويان اڄ به اباڻي ڪار ۾ لڳل آهن. هالن جي ڪاريگرن، جن کي وگهامل چيو وڃي ٿو، جي ٺهيل جـنڊي ملڪان ملڪ مشهور آهي. مٽيءَ تي چتر ڪاري، جنهن کي ڪاشيءَ جو ڪم ٿو چئجي، ڏيساور تجارت لاءِ کڄي ويندي هئي. سوسي، کانڌي، ۽ اجرڪ جو ڪم نهايت نفيس ٿيندو هو ۽ اڄ به ٿئي ٿو. ائين سمجهه ۾ اچي ٿو ته پراڻن وقتن ۾ سنڌ جو واپار وچ ايشيا جي ملڪن سان بحري جهازن رستي ٿيندو هو، جتان هتي جي ڪچي مال جي عيوض اتان جون اهي صنعتون آيون ۽ انهن جا ڪاريگر هتي آباد ٿيا، جن جو پوءِ ٺڪاڻو هتي ٿيو. ڪاشيءَ، سوسيءَ جو ڪم ايران، افغانستان، چين، سمرقند، بخارا، آذربائيجان ۽ تاشقند ۾ به ٿئي ٿو ۽ اتي قديم مقبرن تي ڪاشيءَ جهڙيون سرون لڳل آهن.

پر خاص ڳالهه جنهن جي ڪري هالڪنڊيءَ جو نالو مشهور هو، اهو هو علم ۽ شرعيت جو رجحان. هتي وڏا روحانيت جا صاحب رهندا هئا، جن جا مدرسا، درگاهون ۽ خانقاهون هيون، جتي خلق خدا کي روحانيت جو سبق ملندو هو. سڀ کان پراڻو بزرگ شيخ عبداللطيف حسني جيلاني آهي، جيڪو بغداد کان آيو هو. هن جو زمانو اڄ کان ست سؤ سال کن اڳ جو آهي. سندس مزار اڄ به هالن پراڻن ۽ نون جي وچ ۾ آهي، جتي هر سال يارهين جي مهيني ۾ عرس ٿيندو آهي. عرس ۾ سماء ۽ ذڪر ڪيو ويندو آهي، جيڪو ڪن خاندانن ۾ ورهين کان وٺي پشت به پشت هلندو اچي ٿو. هن درويش جي سماء جي محفل هـونئن به هر مهيني جي يارهين تاريخ تي ٿيندي آهي، جيڪا عمراڻي فقير صبح صادق تائين جاري رکندا آهن. سال ۾ هڪ دفعو وڏو ميلو به لڳندو آهي، جنهن کي شيخ صاحب جو ميلو چوندا آهن. هالن پراڻن ۾ ٻيا به بزرگ ۽ اهل الله مدفون آهن، جن مان مخدوم عربي ڌيانو مشهور آهي. صاحب تحفته الڪرام مير علي شير قانع ٺٽويءَ جي لکت موجب هيءُ بزرگ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ رحه جو نانو آهي. ٻيو بزرگ مخدوم شاهه ڌيانو آهي، جنهن لاءِ مشهور آهي ته هيءُ بزرگ ڀٽائي صاحب جو همعصر هو. هالن پراڻن ۾ ڏيرا فقير اڄ به موجود آهن، جيڪي انهيءَ قبرستان جا مجاور آهن. ڪجهه وقت اڳ انهن ڏيرن مان فقير پير ميان محمد وَصو انتقال ڪري ويو آهي، جيڪو وڏي شان ۽ مان وارو صاحب هو ۽ ماڻهن جي وٽس وڏي اچ وڃ هوندي هئي. مولوي دين محمد وفائيءَ جي ڪتاب ”لطف اللطيف“ ۽ مير عبدالحسين سانگيءَ جي فارسي ڪتاب ”لطائف لطيفي“ مان معلوم ٿئي ٿو، ته ڀٽائي صاحب هالا پراڻا گهڻو ايندو ويندو هو ۽ هتي سندس گهڻا مريد ۽ معتقد هئا. هڪ ٻيو بزرگ جنهن جي مزار هتي آهي، اهو آهي قاضي علي محمد رح. هن صاحب دين جي تدريس لاءِ وڏو مدرسو کوليو هو، جتي سڄي سنڌ جا شاگرد اچي تعليم وٺندا هئا.

هڪ ٻيو خاندان، جيڪو علم ۽ فضليت ۾ ٻين کان سرس هو، اهو هو ڀٽي بزرگن جو مخدوم خاندان. هنن جو وڏو راجا ڀرٿ نالي راجپوتانا جي ڪنهن رياست جو حاڪم هو، جيڪو پوءِ شيخ بهاءُ الدين زڪريا ملتانيءَ جي هٿ تي مسلمان ٿيو ۽ مرشد جي چوڻ موجب اچي هالڪنڊيءَ ۾ رهيو. سندس اسلامي نالو شيخ عبدالله رکيو ويو. سندس ڪيتريون ئي ڪرامتون مشهور آهن، هن بزرگ جي اولاد ۾ وڏا عالم، روحانيت جا صاحب، درويش ۽ اولياء پيدا ٿيا، جن پنهنجي پنهنجي دور ۾ نيڪيءَ ۽ چڱائيءَ جي تبليغ ڪئي. پوءِ جڏهن هالڪنڊيءَ کي درياء پائي ويو ته هي بزرگ لڏي اچي هالن پراڻن ۾ ويٺا. ان سان گڏ سندن معتقدن جو وڏو انگ به هالن پراڻن ۾ آيو. بزرگن جي وڏن جون قبرون ته درياء پائي ويو، پوءِ هنن ٻيون قبرون کڏي کٿوريءَ جي قبرستان ۾ اچي ٺاهيون. هي قبرون محض علامتي آهن. ثبوت اهو آهي ته قبرن جو وچون فاصلو تمام محدود آهي، ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته هي قبرون فقط نشان طور ٺاهيون ويون هيون. کڏي کٿوريءَ جو قبرستان قديم يادگار آهي. هنن قبرن جي وچ ۾ هڪ ڪچي چؤديواري آهي، جيڪا مٿان ڇت کان کليل آهي. هن چؤ ديواريءَ کي ڪاٺ جو دروازو آيل آهي، جنهن کي ڪڙو لڳل آهي. اندر مٽيءَ جو وڏو ڍير آهي، جنهن لاءِ مشهور آهي، ته ڪنهن زماني ۾ هي قبرون هيون، جيڪي ستن آرياڻين جون هيون. اهي پاڪدامن بيبيون ست سيد زاديون هيون، جيڪي وقت جي هندو راجا جي ناجائزيءَ سبب هتي اچي رهيون هيون ۽ پوءِ خدا کان دعا گهريائون، ته کين زندهه زمين ۾ داخل ڪـيـو وڃــي. سندن دعا مقبول ٿي ۽ هي بيبيون زمين اندر هليون ويون. وڏن جي چوڻ موجب، آڳاٽي زماني ۾ انهن قبرن مان کٿوريءَ جي خوشبو ايندي هئي، جيڪا هاڻ ڪانه ٿي اچي. باقي سڄو قبرستان انهي کڏي کٿوريءَ جي چؤگرد آهي ۽ ڪيترن تهن تي ٺهيل آهي. سنڌ جي تمام قديم ۽ وڏن قبرستانن مان هڪ آهي.

اچو ته هاڻي زماني جي انقلاب جو به جائزو وٺون: اڃا سٺ ستر سالن جو وقت گذريو آهي. زمانو تبديل ٿي چڪو آهي. پٺيان ڪنڌ ڦيرائي ٿو ڏسجي، ته ٻيو نظارو نظر ٿو اچي. اڳوڻو علم، اخلاق آداب ۽ ڪرار ختم ٿي چڪا آهن، ڪوڙ ۽ ڪدورت ان جي جاءِ اچي والاري آهي. اڳ ۾ ماڻهو مخلص ۽ محبتي هئا. هڪ ٻئي وٽ ايندا ويندا هئا. نمازن جي وقتن تي مسجدن ۾ ملندا هئا. ڪوڙ گهڻو ڪري ڪونه ڳالهائيندا هئا. سادا ۽ سچا هئا. ڪوڙ ڳالهائي به نه ٿي سگهيا، ڇوته ڳوٺ ۽ پاڙا ننڍا هئا. ڪو واقعو ٿيندو هو ته فورن سڄي ڳوٺ کي پتو پئجي ويندو هو. ڳالهه لڪائڻ مان ڪو فائدو ڪونه هو. وچئين کان پوءِ اوطاقن ۽ بيٺڪن تي مجلسون لڳنديون هيون، جيڪي ڪڏهن مغرب ته ڪڏهن عشاء تي ختم ٿينديون هيون. شادين مرادين ۽ طهرن جي ٻي ڳالهه هئي، جو سڄي رات محفلون هلنديون هيون. ڳالهيون به هر موضوع تي ٿينديون هيون. هڪ ٻئي جي خير خيريت جو احوال، پاڙي ۾ ڪنهن جو ڄمڻ يا مرڻ يا پرڻو، اگهائي سگهائي. ڪنهن نووارد جو اچڻ، ڪنهن جي نقل مڪاني ته ڪنهن جي خير خيرات، مطلب ته ڳوٺ جي رهڻي ڪهڻي ۽ طور طريقي تي هر لحاظ سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي. ڀٽائي صاحب ۽ ٻين شاعرن جا بيت به بحث جا موضوع هوندا هئا. ڀٽائيءَ جي بيتن جي پڙهڻي تي وڏو قيل قال ٿيندو هو. زير، زبر ۽ پيش هيٺ مٿي ٿيڻ سان معنيٰ بدلجي وڃي ٿي. هي ماڻهو جن کي ظاهري علم ته گهٽ هوندو هو، پر اچارن ۽ اکرن ۾ پڪا هوندا هئا. گهڻيون پڙهيون پنهنجي وڏن کان ٻڌيل هين، ان ڪري ڀٽائيءَ جي زبان کي صحيح تلفظ سان اچاري سگهيا ٿي. ان کان پوءِ ديني اسلامي ڳالهيون ۽ سنڌ سان وابسته داستانن جو ذڪر به ٿيندو هو. سوير سمهندا هئا ته پرهه ڦٽيءَ جو اٿندا هئا. سج اڀرڻ کان اڳ زندگي روان دوان هوندي هئي. مهمانن جي اچڻ تي سرها ٿيندا هئا. جيڪڏهن مانيءَ جو وقت هوندو هو، ته ماني ضرور کارائي ويندي هئي، پر ماني اها ملندي هئي، جيڪا گهر ۾ ٺهندي هئي. وڌيڪ اهتمام قطعي نه ڪيو ويندو هو. هر اوطاق، بيٺڪ يا گهر ۾ ٿڌي پاڻيءَ سان ڀريل مٽ ۽ دلا رکيل هوندا هئا، جنهن کي ضرورت هوندي هئي، اهو پاڻ گلاس يا وٽو ڀري پاڻي پيئندو هو. چانهه ۽ شربت جو تڪلف بلڪل ڪونه هو. جيڪي حال حبيبان سو پيش پريان هوندو هو. مٽ مائٽ ويجهو يا پريان ڪٿان به ايندا هئا ته اهو ممڪن نه هو، جو هڪ ڏينهن ۾ ئي واپس ٿين. ٻه ٽي راتيون ضرور ٽڪندا هئا. ڪڏهن ته ويجها مائٽ ٻه - ٻه ٽي- ٽي هفتا به رهي پوندا هئا، پر سادي بودوباش ڪري ميزبان انهن کي ڪڏهن به بار نه سمجهندا هئا ۽ کل خوشيءَ سان وقت گذاريندا هئا. خوشدليءَ سان اجازت وٺندا هئا. سستو ميوو عام جام هو، زيتون، انب، ننڍا صوف، توت، موسميون، ٻير وغيره عام هوندا هئا. جهنگ جو ميوو ته مفت هوندو هو. ليار، پيرون، گيدوڙا، سڱر، چڀڙ ۽ گدرا وڏي تعداد ۾ پيدا ٿيندا هئا. گدرن ۽ ڇانهين جي قيمت نالي ماتر هوندي هئي. سنڌي انب جنهن جو ميٺاج اڄ به سنڌڙي انب کان وڌيڪ آهي، بيحد سستو هوندو هو. هر ڪو پـيو کائيندو هو. بازاري ميوا پوءِ آيا، جي هاڻي ته خريد ڪرڻ کان ٻاهر آهن، ڪيلا، سنڌڙي انب، وڏا صوف، ڪينو، موسميون، پپيتا، چيڪو ۽ ٻيا به اڪيچار ميوا آهن، پر هر ڪو وٺي نه سگهندو. رب جي رحمت هئي، غريب ۽ امير يڪسان فيض ياب ٿيندا هئا.

هاڻي ته موسمن به ڦيرو کاڌو آهي، اڳي برساتون زوردار پونديون هيون ۽ 10-15 ڏينهن هلنديون هيون. درياءَ ۾ اٿل ايندي هئي ۽ ڪناري تي گهڻائي ڳوٺ ۽ شهر ٻڏي ويندا هئا. کاڌ ٿيندي هئي ته ڪنارو ڀـُـرندو هو. سيءَ سخت پوندا هئا، شام جو گهرن جي چودرن ۾ ڪاٺيون ٻارڻيون پونديون هيون، هر ڪو وڏو ننڍو غريب غـُـربو پنهنجو بدن لوئي، اجرڪ، چادر، ڪوٽ يا صدريءَ سان ڍڪيندو هو. گهرن ۾ عورتون ڪن ٽوپ ڪپهه مان ٺاهينديون هيون، جيڪي پائڻ سان مٽيءَ يا سرديءَ کان بچاءُ ڪري سگهبو هو. صبح جو ڪڻڪ يا ٻاجهريءَ جي رٻ سيءَ کي بچائڻ لاءِ ٺهندي هئي. چانهه اڃا ڪانه آئي هئي. اونهاري ۾ گرميون ته هيون، پر ايتريون نه جيتريون هاڻي آهن. هاڻ ته گرمي سعودي عرب ۽ مسقط کان به وڌيڪ ٿي وئي آهي، جو حيدرآباد، سبيءَ ۽ مچ سان مقابلو ٿي ڪري. اڳ اونهاري ۾ به ٿڌيون هوائون پيون هلنديون هيون. شام جو چئين بجي کان پوءِ ٿڌيون هوائون لڳنديون هيون، جيڪي سڄي رات هلنديون رهنديون هيون. رات جو اڱڻ يا پڌر تي سمهبو هو. پکي يا اي. سيءَ جي ضرورت ڪانه هوندي هئي. سخت گرمي منجهند جو ڪلاڪ کن هڪ کان ٻي وڳي تائين هوندي هئي. اونهاري ۾ سخت گرمي 6-7 ڏينهن کان مٿي ڪانه هوندي هئي، هاڻي ته سيارو نالي ماتر ٿو ٿئي ۽ اونهارو الامان والحفيظ.

سنڌ جو ذڪر ڪجي ۽ سنڌو درياءَ جو ذڪر نه ڪجي، ته ڳالهه اڻپوري آهي. سنڌو درياءَ هالن پراڻن جي بلڪل ڀرسان لنگهي ٿو. گهرن کان ٻاهر نڪربو ته درياءَ جي ڪناري تي هوندا، اڳ گرمين ۾ درياءَ تار ٿي وهندو هو، سرڪار جيڪي بند ٻڌايا، انهن کان پاڻيءَ جي سطح چار پنج انچ هيٺ هوندي هئي، هي اسان پاڻ ڏٺو، درياءَ جي وهڪري ۾ زور ڏاڍو هوندو هو. کاڌ ڪندو هو ته زمين جو وڏو حصو وڃي هيٺ ڪرندو هو. ڪٿان بند ڀڄندو هو ته ميلن ۾ پاڻي پکڙجي ويندو هو. سوين ڳوٺ، گهر، مڪان ۽ مارو ماڻهو ٻڏي ويندا هئا. ماڻهو ڏاڍا دربدر ٿيندا هئا. مالي ۽ جاني نقصان گهڻو ٿيندو هو. اڳ ۾ فون يا ڪو ٻيو سسٽم ڪونه هو. ڪو ڳوٺ آس پاس ۾ ٻڏندو هو ته ڪو همراهه ڀر وارن ڳوٺن ۾ ٻڌائي ويندو هو ته فلاڻو ڳوٺ ٻڏي ويو. اسان جي ڳوٺ هالا پراڻا جي آسپاس وارا ڳوٺ جهڙوڪ: ٻنڌ، خانوٺ، سعيد آباد، کيبر، ڪلياڻ وغيره گهڻائي ڀيرا ٻڏا ۽ وري ٺهيا، پر هالن پراڻن تي ڪا خاص مهرباني هئي، بزرگن جون دعائون ۽ وڏڙن جون ڪمايون هيون، اسان جا وڏا عالم باعمل هئا. ڪوزن ۾ پاڻي پڙهي وڏين ٻيڙين ۾ نڪرندا هئا ۽ اهو پاڻي وچ درياءَ ۾ هاري ايندا هئا. دعائون ۽ صلواتون پڙهبيون هيون. رب پنهنجو رحم ڪندو هو.

هاڻي ٿو ڏسجي ته عقل حيران ٿو ٿئي. درياءَ جو پيٽ خالي سڪو پيو آهي، ٻنهي پاسن جا ماڻهو پيا اچن وڃن. پاڻيءَ جو چـُـڪو به ڪونهي. ڌوڙ ۽ واري پئي اُڏامي، درياه پاڻ سان سڀ رحمتون کڻي ويو. اهو ڪارنامو ايوب خان جو آهي، جو سن 1960ع ۾ چند ڏوڪڙن عيوض سنڌو درياءَ جو پاڻي نهروءَ جي حوالي ڪيائين، جنهن وڃي راجسٿان آباد ڪيو. سنڌ جو پلو اڳ مشهور هو. درياءَ شاهه ۽ پلو لازم ملزوم ڳالهيون هيون. پلو لکن جي تعداد ۾ ٿيندو هو. گڊوءَ کان وٺي ڪوٽڙيءَ تائين پلي جون سوين دنيون هونديون هيون، جتي وڏو پلو ٻه اڍائي فوٽ ڊيگهه ۾ ملندو هو. پلو کيرو به هو ته آنيءَ وارو به. درياءَ جي چاڙهه وارن ڏينهن ۾ پلي جي قيمت 4 آني کان هڪ رپئي تائين هوندي هئي، غريب غربو پلو ضرور وٺندو هو. سنڌي انب ۽ پلا تحفي طور دوستن ۽ عزيزن کي ڏنا ويندا هئا. پاڻيءَ ۾ تيز وهڪري جي ڪري وڏي گجگوڙ هوندي هئي ۽ رات جو سمنڊ جهڙو آواز ڪندو هو، جيئن سمنڊ وهندو هجي. ڪنڌيءَ تي آباد ڳوٺن کي ٻوڏ جو خطرو هوندو هو، ڪجهه ٻيڙيون به هلنديون هيون، جن مان محفل نالي وڏي ٻيڙي مشهور هئي، جيڪا سرحد جي پاسي جهاٻيرن جي ملڪيت هوندي هئي. سنڌي مهاڻا پيٽ سان تنبا ٻڌي، پلي جي شڪار لاءِ پاڻيءَ جي پـيــٽ ۾ هلندا هئا ۽ ڪجهه پلا هٿ ڪري ايندا هئا. وري جڏهن ٻوڏ ايندي هئي ته ٻيلن ۽ جهنگن مان هزارين جانورن کي لوڙهيو ايندي هئي، انهن جانورن ۾ نانگ، مرون، هرڻ، سها، مور، بگهڙ ۽ گدڙ وغيره شامل هوندا هئا، جن مان ڪيترا ته زندهه گهرن ۾ اچي گهڙندا هئا، پوءِ شڪاري سوئرن کي ڦاسائي، ان جو ڪتن سان مقابلو ڪرائيندا هئا، جيڪو وڏي تعداد ۾ عام ماڻهو ڏسڻ ايندا هئا. نانگ جي چڪ جا سوين مريض اسپتالن ۾ داخل ٿيندا هئا. هرڻ کي البته حلال ڪري گوشت ورهايو ويندو هو. ماڻهن جي لڏ پلاڻ ۾ هزارن جو مال، مويشي ڍڳا، ٻڪريون ٻڏي وينديون هيون. گهر جون کٽون، بسترا، دلا، ٿانءَ به لڙهي ويندا هئا، وڏي تباهي اچي ويندي هئي، پوين سالن ۾ سنڌ جي انجنيئرن بند ٻڌرايا. پر جيسين درياءَ ۾ پاڻي تار هو، اهي ٻوڏيون پيون اينديون هيون. هڪڙا گهر ڊهندا هئا ته ٻيا ٺهندا هئا.

ٻوڏ کان پوءِ ڪچي جي زمين ۾ ڀلا فصل ٿيندا هئا ۽ سنڌ ۾ عام چوڻي هئي ته، ”ٻـُـڏيءَ جا ٻـِـيڻا“.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org