ڇپائيندڙ پاران
”يادِ ايام“ حقيقت ۾ يادگيرين تي لکيل هڪ معلوماتي
۽ دلچسپ ڪتاب هُجڻ سان گڏ لائق ليکڪ طرفان سنڌي
سماج جي ديني، علمي ۽ ثقافتي سرگرمين جو وچور آهي.
ڪتاب جي اڀياس کان پوءِ معلوم ٿيندو ته هيءُ ڪتاب
جنهن کي ليکڪ آتم ڪهاڻيءَ ۾ شمار ڪيو آهي، سو اصل
۾ يادگيرين تي مشتمل هڪ سوانح حيات آهي. آتم ڪهاڻي
۽ سوانح حيات ۾ صرف هڪڙو فرق آهي، ته سوانح حيات ۾
ليکڪ ٻين جي حالاتِ زندگيءَ جو تذڪرو ڪندو آهي ۽
آتم ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ پنهنجي زندگيءَ بابت تفصيلوار
واقعن کي تسلسل سان پيش ڪندو آهي ۽ هن لکت ۾ ليکڪ
ڪنهن به قسم جو رک رکاءُ نه ڪندو آهي. حالانڪ ٻئي
لکتون ”يادگيريون“ جي ذمري ۾ اچن ٿيون پر موضوع جي
داخليت ۽ اهميت جي ڪري هڪٻئي کان امتيازي حيثيت
رکن ٿيون.
”يادِ ايام“ جي ليکڪ جناب ڊاڪٽر عبدالحليم قريشي
هن ڪتاب جي تياريءَ ۾ قدري محنت ڪئي آهي. ليکڪ
پنهنجي ذات ۾ هڪ گهڻ طرفو شخص هجڻ سان گڏ سماجي
ورڪر ۽ پيشورانه زندگيءَ ۾ نهايت قابل ۽ تجربيڪار
ڊاڪٽر آهي. سندس اها مصروف زندگي اسان کي ديس کان
ٻاهر پرديس ۾ به ڦهليل نظر اچي ٿي، جنهنڪري سندس
طرفان ڪيل عرق ريزي پڙهندڙ کي ڪافي فائدو
رسائيندي، ڇو ته ليکڪ هن ۾ پنهنجن ذاتي تجربن ۽
مشاهدن کي چڱي نموني ۾ سهيڙي ترتيب ڏئي پڙهندڙ
لاءِ ڪيئي مثال خاص طور نئين نسل لاءِ نصيحت جا
بيشمار سبق ڇڏيا آهن.
اسان کي اميد آهي ته ”يادِ ايام“ نه رڳو علمي حلقن
بلڪ شاگردن ۽ علم جي طالبن ۾ به ضرور پنهنجي
مقبوليت ماڻيندو.
ڄام شورو، سنڌ
انعام الله شيخ
اربع 2 محرم الحرام 1427هجري سيڪريٽري
بمطابق 1 فيبروري 2006ع سنڌي ادبي
بورڊ
مهاڳ
ڪجهه وقت کان ڪن خير خواهن صلاح پئي ڏني، ته توهان
واندڪائي جي وقت ۾ پنهنجي سوانح عمري ۽ ياداشتون
لکو. هيءُ ڪم مون کي البته عجيب پئي لڳو، ڇوته آتم
ڪهاڻيون اهي لکن، جي علم ۽ ادب جا درخشان ستارا،
سياسي رمزن جا ماهر يا صاحبِ طريقت ۽ روحانيت جا
پيروڪار هجن. مون پنهنجي دامن ۾ نظر وجهي ڏٺو، ته
سواءِ بي بضاعتي
]مسڪيني[ بي عمليءَ جي ڪابه مستحسن ڳالهه نظر ڪانه آئي، جنهن کي
آڌار ٺاهي آءٌ پنهنجي حقير زنـدگــيءَ جـي حــالات
کــي قــرطــاس ابـيـض تــي رقمطراز ڪريان. آتم
ڪهاڻيءَ جو مقصد هوندو آهي، ته ڪن اهڙن (سچن)
واقعن ۽ عـمـلـن کي قلمبند ڪجي، جيڪي ايندڙ نسل
لاءِ مشعل راهه ٿين. پاڻ کي انهيءَ آزمائش ۾ پوين
صفن ۾ بيٺل ڏٺم.
مون پنهنجي زندگيءَ ۾ علم ۽ ادب جي سوين آسمان
تابنده ستارن جون حالات زندگيون پڙهيون آهن. ڪي
انگريزيءَ ۾ آهن، ڪي سنڌيءَ ۾، ته ڪي اردوءَ ۾. ڪن
۾ لکندڙن فقط پنهنجي زندگيءَ جي روشن پهلوئن کي
اجاگر ڪيو آهي، ڪن وري پنهنجي سماجي، سياسي يا
معاشرتي مصروفيتن کي عام جي آڏو پيش ڪيو آهي. ڪن
پدرم سلطان بود جي نعري زني ڪئي آهي. ڪن ڪهاڻين ۾
راحت، جذب، سرمستي ۽ ڪيف و سرور جو امتزاجي منظر
نامو پيش ڪيو ويو آهي، ته ڪي آتم ڪهاڻيون ياس و
حزن جون مظهر آهن. بهرحال ڇا به هجي، نصيحت ۽ عبرت
وٺڻ لاءِ هر سوانح عمريءَ ۾ ڪونه ڪو سبق ضرور
موجود آهي. اهڙيءَ طرح هي قلم بند ڪهاڻيون ايندڙ
ڪنهن ڊگهي عرصي تائين تحرير جي قيد ۾ بند ٿي
وينديون ۽ ايندڙ نسلن لاءِ موجوده صديءَ جي سياسي،
سماجي، ديني ۽ اصلاحي واقعن جي نشاندهي ڪنديون
رهنديون. مون، انهيءَ ڪري اهو ارادو ڪيو، ته
پنهنجي ذاتي آتم ڪهاڻي لکڻ بجاءِ، پنهنجي ساڻيهه
سنڌ جا اهي حالات قلمبند ڪريان، جيڪي مون پنهنجي
زندگيءَ ۾ ڏٺا ۽ ٻـُـڌا، جيئن اُهي سونهاري سنڌ جي
تاريخ جو حصو بڻجي وڃن.
اسان جي سنڌ، جنهن کي ’باب الاسلام‘ هجڻ جو شرف
حاصل آهي، گهڻن ئي بابرڪت، صاحبان حميت، اصحاب
روحانيت، علماء رباني ۽ علم ۽ عمل جي حامل شخصيتن
کي جنم ڏنو آهي. دين اسلام جي زرين اصولن، مساوات
انساني، عدم تعصب، قومي برادري ۽ ملڪي يڪجهتيءَ جي
هر دور ۾ حفاظت ڪئي آهي. افسوس جو گهڻا واقعا ۽
معرڪا قلمبند نه ٿيڻ ڪري تاريخ جي خزاني ۾ دفن ٿيل
آهن، جنهن ڪري سنڌ جي ثقافت، تهذيب، تمدن، آدرش
ڪما حقـه مشتهر نه ٿي سگهيون آهن ۽ هڪ وڏو خال
رهجي ويو آهي. توهان ڏسو، ته دنيا ۾ سڀني کان قديم
تهذيب موئن جي دڙي جي آهي. پنج هزار سال اڳ به سنڌ
جي شهرن ۾ زمين دوز ناليون، کاڌي جي ذخيرن جا
اسٽور، صاف پاڻيءَ لاءِ کوهن جو نظام، گهٽين، رستن
۽ شاهراهن کي الڳ ڪرڻ جو سرشتو موجود هو. بادشاهن
جا محل محلات الڳ هئا، ته مندرن ۽ پروهتن جا محل
وقوع عجيب دلربا انداز ۾ مرڪزي حصي ۾ اوچائي تي
هوندا هئا. ڇا انهيءَ عظيم الشان تهذيب جا اثرات،
عمارت سازي، حڪمت، نظام آبپاشي، ثقافت، تاريخ ۽
تمدن تي نه پيا هوندا؟ افـســوس جــو تــاريــخ
انـهــيءَ مــسئلـي تي خاموش آهي يا تمام گهٽ
معلومات ڏئي ٿي، جا نه شافي آهي ۽ نه ڪافي. سبب
اهو آهي جو تاريخي واقعات کي قلم جي سپرد نه ڪيو
ويو ۽ هڪ ڊگهو زمانو انڌيري رات جيان گذري ويو.
وڌيڪ افسوس ان ڳالهه جو آهي، ته انهن مان ڪيترا
واقعا، حقائق ۽ اهل الله جا تذڪرا اهلِ نظر کان
اوجهل آهن. ڇاڪاڻ ته انهن کي قلمبند نه ڪيو ويو
آهي. اهڙي ناگفته به صورت حال ۾ اها يگانه روزگار
۽ نادر معلومات، جيڪا تاريخ ٺاهڻ ۾ ممد ۽ معاون
ثابت ٿئي ها، يڪسر ناپيد آهي ۽ سنڌ جي تاريخ هنوز
نامڪمل آهي.
ڪاش! آڳاٽا اهلِ علم انهيءَ خواب غفلت مان وقت سر
سجاڳ ٿين ها ۽ انهن واقعن کي حقيقتن جي آئيني ۾
قلمبند ڪن ها، ته اڄ سنڌ جي تاريخ گهڻي حد تائين
مڪمل ۽ درست لکجي وڃي ها ۽ علمي دنيا ۾ دُرِ بي
بها جي سند رکي ها. جهالت جي ظلمت کي ته بهر ڪيف
علم جي روشنيءَ سان ئي ختم ڪري سگهجي ٿو.
بهرحال مٿي بيان ڪيل سين جي ڳڻ ڳوت ڪري انهيءَ
نتيجي تي پهتس، ته دوستن جي راءِ جو احترام ڪري،
پنهنجي زندگيءَ جا مختصر حالات، نام و نمود ۽
اجائي قيل مقال کان احتراز ڪري لکان، جيئن دنيا
ڇڏي وڃڻ وارن بزرگن جو تذڪرو ٿئي ۽ زمان ماضيءَ جي
ڪجهه عجيب و غريب واقعن کي به واضح ڪيو وڃي.
ازانسواءِ صحت جي شعبي سان تعلق سڄي عمر رهيو آهي،
ان جي باري ۾ ڪجهه خوبين، ڪجهه خامين جي به
نشاندهي ڪجي، ڪجهه ڪارآمد مشورا ۽ تجويزون ڏجن، جو
ممڪن آهي ته ڪي اهل دل حضرات سجاڳ ٿين ۽ اصلاح
احوال لاءِ اپاءَ وٺن، جن مان بهتريءَ جي ڪا صورت
حال پيدا ٿئي.
انگريزي زبان ۾ سوانح عمرين جو تعداد تمام گهڻو
آهي. مثال طور، شاهه ايران جي راڻي ملڪه فرح ديبا
جي آتم ڪهاڻي هاڻي شايع ٿي آهي. زماني جي بي ثباتي
۽ بيوفائيءَ کي ملڪه فرح جنهن درد دل سان قلمبند
ڪيو آهي، اهو صاحب الابصار و الالباب جي لاءِ عبرت
جو مثال آهي. قرآن شريف ۾ ارشاد الــٰـهي آهي ته:
”فاعتبروا يا اولي الابصار“ (اي اکين وارؤ! عبرت
حاصل ڪريو) شاهه محمد رضا پهلوي هڪ زماني ۾ وسيع و
عريض سلطنت جو قلمرو آهي ۽ هن جي طاقت کي ڪو خطرو
يا خوف نه آهي ته ٻئي طرف جڏهن زوال اچي ٿو ۽
بادشاهه سلامت غيرالله جو محتاج ٿئي ٿو ته ڪنهن کي
به پنهنجو پرسان حال ٿو ڏسي. کيس بار بار مختلف
ملڪ بدلائڻا پون ٿا ۽ پنهنجا ذاتي محافظ رکڻا پون
ٿا، تان جو طائر اجل پرديس ۾ سندس روح قبض ڪري ٿو.
ان کان علاوه مراقش جي هڪ معزز خاتون ويهه سال قيد
و بند جون تڪليفون ڏسي ٿي، اردن جي ملڪه نور العين
مڙس جي بيماري ۽ بيوسيءَ کي اکين سان ڏسي ٿي. هي
سڀ عبرت ۽ حيرت جا مقام آهن. ”تلڪ الايام ندا ولها
بين الناس“ (القرآن) ’اسان دنيا جي انهن ڏينهن کي
ماڻهن جي درميان ڦيرائيندا رهندا آهيون. پوءِ اهي
ماڻهو ڪنهن وقت بام عروج تي آهن ته ڪنهن وقت تحت
الثريٰ ۾.‘ هيءُ فرمودو قرآن ڪريم جو آهي.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌيءَ ۾ پهرين آتم ڪهاڻي
مرحوم شمس العلما ِّ ڊاڪٽر دائودپوٽي لکي. هيءُ
غريب ٻهراڙيءَ جو شاگرد پنهنجي ذاتي محنت ۽ صلاحيت
سان مٿي اچي ٿو ۽ علم ۽ ادب جي ميدان ۾ وڏو نالو
ڇڏي وڃي ٿو. افسوس جو ڊاڪٽر صاحب جو جام حيات سن
1958ع ۾ شڪست ٿيو ۽ دلچسپ آتم ڪهاڻي ابتدا ۾ هئي،
ته ختم ٿي وئي. ان کان پوءِ به ٻين ڪيترن اديبن ۽
عالمن انهيءَ صنف ۾ طبع آزمــائـي ڪـئي آهي، جيڪي
پنهنجي پنهنجي جاءِ تي زرين ۽ هوشربا مڪالما آهن.
شيخ اياز شاعر هو، پر نثر ۾ آتم ڪهاڻي ”ڪٿي ته
ڀڃندو ٿڪُ مسافر“ لکي سنڌي ادب تي مهر هڻي ويو.
جمال ابڙي جهڙي هڪ ديندار مسلمان جي قلم مان، بيحد
دلچسپ سوانح عمري لـکي آهي. هاڻي ڊاڪٽر نـبي بخش
بلوچ، جن کي ”فخر العلماء“ جو خطاب ڏجي، پنهنجي
زندگيءَ جا واقعات ”رهاڻ هيرن کاڻ“ ڪتابي سلسلي ۾
شايع ڪرائي رهيا آهن.
مون کي جنهن داستان حيات وڌيـڪ مـتـاثــر ڪـيــو،
اهــو اردوءَ ۾ مولانا ابوالحسن علي ندوي لکنويءَ
جو ”تــذڪـره حــيـات“ ڪـتــاب آهـي. مولانا
ابوالحسن جو تعلق ندوهء العلماء لکنوءَ جي مدرسي
سان هو ۽ کيس عرف عام ۾ ”علي ميان“ چوندا هئا. عجب
آهي، ته علي ميان پنهنجي ”تذڪره حيات“ ۾ وڏي مهارت
سان پنهنجي ذاتي حالات کي مڪمل طور تي ٻاهر رکيو
آهي، فقط انهن ڳالهين کي اجاگر ڪيو اٿس، جيڪي هن
سماجي، سياسي، علمي، ديني ۽ تبليغي ڪمن جي سلسلي ۾
ڪاوشون ڪندي ڪيون آهن. هونئن به انسان جي پنهنجي
ذاتي زندگي ڇا معنيٰ ٿي رکي. اصل ته اعمال صالح
آهن جيڪي روح ۽ مادي
]جي
ياد[ کي زندهه جاويد رکن ٿا.
مون پنهنجي تحرير جو رنگ مولانا علي ميان جي ڪتاب
جي طرز تي رکيو آهي. پنهنجي ذاتي زندگيءَ کي پس
پرده ڪيو اٿم. البته بزرگن، اوليا ِّ ۽ نيڪ ٻانهن
جو ذڪر کـُـلي ڪيو اٿم جو انهن جون زندگيون ٻين
لاءِ مشعل راهه آهن. پنهنجي وڏن جو تذڪرو ڪجهه
تفصيل سان به انهيءَ جذبي هيٺ ڪيو اٿم، ورنه هو ته
نام و نمود کان پري ڀڄندا هئا ۽ خلوت نشين هئا.
عين ممڪن آهي ته ڪتاب ۾ ڪي غلطيون يا ڪوتاهيون
رهجي ويون هجن. انـهــيءَ جو سـبــب زير بحث
معاملن جو بروقت ادراڪ يا صحيح معلومات جو نه هجڻ
آهي، ڪو ذاتي سبب يا داخلي خلش نه آهي. گهڻا واقعا
تاريخ ۾ مدفون ٿي چڪا آهن، هاڻي انهن جو ڪو عيني
شاهد حتيٰ ڪه تذڪره نگار به نه رهيو آهي. ان ڪري
پڙهندڙن کي ڪا شيءِ گهٽ وڌ لڳي ٿي، ته ان لاءِ
راقم الحروف کي از راهه ڪرم معاف ڪن ۽ اهڙن واقعن
جي نشاندهي ڪن، ته اڳتي هلي، جي ممڪن هجي، ته انهن
جو ازالو ڪري سگهجي.
آخر ۾ آءٌ مـحـتـرم نـفـيـس احمد شيخ ايڊيٽر
’مهراڻ‘ محترم دين محمد ڪلهوڙي ۽ محترم عبدالحفيظ
قريشيءَ جو شڪرگذار آهيان، جو هنن، هن ڪتاب جي
تياريءَ ۾ ساٿ ڏيڻ سان گڏ مفيد مشورا به ڏنا.
ان کان علاوه آءٌ محترم انعام شيخ سيڪريٽري سنڌي
ادبي بورڊ، جناب ڊاڪٽر حبيب الله صديقي صاحب ۽
جناب غلام حسين سچاروي صاحب مترجم: ڪتاب ترجمه
قصيده برده، جو به مشڪور آهيان، جو هنن صاحبن جي
علمي ۽ عملي تعاون کان سواءِ هن ڪتاب جي اشاعت
مشڪل هئي. جزاهم الله خيرا.
ڊاڪٽر عبدالحليم قريشي
1- آڪٽوبر 2005ع
حيدرآباد سنڌ
بسم الله الرحمـٰـن الرحيم
نحمده ونصلي عليٰ رسولـہ الڪريم
[1]
هن ڪتاب ۾ گذشته ادوار جي واقعن، معاشرتي ۽ تمدني
ڳالهين جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي مطالعي مان
اها ڳالهه عيان ٿيندي، ته سٺ ستر سالن جي عرصي
اندر زماني ۾ ڪيڏو انقلاب آيو آهي. نه اهي سکيا
ستابا خوشحاليءَ جا دور آهن ۽ نه وري اها خوشي قلب
کي حاصل آهي. ڪو وقت هو، جو الله جا نيڪ ٻانها هر
جاءِ هوندا هئا، هاڻي انهن جي اڻاٺ آهي. الله وارن
جي صحبت مان گهڻو ڪجهه پرائبو هو ۽ هنن جي دعا به
مقبوليت جو درجو رکندي هئي. هاڻي خواهشات نفس جو
دور آهي ۽ هر چڱي ڳالهه اڻ لڀ آهي.
منهنجي خيال ۾ سڀ کان اول مون کي پنهنجي خاندان جو
ذڪر ڪرڻ گهرجي، جيڪي فقير تن، الله لوڪ ۽ فقر ۽
فاقي وارا هئا. دنيا جو ٺٺ ٺاٺ وٽن ڪونه هو، پر
دين جي علم ۽ انهيءَ تي عمل ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ وارا
هئا. سندن سڄي زندگي لله فالله خدا جي راهه ۾ وقف
هئي. عام ماڻهن کي دين جي احڪامن تي هلائڻ ۽ شرعيت
جي حڪمن جي پوئواري ڪرائڻ لاءِ محنت ڪندا رهيا. رب
تعاليٰ سندن اهي ڪوششون مقبول ڪندو ۽ کين اعليٰ
عليين ۾ جاءِ ڏيندو. (آمين)
اسان جو تڙ ڏاڏو آخوند ميان دين محمد، بوبڪن کان
لڏي هالڪنڊيءَ ۾ اچي ويٺو، جتي سندس واسطو ڀٽي
بزرگن سان پيو، جن جي صلاح سان ديني مدرسو قائم
ڪيائون، جنهن ۾ قرآن شريف جي تعليم ڏيندا هئا. ان
کان پوءِ سندن فرزند آخوند محمد اسماعيل پيءُ جي
ڪم کي اڳتي وڌايو. کيس هڪ فرزند ٿيو، جنهن جو نالو
محمد، نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي نالي
پٺيان، رکيائين. هيءُ فرزند اڳتي هلي وڏو جيد عالم
ٿيو ۽ صاحب تقويٰ ۽ پرهيزگار ليکيو ويو.
حضرت مولانا محمد صاحب جن جي ولادت 27- رمضان
المبارڪ سن 1276هه شب قدر جي رات (بمطابق 18-
اپريل 1860ع) هالا پراڻا ۾ ٿي. ننڍي هوندي ئي کين
علم سان گهڻي محبت هئي. پاڻ اوائلي عربي ڪتاب
خليفي حافظ عبداللطيف صاحب هالائيءَ کان پڙهيا.
کين اٺن سالن جي عمر ۾ ئي شب خيزيءَ جي عادت هئي،
ان ڪري رات جو گهڻو وقت علم حاصل ڪرڻ ۾ گذاريندا
هئا. وڌيڪ علم جي حصول لاءِ پاڻ پاٽ شريف جو سفر
ڪيائون ۽ مرحوم علامه حاجي حسن الله پاٽائيءَ وٽ
تحصيل علم لاءِ ويا. جتي کين خبر پئي ته حيدرآباد
۾ مائي خيريءَ جي مسجد ۾ مولوي محمد حسن قريشي
ڪنڊيءَ واري، تدريس علم لاءِ مدرسو کوليو آهي. پاڻ
پاٽ کي خيرباد چئي، اُتي اچي تعليم ورتائون. پاڻ
گهڻي توجهه ۽ محنت سان درسي ڪتاب پورا ڪيائون ۽
اتي ئي سندن دستاربندي ٿي. ان کان پوءِ پنهنجي
استاد جي اجازت سان ٽنڊي مير نور محمد ۾ پنهنجو
الڳ مدرسو قائم ڪيائون. اتي ٻه- ٽي سال رهيا، پوءِ
پنهنجي والد جي حڪم تي پنهنجي ڳوٺ هالا پراڻا موٽي
آيا. اتي وڏي همت کان ڪم وٺي، هڪ عربي مدرسو قائم
ڪيائون ۽ درس نظاميءَ جي تعليم ڏيڻ لڳا. سنڌ جي
ڪنڊ ڪڙڇ مان طالب علم تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مسافر
ٿي وٽن اچي رهيا ۽ سندن درس ۾ شامل ٿيا. پوءِ جلدي
سندن والد صاحب وفات ڪئي. پاڻ ان وقت پنهنجي
خاندان ۾ اڪيلا وڃي رهيا.
کين سندن والد صاحب کان وراثت ۾ گهر ۽ ٻيو گهريلو
سامان مليو. اهو سمورو فروخت ڪري، ربيع الاول سن
1309هجريءَ (مطابق آڪٽوبر سن 1891ع) ۾ حج جي ارادي
سان حجاز شريف روانا ٿيا. اتي هڪ سال رهيا ۽ مدرسه
صولتيه مڪي ۾ حضرت حاجي امدادالله مهاجر مڪيءَ کان
درس ورتائون، جيڪو هندستان کان هجرت ڪري اچي مڪي ۾
رهيو هو. ان کان علاوه پاڻ مولانا عبدالحق بن شيخ
شاهه محمد بن شيخ يار محمد مهاجر مڪيءَ کان علم
حديث جو مطالعو ڪيائون. اتان اوليات احاديث پڙهي
حديث، اصول حديث ۽ ٻين علمن جون سندون ورتائون،
جيڪي اڃا تائين سندن ڪتبخاني ۾ موجود آهن. باقي
جيڪي پيسا پس انداز ڪيائون، انهن مان عربي ڪتابن
جو وڏو ذخيرو مڪي شريف مان خريد ڪيائون ۽ پاڻ سان
گڏ کڻي وطن موٽي آيا. وري هتي ساڳيءَ ريت درس
تدريس شروع ڪيائون.
کين علم فقـه سان گهڻي دلچسپي هئي. فقيهه جي حيثيت
سان سندن شهرت سنڌ جي چپي چپي ۾ هئي. وٽن هر هنڌان
روزانو شرعي سوال ايندا هئا ۽ پاڻ انهن جا جواب
لکي سائلن کي موڪليندا رهندا هئا. اهڙيءَ طرح هيءُ
سلسلو سندن زندگيءَ جي آخري دم تائين جاري رهيو.
انهيءَ عرصي ۾ پاڻ ”فتاويٰ محمدي“ نالي هڪ ضخيم
ڪتاب فقـ* جي موضوع تي ٻن جلدن ۾ لکي تيار ڪيائون.
هيءُ ڪتاب عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ هو. فتاويٰ جو هڪ
ٽيون ڪتاب، پنهنجي وڏي پٽ جي نالي پٺيان، ”فتاويٰ
احمدي“ سنڌيءَ ۾ لکيائون.
پاڻ ڏينهن جو مدرسي جي تعليم ۾ مشغول رهندا هئا ۽
رات جو تحرير ۽ مطالعو ڪندا هئا. سندن سڄي زندگي
متوڪلانه حالات ۾ گذري. پاڻ پهريائين حضرت مولانا
ولي محمد ملاڪاتياروي جا دست بيعت ٿيا. انهن جي
وفات کان پوءِ خواجه عبدالرحمان جان مجددي
فاروقيءَ کان اذن حاصل ڪيائون. سندن تخليقات ۾
مذڪوره فتاويٰ جي ڪتابن کان علاوه ”شرح احاديث“ ۽
”مسائل اربعين“ ’سنڌي‘ ڪارآمد ذريعا آهن ۽ ٻيا
هيٺيان ننڍا ننڍا ڪتاب لکيائون، جي قلمي حالت ۾
موجود آهن:
(1) حقوق الزوجين
(2) المسائل خمسـہ
في دفع توهمات الشيعـه
(3) تمام العنايـته ترجمـه بدايه الهدايـته
(4) حل الترکيب (منطق)
(5) دو وايه (عربي و سنڌي)
(6) کشف الجان (سنڌي)
(7) خلاصـته العضول (عربي)
(8) عشرين مسائل (فارسي)
(9) قصو حضرت سليمان ۽ بي بي بلقيس جو (سنڌي)
سندن ڪجهه خاص شاگردن جا نالا هي آهن:
(1) مرحوم خليفو جان محمد يديڻائي
(2) مرحوم مولوي عبدالرحمان سمو قرنائي
(3) مولوي قاضي معين الدين هالائي
(4) خليفو مولوي محمد هالائي
(5) سندن وڏو فرزند مولوي ميان احمد صاحب
(6) سندن فرزند ثاني مولوي ميان عبدالله صاحب
مٿين سڀني عالمن کي پاڻ پڙهايائون ۽ پنهنجي دست
مبارڪ سان سندن دستار بندي به ڪرايائون. سندن
همعصر عالمن ۽ بزرگن ۾ حضرت علامه اسدالله شاهه
ٽکڙائي، مولانا مولوي حاجي لعل محمد متعلوي، خليفو
مولوي حاجي عبداللطيف حيدرآبادي، مولوي هدايت الله
مشتاق متعلوي شامل هئا. ”کل نفس ذائـقته الموت“
پاڻ ماهه ذوالقعد 1335هه (آگسٽ 1916ع) ۾ فالـج جي
مرض ۾ مبتلا ٿيا. هيءَ بيماري چار مهينا کن هلي.
پاڻ تاريخ 4- ربيع الاول 1336هه (مطابق 18- ڊسمبر
1917ع) بروز جمعه فجر مهل هن دار الفانيءَ مان
دارالبقا ڏانهن روانا ٿيا.
مولانا حاجي محمد صاحب جن جي وڏي فرزند مولوي احمد
صاحب جن جي ولادت 7- جمادي الثاني 1314هجريءَ
(بمطابق 24- نومبر سن 1896ع) ۾ ٿي. پاڻ ننڍي هوندي
کان ئي طبعيت جا ذڪي، ذهين ۽ هوشيار هئا. ايتري
قدر جو فقط ارڙهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي والد
بزرگوار وٽ قرآن شريف، فارسيءَ جو سارو نصاب ۽
عربيءَ جو جملي عربي نصاب پورو ڪري دستار فضيلت
ٻڌائون. سندن دستاربنديءَ جي رسم، تبرڪن حضرت
مولانا و مرشدنا الحاج آقا شاهه حسن جان سرهنديءَ
جن کان ڪرائي وئي.
مولانا صاحب جن دستار بندي کان پوءِ پنهنجي ئي
مدرسه محمديه ۾ درس ڏيڻ لڳا. سندن شاگردن مان
مشهور شاگرد مولوي محمد عرس ڏاهري متصل ٽنڊو آدم،
مولوي محمود سانوڻي هالائي، حڪيم شيخ حاجي
عبدالواحد متعلوي ۽ مولوي محمد هالائي (سندن
فرزند) وغيره آهن.
مولانا صاحب جن پنهنجي مدرسي جي مهتمميءَ سان گڏ
تحرير ۽ شرعي فيصلن جو ڪم گهڻي انداز ۽ بهتر نموني
۾ ڪندا هئا. سندن تحرير جي هاڪ سڄي سنڌ ۾ هوندي
هئي. حضرت مولانا دين محمد وفائي (مشهور غير مقلد)
به ڪڏهن ڪڏهن کانئس فقهي تحقيقات ڪرائيندو ۽ مقالا
لکرائيندو هو.
مولانا صاحب جن پنهنجي سڄي عمر پنهنجي ئي ڳوٺ هالن
پراڻن ۾ بسر ڪئي. سندن صحبت ان وقت جي چڱن عالمن
سان هئي. انهن بزرگن مان مولانا محمد صادق کڏي
وارو، مولانا دين محمد وفائي، مولوي حڪيم فتح محمد
سيوهاڻي، مرحوم عبدالقيوم بختيارپوري، مولانا
عبدالرؤف بختيارپوري، مولوي حاجي عبدالله ڪٻـرائي
۽ واعظ الاسلام مولانا محمد سليمان ٿرڙائي قابل
ذڪر آهن.
مولانا صاحب جن حيدرآباد ۽ نواب شاهه ضلعن جا وڏا
مفتي هئا. طريقو نقشبنديه هون ۽ بيعت خواجه محمد
حسن جان مجددي فاروقي سان هين. سندن طبع بلڪل نرم،
خوش اخلاق، ماٺيڻي، مرنجان مرنج ۽ بردبار هئي،
موجوده قحط الرجال جي دور ۾ سندن شخصيت اعليٰ درجي
جي هئي. مطلب ته پاڻ صحيح معنيٰ ۾ بينظير عالم
باعمل، نهايت پرهيزگار، متقي، متشرع، زبردست فقيـ*
۽ عالم حقاني هـئا. پاڻ هميشه قومي خيالات رکندڙ ۽
سياست جا ڄاڻو هئا. خلافت تحريڪ کان وٺي جيڪي به
سياسي ۽ مذهبي تحريڪون وقت بوقت ٿينديون رهيون، تن
۾ نه فقط همدرد ۽ معاون هئا، مگر پاڻ هڪ اعليٰ رڪن
جي حيثيت سان مصروف عمل پڻ رهندا هئا. مولانا
مرحوم جن 15- محرم الحرام سن1376هجريءَ (بمطابق
22- آگسٽ 1956ع) ۾ هالن پراڻن ۾ وفات ڪئي.
مولانا حاجي محمد صاحب مغفور جن جي ٻئي نمبر فرزند
حضرت مولانا حڪيم عبدالله صاحب جي ولادت تاريخ 27-
جمادي الثاني سن 1316هه بـمـطابق 3- نومبر سن
1898ع ۾ هالن پراڻن ۾ ٿي. پاڻ به مروجه فارسي ۽
عربي جي نصاب جي تڪميل پنهنجي والد وٽ ڪيائون. ان
کان پوءِ مدرسه محمديه ۾ تدريس جو ڪم شروع ڪيائون.
پاڻ قرآن شريف ناظره ۽ حفظ ڪرائڻ سميت فارسي ۽
عربي به پڙهائيندا هئا. فارسي تي کين وڏو عبور
حاصل هو ۽ پاڻ سنڌ ۾ فارسيءَ جي صف اول جا استاد
هئا. ڪيترا فارسيءَ جا ڪتاب کين برزبان ياد هئا.
قرآن شريف پڙهائيندي سندن سڄي عمر گذري. ان ڪري
جيتوڻيڪ حافظ قرآن نه هئا، ته به قرآن شريف تقريبن
حفظ هوندو هون. رمضان شريف ۾ حافظ سڳورا تراويحن ۾
تلاوت ڪندا هئا، ته اتفاقن چڪ تي پاڻ کين لقمو
ڏيندا هئا. جامع مسجد جي پيش امامت سندن حوالي
هئي، جيڪا پنجونجاهه سال بلا ناغه بجا آندائون.
پاڻ انتهائي متـشرع، متقي ۽ پرهيزگار هئا ۽ دين جي
معاملات ۾ ڪابه مصلحت پسندي قبول نه ڪندا هئا. پاڻ
شب خيز هئا. تقريبن 3- بجي رات جو سڄاڳ ٿيندا هئا،
پوءِ تهجد، نوافل، اوراد، وظائف ۾ مشغول ٿي ويندا
هئا. کين هزارن جي تعداد ۾ دعائون، مناجاتون،
منقبتون، وظيفا، ورد بر زبان ياد هوندا هئا. سندن
حافظو بي مثال هو. پاڻ پنهنجي وڏي ڀاءُ حضرت مغفور
مولوي احمد صاحب جا مددگار، معاون، دوست ۽ ساٿي
هئا. ٻنهي ڀـائرن جو ساٿ بي مثال هو ۽ ڪوبه فيصلو
گڏجي ڪرڻ کان سواءِ نه کڻندا هئا.
حضرت مولانا احمد صاحب جن گوشه نشين هئا ته پاڻ
سيلاني هئا. پاڻ سڄي سنڌ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۽ ٻين
شهرن ۾ ايندا ويندا رهندا هئا ۽ اتي جي عالمن ۽
فاضلن سان صحبتون ڪندا رهندا هئا.
پاڻ بهترين نثر نويس هئا. جيتوڻيڪ ڪو ڪتاب تصنيف
نه ڪيو اٿن، پر سندن ٻه بياض قلمي صورت ۾ موجود
آهن. پاڻ ان وقت جي ديني ادبي رسالن ۾ مقالا لکندا
رهندا هئا. جهڙوڪ: خليق، توحيد، مبلغ، ترقي، تعليم
وغيره.
پاڻ تدريس ۽ امامت کان سواءِ حڪمت جو ڪم به ڪندا
هئا ۽ پنهنجي وڏي ڀاءُ جي معاونت سان شفا خانه
محمديه هلائيندا هئا. سندن حڪمت يوناني ۽ اسلامي
هئي، پر ويدن جا نسخا به استعمال ڪندا هئا. پاڻ
پنهنجي نگرانيءَ ۾ حڪيمانه دوائون جهڙوڪ: معجون،
شربت، حب، ڪمونيون، حلوا، آچار، عرق، خميره پنهنجي
هٿن سان پاڻ ٺاهيندا هئا. کين ٻيا هنر به گهڻا
ايندا هئا. مثلا= خوشخط هئا، جـُـلد ساز هئا. اڇي
پني تي ڏسڻ ۾ نه ايندڙ ليڪون ڪڍندا هئا، وري کاڌي
بچائڻ جا به ماهر هئا. مطلب ته پاڻ جامع العلوم
والفنون جا مالڪ هئا. آخر فالـج جي مرض ۾ مبتلا
ٿيا ۽ ڊگهو عرصو بيمار رهيا. پر صلوات، صوم، ورد
وظائف کان ڪڏهن به وانجها نه رهيا. پاڻ مؤرخه 24-
رمضان المبارڪ 1395هه بمطابق 1- آڪٽوبر سن 1975ع
تي انتقال ڪيائون. کين سندن والد صاحب ۽ وڏي ڀاءُ
جي ڀر ۾ دفن ڪيو ويو.
حضرت مولوي احمد صاحب ۽ مولوي عبدالله صاحب جن کان
پوءِ، جنهن بزرگ علم جي شمع روشن رکي، اهي هئا:
حضرت مولانا مفتي محمد صاحب رحمـته الله عليـه
(ابن مولانا احمد صاحب). پاڻ 16- مارچ 1923 بمطابق
19- ربيع الثاني 1340هه تي هالا پراڻا ۾ تولد ٿيا.
پاڻ عربي ۽ فارسي جي سموري تعليم پنهنجي والد
بزرگوار ۽ عم بزرگوار کان ورتائون. پاڻ پنهنجي
والد مولانا احمد صاحب وانگر ذڪي ذهين ۽ دانا ِّ
هئا. سندن خاص مشغلو فتاويٰ نويسي هئي. ڪيترا شرعي
مسئلا حل ڪيائون ۽ انهن کي ڪتابي شـڪــل ڏنــائون.
پاڻ بهترين انشا ِّ پرداز ۽ بهترين مقاله نگار
هئا. مختلف ڪتابن ۾ سندن مضمون آيل آهن. پاڻ
پنهنجن وڏن وانگر تدريس ۽ تعليم ۾ گذاريائون ۽
ڪجهه وقت پيش امامت جا فرائض به ادا ڪيائون.
مولانا عبدالله صاحب جن جي انتقال کان پوءِ
شفاخانو به پاڻ هلائيندا رهيا. سندن دوستن جو حلقو
وسيع هو، جيڪي سڀ علم وارا ۽ سنجيده انسان هئا.
سندن وفات ننڍي عمر ۾ مؤرخه 7- جمادي الثاني
1396هجري بمطابق 6- جون سن 1976ع بروز آچر رات 2
بجي حيدرآباد ۾ ٿي. کين سندن والد جي پهلوءَ ۾ دفن
ڪيو ويو.
حضرت مولانا احمد صاحب جن جا ٻيو نمبر فرزند مرحوم
محمد يوسف قريشي هئا. سندن ولادت 29- نومبر سن
1930ع بمطابق 21- جمادي الثاني 1349هه هالن پراڻن
۾ ٿي. پاڻ به وڏن وانگر ذڪي، فهيم، نيڪ ۽ خوش خلق
انسان هئا. ميٽرڪ ’جامعـه عربيه‘ مان ڪيائون، ان
کان پوءِ گورنمينٽ مدرسـه هاءِ اسڪول ميرپورخاص ۾
استاد مقرر ٿيا، جتان سن 1955ع ۾ گورنمينٽ هاءِ
اسڪول هالا ۾ بدلي ڪيا ويا. پاڻ تقريبن 25 سال کن
گورنمينٽ هاءِ اسڪول هالا ۾ تعليم ڏنائون. تعليم
دوران سوين ضرورتمندن جا ڪم في سبييل الله ڪيائون.
جيڪو به سائل وٽن ڪم لاءِ ويندو هو، ته ان کي وس
پڄندي جواب نه ڏيندا هئا. جنهن به آفيسر يا آفيس ۾
ڪم هوندو هو، اتي هلي ويندا هئا ۽ ان وقت تائين
ماٺ نه ڪندا هئا، جيسيتائين اهو ڪم پورو نه ٿئي.
فقط ضرورتمند کي ڪم چوڻ جي تڪليف ڪرڻي پوندي هئي.
ڪيترن نوجوانن کي امتحان ۾ پاس ڪرايائون، ڪيترن کي
روزگار سان لڳايائون. ڪيترن کي ڪورٽن مان انصاف
وٺي ڏنائون. اهڙي طرح خلق الله جي خدمت ڪندي مؤرخه
15- جون سن 2004ع بمطابق 22- ذوالقعد 1424هه ۾
وفات ڪيائون ۽ پنهنجي وصيت موجب والده جي پهلوءَ ۾
آرامي ٿيا. اسان جي وڏن جو طريقو قديم عالمن وارو
هو. پاڻ ديني علم جي ترويج لاءِ هميشه ڪوشان رهندا
هئا. |