[13]
لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ هڪ فلسطيني عرب نوجوان
ابراهيم رباح به اچي داخلا ورتي. هن کي پاڪستان
حڪومت کان اسڪالر شپ ملندي هئي. هيءُ فلسطين جي
شهر رملہ جو ويٺل هو، پر ٻين عربن وانگر يهودين جي
ظلمن کان مجبور ٿي لبنان ڏي هجرت ڪري آيو هو. سندس
مائٽ اتي رهندا هئا. لبنان مان ڄام شوري آيو. شڪل
۾ انگريزن جهڙو ڳاڙهو، حد کان گهڻو شرارتي، چرچائي
۽ بهادر هو. پر پڙهائيءَ ۾ ايتري محنت ڪانه پڄندي
هئس. گهمندو ڦرندو گهڻو هو، پاڻ سان گڏ ”عود“ نالي
هڪ عربي سرندو آندو هئائين، جنهن کي رات جو
وڄائيندو هو ۽ ڏاڍا مزيدار سر ڪڍندو هو. سياست تي
به گهڻو بحث ڪري سگهندو هو. سندس ڪجهه اکر مون کي
اڄ به ياد آهن. چوندو هو ته فلسطين کي آخرڪار
يهودين کان آزاد ٿيڻو آهي، چاهي اهو اسان جي
زندگيءَ ۾ ٿئي يا اسان کان پوءِ، ڇوته فلسطينين جو
اهو اٽل ارادو آهي. ڊاڪٽر ابراهيم رباح جا اهي اکر
اڃا تائين صحيح ثابت نه ٿيا آهن. فلسطينين انهيءَ
دوران وڏا ظلم برداشت ڪيا آهن. اڳتي ڇا ٿيندو؟ اها
خدا کي خبر آهي.
سن 1965ع جي آگسٽ ۾ مون ۽ رباح پروگرام ٺاهيو ته
ملڪ جا اتر وارا علائقا ڏسجن. پاڻ هر سال ويندو
هو، پر منهنجو پهريون موقعو هو. ريل رستي
راولپنڊيءَ پهتاسين. پوءِ اتي اسٽيشن تي ڪمرو
ورتوسين. ان کان پوءِ اسلام آباد کان ٿيندي ڪوهه
مريءَ پهتاسين. اڃا ڪوهه مريءَ جا پهاڙي رستا
ايترا ويڪرا نه ٺهيا هئا ۽ ڏاڍو خوف پئي ٿيو.
اوچتو موسم بدلجي وئي. ٿڌي هوا درين مان اندر اچڻ
لڳي. وڏا ڊگها ۽ گهاٽا وڻ ڏٺاسين، جيڪي سڄي سفر ۾
گڏ هئا. سڀني کي خبر آهي ته مري پهاڙين تي انگريزن
جو ٺهرايل شهر آهي، ان وقت هوٽل به گهڻا هئا،
جيئن: لارڊز، سامز ۽ فيلينز وغيرهه. رات جو عورتن
۽ مردن جي گڏيل ڊانس ٿيندي هئي. دڪانن تي هٿ جا
هنر، اوني سئيٽر، ڪنبل، ٽوپيون ۽ جبل ۾ هلڻ جون
لٺيون وغيره ملنديون هيون. مريءَ جي هوا فرحت بخش،
ٿڌي ۽ باغات تمام گهڻي هئي. سج سويرو ئي جبلن جي
پٺيان هليو ويندو هو ۽ اونداهي ڇانئجي ويندي هئي،
پوءِ بجلي جا بلب ۽ لائيٽون روشن ٿينديون هيون. اڌ
رات تائين مال روڊ تي چهل پهل ٿيندي رهندي هئي.
گهڻا سياح پنجاب جا، ٻي نمبر تي سرحد جا ۽ ٿورا
سنڌ جا هوندا هئا. مريءَ ۾ ٻه ٽي راتيون گذاري
نٿياگليءَ وياسين، مري ۽ نٿياگليءَ جو وچ وارو
رستو ڏاڍو خطرناڪ هو، پر خوبصورتيءَ ۾ نٿياگلي،
مريءَ کان وڌيڪ هئي. جيتوڻيڪ ننڍو ڳوٺ هو، اتي
گورنر هائوس به ڏٺوسين، جيڪو اڳ ۾ ئي فلمن ۾ ڏسي
چڪا هئاسين، هر قسم جا ننڍا وڏا وڻ جن جا نالا
ڪتابن ۾ پڙهيا هئاسين، اهي اتي ڏٺاسين، جهڙوڪ:
صنوبر، زيتون، انجير، پائين وغيره، جهنگلي ميوو به
گهڻو هو ۽ مفت ۾ هو جهڙوڪ: انجير، آلو بخارا، صوف،
اکروٽ، زيتون وغيره. نٿياگلي ۾ گولف گول راند جو
ميدان هو، جيڪو سڄو سرسبز هو. ان جي جاءِ تي هاڻي
هوٽل پرل ڪانٽينينٽل ٺهيل آهي. اسان پوءِ اندر
ٻيلن ۾ پنڌ ڪرڻ نڪتاسين. زمين جو ڪوبه ٽڪرو ساوڪ
کان خالي نه هو. ڪٿي ماڻهو مالوند مينهن، ڳئـُـن ۽
رِڍُن جا ڌڻ وٺي چاريندا پئي ويا. زمين تي جنت جو
نظارو هو. ائين پنڌ ڪندي وڃي خانپوره پهتاسين،
جنهن کي هاڻي ايوب خان جي نالي پويان ”ايوبيه“ ٿا
سڏين. اتي چيئر لفٽ ڏٺي سون. پئٽرياٽا ۾ وڏي لفٽ
گهڻو پوءِ لڳي. شام جو وري جهنگن مان ٿيندا پنهنجي
ماڳ پهتاسين.
ٻئي ڏينهن تي اسين بس جي رستي نٿياگلي کان ايبٽ
آباد روانا ٿياسين. پهرين ته رستو ورن وڪڙن وانگر
هو، پوءِ جڏهن مٿاڇري تي آيو ته ڏاڍو خوبصورت ٿي
پيو. رستي جي ٻنهي پاسن کان وڏا وڻ هئا ۽ هوا به
خوشگوار هئي. هيءُ رستو پاڪستان جي خوبصورت ترين
رستن مان ليکيو وڃي ٿو. ايبٽ آباد انهيءَ زماني ۾
صاف سٿرو هموار شهر هو، اتي ڪاڪول جي مليٽري
اڪيڊمي ڏٺي سون ۽ شملا پهاڙي تي به چڙهياسين. اصل
شملا ڪوه هماليا جي دامن ۾ آهي. هاڻي اسان ڪاغان
واديءَ ڏي وڃڻ جو ارادو ڪيو. ڪاغان جا پهاڙ 16000
فوٽن جي بلندي تي آهن، اسين پهرين بس ذريعي مانسره
پهتاسين، جيڪو تعلقي هيڊ ڪوارٽر آهي ۽ ڪنهار ندي
جي ٻنهي ڪپن تي آهي. صاف سٿرو ۽ خوبصورت شهر آهي.
اتان پوءِ جبلن تان
Hiking
ڪندي 10000 فوٽن جي بلندي تي ڪنڊ بنگلي تي
پهتاسين، جيڪو سرسبز ننڍو ڳوٺ آهي. انگريزن جو
ٺهرايل هڪ پراڻو بنگلو آهي، جنهن ۾ هڪ انگريز
فيملي اڳ ۾ ترسيل هئي. رات اتي رهياسين، ٻئي ڏينهن
صبح جو مقامي ماڻهو سونهون ڪري کنيوسين، جنهن اچي
اسان کي هيٺ بالاڪوٽ جي شهر ۾ لاٿو، بالاڪوٽ به
ڪنهار ندي جي ڪناري تي آهي، پر ڪافي هيٺاهين تي
آهي. ان ڏينهن سخت گرمي هئي. بالاڪوٽ ۾ حضرت شاهه
احمد شهيد ۽ شاهه اسماعيل شهيد جون قبرون آهن،
جيڪي سکن سان جهاد ۾ شهيد ٿي ويا. شاهه احمد جو
لاش ته غائب ٿي ويو، ان جي علامتي قبر آهي، پر
شاهه اسماعيل جي قبر موجود آهي.
بالا ڪوٽ کان اڳتي ڪاغان تائين رستو جابلو آهي ۽
سخت خطرناڪ آهي، جتي سواءِ فور ويل ڊرائيو جي ٻي
بس يا گاڏي نه ٿي وڃي سگهي. مسٽر انور نالي هڪ
دلنواز شخص بالا ڪوٽ ۾
R.T.C
جو مئنيجر هو. ان جيپ ڪرائي ڏني، جنهن تي چڙهي ڌڪا
ٿاٻا کائي ڪوائيءَ ۾ پهتاسين، ريسٽ روم ۾ مرغي
ٺهرائيسين ۽ منجهند جي ماني ٿي، ان کان پوءِ اڃا
به اوچائيءَ تي ’شگران‘ نالي هڪ جڳهه تي پهتاسين،
جتي ته بلڪل جنت جو نظارو هو. اتي هڪ زرعي
تحقيقاتي فارم سئينڊوز ڪمپني طرفان قائم ڪيل هو،
جتي ٻوٽي ”Podophylum“
جي پوک ٿيندي هئي، هيءُ هڪ تجرباتي ٻوٽو هو، جنهن
لاءِ اندازو هو، ته ڪينسر جي علاج ۾ ڪم ايندو.
تحقيق جو بهرحال ڪو نتيجو نه نڪتو ۽ پوءِ شايد اهو
فارم بند ٿي ويو. ان کان پوءِ ‘ناران’ تائين
پهتاسين ۽ سدا بهار ڍنڍ ”سيف الملوڪ“ ڏٺي سين،
جنهن لاءِ اهو چوندا هئا، ته رات جو هتي پريون اچن
ٿيون. جبلن جي وچ ۾ اوچائيءَ تي هيءَ ڍنڍ خوبصورت
نظارو پيش ڪري ٿي. ان کان پوءِ اسان واپس آياسين،
ڇوته اسان جو ٽوئر فقط 15 ڏينهن لاءِ هو، اڳتي
وڃون ها ته بابو سر پاس ۽ ڀٽا ڪنڊي کان ٿيندي گلگت
پهچون ها. واپسيءَ ۾ ڳڙهي حبيب الله کان ٿيندي
مظفر آباد آياسين، جتي پاڪستاني فوجي ٽرڪن جا وڏا
قافلا ويندي ڏٺاسين. خبر پئي ته هندستان - پاڪستان
جي سرحد تي ڇڪتاڻ جي صورتحال آهي. واقعي 14-15
ڏينهن کان پوءِ 6- سيپٽمبر سن 1965ع واري وڏي جنگ
لڳي. مظفر آباد کان واپس راوالپنڊي ۽ خيبر ميل
رستي رات جو حيدرآباد واپس پهتاسين. ان کان پوءِ
سگهوئي ابراهيم رباح جو ڪن شاگردن سان جهيڙو ٿي
پيو. ان ڪري ڪرنل نجيب جي لکڻ تي کيس لياقت ميڊيڪل
ڪاليج مان خارج ڪري لاهور جي ڪنگ ايڊروڊ ڪاليج ۾
داخل ڪيو ويو، ان کان پوءِ منهنجو ساڻس رابطو ختم
ٿي ويو.
سن 1977ع ۾ آءٌ گورنمينٽ ڊسپنري لطيف آباد ۾ ويٺو
هئس ته فون جي گهنٽي وڳي، فون کنيم ته ٻي طرفان
السلام عليڪم جو آواز آيو، مون سڃاتو ته هيءُ آواز
ابراهيم رباح جو آهي. پاڻ چيائين ته آءٌ صدر ۾
ڊاڪٽر نظام شيخ جي اسپتال ۾ ويٺو آهيان. مون کي
اچي کڻي وڃ، آءٌ ويس ۽ کيس کڻي آيس. منجهند جو وقت
هو، ماني گڏجي کاڌي سون، مون کي چيائين، ته مون کي
الرازي هاسٽل ڄام شورو ۾ وٺي هل ته آءٌ پنهنجون
يادگيريون تازيون ڪريان. آءٌ کيس ڪار ۾ الرازي
هاسٽل ڄام شوري ۾ کڻي آيس، جتي هلي انهيءَ وڻ هيٺ
ويٺاسين، جتي شاگرديءَ جي زماني ۾ ڪينٽين مان
چانهه گهرائي پيئندا هئاسين. درحقيقت ايترن سالن ۾
مون به وري الرازي هال جو رخ نه ڪيو هو. پر اهو
ڏسي ڏک ٿيو ته سڄو هال اجڙي چڪو هو. لان ۾ ساوڪ
ڪانه هئي، ڪيترا وڻ غائب هئا يا وڍيا ويا هئا.
صفائي به ڪانه هئي. وري سوئمنگ پول ۾ آياسين ته
اتي به تلاءُ خشڪ هو. صفائي به ڪانه هئي. سخت
افسوس ٿيو ۽ نجيب خان جو زمانو ياد آيو. بهرحال
حيدرآباد پهچي مون کان موڪلايائين.
وري آخري ۽ ٽيون دفعو ساڻس ملاقات سن 1985ع ۾
اسلام آباد ۾ ٿي، جتي هن پنهنجي ڪلينڪ قائم ڪئي
هئي. سندس چوڻ هو ته انهيءَ وچ ۾ هن قاهره مان
سرجريءَ ۾ ايم. ايس. سي پاس ڪئي هئي. گهر ۾ آپريشن
ٿئيٽر به هئس، باقي مريض ڪونه ڏٺاسين. البته سعودي
عرب ۽ ٻين ملڪن جا سفارت خانا کيس اميدوار طبي
چڪاس لاءِ موڪليندا هئا، جن کي روزگار سانگي انهن
ملڪن ۾ وڃڻو هو. ان کان پوءِ وري نه ڏسڻ ۾ آيو آهي
۽ نه ٻڌڻ ۾ يقينن موٽي لبنان يا مصر هليو ويو
هوندو.
سن 1965ع ۾ هندستان ۽ پاڪستان جي جنگ لڳي، جنهن ۾
پاڪستان کي برتري حاصل هئي. پاڪستان جي هوائي فوج
وڏا محير العقول ڪارناما سرانجام ڏنا. هوائي فوج
جي ايم. ايم. عالم ٽن منٽن ۾ هندستان جا 6 جهاز
ڪيرايا. پاڪستان، پنجاب ۽ سنڌ جي سرحد وٽان
هندستان ۾ داخل ٿي چڪو هو. البته ڪشمير ۾ سخت
مقابلو هو، جنگ جي آخري ڏينهن ۾ هندستان جو پاسو
مضبوط ٿيندو نظر اچي رهيو هو. ايئر مارشل اصغر خان
جي لکڻيءَ موجب جيڪڏهن آمريڪا هندستان کي نه روڪي
ها ته پاڪستان ختم ٿي وڃي ها، پر ڪيترا تجزيه نگار
انهيءَ ڳالهه سان متفق نه آهن.
سن 1965ع جي جنگ جو وڏو تابناڪ پهلو اهو هو ته سڄي
قوم متحد ٿي بيٺي. صوبائيت ۽ قوميت جون نفرتون ختم
ٿي چڪيون هيون. قوم هر قربانيءَ لاءِ تـيـار هئي.
اهڙو اتحاد نه ان کان اڳ ٿيو ۽ نه وري پوءِ نظر
آيو. سن 1967ع ۾ آءٌ سرڪاري نوڪري ۾ اچي چڪو هئس.
ڪيترن فوجي ۽ شهري عملدارن سان ڪچهريون ٿينديون
هيون ۽ هو ٻڌائيندا هئا، ته ڪيئن هنن جوش ۽ جذبي
سان جنگ ۾ حصو ورتو ۽ هندستان کي ذري گهٽ شڪست ڏني
هئي. ريڊيو ۽ ٽي. ويءَ تي نورجهان ۽ ٻين جا ڳايل
قومي نغما ايندا رهيا. جنگ کان متاثرين جي مدد
لاءِ جتي ڪٿي ڪيمپون قائم ڪيون ويون هيون، جتي
ماڻهن نقدي، راشن ۽ ڪپڙو بطور عطيه جي پئي ڏنو،
جنگ جي پهرين رات مون ۽ ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ ڀرڳڙي
خون جو عطيو به ڏنو هو، عجيب وقت هو. ڊپ ڊاء ڪونه
هو ۽ هر هڪ پر اعتماد هو ته هيءَ جنگ اسان
کٽنداسين. افسوس جو پاڪستان انهيءَ ڪاميابيءَ مان
ڪو فائدو نه ورتو. بلڪه تاشقند ۾ وڃي سفارتي جنگ
هارائي آيو. پوءِ ته ملڪ صرف تڪليفون ۽ پريشانيون
ڏٺيون. اڌ ملڪ جدا ٿي ويو ۽ ذوالفقار علي ڀٽي کي
ڦاسي ڏني ويئي. پاڪستان پٺتي پوندو ويو ۽ هندستان
اڳتي وڌندو ويو. اڄ ته پاڪستان جو هندستان سان
ڪنهن به معاملي ۾ ڪو مقابلو ڪونهي. هندستان دنيا
جي عظيم طاقتن مان هڪ آهي.
سن 1963ع ۾ منهنجو دوست اظهار الحق آرائين مون سان
گڏجي هالا پراڻا آيو. آءٌ کيس غلام علي شاهه جي
دعوت تي خانوٺ وٺي ويس، اتي مسڪين شاهه جي ڦٽل
اوطاق ۾ وڃي ويٺاسين. مسڪين شاهه پنهنجي زماني جو
وڏو شڪاري هو، ديوارن تي وڏن هرڻن جا ڳچين سميت
حصا لڳل هئا. تقريبن 30 کن هوندا، غلام علي شاهه
ٻڌايو ته هي ٻارنهن سڱا مسڪين شاهه راجپوتانا ۽
جيسلمير جي رڻ پـٽن مان شڪار ڪيا هئا. مسڪين شاهه
شينهن جو شڪار به ڪندو هو. هڪ وڏي هرڻ جي ڳچي
اظهار الحق کي تحفي طور ڏنائين، افسوس جو حيدرآباد
واپس ايندي بس ۾ وسري وئي، وري هٿ نه آئي. اظهار
الحق پوءِ انگلينڊ ويو ۽ ايف. آر. سي. ايس پاس
ڪيائين. هاڻي نيو يارڪ ۾ وڏو سرجن آهي. سن 1986ع
۾ آءٌ ٻه راتيون وٽس وڃي رهيو هئس. ڪنهن نديءَ جي
ڪناري تي وڏو محل نما بنگلو هئس.
هڪ ٻئي واقعي جو ذڪر ڪجي. سن 1963ع ۾ اسان جي ڳوٺ
۾ ڌاڙيل چڙهي آيا ۽ حاجي عبدالعزيز ميمڻ کي گولين
جا برسٽ هڻي شهيد ڪري هليا ويا. وچين جو وقت هو ۽
ڊسمبر جا ڏينهن هئا. شب برات هاڻي اچڻ واري هئي ته
اوچتو ٺڪاٺڪ جا آواز ٿيا. اسان سمجهيو ته ٽونٽا يا
ڦٽاڪا آهن، پر اوچتو ڪنهن چيو ته ڌاڙيل آيا آهن.
هيءُ ٽولو شجاع ڀنڀري جو هو، جنهن ۾ مراد علي مير
جت ۽ ٻيا به شامل هئا. پوءِ ته چؤ طرف خاموشي
ڇانئجي وئي. ڌاڙيلن شهر ۾ داخل ٿيڻ شرط مرحوم
عبدالعزيز جو پڇيو، جيڪو ان وقت بازار جي منڍ ۾ کٽ
تي ويٺو هو. ڌاڙيلن سان ڳوٺ جو هڪ رهاڪو ورو ساند
به هو، جنهن عبدالعزيز جي نشاندهي ڪئي. ڌاڙيلن
عبدالعزيز کي بندوق جي نوڪ تي چيو ته اسان کي تون
پنهنجي گهر وٺي هل. هاڻي هيءُ ڪم ڪير ٿي ڪري
سگهيو. کيس سڄي بازار مان لنگهايائون، وري واپس
وٺي آيس ۽ بازار جي چؤنڪ تي گولين جا ٻه فائر
ڪيائون، جيڪي اسان پنهنجي ڪنن سان ٻڌا. ان کان اڳ
عبدالعزيز جي روئڻ جو آواز به ٻڌوسين. ان کان پوءِ
ماٺ ٿي وئي. پنج منٽ کن گذريا ته مرحوم ميان محمود
سندس گهر جي ڇت تي چڙهي چيو ته ڌاڙيل وڃي چڪا آهن
۽ عبدالعزيز کي ماري ويا آهن، اسان ٻاهر نڪري ڏٺو
ته ڪيترا ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا ۽ مرحوم عبدالعزيز
جو لاش زمين تي پيو هو. انهيءَ وچ ۾ سندس پٽ به
پهچي ويا هئا، جن لاش کي کٽ تي رکايو ۽ اجرڪ
ڍڪائي، پوليس پهتي ته ڌاڙيل هالا پراڻا ڇڏي جهنگ ۾
غائب ٿي چڪا هئا. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڌاڙيلن جو
اڳواڻ شجاع ڀنڀرو مارجي ويو ۽ ٽولي جا ٻيا ڌاڙيل
به گرفتار ٿيا ۽ مٿن ڪيس هليا. کين ڊگهيون قيد جون
سزائون آيون.
ايم. بي. بي. ايس پاس ڪرڻ کان پوءِ مون نوڪريءَ
لاءِ درخواست ڏني. انهيءَ وقت عارضي طور تي
ڊائريڪٽر جي چارج ميرزا اسحاق بيگ مرحوم وٽ هئي.
انهيءَ زماني ۾ ڊاڪٽر ٿورا هوندا هئا ۽ سرڪاري
اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جون جايون خالي هونديون هيون.
هفتي کن جي اندر مون کي حيدرآباد سينٽرل جيل تي
اسسٽنٽ ميڊيڪل آفيسر ڪري رکيائون. مون جيل تي چارج
وٺي ڪم شروع ڪيو. انچارج ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر رانا
رضا الرحيم خان هو، خان جي عمر 50 سال کن هئي. پاڻ
ڊپلوما هولـڊر هو. اشراف ۽ خوش خلق انسان هو.
منهنجي خيال ۾ اڃا تائين حيات آهي. مون سان پوءِ
به ملندو رهيو آهي. آخري دفعي سن 1996ع ۾ جڏهن آءٌ
ميرپورخاص ۾ سول سرجن هئس ته ملڻ آيو هو. پوئين
عمر ۾ کيس دل جي تڪليف به ٿي پئي هئي. ڊاڪٽر خان
شام جو حقو ٻاهر ڪڍي گهر جي اڳيان رکندو هو ۽ آئي
وئي سان پيو ڪچهري ڪندو هو. عملا جيل جي مريضن جي
خبر گيري آءٌ ڪندو هوس. جيل جي اسپتال انگريزن جي
دور جي ڪافي پراڻي هئي. شايد 19 صدي جي اڌ ڌاري
ٺهي هئي. وارڊ ۾ 40 بسترن جو انتظام هو. بسترا،
فرنيچر، ڪنبل، چادرون زبون حالت ۾ هيون. مريض به
هڪ وقت ۾ 2 يا 3 داخل هوندا هئا. ڪڏهن ته هڪ به
ڪونه هوندو هو ۽ اسپتال خالي هوندي هئي. دوائون به
گهٽ تعداد ۾ ۽ غير معياري ملنديون هيون. جيل
ڊپارٽمينٽ دوائن جي بجيٽ ۾ تمام گهٽ پيسا رکندو
هو. صبح جو ٻه ڪمپائونڊر ۽ هڪ ڊاڪٽر سڄي جيل جو
گشت ڪندا هئا ۽ مريضن کي موقعي تي ئي دوا ڏئي
ڇڏيندا هئا. ڪو گهڻو بيمار هوندو هو ته ان کي
اسپتال ڏي موڪليندا هئا. سلهه، پيچش، وائي سور،
دم، کنگهه مريضن ۾ عام هئي. ڊاڪٽر خان ۽ مون کان
سواءِ ٻيو به هڪ الله بخش نظاماڻي نالي ڊاڪٽر
هوندو هو. سچي ڳالهه اها آهي ته مريضن جو حال ڪونه
هوندو هو. ٽي. بيءَ جي مريضن لاءِ پاسي تي جدا
وارڊ هوندو هو، جتي 8-10 قيدي بيماريءَ جي آخري
اسٽيج واري حالت ۾ داخل هوندا هئا. کين بلغم ۾ خون
ايندو هو. اها حالت ڏسي ڏاڍو ارمان ٿيندو هو ۽
انسان ذات جي هيڏي تحقير ۽ ذلت تي عجب ٿيندو هو.
او. پي. ڊيءَ ۾ اسٽاف جا ماڻهو جيڪي جيل جي حدن ۾
رهندا هئا، انهن جي علاج جو انتظام هوندو هو.
اسٽاف ۾ پراڻو سنڌي اديب ابن الياس سومرو به شامل
هو، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن ايندو هو ۽ ڪچهري ڪندو هو. جيل
جي حدن ۾ قائم اسڪول جو هيڊ ماستر هو. ابن الياس
جون ڪجهه تصنيفون به آهن. ڪجهه افسانا به لکيا
اٿس. افسوس آهي جو سنڌي اديبن جي ڪا باقاعده انجمن
نه آهي، جيڪا هنن جا حالات ۽ ادبي خدمتون رڪارڊ تي
رکي ها. ڪيترائي اديب ۽ شاعر گمناميءَ جي حالت ۾
جهان ڇڏي ويا، جيڪي پنهنجي دور ۾ آسمان علم جا
تابنده ستارا هئا. هنن جي مقالن، مضمونن، شعرن ۽
تحقيقن کي جمع ڪرڻ ۽ حفاظت ڪرڻ اسان جو فرض آهي،
جيڪو نه ٿي رهيو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته
اردو رائيٽرز فورم جي طرز تي سنڌي لکندڙن جو به
فورم ٺاهيو وڃي ۽ انهن عالمن ۽ اديبن جون خدمتون ۽
شاهڪار فراموش نه ڪرڻ گهرجن. ابن الياس ماشاء الله
حيات آهي، پر ادبي دنيا ۾ سرگرم نه آهي. ٻيو نه ته
به مون وانگر پنهنجي ياداشت ئي کڻي لکي.
[14]
انهيءَ زماني ۾ يعني سن 1967ع ڌاري بلوچستان جي
زهري قبيلي جو سردار دودا خان قيد ٿي آيو. مٿس 14
خونن جو الزام هو، پر پاڻ چوندو هو ته مون تي
گورنر مغربي پاڪستان نواب ڪالاباغ جي اجائي ڪاوڙ
آهي. دودا خان زهري قبيلي جو طاقتور سردار هو.
ننڍي هوندي گهوڙي تان ڪري پيو هو. ان جي نتيجي ۾
پٺيءَ جو ڪنڊو ڀڄي پيو هئس ۽ ڪٻڙو هوندو هو. قد
چار فوٽ کن ٿيندس. جناح ڪيپ پائيندو هو ۽ اکيون
خوفائتيون هونديون هئس هو وڏو بهادر، دل وارو، سخي
۽ خوش اخلاق انسان هو. مون سان گهڻي عزت سان پيش
ايندو هو، هيءُ بلوچ سردارن جي قومي غيرت ۽ اخلاق
جو مثال هو. کيس جيل ۾ اي ڪلاس مليل هو. اهو سردار
هجڻ جي ڪري کيس مليو هو. دودا خان کي ٻه قيدي بطور
خدمتگذار جي مليل هئا، انهن مان هڪ مراد علي مير
جت هو. هي انهن ڌاڙيلن جي ٽولي ۾ شامل هو، جن سن
1963ع ۾ هالا پراڻا ۾ ڌاڙو هنيو هو ۽ مرحوم
عبدالعزيز ميمڻ کي شهيد ڪيو هئائون. دودا خان به
ساڻس مزاح مسخري پيو ڪندو هو، مراد علي سردار صاحب
جي دل سان عزت ڪندو هو.
هڪ دفعو سردار دودا خان جيل سپرنٽيڊنٽ کي لکيو ته
سندس نظر ڪمزور آهي، ان ڪري کيس ماهر چشم ڊاڪٽر وٽ
موڪليو وڃي. سندس اها درخواست منظور ٿي، پر منهنجي
ڊيوٽي ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ اها لڳي ته آءٌ کيس سول
اسپتال ۾ ڏيکاريان. پوليس جا ٻه- ٽي سپاهي به ساڻ
ٿيا. اسپتال ۾ عقيل بن عبدالقادر پراڻو ڊاڪٽر
ڊيوٽيءَ تي هو، جنهن سردار صاحب کي تپاسي نمبر لکي
ڏنو. اتان ٿي تلڪ چاڙهي تي بيت البصر وارن کي عينڪ
ٺاهڻ لاءِ نمبر ڏنائين. ان کان پوءِ سردار صاحب
چيو ته آءٌ اورينٽ هوٽل ۾ ناشتو ڪندس. سپاهي کيس
اورينٽ هوٽل ۾ وٺي آيا، جيڪو ان زماني ۾ عروج تي
هو ۽ حيدرآباد ۾ پهريون ايئرڪنڊيشنڊ هوٽل هو.
سردار صاحب ناشتي ۾ اسان کي به شريڪ ڪيو. پوءِ
موٽي جيل آياسين.
دودا خان وٽ قلات ۽ خضدار مان گهڻا ملاقاتي ايندا
هئا. ڪيترن موقعن تي قبائلي بلوچستان جو مشهور سجي
ٿيل گوشت آڻيندا هئا، جنهن جو پنهنجو لطف ۽ ذائقو
آهي. سردار صاحب گوشت وغيره ٻين قيدين ۾ به ورهائي
ڇڏيندو هو. هڪ دفعو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ساڻس
جيل ۾ ملڻ آيو. ڀٽو مرحوم تاشقند معاملي تان تازو
وزارت ڇڏي آيو هو. رات جو جامعه عربيه وٽ وڏي جلسي
کي خطاب ڪيو هئائين. ڀٽو صاحب شعله بيان مقرر هو ۽
تقرير جو انداز عوامي هئس. دودا خان ۽ ڀٽي صاحب جي
ملاقات دوران اسان پري هئاسين. هي سياسي معاملات
هئا، جن سان اسان جو ڪو تعلق ڪونه هو. سگهوئي مون
سينٽرل جيل ڇڏيو. ٻه- ٽي سال پوءِ اخبار ۾ پڙهيم،
ته دودا خان جڏهن آزاد ٿي پنهنجي ڳوٺ آيو ته مخالف
قبائلين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو. دنيا ۾ هر ڪنهن جو
دم پورو ٿيڻو آهي. دودا خان پنهنجو وارو وڄائي
ويو. وڏو باهمت ۽ صاحب اخلاق سردار هو.
ٻيو قيدي، جيڪو پنهنجي دور ۾ مشهور سون (gold)جو
اسمگلر هو، اهو هو حاجي قاسم، جنهن کي ڪنهن زماني
۾ ”قاسو اڌارو“ سڏيندا هئا. ڪنهن وقت سندس مالي
حالت بيحد سقيم هئي، جو ٻيڙين جا پيسا به ماڻهن
کان اڌارا وٺندو هو، پوءِ دبئي ۽ ايراني نار ۾
سندس لانچون سون جي اسمگلنگ ڪنديون هيون. انهيءَ
مان ڪروڙ پتي ٿيو. ڪراچيءَ جي سامونڊي ڪناري تي
ڪجهه ٻيٽ هن جا پنهنجا هئا، جتي سندس لانچون اچي
لنگرانداز ٿينديون هيون. ايوب خان جي مارشل لا ۾
حاجي قاسم پڪڙجي پيو ۽ مٿس اسمگلنگ جا الزام لڳا.
پر پاڻ مرحوم چوندو هو ته اهو ڌنڌو آهي، جيڪو اسان
جا ابا ڏاڏا ڪندا ايندا هئا. چوندو هو ته مٿس
اسڪندر مرزا جي آڳاٽي چڙ هئي جو هن پنهنجي گهر
واريءَ لاءِ نو لکو هار هيرن جو گهريو، جيڪو آءٌ
نه ڏئي سگهيو هئس. حاجي قاسم جو نالو ته وڏو ڌاڪي
وارو هو، پر فطرتن غريب ۽ ڊڄڻي طبعيت جو ماڻهو هو.
آواز به سنهو هئس. غريب غربن تي هٿ رکندو هو ۽ وڏي
سخاوت جو صاحب هو. ڪراچيءَ جا ڪڇي، مڪراني، بلوچ ۽
شيدي جيل جي ٻاهران قطار ڪريو ويٺا هوندا هئا.
ڪراچيءَ جي انهي زماني جا مڪراني غنڊا ڪالا نانگ ۽
شيش نانگ جيل جي ٻاهران ويٺا هوندا هئا. هي ڇري ۽
چاقو دشمن لاءِ استعمال ڪندا هئا. اڃا بندوق ڪلچر
عام نه ٿيو هو. مون جيل جي ڊاڪٽري تان استعيفا ڏني
ته حاجي قاسم اڃا جيل ۾ هو. گهڻا سال پوءِ اخبار ۾
پڙهيم ته گذاري ويو.
مٿي مراد علي مير جت جو ذڪر ڪري آيو آهيان. هن مون
کي ڌاڙي جي ڳالهه نئين سر ٻڌائي. اصل ۾ هالا پراڻا
انهيءَ ڏينهن ڦٽي ويو، جنهن ڏينهن ڌاڙيل آيا. ڇوته
پوءِ گهڻا خاندان هالا پراڻا ڇڏي، هالا نوان،
حيدرآباد يا ٻئـي پاسي لڏي ويا. اهو امن، اطمينان
۽ سڪون ۽ خوشحالي نه رهي. مراد علي ذاتي زندگيءَ ۾
هڪ عام انسان هو. ڪير به نه سمجهندو هو ته هيءُ ڪو
قهري ڌاڙيل رهي چڪو آهي. سدائين ٽنگن ۽ ٻانهن ۾
لوهه جو راڊون يعني هٿ ڪڙيون ۽ پير ڪڙيون لڳل
هونديون هئس. پاڻ چوندو هو، ته مون تي پوليس ڏاڍي
سختي ڪئي ته ڏوهن جو قبولدار ٿيان. پر مون ناڪار
ڪئي. پوءِ مون کي لاهور جي شاهي قلعي ۾ وٺي ويا،
جيڪو پوليس جي ظلمن کان مشهور آهي. هڪ دفعو هوائي
جهاز ۾ ٽنگي مون کي لٽڪايائون ۽ چيائون ته توکي
هاڻي هلندڙ هوائي جهاز مان ٿا اڇلايون، پر مون نه
مڃيو. آءٌ جيل ڇڏي آيس ته گهڻا سال پوءِ خبر پئي
ته کيس ڊگهي سزا آئي، جيڪا ڪاٽي ٻاهر آيو. هاڻ ٻڌڻ
۾ آيو آهي ته لاڙ جي پاسي ٻني ٻارو ڪري ٿو.
جيل جا اندروني حالات ڏسي مون کي گهڻو ارمان ٿيندو
هو. هڪ ته ڏوهارين سان واسطو، ٻيو انتظام به
اڻپورو، انسان کي انسان نه سمجهڻ، ماڻهوءَ جي
تذليل ۽ تحقير ۽ ڊاڪٽري علم ۾ ڪو خاص تجربي جو
حاصل نه ٿيڻ، آءٌ تنگ ٿي پيس ۽ ڏيڍ مهيني کان پوءِ
مون مورڳو نوڪريءَ تان ئي استعيفا ڏئي ڇڏي. ڪراچي
اڃا پاڪستان جو گاديءَ وارو شهر هو. ايوب خان جي
زماني ۾ ڪراچيءَ ۾ وڏي اقتصادي ترقي ٿي رهي هئي.
ان ڪري مون ڪراچيءَ وڃي ڀاڳ آزمائڻ جو ارادو ڪيو.
ڪراچيءَ ۾ منهنجو پراڻو دوست مرحوم شيخ غلام محمد
اڳ ۾ ئي وليڪاٽيڪسٽائيل ۾ ڪيمسٽ هو ۽ سائيٽ ۾ فليٽ
۾ رهندو هو. آءٌ به وٽس رهيس. شيخ غلام محمد اصل ۾
مٽيارين جي شيخن مان هو ۽ سندس والد صاحب جو نالو
حاجي عبدالواحد هو. هيءُ اصل ۾ هالن پراڻن جا هئا،
پوءِ لڏي وڃي مٽيارين ۾ ويٺا. حاجي عبدالواحد سند
يافته حڪيم هو ۽ دهليءَ جي اجمل خان جي طبيہ ڪاليج
مان ڪامل الطب والجراحت جو امتحان پاس ڪيو هئائين.
وڏو ديندار، اسلام جو شيدائي، ديني ۽ شرعي حڪمن جو
سخت پابند، اولاد کي پنج وقت نماز جو پابند ڪرڻ،
هي ڪم حاجي عبدالواحد جي فرائض ۾ شامل هئا. اسان
جي وڏن وٽ گهڻو ايندو ويندو هو. ترڪي ٽوپي، صدري،
بوٽ ۽ چاپـُـئين ڏاڙهي ۾ صاحب شرعيت مسلمان نظر
ايندو هو. جڏهن به اسان جي وڏن وٽ ايندو هو ته
ساڻس ڪجهه ٻيا به نيڪ نام شيخ شامل هوندا هئا.
مرحوم حاجي ربڏنو، جنهن جو پٽ پروفيسر حسن شيخ
حيدرآباد جو مشهور معالـج آهي، حاجي حڪيم حامد علي
جنهن کي حاجي ڦوٽو سڏيندا هئا. شيخ احمد جيڪو حاجي
عبدالواحد جو ننڍو ڀاءُ هو، سڀ گڏجي ايندا هئا.
حاجي عبدالواحد آخري عمر ۾ ڏاڙهي مبارڪ وڏي ڪرائي
هئي ۽ ميندي به هڻندو هو. اسلام ۽ سائنس جي باهم
تعلق تي سٺي گفتگو ڪندو هو. ستر جي ڏهاڪي ۾ انتقال
ڪري ويو. هالا ۾ جيڪا خلافت ڪميٽي سن 1920ع ۾ ٺهي
هئي، ان جي مقامي شاخ جو سيڪريٽري هو. حاجي
عبدالواحد مرحوم جو وڏو پٽ شيخ ڊاڪٽر عبدالقادر
صحت کاتي ۾ ميڊيڪل آفيسر هو، جنهن سال منيٰ ۾ ٿنڀن
کي باهه لڳي هئي، حج تي ويل هو. افسوس جو باهه ۾
شهيد ٿي ويو. ڪجهه مهينن کان پوءِ سندس فرزند مڪي
۾ وڃي سندس لاش جي شناخت ڪئي. ٻانهن ۾ جيڪا واچ
پيل هئس، سندس فرزند انهيءَ آڌار تي لاش کي شناخت
ڪيو. ڊاڪٽر عبدالقادر، هڪ پرهيزگار، سچار ۽
ايماندار آفيسر هو. سن 1958ع ۾ ايوب خان جي مارشل
لا لڳي ته هي سعيد آباد تعلقي هالا ۾ ميڊيڪل آفيسر
هو. انهي وقت حيدرآباد جو مارشل لا ايڊمنسٽريٽو
برگيڊيئر ٽڪا خان هو، جيڪو پوءِ يحيٰ خان جي ڏينهن
۾ اوڀر پاڪستان جو ڪور ڪمانڊر ٿيو ۽ لکين بنگالي
مارايائين. ٽڪا خان کي ڪو سرٽيفڪيٽ کپندو هو، ڪنهن
ٻئي ماڻهوءَ لا”. سو ارادو ڪيائين ته ڊاڪٽر
عبدالقادر کي چوي ته هو اهو سرٽيفڪيٽ ڪڍي. ماتحت
آفيسرن سمجهايس ته هيءُ ڊاڪٽر ايماندار ۽ پنهنجي
اصولن تي سخت آهي، سو ڪوڙو سرٽيفيڪٽ ڪونه ڪڍندو.
ٽڪاخان جيپ ۾ چڙهي شام جو وڃي سعيد آباد اسپتال
پهتو. ڊاڪٽر کي سرٽيفڪيٽ ڪڍڻ لاءِ چيائين.
عبدالقادر مرحوم صاف انڪار ڪيو. چوي ته ماري ڇڏيو،
ته به ڪوڙو سرٽيفڪيٽ نه ڪڍندس. ٽڪا خان اهو کٿو
جواب ٻڌي واپس روانو ٿيو. ڊاڪٽر کي ڪجهه ڪونه ٿيو.
رب سائين حفاظت ڪيس.
ڳالهه مان ڳالهه نڪري وئي آهي. شيخ غلام محمد حاجي
عبدالواحد جو فرزند هو ۽ تمام ايماندار هو. نماز
جو پابند هو. پوءِ وليڪا ڇڏي سرڪاري ملازمت ۾
گهڙيو، گهڻا سال سکر ۾ ڪيميڪل تجزيه ڪار هو. افسوس
جو چند سال اڳ گذاري ويو آهي. کيس دل جي تڪليف
هئي.
مون ڳالهه پنهنجي روزگار جي پئي ڪئي. خبر پيئي ته
هڪ جهاز ران ڪمپني ”ڪيمپ بيل“ کي بحري جهازن لاءِ
ڊاڪٽر جي ضرورت هئي. مون انٽرويو ڏنو. ڪيمپ بيل
وارن مون کي منتخب ڪيو. جيڪا پگهار سرڪاري ملازمت
۾ هئي، ان کان پنجوڻ تي پگهار ڏيڻي ڪيائون. منهنجي
نوجواني هئي. جوش جذبو هو. بحري سفرناما به پڙهيا
هئم. سو هاڪار ڪيم ۽ حيدرآباد آيس ته ٽپڙ ٽاڙي کڻي
اچي نوڪريءَ کي لڳان. ڊائڪريٽر هيلٿ جي آفيس ون
يونٽ بلـڊنگ ۾ هئي. اتي آفيس سپرنٽيڊنٽ شيخ محمد
يامين هو، جنهن مون کي صلاح ڏني ته اسين توکي لطيف
آباد ڊسپينسريءَ ۾ رکون ٿا ۽ تون في الحال استعيفا
نه ڏي. اها ڳالهه ٻڌي آءٌ لطيف آباد اسپتال ڏسڻ
آيس. معلوم ٿيو ته هڪ ننڍي بلـڊنگ آهي، جنهن جي
چوگرد وڏا بنگلا آهن. اسپتال کي وڏو کليو پلاٽ به
هو، جنهن تي توسيع ٿيڻي هئي، جنهن خاص ڳالهه مون
کي متاثر ڪيو، اها هيءَ هئي ته مريضن جو وڏو انگ
هو. مون اندازو لڳايو ته هتي تجربو سٺو ٿيندو.
پوءِ موٽي يامين شيخ صاحب کي چيم ته ڀلي منهنجو
آرڊر ڪڍو. اهڙيءَ طرح ٻن مهينن جي وقفي کان پوءِ
آءٌ وڃي پنهنجي پيشي سان لڳس. پوءِ ته لطيف آباد
سان اهڙو لاڳاپو ٿيو، جو هميشه لاءِ هتي رهجي ويس
۽ گهر به هتي ئي ورتم. ڊسپنسريءَ ۾ جملي 9 سال
رهيس. وچ ۾ ٻه سال ٽنڊي ڄام ۾ رکيائون. مون اڳ ۾
به عرض ڪيو آهي ته انهيءَ زماني ۾ ڊاڪٽرن ۽
اسپتالن جي تمام گهڻي کوٽ هئي. سنڌ گورنمينٽ جي
طرفان ته فقط اهائي هڪ ڊسپنسري هئي. گهڻي ڀاڱي
مريض اردو ڳالهائيندڙ هئا. لطيف آباد سن 1950ع ۾
جڏهن لياقت علي خان وزير اعظم هو، تڏهن مهاجرن کي
آباد ڪرڻ لاءِ ٺهي هئي. سن 1967ع ۾ جڏهن آءٌ
ميڊيڪل آفيسر ٿي آيس ته اڃا گهڻيئي پلاٽ خالي پيا
هئا. مريضن ۾ گهڻو تعداد وچولي ۽ غريب طبقي جو هو.
پر گهڻا چڱا خاندان به ايندا هئا، جن مان ڪن جو
احوال هيٺ ڏبو.
ان وقت ۾ مهاجرن ۽ سنڌين جا پاڻ ۾ لاڳاپا خوشگوار
هئا. هڪٻئي ۾ نفرتون ڪونه هيون. ڪيترا مهاجر سنڌي
ائين ڳالهائيندا هئا، جو چئي ڪونه سگهبو ته هنن جي
مادري زبان اردو آهي. وري ڪيترا سنڌي اهڙا هئا، جن
جي اردو ائين هئي ڄڻ ته سندن مادري زبان هئي.
هڪٻئي ۾ شاديون به گهڻيون ٿيون، خاص طور پڙهيل
لکيل ماڻهن ۾، پر گهٽ علم وارن ۾ به شاديون عام
جام ٿينديون رهيون. انهيءَ زماني ۾ نواب مظفر خان
مهاجر، پنجابي، پٺاڻ محاذ سنڌين خلاف ٺاهيو، پر ان
جي ڪا خاص پذيرائي ڪانه ٿي. جي. ايم. سيد وارن
جيئي سنڌ تحريڪ جواب ۾ هلائي، پر ان جو اثر انهيءَ
زماني ۾ نالي ماتر هو. پوءِ ته باهم نفرتون
وڌنديون ويون ۽ لساني ۽ نسلي جـمـاعـتـن وڏو زور
ورتو. جيڪڏهن حالات ائين رهن ها، جيئن سن 1965ع
تائين هئا، ته هـڪٻـئــي جــون غـلــط فهميون ختم
ٿي وڃن ها ۽ سڀ هڪ قوم ٿي وڃن ها.
سن 1965ع ۾ هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگ لڳي هئي،
جنهن جو اڳ ۾ ذڪر ٿي چڪو آهي. انهيءَ وقت کان گهٽ
۾ گهٽ سن 1970ع تائين سڄي قوم متحد هئي. گهڻا اهڙا
فوجي آفيسر لطيف آباد ۾ رهائش پذير هئا، جن انهيءَ
جنگ ۾ حصو ورتو هو. سندن ڳالهيون ٻڌي ايمان تازو
ٿيندو هو. اها سوچ نه هئي ته هيءُ پنجابي آهي يا
پٺاڻ آهي يا مهاجر آهي. سڀ مسلمان ڀائر ۽ پاڪستاني
هئا. اسپتال ۾ رهندي جن چڱن انسانن سان واسطو پيو،
انهن مان ڪجهه جو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان، ڇوته
انهن جي احوال سان ان زماني جي حالات جي عڪاسي ٿئي
ٿي.
پهرين مرحوم پير اسلم شاهه جو ذڪر ڪجي ٿو، پير
صاحب جو تعلق ڪوهاٽ جي جهنگل خيل محلي سان هو.
ڇوته حڪومت جو نظام ون يونٽ وارو هو، ان ڪري ڪيترا
ٻين صوبن جا آفيسر پنجابي ۽ پٺاڻ سنڌ ۾ نوڪري ڪندا
هئا ۽ ڪيترا سنڌي لاهور ۾ رهندا هئا. ون يونٽ سن
1970ع ۾ ختم ٿيو. غلام محمد بئـراج تي ڪجهه زمينون
پٺاڻن کي به ملڻيون هيون. ان ڪري حڪومت انهن جي
آبادڪاريءَ لاءِ کاتو قائم ڪيو. پير صاحب انهيءَ
کاتي جو ڊائريڪٽر هو. سندس خاندان ڪانگريسي خيالات
جو هو. سندس وڏا ڀائر جيڪي ڪوهاٽ ۾ رهندا هئا، اهي
سياسي ڪمن ۾ غفار خان ۽ ولي خان جا حمايتي هئي.
اسلم شاهه پاڻ تمام شريف، ديندار ۽ فرشته صفت
انسان هو. پيرن ۽ درگاهن جو به معتقد هو. حيدرآباد
۾ تقريبن چار سال کن رهيو. سنڌ جون سڀ درگاهون
ڏٺائين. جيڪب آباد کان بدين تائين، روحاني بزرگن ۽
پيرن وٽ به ايندو ويندو هو. مهمان نواز به هو ۽
ماني جون دعوتون ڪندو رهندو هو. قد وڏو، هشاش بشاش
انسان هو. جيڏو جسم ڀاري هئس، اوتري ئي عاجزي ۽
انڪساري هئس. چترال جي ڪجهه قبائيلن کي گولاڙچي جي
اڳيان زرعي زمين الاٽ ٿي هئي. هنن جي آباد ڪاري
پير اسلم شاهه جي دائره اختيار ۾ آئي ٿي. هڪ دفعو
پير صاحب ۽ روينيو جا ڪجهه آفيسر جائزو وٺڻ ويا.
مون کي به ساڻ کنيائون. پهچڻ تي قبائلين هوائي
فائر ڪري اسان جو استقبال ڪيو. پوءِ روايتي رقص
ڪيائون. هڪ گهيٽو حلال ڪيائون ۽ وڏي دعوت ڪيائون.
سڄو ڏينهن رهي شام جو موٽي آياسين. پر اهي چترالي
گهڻو وقت ڪونه رهيا. هي پهاڙن جا رهاڪو هئا، سي
ميداني علائقي جي زراعت مان ڇا ڄاڻن. زمينون کپائي
واپس مليا ويا.
[15]
انهيءَ زماني ۾ پير اسلم شاهه صاحب جو هڪ پير ڀائي
عبدالمجيد خان سنڌ ۾ تعليم جو ڊائريڪٽر ٿي آيو.
علاج معالجي جي سلسلي ۾ پير صاحب کيس مون وٽ وٺي
آيو. پوءِ ايندو رهندو هو. وڏي سفيد ريش، جناح ڪيپ
۽ فل سوٽ ۾ ملبوس رهندو هو. ايماندار ۽ پرهيزگار
هو، جامعه اشرفيه لاهور وارن جو خاص خليفو هو.
رمضان آيو ته پنهنجي سرڪاري بنگلي ۾ تراويحن جو
انتظام ڪيائين. ڪجهه وقت کان پوءِ پشاور واپس هليو
ويو. ٻيو نيڪ مرد محمد شفيع خان ليبر کاتي ۾
ڊائريڪٽر هو. هيءُ به پٺاڻ هو. حيدرآباد ۾ ٽي سالن
کن رهيو. پشاور ويو پوءِ اتي گذاري ويو. هي سڀ نيڪ
۽ چڱا انسان هئا ۽ مون سان قريبي تعلق هون.
پير اسلم شاهه صاحب جو پيرن فقيرن ۾ گهڻو اعتقاد
هو. ٻولهاڙيءَ ۾ هڪ فقير رهندو هو، جنهن جو نالو
هو بابا فضل الله. هيءُ ڏسڻ ۾ ته هڪ عام انسان هو،
پر پهتل هو. بابا جي زبان مان ڪا ڳالهه نڪرندي هئي
ته گهڻو ڪري پوري ٿيندي هئي. هڪ دفعو منهنجي
ڊسپينسريءَ مان ٻه رجسٽر گم ٿي ويا. سخت ڳولا جي
باوجود نه مليا. مٿان ڊائريڪٽر صاحب کي به اچڻو
هو. پير اسلم شاهه صلاح ڏني ته بابا فضل الله کان
دعا ڪرائجي. اسان بابا صاحب وٽ وياسين. پاڻ ٺهه
پهه چيائين ته ڊائريڪٽر ڪونه ايندو ۽ الله ڪندو ته
رجسٽر به ملندا. ٿيو به ائين جو هفتي کن کان پوءِ
ڊائريڪٽر بدلي ٿي ويو. باقي رجسٽر في الحال نه
مليا. نيٺ نوان رجسٽر ٺاهڻا پيا. قدرت خدا جي 6-7
سالن کان پوءِ پراڻن ڪاغذن کي ساڙڻ جو پرگرام
ٺاهيوسين، ڇوته جيڪو رڪارڊ 20 سالن کان مٿي پراڻو
ٿي چڪو هوندو آهي، ان کي ساڙڻو پوندو آهي. اُن
پراڻي رڪارڊ مان اهي ٻئي رجسٽر مليا. حالانڪ هاڻي
اهي ڪم جا ڪونه هئا. پر بابا جي چيل ٻنهي ڳالهين
جي تڪميل ٿي.
پير اسلم شاهه وٽ ٻيا به روحاني بزرگ ۽ ولايت جا
صاحب ايندا ويندا هئا. پاڻ به الله وارن وٽ ويندو
رهندو هو. هڪ دفعي هزاره جي پاسي جو هڪ درويش
”بابا ڪنوان والي سرڪار“ آيو. سفيد ريش، هوش حواس
سالم پر درويش طبع. هن بزرگ وٽ ڪانگن جا ٽولا هر
وقت ويٺا هوندا هئا. پير اسلم شاهه صاحب جي گهر
واري به نيڪ ۽ خدا ترس خاتون هئي. سندن خاندان
ڪافي مهمان نواز هو. پير صاحب سن 1971ع ۾ سرحد
بدلي ٿي ويو، جتان رٽائر ڪيائين. سن 1972ع ۾ حج تي
ويو. ڪراچيءَ مان بحري جهاز ۾ وڃڻو هئس. پوءِ مون
وٽ به آيو ۽ رات رهي روانو ٿيو. پير صاحب وڏي عمر
۾ سال سن 1991ع ۾ ڪوهاٽ ۾ وفات ڪئي. هن جو ذڪر مون
تفصيل سان ڪيو آهي، جو پير صاحب خير خواهه هو ۽
صلاح مشورا نيڪ ۽ همدرديءَ وارا ڏيندو هو.
انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد جي نئين هوائي اڏي تي هڪ
جهاز صبح جو ايندو هو، جيڪو لاهور کان ٿيندو پشاور
ويندو هو. ٻيو جهاز شام جو لاهور کان ايندو هو،
جيڪو ڪراچي ويندو هو. هاڻي ته هوائي اڏو بند آهي ۽
هتي تربيت گاهه شهري هوابازي جو قائم ڪيو اٿن.
سرڪاري ملازم هجڻ جي ناتي سان سڄو اسٽاف علاج لاءِ
مون وٽ ايندو هو. سن 1968-1969ع ۾ انچارج آفيسر
آدم خان پٺاڻ هو. هيءُ تمام خوش اخلاق، پنهنجي ڪم
جو ڄاڻو، ساده مزاج ۽ ڪچهريءَ جو ڪوڏيو انسان هو.
اسان جي پاڻ ۾ اچ وڃ گهڻي هئي. اهي تعلقات پوءِ به
قائم رهيا. سن 1996ع ۾ رٽائر ڪيائين. هاڻي حيات
آباد پشاور ۾ رهي ٿو.
آدم خان جي بدلي کان پوءِ مردان جو طارق محمود
آفيسر انچارج ٿي آيو. هيءُ به هوشيار، بيدار مغز ۽
ذهين انسان هو. حيدرآباد ۾ سال کن رهيو. گهڻو وقت
ڪراچي هوائي اڏي تي ڪم ڪيائين. 6-7 سال اڳ
ڪرغيزستان جي شهر بشڪڪ ۾ روڊ حادثي ۾ گذاري ويو.
اتي ڪنهن ٽريننگ ڪورس ۾ ويل هو. لطيف آباد جي جنهن
علائقي ۾ آءٌ رهندو هئس، اتي به گهڻا چڱا ۽ اعليٰ
اخلاق جا انسان رهندا هئا. فاروق احمد خان انهن
مان هڪ هو، جنهن جو اسٽيشن روڊ تي گاڏين جي سامان
جو دڪان هو. فاروق وڏو محنتي ۽ ذهين انسان هو.
پنهنجي ڌنڌي کي گهڻي وسعت ڏنائين، جيڪا ڳالهه صحيح
هوندي هئي اها چئي ڏيندو هو ۽ ڪنهن کان ڊڄندو ڪونه
هو. نيٺ ڪراچي منتقل ٿي ويو، جتي گهڻيون مشڪلاتون
ڏٺائين، ڪاروبار ۾ نقصان پيس، اولاد ڇڏي ويس، سڀ
آمريڪا هليا ويا. کيس مايوسيءَ (Depression)
جا دورا پوڻ لڳا. نيٺ سن 1998ع ڌاري گذاري ويو.
ٻيا به چڱا پاڙيسري هئا. ارشاد علي خان هندستان ۾
ورهاڱي کان اڳ شاهجهان پور ۾ رهندو هو. هتي آيو ته
سنڌ گورنمينٽ ۾ ليبر آفيسر مقرر ٿيو. سمال
انڊسٽريز کاتي ۾، سنڌ جي گهريلو هنرن تي سند جي
حيثيت رکندو هو ۽ دستڪاري ۽ هٿ جي هنرن کي چڱو زور
وٺايائين. هن جا دوست مهاجرن کان وڌيڪ سنڌي هئا،
ڇوته ملازمت دوران سڄيءَ سنڌ ۾ رهيو هو. رٽائر
ڪيائين ته لطيف آباد ۾ ئي رهيو ۽ سماجي ڪمن ۾ حـصو
وٺندو رهيو. ٻه سال کن ٿيا جو گذاري ويو آهي.
هنن ماڻهن ۾ تعصب بلڪل ڪونه هو. قديم سنڌين کي
پنهنجو محسن سمجهندا هئا ۽ انهن سان ويجها تعلقات
هوندا هئن. هاڻي ته نقشو بدلجي ويو آهي. سنڌين
مهاجرن ۾ وڏا ويڇا پئجي ويا آهن، جيڪي نهايت
افسوسناڪ آهن.
اڪائونٽنٽ جنرل روينيو
A.g.p.r
۾ هڪ آفيسر نوشاد علي خان هو. فقهه جعفريه سان
تعلق هئس، پر ڪنهن به قسم جو تعصب ڪونه هئس.
اڪائونٽس ۽ قانوني لکپڙهه ۾ وڏو ماهر هو. قانون جا
ڪتاب ازبر ياد هوندا هئس. مظلومن کي حق وٺي ڏيڻ ۾
اڳڀرو هوندو هو. سنهڙو ڏٻر جسم جو هو. آخري عمر ۾
نظر ڪانه پوندي هئس، تان جو گهر ۾ ويهي رهيو.
اهڙا ٻيا به گهڻا نيڪ انسان هئا، جن سان واسطو
رهيو. حقيقتن هي اشراف، سچا، ڄاڻو ۽ خير خواهه
انسان هئا. مون سندن صحبت مان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو،
جيڪو اڳتي هلي دنيوي ۽ ديني معاملات ۾ ڪم آيو.
سـنـڌ يونيورسٽيءَ جي رٽائرڊ پروفيسر ڊاڪٽر غلام
مصطفيٰ صاحب سان به عقيدت رهي آهي. ڊاڪٽر صاحب اهل
معرفت هو سندس دعا بارگاهه رب العزت ۾ مقبول هئي.
مون کي خود ذاتي تجربا آهن. ڳالهيون گهڻيون آهن،
پر مثال فقط هڪ واقعي جو ڏبو. سن 1983ع ۾ منهنجي
ننڍي پٽ کي سخت بخار ٿي پيو. جيتوڻيڪ علاج تمام
بهترين پئي ٿيو، پر ”ڦڪيون تڏهن فرق ڪن جڏهن امر
ڪرين ان کي“. معصوم ٻار تيز بخار ۾ سخت تڪليف ڏٺي.
آءٌ ڊاڪٽر صاحب وٽ دعا طلبيءَ لاءِ پاڻ حاضر ٿيس.
پاڻ خواهش ڏيکاريائون ته خود هلي ٻار کي ڏسن. پوءِ
از راهه شفقت مون سان اسپتال ۾ آيا. ڪافي دير دعا
گهرندا رهيا. وري به لکان ٿو ته ڪافي دير تائين
دعا هلندي رهي. آخر ۾ فرمايائون ته اڄ انشا ِّ
الله تعاليٰ بخار لهي ويندو. ٻيون به ڪجهه هدايتون
ڏنائون. قدرت خدا سان بخار انهيءَ شام جو لهي ويو.
رب پاڪ مهربان ٿيو ۽ دعا حضرت صاحب جن جي مقبول
ٿي.
ڊاڪٽر صاحب موجوده فتني جي دور ۾ هڪ غنيمت هو.
علامه آءِ. آءِ. قاضي صاحب جن جي باري ۾ ٻڌايائون،
ته قاضي صاحب اڪثر وقت بوقت مون کي گهرائيندو هو ۽
خودڪشيءَ جي موضوع تي بحث مباحثو ڪندو هو. سندس
موقف هو ته خودڪشي حرام نه آهي. آءٌ (غلام مصطفيٰ)
چوندو هئس ته انهيءَ ڪم جي منع ٿيل آهي. نيٺ علامه
صاحب وڃي درياههِ ۾ ٽپو ڏنو. ٻيءَ رات تهجد جي
نماز ۾ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ صاحب جن ڏٺو ته ڪو شخص
پٺيان اچي ويٺو آهي. پاڻ سلام ڦيرائي ڏٺائون، ته
علامه صاحب جن ويٺا هئا. علامه صاحب، ڊاڪٽر صاحب
جن، کي فرمايو، ته توهان صحيح ٿي چيو، ته خودڪشي
صحيح عمل نه آهي. بارگاه رب العزت ۾ مون کان ان جي
پڇا ٿي آهي. پر الحمدلله مون کي معاف ڪيو ويو آهي
جو مون کان دين جي تبليغ جي سلسلي ۾ ڪي چڱا ڪم به
ٿيا آهن. ڊاڪٽر صاحب اهو واقعو پنهنجي ڪنهن ڪتاب ۾
به لکيو آهي.
ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ صاحب جا سوين معتقد ۽ مريد آهن،
پاڻ ذڪر فڪر ۽ مراقبو ڪرائيندا هئا. طويل عمر جي
ڪري ڪافي ضعيف ٿي ويا هئا ۽ ماڻهن سان ملي جلي يا
ڳالهائي نٿي سگهيا. تاريخ 25- سيپٽمبر سن 2005ع تي
آچر جي ڏينهن 93 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائون. سندس
نالي هڪ ديني ٽرسٽ قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جي
عمارت حيدرآباد باءِ پاس جي اُتر طرف زير تعمير
آهي.
اڃا ڪجهه محترم شخصيتن جو ذڪر ڪرڻ کپي. انهن مان
هڪ شخصيت مرحوم مير عباس علي خان جي آهي. مير صاحب
جي والد جو نالو مير خدا يار هو، جيڪو مير
عبدالحسين سانگيءَ جو وڏو پٽ هو. سانگي صاحب
ٽالپرن جي بادشاهي خاندان مان هو. مير عباس علي
خان درويش صفت، غريب پرور ۽ سخاوت جو صاحب هو.
سندس وفات سن 1976ع ۾ 80 سالن جي عمر ۾ ٽنڊي مير
غلام حسين ۾ ٿي. مير صاحب ظاهري طور ڪو مال ملڪيت
يا شان ۽ شوڪت جو مالڪ ڪونه هو، گردش دوران، امير
حڪمران ٽالپرن جي پوين کي گهڻيون تڪليفون ڏسڻيون
پيون. سندن ملڪيت ۽ خزانو سرچارلس نيپئر لنڊن
کڻائي ويو. ڪيترائي امير پونا ۽ ڪلڪتي جي جيلن ۾
وڌا ويا. جن ٽالپرن انگريزن سان ٺاهه ڪيا، انهن کي
وڏيون جاگيرون ۽ رياستون مليون. پر بادشاهي گهراڻي
جي پوين انگريزن سان ٺاهه نه ڪيو. نتيجي ۾ کين
معمولي پينشنون ڏنيون ويون ۽ زمين جي ڪجهه ٽڪرن جي
ملڪيت ڏني وئي. مير عباس علي خان کي ورثي ۾ تمام
معمولي حصو مليو. ائين چئجي ته ڪجهه ڪونه مليس. پر
شاهي گهراڻي سان تعلق هجڻ ڪري سخاوت ۽ فراخدلي
هئس. آئي وئي کي عزت ڏيڻ ۽ ضرورتمندن جي مدد لاءِ
سڀني کان اڳڀرو هوندو هو.جنهن زمين تي هينئر لطيف
آباد جو شهر ٺهيل آهي، اها مير صاحب ۽ ٻين ميرن
وزير اعظم لياقت علي خان کي مهاجرن جي آبادڪاريءَ
لاءِ مفت ڏني هئي. مير عباس علي خان وڏن جي
نادرشين جو محافظ هوندو هو. سندس بنگلي تي شيشي جي
شوڪيس ۾ هڪ شينهن جو مجسمو هوندو هو. اهو شينهن
جوڌپور جي راجا ٽالپر حڪمرانن کي تحفي طور ڏنو هو.
اهو مجسمو ست فوٽ کن ويڪرو ۽ چار فوٽ کن ڊگهو
هوندو هو. راجا جي ڪاريگرن ان کي اهڙي نموني ٺاهيو
هو، جو جيڪو ڏسندو هو ته چوندو هو، ته هيءُ اصلي
شينهن آهي. هڪ بٽڻ دٻائبو هو، ته شينهن جي وات مان
گجگوڙ جو آواز ايندو هو ۽ سندس اکيون ڳاڙهيون ٿي
وينديون هيون. پڇ به لوڏيندو هو. اهو شينهن هينئر
ناڪاره حالت ۾ پوين وٽ آهي. ٻي نادر شيءِ، جيڪا
مير عباس علي خان وٽ هئي، اها قرآن پاڪ جو قلمي
نسخو هو، جيڪو سونن اکرن ۾ بهترين حاشيه سان لکيل
آهي. هيءُ قلمي نسخو هڪ خوشنويس عبدالوهاب
شيرازيءَ جو لکيل آهي، جيڪو قاهره جو ويٺل هو.
قرآن پاڪ جي آخري صفحن ۾ لکيل آهي ته اهو نسخو
ڪاتب مير ڪرم علي ٽالپر ۽ مير مراد علي ٽالپر کي
تحفي ۾ ڏنو. قرين قياس اهو آهي ته اهو نسخو ٻه سؤ
سال کن اڳ لکيو ويو هو. مير عباس علي خان وٽ وڏن
جي يادگار هڪ رايل هالئنڊ بندوق هئي، جيڪا ان وقت
جي وائسراءِ مير عبدالحسين سانگيءَ کي ڏني هئي. هڪ
لڪڻ هٿ ۾ جهلڻ جو، عجيب مرواريد پٿر مان ٺهيل هو.
اهي سڀ شيون مير عباس علي جي پوٽي مير خدا يار وٽ
اڄ به موجود آهن.
ٻي شخصيت مرحوم خدا بخش خان سهاڳ جي آهي، جيڪو
دادوءَ جي ڀرسان سهاڳن جي ڳوٺ جو ويٺل هو. هوشيار
۽ محنتي شاگرد هو. ميٽرڪ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ مان
ڪئي هئائين. بي- اي به سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچيءَ مان
ڪئي هئائين. ان کان پوءِ سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهڙيو.
نوڪريءَ ۾ هوندي روينيو جو امتحان هائير پاس
ڪيائين، جنهن کان پوءِ مختياڪار ٿيو. سندس نوڪريءَ
جو گهڻو عرصو ٿر جي پاسي گذريو. نوڪريءَ ۾ رهندي
هن ٿر واسين جي گهڻي خدمت ڪئي. سن 1971ع جي پاڪ -
ڀارت جنگ ۾ هيءُ ڇاڇري جو مختيار ڪار هو. اُن وقت
هن اتي جي رهاڪو ٺڪرن، ميگهواڙن، ڪولهين ۽ ڀيلن کي
ڦرجڻ لٽجڻ کان بچايو هو. سن 1972ع ۾ سندس
مختيارڪاريءَ مان ڊپٽي ڪليڪٽري جي پروموشن جا آرڊر
ٿيڻ وارا هئا. پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت پاور ۾ هئي.
پڙهندڙن کي ياد هوندو ته ان وقت پيپلز پارٽي وارن
1400 آفيسرن کي نوڪريءَ مان ڪڍيو هو، جن لاءِ ڪو
قانوني سبب ڪونه ڏنو ويو. انهن آفيسرن مان گهڻو
تعداد سنڌي آفيسرن جو هو. خدا بخش به انهن مان هڪ
هو، ڳالهه ڪندو هو ته پاڻ گهر وارن سان گڏجي انهن
معزول آفيسرن جا نالا ريڊيو تان ٻڌي رهيو هو ته
اوچتو، سندس نالو به اچي ويو. سندس پيرن هيٺان
زمين نڪري وئي، ڇوته اڃا رٽائر ٿيڻ ۾ ٻارهن سال
پيا هئا. مٿس ڪوبه ظاهر ۾ بدعنوانيءَ جو الزام
ڪونه هو. انهيءَ مهل مرحوم گهر ڇڏي جهنگ ڏانهن
نڪري ويو، جتي بي اختيار سندس اکين مان ڳوڙها ڳڙي
پيا. انهيءَ بيخوديءَ جي عالم مان نڪتو ته محسوس
ڪيائين ته ڄڻ ڪجهه به نه ٿيو آهي. انهي واقعي کان
پوءِ به 22 سال زندهه هو. اهو عرصو توڪل ۽ خدا جي
ڀروسي تي گذاريائين ۽ وري انهي سانحي جو ذڪر نه
ڪيائين.
نوڪريءَ مان نڪرڻ جي ٻن ٽن سالن کان پوءِ حيدرآباد
جي ڊپٽي ڪمشنر علمدار رضا جي فون آئي ته وزير اعظم
ذوالفقار علي ڀٽي جو حڪم پهتو آهي ته خدا بخش
رٽائر مختيارڪار ڇاڇري کي تيار ڪريو، ته هندستان
وڃي سنڌ مان لڏي ويل ٺڪرن، ميگهواڙن ۽ هندن کي
قائل ڪري ته اهي سنڌ ۾ واپس پنهنجن ماڳن تي موٽي
اچن. هن ڳالهه جو پس منظر اهو هو ته شملا معاهدو
جيڪو ذوالفقار علي ڀٽي ۽ اندرا گانڌيءَ جي وچ ۾
ٿيو ته ان ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ اهو نقطو به شامل
هو ته لڏي ويل هندو واپس پنهنجن گهرن ۾ اچن. لڏي
ويلن کي وڏا خدشا هئا ۽ واپس اچڻ ۾ دل من پئي
هنيائون. انهن هـنــدن جـــو مـطـالـبـو هو ته
جـيـسـيـن تائـيـن ڇـاڇــري جو مـخـتـيــارڪار خدا
بخش سهاڳ اچي اسان کي خاطري نه ڪرائيندو، اسين
واپس پاڪستان نه وينداسين. مطلب ته ڀٽي کي خدا بخش
سهاڳ جو نالو سفارتي طريقي سان اندرا گانڌيءَ
موڪليو.
ٻئي ڏينهن تي خدا بخش کي ميرپور خاص جيپ ۾ پهچايو
ويو. جتان هيليڪاپٽر ۾ ساڻس راڻو چندر سنگهه، پير
غلام رسول شاهه جيلاني، مير علي بخش خان ٽالپر به
گڏ ويا. مير علي بخش خان وڏن انقلابي خيالن جو
مالڪ هو ۽ ٿرين جي ڍاٽڪي زبان ڄاڻندو هو. پاڻ ٿرين
کي صاف ٻڌايائين ته آءٌ توهان کي ڪونه چوندس ته
واپس هلو جو اُتي توهان سان انصاف ڪونه ٿيندو.
هميشه ڏکيا رهندو. البته خدا بخش خان، راڻي چندر
سنگهه ۽ پير غلام رسول شاهه کين خاطريون ڏنيون.
نتيجي ۾ ڪي آيا ڪي رهجي ويا. افسوس جو هيڏي وڏي
ڳالهه کان پوءِ به وقت جي حڪومت سندس قدر نه ڪيو،
نه وري پاڻ ئي ڪجهه طلب ڪيائين. ڏسو ته هن مها مير
انسان جو قدر دشمن ملڪ هندستان ته ڪيو، پر پنهنجن
کيس روزگار کان محروم ڪيو. پاڻ سن 1989ع ۾ داعي
اجل کي لبيڪ چيائين. سندس وڏو پٽ ڊاڪٽر رياض مهراڻ
يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر آهي ۽ ٻيو پٽ اعجاز فوج ۾
ڊاڪٽر آهي.
هي ماڻهو چندي آفتاب ماهتاب هئا. هنن جي صحبت مان
ڪجهه سکبو هو. ڌوڪيباز نه هئا، سچ ڳالهائيندا هئا
۽ مشورو نيڪ ڏيندا هئا. انهن نيڪ انسانن کان سواءِ
ٻيا به ڪيترا هيرا جواهر انسان هئا، جن جو ذڪر
طوالت جي خوف کان نه ٿو ڪجي.
[16]
مٿي لکي آيو آهيان ته لطيف آباد ڊسپنسريءَ ۾ مريضن
جو ڳاهٽ هوندو هو، جن ۾ عورتون، ٻار، پوڙها، جوان
۽ هر طبقي جا ماڻهو هئا. پر سهوليتون تمام گهٽ.
دوائون هميشـہ
غير معياري، ليبارٽري ۽ ايڪس ري جو نه هجڻ،
ايمبولينس جي عدم وجودگي. مجموعي طور تي ڏٺو وڃي
ته هيءُ حال سڀني اسپتالن ۽ صحت مرڪزن سان هو.
مريضن جا هشام پر سهوليتون نه هجڻ جي برابر. در
حقيقت ملڪ کي ڪڏهن به عوام جي ضرورت مطابق صحت جو
سسٽم ڏنو ئي ڪونه ويو آهي. پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ
سوڌو گهڻيون ڪميشنون قائم ڪيو ويون، ته هيلٿ
پاليسي ٺاهين، پر يا ته انهن ڪميشنن کي ڪم ڪرڻ نه
ڏنو ويو، يا وري انهن جي سفارشن کي عمل ۾ نه آندو
ويو. نتيجي ۾ صحت کاتو شتر بي مهار وانگر جيئن
چاهي ٿو تيئن ڪري ٿو. ڪي انتظامي يا ضابطي جا اصول
ڪونه آهن، جن تحت نظام کي هلايو وڃي. پهرين ڳالهه
اها آهي ته مريضن جي هجوم جي همت شڪني ڪئي وڃي.
ڪيترا مريض فقط وقت زيان ڪرڻ لاءِ يا هڪٻئي سان
ملڻ لاءِ اسپتالن ۾ اچن ٿا. اُنهن کي حقيقت ۾ ڪو
مرض هوندو ئي ڪونهي. ٻيو وڏو تعداد اهڙن مريضن جو
آهي، جن کي نزلي، زڪام، کنگهه کان مٿي ڪا بيماري
ڪانهي. انهن خود ساخته مريضن جي ڪري حقيقي مريضن
جو حق مارجي ٿو وڃي. هنن کي پورو ٽائيم نه ٿو ملي
جو ڊاڪٽر کي تسليءَ سان پاڻُ ڏيکاري سگهن. مٿان
دوائون گهٽ، تشخيصي اوزارن جي اڻهوند، ڊاڪٽر آهن
ته پيرا ميڊيڪل عملو ڪونهي. مريضن جي علاج ۾ تسلسل
ڪونهي. ساڳيو ڊاڪٽر روزانو پنهنجي سيٽ تي ڪونه
هوندو. علاج ۾ رخنو پوندو. سرڪاري ڊاڪٽرن کي
الائونس ڏيڻ بدران پنهنجون اسپتالون کولڻ جي
اجازت، ٻهراڙين ۾ ڊاڪٽرن جي عدم دلچسپي پر شهرن ۾
گهڻائـِـي، اهي ۽ ٻيا ڪيترا ئي سبب آهن، جن جي ڪري
سرڪاري اسپتالن جو نظام ڊانوان ڊول آهي.
پاڪستان يا ٽين دنياجي ڪنهن به ملڪ کي جيڪڏهن
پنهنجي صحت جو انتظام سڌارڻو آهي ته اهو هيٺينءَ
سطح کان شروع ڪرڻو پوندو. هيٺين سطح مان منهنجي
مراد ٻهراڙيون آهن جتي 70 کان 80 سيڪڙو ماڻهو رهن
ٿا. هر يونين ڪائونسل جي سطح تي هڪ بنيادي صحت
مرڪز هجڻ کپي. هن وقت به ڪيترا بنيادي صحت مرڪز ڪم
ڪن پيا، پر عوام کي فائدو ڪونهي، ڇوته انهن جي
منصوبا بندي ناقص بنياد تي ڪئي وئي آهي. بنيادي
صحت مرڪز ٻهراڙين جي سطح تي قائم آهن. تصور اهو
ڪيو ويو آهي ته ٻهراڙين جي مريضن جون ضرورتون گهٽ
آهن. ان ڪري بنيادي صحت مرڪز ۾ ڪجهه سهوليتون
ڏنيون وڃن، باقي ڪو وڌيڪ مسئلو هجي يا وڏي بيماري
هجي ته ان کي ضلعي هيڊڪواٽر يا تعليمي اسپتال ۾
موڪليو وڃي. هي هڪ غلط تصور آهي جنهن جي نتيجي ۾
صحت مرڪز ماڻهن کي ڪو لاڀ نه ڏئي سگهيا آهن. سندن
وجود نه هجڻ جي برابر آهي. ڪيترا بنيادي مرڪز
تعمير ٿيڻ کان پوءِ بند پيا آهن يا رينجرز جي قبضي
۾ آهن يا وڏيرن جون اوطاقون آهن.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته بنيادي صحت مرڪز جي نظام
کي مضبوط ڪيو وڃي. صحت مرڪز 24 ڪلاڪ کليل هجي. 2
وڳي کان پوءِ تالو نه لڳي، ڇوته مرض پڇي ڪونه ٿو
اچي. ڪنهن به وقت ڪابه تڪليف ٿي سگهي ٿي ۽ ڊاڪٽر
ڏي ڀڄڻو پوي ٿو. البت 2 وڳي تائين وقت خاص ۽ عام
مريضن کي ڏٺو وڃي، پر 2 وڳي کان پوءِ فقط هنگامي
مريضن کي طبي امداد ڏجي. ڊاڪٽرن جو تعداد بنيادي
صحت مرڪز ۾ گهٽ ۾ گهٽ 4 هجي، جن مان هڪ ليڊي ڊاڪٽر
هجي، جنهن جي حوالي ماءُ جون ذميداريون، ويم ۽
نوزائيده ٻارن ۽ زناني بيمارين جي ديک ڀال هجي. هر
بنيادي مرڪز ۾ زخمي ۽ ڌڪي ۽ حادثي جي شڪار ٿيل
مريضن جو علاج ٿيڻ کپي ۽ هنن کي سرٽيفڪيٽ به ملڻ
کپي. ان مقصد لاءِ ڊاڪٽرن لاءِ ٽريننگ پروگرام وقت
بوقت ٿيندا رهن، جيئن سندن علم ۽ فن ۾ اضافو ٿيندو
رهي. ڊاڪٽرن ۽ ٻئي طبي عملي لاءِ هر صورت ۾ اسپتال
سان لڳ رهائشي فليٽ يا ڪوارٽر ٺهرايا وڃن ۽ انهن
کي پابند ڪيو وڃي ته اتي ئي اسپتال جي ڀرپاسي ۾
رهن، جيئن هنگامي حالتن ۾ گڏجي ڪم ڪن يا وقت تي
پابنديءَ سان پڄن. کين پگهار جو 50 فيصد بطور
خانگي اسپتال نه کولڻ جو الائونس ڏنو وڃي، جيئن
سندن توجهه فقط اسپتال ڏي رهي. سندن ڊيوٽيون شفٽن
۾ هنيون وڃن. سواءِ چند ضروري ڪمن جي، هر ڊاڪٽر يا
عملي جي ڊيوٽي ڪڏهن صبح واري شفٽ ته ڪڏهن رات
واريءَ ۾ ته ڪڏهن منجهند واري شفٽ ۾ هنئي وڃي،
جيئن هو مستقل پاڻ کي اسپتال جي خدمت لاءِ وقف ڪري
ڇڏين. ڊاڪٽرن کان سواءِ تربيت يافته نرسون،
ٽيڪنيشن ۽ ڪمپائونڊر ۽ چؤڪيدار وڌايا وڃن، جيئن
اسپتال 24 ئي ڪلاڪ مريضن جي سنڀال لاءِ تيار هجي.
ان مقصد لاءِ صحت لاءِ بجيٽ ۾ وڌيڪ رقم رکڻي
پوندي. ٻيا ملڪ سوشل سروسز تي وڏو خرچ ڪن ٿا، جن ۾
غريب ملڪ به آهن، پر هو فوقيت صحت، تعليم، رستن ۽
قانون جي بالادستي کي ڏين ٿا. اسان وٽ گهڻي آمدني
پراڻن قرضن لاهڻ ۾ هلي وڃي ٿي. مون ٻڌو آهي ته
ايوب خان جڏهن اسلام آباد ٿي ٺهرايو ته آءِ. ايم.
ايف يا ورلـڊ بينڪ کان وڏا قرض ورتائين، جيڪي
حڪومت پاڪستان اڃا تائين لاهي رهي آهي. ٻيا قرض ته
پوءِ کنيا ويا. انهن جي ادا ڪرڻ ۾ صديون لڳي
وينديون. اسان وٽ ته قرض ملندو ته کڳيون پيون
لڳنديون ته وڏي ڳالهه ٿي وئي. بهرحال جيڪڏهن ماڻهن
جي زبون حاليءَ کي ختم ڪرڻو آهي ۽ غربت کي دفن
ڪرڻو آهي ته صحت لاءِ بجيٽ وڌائڻي پوندي.
ان کان سواءِ اسپتالن جي خدمتن جو دائرو هڪ نظام
هيٺ وسيع ڪرڻو آهي. صحت بابت تعليم ڏيڻ بيحد ضروري
آهي. هيلٿ ايڊيوڪيشن ذريعي ماڻهن کي خبر ڏني وڃي
ته بيمارين جا ڪارڻ ڇا آهن؟ بچاءَ لاءِ ڪهڙا اپاءَ
ورتا وڃن؟ ڪهڙيون شيون صحت لاءِ نقصانڪار آهن ۽
ڪهڙن شين کان عام حالات ۾ به پرهيز ڪئي وڃي وغيره.
انهن مسئلن کي ريڊيو، ٽي وي ۽ اخبارن ذريعي وائکو
ڪيو وڃي. جلسا، جلوس ۽ واڪ، صحت متعلق بيداري جي
باري ۾، ڪڍيا وڃن. ماڻهن کي اسپتال جي نظام ۾
سڌوسنئون شريڪ ڪيو وڃي. ڳوٺاڻي سطح تي هيلٿ
ڪميٽيون ٺاهڻ کپن، جيڪي طبي عملي ۽ عوام ۾ رابطو
رکن ۽ عوام جي ضرورتن کان اسپتال وارن کي واقف ڪن
۽ اسپتال جي مشڪلاتن کان عوام کي آگاهه ڪن. عيدن
باراتن تي اسپتالن ۾ مجلسون ٿين، جتي ماڻهو اچن ۽
ڪچهريون ڪن، تقريرون ۽ بحث مباحثا ٿين. وري ماڻهو
به وقت به وقت اسپتال وارن کي پاڻ وٽ گهرائين.
مسجدن، درگاهن، اوطاقن ۽ چؤنڪن ۾ تقريرون ٿين ۽
سوال جواب ٿين. انهن ڳالهين سان ماڻهن ۽ صحت کاتي
جو پاڻ ۾ رابطو وڌندو ۽ اعتماد قائم ٿيندو. نظام
بهتر ٿيندو. پبلڪ جون شڪايتون گهٽبيون.
بنيادي مرڪزن ۽ ٻين اسپتالن ۾ بيمارين کان بچاءَ
واري نظام کي مربوط ۽ مستحڪم ڪيو وڃي. هن وقت
تائين تصور اهو آهي ته اسپتالن ۾ فقط علاج لاءِ
وڃبو، پر اهو ناڪافي آهي. صحت جي عملي کي بچاءَ جي
ٺڪن لڳائڻ، پيئڻ جي صاف پاڻي جي استعمال، مکين ۽
مڇرن کان بچاءَ، غلاظت جي نيڪال لاءِ سرشتو، نقصان
واري کاڌي کائڻ کان پاسو ڪرڻ واري پروگرام ۾ شامل
ڪرڻو پوندو. هي فرض هيلٿ ايڊيوڪيشن جي ذريعي ۽
عملي طور تي حـصي وٺڻ سان ئي پورو ٿي سگهي ٿو.
دفاعي
Preventive
صحت جي اهميت علاج کان مٿاهين آهي. جيڪڏهن مرض کي
روڪيو وڃي ته بيماري ٿيندي ئي ڪانه ۽ علاج تي خرچ
گهڻو گهٽجي ويندو. عوام گهڻي ڀاڱي صحتمند رهندو.
پنهنجي روزمرهه جي ڪاروبار کي لڳل رهندو، جنهن جو
مجموعي طور نتيجو ملڪي پيداوار وڌڻ ۾ نڪرندو.
افسوس جو ملڪ کي ٺهندي 58 سال ٿي ويا آهن، هر سال
لکين ماڻهو نانگ جي ڏنگ ۽ ڇتي ڪتي جي چڪ سبب مريو
وڃن ٿا. فقط هڪ ليبارٽري اسلام آباد ۾ آهي، جتي
انهن ٻن ناگهاني آفتن جا ٽڪا تيار ڪيا وڃن ٿا،
جيڪي سڄي ملڪ جي ضرورتن کان گهڻو گهٽ آهن. ڇا اهو
ممڪن نه آهي ته هر صوبي جي سطح تي هڪ ليبارٽري
ٺاهي وڃي، جيڪا نانگ جي ڏنگ ۽ ڪتي جي چڪ لاءِ
بچاءَ جون سيون تيار ڪري؟
جتي ٻين پروگرامن تي ڪروڙين بلڪ اربين رپيا خرچ
ٿين ٿا، اُتي هن خير جي ڪم لاءِ پيسو ڇو نه ٿو
ڪڍيو وڃي. آءٌ خليج ۽ عرب جي ٻن ملڪن يعني سعودي
عرب ۽ مسقط ۾ ڪم ڪري چڪو آهيان. هي اڃا هاڻي خواب
غفلت مان سجاڳ ٿيا آهن. پيٽرول نڪرڻ کان اڳ هي
قرون اوليٰ جي دور ۾ هئا. قبائلي جهڳڙا ۽
خونريزيون منجهن عام هيون. سندن امير يا سلطان مٿن
سخت گير هئا. سڄين رياستن ۾ هڪ اسپتال يا هڪ اسڪول
هوندو هو. مسقط ۾ سن 1960ع کان اڳ هڪ اسپتال
”الرحمہ“ نالي هئي، جنهن کي هڪ برطانوي ڊاڪٽر ٿامس
مشنري جذبي تحت هلائيندو هو. هاڻي ته عقل حيران
آهي. اسپتالن جو نظام قابل رشڪ آهي. هر مريض کي
توجهه ۽ خيال سان ڏٺو وڃي ٿو. وڏيون ٽيسٽون مفت
ٿين ٿيون. اسپتالن کي مريضن جي آڻڻ ۽ نيڻ لاءِ
ايمبولينسون آهن، ڪيترن اسپتالن کي هيلي پيڊ آهن.
24 ڪلاڪ سروس آهي. پاڪستان ۾ بنيادي صحت جي نظام
کي سڌارڻ لاءِ ڪجهه تجويزن ڏنيون ويون آهن. جيڪڏهن
ضروري ٿيو ته انشاء الله ڪجهه وڌيڪ به لکبو، ڇوته
هيءُ موضوع تفصيل طلب آهي.
سن 1968ع تائين ملڪ جون سياسي حالتون خراب ٿي
چڪيون هيون. ايوب خان جي اقتدار کي 10 سال ٿي ويا،
ته حڪم ڪيائين ته ڏهه ساله ترقيءَ جو جشن ملهايو
وڃي. اها سندس زوال جي ابتدا هئي. معاشي ترقي ته
ضرور ٿي هئي پر ان جو فائدو عوام کي ڪونه پهتو هو.
امير وڌيڪ امير ۽ غريب وڌيڪ غريب ٿيندا ويا.
ٻاويهه خاندان مشهور ٿيا، جن وٽ ملڪ جي دولت جو
وڏو حصو هو. خود ايوب خان جو خاندان به لالـچ ۾
ڪاهي پيو. ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ وڏا ڪارخانا پنهنجي
ذاتي ملڪيت ۾ شامل ڪيائون. گنڌارا انڊسٽريز جيڪو
غير ملڪي مدد سان پاڪستان ۾ موٽرڪارون ٺاهڻ جو
پهريون ڪارخانو هو، ان جو مالڪ صدر جو فرزند گوهر
ايوب ٿيو. ٻين فوجي آفيسرن به هر سطح تي پنهنجون
ملڪيتون ٺاهيون. مهانگائي وڌندي وئي. اوڀر پاڪستان
۾ عليحدگيءَ جو احساس پيدا ٿيو. ذوالفقار علي ڀٽو
تاشقند معاهدي واري ڳالهه تان چڙي، سياست ۾ ڪاهي
پيو هو. سڀ مخالف جماعتون گڏجي متحد ٿيون. پوءِ
هڙتالون، مظاهرا، جلوس ۽ جلسا نڪرڻ شروع ٿيا. اوڀر
پاڪستان ۾ به باهه ٻري وئي. مولانا ڀاشاني، مجيب
الرحمان، جسٽس محبوب مرشد، پروفيسر غلام اعظم ۽
ٻيا ڪيترا مظاهرن جي اڳواڻي ڪري رهيا هئا. اولهه
پاڪستان ۾ ذوالفقار علي ڀُٽو، اصغر خان، مفتي
محمود، مولانا غلام غوث هزاروي، پير صاحب پاڳارو،
عطاء الله مينگل، خير بخش مري ۽ ٻيا گهڻا اچي
مخالف ڌُر ۾ شامل ٿيا. ايوب خان گول ميز ڪانفرنس
سڏائي ۽ معاملي کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين.
حيدرآباد ۾ وڏا جلوس نڪتا. عورتن جا ڊگها جلوس به
نڪرندا هئا. حيدرآباد تي سياسي تسلط جماعت
اسلاميءَ جو هو، قلعي جي پاسي پنجابين ۽ پٺاڻن جا
دڪان هئا، جن کي هڙتالين باهه ڏئي ساڙيو. پري کان
دونهي جا ڪڪر نظر ايندا هئا. بهرحال ايوب خان کي
جڏهن پڪ ٿي ته هاڻي وڌيڪ جٽاءُ نه ڪندس ته حڪومت
جون واڳون يحيٰ خان جي حوالي ڪري، پاڻ اسلام آباد
۾ گوشه نشين ٿي ويو. ويندي وقت به ملڪ سان وڏو
دوکو ڪري ويو. انتقال اقتدار وقت کيس آئين موجب
حڪومت قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر کي ڏيڻي هئي، پر
هن فوج جي ڪمانڊر جنرل يحيٰ خان جي حوالي ڪئي.
يحيٰ خان مارچ سن 1968ع ۾ آيو ته سن 1971ع ۾ اوڀر
پاڪستان جي معاملي تان انڊيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾
وڏي جنگ لڳي. هيءَ جنگ دنيا جي تاريخ ۾ بي تدبيري
۽ بد نظميءَ جو وڏو مثال آهي. الزام بنگلا ديش ٺهڻ
جو سياستدانن تي اچي ٿو، پر منهنجي خيال ۾ انهيءَ
جو سبب حڪومتي حڪمت عملي هئي. اصل ۾ اوڀر پاڪستان
کي اقتصادي ۽ معاشرتي طور تي هميشه پوئتي رکيو ويو
هو. وڏين پوسٽن تي ٻاهريان عملدار مقرر هئا، فوج ۾
بنگالي تمام گهٽ آيا. بحري فوج کي طاقتور هجڻ کپي
ها، انهيءَ جو نالو نشان به ڪونه هو. سن 1951ع
تائين سرڪاري قومي زبان فقط اردو هئي، حالانڪه
اڪثريت ۾ بنگالي هئا. ته سرڪاري زبان بنگالي ٿيڻ
کپي ها يا اردوءَ سان گڏ اها به سرڪاري زبان ٿئي
ها. پر اهائي بي تدبيري، ”بعد از خرابيِّ بسيار“،
بنگاليءَ کي به قومي زبان جو درجو ڏنو ويو. اهو
عداوت جو پهريون ڏاڪو هو، پوءِ جو اوڀر پاڪستان جي
قدرتي وسيلن تي اولهه پاڪستان وارا قابض ٿيا ته
ويڇو وڌندو ويو ۽ عوامي ليگ جي آتش فشان ليڊر مجيب
الرحمان ڇهه نڪتا پيش ڪيا، جيڪي صوبائي خود
مختياريءَ جي باري ۾ هئا، پر حقيقت ۾ ملڪ کي ٽوڙڻ
جي برابر هئا. فوجي حڪمرانن وري به عقل کان ڪم نه
ورتو. مجيب ۽ ٻين بنگالي ليڊرن سان ڳالهيون ڪن ها،
ڪجهه ڏيڻ ۽ ڪجهه وٺڻ جي اصول تي معاملات طيءِ ٿين
ها ته ملڪ بچي سگهيو ٿي. پر هنن هٺ ڌرميءَ کان ڪم
ورتو ۽ مجيب کي گرفتار ڪيو. قصو مختصر، ته بنگالين
وڏي مزاحمت ڪئي. فوج سان جهيڙا ڪيائون. مصلحت کان
ڪم فوجين ڪونه ورتو. پنهنجي ديش جا شهري هئا، دشمن
ملڪ جا رعيتي ڪونه هئا. عفو ۽ درگذر کان ڪم وٺڻ
کپندو هو. يحيٰ خان ۽ سندس حوارين بندوق کان ڪم
ورتو ۽ وڏي خونريزي ٿي. هزارن جي تعداد ۾ بنگالي
مارجي ويا. حمود الرحمان ڪميشن رپورٽ 24000 ماڻهو
ٻڌايا آهن. ڪن 40000 ٻڌايا آهن، ڪن لکن ۾ انگ
ٻڌايو آهي. وري فوج جي حمايت يافته جماعت اسلامي
پنهنجون ذيلي تنظيمون: ’البدر ۽ الشمس‘ ٺاهيون.
هنن به بنگالي ماريا. هندستان ته موقعي جي انتظار
۾ هو. بنگال مان ماڻهو ڀڳا ته اچي هندستان ۾ ويٺا.
ڀارت ميڊيا ۽ سفارتي ذريعن سان اها پروپيگنڊا ڪئي
ته پاڪستاني فوج ظلم ڪيا آهن ۽ دنيا جي همدردي
حاصل ڪيائون. ٻاهرين ذرائع ابلاغ لاءِ اوڀر
پاڪستان ڏي وڃڻ ممنوع قرار ڏنو ويو. پوءِ جنگ هڪ
طرفي ٿي پئي. انڊيا جي هر ڳالهه ۾ سرسي ۽ پاڪستان
جي پستي ٿي. انهيءَ فوجي مارا ماريءَ جو اڳواڻ
جنرل ٽڪا خان هو، جنهن انتظام درست ڪرڻ جو واعدو
ڪيو هو. ٻيو جنرل نيازي هو، هنن سڀن جو اڳواڻ يحيٰ
خان پاڻ هو.
دفاعي حڪمت عملي به انتهائي ٻاراڻي هئي. جنگ سرحدن
تي وڙهي ويندي آهي. اندر آيل دشمن کي ٻاهر ڪڍڻ
ڏکيو آهي. هنن شروع ۾ انهيءَ ڳالهه تي توجهه نه
ڏنو. انهيءَ بنياد تي ته بنگالي عليحدگي پسند غدار
آهن ۽ اسان جا دشمن آهن، انهن تي ڀروسو نٿو ڪري
سگهجي. حالانڪه ائين ڪونه هو. ڪجهه تعداد شر پسندن
جو هو، پر گهڻي ڀاڱي پاڪستان سان وفادار هئا. سن
1972ع ۾ حج جي موقعي تي عربستان ۾ ڪيترا بنگلاديشي
آيا هئا، پاڪستان کان علحدگي ۽ هندستان جي قربت کي
ڏسي زاروقطار رنا ٿي. بنگالي ته هندن جي ظلمن کان
پهرين تنگ اچي چڪا هئا. پاڪستان جي حق ۾ ٺهراءُ
پهرين اوڀر بنگال جي سياسي اڳواڻ، مولوي فضل حق
پيش ڪيو هو. پاڪستان ٺاهڻ وارا اهي بنگالي هئا، پر
مرڪز ۾ حڪومتن هنن کي هميشه نظر انداز ڪيو ۽ پاڻ
کان گهٽ ليکيو. پوءِ ظلم ۽ نا انصافيءَ جي بازار
آخر ڪيستائين گرم رهندي؟
پاڪستاني ڪمانڊر امير عبدالله خان نيازيءَ سرحدن
تي وڙهڻ بدران شهرن ۾ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو. هر وڏي
شهر کي قلعه بند ڪيائين. مثلا: کلنا، جيسور،
راجشاهي، چٽگانگ وغيره. آخري دفاعي مورچو ڍاڪا کي
رکيائين. هندستاني فوجون انهن محدود دفاعي مورچن
کي نظر انداز ڪندي يا تهه و بالا ڪندي ڍاڪا تائين
پهچي ويون. پوءِ ته اسلام آباد ۽ ڍاڪا جو رابطو به
ٽُٽي ويو ۽ يحيٰ خان، نيازي ۽ ڊاڪٽر عبدالمالڪ،
جيڪو ان وقت گورنر هو، اُنهن کي حڪم ڪيو ته هو
جيئن بهتر سمجهن تيئن ڪن. ڊاڪٽر مالڪ شريف ماڻهو
هو، هن وڌيڪ خونريزي نه ٿي گهري. سو سڌو اقوام
متحده کي لکي موڪليائين ته اسان هٿيار ڦٽا ڪيا ۽
جنگ بند ڪرائي وڃي. جڏهن اها ڳالهه چؤ طرف مشهور
ٿي ۽ دنيا جي ڦٽ لعنت يحيٰ خان تي پئي ته پنهنجو
موقف تبديل ڪيائين، چي اهو فيصلو عبدالمالڪ ۽
نيازي جو هو. پاڪستاني فوج هر حال ۾ وڙهندي. تان
جو ٽن ڏينهن کان پوءِ هندستاني فوج جنرل جگ جيت
اروڙا جي اڳواڻيءَ ۾ ڍاڪا ۾ داخل ٿي. پلٽڻ ميدان ۾
وڏو هجوم گڏ ٿيو. نيازي هٿيار لاهي اروڙا جي حوالي
ڪيا. ساڻس گڏ 34 هزار فوجي ۽ ٻيا نيم فوجي ۽ شهري
گرفتار ٿيا ۽ انڊيا جي جيلن ۾ وڃي پيا، جن جو جملي
تعداد 90000 هو.
هي اسلامي تاريخ جي بدترين شڪست هئي. 90000 جنگي
قيدي بجاءِ قيد ٿيڻ جي ملڪ جي دفاع لاءِ پنهنجون
جانيون قربان ڪن ها. پر ائين نه ٿيو. وڏي جس جو
لائق ذوالفقار علي ڀٽو آهي، جنهن پنهنجي ذهانت ۽
قابليت سان (نوي هزار) 90000 جنگي قيدي هندستان
کان آزاد ڪرايا.
[17]
سن 1971ع جي جنگ ۾ اسان جا ڪجهه دوست بنگال ۾ شهيد
ٿيا ۽ ڪيترا جنگي قيدي ٿيا. جنگي قيدي ته وري به
واپس آيا، پر شهيدن لاءِ ته صرف دعا ئي ڪري سگهجي
ٿي.
انهن مان هڪ جلال الدين شاهه اوڀر پاڪستان ۾
انجنيئر هو ۽ صدر حيدرآباد جي مرحوم ڪاظم علي شاهه
جو اڪيلو پٽ هو. جلال الدين اسان جو ڪلاسي هو.
بيحد شريف، ڏٻرو جسم ۽ خاموش طبع. ڪن ماڻهن کيس
آخري وقت ۾ ڏٺو هو ته وڳوڙي سندس پٺيان بندوقون ۽
ڀالا کڻي آيا ۽ هيءُ ڀڄندو رهيو. حقيقت جي خبر خدا
کي آهي، پر هن جوانيءَ ۾ شهادت ماڻي.
ٻيو پاڪستاني فوج جو نوجوان ڪئپٽن محمد جان خان
دراني هو، جيڪو پشاور جي پاسي جو پٺاڻ هو. اهو جنگ
۾ شهيد ٿيو. هيءُ ڪيترو وقت حيدرآباد ڇانوڻيءَ ۾
ڪئپٽن هو.
يحيٰ خان ڪي ٻه ٽي چڱا ڪم به ڪيا. هڪ ته ايماندار
هو ۽ مٿس مالي بدعنوانيءَ جو ڪوبه الزام ڪونه هو.
البته عياش هو ۽ گهڻو ڪري رنن ۽ شرابن جي چڪر ۾
رهندو هو. شايد غلط فيصلا انهن سببن جي ڪري
ڪيائين. بهرحال ٻي چڱائي ون يونٽ ٽوڙڻ جي ڪيائين،
جنهن مان ننڍا صوبا سخت بيزار هئا. هيءُ وڏو
نيڪيءَ جو ڪم ڪري ويو. ٽيون ته جيڪي سن 1970ع ۾
اليڪشنون ڪرايائين، اهي ايماندارانه هيون ۽ انهن ۾
ٺڳي ڪانه هئي. نتيجي ۾ اوڀر پاڪستان مان مجيب
الرحمان ٻئي ڪنهن جي شرڪت کان سواءِ وڏي اڪثريت
سان چونڊجي آيو. جيڪو يحيٰ خان جي خواب ۽ خيال ۾
به ڪونه هو. هن جا ارادا وري ٻيا هئا ته اڪثريت
ڪنهن به پارٽي کي ڪانه ملندي. ان ڪري مخلوط حڪومت
ٺهندي ۽ پاڻ صدارت تي براجمان هوندو. افسوس جو
اليڪشن جا نتيجا قبول نه ڪيائين. مجيب الرحمان کي
اقتدار نه ڏنائين، تان جو ملڪ ٻه ٽڪر ٿي ويو. جڏهن
اقتدار هٿ مان ويس ته وڃي نظربند ٿيو. پڇاڙيءَ ۾
اها حالت هئس جو گهر جي چؤديواري جي اندرئين پاسي
کان اسٽول رکائي روڊ تان ايندڙ ويندڙ کي پيو ڏسندو
هو ۽ انهن سان ڪچهري ڪندو هو. ٻيون به سندس ڪافي
ڳالهيون شرابخوريءَ ۽ بددماغي جون مشهور آهن. قدرت
الله شهاب پنهنجي ڪتاب ”شهاب نامه“ ۾ انهن جو ذڪر
ڪيو آهي. ڇا به هو، ملڪ کي ٻه ٽڪر ڪري ويو.
آخر ۾ هڪ ٻي ڳالهه به ڪري ڇڏجي. سن 1969ع ۾ رباط ۾
پهرين اسلامي سربراهي ڪانفرنس رکيل هئي، جنهن ۾
جنرل يحيٰ خان به ويل هو. اتي انڊيا وارن زور ڏنو
ته اسان کي به اسلامي ڪانفرنس ۾ نمائندگي جو حق
ڏنو وڃي، ڇوته اسان وٽ 13 ڪروڙ مسلمان رهن ٿا ۽
اسان جو سياسي نظام سيڪيولر آهي. يحيٰ خان اها
ڳالهه ٻڌي سخت بگڙيو ۽ مراڪش جي بادشاهه کي صاف
چيائين ته جي هندستان کي سربراهي اجلاس ۾ بطور
ميمبر تسليم ڪيو ويو ته هو ڪانفرنس جو بائڪاٽ ڪندو
۽ واقعي هن ڪيو به ائين. پنهنجي وفد جي مميبرن کي
ٽپڙ ٻڌڻ لاءِ چيائين. پوءِ مراڪش وارن اها ڳالهه
مڃـي ۽ هندستان کي انڪار ڪيائون.
مقصد ته سياست ۾ وڏا انقلاب آيا. فوج جي مداخلت به
هلندي رهي، تان جو بنگلا ديش ٺهيو ۽ ملڪ اڌو اڌ ٿي
ويو. اهو داستان اڳتي هلي کڻبو. ڪجهه ٻيا واقعا هن
دور جا رهجي ويا، انهن کي بيان ڪرڻ ضروري آهي.
حيدرآباد جي شيخن مان ماما عبدالعزيز شيخ کي ڪير
نه سڃاڻي. هن جهڙو هردلعزيز ڪچهري جو ڪوڏيو، کل
مک، مهماننواز ۽ سخي مرد ڪو ورلي ملندو. اسان جي
ساڻس ڪنهن طرح سان مائٽي به آهي. ماما عزيز عمر جو
ابتدائي حصو ڳوٺ لڙهه ديهه علي پور تعلقي ٽنڊو
محمد خان ۾ گذاريو. پوءِ گهڻا سال ٽنڊي محمد خان ۾
رهائش پذير هو. البته سن 1957ع ۾ حيدرآباد لڏي آيو
۽ پٺاڻ ڪالوني ۾ گهر ٺهرايائين. وٽس هر وقت مهمانن
جو لڏو لٿو پيو هوندو هو. پاڻ سڀني جو خوشدليءَ
سان آڌر ڀاءُ ڪندو هو. انگريزيءَ جا چار پنج درجا
سنڌ مدرسي ڪراچيءَ مان پاس ڪيا هئائين. پر انگريزي
ڳالهائڻ ۽ لکڻ ۾ ماهر هو. ان لاءِ ته ننڍپڻ ۾
انگريزي خاندانن وٽ ڪراچيءَ ۾ بورڊر ٿي رهيو هو،
آزاديءَ جو مجاهد شيخ عبدالمجيد سنڌي سندس همشيره
جو خاوند هو. شيخ صاحب ”سنڌ گزيٽ“ نالي ڪراچيءَ
مان اخبار ڪڍندو هو، جنهن ۾ شيخ عبدالعزيز سب
ايڊيٽر هو. ٻيو ته سڄو هندستان گهميل هئس، تجربو
دنيا جو وسيع هئس ۽ معلومات به گهڻي هئس. آزاديءَ
جي تحريڪن ۾ بذات خود شامل هو. هندستان جي سڀني
سياسي ليڊرن سان ملي چڪو هو، جهڙوڪ: مولانا محمد
علي، مولانا شوڪت علي، حڪيم اجمل خان، سروجني
نائيڊو، ارونا آصف علي ۽ ٻيا به گهڻائي سندس ڏٺل
هئا، چيرا پونچي هندستان مان سگار گهرائي پيئندو
هو، جيڪي سڄي انڊيا ۾ مشهور هئا. سگار نه ملندو
هئس ته ولايتي سگريٽ ۽ ٻيا مشهور برانڊ پيئندو هو.
شيخ عبدالمجيد سنڌي جڏهن لاڙڪاڻي ۾ سر شاهنواز ڀٽي
سان چونڊ وڙهي هئي، ته هيءُ سندس خاص ورڪر هو.
اليڪشن ۾ شيخ صاحب ڪامياب ٿيو هو.
ماما عبدالعزيز حيدرآباد جي نو مسلم عامل خاندان
مان هو، سندس والد پهرين مسلمان ٿيو هو ۽ ڏاڏو
پوءِ. مشهور مجاهد ۽ مولانا عبيدالله سنڌي جو ساٿي
شيخ عبدالرحيم پوءِ مسلمان ٿيو، جنهن ڪيترا تعليم
يافته هندو نوجوان مسلمان ڪيا. شيخ عزيز جو والد
شيخ محمد صديق جو نالو ميوارام هو. اسلام قبول ڪرڻ
کان اڳ هندو زال مان چار پٽ ۽ ٻه ڌيئرون هئس.
اولاد جي مسئلي تان سڄي هندو برادري شيخ محمد صديق
جي خلاف ٿي پئي. نيٺ مقدمو سنڌ چيف ڪورٽ ڪراچيءَ ۾
هليو، جتي جج ديوان ڏيارام گدومل هو. هندن جي
طرفان ساڌو هيرانند ۽ نولراءِ مددگار ٿيا. مسلمانن
شيخ محمد صديق جي حمايت ڪئي. آخرڪار فيصلو هندن جي
حق ۾ ٿيو ۽ ٻار ماءُ کي مليا. شيخ محمد صديق جا
چارئي پٽ تمام نامور ٿيا. هنن مان وڏو پرمانند
ميوارام هو، جنهن سنڌي انگريزي ۽ انگريزي سنڌي
ڊڪشنريون لکيون. ورهاڱي کان پوءِ بمبئي
يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسيلر ٿيو. وڏو فيلسوف ۽
داناءُ هو، شيخ محمد صديق ٻي شادي افغانستان جي
پٺاڻن مان ڪئي، جنهن رشتي ڪرائڻ ۾ حضرت خواجه
عبدالرحمان سرهنديءَ جو هٿ هو. هن شاديءَ مان کيس
6 پٽ ۽ چار ڌيئرون ٿيون.
اصل ۾ اڻويهين صديءَ جي آخر ۽ ويهين صديءَ جي
شروعات سياسي نقطهِّء نظر کان وڏي هنگامه خيز هئي.
هندو ۽ مسلمان انهيءَ جدوجهد ۾ هئا ته پنهنجو تشخص
برقرار رکن. ان وقت هندستان ۾ خود مختياريءَ جي ته
ڪا تحريڪ ڪانه پئي هلي. بهرحال انگريزن مان هر ڪو
بيزار هو. ان کان سواءِ مذهبي محاذ تي به وڏا
مناظرا ۽ مجادلا ٿيندا رهندا هئا. اسلام جي
حقانيت، تحريرن ۽ تقريرن ذريعي، کلي سامهون آئي،
ته غير مسلمن جو اشتياق اسلام ڏانهن وڌيو.
حيدرآبادي عاملن ۾ وڏي ڦرڦوٽ پئجي وئي. انهن مان
ڪيترا مسلمان ته ٻيا عيسائي ۽ سک به وڃي ٿيا.
عاملن جي هڪ شاخ آڏواڻي هئا، جن جي نالي پٺيان
شاهي بازار ۾ آڏواڻي گهٽي مشهور آهي. هي خدا آبادي
عامل هئا، جيڪي ڪلهوڙن ۽ ميرن جي صاحبيءَ ۾ لڏي
اچي حيدرآباد ۾ ويٺا. سندن وڏي جو نالو آڏومل هو،
ميوارام آڏواڻي هو ۽ سندس پيءُ جو نالو مور مل هو،
جيڪو مسلمان ٿيو ته سندس نالو احمد رکيو ويو.
آڏواڻين ۾ پهريون شخص، جنهن اسلام قبول ڪيو، اهو
شيخ غلام محمد هو، جنهن سن 1891ع ۾ هالن پراڻن ۾
اسان جي ڏاڏي مولوي حاجي محمد وٽ اسلام قبول ڪيو.
سندس مان ۾ انهيءَ زماني ۾ وڏو ۾ وڏو جلوس ڪڍيو
ويو هو، جيڪو هندن جي پاڙي مان اچي لنگهيو. هالن
پراڻن جا هندو وڏا مالدار ۽ اثر رسوخ وارا هئا ۽
گهڻو ڪري سنڌ ورڪي هئا. ڏاڏي مرحوم مسلمانن کي
اڳواٽ ئي چيو هو ته جڏهن توهان هندن جي پاڙي مان
لنگهو ته ڪوبه اهڙو نعرو نه هڻجو، جو خوامخواه
هندن جي دل آزاري ٿئي. تنهن هوندي به هڪ شخص، جنهن
جو نالو ايمان هو ۽ ذات جو شيدي هو. تمام طاقتور
پهلوان هو، انهيءَ هندن جي خلاف نعرا هنيا. مثلا:
”مسلمان آيا، ڪافر سڀ مئا“ وغيره. ڏاڏي مرحوم کي
سخت جوش آيو جو هن هندو مسلم فساد نه ٿي چاهيا. سو
ايمان شيدي کي زور سان ٿڦڙ هڻي ڪڍيائين. هن ٿڦڙ ۾
ڪا خدائي طاقت هئي جو ايمان وڃي ڦهڪو ڪيو جيتوڻيڪ
پهلوان هو. پوءِ به ڪافي دير پٽ تي پيو هو. اصل
هيءُ جلوس شهر جي وچ مان نڪتو ۽ سانوڻي ملن جي
پاسي وڃي رهيو هو، سندن رستي ۾ سنڌ ورڪي هندن جو
پاڙو آيو ٿي جتي ايمان شيدي جذباتي اشتعال انگيز
نعرا هنيا.
شيخ غلام محمد کان پوءِ شيخ عبدالرحيم اسلام قبول
ڪيو، جنهن هندن ۾ اسلام جي ڳجهي نموني تبليغ ڪئي،
جنهن جي نتيجي ۾ ٻيا به ڪافي هندو نوجوان مسلمان
ٿيا. مثلا: شيخ شمس الدين، شيخ عبدالقدوس، شيخ
عبدالله، شيخ عبدالحق، شيخ عبدالعزيز قنڌاري، شيخ
عبدالسلام ۽ ٻيا. شيخ عبدالرحيم پوءِ حضرت مولانا
عبيدالله سنڌيءَ جو وڃي رفيق ٿيو ۽ ساڻس گڏ
افغانستان ڏانهن هجرت ڪري ويو. ريشمي رومال تحريڪ
۾ به وڏو ڪردار ادا ڪيائين. مولانا سنڌي جڏهن آمو
درياء اڪري روس هليو ويو، ته شيخ عبدالرحيم به
سرهند (هندستان) ڏي هليو ويو، جتي انتقال ڪيائين.
سندس قبر مبارڪ سرهند ۾ آهي.
مولانا سنڌيءَ سان روس جي سفر ۾ نو مسلم ڪرنل
ڊاڪٽر نور محمد شيخ گڏ هو، جيڪو ڪافي سال پوءِ روس
مان موٽي آيو. پنجاهه جي ڏهاڪي ۾ جڏهن پير علي
محمد راشدي سنڌ جو وزير صحت هو ته نور محمد کي سول
اسپتال حيدرآباد جو ميڊيڪل سپرنٽيٽنڊنٽ ڪري
رکيائين. ڪجهه سالن کان پوءِ نور محمد انتقال ڪيو.
شيخ محمد صديق هندو اولاد جي جدا ٿيڻ کان پوءِ
پنهنجي زرعي زمين تي ديهه لڙهه ۾ گهر ٺهرائي اچي
ويٺو ۽ ياد الاهيءَ ۾ مشغول ٿي ويو. شرعيت جي
احڪامن جو سخت پابند هو ۽ حضرات سرهندين سان گهڻي
عقيدت هئس. کيس پٺاڻ گهر واريءَ مان گهڻو اولاد
ٿيو. سندس پٽن جا ترتيب وار نالا هي هئا: شيخ غلام
نبي، شيخ غلام حسين، شيخ عبدالعزيز، شيخ عبدالستار
۽ شيخ عبدالغفار. سڀ زمينداري ۾ مشغول رهيا. تادم
تحرير سڀ فوت ٿي چڪا آهن، البته سندن اولاد مان
ڪجهه نامور ٿيا آهن ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ آهن. شيخ
محمد صديق پنهنجي وڏي ڌيءُ شيخ عبدالرحيم جي وڏي
پٽ محمد حسن کي ڏني هئي. ٻيو نمبر ڌيءُ مرحوم شيخ
حسن ميان، جيڪو سنڌ مدرسي ۾ هاسٽل جو نگران هو، ان
جي گهر واري هئي. ٽيون نمبر ڌيءُ شيخ عبدالمجيد
سنڌيءَ جي گهر واري ٿي. شيخ عبدالمجيد جي پٽن جا
نالا مرحوم محمد انور شيخ، خالد شيخ ۽ طارق شيخ
آهن. انور
S.D.M
هو، جو ڀٽي صاحب کيس 1400 معتوب آفيسرن ۾ شامل ڪري
نوڪريءَ مان بيدخل ڪيو. پوءِ آمريڪا لڏي ويو ۽
آئلينڊ ۾ وڃي رهيو. وري پاڪستان نه آيو. خالد ڊي.
آءِ. جي ٿي رٽائر ڪيو ۽ طارق خانگي روزگار ۾ مشغول
رهيو.
ٻئي پاسي شيخ شمس الدين جو پٽ مشهور حڪيم ضياء
الدين ٿيو، جنهن جي اسپتال صدر ۾ اڄ به موجود آهي.
نجم الدين شيخ جيڪو پاڪستان جو سيڪرٽري خارجه رهي
چڪو آهي، اهو سندس پٽ آهي. هن شيخ خاندان جو احوال
تفصيل ۾ ان لاءِ ڏنو ويو آهي، جيئن ان وقت جي
انقلابي، سياسي، سماجي ۽ مذهبي تحريڪن ۽ تبديلين
جي خبر پئجي سگهي. هندو عاملن جو مسلمان ٿيڻ گذريل
صديءَ جو انتهائي اهم واقعو آهي. جو انهيءَ وقت
اهو تصور ڪرڻ به مشڪل هو ته ڪو هندو مسلمان به ٿي
سگهي ٿو، جڏهن ته سڄي طاقت سياسي يا مالي هندن جي
هٿ ۾ هئي. هن مرحلي تي ڪجهه وڌيڪ ڳالهين کي چٽو
ڪيو ٿو وڃي.
(1) شيخ عبدالرحيم کي هڪ پٽ محمد حسن نالي هو
۽ ٽي ڌيئرون هيون. وڏي ڌيءُ شيخ غلام محمد پهرئين
نو مسلم جي گهر واري ٿي ۽ وڏي عمر واري ٿي. سندس
پٽ هئا: عبدالقادر ۽ نور احمد. جيڪي علي پور ۾
رهندا هئا. ٻئي فوت ٿي چڪا آهن ۽ پراڻي بنگلي صدر
حيدرآباد ۾ سندن اولاد رهي ٿو.
(2) شيخ عبدالرحيم جي ٻي ڌيءُ حڪيم ڊاڪٽر شيخ
شمس الدين جي اهليه ٿي، جيڪو به نو مسلم هو ۽
پهرين آڏواڻي هندو هو.
(3) ٽين ڌيءُ مرحوم عبدالعزيز قنڌاري جي گهر
واري هئي. شيخ عبدالرحيم جو ننڍو ڀاءُ مسلمان ڪونه
ٿيو. سندس نالو آچاريه ڪرپالاڻي هو، جيڪو هندستان
جو برک سياسي اڳواڻ ٿيو ۽ آل انڊيا ڪانگريس جو صدر
پڻ رهيو. طبعيتن غير متعصب هو ۽ مسلمانن ڏانهن نرم
گوشو رکندو هو. ڪو وقت اهڙو به آيو ته هندن ۾ اهو
چو ٻول متو ته ٻئي ڀائر مسلمان ٿي ويندا، يعني
عبدالرحيم ۽ آچاريه ڪرپالاڻي. پر ائين ڪونه ٿيو.
(4) شيخ عبدالرحيم جو ننڍو ڀاءُ عبدالڪريم به
نو مسلم هو، جيڪو پهرين عظيم جنگ ۾ ترڪي طرفان
وڙهندي محاذ تي شهيد ٿي ويو.
(5) شيخ عبدالرحيم جي هڪ ڀيڻ ڪڪي مسلمان ڪانه
ٿي ۽ هندستان لڏي وئي. بمبئي ۾ وڌوا آشرم
ٺهرايائين ۽ بيوهه عورتن جي خدمت ڪيائين.
(6) شيخ عبدالرحيم جو هڪ ڀاءُ سنياسي ٿي ڪيلاش
پر بت هليو ويو، جتان واپس ڪونه آيو.
شيخ عبدالعزيز قنڌاري جڏهن مسلمان ٿيو، ته هندن هن
کي مارڻ جو ارادو ڪيو، پوءِ هيءُ پٺاڻن جي روپ ۾
سرحد ٽپي افغانستان هليو ويو، جتي اٺ سال رهيو.
اتي قنڌار جي ديني مدرسي ۾ عربي ۽ فارسيءَ جا ديني
ڪتاب پڙهيو ۽ عالم ٿيو. 21 سالن جي عمر ۾ واپس آيو
ته کانئس سنڌي وسري وئي هئي. پوءِ سنڌ مدرسي ۾
داخل ٿيو. تمام غريب هو ۽ فاقا ڪڍندو هو، پر ڪنهن
جي اڳيان هٿ نه ٽنگيائين. پرنسيپال ”وائينس“ جڏهن
هن جي خودداري ڏٺي ته هن کي هيٺين ڪلاسن جو ماستر
ڪري رکيائين، جتان گذر سفر لاءِ ڪجهه معاوضو ملندو
هئس. قنڌاري صاحب سياست، سماجي ڪمن ۽ ادبي خدمتن ۾
هميشه اڳڀرو رهيو. ڪجهه وقت ”الوحيد“ جو ايڊيٽر
رهيو. مٿس صوفياڻا خيال هميشه غالب رهيا. ان جي
نتيجي ۾ بسنت لاج جو سيڪريٽري ۽ ٿياسافيڪل
سوسائٽيءَ جو صدر ٿيو. جڏهن سچل سرمست اسڪول قائم
ٿيو ته پرشن ٽيچر مقرر ٿيو. قنڌاري صاحب پنهنجي
انقلابي زندگي گذاري 73 ورهين جي ڄمار ۾ انتقال
ڪيو.
نومسلم شيخ خاندان جو ڪيس ويهين صدي جي اوائل جو
مشهور واقعو آهي. هنن جا مقدما چيف ڪورٽ سنڌ ڪراچي
تائين پهتا، جن کي ”great
case of Shaikhs“ چيو وڃي ٿو. هن ڪيس ۾ سڄي هندو برادري متحد ۽ منظم ٿي
وڌيڪ هندن کي مسلمان ٿيڻ کان روڪيو. |