سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: يادِ ايام

باب: --

صفحو :4

 

[8]

سن 1950ع جي ڏهاڪي ۾ اسان وٽ هڪ درويش غلام علي فقير ايندو هو، شڪارپور جو ويٺل هو. مجذوب هو ۽ اڪثر بيمار رهندو هو. هڪ عجيب داستان بيان ڪندو هو. چوندو هو ته مون هڪ خواب ڏٺو هو، جنهن ۾ مون کي چيو ويو ته هڪ ڇوڪريءَ کي قرآن شريف پڙهاءِ. انهيءَ ڇوڪريءَ جو شڪارپور جي ڪنهن مشهور خاندان سان تعلق هو. پوءِ هن خواب ئي خواب ۾ ڇوڪريءَ کي سڄو قرآن شريف پڙهايو. سندس بقول ڇوڪريءَ جي ساڻس خواب ۾ شادي ٿي. پاڻ چوندو هو، ته هيءُ خواب سڄي رات هليو ۽ جڏهن ننڊ مان اٿيو ته فجر جي اذان اچي رهي هئي. ڪجهه وقت کان پوءِ واقعتن انهيءَ خاندان جي طرفان حقيقت جي دنيا ۾ کيس چيو ويو ته اندر زنان خانه ۾ ڪنهن خاتون کي قرآن شريف پڙهاءِ. جڏهن اندر گهر ۾ گهڙيو ته ساڳي خواب واري ڇوڪري ڏٺائين، پوءِ ته واقعي هنن جي پاڻ ۾ محبت ٿي وئي. آخر ۾ هن فقير سڱ جي گهر ڪئي. پاڻ غريب ماستر ماڻهو هو، جنهن ڪري کيس جواب مليو ۽ پڻ سختيون ڪيون ويون. نتيجي ۾ هو شڪارپور ڇڏي سيلاني ٿيو ۽ بيمار به رهيو. هڪ شهر کان ٻئي شهر ايندو ويندو رهندو هو. ڪجهه سالن کان پوءِ اچڻ بند ڪيائين، جو وري نه آيو. اندازو ٿيو ته گذاري ويو آهي. سندس اڃا جواني هئي. معلوم ٿو ٿئي ته خواب ۽ حقيقت ۾ ٿورو ئي ڪو فاصلو آهي ۽ ڪن ماڻهن جا خواب سچا نڪرن ٿا.

انهيءَ زماني ۾ شهدادپور جي پاسي جو هڪ لغاري محمد فاضل ايندو هو. هو چوندو هو ته خدا آباد ۾ ڪلهوڙن پنهنجو خزانو لڪايو آهي، انهيءَ جاءِ جي خبر مون کي وڏن ٻڌائي هئي. پوءِ ٻه ٽي سال ڪجهه مزدور وٺي خدا آباد جي مقبرن ۾ کوٽائي ڪرڻ ايندو هو، پر خزانو کيس هٿ ڪونه آيو. باقي جنهن جاءِ تي کوٽائي ڪرايائين، اتي اڄ به وڏي کڏ موجود آهي. خدا آباد هالن پراڻن کان اتر طرف 4-5 ميلن جي فاصلي تي آهي، جتي ڪنهن زماني ۾ ڪلهوڙن جو تخت گاهه هوندو هو.

هڪ ٻيو درويش به انهيءَ زماني ۾ ايندو هو، جنهن جو نالو عيسو فقير هو. ڊگهو قد، ڀريل جسم ۽ ڏاڙهيءَ کي ميندي هڻندو هو. ڳچيءَ ۾ مالهائون ۽ ٻانهن ۾ موتي ٻڌندو هو. هڪ هٿ ۾ لٺ ته ٻئي هٿ ۾ ڪستو کڻندو هو. کائيندو پيئندو ڪستي ۾ هو. هن جو معمول هو ته اڌ رات کان پوءِ خدا تعاليٰ جو ذڪر وڏي آواز سان ڪندو هو. هـُـو هـُـو الله هو لا الـه اِلاالله ٻيا به اهڙا ورد، رات جو مسجد ۾ سمهندو هو. هڪ سال آيو ته تمام ڪمزور ٿي چڪو هو. صفا هڏائون پڃرو ٿي ويو هو. ذڪر وغيره به ڇڏائي ويو هوس. پڇاڙيءَ ۾ اسهال ٿي پيا هئس، ان ڪري رات جو مسجد کان ٻاهر نم جي وڻ هيٺان سمهندو هو. اتي ڪنهن وقت بلا چڪ هنيس، صبح جو مرده حالت ۾ ڏٺائونس. پوءِ کڏي کٿوري جي قبرستان ۾ مدفون ٿيو.

خبر نه آهي ته ڪهڙو زمانو هو ۽ ڪهڙا ڪهڙا الله وارا درويش فقرا ۽ مجذوب پيا ڦرندا هئا. وٽن دنيا جون ته نه، پر ٻيون روحاني طاقتون گهڻيون هيون. جيڪي چوندا هئا، اهو ٿيندي نظر ايندو هو. ظاهر ۾ فقير هئا، پر الاهي نور سان سرشار هوندا هئا.

شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ]1853-1929ع[ جي نالي کان سنڌ جو ٻار ٻار واقف هوندو. انگريزن جي دؤر ۾ سنڌ ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر هو. گهڻا ڪتاب لکيائين ۽ ٻيا ترجما ڪيائين. اخلاقي نظم ۽ بيت به لکيائين. انهيءَ وقت ۾ سنڌ ۾ هندن جو زور هو. هندو اديب روزانو نوان ڪتاب ڪڍندا هئا ۽ ڪيتريون اخبارون هلائيندا هئا. مسلمانن مان مرزا قليچ بيگ سندن اڪيلو مد مقابل هو. سندس لکيل ڪتابن جو تعداد سنڌي هندن جي ڪتابن جي برابر هو. مرزا صاحب فطرت جي مطالعي لاءِ وڻ ۾ آکيرو ٺهرايو هو، جتي وڃي ڪجهه وقت ويهندو هو ۽ ڪارخانه قدرت تي غور فڪر ڪندو هو. لکڻ لاءِ بنا ٽيڪ جي ڪرسي ٺهرائي هئائين، جنهن تي روزانو ٽي ڪلاڪ لک پڙهه ڪندو هو. پنهنجي حياتيءَ ۾ قبر ٺهرائي هئائين، جنهن ۾ وڃي ڪجهه وقت سمهندو هو. قبر ۾ سمهڻ وارن ۾ آغا محمد يعقوب شڪارپوري به شامل هو، جيڪو وڏو صاحبِ علم ۽ قرآن پاڪ جو شارح هو.

مرزا قليچ بيگ اعتقاد جي طريقي سان شيعو هو، پر غير متعصب هو، کيس اولاد گهڻو هو. اهي به پيءُ واري عقيدي تي هليا. پر انهن مان هڪ مرزا افضل بيگ مختلف هو. افضل بيگ سني هو، سنين جي مجلسن ۾ تقرير ڪندو هو. خاص طور تي سندس ذڪر ڪرائڻ جو طريقو مشهور هو، جنهن ۾ حسبي ربي جل الله، معا في قلبي غير الله، نور محمد صلي الله، لا اله اِلاالله جو ورد ڪرائيندو هو. وڏو نيڪ انسان هو. هيرآباد جامع مسجد جي تعمير ۾ سندس وڏو هٿ هو. مولانا محمود احمد الوري ۽ حاجي محبوب الاهي چمڙي جي ڪارخاني واري سان خاص الفت هئس، ٽنڊي سائينـداد جي پيرن سان به عقيدت هئس ۽ حضرت شاهه آغا عليـه الرحمـته وٽ ايندو ويندو رهندو. محرم جا ڏهه ڏينهن ڪارا ڪپڙا پائيندو هو ۽ مجلسن ۾ به شرڪت ڪندو هو، پر صحابه جي خلاف ڳالهائڻ ڪونه ڏيندو هو.

حضرت والد صاحب حيدرآباد ايندو هو ته صبح جو ٽانگي ۾ چڙهي ٽنڊي ٺوڙي مرزا صاحب سان ملڻ ويندو هو. ناشتو ڪرائڻ مرزا صاحب جي ڄڻ فرائض منصبيءَ ۾ شامل هو. ناشتي ۾ بيضو مکڻ ماکي پراٺو چانهه شامل هوندا هئا. سندس اوطاق ۾ پينگهو پيو هوندو هو، پاڻ انهيءَ پينگهي ۾ ويٺو لڏندو هو ۽ ڪچهري به ڪندو هلندو هو. هڪ دفعي قليچ لائبرري به ڏيکاريائين، جيڪا اڃا هاڻي ٺهي هئي. آخر ۾ ڪجهه ڪتاب تحفي طور به ڏنائين. مرزا صاحب ذيابيطس جو مريض هو ۽ ستر جي ڏهاڪي ۾ واصل بالله ٿيو.

هڪ ٻئي نيڪ شخص جو ذڪر هن مهل تي ڪرڻ سجايو ٿيندو. خان صاحب نبي بخش خان ميمڻ حيدرآباد وارو رٽائرڊ ڊپٽي ڪليڪٽر هو. ترڪي ٽوپي ۽ ڪوٽ پائيندو هو. ننڍي چاپئين ڏاڙهي رکندو هو. ديني خيالات رکندو هو ۽ ديني احڪام جو پابند هو. ايندو هو ته پاڻ سان فروٽ جو ٽوڪرو کڻائي ايندو هو. سندس بحث جو موضوع هو اسلامي حقيقتن تي عقلي، منطقي ۽ سائنسي نقطـهِّء نظر کان بحث ڪرڻ. سندس مطالعو به ڪافي وسيع هو. آءٌ جڏهن گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري ۾ سن 1959-1960ع واري زماني ۾ پڙهندو هئس ته نبي بخش مرحوم جبو پهري ۽ ڪارو پٽڪو ٻڌي ايندو هو ۽ جمعي نماز کان اڳ تقرير ڪندو هو، جيڪا اسلامي موضوعن ۽ اسلام جو سائنس سان تعلق جي باري ۾ هوندي هئي. ڪو وڏو عالم ڪونه هو، پر دين سان عقيدت گهڻي هئس. شايد سن 1970ع جي ڏهاڪي ۾ گذاري ويو. حيدرآباد جي ميمڻ محلي جو رهاڪو هو. جتان ٻيا به گهڻا تعليم کاتي جا نامور آفيسر پيدا ٿيا.

شمس العلماء عمر بن محمد دائود پوٽو ۽ مخدوم غلام حيدر صديقي به ديني بحث مباحثي لاءِ وقت بوقت ايندا هئا، ان کان سواءِ مولوي دين محمد وفائي ۽ مولوي عبدالڪريم چشتي به ڪڏهن ڪڏهن ايندا هئا.

ڪڏهن گرمين ۾ ڪچن ٻپهرن جو ڏسبو هو، ته هڪ الله لوڪ مٿي تي ڪتابن جي ڀري ڪپڙي ۾ ٻڌي اچي وارد ٿيندو هو. هن کي سنڌ جي گشتي لائبرري چئجي ته جڳائي. نالو هئس پير علي شاهه، سندس واسطو بدين جي جيلاني پيرن سان هو، ڪتاب به گهڻو ڪري جيلاني پيرن جي سوانح، فرمودات ۽ هدايت جي موضوعن تي لکيل کڻندو هو. گرميءَ ۾ ايندو هو ته پگهر ۾ پيو شل ٿيندو هو. ڀريءَ مان 100-125 کن ڪتاب نڪرندا هئا، جن مان ڪي ليٿو تي، ته ڪي پريس مان ۽ ڪي قلمي هوندا هئا. ڪي ڪتاب سنڌيءَ ۽ ڪي فارسيءَ ۾ هوندا هئا. ڪن جي سائيز وڏي ته ڪن جي ننڍي، ته ڪن جي وچولي، ڪي جلد سان ته ڪي بنا جلد جي هوندا هئا. ڪي به ٻه ڪتاب هڪجهڙا نه هوندا هئس، مثلا سوانح حضرت غوث پاڪ ڪتاب گهربس ته هڪ ڪاپي هوندس، ٻي ڪانه هوندس. معنيٰ ته ظاهر ۾ ڪتب فروش هو، پر حقيقت ۾ علم دوست هو، جيڪو پيو سنڌ ۾ گهمندو ڦرندو هو. ڪتابن جي قيمت به معمولي 4 آنا 8 آنا يا رپيو يا ٻه رپيا وٺندو هو. شڪل ۽ لباس ۾ به تارڪ الدنيا هو. مٿو ۽ پير اگهاڙا هوندا هئس، جسم مان بدبوءِ پئي ايندي هئس. ململ جو چولو ۽ ڌوتيءَ وانگر گوڏ ٻڌندو هو. گفتگو به گهٽ ڪندو هو ۽ ٻنپهرن جي ماني اسان وٽ کائيندو هو، ننهن به وڏا هوندا هئس. ٻوڙ ۾ آڱريون وجهي کائيندو هو. پوءِ ڪتاب وڪيا يا نه وڪيا، ڀري ٺاهي مٿي تي رکي روانو ٿي ويندو هو. هيءُ شخص ڪير هو، جيڪو ڪتب فروشيءَ جي ظاهري دنيا ۾ حقيقت جو سالڪ هو؟ سن 1959ع کان پوءِ وري نظر نه آيو.

حديث شريف ۾ آهي، ته زمانو جيترو حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي زماني کي ويجهو هوندو ته اوترو ئي چڱو هوندو ۽ الله وارا نيڪ انسان گهڻا نظر ايندا. وري جي زمانو حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي دور کان پري هوندو ته وڌيڪ خراب هوندو ۽ چڱا ماڻهو گهٽ نظر ايندا. توهان پاڻ جائزو وٺو، جي نيڪ ۽ اشراف توهان 50-60 سال اڳ ڏٺا، اهڙا وري توهان کي (الا ماشاء الله) نظر اچن ٿا؟ انهيءَ زماني ۾ هالا نوان جي گهٽين ۾ هڪ ڪوري فقير لٺ کڻي پيو ڦرندو هو. ڪنهن مسجد جو خادم هو. سندس ڌنڌو ڌاڙي هو: سلام ڪرڻ واري کي جواب ڏيڻ. ڪير چوندس ته السلام عليڪم ته بيهي رهندو ۽ وڏي زور سان جواب ڏيندو: وعليڪم السلام ورحمـته الله وبرڪاتہ مسلمان صاحبو! الله تعاليٰ توهان کي دين ۽ دنيا ۾ سوڀارو ڪري ۽ جنت ۾ جڳهون ڏي. اڃا اهو جواب پورو ٿيندو هو، ته ٻيو ماڻهو چوندس: السلام عليڪم وري ساڳي ترتيب سان ان کي جواب ڏيندو. مطلب ته سڄو ڏينهن سلامن ڏيڻ وٺڻ ۾ گذرندو هئس. ڪي شاگرد يا وڏا به تنگ ڪرڻ لاءِ سلام ڪندا هئا. هو جواب بيهي ڏيندو هو ۽ فڪر نه هئس، ته منزل تي ڪيڏي مهل پهچندو. قرآن شريف ۾ آهي، ته جنت ۾ جنتي هڪ ٻي تي سلام پڙهندا ۽ انهن جي زبان سلام هوندي. هيءُ درويش هتي روءِ زمين تي سلامن سلامن جي جنت قائم ڪريو ويٺو هو، ته انشاء الله نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي شفاعت سان ٻي دنيا ۾ به جنت الفردوس ۾ هوندو.

سن 1957ع ۾ هڪ فقيرتن عالم مخدوش حالت ۾، بوسيده ڪپڙن ۾ ملبوس هالن پراڻن ۾ آيو. ٻڌايائين ته پاڻ وڏو عيالي آهي ۽ تلاش معاش ۾ اچي نڪتو آهي. پاڻ رياست سوات جي ڳوٺ بنير مان آيو هو. سندس ڏيکاريل سند مان معلوم ٿي ٿيو ته پاڻ هندستان جي مشهور ديني درسگاهه سهارنپور جي مدرسي جو فارغ التحصيل آهي، جنهن جو باني مولانا خليل احمد سهارنپوري هو، جنهن حضرت حافظ حاجي امدادالله مڪي ۽ حافظ ضامن شهيد سان گڏ سن 1857ع واري جنگ آزاديءَ ۾ حصو ورتو هو. سندس سند جي اهميت کي ڏسي، کيس عزت ۽ آڌر ڀاءُ ڏنو ويو ۽ هالن پراڻن جي ٻي وڏي علمي خاندان قاضين جي جامع مسجد ۾ مرحوم قاضي اميد علي جي زير نگراني پيش امام مقرر ٿيو. مولوي صاحب جي نظر هڪ اک کان محروم هئي. پر هوشيار ۽ الله وارو بزرگ هو. سن 1958ع ۾ ميٽرڪ امتحان ڏيڻ کان پوءِ اسڪول ۽ ڪاليج چئن پنجن مهينن تائين بند رهندا هئا، جيسين تائين نتيجو نڪري، ان موقعي جو فائدو وٺي مون کانئس قرآن شريف جو تفسير پڙهڻ شروع ڪيو.

مولوي صاحب درس نظامي جي نصاب جو تفسير جلالين پڙهائڻ شروع ڪيو. تفسير جلالين ٻن مفسرن جو لکيل آهي، هڪ مولانا جلال الدين سيوطي ۽ ٻيو مولانا جلال الدين مـُـحلي. مولوي عبدالحڪيم مون کي سبق ڏيڻ لاءِ تياري ڪري ايندو هو، ڇوته آءٌ کانئس ڪافي علمي ۽ ديني سوال ڪندو هئس. ڪڏهن شافي جواب سمجهه ۾ نه ايندو هئس ته ٻئي ڏينهن تي ٻيا ڪتاب مطالعو ڪري ايندو هو ۽ ان وقت تائين اطمينان نه ٿيندو هئس، جيسيتائين تشفي ٿئي. ڪي ورهيه هالن پراڻن جي علم جي پارکوءَ قاضي غلام محمد صاحب جي مسجد ۾ پيش امام ٿي رهيو. مولوي عبدالحڪيم پڇاڙي عمر ۾ پنهنجي ملڪ سوات موٽي ويو ۽ وري نه آيو. شايد اتي ئي رحلت ڪيائين.

ميٽرڪ جي وچ واري عرصي ۾ تفسير سان گڏ مون شيخ سعديءَ جو مشهور ڪتاب ”گلستان“ فارسيءَ ۾ پنهنجي والد کان پڙهڻ شروع ڪيو. گلستان عجيب و غريب مثالن، گفتن ۽ اخلاقي سبقن سان ڀرپور آهي. ڪتاب ۾ جيڪي به نصيحت ڀريا نقطا سمايل آهن، اهي اصلي ۽ سچن واقعن تي مبني آهن. والد صاحب فارسيءَ جو پڪو استاد هو، پر سنڌيءَ ۾ ترجمو تحت اللفظ يعني هر فارسي اکر جي هيٺان سنڌي معنيٰ ڏيندو هو ان ڪري ترجمي ۾ تسلسل ۽ مزو نه رهندو هو ۽ جملا بي ربط رهجي ويندا هئا. جلدي ڪاليج به کليا ۽ گلستان جي تعليم اڌوري رهجي وئي.

 

[9]

 

انهيءَ دور جا ڪيترا ٻيا واقعا به ذهن تي تري اچن ٿا، ادبي دنيا ۾ ”سنڌي ادبي سنگت“ اڃا نئين شروع ٿي هئي. هالا پراڻا شاخ جو انچارج قاضي محمد عالم معصوم هالائي هو. افسوس جو معصوم جوانيءَ ۾ موڪلائي ويو. وڏو علم دوست با اخلاق شخص هو. شعر و شاعري به ڪندو هو، سنڌي ادبي سنگت لاءِ آفيس مرحوم محمد صالح ڀٽيءَ جي اوطاق ۾ قائم ڪئي هئائين، جتي گهڻا علم دوست پيا ايندا ويندا هئا ۽ ادبي ڪچهريون ڪندا هئا. ان کان پوءِ هر هفتي سنڌي ادبي سنگت جي ڪچهري به ڪرائيندو هو، جنهن ۾ نوجوان اديب افسانا يا مقالا يا شعر پڙهندا هئا. ڪڏهن ٻاهريان مهمان به گهرائيندو هو.

هڪ دفعو آل سنڌ ليول تي ادبي ڪانفرس گهرايائين، جنهن ۾ انهيءَ وقت جا وڏا اديب ۽ دانشور آيا. صدارت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب ڪرڻ فرمائي. اديبن ۾ غلام محمد گرامي، محمد عثمان ڏيپلائي، نياز همايوني، مقبول ڀٽي، پروانو ڀٽي، رشيد ڀٽي ۽ ٻيا به گهڻا ئي اچي شامل ٿيا. هن ادبي محفل ۾ محمد عثمان ڏيپلائي پنهنجو مشهور افسانو ”ڏڪار“ پڙهيو هو. پوءِ معلوم ٿيو ته اهو افسانو لکيل ڪونه هو، بلڪ في البديهه ڏيپلائي مرحوم جملا ٺاهيندو پئي ويو ۽ پڙهندو به پئي ويو. افساني ۾ ڪجهه مزاحيا فقرا به هئا. دلچسپ ڳالهه اها، ته ٻڌندڙن جي کلڻ سان گڏ پاڻ به وڏا ٽهڪ ڏيندو رهيو.

ڏيپلائي جي ڳالهه نڪتي آهي، ته وڌيڪ تذڪرو ڪجي. هيءُ ڏيپلي جو غريب مسلمان هو. مولوي عبدالرحيم پڇمي جي زير اثر پيرن، قبرن ۽ ٻين بدعتن جي سخت خلاف هو. سندس اوائلي سڀ ڪتاب توحيد ۽ وحدانيت تي هئا ۽ بدعت جي خلاف هئا. جيئن نور توحيد، نور اسلام، وغيره. پاڻ اسلامي تاريخي ناول به لکيائين. پيرن ۽ مرشدن جي خلاف گهڻو ڪجهه لکيائين. سندس لاتعداد ڪتاب مرشدن جي خلاف هئا، جيئن مرشد جي ڏاڙهي، مرشد جي زال، مرشد جي کٽ وغيره. پيرن ۽ سجاده نشينن جي ذهن ۾ قلم جي رستي وڏو ٽاڪوڙو وڌائين.

انهيءَ کان اڳ محمد هاشم ’مخلص‘ شعرن ۾ مرشدن کي وائکو ڪري ويو هو. ڏيپلائي وري نثر جي رستي پير پرستيءَ جي خلاف لکيو. سندس پريس دارالاشاعت الهندي ڪچي ۾ هئي. صدري پائيندو هو ۽ مٿي تي جناح ڪيپ، چيلهه ۾ ڪو عارضو هئس، جو هلڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي هئس. ميز تي ساريڊان جون گوريون رکيون هونديون هئس. جي پيو کائيندو هو ۽ وڏا ٽهڪ ڏيندو هو. چانهه ضرور پياريندو هو. اٿي بيهي ملندو ۽ موڪلائيندو هو. سنڌ جي اڳوڻن سٻاجهڙن واري دلنوازي هئس ”انسان“ نالي رسالو ڪڍندو هو. پوءِ ”عبرت“ اخبار ڪڍيائين، جيڪا هفتيوار هوندي هئي، جيڪا پوءِ قاضي اڪبر وارن ورتي.

مون يادِ ايام کي اڳتي وڌائيندي ميڊيڪل ڪاليج جي پهرين سال تائين آندو هو. اهو پهريون موقعو هو، جو ڪاليج جي بـلـڊنگ پهرين ٽن تعليمي سالن لاءِ ڄام شورو ۾ منتقل ٿي هئي. پرنسيپال ايم. ايم حسن، جنهن جو تعلق صوبي بهار سان هو ۽ اکين جي علم ۾ ايف. آر. سي. ايس هو، پنهنجي هنر ۾ وڏو ماهر سرجن هو، پر ڪيئن پڙهائجي، اها ترتيب نه ايندي هئس. سندس گفتگو نرم، آهسته ۽ سنجيده هوندي هئي. انهيءَ وقت سنڌ ۾ اعليٰ تعليم يافته سرجن ۽ معالـج تمام گهٽ هئا ۽ گهڻا سرجن يا پروفيسر پنجابي يا اردو ڳالهائيندڙ هئا. گهڻو ڪري ولايت مان اعليٰ ڊگريون ورتيون هئـائـون. ايڊمنسٽريٽر ڪرنل ضيا ِّ الدين هو، جيڪو شايد پٺاڻ هو. پر هو رٽائرڊ فوجي هو ۽ ماهر امراض ڪونه هو. مٿي غلام اسحاق خان جو ذڪر ڪري چڪو آهيان. اهو شخص علم تشريح الاعضاء ۾ بين الاقوامي ناموري جي پايي جو هو. کيس گهڻن ميڊيڪل بورڊن ۾ ماهر جي حيثيت ۾ سڏيو ويندو هو. جتي اهو تعين ڪرڻ هوندو هو ته زير تفتيش مرده جسم جي عمر ڇا هئي. جنس عورت هئي يا مرد. عمر ڪيتري هئس، ڪهڙيون بيماريون ٿي چڪيون هئس ۽ موت ڪهڙي سبب جي ڪري ٿيس ۽ لاش ڪيترو پراڻو آهي؟ جڏهن انڊيانا آمريڪا ويو ته اتي به 20-25 سال پروفيسر ٿي رهيو. شاگردن کي سمجهائڻ ۽ پڙهائڻ جو وڏو فن هئس، بورڊ تي رنگين تصويرن سان جسم جا مختلف عضوا بهترين ڊرائنگ ۾ ڪڍي ليڪچر ڏيندو هو. خاص طور تي سندس ملڪو “Embryology” يعني، ٻار ماءُ جي پيٽ ۾ ڪيئن ٿو وڌي ويجهي، تي هو. انهيءَ علم ۾ ڪمال حاصل هئس. آءٌ سمجهان ٿو ته دنيا ۾ انهيءَ علم ۾ سندس پائي جا ڪي ٿورا پروفيسر هوندا. هيڏي دقيق سائنسي مضمون ۾ حاصل هئڻ جي باوجود به لطيف فن ۾ حساسيت رکندو هو. ڪاليج جي جلسن ۾ انهيءَ شوق جو به پورائو ڪندو هو. هي اڳئين وقت جا ڊاڪٽر تمام ذهين هوندا هئا، جن جي شخصيت گهڻ رُخي هوندي هئي. صحيح معنيٰ ۾ پڙهائڻ جو فرض منصبي ادا ڪندا هئا ۽ شاگردن لاءِ مثلِ مشعل هئا.

ٻئي سال ۾ علم افعال الاعضاء (Physiology) پڙهائي ويندي هئي. هت پروفيسر شهنشاهه حسين زيدي شعبي جو اڳواڻ هو، کيس ڪي گهڻيون ڊگريون ڪونه هيون، پر وڏي شاهي طبعيت رکندو هو. لکنوءَ جو هو ۽ لکنوي تهذيب جو شاندار مرقع هو، کيس اولاد ڪونه ٿيو. پر زال ۽ مڙس سڀ ڪنهن جو اخلاق سان آڌر ڀاءُ ڪندا هئا. پروفيسر زيديءَ لاءِ اهو مشهور هو ته هو سالياني امتحان ۾ جنهن شاگرد کي ڪناري تي ڏسندو هو ته ان کي سخت دڙڪا ڏيئي پاس ڪري ڇڏيندو هو. پر جنهن جو ڪم لٿو پيو هوندو هو، اهو لامحاله فيل ٿيندو هو. باقي هوشيار شاگردن کان هڪ ٻه سوال پڇي، کين پاس ڪري ڇڏيندو هو. هاڻي قدرت خدا جي سان منهنجو سيٽ نمبر 2 هو، مون کان اڳ هڪ ڪاٺياواڙي شاگرد عبدالقادر هو. زيدي صاحب هن کي گهڻي جٺ ڦٺ ڪئي. ان کان پوءِ مون ڏي آيو ۽ مون کان فقط هڪ سوال پڇي فارغ ڪيائين، هاڻي جو ٻاهر نڪتاسين ته عبدالغفار ٽپ پيو ڏئي، ته مون دڙڪا کاڌا آهن، سو پڪ پاس ٿيندس. واقعي ائين ئي ٿيو، ٻئي پاس ٿياسين.

ائناٽامي (Anatomy) جو مضمون ميڊيڪل جي سڀني مضمونن ۾ تمام ڏکيو، ڊگهو ۽ سخت محنت طلب آهي. اسان کي ڊاڪٽر گريءَ جو لکيل ائناٽامي جو ڪتاب، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ 2000 صفحن تي مشتمل هو، پڙهڻو پوندو هو. هن جهڙو متيون منجهائيندڙ ڪتاب مون نه ڏٺو. ڊاڪٽر گريءَ کي جسم کولي ڏسڻ لاءِ ڪو لاش نه ٿي مليو. پوءِ سندس والده مري وئي. ان جو لاش تهه خاني ۾ رکي تجربا ڪندو هو، ڇوته ملڪي قانون ۾ مرده جسم سان ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ جي منع هئي. هن زماني ۾ مشهور مصور ليونارڊو ڊي ونسي روم کان پهتل هو. ڊاڪٽر گري پنهنجي ڪيل وڍ ٽڪ جون تصويرون کانئس ڪڍائيندو هو. ليونارڊو قديم روم جو وڏو فنڪار هو ۽ سسٽين چيپل ۾ نقش نگاري ڪندو هو، ٻين علمن جو به ڄاڻو هو. هن ريل گاڏي، هوائي جهاز، ميزائل وغيره سائنسي ايجادن جو تصور ڏنو. مونا ليزا مشهور تصوير جنهن جي مسڪراهٽ دنيا کي مسحور ڪري ڇڏيو آهي، اها به ان فنڪار جي تخليق هئي. هن تي وڏي مضمون لکڻ جي ضرورت آهي. جي وقت مليو ته انشاء الله مٿس لکبو.

بهرحال ليونارڊُ ۽ گري گڏجي ائناٽامي تي ٽيڪسٽ بـُـڪ لکيو، جيڪو ٿوري ڦيرڦار سان اڄ به ميڊيڪل ڪاليجن ۾ پڙهايو وڃي ٿو.

مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته ان زماني ۾ مغرب ۾ سائنسي علم جي تبليغ ۽ ترويج لاءِ اڃا پوري آزادي حاصل ڪانه هئي. مغرب اڃا ننڊ ۾ ستل هو، پر هاڻي جاڳڻ جا ڪر پئي کنيائين، اصل ۾ مغرب ۾ علم، عقل، منطق ۽ سائنس اڄ کان پنج ڇهه ست صديون اڳ آيو آهي. حضرت عيسيٰ عليہ السلام کي 2000 سال ٿي ويا آهن. سندن تبليغ جي، يهودين سخت مخالفت ڪئي ۽ نيٺ کيس صليب تي چاڙهيائون. ان کان پوءِ 350 سالن تائين مسيحيت جو نالو وٺڻ وارو ڪير ڪونه هو. ايتري وقت گذرڻ کان پوءِ روم جو بادشاهه ’آگسٽس‘ عيسائي ٿيو ته عيسائيت کي به ڪجهه اسرڻ جو موقعو مليو، پوءِ آهستي آهستي يورپ جا ماڻهو عيسائي دين ڏانهن راغب ٿيا. رسول الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي ولادت باسعادت تائين هي انڌيري دنيا ۾ هئا. هنن ۾ نه علم، نه فن، نه اخلاق ۽ نه معاشرتي سڀيتا هئي ۽ جانورن وانگر وڻن تي لٽڪندا هئا، غارن ۽ جهوپـڙن ۾ رهندا هئا، چرچ جو مٿن سخت ضابطو هو. چرچ قديم زماني جي خيالن، ريتن ۽ رسمن تي زور ڏيندي هئي، جنن ۽ روحن تي عام ويساهه هو. پوءِ پنج سؤ سال ٻيا يعني تقريبن 900-1000ع واري دور تائين هنن ۾ ڪجهه بهتري آئي. هن دور کي Mediaeval وقت (وچون دور) چئجي ٿو يعني: جهالت ۽ علم جي وچ وارو دؤر. چرچ جي سختي اهائي ساڳي هئي. سندن بقول عيسيٰ عليہ السلام انجيل ۾ جيڪا تعليم ڏني، ان تي عمل ڪرڻو هو. ان ۾ ڪوبه نئون سائنسي يا عقلي اضافو ڪرڻو نه هو. جيڪڏهن ڪير ڪندو هو، ته چرچ انهيءَ کي ڪفر، الحاد ۽ توهين جي الزام هيٺ وڏيون سزائون ڏيندي هئي. جيئرن جاڳندن کي ساڙايو ويندو هو. سندن جسم جا عضوا ڌار ڪيا ويندا هئا. صليب تي چاڙهي مارڻ عام هو. وڏن شڪنجن ۾ نافرمانن يا ڪافرن کي هٿن ۽ پيرن ۾ زنجيرون هڻي رستن تي ڦٽو ڪندا هئا. ايندڙ ويندڙ سڀ انهن تي ٿڪ لعنت ڪندا هئا. مطلب ته چرچ کان هٽي، عقل يا منطق جي ڳالهه ڪرڻ موت کي دعوت ڏيڻ جي برابر هو. گليليو چيو، ته دنيا گول آهي، سڌي نه آهي، جيئن پادري چون ٿا. پوءِ جيل ۾ وڌائونس. جڏهن مرڻ جو يقين ٿيو، ته اعلان ڪيائين ته آءٌ غلط ٿو چوان، چرچ صحيح آهي، منهنجو ڪارو منهن ٿيو آهي. انهيءَ توبهه تائب ٿيڻ کان پوءِ آزاد ٿيو ته رڙيون ڪندو ويو ته دنيا آهي گول، پر آءٌ غلط آهيان. ٻيا سوين هزارين ڏاها مرد ۽ عورتون مارايا ويا يا کين مارڪُٽ ڪئي ويئي.

پهريان ته عيسائي دنيا تي، پوپ پاڻ حڪومت ڪندو هو، پوءِ پوپ روحاني سربراهه ٿيو ته بادشاهه هن جي مرضيءَ سان سندس نمائندو  ٿيندو هو، سڀ حڪم چرچ مان جاري ٿيندا هئا ۽ عقل علم تي پردا پيل هئا.

نيٺ ڪجهه ڳالهيون ٿيون، جن عيسائي دنيا ۾ ذهني انقلاب آڻڻ شروع ڪيو. اسپين تي مسلمانن ست سؤ ورهيه حڪومت ڪئي، اسلام علم ۽ عقل، منطق ۽ دليل، غور ۽ فڪر تي وڏو زور ڏنو هو. اسپين ۾ وڏيون يونيورسٽيون، درسگاهه ۽ ڪتب خانه قائم ٿيا هئا، جتي روحاني ۽ دنيوي علم سيکاريو ويندو هو. مسلمان عالمن يونان ۽ روم جي فلاسفرن جي علم کي پنهنجي زبان ۾ آندو، ان کي مشتهر ڪيو. بلڪه ان ۾ اضافو ڪيائون. نون علمن تي وڏي تحقيق ڪيائون. مسلمان وڏا مدبر، حڪيم، فيلسوف، ماهر، ارضيات، فلڪيات، طبعيات، رياضيدان ۽ آلجبرا ۽ جاميٽري جا ماهر ٿي ويا. اهي علم سندن يونيورسٽين ۾ عام پڙهايا ويندا هئا. عيسائين جو اهو ڏٺو ته هنن کي پنهنجي حال تي افسوس ٿيو. هنن به مسلمانن جي طرز تي اٽلي، روم، اسپين، ڪريٽ جي ٻيٽن ۽ فرانس ۾ دانشگاهه ٺهرائڻ شروع ڪيا، جتي سائنسي علمن جي سکيا ڏني ويندي هئي. نصابي ڪتابن جي طور تي مسلمان عالمن جا لکيل ڪتاب پڙهايا ويندا هئا.

گذريل 19 صديءَ تائين به اسلامي سرجنن مثلا: ابوالقاسم، ابن هيثم، الرازي، بوعلي سينا، خوارزمي، ابن خلدون، جابر بن حيان النفيس جا لکيل ڪتاب ڪورس ۾ شامل هئا. علم جي حاصلات هنن مسلمان عربن کان ڪئي. ساڳي وقت چرچ ۾ هڪ طبقو، ”Protestant“، پيدا ٿيو، جنهن جو باني مارٽن لوٿر ڪنگ هو. هيءُ طبقو چرچ جي تعليم کان بيزار هو، چرچ طرفان پيل عقل تي تالا هن کولڻ چاهيا ٿئي. پراڻيون ريتون رسمون، رواج، حڪايتون ۽ حڪم معدوم قرار ڏنا ويا، عيسائين عقل جي راهه ورتي، ڪئٿولڪ چرچ ۽ پروٽيسٽن ۾ 2-3 سؤ سال شديد علمي ۽ مناظراتي جنگيون لڳيون. ماڻهو گهڻي ڀاڱي چرچ کان بيزار ٿي، نئين طبقي ۾ شامل ٿيڻ لڳا، چرچ جو زور گهڻو گهٽجي ويو ۽ هن کي به مصلحت ڪرڻي پئي. گهڻين ڳالهين کان هٿ کنيائون، ان کان پوءِ عيسائين ۾ علم الاحياء (Renaissance) جو دؤر آيو، جيڪو اڄ کان 5-6 سؤ سال اڳ ۾ آيو. پر اهو بتدريج عمل ۾ آيو. پراڻيون ڳالهيون آهستي آهستي مٽجڻ لڳيون ۽ علم ۽ سائنس جا دروازا کلڻ لڳا، عيسائي سياح پنهنجي ملڪن مان نڪري، ايشيا، آفريڪا، آسٽريليا ۽ آمريڪا ڏانهن ويا. اتي نيون ڳالهيون ۽ نوان علم سکيائون. سندن ذهن وسيع ٿيو، پوءِ هنن سائنسي ايجادات تي زور رکيو، معاشري کي صنعتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون. اڳ ۾ ماڻهو زراعت تي ڀاڙيندا هئا. سائنسي ايجادات دنيا جي معاشي، اقتصادي ۽ معاشرتي نظام کي تبديل ڪري ڇڏيو. وڏا بحري جهاز، هوائي جهاز، تار، فون، گاڏيون، بجلي، مطلب ته هزارها قسمن جون نيون ايجادون ٿيون ته انسان جو دماغ ئي ڦـِـري ويو. بهرحال اهو جيڪي به ٿيو، اهو آسان نه هو. عيسائين انهيءَ ڳالهه لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون ۽ پنهنجون جانيون وڃايون، تحقيق جي نتيجي ۾ نيون حقيقتون ظاهر ٿيون، طب جي ميدان ۾ علاج جا نوان طريقا مرضن جي سڃاڻپ، دوائون ۽ دوا سازي وجود ۾ آيون. اڄ جيڪا اسان سائنسي ميدان ۾ ترقي ڏسون ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ انسان ذات کي هيڏي سهوليت ملي آهي، انهيءَ لاءِ اسان کي انهن قومن جي سياڻن، عالمن، ڏاهن، سائنسدانن، ڊاڪٽرن، سياستدانن جي خدمتن جو معترف ٿيڻ گهرجي، جن جي محنتن جي طفيل اڄ انسان جي زندگي اڳي کان بارها آسان ٿي آهي. سراسري عمر جي شرح وڌي آهي. موتمار متعدي مرض گهٽيا آهن. اڳ جو ماتا، پليگ ۽ ڪالرا وغيره پکڙبيون پيون هيون ته ڪروڙين انسانن جون جانيون ختم ٿي وينديون هيون. پر هاڻي انهن ۾ ڪمي آئي آهي. ڊاڪٽر هينري گري جهڙن انسان دوست عالمن جي صلاحيتن کي سلام آهي، جو هنن ذاتي طور تي پاڻ کي جوکي ۾ وجهي به خلق خدا جي خدمت ڪئي.

احياء العلوم جي دور ۾ انساني عقل ۽ دليل کي ڪم آڻڻ جي ترغيب ملي، انهيءَ چرچ جي تعليم کي هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو. چرچ جي خلاف رويو عام ٿي ويو. ماڻهو مسيحيت جي تعليم کان باغي ٿي پيا ۽ منجهن مذهب کان بيزاري ڪاهي پئي. سائنسدانن وڏو انقلابي لاڙو پيدا ڪيو، جنهن ۾ مسيحيت ته ڇا، خدا کان به لا تعلقي جو پهلو نڪتو ٿي. فلاسافرن نوان نڪتا ۽ دليل پيش ڪيا، جن جي تائيد ۾ نظريا ۽ تجرباتي عقيدا پيش ڪيائون. پوءِ ٻيا آيا، جن انهن نظرين ۾ توسيع يا ترميم ڪئي ۽ اهو سلسلو جاري آهي. انهن مان هڪ ’ڊارون‘ به هو، جنهن آسماني ڪتابن جي پيش ڪيل نظريه ”آدم جي تخليق“ کي باطل قرار ڏنو ۽ چيو ته انسان پهرين هڪ جيوڙي مان پوءِ رفته رفته ٻوٽن ۽ درختن مان پوءِ ننڍن جانورن مان ترقي ڪندو باندر جهڙي شڪل ۾ آيو، جتان ڪروڙها سالن جي تبديليءَ کان پوءِ هن موجوده شڪل اختيار ڪئي. ’ڊارون‘ وڏو خطرناڪ انقلابي فڪر پيش ڪري ويو، جنهن سان هزارين سالن تائين تخليق جي باري ۾ قائم ٿيل عقيدا لڏي ويا. ٻيو فلاسافر ’مارڪس‘ هو، جنهن چيو ته اصل ۾ سڄو جهڳڙو پيٽ جو آهي، هيءُ جو غريب ۽ امير جو طبقاتي جهيڙو آهي، انـهـيءَ جـو سـبـب مـعاشي آهي. جيڪڏهن معاش برابر ڪيو وڃي ته انسان جو هر مسئلو حل ٿي سگهي ٿو ۽ خدا، نبوت ۽ آسماني ڪتاب (نعوذ بالله) اجايون ڳالهيون آهن. مارڪس جي نظريي جي روشنيءَ ۾ روس ۾ ڪميونسٽ انقلاب آيو ۽ پوءِ لڳ ڀڳ اڌ دنيا سندس فلسفي جي قائل ٿي ويئي.

ٽيون فلاسافر ’فرائيڊ‘ هو، جنهن چيو ته دنيا جي هر مسئلي جو بڻ بنياد جنس تي آهي، جيڪڏهن جنسي بک جي پورت جو انتظام ڪيو وڃي ته انسان جا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.

هنن ٽنهي فلاسافرن جي نظرين دنيا ۾ قائم ٿيل قديم معاشرتي نظام کي ٿرٿلي ۾ وجهي ڇڏيو. پراڻا قدر ۽ ڳالهيون ڏسندي ئي ڏسندي ختم ٿي ويا، وڏا خوني انقلاب آيا، انسان جي اٿڻ ويهڻ، لباس، علم، فهم۽و فڪر ۾ وڏيون تبديليون اچي ويون. معاشي برابري لاءِ وڏو نظام ڪميونسٽ بلاڪ جي صورت ۾ ٺاهيو ويو، جيڪو اڳتي هلي ناڪام ثابت ٿيو. جنسي آزادگيءَ جو دور آيو. پردو ۽ حياء شرم ختم ٿيا. مرد ۽ عورت جا تعلقات نئين سر قائم ٿيا. جنسي آزادگي ۽ بي راهه روي عام ٿي وئي. عيش جا نوان سامان پيدا ٿيا. حمل ضايع ڪرڻ عام ڳالهه ٿي، عورتن ۽ مردن جو گڏيل ميلاپ اعتراض جوڳي ڳالهه نه رهي. مرد، مرد سان ۽ عورت، عورت سان شادي ڪرڻ لڳا. انسان باندر جو نسل آهي ته پوءِ باقي حياء شرم جون حد بنديون ڪهڙيون آهن؟ جڏهن سڀ شيءِ طبعي آهي ۽ غير آفاقي آهي ته انساني عدل، مساوات، حياء، اخلاق، تهذيب ڇا معنيٰ ٿا رکن؟ مطلب ته هنن عقيدن پراڻن عقيدن جو بنياد ئي لوڏي ڇڏيو ۽ انسان مادر پدر آزاد ٿيو. اهو نتيجو هو چرچ جي طرفان عقل جي استعمال تي پابندي وجهڻ جو ۽ انسان جي پنهنجي ذهني زرخيزي ۽ ستمگريءَ جو. ڊارون چئي ويو آهي، ته انسان اڃا ارتقا جي منزل ۾ آهي، اڃا کيس ڪي ڪروڙ سال کپن جو مڪمل ٿئي. اڃا ته 25 سيڪڙو دماغ ڪم ڪري ٿو، جڏهن سؤ سيڪڙو ڪم ڪندو ته انهيءَ وقت ڇا حشر ٿيندو؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org