[33]
هاڻي جڏهن ڪتاب اچي اختتام تي پهتو آهي، تڏهن
احساس ٿيو آهي ته ڪيترن ڪرم فرما دلنواز بزرگن ۽
دوستن جو ذڪر رهجي ويو آهي، جن جو مون سان گهڻو
ساٿ رهيو آهي ۽ زندگيءَ ۾ هو هر ڏکئي سکئي وقت ۾
همرڪاب رهيا آهن. خيال ڪيو اٿم ته انهن جو تذڪرو
هن مهل تي ڪري ڇڏيان جو آئينده خدا ڄاڻي انهيءَ جو
موقعو ملي يا نه!
سڀ کان اول مرحوم راول ورياماڻي ياد اچي ٿو. جيڪو
اٺ ڏهه سال اڳ فالـج جي مرض ۾ ڪجهه وقت مبتلا رهي
انتقال ڪري ويو آهي. راول جهڙو سچار، نهٺو، غريب
طبعيت، سنڌي سٻاجهڙو مون ڪونه ڏٺو. وڏن عهدن تي
پهتو ته به طبعيت مان انڪساري ۽ عاجزي نه ويس.
گهڻا سال سنڌ يونيورسٽي ماڊل اسڪول ۾ ماستر هو.
پوءِ يحيٰ خان جي وقت ۾ ڪو اعليٰ امتحان پاس ڪري
وڃي مرڪزي وزارت تعليم ۾ آفيسر ٿيو. اتان پوءِ
ترقي ڪندو جده جي پاڪستاني سفارتخاني ۾ فرسٽ
سيڪريٽري مقرر ٿيو. ان کان پوءِ گهانا (آفريڪا) ۾
حڪومت پاڪستان طرفان سفير هو، جتان رٽائر ڪيائين.
جڏهن پاڪستان موٽي آيو ته سندس ملاقات انهيءَ وقت
جي صدر ضيا ِّ الحق سان ٿي، جنهن کي ٽيليويزن تي
ڏيکاريو هئائون. سندس خيال هو، ته کيس سنڌ
يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسيلر ڪندا، پر ائين نه
ٿيو. کيس سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميمبر ڪري
رکيائون، جتي ڪجهه وقت لاءِ چيئرمين به ٿيو.
آءٌ فيمليءَ سان 1979ع ۾ اسلام آباد ويس، ته راول،
اسلام آباد راوالپنڊي ۽ آس پاس جا علائقا ٻه ڏينهن
ڏيکاريندو رهيو. آفيس مان موڪل ورتي هئائين. جده ۾
سندس پوسٽنگ دوران سندس والده کي حج لاءِ
گهرايائين. هيءَ نيڪ بخت جهور پوڙهي ڪڏهن گهر کان
ٻاهر ڪانه نڪتي هئي. وري مڪي پاڪ ۾ حج جي ويجهن
ڏينهن ۾ پهتي. هڪ ڏينهن اوچتو حرم مڪي جي هجوم ۾
گم ٿي وئي ۽ ٽي ڏينهن ساندهه هٿ ڪانه آئي. راول
مرحوم ڏاڍو پريشان ٿيو ۽ گهڻي ڳولا ڪرايائين. نيٺ
چوٿين ڏينهن ڏسن، ته سندس والده حرم جي هڪ ڪنڊ ۾
ويٺي آهي. پڇيائونس ته هيترا ڏينهن ڪيڏانهن غائب
هئينءَ ته جواب ڏنائين ته آءٌ ته هتي ئي ويٺي هيس.
الله تعاليٰ پاڻ رازق رحيم آهي. کيس کاڌو پيتو حڪم
ربيءَ سان اتي ئي مليو پئي.
ٻيو نيڪ ۽ اشراف، ڪريم النفس انسان مرحوم غلام
محمد جوڻيجو هو، جيڪو پبلڪ ورڪس کاتي مان چيف
انجنيئر ٿي رٽائر ٿيو. غلام محمد مرحوم انتهائي با
اخلاق، ڪچهريءَ جو مور ۽ ديني خيالن ۽ احڪامن تي
پيروي ڪندڙ هو. طبعيت ۾ فقيري هئس. سندس والد
مرحوم مولوي محمد عمر جوڻيجو ٿر جي پاسي اهلحديث
وارن جو وڏو عالم هو. مولوي عبدالرحيم پڇميءَ جو
شاگرد هو ۽ اهل حديث جي اصولن تي بيحد سختيءَ سان
قائم هو. مولوي محمد عمر ڪيترا ڪتاب به لکيا آهن.
حيدرآباد ۾ لساني هنگامن کان پوءِ غلام محمد لڏي
وڃي بدين ويٺو، جتي سندن زرعي زمينون هيون. سال
1990-1991ع ڌاري ڪئنسر جي موذي مرض ۾ گذاري ويو.
غلام محمد سروس دوران وڏو ايماندار، هوشيار ۽
برجستو آفيسر هو. غلام محمد ٿر جي اربابن جي ڳوٺ
جو ويٺل هو.
مرحوم منظور قريشي ۽ مٿيون غلام محمد پاڻ ۾ ڪلاسي،
عمر ڀر جا دوست ۽ پاڙيسري هئا. سندن ٽيون دوست
ميان فيض محمد پنهور آهي، جو حال حيات آهي، البته
پيرانه ساليءَ جي ڪري گوشه نشين آهي. منظور احمد
سنڌ وزارت مواصلات ۾ سيڪريٽري ٿيو، پوءِ سنڌ پبلڪ
سروس ڪميشن جو چيئرمين ٿيو. شروع ۾ ته دنيادار ۽
ڀوڳ چرچي ڪرڻ وارو هو. پر يڪايڪ سندس طبعيت ۾ وڏو
انقلاب آيو. پاڻ رند بلا مشرب واري راهه ڇڏي
درويشاڻو رستو اختيار ڪيائين. وڏي سونهاري رکيائين
۽ مٿي تي عالمن جهڙي سفيد پڳ ٻڌائين. کيس جيڪو
ڏسندو هو، سو چوندو ته لاشڪ هيءُ سالڪ شريعت ۽
حقيقت جو صاحب آهي. درحقيقت ٿيو به ائين. وڏو
ديندار، خدمتگار، تهجد گذار ۽ دين جو مبلغ ٿيو.
ڪلهي تي بسترو رکي تبليغي جماعت وارن سان هلندو
هو. جي. او. آر ڪالونيءَ ۾ جامع مسجد بيحد خوبصورت
ٺهرايائين. 62 سالن جي عمر ۾ اجل جو پيغام آيس ۽
سڀ ڪجهه هتي ڇڏي وڃي مالڪ حقيقيءَ سان مليو. دنيا
فاني آهي ۽ بقا فقط الله پاڪ جي ذات کي آهي.
مرحوم حاجي محمد دين هڪ ٻيو بزرگ هو، جنهن جا وڏا
پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سيالڪوٽ مان هجرت ڪري اچي
حيدرآباد رهيا هئا. حاجي صاحب جو گاڏين جي مرمت جو
وڏو دڪان شمس سئنيما سامهون اسٽيشن روڊ تي هو. وڏو
نيڪ دل، سخي ۽ سماجي خدمتن ۾ هٿ ونڊائيندڙ هو. مون
وٽ ڪيترا غريب مريض بغير فرق زبان يا نسل جي وٺي
ايندو هو ۽ اچي داخل ڪرائيندو هو. پوءِ هنن جي هر
طرح مالي، جاني، خدمت پيو ڪندو هو. هيءُ شخص اصحاب
الجنت مان هو، جو خدمت خلق ڪندي خوشي محسوس ٿيندي
هئس. پڇاڙي عمر ۾ هڪ رولس رائس ڪار نيلام ۾
ورتائين. ان جي پاڻ مرمت ڪيائين ۽ پيو انهيءَ ۾
گهمندو هو. افسوس جو جيمخاني جي چؤڪ تي ڪنهن روڊ
حادثي ۾ 5-6 سال ٿيا آهن جو گذاري ويو آهي.
مولانا وصي مظهر ندوي وڏو عالم ۽ باعمل هو. تمام
کرو ۽ بي نياز هو. جسم لاغر هئس پر دل شينهن جي
هوندي هئس. ڪنهن کي به سچ چوڻ کان نه مڙندو هو.
جامعہ عربيہ مان پڙهيو هو. گهڻو وقت جماعت اسلامي
طرفان ڏيپرن ۾ قائم ڪيل مدرسي ۾ پڙهائيندو هو.
پوءِ لڏي اچي حيدرآباد ۾ ڪورٽن جي سامهون پنهنجو
مدرسو ڪڍيائين، جتان ڪجهه سال ٿيا ته هجرت ڪري
ڪئناڊا هليو ويو آهي ۽ اتي جي اسلامي مرڪز ۾ مدرس
آهي. بحمدلله بقيد حيات آهي.
وصي مظهر سڄي عمر سائيڪل تي سفر ڪيو. ڪجهه سال
حيدرآباد جو ميئر به ٿي رهيو. هن واحد ميئر جي دور
۾ حيدرآباد ۾ گهڻا نوان رستا ٺهيا ۽ ڪيترن رستن جي
مرمت ٿي. زرخيز دماغ هئس ۽ وڏو ذهين ۽ بيدار مغز
هو. پهريائين جماعت اسلامي ۾ هو ۽ مولانا مودوديءَ
جو معتقد هو. پر پوءِ جماعت سان اختلاف ٿيس ۽
مودودي صاحب کان الڳ ٿي ويو.
هڪ ٻيو خدمتگذار انسان مرحوم اقبال حسين رضوي هو.
هيءُ خلق جا ڪم لوجـ* الله تعاليٰ ڪندو هو ۽
منهنجهو ڪيترن معاملن ۾ دست راست هو. جيتوڻيڪ مالي
طور تي غريب هو، تڏهن به هر چند ڏينهن کان پوءِ
ڪنهن نه ڪنهن بهاني عزيزن دوستن کي مانيءَ تي
سڏيندو هو. ائين ئي خدمت خلق ۾ مانيون کارائيندي
ست اٺ سال اڳ وڃي ڌڻيءَ در پهتو.
ٻيو اصحاب صفت انسان ميان غلام محمد بلو رٽائر
ٽريزري آفيسر آهي. حال بقيد حيات آهي. هيءُ به وڏو
خدمتگذار، خلق جا ڪم ڪندڙ ۽ رزق حلال تي گذران ڪرڻ
فقير تن شخص آهي. غلام محمد چاهي ها ته دنيا جهان
وانگر وڏيون ملڪيتون ٺاهي ها، پر هن الله وارن جي
اوبر پيتي آهي. غربت ۽ تنگدستيءَ ۾ زندگي گذاري
اچي مٿي چڙهيو آهي. وڏو مڻيادار املهه ماڻڪ انسان
آهي. رب سائين سندس نيڪ خصلتن جو عيوض کيس هن
زماني ۾ به ڏئي ڇڏيو اٿس جو ٽي پٽ
P.C.S
يا
C.S.P
پاس ڪيل اٿس ۽ وڏن عهدن تي اٿس. ذالک فضل الله
يؤتيـ* من يشا ِّ. (قرآن)
انڙپور جو نيڪ مرد محمد عثمان انڙ به فقيريءَ ۾
اميري ڪئي آهي. تمام مهان نواز، خوش مزاج، ڪچهريءَ
جو ڪوڏيو ۽ شاههه جي رسالي جو عاشق آهي. خدمت خلق
هن جو به شيوو آهي. جيڪو ڪنهن ڪم لاءِ عرض ڪندس ته
ان سان نڪري پوندو ۽ جاني يا ماليءَ تڪليف جي
پرواهه نه ڪندو. مٽن مائٽن جو وڏو راڄ ڀاڳ اٿس. سڀ
غريب مسڪين مارو ماڻهو آهن. انهن تي شفقت جو هٿ
رکندو اچي. هاڻي بيمار رهي ٿو، پر ان حالت ۾ به
شاهه جي رسالي تي تحقيق پيو ڪري. جوانيءَ ۾ مغربي
ڪلاسيڪل موسيقيءَ جو دلداده هو. موزارٽ ۽ بيٿووين
جا رڪارڊ اڄ به وٽس موجود آهن. هاڻي حسين آباد
حيدرآباد ۾ رهي ٿو.
هڪ ٻيو جامع الصفات نيڪ مرد نيڪ خصلت ميان نذير
احمد شيخ رٽائر ڊائريڪٽر ائنٽي ڪرپشن آهي. سندن
وڏا جهنگ سيال بگ سرگوڌا جا رهاڪو هئا، جو پوءِ
150 سال کن اڳ هجرت ڪري نصير آباد لاڙڪاڻي اچي
ويٺا. هي پهريائين حضرت سيالوي صاحب جا عقيدتمند
هئا. سندن والد صاحب جو نالو ميان قادر بخش هو،
جيڪو خود به پرهيزگار ۽ ديندار انسان هو. سنڌ ۾
اچڻ کان پوءِ سندن ارادتمندي سيد محمد شاهه واسو
ڪلهوڙي واري حاجي ميان پير محمد جوڻائي وارو، فقير
ڪريم بخش مراديءَ وارو ۽ آخوند ميان غلام صديق
نصير آباد وارن سان رهيو، جتان علم ۽ عرفان جي
تربيت ۽ تعليم حاصل ٿين. پاڻ ميٽرڪ لاڙڪاڻي مدرسي
هاءِ اسڪول مان 1939ع ۾ ڪيائين. اتان پوءِ ڪجهه
عرصي لاءِ بهاء الدين ڪاليج جهوناڳڙهه ۽ عليڳڙهه
يونيورسٽي ۾ تعليم ورتائين، جتي سندس رابطو ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ سان ٿيو. ٻئي صاحب علامه مشرقيءَ
جا مداح هئا، پر بلوچ صاحب وڌيڪ سرگرم هو. سو
علامه صاحب کيس خاڪسار جماعت سنڌ جي امير ٿيڻ جي
آڇ ڪئي، پر ڊاڪٽر صاحب انهيءَ ذميداري کڻڻ کان
عاجزي ڏيکاري.
نذير احمد صاحب هندستان ۾ تعليم دوران بزرگن جي
مقبرن جون زيارتون ڪيون، جيئن اجمير ۾ خواجه معين
الدين چشتي، حضرت نظام الدين اولياء، حضرت امير
خسرو وغيره اچي وڃن ٿا. لاهور ۾ داتا گنج بخش علي
هجويريءَ جي روضي تي حاضري ڀريائون. پاڻ 1950ع ۾
دادوءَ ۾ پوسٽنگ دوران چشمي شريف وارن بزرگن حضرت
خواجه عبدالحيءِ جان جي بيعت ڪيائون ۽ اهو سلسلو
جاري رکندا اچن. موجوده گادي نشين آغا فخر الدين
جان آهن، جن سال 1980ع ۾ حج تي ويا. نذير احمد
صاحب بزرگن جو عقيدتمند آهي ۽ انشاء الله دين ۽
دنيا ۾ نيڪي نصيب ٿيندس.
هڪ ٻي ڪريم النفس شخصيت ڊاڪٽر قادر بخش جو ذڪر ڪرڻ
به بي مهل نه ٿيندو، جنهن جو تعلق سنڌ جي مردم خيز
ضلعي مٽياريءَ سان آهي. ڊاڪٽر صاحب غربت ۽ عسرت ۾
زندگي بسر ڪئي ۽ آخرڪار ترقي ڪندي صحت کاتي جو
ڊائريڪٽر جنرل ٿي رٽائر ڪيائين. سندس دلي خواهش
هميشه اها رهي آهي ته ڪاش هو سنڌ جي علمي مدرسن ۾
تعليم وٺي ديني علوم سان سرشار ٿئي ها. ان سلسلي ۾
پاڻ ڪجهه عربي ڪتاب به پڙهيائين، جن ۾ سندس استاد
مولوي محمد معروف ميمڻ متعلوي هو. رٽائر ڪرڻ کان
پوءِ ڊاڪٽر صاحب قرآن مجيد ۽ حديث پاڪ جــو تحقيقي
مطالعي تي وقت صرف ڪري رهيو آهي.
ٻيو بزرگ پروفيسر غلام حسين جلباڻي مرحوم هو، جو
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ عربي شعبي جو هيڊ هو. سال 82-83
ڌاري مجلس شوريٰ جو ميمبر به ٿيو، جنهن جي لاءِ
سندس نالو اي. ڪي بروهي جنرل ضياء الحق کي ڏنو هو.
جلباڻي صاحب وقت بوقت سول اسپتال ۾ مون وٽ علاج
لاءِ ايندو هو. آخر ۾ سنڌي قوم تي وڏو احسان ڪري
ويو جو عربي، سنڌي ۽ سنڌي عربي ڊڪشنري لکي ويو،
جيڪا سنڌالاجي وارن ڇپائي آهي. هيءَ علمي ڪاوش
جلباڻي صاحب ڪئي، ورنه عربي ڄاڻندڙ ٻيا به گهڻا
آهن.
اهڙيءَ طرح جيڪڏهن چڱن ۽ نيڪن جو تذڪرو ڪبو وڃبو
ته حڪايت طويل تر ٿيندي ويندي. ان جي انتها خبر نه
آهي ته ڪٿي ٿئي. ان ڪري انهن اڪابرن جي تذڪري کي
هتي موقوف ڪجي ٿو ۽ زماني جي ڪجهه ٻين ڳالهين کي
کڻجي ٿو.
منهنجو پٽ عدنان ڪريم سال 1997ع کان ڪئناڊا ۾ رهي
ٿو ۽ اتي سول انجنيئر آهي. رٽائرمينٽ کان پوءِ مون
کي چيائين ته اچي ڪئناڊا ڏسي وڃو. سو آگسٽ جي آخر
ڌاري ڪئناڊا عازم سفر فيملي سميت وياسين.
ڪئناڊا دنيا جي ترقي يافته ۽ خوبصورت نظارن سان
ڀرپور ملڪ آهي. هتي جا آبشار، دريا ِّ، پهاڙ،
ميداني علائقا، وڏا باغ دنيا ۾ مشهور آهن. موسم به
ٿڌي رهي ٿي. البته نومبر کان اپريل تائين سخت
سيءُ، طوفان ۽ برف باري ٿئي ٿي، جن جي ڪري زندگي
جو وهنوار معطل ٿيو وڃي. سڀ کان خوبصورت نظارو
نياگرا آبشار جو آهي جو 1400 فوٽن جي اوچائيءَ تان
هيٺ زمين تي ڪري ٿو. ڪرڻ کان اڳ ميلن ۾ دريائن جو
زور ايترو هوندو آهي، جو ڪابه سواري، جهاز يا
جاندار ان تيز وهڪري ۾ بيهي ڪونه سگهندو آهي. گهڻا
سياح يورپ، آمريڪا، روس، جاپان ۽ چين جا هجن ٿا.
هندستاني به چڱي تعداد ۾ نظر ايندا آهن. البته
پاڪستاني تمام گهٽ اچن ٿا. وڻن جي پنن، ميون ۽
ٽارين جا رنگ به عجيب دلچسپ هجن ٿا. قطار ۾ بيٺل
وڻن مان ڪن جو رنگ سائو ته ڪن جو اڇو، ڪن جو پيلو،
جن جو سونهري ٿيو وڃي ۽ بيحد دلچسپ منظر پيش ڪري
ٿو. نياگرا آبشار اڳتي هلي انٽاريو درياء جي شڪل
اختيار ٿو ڪري، جيڪو سوين ميلن ۾ وڏي دهشت ۽ هيبت
سان وهي ٿو ۽ آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي زمين کي سيراب ٿو
ڪري. وڏا شاپنگ مال جابجا موجود آهن، جن ۾ دنيا جي
هر شيءِ ملي سگهي ٿي. ڪراچيءَ ۾ پارڪ ٽاورز، هڪ
وڏو شاپنگ مال آهي، ان جي گرائونڊ فلور تي 50 کن
دڪان اچي وڃن ٿا. ڪئناڊا جا شاپنگ مال پارڪ ٽاورز
کان ڏهوڻ تي وڏا ٿين ٿا. گرائونڊ فلور تي مس 2-3
دڪان فٽ ٿيندا. شاپنگ مالز ۾ صفائي، خوبصورتي ۽
چمڪ دمڪ جو بهترين نظام آهي. مالز تي 90 سيڪڙو
ڇوڪريون ڪم ڪن ٿيون. ڪئناڊا جو حسن به جڳ ۾ مشهور
آهي. ائين سمجهو ته هالي وڊ جون اداڪارائون بيٺيون
آهن. وري حسن بي حجاب آهي. اسان وٽ خواتين پردو
ڪن، مردن ۾ نه نهارين، ۽ زمين تي اکيون وجهي ڇڏين.
هي حياءُ ۽ شرم اسان جي تهذيب جو حصو آهن. پر
ڪئناڊائي عورت توهان سان اک اک ۾ وجهي ڳالهائيندي،
کل مذاق به ڪندي ۽ بيحد خوشدليءَ سان پيش ايندي.
اهو وري هتي جو ڪلچر آهي. هڪ ديسي دوائن جي دڪانن
تي هڪ بيحد خوبصورت نازنيءَ جي قد آدم تصوير نيم
عريان لڳل هئي، جيڪا ڪنهن ماڊل جي هئي. ڇا ڏسان ته
اها ماڊل پاڻ سيلز گرل جي حيثيت ۾ بيٺي آهي.
ٽريفڪ جو نظام شاندار ۽ مضبوط اٿن. موٽر ڪارين جون
لائيٽون ڏينهن جو به ٻريل رکن. اسان وٽ سگنل تي
لائيٽون فقط ڪارين لاءِ هجن، پر مغربي ملڪن ۾
واٽهڙو پنڌ ويندڙن لاءِ به سگنل آهن. جيسين تائين
اهو سگنل سائو نه ٿئي، پيدل ماڻهو رستو ڪراس نه
ڪندو. وري جي ايندڙ ڪار جي اڳيان سگنل بند ٿي ويو
۽ اتفاق سان انهيءَ ٽائيم تي پنڌ ويندڙ ڪو آهي ئي
ڪونه، ته به گاڏيءَ کي انتظار ڪرڻو پوندو، جيسين
سگنل کلي.
مون ڪئناڊا جي سفرنامي کي بيحد مختصر ڪيو آهي، جو
بهرحال هيءُ ڪتاب سفرنامو نه آهي، آتم ڪهاڻي آهي.
ان ڪري ٿورو لکيو، گهڻو سمجهڻ کپي. اوٽاوا جو
احوال ڪونه لکيو اٿم. ونڊسر جو ذڪر ڪونه ڪيو اٿم،
جتي منهنجي دختر ڊاڪٽريءَ ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪندي
هئي. اهڙيءَ طرح ٻيا احوال به رهجي وڃن ٿا. بهرحال
سفر جو ڪجهه احوال پيش خدمت رکجي ٿو:
اسلام آباد جي هوائي اڏي کان پي. آءِ. اي جي پرواز
صبح جو 5 وڳي اڏاڻي. اسان جي منزل مقصود ڪئناڊا جو
بين الاقوامي هوائي اڏو ٽورنٽو هو. ٿوري ئي وقت
کان پوءِ سج جي روشني ٿي ڄڻ ته ڏينهن شروع ٿيو، پر
سگهوئي ٽن چئن ڪلاڪن جي اندر ڏينهن شام ۾ تبديل
ٿيڻ لڳو. تقريبن اٺن ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ، جڏهن
جهاز برمنگهام ۾ پيٽرول جي لاءِ لٿو ته مڪمل ڏينهن
هو، ڄڻ ته ٽپهريءَ جو وقت ٿيو هو. هاڻي جيئن جيئن
جهاز اڳتي مغرب ڏانهن وڌڻ لڳو ته آفتاب عالمتاب
روز روشن وانگر چمڪڻ لڳو. ائين چئجي ته اسين اڳتي
هئاسين ته رات پويان ڊوڙندي ٿي آئي. چوويهن ڪلاڪن
جي سفر ڪرڻ کان پوءِ جڏهن ٽورنٽو پهچڻ ٿيو ته
هوائي اڏي تي رات جا 9:00 ٿيا هئا ۽ سج لهڻ کي اڃا
ڪلاڪ مس ٿيو هو. پهريان اسان کي اميگريشن مان آزاد
ٿيڻو هو، منهنجي ويزا ختم ٿيڻ ۾ اڃا ٻه ڏينهن هئا.
ڪسٽم ۽ اميگريشن تي ڪجهه ايشيائي ۽ ڪجهه ڪيناڊائي
ڇوڪريون مقرر هيون، جنهن آفيسر سان منهنجو واسطو
هو، ان مختصر سوال جواب کان پوءِ مون کي 6 مهينن
جي ويزا هڻي ڏني. ان کان پوءِ اسان ايئرپورٽ کان
ٻاهر آياسين. اسان جي منزل نياگرا شهر هو. منهنجي
پٽ عدنان اڳواٽ هڪ ويگن بڪ ڪرائي هئي، ڇوته اسان
سان گڏ ڪجهه سامان به هو. ويگن ۾ اسان سان گڏ هڪ
عمر رسيده ڪئناڊين جي سيٽ به مخصوص هئي. هن کي ويل
چيئر تي وٺي آيا. سندس عمر 80 ۽ 90 سالن جي وچ ۾
لڳي پئي. پاڻ فل سوٽ ۽ ٽائين ۾ هو. شايد ٽنگن کان
ڪمزور هو جو ويگن ۾ چڙهڻ سان ئي هو هيٺ ڪري پيو ۽
باوجود يڪ سخت ڪوشش جي پاڻمرادو اٿي نه سگهيو.
پوءِ منهنجي پٽ ۽ ڊرائيور کيس کنڀي کڻي سيٽ تي
ويهاريو. البت لهڻ مهل هو پنهنجي همت سان پاڻ لهي
ويو.
رات گذرڻ کان پوءِ ٻي ڏينهن نياگرا آبشار ڏسڻ
وياسين. هي قدرت جو عجيب منظر آهي. آبشار 5 دريائن
جي مجموعي وهڪرو حصو آهي. هي پنج وڏا درياء آمريڪا
۽ ڪئناڊا جي حدن مان لنگهندي سوين ميلن جو مفاصلو
طئي ڪري نياگرا جي مقام تي ملي اتاهين جبل تان
تقريبن 300 فوٽ هيٺ ڪرن ٿا. هن آبشار جا ٻه حصا
آهن. هڪ آمريڪا جي سرحدن ۾ آهي ۽ ٻيو ڪئناڊا جي
سرحدن ۾. آبشار گهوڙي جي نعل جي شڪل ۾ آهي. نعل جو
وڏو حصو ڪئناڊا ۾ آهي. ڪئناڊا ۾ آبشار جي ڪناري
تان بيهي ڏسبو ته ٻئي حصا نظر ايندا يعني ڪئناڊا
وارو حصو ۽ آمريڪا وارو حصو. هيٺ ڪرڻ کان پوءِ
پاڻي هڪ اونهي درياء جي شڪل ۾ اڳتي وڌي ٿو ۽
ڪئناڊا ۽ آمريڪا جي هزارين ميلن کي سيراب ڪري ٿو.
اڳتي هلي سندس نالو انتاريو درياء ٿئي ٿو، جيڪو
سڄيءَ دنيا جي بيحد طاقتور دريائن مان هڪ آهي.
تاحد نظر پاڻي ئي پاڻي هوندو آهي ۽ سندس مثال ڪنهن
سمنڊ سان ڪرڻ کپي.
آبشار وٽ هزارين سياح دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان نظاري
ڏسڻ لاءِ اچن ٿا. اهي سياح ٽولن يا گروپن جي شڪلن
۾ هجن ٿا. هنن جو واسطو يورپ جي ملڪن ۽ چين، جاپان
۽ آسٽريليا سان هجي ٿو. دراصل نياگرا جو شهر ۽
پسگردائي سياحن جي سهوليت خاطر ٺهيل ٿو ڏسجي.
آبشار وٽ وڏا پارڪ آهن، جن ۾ مختلف پکي اڏامندا ۽
ترندا نظر ايندا. پارڪن جي پکيڙ سوين ميلن ۾ آهي،
جيڪي انتاريو درياء جي ڪناري سان پکڙيل آهن.
نياگرا آبشار مان آمريڪا ۽ ڪئناڊا بجلي جون
پنهنجون ضرورتون پوريون ڪن ٿا. آبشار جي ٻنهي
ڪنارن تي وڏا بجلي گهر قائم ٿيل آهن، جيڪي ان مقصد
لاءِ بجلي پيدا ڪن ٿا. آمريڪي ۽ ڪئناڊي حدن مان ٻه
وڏيون وڏيون ٻيڙيون سياحن جي تفريح لاءِ هلن ٿيون.
هنن جو نالو
Maid of the mist
آهن. ٻيڙين ۾ ٻن ٽن سون ماڻهن جي بيهڻ جو انتظام
آهي. اسان ڪئناڊا واري ٻيڙي ۾ سفر ڪيو ۽ آبشار جي
ڪرڻ واري جڳهه ڏي روانا ٿياسين. آبشار مان پاڻي
ڪرڻ هڪ ڦوهاري واري ڪيفيت پيدا ڪري ٿو، جيڪو اڳتي
هلي بارش جو نمونو اختيار ڪري ٿو. ائين سمجهه ۾
اچي ٿو ته ماڻهو سمورو وقت بارش ۾ هلي رهيو
آهي.ٻيڙي جو اهو سفر اڌ ڪلاڪ کن هلي ٿو. اڪثر و
بيشتر پاڻي جي قطرن تي سج جي روشني ڪرڻ سان پاڻي
تي انڊلٺ جو منظر ٺهيو پوي ٿو. زمين تي انڊلٺ
توهان دنيا ۾ فقط هتي ڏسي سگهو ٿا. هيءَ بيحد
پرڪشش ۽ دلچسپ منظر ٿئي ٿو.
نياگرا آبشار جي حوالي سان نياگرا شهر به ڪافي
خوبصورت شهر آهي. هن کي سياحن جو شهر چئجي ته
جڳائي. سياحن جي رهڻ لاءِ وڏا هوٽل آهن، جهڙوڪ:
شيراٽن، هاليڊي ان، رنائسنس
(Renisance)
۽ ٻيا به ڪيترا ننڍا وڏا هوٽل آهن. هي هوٽل مئي
کان سيپٽمبر تائين ڀريل رهن ٿا، جيڪا سياحن جي
موسم آهي. ان کان سواءِ ڪيترا هوٽل، ريسٽورنٽ،
ميڪڊانلـڊ، پيزاهٽ ۽ انهيءَ قسم جا برگر شاپ آهن.
جتي به سياحن جو ميلو هوندو آهي. مرڪزي شهر ۾ وڏا
گفٽ شاپ، عجائب گهر ۽ شاپنگ سينٽر آهن. گنيز بڪ
وارن جو ميوزيم آهي ته رپلي (Ripley)
وارن جو عجائب گهر به آهي. هنن ۾ ماڊلن، نقشن،
فلمن جي ذريعي معلومات مهيا ڪئي وڃي ٿي. تفريح
لاءِ ڪائونٽ ڊريڪولا جو ميوزيم فرينڪنسٽين جو مهل
وغيره ٺاهيا اٿن. هر هنڌ داخل ٿيڻ لاءِ ٽڪيٽ مقرر
آهي. جيڪا پاڪستاني سڪي ۾ منتقل ڪجي ته ڪافي
مهانگي پئي ٿي. هوٽلن ۾ وري اميزان رين فاريسٽ
هوٽل آهي، جنهن کي اميزان (وچ آمريڪا) جي جهنگلن
وانگر مصنوعي وڻن ٽڻن ۽ جانورن سان سينگاريو ويو
آهي. شوڪيس
(Show Case)
۾ ويل مڇيءَ جا زندهه نمونا رکيا اٿن. ان کان
سواءِ وچ آمريڪا جا اصلي طوطا جيڪي وڏا ۽ مختلف
رنگن جا ٿين ٿا. منظر نامي ۾ خوبصورتي پيدا ڪن ٿا.
هڪ ريسٽورنٽ جي ڀرسان هڪ جانباز شينهن جي وات ۾
ڪنڌ وجهي ٿو يا ساڻس مختلف شعبده بازيون ڪري ٿو.
هفتي ۾ ٽي ڏينهن آتشبازي ٿئي ٿي، جيڪا به ڏسڻ وٽان
هوندي آهي، پر هي سڀ تماشا سيپٽمبر، آڪٽوبر تائين
جاري رهن ٿا. ان کان پوءِ سخت سيءُ منفي درجه
حرارت ۽ برفباريءَ جي ڪري سياحن جو اچڻ بند ڪريو
ڇڏي ۽ هي تفريح گاهه به وقتي طور تي معطل ٿيو ٿا
وڃن.
نياگرا آبشار تي رات جو وري مختلف تماشو هوندو
آهي. پاڻيءَ تي رنگارنگ روشنيون ليزر جي ذريعي عڪس
ڪنديون وينديون آهن. هي رنگ ٿوري ٿوري وقفي سان
بدلبا رهندا آهن ۽ وڻندڙ منظر نامو پيش ڪندا آهن.
درياءَ جي ڪناري تي اڳتي هلي هڪ وڏو نباتاتي باغ
آهي، جيڪو سوين ايڪڙن تي پکڙيل آهي. هن ۾ سوين
قسمن جا وڻ، پکي پکڻ ۽ سرندڙ جيت رهن ٿا. مکيه
رستي تي باغ جا آبادگار ڪريٽن ۾ تازو فروٽ ۽
ڀاڄيون وڪري لاءِ کڻي اچن ٿا. باغ ۾ اندر هڪ وڏو
دڪان به آهي، جنهن ۾ باغ اندر پيدا ٿيندڙ مختلف
ميون، ڀاڄين، ٻوٽن، گلن ڦلن مان ٺهندڙ مصنوعات
وڪري لاءِ موجود هوندي آهي. جهڙوڪ: مختلف بيئر،
شراب، آچار، چٽڻيون، ڪيڪ، شربت، ماکيون، جام ۽
جيليون وغيره. دڪان جي اڳيان هڪ ننڍي خوبصورت ندي
آهي، جنهن ۾ ٽرائوٽ مڇيون سياحن کي پاڻ ڏانهن ڇڪين
ٿيون. باغ ۾ وڻن کي هڪ خاص ترتيب سان بيهاريو ويو
آهي. گلن ۽ ٻوٽن لاءِ وري ننڍا پارڪ آهن، هر گل جي
اڳيان سندس نباتاتي نالو، قسم وغيره لکيل آهي،
جيڪو طالب علمن جي لاءِ راهنمائي مهيا ڪري ٿو. هن
باغ کي چڱي طرح ڏسڻ لاءِ توهان کي ٻه ٽي ڏينهن
کپن.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ٽورنٽو وڃڻ جو موقعو مليو.
هيءُ شهر ڪئناڊا جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي. نياگرا کان
ڪلاڪ کن جو سفر ڪار ذريعي طئي ڪري پهتاسين. ڪئناڊا
جا رستا تمام ويڪرا ۽ ڪشادا آهن. چار رستا ايندڙ
ٽريفڪ لاءِ ۽ چار رستا ويندڙ ٽريفڪ لاءِ آهن.
رفتار جي حد 120 ڪلوميٽر في ڪلاڪ آهي. ٽريفڪ پوليس
تمام مستعد ۽ چوڪس آهي. هاءِ وي جي ٻنهي پاسن کان
پوليس گاڏيون لڪي بيهارين ٿا ۽ اوچتو ظاهر ٿين ٿا.
اوور اسپيڊ جي حالت ۾ فورن چالان ڪن ٿا ۽ ڏنڊ وجهن
ٿا. ڏنڊ جي رقم قانون شڪنيءَ جي درجي مطابق ڪٽي
وڃي ٿي. شراب جي حالت ۾ ڊرائيونگ وڏو ڏوهه آهي ۽
ڪو ايڪسيڊنٽ ڪرڻ ته ان کان به وڌيڪ آهي. رستي تي
ٽريفڪ جي راهنمائي لاءِ سائين بورڊ ۽ نشان لڳل
آهن، جن مان ٻين شهرن لاءِ نڪرندڙ موڙ، حد رفتار ۽
رستي ۾ ايندڙ درياءَ يا ٻين شاهراهن جي ملڻ وغيره
جي نشاندهي ٿئي ٿي. ان کان سواءِ ايف. ايم ريڊيو
تي هر وقت رستي تي هلندڙ هوائن، ايندڙ برساتن يا
درجه حرارت جي لمحه به لمحه معلومات ڏني وڃي ٿي.
هڪ عجيب ڳالهه ڏٺي سون، ته رستي جي ٻنهي پاسن کان
نائيلان يا پلاسٽڪ مان ٺهيل ديوار سڄي رستي تي
موجود آهي. انهيءَ جو مقصد اهو آهي ته ٽريفڪ جو
شور رستي جي ٻنهي پاسي آباد ڳوٺن يا شهرن کي متاثر
نه ڪري. هيءُ هڪ عجيب نظام آهي، جنهن جو اسين
پنهنجي ملڪ ۾ سوچي به نٿا سگهون.
نياگرا کان ڪئناڊا هاءِ وي تي وڏا وڏا ڪارخانا
آهن، جيڪي سوين ميلن ۾ پکڙيل آهن. ان رستي تي متصل
فورڊ ڪمپني جو مشهور زمانه ورڪشاپ آهي، جنهن جا
ٽاور پري کان نظر اچن ٿا. رستي تان ڪارخاني ۾ تيار
ٿيل هزارين ڪارون مختلف ماڊلن جون نظر اچن ٿيون.
ٽورنٽو جو شهر فلڪ بوس عمارتن، وڏن اسٽورن، آفيسن،
عجائب گهرن جو شهر آهي. نارٿ آمريڪا ۾ نيو يارڪ
کان ڊگهين عمارتن ۾ ٻيو نمبر ٽورنٽو جو آهي. هڪ
عمارت اهڙي به زير تعمير آهي، جا جڏهن مڪمل ٿيندي
ته دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي عمارت هوندي.
سڀ کان اول اسان
Sky dome
(اسڪاءِ ڊوم) ڏسڻ وياسين، جيڪو دنيا جو ڊگهي ۾
ڊگهو ٽاور آهي. سندس بلندي 2200 فوٽ آهي ۽ لفٽ کان
اتي پهچڻ ۾ 22 سيڪنڊ لڳن ٿا. لفٽ جي رفتار جمبو
جيٽ جي برابر هجي ٿي. جنهن وقت اسين پهتاسين، اهو
آچر جو ڏينهن هو ۽ هڪ لاتعداد انگ مردن ۽ عورتن جو
لفٽ ۾ چڙهڻ لاءِ انتظار ۾ لائين لڳايو بيٺو هو.
تقريبن 15 منٽن کان پوءِ اسان جو وارو آيو. لفٽ
اسان کي اک ڇنڀ ۾ مٿي وٺي هلي. مٿيون طبقو هڪ
دائري جي شڪل ۾ آهي. جتان توهان کي سڄو ٽورنٽو جو
شهر، آسپاس جا ڳوٺ ۽ درياء، پارڪ ۽ ريلوي رستا نظر
اچن ٿا، ڪم از ڪم هڪ سؤ ميلن تائين نظر پهچي سگهي
ٿي. مٿي ڪجهه کائڻ پيئڻ جا اسٽال به آهن. ڊوم جي
مٿئين طبقي جي هڪ پاسي فرش ٺهيل آهي. هيءُ فرش
تمام مضبوط شيشي مان ٺاهيو ويو آهي، جنهن جي مٿان
بيهي ماڻهو هيٺ نهارين ٿا. هيٺان ماڻهو ۽ گاڏيون
ننڍن جيتن ۽ جانورن وانگر سرندي نظر اچن ٿيون. ڪن
سياحن شيشي جي مٿان جمپ ۽ ٽپا به ڏنا ٿي يا ڊوڙيا
ٿي. البت گهڻي هيٺ نهارڻ سان ڪنهن مهل دماغ چڪرايو
به ٿي.
ڊوم ڏسڻ کان پوءِ اسان شهر ڏسڻ نڪتاسين. هن ڏينهن
تي ٽورنٽو ريلوي جا 100 سال پورا ٿيا هئا. انهيءَ
سلسلي ۾ رستي تي هڪ وڏو جشن منعقد ٿيل هو. ٽورنٽو
جا مشهور موسيقار ۽ فنڪار مغربي موسيقيءَ جا گانا
۽ ناچ عوام لاءِ بنا معاوضي پيش ڪري رهيا هئا.
ڪئناڊا جا اصل باشندا به پنهنجي اصلي قبائلي لباس
۾ ناچ ڪري پنهنجو ڪلچر پيش ڪري رهيا هئا.
ان کان پوءِ هڪ وڏي آرٽس گيلري ۾ پهتاسين، جتي
تجريدي آرٽ جي نمائش لڳل هئي. هيءَ گيلري تمام وڏي
۽ مختلف هالن ۽ ڪمرن سان ڀريل آهن. تجريدي آرٽ جا
وڏا نمونا رکيل هئا، جن مان گهڻا اسان سمجهي نه ٿي
سگهياسين. وچ تي وڏا لينس ڇت ۾ ٽنگيل هئا، جن مان
پريان ته ڪجهه به نظر نٿي آيو، پر ويجهو وڃڻ سان
انهن ۾ عمارتن يا سائنسي اوزارن جو عڪس نظر ٿي
آيو. خدا ڄاڻي ته ڪهڙيءَ حڪمت عمليءَ سان هي لينس
ٺاهيا ويا آهن.
ٽورنٽو جي شهر جي ٻي خوبي اها آهي، ته جو رستي تي
ڪيترا مجسما لوهه، پٿر يا سنگ مرمر مان ٺهيل رکيا
ويا آهن. هي مجسما ملڪ جي نامور شخصيتن، عالمن،
راهنمائن، شاعرن ۽ مفڪرن جا آهن.
نياگرا آن ليڪ
نياگرا شهر کان پندرنهن ميلن جي مفاصلي تي ’نياگرا
آن ليڪ‘ نالي هڪ خوبصورت شهر ٺهيل آهي، جيڪو
پنهنجي سٽاء، خوبصورتيءَ، صفائيءَ جي ڪري مشهور
آهي. انٽاريو نديءَ جي ڪناري تي هيءُ شهر فرانس جي
ڪنهن خوبصورت شهر جي مثال آهي. رستي جي ٻنهي پاسن
کان مختلف دڪان آهن. پهريون وڏو دڪان ارڙهين صديءَ
۾ فارميسي جي دڪان جو ماڊل آهي، جتي مختلف شين ۾
محلول، پائوڊر، گوريون رکيل آهن. دڪان ۾ گهڙڻ شرط
دوائن جي بوءِ محسوس ٿئي ٿي. ان کان پوءِ ڪپڙن جا
دڪان، گفٽ شاپ، هوٽل ۽ ميخانا آهن. هڪ دڪان تي
جانورن جي صاف ٿيل کلن جا ڪوٽ ۽ سئيٽر رکيل آهن.
هڪ دڪان تي خوشبودار ۽ خوشنما ميڻ بتين جو وڪرو
ٿئي ٿو. رستي جي وچ ۾ ڪلاڪ ٽاور لڳل آهن. هر دڪان
جي اڳيان ننڍو يا وڏو ورانڊو آهي، جيئن يورپ جي
شهرن اسڪاٽ لينڊ يا فرانس ۾ آهن. هڪ وڏو هوٽل
تقريبن ڏيڍ سؤ سال پراڻو پرنس آف ويلس موجود آهي،
جيڪو وڌيڪ قديم جي باوجود نئون ۽ خوبصورت نظر اچي
ٿو. شهر جي هڪ پاسي وڏي چرچ آهي. سياحن جي تفريح
لاءِ وڪٽوريا گاڏيون موجود آهن. گاڏين ۾ هلندڙ
گهوڙا قديم ۽ ڊگها ۽ رنگ ۾ ڪارا هجن ٿا. هنن جي
سنبن ۾ وارن جا جهڳٽا ٿين ٿا. هي شايد قدرت طرفان
کين سردي کان بچائين ٿا. ڊرائيور ٻه سؤ سال پراڻو
لباس پائين ٿا. سندن گفتگو به قديم هوندو آهي. چرچ
جي ڀرسان قبرستان آهي. جيڪڏهن هلندي توهان ٿڪجي
پئو ته ٿڪ ڀڃڻ لاءِ ڪاٺ جون يا لوهه جون بينچون
رکيل آهن. ڪيواني ڪمپني طرفان هي بئنچون پبلڪ جي
سهولت لاءِ رکيل آهن. هن شهر ۾ جارج فورٽ يعني
پراڻو قلعو به آهي. هيءُ قلعو 2 سؤ سال کن پراڻو
آهي، جڏهن ڪئناڊا جي رهاڪن آمريڪن سان لڙايون ڪيون
۽ برطانيا جي مدد سان ڪامياب ٿيا. ڪئناڊا اڄ به هڪ
خودمختيار ملڪ آهي، پر ان جو سربراهه برطانيا جي
راڻي آهي. شهر جي پاسي کان انتاريو ندي وهي ٿي،
جنهن جي ٻي پاسي آمريڪا جون بخيلو رياست نظر اچي
ٿي. دراصل هيءَ ندي آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ حد
فاصل رکي ٿي. شهر جي مکيه رستي جي وچ تي برطانوي
مصنف ۽ ڊراما نويس جارج برنارڊشا جو مجسمو رکيل
آهي، جنهن جا لکيل ڊراما شهر جي ٿيئٽرن ۾ اڄ به
پيش ڪيا ويندا آهن.
ولانڊ جو ميلو
ولانڊ نياگرا شهر کان 5 ميلن جي مفاصلي تي هڪ
خوبصورت ڳوٺ آهي. نالي ۾ ڳوٺ آهي، پر ان ۾ شهر جون
سڀ سهوليتون موجود آهن. خبر پئي ته هر سال ولانڊ ۾
کاڌي پيتي جي شين جو ميلو لڳندو آهي. اسان به اهو
ميلو ڏسڻ وياسين. ڳوٺ جي ٻاهران ٻه وڏا واهه وهن
ٿا، وچ ۾ اڌ ڪلو ميٽر کن مفاصلو آهي. هيءُ ميلو
انهيءَ ايراضي ۾ لڳل هو. تقريبن ميل کن جي ڊيگهه ۾
کاڌي پيتي جا اسٽال لڳل هئا، جن کي نوجوان ڇوڪرن ۽
ڇوڪرين ٿي هلايو. انهيءَ ميلي ۾ انواع و اقسام جا
کاڌا، مشروب ۽ ڊرنڪس رکيا ويا هئا. برگر، سينڊوچ،
قيمي جا رول، پيزا، مختلف قسمن جا سياحن لاءِ مهيا
ڪيا ويا هئا. ڪجهه اسٽال شراب ۽ بيئر جا به هئا.
ڪن اسٽالن تي مڇين مان تيار ٿيل کاڌا موجود هئا.
هڪ اسٽال تي هرڻ جا ڪباب ٺهيا پئي، جيڪي اسان
ورتا. هرڻ جو گوشت اڳ ۾کاڌو آهي، جيڪو بيحد سخت
ٿئي ٿو. مختلف فنڪار ۽ ڳائڻا سرن ۽ تالن سان ميلي
کي رونق وٺائي رهيا هئا. هڪ همراهه 24 اوزارن سان
مزين تي گانا ٻڌائي رهيو هو، جي طبلو هٿ ۾ هوس ته
هارمونوپيٽ تي ٻڌل، اهڙي نموني مٿي کان پيرن تائين
موسيقي جي سازن سان ڀريل هو. هڪ ٻيو فنڪار وري هڪ
ڦيٿي واري سائيڪل تي ڪرتب ڏيکاري رهيو هو، جيڪي
اسان وٽ چيني يا ايراني سرڪس ۾ ڏيکاريندا آهن. ٻيا
به ڳائڻا جڳهه جڳهه تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري
رهيا هئا. جن جي چؤگرد تماشبينن جا ٽولا موجود
هئا.
هيءُ ميلو ڏسي مون کي پنهنجي ڳوٺ هالا پراڻا ۾
ساليانو شيخ عبداللطيف جو ميلو ياد آيو. هيءُ ميلو
شهر کان ٻاهر جهنگ ۾ ٿيندو هو، جتي هالا پراڻا ۽
نوان جا واپاري پنهنجا عارضي دڪان لڳائيندا هئا.
جتي هر قسم جون شيون شائقين لاءِ موجود هونديون
هيون، جهڙوڪ: پڪوڙا، سيرڻي، کجڪ، گانٺيا، نان
ختايون، کير پڙا، برفي، صوف، انگور، ڏاڙهون ٻير
(موسم مطابق) رکبيون هيون. هن سان گڏ جيلاني پير
جا خليفا سماع جي محفل منعقد ڪندا هئا، جيڪا وچئين
کان مغرب تائين هلندي هئي. هيءُ ميلو فقط 5-6 ڪلاڪ
منجهند کان مغرب کان هلندو هو. سج لهڻ کان پوءِ هر
ڪو گهر جو رستو وٺندو هو. پنجاهه جي ڏهاڪي ۾ وڏين
ٻوڏن اچڻ بعد هيءُ علائقو زير آب اچي ويو ۽ ميلو
به ختم ٿي ويو.
هيملٽن جو شهر
”هيملٽن“، نياگرا کان 35-36 ڪلو ميٽرن تي آهي ۽
ٽورنٽو ويندي رستي ۾ اچي ٿو. هيءُ ننڍو شهر تمام
خوبصورت ۽ نظارن سان ڀرپور آهي. شهر جي پاسي کان
هڪ ٽڪري آهي، جتان بيهي هيٺ نهاربو، ته سڄو هيملٽن
جو شهر مڪمل طور نظر ايندو. هتي جا رستا هموار،
سڌا ۽ گهٽيون نقشي مطابق ڪشاديون ٺهيل آهن. هيملٽن
هوائي اڏو به آهي، آدمشماري گهٽ اٿس. دراصل
آدمشماري هونئن به سڄي ڪئناڊا ۾ ڇڊي آهي. پوڙهن جو
تعداد نوجوانن کان وڌيڪ آهي. پوڙهن جي اوسط عمر
70-80 سال آهي، پر اسان ڪيترائي پوڙها 100 سالن جي
عمر کان به مٿي ڏٺا. عورتون مردن کان وڌيڪ آهن.
ٻارن پيدا ڪرڻ جي رفتار تمام گهٽ آهي يعني هڪ
سيڪڙو ۽ موت جي شرح به هڪ سيڪڙو آهي. ان ڪري
آدمشماري هڪ جهڙي رهي ٿي. هاڻي جو صنعتي دور آهي ۽
وڏا ڪارخانا ۽ ترقيءَ جا ڪم ٿي رهيا آهن، تنهن ڪري
هـنـن کي انفرادي قوت جي ضرورت آهي. هندستان،
پاڪستان، سريلنڪا وغـيره مان ماڻهو اچن ٿا ۽ اها
ضرورت پوري ڪن ٿا. يورپ ۾ اقتصادي بدحالي آهي، اتي
جا به ڪيترائي ماڻهو هتي روزگار سان لڳل آهن. 11-
سيپٽمبر واري واقعي کان پوءِ سختي ڪئي اٿن، پر اڃا
به ڪئناڊا ۾ ويزا جون سهوليتون ٻين ترقي يافته
ملڪن کان وڌيڪ آسان آهن.
اسلامي مرڪز ٽورنٽو ۽ ٻيون مسجدون
نياگرا شهر ۾ جمعي نماز هڪ مسجد ۾ پڙهڻ جو موقعو
مليو. اهڙيون مسجدون ڪئناڊا جي سڀني وڏن شهرن ۾
آهن. مسجد سان گڏ مدرسو يا اسلامي اسڪول ضرور هجي
ٿو، جتي قرآن ۽ شرعيت جي تعليم ڏني وڃي ٿي. نماز
لاءِ هڪ ڪشادو هال ٿئي ٿو، جنهن ۾ تقريبا 500 کن
ماڻهن جي ويهڻ جو انتظام هو. اڳين صفن ۾ مرد ۽
پوين صفن ۾ برقعي پوش عورتون ويهن ٿيون. البته
سندن چهرو کليل هوندو آهي. نماز ۾ هندستان،
پاڪستان، سائوٿ آفريڪا، وچ مشرق، سوڊان، صوماليا
جا مسلمان اچن ٿا. پيش امام هڪ ترڪ هو، جيڪو اتي
ڊاڪٽر هو. خطبو انگريزيءَ ۾ ڏنائين، جنهن ۾ عام
تقريرن وانگي مسلمانن جي زبون حاليءَ جو ذڪر
ڪيائين. ٻيو خطبو خدا تعاليٰ جي حمد ۽ ثنا کان
پوءِ تقريبا اهڙو ئي هو، جهڙو اسان جي ملڪ ۾ هوندو
آهي. نماز جو طريقو سعودي عرب ۾ حرم شريف جهڙو هو.
دعا ڪانه پڙهيائون. آخر ۾ امام صاحب آفريڪا ۾ غريب
مسلمانن لاءِ چندي جي اپيل ڪئي.
هڪ ٻي به دلچسپ ڳالهه آهي، ڪي اهل خير گهران لنچ
ٺهرائي اچن ٿا، جيڪا مختلف پيڪٽن ۾ هجي ٿي، هر
پيڪٽ 4-5 ڊالرن ۾ وڪجي ٿو. جيڪا به آمدني ٿئي ٿي،
اها مسجد جي انتظام هلائيندڙ ڪميٽيءَ جي حوالي ٿئي
ٿي، ته جيئن ان مان مسجد جو خرچ پوري ڪرڻ ۾ مدد
ملي.
نياگرا کان 15 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي سينٽ ڪيٿرائن
جو ننڍو شهر آهي، جتي هڪ وڏي مسجد ”جامعته النور“
جي نالي سان آهي. هيءَ مسجد نياگرا جي مسجد کان
ٻيڻي آهي ۽ نمازين جو تعداد وڌيڪ آهي. پيش امام هڪ
مصري هو، جيڪو سوٽ ۾ آيو ۽ مٿي اگهاڙي خطبو ڏنائين
۽ نماز پڙهايائين.
ٽورنٽو ۾ هڪ وڏو اسلامي مرڪز آهي، جيڪو سعودي
حاڪمن جي مالي معاونت سان ٺهيل آهي. هيءُ مرڪز
ڪئناڊا جي سڀني مسلمانن لاءِ وڏي ۾ وڏو ديني
عبادتگاهه جو درجو رکي ٿو. هتي پنج وقت نماز به
ٿئي ٿي ۽ مذاڪرا ۽ مجلسون عالم اسلام جي مختلف
مسئلن تي ٿيندا رهن ٿا. اسلامي ملڪن مان مشهور
دانشور ۽ عالم سڏايا ويندا آهن، جيڪي انهن بحث
مباحثن ۾ حصو وٺندا آهن. اسلامي مرڪز کي وڏي
ايراضي مليل آهي، جيڪا ڪار پارڪنگ لاءِ استعمال
ٿئي ٿي. مرڪز سان متصل هڪ ڪتاب گهر آهي، جنهن ۾
انگريزي ۽ عربيءَ ۾ اسلامي موضوعن تي ڪتاب وڪري
لاءِ رکيل آهن. گهڻا ڪتاب قرآن شريف جي انگريزي
ترجمن ۽ حديثن جي موضوعن تي آهن. ڪتابن سان گڏ
آڊيو وڊيو ڪيسٽ به رکيل آهن، جن مان ڪي تلاوت جون
آهن ته ڪي وري مسلم دانشورن جي تقريرن جون آهن.
مرڪز سان گڏ هڪ اسڪول به آهي، جيڪو ڪمپيوٽر به
سيکاري ٿو. مطلب ته پرڏيهه ۾ مسلمانن لاءِ هيءُ
عظيم تحفو آهي.
لنڊيز عجائب خانو
ناگرا شهر ۾ لنڊيز نالي سان هڪ منزلو عجائب خانو
آهي، جنهن ۾ ڪئناڊا جي اصلي ريڊ انڊين رهاڪن ۽
اوائلي يورپين آبادڪارن جي ثقافت ۽ نسلن جا يادگار
رکيل آهن. هي عجائب گهر 3-4 سؤ سالن جي تاريخ واضح
ڪري ٿو. جڏهن کان يورپ جا آبادڪار آيا، انهن اصل
رهاڪن سان جنگيون ڪيون، جن ۾ آخرڪار ڪامياب ٿيا.
گهڻيون شيون ان وقت جي لڙائيءَ ۾ ڪم آندل هٿيارن
جي باري ۾ آهن. جهڙوڪ: تلوار، بندوق، توب يا هڪ
نالي بندوق وغيره. ان وقت جي رهاڪن جي گهرن جو
نقشو ڪيئن هو، اهو به ماڊلن ذريعي واضح ڪيو ويو
آهي. هن ميوزيم ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي، ته اڳ ۾
نياگرا آبشار هڪڙي دائري جي شڪل ۾ هو، جنهن ۾
آمريڪين ۽ ڪئناڊين خطي واري موجوده ورڇ نه هئي.
آبشار جو وهڪرو به تمام تيز هو، جنهن ۾ ڪيترائي
حادثا به ٿيندا رهندا هئا.
اوڪس هال
هيءَ عمارت آثا قديمہ جي يادگار آهي. سال ۾ فقط هڪ
ٻه دفعا کولي ويندي آهي. هيءَ ويهين صدر جي اوائل
جي يادگار آهي، جڏهن تاج برطانوي طرفان گورنر جنرل
ڪئناڊا جو حاڪم هوندو. هيءُ هال گورنر جي
رهائشگاهه هو، جيڪو ٻه منزلو آهي. هال ۾ مختلف بيڊ
روم، ڊرائنگ روم، لائبريريون ۽ آفيسن جا ڪمرا آهن،
جيڪي بند رهن ٿا. اتفاق سان اسان ان ڏينهن وياسين،
جڏهن سڄو هال کليل هو. اهو به عجيب اتفاق آهي جو
جيڪي گورنر جنرل هتي رهيا، اهي اڳتي هلي هندستان ۾
به وائيسراءِ ٿيا. انهن جا نالا تاريخ جي ڪتابن ۾
آهن. هال ۾ هڪ پوڙهو به سياحن جي ٽولي ۾ هو، جيڪو
لٺ جي زور سان جهڪي آهستي آهستي هلي رهيو هو. سندس
عمر ڪنهن به صورت ۾ 100 سالن کان گهٽ نه ٿيندي.
دنيا سان دلچسپي هنن جي آخري عمر ۾ گهٽجي نه ٿي.
اوڪس هال جي الماڙين ۾ چينيءَ جا ٿانءَ خوبصورت
رنگن سان مزين رکيل آهن، جيڪي ان زماني ۾ گورنر
جنرل کي جاپاني ۽ چيني سفارتڪارن ڏنا هئا. انهن
ٿانون جي نقش نگاري به ڏسڻ وٽان آهي.
هر ننڍي وڏي شهر ۾ وڏا شاپنگ مالز آهن، جن جي اندر
وري سپر اسٽور آهن. انهن سپر اسٽورز ۾ هر قسم جي
شيءِ ملي ٿي، جهڙوڪ: ڪپڙا، بوٽ، گفٽ، شاپ، دوائون،
ڪتاب، اليڪٽرانڪس وغيره. هر شاپنگ مال 10-12 ايڪڙن
تي مشتمل آهي. منجهن صفائيءَ ۽ روشنيءَ جو بهترين
انتظام ٿيل هوندو آهي. ائين محسوس ٿيندو، ڄڻ ته
هيءُ شاپنگ مال اڄ ٺهي تيار ٿيو آهي. دڪانن ۾ اندر
ريسٽورنٽ، باربر شاپ، بيوٽي سيلون ۽ نوادرات جا
دڪان پڻ هوندا آهن. نياگرا شهر ۾ هڪ وڏو نياگرا
مال آهي، سينٽ ڪيترائن شهر ۾ هڪ وڏو شاپنگ مال
”سئيزر“ نالي آهي، جتي هر قسم جي شيءِ ننڍي کان
وڏي موجود هوندي آهي. ڪپڙن جي سيڪشن ۾ وڃبو ته هر
قسم جو لباس اوني، سوٽي، نائلان، پئراشوٽ مان ٺهيل
ملندو، جنهن ۾ هر سائيز جا ڪپڙا هوندا. ننڍي ٻار
کان وٺي 100 ورهين جي پوڙهي تائين. ڪي دڪان خاص
ليڊيز لاءِ آهن، جن ۾ انهن جا ڪپڙا، سليپر، سئنڊل،
ڪوٽ، جيڪٽون، وغيره هونديون آهن.
هونئن ته ڪتابن جا دڪان تمام وڏا ٿين ٿا، پر ’‘Sears
هال ۾ عظيم الشان دڪان چيپٽر (Chapter)
نالي آهي، جيڪو سول اسپتال حيدرآباد جي پراڻي
بلـڊنگ جيترو ٿيندو. هن ۾ لکن جي تعداد ۾ رسالا،
اخبارون ۽ ڪتاب رکيا ويا آهن. هر موضوع جو سيڪشن
الڳ آهي. ڪيترا ڪتاب وري وڪري تي هوندا آهن، جتي
قيمت بيحد رعايتي هوندي آهي. جيڪڏهن خريدار چاهي
ته پهرين ڪتاب پڙهي، پوءِ مرضي پويس ته خريد ڪري
يا نه ڪري. ان مقصد لاءِ مال ۾ جابجا صوفا
لائبريرين وانگر رکيل هوندا آهن، جتي پڙهندڙ ڀلي
مهينن جا مهينا ڪتاب پڙهي، پوءِ فيصلو ڪري. پر
جيڪڏهن ڪتاب خريد ڪرڻ کان پوءِ به نه وڻي، ته
چاليهن ڏينهن جي اندر واپس ڪري سگهي ٿو. پنهنجا
پيسا واپس وٺي سگهي ٿو. اهڙا ڪتاب به رکيل آهن، جن
تي اسلامي ملڪن ۾ پابندي پيل آهي، جهڙوڪ: سلمان
رشديءَ جو ڪتاب ”شيطاني آيتون“ چيپٽر کان علاوه
ٻيا به وڏا مال آهن، جيئن وال مارٽ وارن جو عظيم
اسٽور، هتي هر شيءِ جي قيمت ٻين سڀني دڪانن کان
گهٽ هوندي آهي. خريداريءَ لاءِ شين جا الڳ الڳ
شعبا آهن، جهڙوڪ: ڪپڙا، پرفيوم، واچون، ٽيليويزن،
ڪمپيوٽر، ريڊيا، بوٽ، ڪمپيوٽر ۽ ٻيون به هزارين
شيون. هڪ دڪان خاص اسٽيشنري جو آهي، جيڪو چيپٽر
وانگر تمام وڏو آهي. هن جي اڌ ۾ ڪمپيوٽر ۽ ان سان
لاڳاپو رکندڙ شيون آهن، باقي اڌ ۾ مختلف سيڪشن،
مختلف شين لاءِ آهن. مثلا: مختلف قسمن جا ڪاعذ
جهڙوڪ: ننڍي سائيز، وڏي سائيز، رنگين، منقش ٿلها
يا سنها، ڪمپيوٽر لاءِ يا ٽائيپ لاءِ يا فوٽو
اسٽيٽ لاءِ. ان کان سواءِ هر قسم جي اسٽيشنري جو
سامان جهڙوڪ: پينون، اسٽيپلر مشينون، ٽيبل ليمپ،
فائل ڪور، بريف ڪيس، ٽاچڻيون، جاميٽريءَ جا اوزار،
فوٽو اسٽيٽ مشينون، پيپر ڪٽر وغيره. مطلب ته هر
شيءِ جيڪا آفيس يا اسڪول ۾ ڪم اچي سگهي ٿي، هتي
موجود آهي.
هڪ سپر اسٽور
Basics
نالي آهي، جنهن ۾ هر قسم جو فروٽ، ڀاڄيون، ڊبل
روٽيون، ڪيڪ، آچار، چٽڻيون، مربا، سرڪو، ميوو،
بسڪوٽ، شراب وغيره موجود آهي. مطلب ته هر شيءِ
جيڪا کاڌي پيتي ۾ ڪم اچي، هتي موجود آهي.
ڀاڄيون ڇاڪاڻ ته جلد خراب ٿيڻ جهڙي شيءِ آهي، ان
ڪري ان کي شوڪيس ۾ رکيو اٿن. هنن کي تازي رکڻ لاءِ
مٿن مختلف وقتن ۾ آٽوميٽڪ پاڻيءَ جو ڦوهارو اچيو
وڃي ٿو، جيڪو هنن کي تازو ۽ صاف رکي ٿو. فروٽ هر
قسم جا موجود آهن، جن ۾ جينياتي تبديليون آڻي
سائيز ۾ وڏو ڪيو اٿن، البته مٺاڻ ۾ گهٽ آهن. ڪجهه
نوان فروٽ ۽ ڀاڄيون به پيدا ڪيون اٿن، جنهن مطابق
ٻن مختلف ڀاڄين جي ٻجن جو ميلاپ ڪري هڪ نئون قسم
پيدا ڪيو ويو آهي.
هڪ سپر هال ليئون (Leon)
نالي سان آهي، جيڪو صرف فرنيچر سان واسطو رکي ٿو.
هن ۾ هر قسم جو فرنيچر اعليٰ قسم جي ڪاٺ يا معمولي
ڪاٺ مان ٺهيل ملندو. هي اسٽور جدا جدا بيڊ رومز يا
ڊرائنگ رومز تي مشتمل آهي، جن ۾ فرنيچر فٽ ڪيو ويو
آهي، ته جيئن خريدار کي اندازو ٿئي ته فرنيچر سيٽ
ڪرڻ کان پوءِ ڪمري جو نقشو ڪيئن بيهندو.
هڪ وڏو حال شراب جي ڪاروبار سان وابسته آهي، فرانس
۽ اسڪاٽ لينڊ کان پوءِ ڪئناڊا جو شراب مشهور آهي.
نيگرا ۽ ٻين دريائن جي ڪري شراب جي وڻن جا وڏا
ٻيلا آهن، جيڪي سوين ميلن ۾ پکڙيل آهن. هتي هر قسم
جو بهترين شراب ٺهي ٿو ۽ اهڙن سپر اسٽورز تان ملي
ٿو. ان کان سواءِ گاڏين جا وڏا شوروم، ٽرڪن ۽
ٽرالرن جا دڪان، اسڪوٽرن جا دڪان موجود آهن. هڪ
قسم جي موٽر سائيڪل ڪئناڊا ۽ آمريڪا ۾ مشهور آهي،
جنهن جو نالو آهي هارلي ڊيوڊسن. هيءَ هڪ طاقتور
موٽر سائيڪل آهي، جنهن جي قيمت عام گاڏيءَ کان چار
پنج دفعا وڌيڪ آهي. هنن جا مالڪ وڏا شوقين آهن،
جيڪي موٽر سائيڪلن کي گڏ وٺي نڪرندا آهن. هنن جي
گڏ هلڻ جي ڪري جيڪو آواز پيدا ٿئي ٿو، اهو گجگوڙ
جي شڪل ۾ ڪافي دور تائين ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. هنن
خفتين جي سموري ڪمائي موٽر سائيڪل تي خرچ ٿئي ٿي.
ان کي چمڪائي رکندا آهن ۽ مختلف ذريعن سان هن کي
خوبصورت ڪندا آهن.
ٻـُـڌ مذهب جو مندر
نياگرا شهر کان ڪجهه ٻاهر ٻڌ مذهب وارن جو هڪ وڏو
مندر آهي. مندر جي مکيه دروازي جي ڪمان تي ٻارهن
شينهن جا تراشيل مجسما آهن، جن جي لاءِ ٻڌ پوئلڳن
جو چوڻ آهي، ته اهي زندگيءَ ۾ مهاتما گوتم ٻڌ جي
رکوالي ڪندا هئا. مندر جي هڪ پاسي ۾ هڪ چبوترو
ٺهيل آهي، جنهن جي ڇت ۾ هڪ تمام وڏو دهل لٽڪندو
رهي ٿو. هن دهل جي ڀرسان ٽامي جو ٺهيل هڪ گهنڊ به
رکيل آهي. اسان جي سونهين مطابق هي ٻئي ساز وڄائي
صبح جو ٻڌ جي پوئلڳن کي عبادت لاءِ سڏيندا آهن،
جيئن اسان وٽ ٻانگ يا اذان ٿئي. مندر جا ٻه حصا
آهن: هڪ ۾ درسگاهه آهي ۽ ٻي ۾ عبادت گاهه.
عبادتگاهه چار منزله آهي، ڪمرن جا دروازا سون جي
پڙڇن سان سينگاريل آهن، درسگاهه ۽ عبادتگاهه جي وچ
۾ خالي ميدان آهي، جتي مهاتما ٻڌ جو عظيم الشان
برونز مان ٺهيل بت رکيل آهي. هن جڳهه تي سياح
تصويرون وغيره ڪڍرائين ٿا. عبادتگاهه ۾ گوتم جا ٻه
بت اڳيان پٺيان رکيل آهن، وڏو بت 25 فوٽ کن ڊگهو
ٿيندو ۽ ان جي پٺيان ٻيو بت گوتم جو ويٺل حالت ۾
موجود آهي. هيءُ پويون بت سوني رنگ جو آهي. ٻڌ
مذهب جي عبادت گهڻي ڀاڱي گيان، ڌيان، ذڪر ۽ مراقبي
تي مشتمل آهي. زمين تي ڪاٺ مان ٺهيل رحل قطارن ۾
رکيل آهن، جتي ٻوڌي ماڻهو ويهي مراقبو ڪن ٿا. اسان
جنهن وقت وياسين ته هڪ عورت ۽ هڪ مرد عبادت ۾
مشغول هئا. عبادت گاهه جي ڀرسان هڪ گفٽ شاپ آهي،
جنهن ۾ مهاتما جا سوين بت مختلف ڌاتن مان ٺهيل
فروخت لاءِ موجود آهن. اهي بت پٿر، مٽي، ٽامي،
لوهه، چاندي، سون، سنگ مرمر مان ٺهيل ٿين ٿا. انهن
جون سائيزون به مختلف آهن، ڪي تمام ننڍا آهن، جي
ڳچيءَ ۾ لاڪيٽ طور پائي سگهجن ٿا ۽ ڪي وري 15-20
فوٽ ڊگها آهن. ان کان علاوه نمائش ۽ وڪري لاءِ
بيحد خوبصورت ۽ موتين ۽ پٿرن مان رنگين تسبيحون
رکيل آهن. ذڪر فڪر به هن مذهب جو لازمي حصو آهي.
آخر ۾ ڪئناڊا جي ماڻهن ۾ هلت چلت جو ڪجهه ذڪر ڪجي.
آدمشماري گهٽ آهي ۽ ملڪ تمام وڏو آهي. اتر ۾
برفاني علائقا آهن، جتي رهڻ ناممڪن آهي. پر پوءِ
هيٺ به برفاني طوفان ۽ تيز ٿڌيون هوائون هلنديون
رهن ٿيون. نومبر کان اپريل تائين درجه حرارت ڏينهن
جو 2 کان 4 درجي سينٽي گريڊ ۽ رات جو منفي رهي ٿو.
مئي کان سيپٽمبر تائين موسم خوشگوار رهي ٿي. سياحن
لاءِ اچڻ جي هڪ بهترين موسم آهي. عورتون مردن کان
وڌيڪ نظر اينديون، هر دڪان، هر آفيس ۽ هر فيڪٽري
تي نوجوان عورتون ڪم ڪندي نظر اچن ٿيون. بيروزگاري
گهٽ آهي. ملازمت جا موقعا گهڻا آهن، عارضي يا
مستقل نوڪريون هر ڪنهن کي ملي سگهن ٿيون، پوڙهن جو
تعداد نوجوان جي مقابلي ۾ وڌيڪ آهي. 80-90 سال عام
عمر آهي. رٽائرمينٽ جي حد 65 سال آهي. ان کان پوءِ
هتي جا باشندا دنيا جي مختلف حصن ڏانهن سير سفر
لاءِ نڪرن ٿا. وڏي عمر ۾ پاڙي ۽ گهر تائين محدود
رهن ٿا. ذاتي زندگيءَ ۾ ايماندار، ڀروسي جي لائق،
قاعدي قانون جا پابند ۽ بدمعاشين ۽ ڏوهن کان پري
آهن. پنهنجي پنهنجي ڪم سان مشغول رهن ٿا. غير
ملڪين سان دعا سلام کان وڌيڪ تعلقات ڪونه رکن، وڌ
۾ وڌ غير ملڪين جي گهرن ۾ پارٽين ۽ سماجي تقريبا ۾
وڃن ٿا. پر پاڻ وٽ ڪنهن کي نه سڏيندا. سگريٽ نوشي،
بيحيائي ۽ جنسي آزادي به نظر نه ايندي. ٽريفڪ جو
نظام بيحد مضبوط آهي. رستا وڏا ۽ ڪشادا آهن، اچڻ
وڃڻ لاءِ رستا الڳ آهن. وڏن رستن تي ٽريفڪ چئن
لائنن ۾ هلي ٿي. مکيه رستا شهرن کان ٻاهر ٺهيل آهن
۽ جتي 2-3 رستا ملن ٿا، ته اتي پليون ٺهيل آهن، ان
ڪري ٽريفڪ هر وقت روان دوان آهي. وڌ ۾ وڌ رفتار
مکيه رستن تي 120 ڪلوميٽر في ڪلاڪ آهي. ٽريفڪ
پوليس به چوڪس رهي ٿي. اتفاق سان حادثو ٿي پوي، ته
ايندڙ ٽريفڪ کي بند ڪري پوءِ ٻي پاسي ڦيرايو ويندو
آهي. ان ۾ ٽريفڪ جون ڪارون آهستي رفتار سان ساڄي
کان کاٻي شاهراهه تي هلن ٿيون، ته جيئن ايندڙ
ٽريفڪ کي خبردار ڪري سگهجي. رستن تي ٽريفڪ جا نشان
مختلف شهرن ڏانهن ويندڙ شهرن جا نالا ۽ فاصلا
ڄاڻايل آهن. ان ڪري هڪ اڻ ڄاڻ ماڻهوءَ کي منزل تي
پهچڻ ۾ تڪليف ڪانه ٿي ٿئي. ان کان سواءِ موسم جو
لمحه به لمحه احوال ايف، ايم ريڊيو ڏيندو رهي ٿو.
رستي تي هلندي اسان کي خبر پئي ته 30-40 ميل اڳتي
برسات وسي رهي آهي.
ڪي دڪان اهڙن هنرن جا آهن، جي اسان وٽ نه آهن،
مثلا جسم تي نشان يا تصويرون ڪڍائڻ يا نڪ، زبان،
چپ ۽ پيٽ وغيره تي چيرُ ڪڍرائڻ ۽ انهن ۾ ڇلا يا
زنجير وجهڻ. ڪن ماڻهن جو سڄو جسم گلڪاريءَ سان
رنگين هوندو آهي. بهرحال هي هنن جا پنهنجا شوق
آهن. چرچون (ديولون) گهڻيون نظر اچن ٿيون. وڏي عمر
جا تقريبا سڀ ماڻهو آچر ۽ ڇنڇر تي چرچ ضرور وڃن
ٿا. خير جي ڪمن ۾ ۽ رفاحي ۽ خيراتي ادارن کي دل
کولي چندا ڏين ٿا. نجاتي لشڪر
(Salvation Army)
هنن وٽ وڏو خيراتي ادارو آهي. عام ڪئناڊين کي
آمريڪين لاءِ محبت ڪانهي، پر ملڪي سياسي ۽
جاگرافيائي حالتن پٽاندر آمريڪا سان ساٿ ملائي هلن
ٿا. هنن جي موجوده وزير اعظم آمريڪا طرفان عراق تي
حملي جي مخالفت ڪئي هئي، پر پوءِ پارليامينٽ جي
زور ڀرڻ تي حمايت جو مبهم اعلان ڪيائين. گلوب اينڊ
ميل هتي جي وڏي ۾ وڏي اخبار آهي. هن جي سائيز ڊان
کان گهٽ آهي، ان ڪري هٿ جهلي پڙهڻ وڌيڪ سولو آهي.
مضمونن ۽ خبرن جو معيار تمام معياري ۽ غير جانبدار
آهي. ڪالم نويس بيحد معلوماتي ڪالم لکن ٿا. ملڪ جي
آئيني سربراهه اڃا به برطانيا جي راڻي آهي، ان ڪري
هن ڳالهه تي وقت بوقت ميڊيا تي بحث ٿيندو رهي ٿو
ته انهيءَ نالي ماتر بالادستيءَ کي ڇونه ختم ڪيو
وڃي. هنن جي حساب موجب ڪئناڊا جي هر شهري کي
ساليانو ٻه ڊالر تاج برطانيا تي خرچ ڪرڻو پوي ٿو،
جنهن کي هو غير ضروري سمجهن ٿا. اسان جي هوندي
ملڪه ڪئناڊا جو 10 ڏينهن دورو ڪيو، جتي کيس ڪٿي
وڌيڪ ته ڪٿي گهٽ عزت ملي. گلوب اينڊ ميل 1827ع کان
جاري ٿي آهي ۽ بلاناغه ڇپجي ٿي. ڪتاب لکڻ ۽ پڙهڻ
عام مروج مشغلا آهن. هڪ هڪ مصنف جا 8-10 لکيل ڪتاب
موجود هجڻ عام ڳالهه آهي، جنهن جي هوندي عالمي ادب
جا پهريان ٽئي بڪر انعام
Booker
ڪئناڊا جي مصنفن کي مليا.
Sindh Revisited
عالمي معيار جو ڪتاب به هڪ ڪئناڊائيءَ جو لکيل
آهي. هڪ نوجوان جو ذڪر اتي عام جام آهي، جنهن جو
نالو ٽيري فاڪس هو. هن جي باري ۾ اخبارن، ريڊيو،
ٽيليويزن تي پروگرام به هليا. هن نوجوان کي ٽنگ ۾
ڪينسر ٿي پيو، ان معذوريءَ جي حالت ۾ به هن 5000
ميلن جو سفر هڪ ٽنگ تي پورو ڪيو، جنهن کان پوءِ
سندس انتقال ٿيو. انساني عزم، جدوجهد ۽ آفتن سان
مقابلي جو هڪ عظيم مثال هن ڇوڪر جي زندگيءَ ۾ آهي.
آخر ۾ هڪ چڱي ڪم جو ذڪر ڪجي. حضور پاڪ صلي الله
عليہ وآلہ وسلم جن جي حديث آهي: ”انا مدينته العلم
وعلي بابها.“ يعني آءٌ علم جو شهر آهيان ۽ علي ان
جو دروازو آهي. قرآن فرمائي پيو ته: فسئلو اهل
الذڪر ان کنتم لا تعلمون. ”الله کي ياد ڪرڻ وارن
کان پڇو، جي توهان نٿا ڄاڻو.“ مفسرن اهل الذڪر مان
مراد اهل بيت کي ورتو آهي، چنانچه اسين ڏسون ٿا ته
ڪيترا سائل پنهنجا سوال امير المؤمنين سيدنا علي
رضه وٽ کڻي ايندا هئا ۽ کانئن انهن جو حل پڇندا
هئا. پاڻ انهن جا تشفي بخش جواب ڏيندا هئا.
اسان جا وڏا رحمهما الله تعاليٰ فرمائيندا هئا ته
اهل بيتن ۾ جيڪڏهن ڪي عالم ٿيندا، ته دين ۾ انهن
جهڙو راسخ، فاضل، پابند احڪام ڪو ٻيو ڪونه ٿيندو.
پاڻ هر اهل بيت جو اٿي بيهي احترام ڪندا هئا ۽
پنهنجي ڀرسان وڇايل رليءَ تي ويهاريندا هئا. پر
هاڻي ته:
آن قدح شکست و آن ساقي نماند
نه اهو جام آهي، ۽ نه اهي ساقي آهن. زماني جي
انقلابن نيڪن کي ڌڪي ڇڏيو آهي ۽ فروماين کي اڳتي
ڪيو آهي. فياذ المظاهر العجب والغرائب! هي دولدوز
حالات هر دم اکين سان ڏسون ٿا ۽ سواءِ تاسف جي ٻيو
ڪجهه ڪري نٿا سگهون.
تاهم غنيمت آهي جو هن قحط الرجال جي دور ۾ ڪي اهڙا
تابناڪ ۽ روشن ستارا آهن، جن جي علمي دلچسپي ۽
تجسس کي وڏو داد آهي. منهنجو اشارو مٽيارين جي
علمي خانوادي ڄاموٽ سيدن ڏي آهي، جن جا پويان علم
جي شمع ٻاريو اچن ٿا.
هن سڄي مجلس جو روح روان سيد آفتاب حسين شاهه
ڄاموٽ آهي، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ مهيني ۾ هڪ دفعو علمي
مجلس سڏائيندو آهي، جتي اهل علم، محقق، شاعر ۽
اديب اچي جمع ٿيندا آهن. پوءِ اتي گفتگو، علم و
ادب جي هر فن ۽ نوع تي ٿيندي آهي. ڪنهن وقت اسلامي
ادب زير بحث ايندو، ڪنهن وقت ملڪي سياسي حالات تي
مقالا ٿيندا، ڪنهن وقت ڀٽائي ۽ سچل تي ڳالهه ٻولهه
ٿيندي. ڪنهن وقت سنڌ جي تهذيب، ثقافت، معاشرت تي
گفتگو ٿيندي ته ڪڏهن تصوف جو باريڪ بينيون به زير
غور اينديون آهن. غرض ته ڪو خاص محدود موضوع نه
هوندو آهي، پر هڪ شرط ضرور هوندو آهي ته گفتگوءَ ۽
بحث کي ڪڏهن به تهذيب جي دائري کان ٻاهر نڪرڻ نه
ڏنو وڃي ۽ اهو ڪنٽرول سيد آفتاب شاهه کي حاصل آهي
ته گفتگو جا حدود اربعہ ترتيب ڏئي ۽ ان تي عمل
ڪرائي. هن مجلس ۾ حقير راقم الحروف کان علاوه وڏا
محقق، عالم ۽ اديب اچن ٿا ۽ پنهنجون علمي گوهر
افشانيون ڪن ٿا. انهن ۾ ڊاڪٽر حبيب الله صديقي،
ميان غلام حسين سچاروي، مسٽر عنايت بلوچ، حاجي
عنايت الله رنگيجو، پير بهاءُ الدين ۽ ٻيا حضرات
اچي وڃن ٿا.
سيد آفتاب شاهه سان هن ڪار خير ۾ سندس برادر بزرگ
سيد امير علي شاهه ۽ ننڍو ڀاءُ علي گوهر شامل آهن،
جي به ڀاءَ وانگر مهمانواز، خوش خلق ۽ خوش اطوار
آهن. هنن ڄاموٽ سيدن جا وڏا اصل ۾ هرات مان امير
تيمور لنگ جي لشڪر سان هندستان آيا. تيمور لنگ هنن
کي حڪومت ۾ وزيرن ۽ مشيرن جا عهدا ڏنا. زماني جي
انقلابن کين پوءِ هالاڪنڊي ۾ آندو، جتي ڪجهه سال
رهيا ۽ ان کان پوءِ مٽياري رهائش پذير ٿيا. سندن
تڙ ڏاڏو سيد جيئندل شاهه هو، جيڪو امير ٽالپرن جو
وزير هو. ٻيو سندن ڏاڏو به جيئندل شاهه نالي هو،
جنهن مٽيارين جي ڀرسان جيئندل ڪوٽ ٺهرايو. ساڳي
جيئندل شاهه جو پٽ خانبهادر سيد الله بخش شاهه هو،
جنهن جا ٻه پٽ انور علي شاهه ۽ محمد علي شاهه ٿيا.
امير علي شاهه، آفتاب حسين شاهه ۽ علي گوهر شاهه
انور علي شاهه جا فرزند آهن. سندن چوٿون ڀاءُ سيد
امداد علي شاهه 1971ع ۾ سپر هاءِ وي تي روڊ حادثي
۾ گذاري ويو.
انجمن آفتاب ادب
مذڪور ڄاموٽ ڀائرن طرفان ”ڪاشانـہء انور“ لطيف
آباد ۾ علم و ادب جون محفلون منعقد ڪيون وڃن ٿيون.
هنن ڪچهرين ۾ دين - اسلام قرآن شريف تصوف اسلامي
فڪر و فلسفه تاريخ سنڌ جي ثقافت تهذيب ڏيهه پرڏيهه
جي سياست عالمي امور ۽ ادب شاعري وغيره جهڙن اهم
موضوعن تي کلي دل سان خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي رهندي
آهي. اهي ڪچهريون غلام حسين مشتاق سچاروي ۽ آغا
مير محمد پٺاڻ جي گهرن تي به واري ڦيري سان
ٿينديون رهنديون آهن. هنن ڪچهرين ۾ ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ، جناب مظهر الحق صديقي، محمد حسن ڀٽو
صاحب، محمد هاشم لغاري صاحب، ڊاڪٽر حبيب الله
صديقي، آغا ميرمحمد پٺاڻ، غلام حسين مشتاق سچاروي،
عنايت بلوچ، ڊاڪٽر عبدالحليم قريشي، محمد اسلم
ميمڻ، ڊاڪٽر گل حسن لغاري، طارق شاهه، پروفيسر
عنايت الله زنگيجو ۽ پير بها ِّ الدين سرهندي اڪثر
ايندا رهندا آهن.
دادوءَ کان منير احمد چنا صاحب به ايندو آهي، جيڪو
سياست ۾ ميمبر سنڌ اسيمبلي هڪ ۽ زميندار آهي پر
سندن خاندان ۾ سندن والد محترم حڪيم جناب شفيع
محمد چنا ۽ سندن ڏاڏو حڪيم محمد مراد وٽ طب نبوي
سان گڏ خلق خدا جو روحاني علاج به ٿيندو رهيو آهي
۽ ماڻهو جسماني ۽ روحاني راحت حاصل ڪندا رهن ٿا.
چنا صاحب جي اچڻ سان ڪچهري ۾ نئون روح پئجي ويندو
آهي.
هنن ڪچهرين ۾ ڊاڪٽر شوڪت علي مڱريو، سيد حسن علي
شاهه ڄاموٽ، سيد علي حسن شاهه ڄاموٽ، سيد حسين
طارق شاه ڄاموٽ، ڊاڪٽر طاهر حسين، علي، حيدر، غلام
مرتضيٰ شاه ڄاموٽ، سيد علي اڪبر شاهه ڄاموٽ، سيد
عبدالقادر شاهه ڄاموٽ، سيد حسين فيصل شاهه ڄاموٽ
نوجوان نسل به شامل ٿي ذهني روحاني تربيت حاصل
ڪندا آهن. اڪثر بزرگ شرڪاء چاهيندا آهن ته سندن
جوان عمر اولاد انهن مجلسن ۾ موجود هجي.
ڄاموٽ خاندان جون دليون هميشہ عشق رسول الله صلي
الله عليہ وآلہ وسلم جي بحر بي ڪران ۾ غوطه زن رهن
ٿيون. تنهن ڪري ڪوٽ جئندل توڙي لطيف آباد واري
اوطاق تي ممتاز دين عالمن، مولوين ۽ قاري حضرات جي
علمي بصيرت کان به فيض حاصل ڪرڻ جا نادر موقعا
نصيب ٿين ٿا. ڄاموٽ برادران ۾سيد امير علي شاهه
ڄاموٽ، سيد آفتاب شاهه ڄاموٽ ۽ سيد غلام قادر شاه
ڄاموٽ ته علم جا ڀنڊار آهن. ڪهڙو به موضوع ڇڙي پوي
ته سندن علمي بصيرت ۽ عالمانه گفتگو موضوع جي
پيچيدگين کي کولي پڌرو پٽ ڪيو ڇڏي. ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ ته سنڌ جي علمي ادبي ايوان جو ڪوهه نور
هيرو آهي. سنڌ جا قديم ماڳ مڪان، وستيون واهڻ،
ڍنڍون ڍورا قومون ذاتيون تهذيب تمدن ٻولي ۽ تاريخ
سندس ذهن جي ورقن تي اهڙي طرح اڪريل آهن جو جڏهن
به بيان ڪري ٿو ته ڄڻ علم جو درياءَ پلٽجي پوي ٿو.
شاهه سچل سامي يا اقبال غالب رومي سڀ سندس تحقيق
جو ميدان رهيا آهن. ڊاڪٽر بلوچ سنڌي ٻولي، ثقافت ۽
تهذيب جي اڻ لڀ عظيم خزانن جو نگران آهي.
پاٽ جي مردم خيز زمين جو لائق فرزند ۽ صديقي
خاندان جو روشن چراغ ڊاڪٽر حبيب الله صديقي عظيم
محقق ۽ عالم آهي، سندس گفتگو جو هر جملو ۽ هر حرف
تحقيق ۽ تجربي جو نچوڙ آهي. جناب مظهر الحق صديقي
دانشمندي ۽ ڏاهپ جي ڏات جو واڳ ڌڻي آهي. ڌيرج سان
پر حڪمت ۽ دانائي واري گفتگو سندس ئي خاصو آهي.
ڳالهائي ته محفل تي سڪوت طاري ٿي وڃي ۽ ٻڌندڙ تي
جادو بياني جو اثر تادير باقي رهي ٿو. آغا مير
محمد پٺاڻ پيشي جي لحاظ سان آبپاشي جو عملدار پر
علم و فضل ۾ عالمن ۽ اسڪالرن کان ٻه قدم اڳتي آهي.
عنايت بلوچ ته شاهه لطيف جو ازلي عاشق آهي.
پروفيسر عنايت الله زنگيجو به گڏ جي ته عنايت ئي
عنايت ٿيو وڃي. ڀٽائي گهوٽ جي بيتن جي پڙهڻي جو حظ
حاصل ڪرڻُ آهي ته پوءِ ٻنهي عنايتن کي ڇيڙي ڇڏجي ۽
دل جي دري کولي ويهي ڀٽائي عليه الرحمته جي فڪر جي
پرواز جو مشاهدو ماڻجي.
غلام حسين مشتاق سچاروي اسلامي علوم ۾ قرآني فڪر
جي ڄاڻ سان گڏ هڪ سٺو شاعر آهي. اردو فارسي توڙي
سنڌي شاعري ۾ پنهن جو مٽ پاڻ آهي. سندس شاعري ۾
پختگي رواني ۽ آمد جو اثر نمايان نظر اچي ٿو. هنن
ڪچهرين جو سرگرم رڪن هجڻ ڪري دوستن سان رابطي ۾
رهڻ سندس حوالي آهي. جماعت جي پيش امامي به سندس
حوالي آهي. محمد هاشم لغاري صاحب جو مطالعو ۽
مشاهدو به ڏاڍو وسيع آهي. خبر ناهي ته سرڪاري
مصروفيتن مان هو ڪهڙي طرح علم و ادب جي مطالعي
لاءِ وقت ڪڍي اڻ ملهه موتي گڏ ڪري ٿو. محمد حسن
ڀٽو صاحب پنهن جو مثال پاڻ آهي. سندس گفتگو
مڻيادار ۽ معنيٰ خيز هوندي آهي. ڊاڪٽر گل حسن
لغاري صاحب جو شمار سنڌ جي برک عالمن ۾ ٿئي ٿو.
فارسي زبان جو ماهر ۽ سٺو ليکڪ آهي. پير بهاء
الدين ”بها“ سرهندي عالمانه خاندان جو نهايت عمده
نمونو آهي. سندس صحبت ۽ شاعري ڪچهري جي جان هوندي
آهي.
اهڙن برک عالمن اديبن شاعرن ۽ دانشورن جي ميڙ ۾
اهو ڪهڙو موضوع زير بحث هوندو جيڪو حل ٿيندو نظر
نه اچي؟ ڊاڪٽر حبيب الله صديقي هنن ڪچهرين کي
”انجمن آفتاب ادب“ جي نالي سان ان ڪري سڏيو آهي،
جو واقعي هي علمي ادبي ڪچهريون هن مادي دنيا جي
اونداهي دور ۾ آفتاب عالمتاب جي روشني کان گهٽ نه
آهن ۽ انهن محفلن ۽ سٿ جو سرواڻ سائين آفتاب علي
شاهه ڄاموٽ آهي، جيڪو پنهن جي نالي جي مصداق علم و
ادب جو هڪ روشن آفتاب پڻ آهي.
راقم الروف (ڊاڪٽر عبدالحليم قريشي) به انجمن
آفتاب ادب جو پروانو آهي. حياتي جو وڏو حصو ڪتابن
جي دوستي ۾ گذريو آهي. پر انجمن جي اهڙين ڪچهرين ۾
چند گهڙيون گذارڻ ڪيترن ڪتابن جي مطالعي ڪرڻ جي
برابر آهي.
اهي ڪچهريون شام جي ٿڌڙي هير سان گڏ شروع ٿي رات
جي 10 وڳي تائين جاري رهن ٿيون. انهيءَ عرصي دوران
مغرب ۽ عشا جي نماز به با جماعت ادا ڪرڻ جو سعادت
نصيب ٿئي ٿي ۽ روحاني راحت حاصل ڪرڻ جو موقعو ملي
ٿو. ڄاموٽ ڀائرن جو دسترخوان به ايترو ئي ڪشادو
آهي جيترو سندن خانداني عظمت جو پس منظر. آخرڪار
”ڪچهريون سدا قائم“ جي دعائيہ الفاظن سان دوست
ڀاڪر پائي روانا ٿين ٿا ۽ ايندڙ ڪچهري تائين گذريل
گڏجاڻي جون خوشگوار يادون سندن روح جي راحت رهن
ٿيون.
ضميمو
شجره نسب سادات متعلوي
حـضـرت امام موسيٰ ڪاظم (7- صفر 128هه- 25 رجب
183هه مطابق 8 نومبر 745ع کان 1- سيپٽمبر 799ع) بن
حضرت امام جعفر صادق بن حضرت امام باقر بن امام
علي زين العابدين بن حضرت امام حسين رضه بن حضرت
علي ڪرم الله وجہ.
سيد مير علي هراتيءَ کي 8 فرزند هئا، جن مان ڪي
هندستان جي فتح بعد موٽي هرات ويا ۽ باقي جاگيرون
وٺي هندوستان ۾ آباد ٿيا: 1- سيد عبدالواحد ملتاني
2- سيد عبدالباقي اجميري 3- سيد محمد حسين هراتي
4- سيد محمد هراتي 5- سيد عبدالرزاق بکري 6- سيد
ابوبڪر سيوهاڻي 7- سيد شرف الدين هراتي ۽ 8- سيد
امير حيدر سنڌي، جنهن هالڪنڊيءَ ۾ شاهه محمد هالي
جي دختر سان شادي ڪئي. ٽن سال اٺن مهينن بعد موٽي
هرات ويو ۽ اُتي فوت ٿيو. سندس وصيت مطابق سنڌ ۾
ڄاول سندس فرزند جو نالو، سيد مير علي سنڌي رکيو
ويو. بالغ ٿيڻ بعد سيد مير علي پنهنجي والد جي
ڇڏيل ملڪيت مان پنهنجو حصو حاصل ڪرڻ لاءِ هرات
ويو، ۽ سندس والده کي ڏنل نشانين، مـُـنڊي ۽ خنجر،
ڏيکارڻ سان، پنهنجو ورثو حاصل ڪيو ۽ موٽي اچي شهر
متعله (مٽياري) ۾ سڪونت اختيار ڪئي. سنڌ ۾ سندس
اولاد جون ڏهه نـُـکون آهن:
1- سادات جراڙ پوٽا: سيد جلال بن شرف الدين هراتي
جو اولاد، جنهن مان شاهه ڪريم ۽ شاهه لطيف رحمهم
الله پيدا ٿيا.
2- سادات باقيل پوٽا: سيد محمد باقي بن عبدالوهاب
بن نبهندو بن سومار بن بهاء الدين بن محمد بن
زڪريا بن مرتضيٰ بن سيد مير علي جو اولاد، اڪثر
مٽياريءَ ۾ رهن ٿا.
3- سادات موسيٰ پوٽا: موسيٰ عرف موسن بن صاحب بن
احمد بن سيد مير علي جو اولاد.
4- سادات ميرڻ پوٽا: ميرڻ ثاني بن ڀرئيو ثاني بن
ميرڻ بن غلام مرتضيٰ بن سيد مير علي جو اولاد،
ڌونرن هڱورن ڍنڍي ۽ ڇاري (ٽنڊي محمد خان) طرف آباد
آهن.
5- سادات عيسيٰ پوٽا: سيد عيسيٰ بن صاحب، سيد
موسيٰ جي ڀاءُ جو اولاد آهن، مٽياري، فتح پور
(ٽنڊي محمد خان) نصرپور، ڌچڙاپور، ديهه ونگي ۽
انڙپور ۾ آباد ٿيا.
6- سادات ميين پوٽا: سيد ميان بن محمد بن احمد بن
شرف الدين بن سيد مير علي جو اولاد آهن. مٽياري،
سـَـنَ، ڀاڻوٺ ۽ سعيدپور ۾ آباد ٿيا.
7- سادات مير حسن (ميرسن) پوٽا: سيد مير حسن بن
ڇٽو شاهه بن احمد بن سيد مير علي جو اولاد آهن،
مٽياري ۾ آباد ٿيا.
8- سادات نـَـٿـُـو پوٽا: سيد نٿو بن ڇٽو شاهه،
سيد مير حسن جي ڀاءُ جو اولاد آهن. مٽياري ۾ آباد
ٿيا.
9- سيد حسناڻي پوٽا: سيد حسن بن سيد صاحب، سيد
عيسيٰ ۽ موسيٰ جي ڀاءُ جو اولاد آهن. ملا ڪاتيار ۽
ٽنڊي ڄام لڳ سيد اڀوڙي جي مقام لڳ آباد ٿيا.
10- مير علي پوٽا: سيد مير علي بن زڪريا بن شرف
الدين بن سيد مير علي جو اولاد آهن. اڪثر مٽياري ۾
سڪونت پذير رهيا.
سيد مير علي سنڌي بن امير حيدر شاهه هراتي، متولد
806هه/1403ع جي اولاد مان ڄاموٽ خاندان، سيد محمد
علي شاهه ڄاموٽ کان شروع ٿئي ٿو. خود سيد محمد علي
شاهه ڄاموٽ بن سيد جيئندل شاهه بن سيد غلام حسين
شاهه بن سيد محمد حسن شاهه بن سيد مرتضيٰ شاهه بن
سيد محمد حسن شاهه بن سيد جنيده شاهه بن سيد اسحاق
شاهه بن سيد جنيده شاهه بن سيد جهنڊو شاهه بن سيد
موسيٰ شاهه بن سيد احمد شاهه بن سيد مير علي شاهه
سنڌي بن امير حيدر شاهه بن سيد مير علي هراتي،
موسيٰ پوٽا نـُـک مان هو. سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ
کي ٻه فرزند، سيد جيئندل شاهه ۽ خانبهادر سيد حسن
علي شاهه ڄاموٽ هئا.
سيد حسن علي شاهه ڄاموٽ کي 5 فرزند ٿيا. سيد حاجي
فضل علي شاهه، سيد محمد انور شاهه، سيد جيئندل
شاهه، سيد محمد علي عرف الهبچايو شاهه ۽ سيد امام
علي شاهه ڄاموٽ.
سيد محمد انور شاهه کي 7 فرزند هئا: سيد امداد علي
عرف حسن علي شاهه، سيد امير علي شاهه، سـيـد
اعـجــاز علي شاهه، سيد آفتاب علي شاهه، سيد امجد
علي شاهه، سيد غلام قادر شاهه ۽ سيد علي گوهر
شاهه.
سيد امير علي شاهه کي ٽي فرزند آهن: سيد حسين طارق
شاهه، سيد حسين فيصل شاهه ۽ سيد عبدالقادر شاهه.
سيد آفتاب علي شاهه کي ٻه فرزند آهن: سيد علي حسن
شاهه ۽ سيد حسن علي شاهه. سيد علي گوهر شاهه کي به
ٻه فرزند آهن: سيد علي اڪبر شاهه ۽ سيد محمد انور
شاهه ڄاموٽ ثاني. سيد امداد علي شاهه کي هڪ فرزند
آهي: سيد غلام مرتضيٰ شاهه. سيد حسن علي شاهه عرف
امداد شاهه کي به هڪ فرزند آهي: سيد شاهه عالم عرف
عنايت علي شاهه.
متعلوي سادات جو خانداني مرڪز ”مٽياري“ آهي.
انهيءَ شهر جي نزديڪ ”جيئندل ڪوٽ“ هن خاندان جو
تاريخي يادگار آهي. اهو ڪوٽ سيد محمد علي شاهه
ڄاموٽ جي والد محترم سيد جيئندل شاهه انهيءَ ڪري
ٺهرايو جو مٽياري کان ٻاهر رهندڙ متعلوي سادات
جڏهن بزرگن جي مزارن تي حاضري ڏيڻ لاءِ ايندا هئا،
تڏهن پنهنجا وهٽ ۽ ماڻهو شهر کان ٻاهر ڇڏي، پيرين
پيادو شهر ۾ داخل ٿيندا هئا. سندن گهوڙن ٻهيڙن ۽
ماڻهن جي ترسڻ لاءِ جئندل ڪوٽ اڏايو ويو. (روايت:
سيد امير علي شاهه ڄاموٽ)
ذريعا: ”نسب نامـہ ساداتان متعلوي“ ڪاتب حافظ محمد
هارون ٽکڙائي، تاريخ 9 رجب 1342هجري، مطابق 16
فيبروري 1923ع، ناشر ميان سيد مٺن شاه تاجر ڪتب
حيدرآباد سنڌ.
(2) شجره نسب ڄاموٽ سادات مٽياروي.
- ايڊيٽر |