سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: يادِ ايام

باب: --

صفحو :10

 

 

[28]

لنڊن وڃڻ جو مقصد پراڻي دوست ڊاڪٽر فضل ڪريم تنئي سان ملڻ جو هو، جيڪو 1968ع کان لنڊن ۾ ڊاڪٽر آهي. ان وقت اسٽاڪٽن شهر ۾ نيشنل هيلٿ سروسز ۾ ميڊيڪل آفيسر هو. ڊاڪٽر صاحب عنايت ڪري پنهنجي هڪ مائٽ کي ساڻ ڪري لنڊن ايئرپورٽ تي مون کي وٺڻ آيو. هيءُ نوجوان مسٽر علي گوهر تنئي جو پٽ هو جيڪو لطيف آباد ۾ رهندو هو. علي گوهر جي فرزند جو نالو هاڻي وسري ويو آهي. بهر حال مون پنهنجي رهائش جي لاءِ مرڪزي لنڊن ۾ پيڊنگٽن جي علائقي ۾ هڪ الجزائري عرب جي هوٽل ۾ ڪمـرو ورتــو. هـيءَ نـالــي ۾ عـرب ۽ مسلمان هو پر هن جهڙو  ڪافر انسان مون وري ڪونه ڏٺو. پوءِ سامان رکي اسين لنڊن ڏسڻ نڪتاسين. پهريائين ميڊم ٽساڊ جي ميوزيم ۾ وياسين، جتي وڏي ڪاريگريءَ سان مومي مجسما ٺاهيا ويا هئا. انهن مجسمن ۾ نهارڻ سان ائين محسوس پئي ٿيو ته ڄڻ زندهه انسان آهن. ايڏي ڪمال فنڪاريءَ سان ڪم ٿيل هو. دنيا جي عالمي ليڊرن، موسيقارن، رانديگرن، بادشاهن ۽ راڻين جا مجسما رکيل هئا. مائيڪل جيڪسن جو مجسمو ته پنهنجا پاپ گانا مغربي ڌن تي رقص ڪندي ڏيکاريو پئي ويو. ٻيا به ڪافي محير العقول ساز ۽ آواز ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ آيا. ميوزيم کان پوءِ واٽرلو جي جنگ جي توبن ۽ بڪتر بند گاڏين سان نمائش ڪري ڏيکاري وئي. اهڙي نموني ڏينهن جو ڪافي حـصو ميوزيم ۾ گذري ويو. اتان پوءِ هائيڊ پارڪ، جيمس پارڪ، بڪنگهم محل، پارليامينٽ هائوس، بگ بين، ٿيمس ندي ڏسي هوٽل تي آياسين. سج 9 بجي لٿو ۽ 12 بجي اڌ رات تائين شفق جو رنگ سمايل هو. مسٽر تنئي اتي موڪلايو، جو صبح جو کيس ڊيوٽيءَ تي وڃڻو هو. ٻئي ڏينهن آءٌ پنهنجي ليکي اڪيلو لنڊن ڏسڻ نڪتس. هائيڊ پارڪ هوٽل کي ويجهو هو. ان لاءِ مشهور هو ته اتي هر قسم جي تقرير ڪرڻ جي آزادي آهي ۽ ڪنهن به وڏي کان وڏي ليڊر تي نڪته چيني ڪري سگهبي هئي. اهو تماشو هائيڊ پارڪ جي هڪ مخصوص حـصي ۾ ٿئي ٿو، جتي مقرر اسٽول يا ميزون کڻي اچن ٿا ۽ انهن تي بيهي اول فول بڪن ٿا. تنقيد گهٽ پر مزاح زياده. هيءُ هڪ قسم جو دل خوش ڪرڻ جو موقعو آهي. ان ڏينهن هائيڊ پارڪ مان هڪ ميراٿن ريس نڪرڻي هئي. ان ريس کي پوءِ شهر جي ڪنهن رستي تي ڊوڙندي ڏٺوسين، قريبن لک کن ماڻهو شريڪ هئا. هائيڊ پارڪ کان پوءِ وري جيمس پارڪ کان ٿيندو، مکيه رستي تي آيس، جتي لنڊن جون مشهور جايون آهن. وزير اعظم جي رهائش گاهه 10- ڊائوننگ اسٽريٽ به اتي آهي. بڪنگهم محلات به قريب آهي. ڪجهه اڳتي ٽريفالگر اسڪوائر آهي، جتي چار مجسما لڳل آهن. انهن مان هڪ چارلس نيپئر جو آهي، جنهن سنڌ فتح ڪئي هئي. نيپئر جو مجسمو لنڊن جي ماڻهن چندو ڪري ٺهرايو هو، ڇوته ان جو خرچ حڪومت ڪونه ڀريو. نيپئر ميرن تي جيڪي ظلم ڪيا ۽ اميرزادين سان جيڪا جـُـٺ ڪيائين، ان تي پارليامينٽ ۾ مٿس ڇتي تنقيد ٿي هئي ۽ ڪرنل آئوٽرام جيڪو سندس ماتحت هو، انهيءَ سندس پول کوليا هئا. چارلس نيپئر جو ڀاءُ وليم نيپئر چارلس جو وڏو دفاع ڪيو ۽ جي ائين نه ٿئي ها ته چارلس جيل ۾ وڃي سگهي ها ۽ وڏي سزا کائي ها. ٽريفالگر سان لاڳو ڪانگريس لائبريري هئي، جيڪا وقت جي ڪميءَ جي ڪري آءٌ ڏسي نه سگهيس. ان کان اڳتي پڪاڊلي جو علائقو هو، جيڪو هڪ قسم جي عياشيءَ جو مرڪز هو. عجيب ڳالهه اها هئي ته اتي گهر، هوٽل يا دڪان ڪافي پراڻي زماني وارا هئا، جن کي نئين سر نه ٺاهيو ويو هو. پڪاڊلي ۾ نوجوان ڇوڪريون تمام نالي ماتر لباس ۾ لنگهندڙن کي فحش اشارا ڪري رهيون هيون ۽ ڪي ڪڃر به ڦري رهيا هئا. پڪاڊليءَ مان ٻاهر نڪتس ته ريجنٽ اسٽريٽ جي دڪانن جي لا متناهي قطار هئي. صرف معلومات لاءِ هڪ ٻن دڪانن ۾ وڃڻ ٿيو. ان کان پوءِ پيڊنگٽن واپس اچي هڪ هوٽل ۾ رات جي ماني کاڌم، جيڪا پورچوگيزن جي هئي. ٻئي ڏينهن تي بس جي ذريعي اسٽاڪٽن پهچڻو هو، جو ڊاڪٽر فضل ڪريم سان 3-4 ڏينهن گذارڻا هئا. اسٽاڪٽن لنڊن کان 4 ڪلاڪن جي سفر تي هئي. اتان پوءِ ڀاڙي جي ريڊيو ڪار جي ذريعي ڊاڪٽر صاحب جي گهر پهتس. ان وقت پاڻ مون کي وٺڻ لاءِ بس اسٽينڊ تي ڏانهن ويل هو. ٿوري دير ۾ اچي ويو ۽ خوش مرحبا ٿي. انهيءَ ڏينهن اسان وٽبي شهر ڏسڻ وياسين، جتي ان ڏينهن ڪو ميلو لڳل هو. وٽبي ۾ هڪ پراڻي ڦٽل چرچ آهي، جنهن جو ذڪر برام سٽوڪر ”ڪائونٽ ڊريڪولاءِ ڪتاب ۾ ڪيو آهي. وٽبيءَ جي ميلي ۾ هزارين انگريز خاندان آيل هئا. هيءُ شهر نارٿ ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ساحل تي هو، ننڍن اسٽالن تي مڇيءَ ۽ آلوءَ جا چپس عام جام هئا. ٻيون شيون به خورد و نوش جون هيون. مطلب ته اتي چڱو وقت گذاريوسين. ان کان پوءِ وٽبي شهر جو چڪر هنيوسين. ٻه گهر ثقافت کاتي جي زير نظر مقفل هئا، ان ڪري انهن جو اندر نظارو نه ٿي سگهيو. هڪ ڪرنل آئوٽ رام جو، جيڪو سنڌ فتح ڪرڻ ۾ چارلس نيپئر جو ساٿي هو ۽ هتي جو ويٺل هو. ٻيو ڪئپٽن ڪڪ جنهن آسٽريليا ڳولي لڌي هئي. واپسيءَ ۾ يارڪ جي شهر مان لنگهياسين، جيڪو پراڻو يادگار شهر آهي. يارڪ ۾ هڪ ميوزيم ۾ وائڪنگز Vikings جا هڏاوان پڃرا ڏٺاسين، جيڪي ڪافي ڊگها ۽ مضبوط هئا. Vikings بحري قزاق هئا، جيڪي اتر وارن ملڪن جهڙو آئس لئنڊ، فنلئنڊ، ناروي ۽ سئيڊن جا رهاڪو هئا. هنن جا وڏا بحري ٻيڙا هئا، جيڪي پاڻ ٺاهيندا هئا. پوءِ وقت بوقت يورپ جي مختلف ملڪن ۾ لشڪرن جي تعداد ۾ اچي ڪڙڪندا هئا ۽ لٽ مار ڪري واپس هليا ويندا هئا. وائڪنگز جو دور اڄ کان هزار سال اڳ جو آهي. هڪ نظريو اهو به آهي ته آمريڪا جو کنڊ سڀ کان اول وائڪنگز ڳولي ڪڍيو هو. هڪ اندلسي عرب پنهنجي ڪتاب ۾ وائڪنگز جو ذڪر ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته هي زمانه جاهليت جا جنگجو ۽ غير مهذب انسان هئا. کين تمدن ۽ اخلاق جي خبر اڃا ڪانه هئي. وٽبي ۽ يارڪ جو علائقو شمال انگلينڊ ۾ آهي ۽ اهي رستا اڳتي اسڪاٽ لئنڊ وڃن ٿا، جتي جا قدرتي نظارا دنيا ۾ مشهور آهن.

ٻئي ڏينهن تي اسان يارم جو قديم شهر ڏٺو، جيڪو قرونِ وسطيٰ (Mediveal) جي زماني جو هو، تعميرات، رستا ۽ ناليون اهي ئي قديم ٺهيل هيون. شهر جي وچ ۾ هڪ ٽاور هو، جنهن ۾ گهڙيال نصب هو. هيءُ شايد بعد ۾ هنيو ويو هجي. يارم کي قديم طرز تي جيئن جو تيئن رهڻ ڏنو ويو آهي. هڪ ننڍي بازار قديم زماني جي اصل حالت ۾ قائم رکي اٿن، جن ۾ دوائن جو دڪان، درزيءَ، لوهار ۽ پينٽر جو دڪان آهي. هنن ۾ پٿر يا موم جا مجسما علاماتي طور تي رکيا ويا آهن. البت هڪ دڪان لوهار جو سچو پچو هو، جيڪو هڪ هزار سال کن اڳ جي طرز تي ٺهيل هو، جتي هو لوهار ڪم ڪري رهيو هو. اندر گهڙڻ سان مون کي پنهنجي ڳوٺ جي عرس لوهار جو دڪان ياد اچي ويو، جيڪو پوکي راهي لاءِ هرلا، نار، هر، ٿوڻيون ۽ اُکر ٺاهيندو هو. گهڻا سال ٿيا جو عرس به گذاري ويو ۽ دڪان به ڦٽي ويو.

آخري ڏينهن تي اسٽاڪٽن جي ڀرسان ڊارلنگٽن شهر ۾ وياسين، جتي ڪوئلي تي هلندڙ ريلوي انجڻين جو ميوزيم آهي. پڙهندڙن کي خبر هجي ته ريلوي انجڻيون انگريزن ٺاهيون. پوءِ سڄي دنيا ۾ عام ٿيون. هن ميوزيم ۾ رکيل انجڻين کي رنگ روپ ڏئي بيهاريو ويو آهي. هر انجڻ تي انهيءَ جي ٺهڻ جي تاريخ، ريلوي ٽريڪ، جنهن ملڪ يا صوبي ۾ هلندي هئي، ان جي تاريخ لکيل هئي. جنهن مان خبر پئي ته ڪيتريون انجڻيون هنن هندستان مان آنديون هيون. هڪ انجڻ جوڌپور کان لاهور حيدرآباد مان لنگهي ويندي هئي. اها به رکيل هئي. تقسيم کان اڳ انهيءَ کي راجا گاڏي سڏيندا هئا.

يارم جي شهر ۾ هڪ نواب جو خانداني محل به ڏٺوسين، جيڪو هاڻي عجائب گهر جي طرز تي ٺاهيو اٿن. هيءُ وڏو قلعي نما محل آهي ۽ سندس چوڌاري وڏا پارڪ آهن. اندر هال ۾ هڪ باڪس رکيل آهي. ضروري آهي ته سياح ڪجهه چندو ان ۾ وجهن، حالانڪه ان لاءِ ڪا پابندي نه هئي، پر اخلاقن ڪجهه عطيو ڏيڻ ضروري هو. جنهن مان انهيءَ جي مختصر سار سنڀال ٿيندي رهي. اها ڳالهه ڏسي مون کي پنهنجي ملڪ ۽ سنڌ صوبي جي حال تي ڏاڍو ارمان ٿيو. سنڌ ۾ هزارن جي تعداد ۾ آڳاٽي زماني جا آثار قديمه، محل، ماڙيون، منارا تباهه ۽ برباد حال ۾ پيل آهن، جن مان ڪيترا مٽيءَ جي ڍيرن ۾ تبديل ٿي چڪا آهن. ڪيترا دڙا اڃا تائين کوٽيا نه ويا آهن. موئن جي دڙي جو اڌ کان وڌيڪ حصو اڻ کوٽيل آهي. افسوس جو حڪومت کي انهيءَ ڳالهه جو ذرو به خيال نه آهي. قديم تهذيبن ۽ ثقافتن تي انگريزي ادب ۾ هزارين ڪتاب آهن، جن ۾ ڪوبه ڪتاب موئن جي دڙي جي ذڪر کان خالي ڪونهي. ڇوته محققن جو اهو خيال هو ته هتي جي تهذيب، دنيا ۾ سڀ کان پراڻي تهذيب آهي. پر هاڻي ڪجهه نيون کوجنائون ٿيون آهن، جن جي لاءِ خيال آهي ته اهي اڃا به آڳاٽيون آهن. مثلا ترڪي جي کنڊرن ۾ ڪيٽل هيوڪ جي ڦٽل آبادي، جيڪا شايد ڏهه هزار سال پراڻي آهي. شام جو يارم شهر مان موٽي آياسين.

ايترا ڏينهن اسٽاڪٽن ۾ گذارڻ کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب کان اجازت ورتي سون ۽ سڌو هيٿرو هوائي اڏي تي آياسين. جهاز ۾ اڃا 4 ڪلاڪ ليٽ هئي، سو هڪ سک جي هوٽل ۾ ويهي رهيس. ماني به اتي کاڌم. سک ڏاڍا محنتي ۽ ادب وارا آهن، خبر نه آهي ته تقسيم وقت ايتري خونريزي ڇو ڪيائون؟ جڏهن پرواز جو وقت ويجهو آيو ته بورڊ تي لکجي آيو ته فلائيٽ هڪ ڪلاڪ ليٽ آهي. پوءِ ٻئي ڪلاڪ ليٽ جو به انتظار ڪرايائون. اصل ۾ جهاز ۾ ڪا خرابي هئي، جيڪا ڳالهه P.I.A وارن ٻڌائڻ نه ٿي چاهي. نتيجي ۾ جهاز جڏهن استنبول ايئرپورٽ تي پهتو ته هلڻ جو نالو ئي نه وٺي. تان جو اسان کي هوائي اڏي تي 24 ڪلاڪ انتظار ڪرايائون. انهيءَ وچ ۾ مسافرن ۽ عملي ۾ جـهـڙپون ٿـيون. ضياء الحق جو دور هو (1986ع). لاهور جو ميئر ميان شجاع الدين به مسافرن ۾ شامل هو. انهيءَ پائلٽ ۽ ٻين کي سخت ڌونڌاڙيو. تان جو فيصلو ٿيو ته پاڪستان مان ٻيو جهاز اچي. نيٺ ٻيو جهاز آيو ۽ اسان مقرر وقت کان 33 ڪلاڪ پوءِ اسلام آباد جي هوائي اڏي تي پهتاسين.

ٻئي ڏينهن آرمڊ فورسز ڪاليج پهچڻ تي معلوم ٿيو ته هڪ ٻن ڏينهن ۾ امتحان ٿيڻ وارو آهي. پهريائين پرچا ٿيا، پوءِ جيڪي تحقيقي مقالا لکيا ويا هئا، انهن جي Presentation ٿي. منهنجو مقالو سنڌ جي ٻهراڙين ۾ صحت جي سهوليت جي باري ۾ هو، جنهن کي هيٺين ممتحن صاحبان ڏٺو:

(1) جنرل عشرت حسين (2) جنرل جعفري (3) جنرل محمود الحسن (4) جنرل اظهر (5) برگيڊيئر سڪندر الاهي رانا. اها تحقيق منظور ٿي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ نتيجو نڪتو. منهنجون مارڪون ٻئي نمبر تي هيون.

ان کان پوءِ ڪراچي واپس آيس. صحت جو سيڪريٽري سالڪ نذير صاحب هو، جنهن منهنجي پوسٽنگ ڪورنگي اسپتال ڪراچيءَ ۾ ڪئي. جتي مون کي ايم، ايس جو آرڊر ڏنو ويو. اصل ۾ ان وقت ڪورنگي اسپتال جي حالت دگرگون هئي ۽ سالڪ نذير صاحب منهنجي ڪارڪردگيءَ کي ڏسڻ چاهيو ٿي. سالڪ نذير بيدار مغز ۽ هوشيار آفيسر آهي. هاڻي مرڪزي حڪومت ۾ سيڪريٽري آهي. مون چارج ورتي ته اسپتال ۾ صفائي جو بدترين نظام هو. آمريڪن اسپتالن ۾ ڪچري جا دٻا، پلاسٽڪ جا ٺهيل ڏسي آيو هئس، جيڪي 4 طرفن کان بند هئا. فقط ڪچري اڇلڻ جي جڳهه موجود هين. انهيءَ قسم جا دٻا لوهه جا ٺهرائي جابجا رکيم ۽ اسٽاف مان ڪجهه ڇوڪرا نگرانيءَ لاءِ رکيم ته ڪير به ڪچرو وارڊن يا راهدارين ۾ نه اڇلي. وارڊن جي نئين سر ترتيب ڪري، ميڊيڪل ۽ سرجيڪل ۽ زنانو وارڊ قائم ڪيم. ليبارٽري ايڪس ري کي نئين سر منظم ڪيم. انهن ڪوششن جو خاطر خواهه نتيجو نڪتو. مهيني کن کان پوءِ سالڪ نذير صاحب اوچتو اسپتال ۾ آيو ۽ چڱيون تبديليون ڏسي خوش ٿيو. پوءِ مون مان هميشہ مطمئن هوندو هو. منهنجي چوڻ تي اسپتال کي ٽي ايمبولنسون وڌيڪ ڏنائين. اڳ ۾ فقط هڪ هئي. نون وارڊن ۽ هنگامي وارڊ جي قيام جي منظوري ملي، جيڪي منهنجي وقت ۾ پايه تڪميل کي پهتا. ٻيون به گهڻيون چڱيون ڳالهيون ٿيون، جن مان هڪ ٻه ٻڌائڻ کپن، جيئن نوجوان ڊاڪٽرن کي ڪا راهنمائي ملي.

ڪورنگي غريب ۽ متوسط ماڻهن جي بستي هئي. روزانو 1200 کان 1300 مريض ايندا هئا. انهيءَ وقت ۾ هر مريض کان پرچي جا ٻه رپيا ورتا ويندا هئا. روزانو ٻن کان اڍائي هزار رپين جي آمدني گورنمينٽ جي ٿيندي هئي. ايتري آمدنيءَ تي سخت نظر رکڻ مشڪل ڪم هو ۽ خرد برد جو انديشو هو. مون خدا جو نالو وٺي، عملي مان ٽن نوجوانن کي منتخب ڪيو، جيڪي ديندار ۽ ايماندار هئا. انهن مان ٻه ڄڻا پيسا جمع ڪندا هئا ۽ ٽيون ڄڻو اهي پيسا وڃي ساڳي ڏينهن تي يا ٻئي ڏينهن تي نيشنل بينڪ ۾ جمع ڪرائي ايندو هو. نتيجي ۾ آمدني ڪراچي جي سڀني اسپتالن کان وڌيڪ ڪورنگي اسپتال ۾ ٿيڻ لڳي، حالانڪه ٻين اسپتالن ۾ ڪراچيءَ جي سول اسپتال به اچي وئي ٿي.

ڪورنگي ۾ 1986ع کان 1990ع تائين ماحول پرامن رهيو. مهاجر هوشيار ۽ سياسي طور تي سجاڳ آهن. مون سان انهن جو رويو تمام سٺو هو. ڊاڪٽر به گهڻا ڪونه هئا. پر 1990ع ڌاري سياسي حالات خراب ٿيڻ لڳا ۽ اسپتال ۾ سياسي گروپن جي دخل اندازي به شروع ٿي، ته به جن منهنجو پٺيون دور ڏٺو هو، اهي مون مان هميشہ خوش هئا. تان جو مون پاڻ سمجهيو ته هاڻي منهنجي بدلي حيدرآباد ٿئي، جتي منهنجو گهر به هو ۽ ڪورنگيءَ ۾ سرڪاري مقرر وقت کان ٻه سال مٿي ٿي ويا هئا. ايل. ايم. سي انهيءَ وقت سخت جهڳڙن جو شڪار هئي. سيڪريٽري مسٽر سعيد صديقي هو، جنهن کي خبر نه آهي ته ڇو خيال آيو ته مون کي اتي رکيو وڃي. شايد ڪورنگيءَ ۾ منهنجي چڱي ڪارڪردگي نظر ۾ هئس. 1991ع جي آڪٽوبر ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج اسپتال حيدرآباد ۾ آيس، جتي سال کن رهڻ کان پوءِ ميرپورخاص اسپتال ۾ سول سرجن ڪري رکيائون.

لياقت ميڊيڪل اسپتال ۾ 1991-1992ع وارو زمانو ڏاڍو پر آشوب هو. حيدرآباد ڪراچي ۽ اندرون سنڌ لساني جهيڙا عام هئا. اسپتال ۾ هر 4-5 ڏينهن گولين جا زخميل مريض ايندا رهندا هئا، پوءِ ڊاڪٽر انهن جي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. هيءُ اهوئي زمانو آهي، جڏهن حيدرآباد ۾ سنڌين جا گهر لٽيا ۽ هنن کي لڏ پلاڻ اختيار ڪرڻي پئي. انهيءَ حال تي رت جا ڳوڙها وهي ٿي ويا. افسوس! جو لاقانونيت جو راڄ هو ۽ ڪير سنڀالڻ وارو ڪونه هو. ڪيترا دفعا اسپتال جي مکيه دروازن تي فائرنگ ٿي. هڪ دفعو دهشت گرد پرائيويٽ وارڊ ۾ داخل ٿي ٽن ماڻهن کي ماري ويا. انهيءَ زماني ۾ مارڪيٽ ۾ هڪ بلـڊنگ ڪري، جنهن ۾ 30-40 ماڻهو شهيد ٿيا. هڙتالون عام جام هيون ۽ سنڌي اخبارون ٻرندڙ باهه تي تيل وجهنديون هيون. هفتو هفتو ڪرفيو هلندو هو ۽ ٻئي ٽئي ڏينهن تي وقفو ملندو هو. اندرون سنڌ مان به ماڻهن جي لڏ پلاڻ شروع ٿي. ڪيترا نوجوان ڊاڪٽر ٻهراڙين کان بدلي ٿي شهرن ۾ آيا. سندن سنڌي ڳالهائڻ جو لهجو ۽ تلفظ ايترو ته پڪو هو جو ڪير چئي نه سگهندو ته هنن جي مادري زبان اردو آهي. ننڍي هوندي کان وٺي، سنڌي پاڙن ۾ اٿيا ويٺا، ته فرق ڪرڻ مشڪل هو. اهو حال وري شهرن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جو به هو. هنن جي اردو اهل زبان وانگر ئي هوندي هئي ۽ فرق ڪرڻ مشڪل هو.

پر افسوس جو اهڙي سخت ڏکئي وقت ۾ به سنڌي سياستدان متحد ڪونه هئا. هڪ طرف پاڪستان پيپلز پارٽي هئي، ٻئي پاسي ڄام صادق علي جي پارٽي. ٻارهوئي اسيمبلي ۾ جهيڙو هوندو هون. ڪراچيءَ ۾ شهيد سنڌين جا نالا ۽ ايڊريسون اينديون هيون ته ٻئي طرف اَسيمبليءَ جا سنڌي ميمبر هڪٻئي سان جهيڙي ۾ مصروف. انهيءَ عدم اتحاد سنڌي قوم جا بنياد اکوڙي ڇڏيا. اها حالت اڃا به جاري آهي ۽ هاڻي اصل سنڌين جو سنڌ جي ٻهراڙين ۽ شهرن ۾ ڇا حال آهي؟ اهو ڪنهن کان ڳجهو نه آهي.

سنڌ جي ماڻهن ۾ سياسي شعور ڏاڍو گهٽ آهي. وڏيرڪي حاڪميت ۽ علم گهٽ هجڻ ڪري هميشہ نقصان ۾ رهيا آهن. جڏهن انگريزن سنڌ تي حملو ڪيو، ته به امير ٽالپر پاڻ ۾ يڪمشت ڪونه هئا. خيرپور جا امير، حيدرآباد وارن کان الڳ هئا. ميرپورخاص جو شير محمد به حيدرآباد وارن کان الڳ هو. نتيجي ۾ سنڌ جي تباهي ۽ بربادي ٿي ۽ انگريز سنڌ جا حڪمران بڻيا.

رامائڻ جي قصي ۾ سنڌ جون سرحدون وچ ايشيا کان ڏکڻ هندستان تائين ڄاڻايل آهن. اولهه ۾ بلوچي ايران ۽ اوڀر ۾ ستلج نديءَ تائين سنڌ جون سرحدون هيون. آهستي آهستي سنڌ گهٽجي وئي. شايد ٻين سببن سان گڏ عدم اتحاد سبب.

حيدرآباد کان پوءِ ميرپورخاص بطور سول سرجن مقرر ٿيس. هيءَ اسپتال سنڌ جي پراڻين اسپتالن مان هڪ آهي، جنهن جي وقت بوقت توسيع ٿيندي رهي آهي. ڪجهه بلاڪ اڳ جا ٺهيل آهن، ڪي پوءِ ٺهيا. ان ڪري تعمير ۾ ڪا ترتيب نه آهي. ڪو بلاڪ ڪٿي آهي ته ڪو ڪٿي آهي. پراڻا بلاڪ مضبوط آهن، پر انهن ۾ صفائي بهتر نه ٿي ٿي سگهي. نوان بلاڪ صفائيءَ ۾ بهتر آهن، پر گهڻو وقت جٽاءَ نه ڪندا. ميرپورخاص انگريزي بيٺڪي راڄ جو صحيح منظر آهي. هيءُ شهر مير شير محمد ٽالپر ٻڌايو. مير شير محمد جي نالي جي تختي عدالتن واري عمارتن ۾ نصب آهي. انگريز آفيسرن جون آفيسون ۽ رهائش گاهون وڏي ايراضي تي پکڙيل آهن. جيئن ڪليڪٽر جو بنگلو، ايس. پيءَ جو بنگلو، سرڪٽ هائوس، راندين جو ميدان، هاءِ اسڪول تمام وڏن ايراضين تي پکڙيل آهن. انگريزن جي حڪمت عملي اها هوندي هئي ته آفيسرن جا وڏا ۽ پر هيبت بنگلا ٺهرائي، عام تي رعب وڌو وڃي. انهن بنگلن ۾ قديم وڻ مثلا: پپر، بڙ، نم، ٽالهي ۽ ٻيا به اڪيچار قسم جا وڏا ۽ پراڻا وڻ موجود آهن، جيڪي هاڻي آهستي آهستي برباد ٿيندا وڃن ٿا. جڏهن ڪو طوفان يا مينهن اچي ٿو ته گهڻا ئي وڻ پاڙ کان اکڙي وڃن ٿا. زراعت کاتو ۽ ٻيلو کاتو پورو توجهه نه ٿا ڏين. ميرپورخاص جو فروٽ فارم سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور آهي. ان کان سواءِ هتي جا انب ۽ اين. جي. اوز به مشهور آهن. هتي جيمخانو به آهي ته روٽري ڪلب به آهي. ننڍا وڏا جلسا جلوس، مجلسون، محفلون ٿينديون رهن ٿيون.

ٻي ڳالهه، جيڪا ميرپورخاص کي ٻين شهرن کان ممتاز ڪري ٿي، اها آهي هتي جي وڏيرن، پيرن، سياستدانن جي اٿ ويهه، هلت چلت، عام ماڻهوءَ سان واهپو وغيره. هتي جا زميندار وڏيرا، سنڌ جي پراڻي ثقافت جا امين آهن. وڏيون اوطاقون ۽ حويليون قائم رکيون اٿن، جن ۾ هاري ناري، واپاري ڪمن ڪارين سان پيا ايندا ويندا آهن. لاڙ جا وڏيرا هونئن به اخلاق وارا، هيٺاهين وٺندڙ، خوش خلق آهن. هن پاسي صوفين جو اثر گهڻو آهي، جن نياز ۽ نوڙت جو سبق ڏنو. وڏيرن کي وڏا بنگلا به آهن پر گهڻو ڪري ڪچين حويلين ۽ اوطاقن ۾ پنهنجون ڪچهريون قائم رکن ٿا.

 

 

[29]

ڪن خانداني سياستدانن سان واسطو رهيو. جن کي مون اخلاق وارو ڏٺو ۽ ڪسر نفسي منجهن انتهائي گهڻي هئي. سياست ۾ به سندن حصو تمام جاندار رهيو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو اڳواڻ سيد خادم علي شاهه تجربي ڪار ۽ هوشيار سياستدان آهي. ڀٽي مرحوم جي قريبي ساٿين مان هو. سڄي دنيا ڏٺل اٿس ۽ سياسي معاملن ۾ سندس راءِ کي وڏي اهميت آهي. سندس ننڍو ڀاءُ سيد عنايت علي شاهه به ڀاءُ وانگر لائق ۽ فائق نوجوان آهي. غريب غربو وٽانئس عزت وٺي ويندو آهي.

سيد قربان علي شاهه به وڏو ناليوارو زميندار ۽ سياستدان آهي. هن کي سياسي سمجهه ۽ انگن اکرن جي جنگ گهڻن کان وڌيڪ اچي ٿي. اقتصادي ۽ مالي معاملن تي سندس راءِ کي وڏو وزن آهي. پاڻيءَ جي مسئلي يا زراعت جي هر موضوع تي کيس مڪمل ڄاڻ آهي ۽ گهٽ ڪو ماڻهو کيس اعداد و شمار ۾ شڪست ڏئي سگهي ٿو. درحقيقت قربان علي شاهه جو ذهن ايترو ته تيز آهي جو کيس ڪنهن آمريڪي يونيورسٽيءَ ۾ اقتصاديات يا شماريات جو پروفيسر هجڻ کپي ها.

پير آفتاب حسين شاهه جيلاني به وڏن خصلتن جو مالڪ آهي. سندس وڏي اوطاق تي سوين ماڻهو هر وقت ڪمن ڪارين سان موجود هوندا آهن. وس آهر سندن مدد ڪري ٿو.

انهيءَ وقت سيشن جج مسٽر افضل خان هڪ نهايت ايماندار ۽ بي رياء آفيسر هو. سفارش ٻڌڻ سندس مزاج ۾ شامل نه هو. گهڻن کي سندس دور ۾ انصاف پلؤ پيو. منهنجي اسپتال ۾ هڪ جمعدارن هئي، جنهن کي غير حاضر رهڻ تان قانون قواعد مطابق مون نوڪريءَ مان برخواست ڪيو. هڪ ڏينهن ڪنهن مختيارڪار جي فون آئي، جنهن جو نالو ياد نه آهي. هيءُ تمام بدتميز انسان هو. سو مون کي فون تي ڌمڪيون ڏيڻ لڳو ته آءٌ انهيءَ عورت کي واپس رکان. سندس انهيءَ بدتميزيءَ جي شڪايت مون افضل خان سيشن جج سان ڪئي، جيڪو انساني حقن جي ڪميشن جو چيئرمن هو. ڪميشن واري ڏينهن افضل خان مختيارڪار کي طلب ڪيو ۽ انهيءَ کان وضاحت طلب ڪيائين. افضل خان جي نالي کان هر ڪو ڪنبندو هو جو بي ڊپو ۽ سخت آفيسر هو. مختيارڪار جو رنگ پيلو هو ۽ ڏڪي به رهيو هو. قصو ڪوتاهه هن پنهنجي غلطيءَ جو اعتراف ڪيو ۽ تحريري معافي ورتي، جنهن کان پوءِ معاملو رفع دفع ٿيو. افضل خان جا گهڻا قصا مشهور آهن. مون سان خاص قرب هئس ۽ سڄي ميرپورخاص ۾ مون سان ئي اُٿڻ ويهڻ هئس. ٻيو آفيسر جيڪب آباد جي پاسي جو جکراڻي صاحب هو، جيڪو هارٽيڪلچر کاتي ۾ آفيسر هو. سنڌي ٽوپي يا اڇو پٽڪو ٻڌندو هو ۽ وڏي اڇي ڏاڙهي هئس، جيئن تصويرن ۾ سر سيد احمد خان کي آهي. هيءُ به تمام ايماندار، نمازي ۽ پرهيزگار شخص هو، ڪجهه حڪمت جوبه ڪم ڪندو هو، مثلا: ڄمن جي ٻج مان شگر جي مريضن لاءِ ڦڪي ٺاهڻ، آچار ۽ سانڌاڻا به ٺاهيندو هو. رٽائرمينٽ کان پوءِ ميرپورخاص ۾ ئي رهي پيو.

اسپتال ۾ شهر جي مهاجرن ۽ سنڌين کان علاوه ٿر جا به گهڻا ٺڪر، ميگهواڙ، موچي، ڪولهي ۽ باگڙي علاج لاءِ ايندا هئا. ڪيترا ته مرض جي آخري منزل ۾ هوندا هئا. جن مان اندازو ٿيندو هو، ته سندن وقت سر علاج ڪونه ٿيو آهي. منهنجي وقت ۾ اسپتال ۾ ڪجهه توسيعي ڪم به ٿيا، مثلا: اکين جو نئون وارڊ، نئين O.P.D ۽ نرسنگ اسڪول ۽ هاسٽل ٺهيا. هنن منصوبن جي منظوري اڳ ۾ آيل هئي، پر تڪميل منهنجي دور ۾ ٿي.

ميرپورخاص جي ريلوي اسٽيشن اسپتال سان لڳ هوندي هئي. هيءَ به وڏي اسٽيشن هئي، جتان ٻيون شاخون به نڪرنديون هيون. انگريزن جي دور ۾ راجا گاڏي جوڌپور کان نڪري، مونا بائو، کوکراپار کان حيدرآباد ايندي هئي. جتان اڳتي لاهور ويندي هئي. هيءَ ميرپورخاص مان لنگهندي هئي.

ميرپورخاص اسپتال جو هڪ واقعو بطور عبرت جي لکڻ گهرجي، جنهن جو درس اهو آهي ته جنهن کي رب رکي تنهن کي ڪير چکي؟ هڪ دفعو مون کي سخت بخار اچي ورتو. آءٌ 15 ڏينهن موڪل وٺي حيدرآباد اچي رهيس. سورهين ڏينهن تي اسپتال ويس، ته خبر پئي ته مظفر علي شاهه سنڌ جو وڏو وزير، شام جو اسپتال ۾ ايندو. وزير موصوف آيو ته سڌو سرجيڪل وارڊ ۾ هليو، جتي هر بيڊ تي مريض کان پڇڻ لڳو، ته توهان کي دوائون اسپتال طرفان ٿيون ملن. جواب ۾ سڀني مريضن علحده علحده کيس جواب ڏنو ته کين دوائون اسپتال طرفان نٿيون ملن. بلڪه هنن پاڻ خريد ڪيون آهن. ائين چئي هنن پنهنجن کيسن ۽ چادرن جي هيٺان گهڻيون دوائون ڪڍي بطور ثبوت جي وزير اعليٰ صاحب کي ڏيکاريائون. هيءَ حالت ڏسي مون کي سخت حيرت ٿي جو اهو ممڪن ئي نه هو، جو سڀني مريضن سڀ دوائون ٻاهران ورتيون هجن. وزير اعليٰ صاحب به گهڻو ڪاوڙيو ۽ مون کي چيائين ته آءٌ انهيءَ ڳالهه کي ڏسي رهندس.

اصل ۾ واقعو ڪجهه ٻيءَ ريت هو. اسپتال ۾ ڪجهه منهنجا مخالف ڊاڪٽر به هئا، جن جا تعلقات ڪن مخصوص ماڻهن سان گهڻي وقت کان وٺي هئا. انهيءَ گروپ منهنجي 15 ڏينهن جي غير موجودگيءَ جو ناجائز فائدو وٺي مڪاريءَ کان ڪم وٺي مريضن کي سيکاريو هو ته توهان هن طرح چئجو. انهن کي دوائون به پاڻ وٺي ڏنائون، جيئن سندن بدمعاشيءَ ۾ ڪو خال نه رهجي وڃي.

پر پوءِ ٿيو ڪجهه به ڪونه. منهنجون به محنتون ڪيل هيون ۽ ڪي صاحب اثر انهيءَ ڳالهه جا معترف هئا. انهن چيف منسٽر کي حقيقت حال کان واقف ڪيو، جنهن کان پوءِ ماٺ ٿي وئي. ڪي ماڻهو خوامخواهه توهان جا مخالف ٿين ٿا ۽ پنهنجي شيطاني ارادن جي تڪميل لاءِ هر اخلاقي حد کي ٽپڻ ۾ ڪو عار ڪونه ٿا سمجهن. اها دشمني ڪڏهن نسلي آهي ته ڪڏهن مذهبي ته ڪڏهن لساني. ٻيو انهيءَ ڳالهه مان ثابت ٿيو، ته جن ڊاڪٽرن منهنجي خلاف سازشون ڪيون، اهي گهڻي عرصي کان هڪ ئي جاءِ تي يعني سول اسپتال ۾ ڪم ڪري رهيا هئا، حالانڪه سرڪاري قاعدي مطابق هر سرڪاري عملدار جي بدلي 3-4 سالن کان پوءِ ٿيڻ کپي. هنن جي هڪ ئي جاءِ تي قائم رهڻ سان سندن تعلقات اتي جي رهاڪن سان گهاٽا ۽ گهرا ٿي ٿا وڃن، جنهن جو نتيجو اهڙن خراب روين سان ظاهر ٿئي ٿو.

تاريخ جي پڙهندڙڻ کي معلوم آهي ته امير المؤمنين علي رضي الله عنہ سان جنگ خليفه معاويه ان حال ۾ ڪئي هئي جو دمشق جي گورنر رهندي کيس ويهه سال ٿي چڪا هئا ۽ انهيءَ ڊگهي دور اقتدار ۾ هو ايترو طاقتور ٿي چڪو هو، جو امير المؤمنين عليءَ رضي الله عنہ سان جنگ جوٽيائين.

سول اسپتال ميرپورخاص مان بدلي ڪري، ٻيو دفعو مون کي لياقت ميڊيڪل ڪاليج اسپتال جو ميڊيڪل سپرنٽيڊنٽ ڪيائون. اسپتال جي معاملات ۾ گهڻو گهمسان گهٽجي ويو هو ۽ لساني جهڳڙا به گهٽ ٿيندا هئا. هڪ دفعو شهيد ڀٽي گروپ جا ڪجهه شاگرد آيا ته سڀاڻي مير مرتضيٰ اسپتال ۾ ايندو، کيس پنهنجي پارٽيءَ جي ڪجهه اڳواڻن جي عيادت ڪرڻي آهي. توهان مهرباني ڪري کيس متعلقه ٻن وارڊن تائين وٺي ويندا. توهان جي هجڻ سان شاگرد نظم و نسق سان هلندا ۽ مير مرتضيٰ جو مانُ به ٿيندو. ٻئي ڏينهن تي مرتضيٰ ڀٽو آيو ۽ پوءِ منهنجي معيت ۾ هڏين جي وارڊ ۽ ميڊيڪل وارڊ ۾ هليو. اتي اعلان ڪيائين، ته اڄ مون پنهنجي پارٽيءَ مان سڀني دهشتگردن کي ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي اسان جي پارٽيءَ ۾ فقط شرافت جي سياست هلندي. مون کي اهو ٻڌائڻ ۾ فخر محسوس ٿو ٿئي، ته مير مرتضيٰ ڀٽي جو رويو تمام عزت وارو ۽ با اخلاق هو. هن مون کي Sir ڪري ٿي مخاطب ڪيو ۽ هر ڳالهه ۾ مون کي اڳتي ٿي ڪيائين. وري شڪل صورت جو تمام خوبصورت هو. ان ڏينهن تي بوسڪيءَ جي شلوار قميص پيل هئس. ساڻس ٻه سؤ کن پارٽي ورڪر هئا. منهنجي خيال ۾ مرتضيٰ کي وقت ملي ها ته هو سنڌ جي سياست ۾ سٺو ڪردار ادا ڪري ها، پر افسوس جو ڪجهه ئي مهينن کان پوءِ کيس ڪراچيءَ ۾ سندس گهر اڳيان شهيد ڪيو ويو. حالانڪه وزير اعظم محترمه بي نظير سندس ڀيڻ هئي، پر کيس قانوني ۽ انتظامي معاملن ۾ ايترو ته منجهايو ويو جو هو سواءِ آه و فغان ڪرڻ جي ڪجهه به نه ڪري سگهي. مير مرتضيٰ جي خون ناحق جو ڪيس اڃا هلي رهيو آهي.

ڪجهه انهيءَ زماني ۾ ميڊيڪل جي معاملات تي به ڳالهائڻ کپي. هيلٿ جو سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪامل راڄپر هو، پر افسوس جو انتظام تي C.S.P آفيسرن وانگر ڪنٽرول نه ڪري سگهيو. هڪ ته هيءُ سياسي دور هو، جنهن ۾ اسيمبلي ميمبرن جو عمل دخل تمام گهڻو هو. بدليون ۽ مقرريون حد و حساب کان ٻاهر پئي ٿيون، هر ڪنهن پنهنجي مرضيءَ جي پوسٽنگ وٺڻ ٿي چاهي.

ڊاڪٽر راڄپر جي آفيس هر وقت پـُـرهجوم هوندي هئي ۽ ترقياتي معاملن ۽ انتظام تي ڪنٽرول رکڻ لاءِ هن کي وقت گهٽ مليو. جيتوڻيڪ هن جو ذهن تيز هو ۽ سندس سمجهه موجب صحت کاتي کي سڌارڻ لاءِ گهڻا قدم کڻڻ کپندا هئا، جن جو کيس وقت ڪونه مليو. ٻيو ته وقت جو وزير اعليٰ عبدالله شاهه به خدا ڪارڻ مخالفت تي لهي بيٺو هو. بهرحال هيءُ سال کن سيڪريٽري ٿي رهيو ۽ ڪيترا چڱا ڪم ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي بهبود لاءِ ڪري ويو.

صحت جي تعليم کي سڌارڻو آهي ته سڀ کان اول داخلائن جو تعداد گهٽائڻو پوندو. ڇوته هڪ چڱي ڊاڪٽر جي تربيت تي وڏو وقت، خرچ ۽ طبي آلات جي ضرورت پوي ٿي ۽ تعليم تي وڏو توجهه ڏيڻو پوي ٿو. اسان وٽ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ پروفيسرن جو تعداد گهٽ ۽ شاگردن جو تعداد هزارن ۾ آهي. تعداد جي لحاظ کان ميڊيڪل ڪاليج ۽ هاءِ اسڪول ۾ ڪو فرق نه آهي. پراڻي وقت ۾ ميڊيڪل جون سيٽون 100 کن هونديون هيون ۽ اعليٰ تعليم يافته ولايت مان پڙهيل استاد پڙهائڻ تي مامور هوندا هئا.نتيجا به سخت نڪرندا هئا. سالياني امتحان ۾ 17-18 سيڪڙو پاس نتيجو مس ايندو هو. ٻيا وري سپليمينٽري ۾ پاس ٿيندا هئا. پوءِ به ڪافي رهجي ويندا هئا. ان کان پوءِ سياسي پارٽين جي دور ۾ سيٽون آهستي آهستي وڌايون ويون، پر استادن ۽ ليبارٽرين جو تعداد ۽ معيار ساڳيو رکيو ويو، نتيجي ۾ پڙهائيءَ تان ڌيان هٽندو ويو. پروفيسرن پڙهائڻ لاءِ دلچسپي گهٽائي ڇڏي. اڳ داخلا فقط ميرٽ تي ٿيندي هئي، هاڻي ڪوٽا سسٽم ۽ سفارش به هلڻ لڳي. جهيڙاڪ ۽ غنڊا، دهشت گرد به شاگرديءَ جو لباس پائي اچي داخل ٿيا. هن طبقي استادن جي بيعزتي ڪرڻ شروع ڪئي. هنن جي دٻاءَ ۾ پڙهائي ختم ٿي ۽ رزلٽون سؤ سيڪڙو اچڻ لڳيون. اهڙا شاگرد به پاس ٿيا جن امتحان ۾ شرڪت به نه ڪئي هئي ۽ ڪيترا اهڙا هئا، جن کي قتل ڪندي ڏٺو ويو هو، پر ٿيو ڪجهه به نه. ڊاڪٽر ته تعداد ۾ گهڻا پيدا ٿيا، پر سندن معيار کان هرڪو واقف آهي. وري گورنمينٽ جي طرفان سندن روزگار جو ڪو ذريعو نه ڪڍيو ويو. ڪيترا ڊاڪٽر بي روزگار آهن يا معمولي نوڪريون ڪن ٿا يا پنهنجا دڪان هلائين ٿا.

هيءَ تمام افسوسناڪ صورتحال آهي. سڌريل ملڪن ۾ ڊاڪٽرن جو وڏو مانُ آهي. کين وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جا موقعا به ملن ٿا ۽ نوڪريون به ملن ٿيون. ڊاڪٽرن جي آمدني آمريڪا ۾ گهڻي ۾ گهڻي آهي، پر ٻين ملڪن ۾ به گهٽ ڪانهي، پر اسان جهڙي ملڪ جو حال ڪونهي.

ضرورت آهي، ته حڪومت کي پنهنجي منصوبا بنديءَ ۾ ميڊيڪل، انجنيئرنگ ۽ ٻين شعبن تي توجهه ڏيڻ کپي. وڌيڪ ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪرڻ تي بندش هڻڻ کپي ۽ باقي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلائون تمام محدود ڪيون وڃن ۽ زور سڄو معيار بهتر ڪرڻ تي ڏنو وڃي. متبادل طور تي هڪ Law University قانون جي علم مهيا ڪرڻ لاءِ قائم ڪئي وڃي. جتي قانون ۾ پوسٽ گريجوئيشن ۽ آئيني معاملات جي تعليم ڏني وڃي. اعليٰ پائي جا وڪيل اڳتي هلي ملڪ جي قانوني، عدالتي، سياسي نظام ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ٻيو ته  اقتصاديات کي اڄوڪي دور ۾ وڏي اهميت آهي. ملڪ ۾ ڪجهه يونيورسٽيون Economics ۾ پي ايڇ. ڊي ۽ ٻيا ڪورس ڪرائي سگهن ٿيون.

 

[30]

ڪمپيوٽر جي ايجاد دنيا ۾ وڏو انقلاب برپا ڪيو آهي. ڪمپيوٽر هر ميدان ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ وقت گذرڻ سان ان جي اهميت ۽ ضرورت وڌندي وڃي پئي. هاڻي ته دنيا گلوبلائيزيشن طرف وڃي رهي آهي. يعني سڄي دنيا هڪ ڳوٺ مثال آهي. فاصلن جي اهميت رهي ڪانهي. انسان فوري طور تي هڪ ٻئي سان رابطو ڪري ٿو ۽ وڏا فيصلا به لمحن جي اندر ٿين ٿا. انٽرنيٽ، اِي ميل، سيٽلائيٽ، موبائل فون دنيا کي ڪافي سوڙهو ڪيو آهي. ڪنهن شيءِ جو آرڊر مثلا آمريڪا ۾ ٿئي ٿو ته ان جي تڪميل انڊيا يا انڊونيشيا ۾ ٿئي ٿي. خدمتن جي دائره ڪار کي چوويهه ڪلاڪ کليو رکيو ويو آهي. مثلا آمريڪا ۾ رات آهي ته هتي ڏينهن آهي. هاڻي آمريڪا ۾ ڏينهن جي شفٽ ختم ڪري ڪارڪن گهر وڃن ٿا ته رهيل ڪم انڊيا (مثلا) وارن جي حوالي ڪري وڃن ٿا، جيئن ساڳي سرورس چوويهه ڪلاڪ جاري رهي.

ايتري وڏي ڪم ڪار کي سنڀالڻ لاءِ افرادي قوت جي ضرورت آهي. جيڪا ٽئين دنيا جا ماڻهو پورو ڪري سگهن ٿا. پاڪستان به انهيءَ جدوجهد ۾ حصو وٺي سگهي ٿو ۽ پنهنجي نوجوانن کي انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ ۾ تربيت ڏئي سگهي ٿو. اهو ڪم جيڪو انڊيا، چين، مشرق بعيد ۾ ٿي سگهي ٿو، پاڪستان به ڪري سگهي ٿو. پر صحيح منصوبا بنديءَ جي ضرورت آهي. فقط ڊاڪٽر پيدا ڪرڻ تي زور نه ڏيڻ کپي.

هڪ ٻي ڳالهه تي توجهه ڏيارڻ ضروري آهي. ڊاڪٽر تعداد ۾ ته گهڻا آهن. پر انهن جي مقرري ٻهراڙيءَ وارن اسپتالن ۾ تمام گهٽ آهي. سڀني جو زور آهي ته سندن پوسٽنگ حيدرآباد، ڪراچي، سکر، نواب شاهه ۾ ٿئي. ٿر جي وارياسي علائقي ڪوهستان جي پهاڙن ۽ بلوچستان جي سرحدن تي وڃڻ لاءِ ڪو تيار ڪونهي. انهن علائقن ۾ ليڊي ڊاڪٽر ته ورلي نظر اينديون. اصل ۾ انهن دور دراز علائقن ۾ سهوليتون به گهٽ آهن. رستا نه آهن، مواصلاتي نظام نه هجڻ جي برابر آهي. ٻارن جي تعليم جو ڪو خاطر خواهه انتظام ڪونهي. ازانسواءِ صحت مرڪزن ۽ اسپتالن جو نظام به درهم برهم آهي. ايمبولينس ڪونه آهي، دوائون اڻپوريون، اسپتال ۾ عملو ناڪافي ۽ ليبارٽريون ناپيد. مون مسقط ۾ ڏٺو ته ننڍن ڳوٺن ۾ صحت مرڪز هر لحاظ کان جامع ۽ مڪمل هئا ۽ منجهن سڀ سهوليتون موجود هيون. اسان جي ملڪ ۾ ٻهراڙيءَ جي صحت نظام کي عليحده طور تي منظم ڪيو وڃي. ان کي هيلٿ سروس جو نالو ڏنو وڃي. هر ڊاڪٽر، جيڪو سروس ۾ اچي ٿو، ان کي چار پنج سال هر حالت ۾ ٻهراڙيءَ ۾ ڪم ڪرڻ کپي، انهن ڊاڪٽرن کي پگهار ۽ الاؤنس ۾ فائدو ڏنو وڃي، مقرر عرصي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ انهن کي پوسٽ گريجوئيشن ۾ داخلائون ڏنيون وڃن، سندن ٻارن جي تعليم مفت ڪئي وڃي. ٻهراڙين ۾ مڊل تائين اسڪول کوليا وڃن، تحفظ جو ماحول پيدا ڪيو وڃي. ڌاڙيلن ۽ رهزنن جو ٻهراڙيءَ مان خاتمو ڪيو وڃي. غرض ته اهڙن اپائـَـن وٺڻ سان ڊاڪٽرن ۾ ٻهراڙين ۾ ڪم ڪرڻ جو چاهه پيدا ٿيندو ۽ غريب مريضن جو علاج ٿي سگهندو.

ٻيو مسئلو نظام کي بهتر ڪرڻ جو آهي، دوران سروس ڊاڪٽرن کي مختلف ورڪشاپن، سيمينارن ۽ طبي مجلسن ۾ تربيت ڏني وڃي، جيئن سندن معلومات ڪند نه ٿئي، بلڪه ان ۾ بتدريج اضافو ٿيندو رهي. طب جي ميدان ۾ ٿيل تحقيق ۽ کوجنائن کان واقف ٿين ۽ سندن علم ۽ تجربي ۾ اضافو ٿئي. کين طب اسلامي، اخلاقيات ۽ طبي معاشرت تي ليڪچر ڏنا وڃن، جيئن هو علاج سان گڏ مرض جي نفسياتي ۽ روحاني تقاضائن کي به سمجهن ۽ علاج ڪرڻ وقت انهن ڳالهين جو به خيال رکن. ٻهراڙين جي صحت مرڪزن ۾ ڊاڪٽرن جي رهائش جا فليٽ ۽ ڪوارٽر ٺهرايا وڃن. هيءُ ڪم لازمي طور تي ڪيو وڃي، جيئن هو اسپتال جي حدن ۾ رهي مريضن جي خدمت ڪن.

1997ع ۾ مون کي صحت کاتي جو ايڊيشنل سيڪريٽري مقرر ڪيائون. هن حيثيت ۾ مون کي صحت جي منصوبن، عمارتن جي تعمير ۽ مرمت جي نظرداري ڪرڻي هئي. هيءُ عهدو دراصل سيڪريٽري هيلٿ جي معاون طور قائم ڪيل آهي. مون اڳ ۾ چيو آهي ته هيلٿ سينٽر ته گهڻا قائم ٿين ٿا، اسپتالن ۾ نوان شعبا به قائم ٿين ٿا، پر مريضن تائين فائدو ڪونه ٿو پهچي. انهن جا سبب ۽ حل به مٿي آءٌ بيان ڪري آيو آهيان. گهڻا صحت مرڪز اهڙا ٺهيا آهن، جو اهي يا ته خالي پيا آهن يا انهن تي رينجرز جو قبضو آهي. ڪٿي ته وڏيرن جون اوطاقون آهن، پوءِ ان حالت ۾ ڪي سال گذري ويا آهن. هاڻي شايد صورت حال بدلي هجي. سبب اهو آهي، ته بلـڊنگ ته ٺهي وئي، پر ڊاڪٽر ۽ ٻي عملي جي پوسٽنگ نه ٿي، يا وري طبي آلات ۽ دوائون مهيا نه ٿي سگهيون. بهرحال صحت جي نظام کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ انهن ڳالهين کي سڌارڻ جي ضرورت آهي.

ان کان پوءِ سال 1997ع ۾ مون کي ٽي. بي سينيٽوريم ڪوٽڙيءَ جي ڊائريڪٽر جي چارج ملي. هيءَ اسپتال اندرون سنڌ ٽي. بي جي مريضن لاءِ وڏي ۾ وڏي اسپتال آهي. سڀ کان پراڻي ۽ وڏي ڪراچيءَ ۾ اوجها سينيٽوريم آهي، جيڪا ڪنهن هندو نيڪ منش اوجها ٺهرائي هئي. ٽي. بيءَ جي مريضن کي ڇوت ڇات جي خيال کان الڳ رکبو آهي. شروع ۾ جدا جدا جهوپڙيون ٺهيل هيون، جن ۾ مريضن کي الڳ الڳ رکبو هو. وارڊ پوءِ ٺهيا. ڪوٽڙيءَ جي سينيٽوريم پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ٺهي. هيءَ گول دائري ۾ بلـڊنگ آهي، جنهن ۾ وارڊ، ليبارٽريون ۽ هڪ لائبريري به آهي. ڪوٽڙي شهر کان 4-5 ميل پري جبلن ۾ پرفضا مقام تي هن اسپتال کي ٺهرايو ويو آهي.

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اربين رپيا ٽي. بيءَ جي روڪٿام لاءِ خرچ ڪيا ويا آهن، پر هيءُ مرض ختم ٿيڻ جو نالو نٿو وٺي. بلڪه W.H.O جي تازي رپورٽ آهي ته ٽي. بي پاڪستان ۾ اڃا به وڌي پئي. انهيءَ جو سبب غير مؤثر ۽ ناقص منصوبا بندي، اڻپورو علاج، معلومات جو نه هجڻ ۽ دوائن جي اڻاٺ ۽ غير معمولي قيمت آهن. هن مرض جي سدباب تي خرچ ڪرڻ کپي ۽ دوائن کي عام ماڻهن جي پهچ تائين وسيع ڪيو وڃي، جيڪي مريض اسپتالن يا صحت مرڪزن تائين پهچن ٿا، اهي ته ڪنهن حد تائين محفوظ رهن ٿا، پر جيئن ئي هو اسپتالن کان خارج ٿين ٿا، ۽ علاج ۾ رڪاوٽ پوي ٿي، ته ٽي. بيءَ جا جيوڙا دوباره طاقتور ۽ زندهه ٿي حملي آور ٿين ٿا. انهيءَ ٻئي دفعي واري حملي ۾ عام رواجي دوائون ڪم ڪونه ڪنديون آهن، پر وڌيڪ بهتر ۽ مؤثر دوائون استعمال ڪرڻيون هونديون آهن، جيڪي قيمتي به آهن ۽ ٽي. بيءَ جي مريضن لاءِ خريد ڪرڻ ڏکيون آهن، ڇوته هـُـنن جي مالي حالت اڳ ۾ ئي سقيم هوندي آهي.

حڪومت جيڪو D.O.T جو طريقو متعارف ڪرايو آهي، انهيءَ ۾ خود ڪيترا نقص آهن. هن طريقي سان علاج جو مقصد اهو آهي ته مريضن کي پنهنجي سامهون دوا ڏني وڃي. هاڻي جيسين تائين مريض اسپتال ۾ داخل آهي، يا ڪنهن صحت جي عملي جي اڳيان دوا کائي ٿو، ان حد تائين ته هن جي صحت سڌرندڙ آهي، پر جيئن ئي هن دوا ۾ ناغو ڪيو ته مرض موٽي ايندو ۽ اڳئين کان وڌيڪ مهلڪ شڪل ۾ حملي آور ٿيندو. D.O.T طريقي موجب علاج 8 مهينن کان هڪ سال يا ان کان به مٿي هلڻو آهي. پر عموما ڏٺو ويو آهي ته 4-5 مهينن دوا ڪرڻ کان پوءِ مريض جي حالت ڪافي بهتر ٿي وڃي ٿي ۽ هو سمجهي ٿو، ته هاڻي کيس چڱڀلائي نصيب ٿي آهي. نتيجي ۾ هو دوا بند ٿو ڪري ۽ مرض ڪجهه ڏينهن ڇڏي، ٻئي دفعي حملي آور ٿئي ٿو. ان رويي جو وڏو سبب جهالت آهي. ماڻهن ۾ علم ڪونهي. اڻپڙهيل آهن. ٻيو ته هنن کي صحت جي ڄاڻ ڀرپور طريقي تي نٿي ڏني وڃي. اخبارن، ٽي. وي، ۽ ريڊيو ذريعي وڏيون اشتهاري مهمون هلايون وڃن ته هن مرض جو علاج گهٽ ۾ گهٽ اٺ مهينا هلندو ۽ دوا باقاعده کائڻ کپندي. سرڪاري اسپتالن ۾ به دوائن جي موجودگيءَ جو هموار يا يڪسان نظام ڪونهي. جملي ٽي دوائون هڪ وقت کائڻيون پون ٿيون. انهن مان ٻه موجود هونديون ته ٽين ڪانه هوندي. يا هڪ هوندي، ته، ٻه نه هونديون. انهيءَ طريقي سان علاج ۾ نقص پوي ٿو. ڪڏهن ته ائين ٿيندو آهي ته ڪمپنين جي طرفان کوٽ هوندي آهي. يعني ته ڪا دوا مارڪيٽ ۾ موجود ئي ڪانه هوندي آهي. هاڻي اسپتالن ۾ ڪٿان اچي؟ هڪ ڪيپسول ليڊرف اچي ٿو، جيڪو ڪافي مهانگو آهي ۽ عام مريض جي قوت خريد کان ٻاهر آهي. حڪومت کي ٽي. بيءَ جون دوائون سستيون ۽ عام ڪرڻ کپن. تڏهن وڃي ڪو مرض تي ضابطو ٿيندو.

سينيٽوريم ۾ ڪم ڪرڻ سان عجيب تجربا ٿيا. ماڻهو جن جو واسطو غريب گهرن سان هوندو هو، سي رات جو يا ڏينهن جو اسپتال جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مريض کي ڦٽو ڪري ويندا هئا. انهيءَ مريض جي حالت اهڙي سقيم هوندي هئي، جو هن کي پنهنجي گهر جي ايڊريس يا پنهنجي نالي پتيءَ جي به خبر نه هوندي هئي. بهرحال علاج شروع ڪبو هو. پوءِ شفا رب تعاليٰ جي هٿ ۾ آهي. ٻيو اسان اهو سمجهندا هئاسين، ته ٽي. بي غريبن جي بيماري آهي. پر اتي معلوم ٿيو ته غريب ۽ امير ٻئي طبقا يڪسان انهيءَ مرض ۾ مبتلا آهن ۽ خاص طور تي جوان ۽ درمياني عمر وارا وڌيڪ. بهرحال معلوم اهو ٿيندو هو ته هنن جو علاج ابتدا کان صحيح نه ٿيو آهي. جڏهن هو اسپتال ۾ اچن ٿا، ته مرض ڪافي اڳتي نڪري اچي ٿو.

مون پنهنجي طرفان از حد ڪوشش ڪئي ته مريضن کي دوائن جي مهيا ٿيڻ جو انتظام مڪمل هجڻ کپي. جيڪڏهن ڪا دوا کٽل به هوندي هئي ته به اها خريد ڪري به کين وقت سر ڏبي هئي، جيئن ناغو نه پوي. دوا جي ملڻ تائين مريضن کي اسپتال ۾ ويهاري ڇڏيندو هوس.

في الحقيقت جيڪڏهن علاج کي مڪمل ضابطي هيٺ آڻڻو آهي ته هڪ قومي پروگرام جي رستي ٽي بي جي مريضن جي رجسٽريشن ٿيڻ کپي. هنن جو سڄو ريڪارڊ، علاج جو دورانيو ۽ گهر جي ايڊريس موجود هجڻ کپي ۽ هڪ سال يا اٺن مهينن تائين هنن کي هر حالت ۾ دوا کارائڻ کپي. مون مسقط جي الرحمته اسپتال ۾ ڏٺو ته جيڪڏهن مريض وقت سر دوا وٺڻ نه ايندا هئا، ته سرڪاري گاڏين ۾ عملو هنن جي گهر تي وڃي دوا ڏئي ايندو هو. پوءِ چاهي ان ۾ کين 100 يا 200 ڪلو ميٽر سفر ڪرڻو پوي. اسان جي ملڪ ۾ به ائين ٿيڻ کپي ۽ هڪ مربوط پروگرام ترتيب ڏيڻ کپي. ان لاءِ وري به ساڳي ڳالهه ته بجيٽ وڌائڻي پوندي. باقي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ سان يا D.O.T علاج جي رستي مرض تي ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي. البته شدت گهٽ ڪري سگهجي ٿي. مسقط وانگر مريض جي گهر تائين وڃڻو پوي ته وڃجي.

هيءُ حال فقط ٽي. بيءَ سان نه آهي. تقريبن سڀني مرضن، جن جو انسداد ڪرڻو هوندو آهي، انهن جو ساڳيو حشر ٿيو آهي. 1951ع ۾ مليريا کي ختم ڪرڻ جو پروگرام شروع ڪيو ويو. ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا ويا، پر ٿيو ڪجهه به نه. مليريا جو تعلق ائنوفليز مڇر سان آهي، جيڪو چؤماسي جي موسم ۾ وڌي ويندو آهي ۽ بيٺل گندي پاڻيءَ ۾ پنهن جو گهر ٺاهيندو آهي. ان بيٺل گندي پاڻيءَ کي جراثيم کان پاڪ ڪرڻو هوندو آهي، جنهن جي لاءِ مخصوص تيل پاڻيءَ جي مٿان هارڻو هوندو آهي. اهو تيل حڪومت ڪڏهن وقت سر مهيا ڪري ته ڪڏهن نه به ڪري. ٻيا سبب ان کان علاوه آهن. نتيجي ۾ مرض تي ڪو ضابطو ڪونه ٿيو آهي. هيءُ پروگرام 20 سالن جو هو. جڏهن 1971ع ۾ ويهه سال پورا ٿيا، ته ماهرين فرمايو ته مڪمل خاتمو ته ممڪن نه آهي، البته ان کي ڪنٽرول ڪرڻ کپي. 1991ع ۾ ٻيا ويهه سال پورا ٿيا ته ڏٺو ويو ته مرض پنهنجي جاءِ تي آهي. هاڻي وري پروگرام ۾ توسيع ڪئي اٿن. اهو سلسلو پيو هلندو. ناقص منصوبا بندي وقت ۽ پيسي جو زيان آهي.

1970ع جي ڏهاڪي ۾ E.P.I پروگرام شروع ڪيو ويو. مقصد اهو هو ته ڇهن متعدي وچڙندڙ بيمارين جي خلاف مدافعتي ٽڪا هنيا وڃن. يعني: خسره، ٽائفائيڊ، وڏي کنگهه، گلي جو خناق، تشنج ۽ ٻارن جو فالـج. پوءِ ان ۾ ڏندن جون بيماريون به شامل ڪيون ويون. پر انهيءَ پروگرام جا خاطر خواهه فائدا اڃا تائين نه نڪتا آهن. ڪٿي وقت سر ٽڪا نه ٿا لڳن، ڪٿي ٽڪن (Vaccine) کي ٿڌي رکڻ جو انتظام نه آهي، ڪٿي ٽڪي لڳائڻ جي فن کان اڻ واقفيت آهي. ان کان علاوه هر سال هزارين ٻار دستن ۽ الٽين جي بيمارين ۾ ختم ٿي وڃن ٿا، پر ويڪيسن پنهنجو اثر نٿي ڏيکاري. خسره ۽ کنگهه به عام مرض آهن. انهيءَ صورت ۾ پوليو جي انسداد جو پروگرام شروع ڪيو ويو. هيءُ سال 1994ع هو. انهيءَ وقت چيو ويو، ته پوليو ٻن سالن ۾ ختم ٿيندو. هر سال ۾ ٻه دفعا پولئي جا قطرا پئارڻا هوندا آهن. اهڙيءَ طرح هڪ سال ۾ ٻه ڦيرا ٿيا ۽ 2005ع تائين 11 سال ٿيا ۽ انهيءَ ۾ 22 دفعا قطرا پياريا ويا آهن. تڏهن به اخبارون پڙهبيون ته 8-10 ڪيس هر سال ٿيندا رهن ٿا. هي انگر اکر ته اخبارن ۾ اچن ٿا. اصل تعداد ٻيڻ تي سمجهڻ گهرجي.

1999ع ۾ پوليو جي باري ۾ هڪ ميٽنگ، وزير صحت جي اڳواڻي ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿي. جتي خبر پئي ته ٺٽي ضلعي ۾ 5-6 ڪيس ٿيا آهن، جنهن تان وزير صاحب ڪاوڙجي ڀريءَ ميٽنگ ۾ ڊي. ايڇ. او کي معطل ڪري ڇڏيو. ڪيس ته اڃا تائين ٿيندا رهن ٿا، پر ان کان پوءِ ڪنهن تي ڪو قدم کنيو ويو آهي؟ هن ڊي. ايڇ. او تي ڪاوڙ اجائي هئي. صحت جي باري ۾ ٻيا به حفاظتي پروگرام آهن، انهن تي ڪو توجهه ڪونهي. 90 سيڪڙو بيماريون خراب پاڻيءَ ۽ ڪني کاڌي کائڻ سبب ٿين ٿيون. حڪومت کي کپي ته عوام کي صاف ۽ جراثيم کان پاڪ پاڻي مهيا ڪري. اهو خواب خبر نه آهي ته ڪڏهن پورو ٿيندو. ماڻهن کي پاڻيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ميل پنڌ ڪرڻو ٿو پوي. پوءِ به کين تلائن ۾ بيٺل بارش جو پاڻي ملي ٿو، جنهن ۾ هزارين ڪيڙا ۽ جراثيم موجود آهن. ڪي اکين سان به ڏسي سگهبا آهن. ٿر جو مثال ڪافي آهي. مکيون، جيڪي پيٽ جون جمله بيماريون پيدا ڪن ٿيون، انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪجهه به نه ٿو ڪيو وڃي. آءٌ آمريڪا، ڪئناڊا، انگلينڊ مان ٿي آيو آهيان. مجال آهي جو توهان کي هڪ به مک نظر اچي. توهان گهرن جي دالالن، ورانڊن ۽ صحن ۾ آزادي سان ويهي سگهو ٿا. ماني کائي سگهو ٿا، مک جو وجود ئي ڪونهي. گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو سرشتو ڪيترن شهرن ۾ هوندو؟ شهرن ۾ گٽرن جو پاڻي رستي تي بيٺل نظر ايندو. گٽرن جي ڍڪ کليل هوندا. هي سڀ ڳالهيون موت جو سبب ٿين ٿيون. ٻهراڙيون جتي 70 سيڪڙو ماڻهو رهن ٿا، نيڪال جو ڪو سسٽم ڪونهي. مطلب ته ماڻهن کي صحت عامه فراهم ڪرڻ هڪ خواب جي حيثيت رکي ٿو ۽ اڃا ڪو زمانو کپي، جو پاڪستان ۾ وڃي ڪجهه ڪارآمد ڪم ٿين.

ٽي. بي اسپتال ڪوٽڙي کان پوءِ منهنجي بدلي ڪراچيءَ ۾ سول اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽيڊنٽ جي حيثيت ۾ ٿي. هيءَ اسپتال پاڪستان جي سڀ کان پراڻي اسپتال آهي. هن وقت هن ۾ 1700 بسترن جي گنجائش آهي ۽ 32 خصوصي شعبا آهن. انگريزن اسپتال کي اڻويهين صديءَ ۾ ٺهرايو هو. نئين بلـڊنگ جو بنياد 1936ع ۾ سنڌ جي انگريز گورنر سرهگ ڊو وڌو، جنهن جي نالي جي تختي ميڊيڪل وارڊ جي سامهون واري گيٽ تي لڳل آهي. اسپتال ۾ سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي مريضن جو اچڻ گهڻو آهي. بيروني شعبي ۾ اٽڪل 3000 کن مريض روز اچن ٿا. سنڌ جا ناميارا فزيشن ۽ سرجن ۽ مختلف مرضن جا ماهر هن اسپتال ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، جن جي قابليت بين الاقوامي طور تي مڃيل آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه آهي ته پروفيسر ليڪچر وٺن ٿا ۽ او. پي. ڊي ۾ مريضن کي به ڏسن ٿا. شاگردن جي پڙهائي جو معيار به گهڻو بهتر آهي. خاص طور تي لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتال کان هتي جو نظام وڌيڪ بهتر آهي. شاگرد ۽ هائوس آفيسر هڙتالن ۽ اسٽرائيڪن ۾ وقت ڪونه وڃائين. سندن توجهه محنت ڪري، اڳتي وڌڻ جو هوندو آهي. گهڻا هائوس آفيسر ٻاهرين ملڪن ۾ اعليٰ ڊگرين لاءِ وڃن ٿا، يا ڪراچيءَ ۾ رهي پوسٽ گريجوئيشن ڪن ٿا. سندن غير نصابي سرگرميون به تعريف لائق هجن ٿيون، مثلا: ڪتابي ميلا منعقد ڪرڻ، مختلف گهريلو شيون ٺاهي، انهن کي سالياني جلسي ۾ وڪڻڻ. شاگردن جي پنهنجي بلـڊ بئنڪ سڄي اسپتال جون ضرورتون پوريون ڪري ٿي. اسپتال جي پنهنجي بلـڊ بئنڪ نالي ماتر آهي، جتي وڏن آفيسرن جون گهر واريون نوڪريءَ جي خال ڀرڻ لاءِ مقرر ڪيل آهن.

ٻي ڳالهه پروفيسرن جي ڪاليج ۽ اسپتال جي معاملات ۾ دلچسپي وٺڻ آهي. ڪوشش ڪندا ته سندن وارڊ وڌيڪ خوبصورت هجي. خدمتن جو دائرو وڏو هجي، وارڊن ۾ توسيع ٿئي. اهڙا پروگرام متعارف ڪرائيندا، جن سان انسان ذات جو ڀلو ٿئي. هيءَ فرق آهي لياقت ميڊيڪل ۽ سول اسپتال ڪراچيءَ ۾. اول الذڪر ۾ ٻارهوئي اسٽرائيڪ، جهيڙو جهٽو، پڙهائي بند ۽ ڊگهيون موڪليون. هتي سوچ ٻي آهي.

 

[31]

ڪراچيءَ جا ماڻهو چندي ڏيڻ ۾ کليءَ دل جو مظاهرو ڪن ٿا. ڪراچي واپار جو مرڪز آهي. هتي ڪروڙ پتي ۽ ارب پتي واپاري رهن ٿا، جيڪي لکن ۾ چندو ڏين ٿا. اسپتال ۾ توسيعي ۽ ترقيءَ جا ڪم انهن چندن مان ٿين ٿا، ورنه گـورنـمـيـنـٽ جي بجيٽ محدود هجي ٿي. مون يورالاجي جي پروفيسر اديب الحسن جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته ڪيئن هڪ اهل خير ديوان فاروق سڄو بلاڪ نئون ٺهرائي ڏنو. منهنجي وقت ۾ سول اسپتال ۾ دل جي سرجريءَ جي شعبي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هيءُ به سڄو بلاڪ هڪ اهل خير عبدالله صاحب جي طرفان عطيو ڪيل هو، جتي کليل سرجري ڪرڻ لاءِ ڪروڙ رپين جي مشينري کپندي هئي. ٻيا اهل خير به عطيا ڏيندا هئا. ٻه نوجوان سرجن، هڪ ڊاڪٽر عبدالباري پشاور جو پٺاڻ آهي، ٻيو حيدرآباد جي ڊاڪٽر ضامن جو پٽ راحيل آهي. انهن ڏاڍي شوق ۽ محنت سان انهيءَ شعبي کي ٺاهيو آهي. پبلڪ سيڪٽر ۾ هيءَ واحد اسپتال آهي، جتي دل جي سرجري ٿئي ٿي، ورنه اها سرجري آغا خان، او. ايم. آءِ ۽ ٻين وڏين اسپتالن ۾ ٿئي ٿي. حيدرآباد جي شهر ۾ ايڏي وڏي پيماني تي چندا ملڻ مشڪل آهي. عطيا ٻين ڪمن لاءِ به ملن ٿا. مثلا باهه ۾ سڙڻ جو وارڊ هاڻي ٺهي تيار ٿيو آهي. هيءُ به انگريزن جي دور جي ڀڳل ۽ ڇڏيل عمارت هئي، جنهن کي نئين سر مرمت ڪري سنواري سينگاري هڪ جديد برن (Burn) سينٽر قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جي لاءِ پروفيسر شائسته آفندي ذاتي ڪوششون ورتيون. ڊاڪٽر صاحبہ خانبهادر حسن علي آفنديءَ جي اولاد مان آهي. مقصد ته عطين جي شڪل ۾ اسپتال کي وڏا وارڊ، بلاڪ ۽ بلـڊنگون ۽ اوزار مليا آهن، جن سان مريضن لاءِ  سهوليتن ۾ وڏو اضافو ٿيو آهي. ٻيا ننڍا وڏا ڪم خير جا ٿيندا رهن ٿا.

هڪ دفعي ٻارن جي شعبي ۾ هڪ وارڊ جي افتتاح لاءِ انهيءَ وقت جي گورنر ايئرمارشل عظيم دائود پوٽي کي خصوصي طور تي مدعو ڪيو ويو. صاحب موصوف پنهنجي افتتاحي تقرير ۾ اسپتال جي خدمتن جي واکاڻ ڪئي. جڏهن مجلس پوري ٿي ته ايڊيشنل ميڊيڪل سپرنٽيڊٽ کانئس پڇيو ته سائين! توهان جيڪي ڪجهه تقرير ۾ اسپتال جي باري ۾ چيو، ڇا اها حقيقت آهي يا محض رسمي ڳالهه آهي. ايئر مارشل صاحب تمام صاف ۽ کرو ماڻهو آهي. سو جواب ڏنائين ته بلڪل حقيقت آهي، ڇوته اسان اخبارن ۾ پڙهندا رهندا آهيون ته فلاڻا زخمي، يا فلاڻا مريض سول اسپتال ۾ علاج لاءِ ويا. ظاهر آهي ته انهن جو علاج ٿئي ٿو، تڏهن ته اچن ٿا. ايئرمارشل عظيم جهڙا جري ۽ بي باڪ آفيسر ڪي گهٽ ٿين ٿا.

مون کان اڳ ميڊيڪل سپرنٽيڊينٽ ڊاڪٽر حسين بخش هو، جنهن صحت جي نظم و نسق تي ڪورس شروع ڪرايو هو. هر مهيني ۾ هڪ هفتو ڊاڪٽرن کي اسپتالن جي انتظام کي هلائڻ جي تربيت ڏني ويندي هئي. مون پنهنجي وقت ۾ هن ڪم کي جاري رکيو ۽ ڪيترن مشهورن ۽ هوشيار ڊاڪٽرن ۽ ٻين اهل علم کي ليڪچر ڏيڻ لاءِ سڏايو. هن ڪم ۾ اسان جو معاون ڊاڪٽر اظهر رضوي هو، جيڪو Manageweal ۾ ڊاڪٽريٽ ڪري آيو هو. ڊاڪٽر رضوي پنهنجي ڪم جو ڪوبه معاوضو ڪونه وٺندو هو. هاڻي 2 سال کن اڳ گذاري ويو آهي. افسوس جو منهنجي چارج ڇڏڻ کان پوءِ اهو سلسلو ختم ٿي ويو. ازانسواءِ هڪ هاسپيٽل ڪميٽي به هئي، جنهن ۾ ٻين سان گڏ ٻه رٽائر سنڌي آفيسر به ميمبر هئا. هڪ محمد حسن ڀٽو، جيڪو مرڪزي حڪومت ۾ ليبر سيڪريٽري هو، ٻيو مظهرالحسن صاحب، جيڪو به رٽائر سيڪريٽري هو. هي صاحب وقت بوقت پنهنجا پنهنجا مفيد مشورا ڏيندا هئا.

ٻي هاسٽل مئنيجمينٽ ڪميٽي هئي، جنهن جو چيئرمين پروفيسر احسان رشيد مرحوم هو، جيڪو ڪراچي يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسيلر هو. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي پيرانه سالي ۾ علالت جي باوجود به هر ميٽنگ ۾ شرڪت ڪندو هو ۽ مفيد مشورا ڏيندو هو. ٻين ميمبرن ۾ پروفيسر عبدالغفار بلو هو، جيڪو پاڻ اسپتال جي ڪمن ڪارين ۾ مددگار معاون هو.

ڪجهه وقت کان پوءِ مون کي ايڊيشنل سيڪريٽري ڪيائون. هتي انتظامي معاملات نه هئا، فقط فائلن سان جنگ هئي. سڄو ڪم فائلن جي زور تي هلندو هو. فائلن ۾ تجويزون اينديون هيون، پوءِ توهان انهن سان اتفاق ڪريو يا نه ڪريو. اڇي ۽ ڪاري جو مالڪ سيڪشن آفيسر هوندو آهي. ابتدا ۾ سيڪشن آفيسر ڪو پروپوزل يا نوٽ لکندو آهي. پوءِ اهو ڊپٽي سيڪريٽري وٽ ايندو، جيڪو وري ايڊيشنل سيڪريٽريءَ کي موڪليندو. ايڊيشنل سيڪريٽري فائل کي اڳتي ڪندي سيڪريٽري ڏي موڪليندو. هاڻي جي ڪيس معمولي نوعيت جو آهي، يا ان جو تعلق 17- گريڊ جي آفيسر سان آهي ته ان جو فيصلو سيڪريٽري پاڻ ڪندو. جي معاملو ڪجهه اهميت وارو آهي ته ان کي محڪمه جي وزير ڏانهن موڪلبو. اڃا به جي ڳالهه ڳري آهي ته چيف سيڪريٽريءَ وٽان فائل چيف منسٽر تائين ويندو، جيڪو ان مسئلي تي آخري فيصلي ڪرڻ جو مجاز هوندو. چيف سيڪريٽريءَ وٽ گهڻي کان گهڻا فائل هوندا آهن، جو هـُـن کي سڀني کاتن جا فائل ڏسڻا هوندا آهن يا چيف منسٽر تائين موڪلڻا هوندا آهن.

سڄي لکپڙهه جو بنيادي ڪردار سيڪشن آفيسر آهي. اهو جيئن چاهي، تيئن ڪيس ٺاهي. وڏن آفيسرن کي ايترو وقت نه هوندو آهي، جو ويهي هر معاملي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪن. جيڪڏهن سيڪشن آفيسر فرض شناس ۽ ايماندار آهي ته فائل وقت تي نڪرندا ۽ هو پنهنجون تجويزون به حقيقت تي مبني لکندو، پر جي قصو ابتڙ آهي ته سيڪشن آفيسر ڪنهن ڪيس جو ٻيڙو به ٻوڙي سگهي ٿو ۽ جي چاهي ته متعلقه فائل کي ڪافي عرصي تائين ظاهر نه ڪري يا وري هميشه لاءِ گم ڪري ڇڏي. البته اها حرفت انهن ڪيسن ۾ ڪانه هلي سگهندي، جنهن ۾ سيڪريٽري يا ايڊيشنل/ ڊپٽي جي ذاتي دلـچسپي هوندي. اتي هو ڪيس کي لڪائي ته نٿو سگهي، پر حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي لکي سگهي ٿو. اهي آفيسر ذهين ۽ بيدار مغز هوندا آهن، جيڪي سيڪشن آفيسرن کان صحيح ڪم وٺن. توهان ڏٺو هوندو ته ڪيترا اهم ۽ جلدي توجهه طلب مسئلا آفيسن ۾ وڃي روڪجي وڃن ٿا يا وقت تي حل نٿا ٿين. انهن جو بنيادي سبب سيڪشن آفيسرن جي نا اهلي يا غفلت آهي. پر پوءِ ٻيا به سبب آهن، مثلا: سيڪشن آفيسر ته ڪم صحيح ڪيو، پر سيڪريٽري جي دل ۾ ڪا ٻي ڳالهه آهي يا وزير صاحب جي ڪا مرضي ٻي آهي. ان حالت ۾ به ڪم ڪونه ٿيندو. سو اسان جي دفتري نظام جو ٻيڙو هيٺان کان مٿي تائين ٻڏل آهي. هيءُ انگريز جون قائم ڪيل سرشتو آهي. پر انگريز انتظامي معاملات ۾ انصاف پسند، بي رياء ۽ سخت هئا. انهيءَ جي وقت ۾ لاپرواهي ٿيڻ نا ممڪن ته نه، مشڪل ضرور هئي. پر هاڻي قصو الٽو آهي. آفيسرن جي پروموشن، ترقي ۽ پگهارن ۾ ترقيءَ جا معاملات ته ڏکيا مسئلا آهن. ملازمن کي ڪو وقت سيڪشن آفيسرن جي درن جا ڌڪا کائڻا پوندا. ڪيترا دفعا ته ائين ٿيو آهي ته ڪن آفيسرن جي ناجائز رپورٽن ۽ اي سي آر کي دٻائڻ لاءِ سڄي آفيس کي هٿرادو طريقي سان باهه ڏياري وئي، ان لاءِ ته نه هجي بانس، نه وڄي بانسري. اهڙي قسم جا ڪم هر آفيس يا اداري ۾ ٿيندا رهن ٿا.

اخــبــارن مــان مـعـلـوم ٿـيــنــدو رهندو آهي. مثلا: مون کي جيڪو پرسنل اسسٽنٽ مليو، انهيءَ کي ڪو ليٽر ٽائيپ لاءِ ڏبو هو، ته ٽن چئن ڏينهن کان پوءِ چوندو ته اهو ليٽر توهان مون کي ڏنو ئي ڪونه هو. پوءِ ڏاڍو مسئلو ٿيندو هو. انهيءَ طريقي سان ڪيترا فائل ئي گم ٿي وڃن ٿا ۽ وري هٿ ڪونه ٿا اچن. پيسي جي ڏيتي ليتي به گهڻو ڪم ڪري ٿي ۽ ڪيترن حقدارن جا حق مارجي وڃن ٿا.

انهيءَ دفتري بد اعمالين کي روڪڻ لاءِ ڪمپيوٽر کان سهارو وٺڻ گهرجي. هر ايندڙ ويندڙ فائيل جي داخلا ڪمپيوٽر ۾ ڪئي وڃي ته اتي رڪارڊ هميشه لاءِ ٺهي ويندو. ڪنهن سيڪشن آفيسر يا ڪنهن ٻئي آفيسر جي ڪوتاهي ڪڏهن به نظر ۾ اچي سگهي ٿي. هتي آءٌ ان ڳالهه کي واضح ڪريان ته هي ڪاروايون سڀني آفيسن ۾ ٿينديون رهن ٿيون. فقط هيلٿ سيڪريٽريٽ جو قصور ڪونهي. باقي جتي ايماندار ۽ چڱا آفيسر ويٺا آهن، انهن جي نيڪ نامي ۽ ديانت تي ڪنهن کي شڪ نه هجڻ کپي.

منهنجي وقت ۾ جيڪو آفيسر هو، اهو ضياء الحق جي قائم ڪيل اسلامي نظام جو بهترين مظهر هو. ڏينهن جو ته نماز با جماعت پڙهندو هو، پر شامون سندس رنگين گذرنديون هيون. ضياء الحق ڪهڙو اسلام، ڇو ۽ ڪيئن نافذ ڪيو ۽ افغانستان جي جنگ ۾ ڪنهن جي چـُـرچ تي شامل ٿيو، انهيءَ جي اسان کي خبر نه آهي، پر ويجهڙائي ۾ چارلي ولسن نالي هڪ آمريڪي سي. آءِ. اي جي آفيسر هڪ ڪتاب لکيو آهي. ڪتاب ۾ گهڻن رازن تان پردو کنيو ويو آهي. جنرل صاحب ڪهڙا ڪڌا ڪم ڪيا، ڪيترن خوبصورت عورتن سان واسطي ۾ رهيو. آمريڪا ۾ سندس استقبال ڪيئن ٿيندو هو. مطلب ته ڪتاب پڙهو ته عقل حيران ٿو ٿئي ته مجاهد اسلام، آمريڪا جي حڪم تي پاڪستان ۾ ڪهڙي بربادي آندي. هٿيار ڪٿان ايندا هئا ۽ ڪيڏانهن ويندا هئا؟ هيروئن ۽ آفيم جو ڪلچر پاڪستان جي ذريعي يورپ ۽ آمريڪا تائين ڪيئن پهچندو هو؟ ڪتاب حيرت انگيز معلومات جو ذخيرو آهي.

ستن مهينن کان پوءِ مون کي حيدرآباد جي مينٽل اسپتال ۾ ميڊيڪل سپرنٽيڊنٽ ڪيائون. هيءَ اسپتال هڪ پارسي اهل خير سرڪوواسجي جهانگير 1850ع ڌاري حيدرآباد ۾ ٺهرائي. ڪوواسجي بمبئيءَ جو ويٺل هو. هتي سندس زرعي زمينون هيون، جيڪي هن اسپتال قائم ڪرڻ لاءِ بطور عطيه ڏنيون. وڏي ايراضيءَ ۾ دماغي مرض جي لاءِ اسپتال ٺهي تيار ٿي، جيڪا انهيءَ زماني ۾ چرين لاءِ ايشيا ۾ وڏي ۾ وڏي اسپتال هئي. هيءُ زمانو انگريزن جي صاحبيءَ جو هو. ڪو زمانو انگريز ڊاڪٽر اسپتال جا انچارج هئا. افسوس جو انهن جو رڪارڊ موجود ڪونهي. شايد ممبئي يا ڪراچيءَ جي ڪنهن پارسي خاندان وٽ موجود هجي. ڪوواسجيءَ کان پوءِ سندس پٽن اها اسپتال هلائي. پوءِ انگريز حڪومت ان کي سرڪاري تحويل ۾ ورتو. 1947ع ۾ پاڪستان ٺهيو ته حيدرآباد سنڌ پاڪستان جي حـصي ۾ آئي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ گهڻا نامور ماهر نفسيات هتي معالـج ۽ انچارج ٿي رهيا، جيئن ڊاڪٽر ابراهيم خليل، ڊاڪٽر اصغر علي، ڊاڪٽر شمس الضحيٰ، ڊاڪٽر جعفري، ڊاڪٽر قاضي حيدر علي وغيره. ڊاڪٽر ابراهيم خليل ته پنهنجي معالجـاتي زندگي تي ڪتاب ”عبرت ڪده“ به لکيو آهي. وڌ ۾ وڌ ڊگهو عرصو قاضي حيدر عليءَ جو آهي، جيڪو ٽيهارو سال کن ميڊيڪل سپرنٽيڊنٽ ٿي رهيو. اسپتال جو سال تعمير 1850ع هڪ پٿر جي سر تي لکيل اڄ پراڻي بلـڊنگ تي موجود آهي. وڏا وارڊ ۽ کليا اڱڻ آهن، پر افسوس جو هن اسپتال کي هر دور ۾ پاڳل خانو يا جيل خانو ڪري هلايو ويو آهي. خطرناڪ مريض وڻن هيٺ زمين تي پيا هوندا. ڪي وري ننڍن ڪوٺين ۾ بند آهن. ڪاڪوس ۽ باٿ رومن جي حالت از حد خراب آهي. قيدي مريضن جي وارڊ جي حالت ته ناگفته به آهي. هنن جا باٿ روم وارڊن ۾ اندر ئي آهن. البته قاضي حيدر جي وقت ۾ ڪجهه نوان وارڊ اسپتالن جي طرز تي ٺهيا آهن، جتي بيڊ به آهن، پکا به آهن ۽ باٿ روم به آهن. مانيءَ جو انتظام به ناقص ۽ غير صحتمند آهي. البته ڪي خدا ترس وقت بوقت مريضن لاءِ کاڌو عطيه طور موڪليندا رهندا آهن، جنهن سان ڪنهن حد تائين انهيءَ ڪوتاهيءَ جي تلافي ٿئي ٿي. اسپتال جي ليڪچر هال ۾ ڪوواسجي جهانگير جي وڏي تصوير هٿ سان پينٽ ٿيل رکيل آهي، جنهن جي لاءِ ڪنهن چيو، ته اها حقيقي تصوير نه آهي. ان لاءِ مون ڊان جي ڪالم نگار ارد شير ڪائوسجي سان فون تي ڳالهايو. ارد شير جي چوڻ موجب، اها تصوير حقيقي آهي. مون کانئس سر ڪوواسجي جهانگير جي زندگيءَ جو احوال گهريو، جيئن ان کي اسپتال جي سووينئير ۾ ڇپائي سگهجي. افسوس جو ارد شير انهيءَ احوال ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ڪجهه ئي وقت کان پوءِ پارسين جي تهذيب ۽ تمدن تي هڪ ضخيم ڪتاب فيروزه پنٽڪئي جو ممبئي مان لکيل مليو، جيڪو هندستان ۾ ڇپيو آهي. ان ۾ ڪوواسجي جي اهائي تصوير پرنٽ ٿيل آهي، جيڪا اسپتال جي آڊيٽوريم ۾ آهي. ڪتاب جو نالو آهي: “Persian Tapestry” فيرزه پنٽڪي ڪراچي جي ويٺل هئي، جيڪا پوءِ ممبئي لڏي وئي. اسپتال ۾ پراڻيون بلـڊنگون، هال ۽ وارڊ اڃا تائين پختي حالت ۾ موجود آهن. جن جون ديوارون، ٿنڀا ۽ ڇتيون تمام مضبوط ٺهيل آهن. انهن کي ڪار آمد بنائڻ لاءِ ڪجهه مرمت جي ضرورت آهي. افسوس جو انهيءَ ڳالهه تي ڪنهن جو توجهه اڃا تائين ڪونه ويو آهي. هڪ وڏو بلاڪ مختلف ڪمرن تي مشتمل آهي. جيڪو بلڪل خالي پيو آهي. اتي جو سيوريج سسٽم ڪم ڪونه ٿو ڪري. ضروري آهي ته ويهه پنجويهه لک خرچ ڪري اسپتال جي مڪمل مرمت ڪرائجي، ان ۾ جديد اسپتال قائم ڪئي وڃي، جيڪا وري به شايد ايشيا ۾ پهريون نمبر اسپتال ليکي وڃي.

هڪ ٻيو وارڊ جيڪو پوءِ قائم ڪيو ويو آهي، اهو نشي جي عادي افراد جي علاج جو مرڪز ڪيو ويو آهي. هن وارڊ مان به ڪو خاطر خواهه نتيجو نه نڪتو آهي. ڇوته اسپتال 3 بجي بند ٿيڻ کان پوءِ مريض جا ملاقاتي کين گهربل نشو ڏئي وڃن ٿا. سندن مٿان ڪيل محنت، اهڙي طرح ضايع ٿيو وڃي ٿي. افسوس جو انهي ڪڌي ڪم ۾ اسپتال جو هيٺيون عملو به شامل هوندو آهي.

جيڪي دماغي مريض داخل ٿين ٿا، انهن مان ڪيترا عمر ڀر لاءِ اسپتال ۾ ئي رهيو پون. اهوئي سندن گهر آهي، اوطاق آهي، بيٺڪ آهي، بازار آهي. سبب اهو آهي ته سندن لواحقين يا مائٽ موٽي هنن جي سار سنڀال ڪونه ٿا لهن. هو نٿا چاهين ته هي دماغي مريض واپس گهرن ۾ اچي سندن لاءِ سر درد بنجن. زماني جي اهڙي بيحسيءَ تي ڏاڍو تعجب ٿو ٿئي. ڪيترا مريض ته نالي ۾ مريض هئا، پر گهڻو ڪري چڱا ڀلا هوندا هئا. ڳالهيون به عقل واريون ڪندا هئا ۽ پاڻ کي صاف سٿرو رکندا هئا. انهن کي اسپتال ۾ وڌيڪ وقت رکڻ اجايو هو.

آءٌ صبح جو اسپتال جو گشت ڪندو هئس ته خطرناڪ مريضن جي وارڊ ۾ به هليو ويندو هئس، جتي جي لاءِ ٻيا ڊاڪٽر مشورو ڏيندا هئا ته هي ڪنهن به وقت حملو ڪري سگهن ٿا. پر ڪڏهن به ائين نه ٿيو. پاڻ منهنجي چوگرد اچي بيهندا هئا ۽ پنهنجون شڪايتون ٻڌائيندا هئا. ڏسجي ته انسان جي دماغ ڦرڻ ۽ سڌي ٿيڻ ۾ فاصلو تمام گهٽ آهي.

ڪيترا مريض اهڙا هوندا هئا، جن کي مون ڪي سال اڳ حيدرآباد جي مارڪيٽ يا ٻين علائقن ۾ گهمندي ڏٺو هو. پر هاڻي ڪنهن زماني کان پاڳل خاني جا رهواسي هئا. لاڙڪاڻي جو هڪ نوجوان قريشي خطرناڪ مريضن ۾ شامل هوندو هو. وارڊ ۾ وڃبو هو ته يا علي يا علي جا نعرا هڻندو هو ۽ ٻين مريضن کي هٽائي منهنجي لاءِ رستو ٺاهيندو هو. ڪير به هن کي چريو نه چوندو هو. هميشه پيرين پئي ملندو، درزڪو پيشو هئس. چوندو هو ته سائين!  مون کي ڪڏهن موڪل ملندي؟ کيس قانوني طور تي موڪل ڪانه ملي، نيٺ هڪ ڏينهن موقعو وٺي ڀڄي ويو.

هڪ ٻئي مريض جو قصو ياد اچي ٿو. سندس پيءُ کيس ڪراچيءَ مان وٺي آيو هو. پوءِ ٻه مهينا کن داخل رهيو. هڪ ڏينهن خبر پئي ته غائب ٿي ويو آهي. اهو سمجهيو ويو ته ٻين ڪن مريضن وانگر هي به ڀڄي ويو. انهيءَ ڳالهه کي 4-5 ڏينهن گذري ويا. جن مينٽل اسپتال ڏٺي آهي، انهن کي خبر هوندي ته ڀرسان لنگهندڙ گدو ويندڙ مکيه رستي جي ديوار ڊبل آهي. يعني اندرئين طرف هڪ ديوار آهي، جيڪا پراڻي زماني جي آهي. انهيءَ جي ٻاهران ٻي ديوار آهي، جيڪا ويجهڙائي ۾ فتح ڀائي ٽيڪسٽائيل وارن ٺهرائي آهي. انهن ٻنهي ديوارن جو درمياني فاصلو 4 فوٽ کن ٿيندو. هڪ ڏينهن اندرئين ديوار جي ڀرسان هڪ ماڻهوءَ کي ڪم ڪندي ڪنهن جو ڪرب ۾ ٻڏل آواز ٻڌڻ ۾ آيو. سو وڏو چڪر ڏئي انهيءَ درمياني حـصي ۾ گهڙي ويو. ڏٺائين ته ڪو مريض اونڌي منهن ڪريو پيو آهي. سو اچي اطلاع ڪيائين. مون ڪجهه ماڻهو موڪليا ته حقيقت حال ڏسي اچن. وڃي ڏسن ته هي اهوئي مريض هو، جيڪو ڪراچيءَ کان آيو هو ۽ 4 ڏينهن اڳ غائب ٿي ويو هو. معلوم ٿيو ته انهيءَ شخص ڀڄڻ لاءِ اندرئين ديوار تان ٽپو ڏنو. ديوار 20 فوٽ کن ڊگهي هئي، سو ديوار ته ٽپي ويو، پر ٻئي طرف وڃي ڪريو ۽ شايد بيهوش ٿي ويو. 3-4 ڏينهن انهيءَ حالت ۾ کاڌي پيتي بنا پيو هو، پر ساهه کنيائين پئي جو اڃا حياتي هئس. کيس کڻائي آياسي ۽ ڌڪن جو علاج ڪيوسين. ٻن ٽن ڏينهن ۾ ٺيڪ ٿي ويو.

پوءِ سندس پيءُ کي لکيوسين ته اچي پٽ کي وٺي وڃي. پر هن نابري واري. انجام ڪار کيس جناح اسپتال ۾ موڪليوسين، جو دماغي مرض سان گڏ گردي ۾ به پٿري هئس. اهڙن عجيب و غريب واقعن سان واسطو پوندو هو. مون پنهنجي طرفان اسپتال جي نظم و نسق سڌارڻ جي لاءِ ڪي اپاءَ ورتا. درحقيقت آءٌ جتي به رهيو آهيان، اتي حتي المقدور اصلاحي قدم کنيا اٿم. پر انهن جي ذڪر کان احتراز ڪيو اٿم جو مبادا ماڻهو انهيءَ کي خود ثنائي سمجهن. اڳ مريضن کي ماني بستري تي ڏني ويندي هئي، پوءِ هو بچيل کاڌو اتي ئي فرش تي اڇلي ڇڏيندا هئا. صفائيءَ جو ڪو انتظام ڪونه هو. اسپتال ۾ وڏو ڊائننگ هال هو، مون انهيءَ کي صاف ڪرايو ۽ مريض کي ماني اتي کارائڻ جو انتظام ڪيو. انهيءَ مان نظم و نسق بهتر ٿيو ۽ وارڊ صاف رهڻ لڳا.

اسپتال جا باٿ روم ۽ ڪاڪوس زبون حال هئا. مون سڄي سال جي مرمت جا پيسا انهن جي مرمت لاءِ لڳارايا، جنهن جي نتيجي ۾ باٿ روم قابل استعمال ٿيا ۽ وارڊن مان بدبوءِ به گهٽي.

اڳ ۾ وارڊ 9-10 صبح تائين پيا صاف ٿيندا هئا. ان صفائيءَ ٿيڻ کان اڳ وارڊ ۾ ڊاڪٽر گهڙندا به ڪونه هئا. مون جمعدارن جو ٽائيم صبح جو 6 بجي اچڻ جو مقرر ڪيو. ان ڪري 8 بجي صبح تائين صفائي مڪمل ٿي ويندي هئي. ساڍي اٺين تائين ڊاڪٽرن جا رائونڊ شروع ٿي ويندا هئا. اڳ ۾ مريضن جي مانيءَ مان اسپتال جا ملازم به ماني چوري ڪندا هئا. انهيءَ تي سختي ڪيم، ته اها ڳالهه گهڻي ڀاڱي ختم ٿي وئي. ائين پبلڪ جو اعتماد وڌيو ۽ اسپتال کي مريضن جي مانيءَ لاءِ وڌيڪ عطيا ملڻ لڳا.

حيدرآباد جي هڪ مشهور اهل خير واپاريءَ کي مون ڏٺو ته هو هفتي جي ڪنهن ڏينهن تي سيڌو پاڻ سان کڻائي ايندو هو ۽ پنهنجي طرفان پنهنجي هٿن سان ماني يا چانور برياني رڌيندو هو. هن ڪم کي هو عبادت سمجهندو هو. سندس خواهش اها هئي ته سندس نالو ظاهر نه ڪيو وڃي. اڳ ۾ وارڊن ۽ اسپتالن ۾ انڌيرو هوندو هو. مون روشنيءَ جو انتظام ڪيو ۽ انڌيرو ختم ٿيو. مطلب ته ڪجهه ڪوششون ڪيون ويون، جن جي لاءِ مڪمل ڪاميابيءَ جي دعويٰ ته نه ٿي ڪري سگهجي، ته به ڪجهه سڌارا ضرور آيا.

60 سالن جي عمر پوري ٿيڻ تي مئي 2002ع تي مون رٽائر ڪيو. رب تعاليٰ جو شڪر ڪيم جو هڪ پلصراط جهڙو سفر پورو ٿيو. ان کان پوءِ سمورو وقت مطالعي ۽ لکڻ پڙهڻ ۾ گذارڻ لڳس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org