سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: يادِ ايام

باب: --

صفحو :11

 

[32]

الله تعاليٰ قرآن شريف ۾ فرمايو آهي ته غارِ حرا ۾ جڏهن جبرائيل امين حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن کي نبوت عطا ٿيڻ جي بشارت ڏني، ته ان سان گڏ اهو به ارشاد فرمايائين ته: ”اقرا باسم ربک.“ يعني پڙهه پنهنجي رب جي نالي سان. مطلب اهو نڪتو ته ذات باري تعاليٰ دنيا ۽ آخرت ۾ جنهن ڳالهه کي ٻين معاملن تي اهميت ڏني، اهو پڙهڻ جو ڪم هو. پڙهڻ جو تعلق علم حاصل ڪرڻ سان آهي يا علم کي وڌائڻو آهي. ڪائنات جي تخليق به علم جي هجڻ يا نه هجڻ جي مذڪور سان اڳتي وڌي ٿي. فرمان آهي ته جڏهن آدم کي خلقيو ويو ۽ فرشتن کي حڪم ٿيو ته آدم کي سجدو ڪن ته شيطان انڪار ڪيو. ملائڪن چيو ته يا رب تعالي! جيڪڏهن آدم جي تخليق جو مقصد تنهنجي حمد و ثنا سان آهي، ته ان لاءِ اسين ڪافي آهيون. پر الله تعاليٰ فرمايو ته جنهن ڳالهه جي مون کي خبر آهي، ان جي توهان کي خبر نه آهي. آءٌ زمين ۾ پنهنجو نائب خلقڻ وارو آهيان. پوءِ الله تعاليٰ حضرت آدم عليہ السلام کي نالن سڃاڻڻ جو علم ڏنو. مگر ملائڪن کي اهو علم حاصل نه هو. لهاذا انهن نالن ٻڌائڻ کان عاجزي ڏيکاري. پر آدم عليہ السلام مطلوبه سڀني شين جا نالا ٻڌايا. مطلب ته ڪائنات جي تخليق جو وڏو مقصد علم حاصل ڪرڻ ۽ انهيءَ کي پکيڙڻ ۾ مضمر آهي. وري سورت الم کي ڏسو. مطلب ته حضرت آدم عليہ السلام علم جي بنياد تي ملائڪن کان گوءِ کڻي ويو. پاڪ ڌڻي فرمائي ٿو: ذالک الکتاب لاريب فيہ ”هن ڪتاب ۾ ڪو شڪ نه آهي، هن ۾ پرهيزگارن لاءِ هدايت آهي.“ معنيٰ ته تخليق ڪائنات جو مقصد پڙهڻ سان شروع ٿئي ٿو ۽ قرآن ڪريم پهريون ذڪر ڪتاب (قرآن) جو ٿو ڪري. انهيءَ مان ناظرين پڙهڻ ۽ ڪتاب جي اهميت کي سمجهن.

علم پرائڻ جو مکيه ذريعو پڙهڻ سان آهي. پر ٻيا به طريقا علم پرائڻ جا آهن. مثلا: مشاهدو، جيڪا شيءِ يا واقعو انسان پاڻ ڏسي، اهو انهيءَ جي علم ۾ اضافو ڪري ٿو. باقي اهو علم فائدو ڏئي ٿو يا نقصان وارو آهي، انهيءَ تي انسان پاڻ غور ڪري. ٻيو ذريعو علم حاصل ڪرڻ جو ڪچهرين ۽ گفت و شنيد جي وسيلي آهي. ٻين جا احساس، خيال، تجربا ۽ قول ٻـُـڌجن ۽ انهن جي به ڇنڊ ڇاڻ ڪري، پنهنجي علم ۾ اضافو ڪجي. ٽيون طريقو سير و سفر جو آهي. قل سيرو في الارض کيف کان عاقبته المکذبين. قرآن ۾ فرمان آهي ته دنيا ۾ گهمو ڦرو ۽ ڏسو ته ڪوڙن جي پڇاڙي ڇا ٿي. ان کان علاوه جديد طريقا به علم حاصل ڪرڻ جا آهن.

هاڻي زمانو ايجادات جو آهي. سمعي ۽ بصري هنرن کي استعمال ڪري پنهنجي علم ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، جهڙوڪ: ريڊيو، ٽي. وي، انٽرنيٽ، سيٽلائيٽ وغيره.

بهرحال جا اهميت ۽ ترجيح ڪتاب ۽ پڙهڻ کي آهي، اها ڪنهن ٻئي ذريعي کي ڪانه آهي. ڪن هزارها سالن کان وٺي ڪتاب لکجن ۽ پڙهجن پيا. گلگاميش (gilgamesh) سمرنا جو بادشاهه هو. سندس رزميه ڪتاب 3200 سال اڳ ۾ لکيو ويو، جيڪو جيئن جو تيئن موجود آهي. ڪتاب پٺين زمانن جا واقعا، قصا، جنگين جا احوال، بادشاهن، وزيرن ۽ سپهه سالار جا ڪارناما، نبين، درويشن ۽ چڱن انسانن جون زندگيون اسان کي ٻڌائين ٿا، جن مان وڏو سبق ملي ٿو ۽ مستقبل جي منصوبه بندي ۽ حال کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي. ڪتاب پڙهڻ جو مشغلو به پاڻ سان گڏ وڏي دلچسپي رکي ٿو. ڪتاب پڙهندڙ پنهنجو پاڻ ۾ مصروف رهي ٿو، ٻئي جي ڪمن ڪارين ۽ عادتن ۾ مخل نٿو ٿئي. پنهنجي علم ۽ سياڻپ ۾ اضافو ڪري ٿو ۽ اجاين، بي سود ڳالهين کان پاسيرو رهي ٿو. جيڪي اصحاب ڪتابي علم جا شوقين آهن، انهن کي خبر آهي ته ڪتاب پڙهندي کين ڪيڏو سڪون ۽ لطف محسوس ٿئي ٿو ۽ هڪ قسم جي خوشي محسوس ٿئي ٿي.

علم تمام وسيع ۽ بي  ڪران آهي. نيوٽن جيڏو وڏو عالم، جڏهن آخري عمر ۾ پهتو ته چوڻ لڳو ته مون سڄي عمر علم ۽ اڀياس ۾ گذاري. پر نصيب ايترو ٿيو آهي جو ائين چئجي ته سمنڊ جي ڪناري تي صرف سپ ڳولڻ جي جستجو ڪئي اٿم. سمنڊ ته پري جي ڳالهه آهي.

مٿي جيڪي ڪجهه لکي آيو آهيان، انهيءَ مان فقط علم ۽ ڪتاب پڙهڻ جي مشغلي جي اهميت ٻڌائي اٿم. ان مان ڪنهن به ريت ڪا خود نمائي يا خود تعريفي مطلب هرگز نه سمجهڻ کپي. مون نيوٽن جهڙي عالم جو مثال به ان لاءِ ڏنو ته هيتري علم هوندي به هن پاڻ کي ڪيترو ڪمتر ۽ حقير ٿي سمجهيو.

البته ٻين ڳالهين سان گڏ هيءَ ڳالهه به ٻڌائيندو هلان، ته مطالعي سان دلچسپي مون کي ننڍپڻ کان آهي. ميٽرڪ تائين ته ڪيترن راندين ۾ به حصو ورتوسين، پر آهستي آهستي اهي رانديون رونديون ختم ٿي ويون، البته ڪتابن سان شوق جاري رهيو. ميٽرڪ پاس ڪرڻ تائين مون وٽ ڪتابن جو وڏو ذخيرو جمع ٿي چڪو هو، جن ۾ انگريزي، سنڌي، اردو ۾ ڪتاب هئا. گهڻو حصو انهن مصنفن جي ڪتابن جو هو، جيڪي سنڌي هندو هئا ۽ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ لکي ويا. هندو اديب علم و ادب ۾ ڪافي اڳتي هئا ۽ سندن طرفان گهڻا اشاعت گهر قائم هئا. سندن مقابلي ۾ سنڌي مسلمان به تمام سٺو ادب لکندا هئا. منجهان گهڻا شاعر، فتويٰ نويس، اخبار نويس ۽ مصنف ٿيا. انهن جهڙا ڪتاب هاڻي ڪونه ٿا لکجن. ميٽرڪ کان پوءِ مون کي پري ميڊيڪل ۽ ميڊيڪل جي امتحانن تي سخت محنت ڪرڻي پئي. ان ڪري گهڻو زور ۽ محنت نصابي ڪتابن تي هو ۽ ٻين ڪتابن تي توجهه گهٽ رهيو. نوڪريءَ دوران به مطالعي لاءِ وقت گهٽ مليو، تڏهن به مطالعي جو شغل قائم رکندو آيس. منهنجي ميٽرڪ تائين قائم ڪيل لائبريري مان تمام گهڻا ڪتاب غائب ٿي ويا، جنهن جو هميشه افسوس رهندو. هي ناياب ڪتاب هئا، جن جا مصنف سنڌي هندو اديب هئا ۽ اهو علم جو وڏو ذخيرو هئا.

مون کي گهڻا ڪتاب انگريزيءَ ۾ پڙهڻ جو موقعو مليو آهي. انهيءَ مان اهو مطلب نه آهي ته سنڌي ۽ اردو ۾ ڪتاب گهٽ آهن. پر انگريزي ادب بيحد وسيع آهي ۽ انگريز محققن ۽ مصنفن جن موضوعن تي لکيو آهي، اهي لاثاني، بي نظير ۽ بي مثل آهن. هنن جنهن به موضوع تي لکيو آهي، انهيءَ سان پورو انصاف ڪيو اٿن. پر عموما= هو انصاف پسند قلم ڪار آهن. مون ويجهڙائيءَ ۾ محترم محمد ابراهيم جوئي جو ڪتاب خود ڪتابن متعلق ڏٺو آهي، جنهن ۾ ڪيترن انگريزي ڪتابن تي تبصرو ڪيل آهي. منهنجي خواهش آهي ته جوئي صاحب جي تقليد ۾ آءٌ به پنهنجي لائبريري جي ڪجهه ڪتابن جو تعارف ڪرايان، جو بيحد مختصر آهي. ان سان گڏ اهو به ٻڌائيندو هلان ته مون کي ادب جي جن شعبن ۾ خاص دلچسپي آهي، اهي آهن سفرنامه، سوانح عمريون، قديم تهذيبن جا حال احوال، آزاديءَ جون تحريڪون، تاريخي، تمدني، ثقافتي بازگشتون. باقي اقتصاديات يا اسپورٽس تي مون گهٽ ڪتاب پڙهيا آهن.

مون پنهنجي اڳيان ڪجهه منتخب ڪتاب آڻي رکيا آهن. انهن تي تبصرو ترتيب وار يا شعبي وار نه ڪري سگهندس. البته جيڪو ڪتاب هٿ ۾ ايندو ويندو، اتي لکندو ويندس. ٿيڻ ته ائين کپي ها ته هڪ جامع تبصرو انگريزي ڪتابن سان گڏ اردو ۽ سنڌي ڪتابن جو به هجي ها، پر ائين موضوع ڊگهو ٿي ويندو ۽ يقين سان چوان ٿو ته ان لاءِ هڪ الڳ ڪتاب جي ضرورت آهي. بهرحال هاڻي بسم الله جي برڪت سان شروع ڪريان ٿو.

(1) Judge Speaks out

هيءُ ڪتاب رٽائرڊ چيف جسٽس پاڪستان اجمل ميان جو لکيل آهي. جنهن ۾ هن پنهنجي عدالتي زندگي ۽ قانوني فيصلن تي لکيو آهي. اجمل ميان کي اهي قانوني فيصلا تڏهن ڪرڻا پيا، جڏهن ملڪ سخت سياسي خلفشار ۾ مبتلا هو. فيصلي ڪرڻ ۾ وڏي تدبر، انصاف پسندي، فهم ۽ فراست جي ضرورت هئي. اجمل ميان جي لکيل ڪتاب مطابق انهيءَ معيار تي هو پورو نظر اچي ٿو.

(2) From Babel to Dragomans

مصنف مشهور متشرق برنارڊليوس: هن ڪتاب ۾ مشرق وسطيٰ ۾ اسلامي، ديني ۽ سياسي تحريڪن جو جائزو ورتو ويو آهي ۽ بين المذهبي ڪشمڪش تي بحث ڪيو ويو آهي.

(3) Charlie Wilsons، War

چارلي ولسن سي. آءِ. اي جو ڊائريڪٽر هو. افغانستان جي مجاهدن جي مدد لاءِ هن جيڪي لازوال ڪارناما سرانجام ڏنا، اهي تاريخ ۾ هميشه مرقوم رهندا. هن ڪتاب مان خبر پوي ٿي ته جنرل ضيا ِّ الحق ۽ ٻيا فوجي عملدار آمريڪا جا ڪيترا پوئلڳ هئا، جنهن جي نتيجي ۾ روس کي ته شڪست آئي، پر پاڪستان ۾ به هيروئن، آفيم، اسمگلنگ ۽ هٿيارن جو ڪلچر درآمد ٿيو، جنهن پاڪستان جا بنياد ئي اکوڙي ڇڏيا. عجيب انڪشافات سان ڀرپور ڪتاب آهي.

(4) In the Empire of genghis Khan

ڪتاب جو مصنف اسٽينلي سٽيورٽ آهي: هي قازقستان جو سفرنامو آهي، جيڪو مصنف بسن، جيپن، اٺن، يا ڍڳن تي چڙهي ۽ ڪجهه پيرين پنڌ طيءِ ڪيو. جاگرافيائي ۽ موسمي ناسازين ڪري اڄ به گهٽ سياح انهيءَ پاسي جو سفر اختيار ڪن ٿا.

(5) French Lover

هيءُ بنگلا ديش جي معتوبه مصنفه تسليمه نسرين جو ناول آهي، جنهن کي بنگلا ديش ۾ مذهب سان بغاوت جي ڏوهه هيٺ موت جي سزا آيل آهي. هي ڪتاب عشق ۽ جنس تي لکيل آهي ۽ اهو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي ته ڪا مسلمان عورت ايترو کليو اظهار جنس تي ڪري سگهي ٿي.

(6) The Legends of Alhambra

واشنگٽن اورنگ جو هيءُ جڳ مشهور ڪتاب اندلس ۾ اسلامي دور جي باري ۾ ڪن افسانوي داستانن تي مشتمل آهي. اڄ کان پنجاهه سال کن اڳ هن ڪتاب ۾ آيل ڪجهه داستانن جو سنڌي ترجمو مرحوم سيد ميران محمد شاهه ”نئين زندگي“ رسالي ۾ ڪيو هو.

(7) Seven Pillars of Wisdom

مشهور انگريز جاسوس ۽ سياستدان ٿامس ايڊورڊ لارينس جو لکيل آهي. لارينس عربن کي ترڪي خلافت جي مقابلي لاءِ اڀاريو، جنهن دوران پهرين عظيم جنگ ۾ ترڪيءَ کي شڪست ملي. لارينس جيڪي عربن سان واعدا ڪيا، اهي پورا ڪونه ٿيا ۽ فلسطين جو مسئلو کڙو ٿيو، جنهن ۾ لکين عرب مسلمان شهيد ٿي چڪا آهن. لارينس آڪسفورڊ يونيورسٽي مان فارغ التحصيل عالم هو ۽ هن عربن کي سامي نسل هجڻ جو ٻڌائي سندن رشتو عيسائين ۽ يهودين سان ڳنڍيو. عرب سڳورن لارينس جي چڪر ۾ اچي قرآني قول واعتصموا بحبل الله جميعا جي سبق کي وساري ڇڏيو.

(8) Journey to Uusionment

سردار شيرباز مزاريءَ جو ڪتاب پاڪستاني سياست تي لکيل آهي، جنهن ۾ ڊرائنگ روم جـِـي سياست، مڪارين ۽ چالبازين کي افشا ڪيو ويو آهي. پاڪستان ۾ هر ايندڙ حڪومت بلوچستان جي رهواسين تي آڪڙيل رهندي آئي آهي. سردار شيرباز انهن حقيقتن جو بي ريائيءَ سان تجزيو ڪيو آهي، جنهن جي ڪري هر دور ۾ بلوچستان تڪليفون ڏٺيون آهن.

(9) In Search of Fatima

ڊاڪٽر غدا ڪارميءَ نالي هڪ فلسطيني عورت جو داستان حيات آهي. فلسطين ڪيئن ٺهيو، اتان جا اصل رهاڪو فلسطين مان ڪيئن بي دخل ٿيا ۽ دنيا ۾ مهاجر ٿيا. ڪيئن هنن کان اباڻيون جائدادون ڦريون ويون. اسرائيل فلسطينين تي ڪهڙا ظلم ڪيا ۽ هنن جا شهر ڪيئن برباد ڪيائين. داستان عبرت انگيز آهي.

(10) I Saw Ramallah

موريد برغوطي جو ڪتاب فلسطين جي لاءِ ڪيل جدوجهد آزاديءَ جو داستان آهي. اسرائيلي فوجون ڪيئن هنن جي گهرن ۾ گهڙي خونريزي ۽ دهشت انگيزي ڪن ٿيون. ڪن مغربي ملڪن ۾ انساني حقن لاءِ وڙهندڙ مجاهدن جو به ذڪر ڪيل آهي، جيڪي فلسطيني قوم سان هر حال ۾ شريڪ هئا.

(11) Ranjit Singh

خشونت سنگهه جو لکيل ڪتاب مهاراجا رنجيت سنگهه جي حياتيءَ جي باري ۾ آهي. رنجيت سنگهه ڪيئن انصاف، برابري، مذهبي مت ڀيد کان پاسيرو ٿي پنجاهه سال پنجاب تي حڪومت ڪئي جو انگريزن کي پنجاب تي هلان ڪرڻ جي همت نه ٿي. رنجيت سنگهه جا ڪيترا وزير مسلمان به هئا.

(12) Desparately Seeking Paradise

سردار ضيا ِّ الدين جو لکيل ڪتاب اسلام جي اصل روح کي سمجهڻ لاءِ مختلف فرقن جي اڳواڻن سان ملڻ ۽ ساڻن بحث ڪرڻ جي باري ۾ آهي، جتان آخر ۾ کيس ڪجهه به پلؤ نٿو پوي.

(13) Silent No More

پال فنڊلي جيڪو آمريڪي ڪانگريس جو ميمبر آهي، هن ڪتاب جو مصنف آهي. هن صاحب آمريڪا ۾ مسلمانن جي ڪردار کان اهل اقتدار کي آگاهه ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب 11- سيپٽمبر 2001ع جي تناظر ۾ لکيو ويو آهي.

(14) What is Right with Islam

مصنف امام فيصل عبدالرؤف: 11- سيپٽمبر 2001ع جي واقعي کان پوءِ آمريڪا ۾ مسلمانن لاءِ ڌڪار کي ختم ڪري بين المذاهبي اتحاد قائم ڪرڻ لاءِ امام فيصل هيءَ بيحد ڪارآمد ڪتاب لکيو آهي. سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن مسلمان، يهودي ۽ عيسائي حضرت ابراهيم جي سنت تي عمل ڪن ته هنن ٽن مذهبن جا ويڇا ختم ٿي سگهن ٿا.

(15) Stolen Lives

مراقش جي اميرزادي ملڪه اوفقير جو سچو داستان حيات آهي. سندس پيءُ مراقش جو وزير دفاع هو، پر وقت جي بادشاهه کيس گرفتار ڪيو ۽ سندس اولاد تي ظلم و ستم جي انتها ڪيائين. ڇا ويهين صديءَ ۾ به ايڏو ظلم ڪري سگهجي ٿو؟ جواب هن ڪتاب ۾ آهي. هن ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيڻ کپي.

(16) Memories of An Un Expected life

مصنفه اردن جي سابق ملڪه نور العين، جيڪا شاهه حسين جي چوٿين گهر واري آهي. هن غير ملڪي عورت اردن ۾ عورتن جي حقن ۽ سماجي خدمتن لاءِ وڏو ڪم ڪيو آهي ۽ شاهه حسين جي آخري ڏينهن جو ڏکوئيندڙ احوال نهايت کـُـليل انداز ۾ بيان ڪيو آهي.

(17) Afghanistan

مصنف انجيلو رساناياگم: 11- سيپٽمبر 2001 کان پوءِ افغانستان دنيا جي اطلاعات جو مرڪز ٿي رهيو آهي. افغانين غير ملڪين جي غلامي ڪڏهن به قبول نه ڪئي آهي. هيءُ ڪتاب افغانستان جي تاريخ جاگرافي، سياسي معاشرتي ۽ تهذيبي حالات کي سمجهڻ لاءِ مشعل راهه جي حيثيت رکي ٿو.

(18) Madness Visible

مصنفه جينين ڊي گيواني: يوگوسلاويه جي ٽٽڻ کان پوءِ مسلم اڪثريتي رياستن بوسنيا هرزگووينا، ڪوسوو ۽ مانٽي نيگرو جي مسلمانن تي ڪميونسٽن ۽ عيسائين جيڪي ظلم روا رکيا، انهن جو تفصيلي ذڪر آهي.

(19) The Discovery of India

پنڊت جواهر لعل نهرو جو هيءُ ڪتاب هندستان جي تاريخ ۽ تهذيب تي هڪ انسائيڪلوپيڊيا آهي. سنڌ جي ماڻهن کي هيءُ ڪتاب پڙهڻ گهرجي، جو سنڌ هندستان سان لاڳاپيل رهيو آهي. پنڊت نهرو هن ڪتاب ۾ هڪ وڏي دانشور، فلاسفر، عالم ۽ اديب جي حيثيت ۾ سامهون آيو آهي ۽ هندستان جي باري ۾ گهڻا نوان انڪشاف ڪيا اٿس. ڪتاب جو ترجمو سنڌيءَ ۾ ٿيڻ کپي.

(20) The Forgotten Queens of Islam

مراقشي خاتون فاطمه مرنيسي جو تحقيقي ڪتاب حڪمران مسلمان عورتن جي باري ۾ گهڻي معلومات ڏئي ٿو.

(21) The Assassins

مصنف برنارڊليوس: حسن بن صباح فردوس برين نالي قلعه الموت جي ويران پهاڙين ۾ بهشت ٺاهيو هو، جتان پوءِ قاتل نوجوانن کي تيار ڪري، عالم اسلام جي حاڪمن، وزيرن، قاضين ۽ داعين کي قتل ڪرڻ لاءِ موڪليندو هو. حسن بن صباح ۽ سندس پوئلڳن جون هي ڪاروايون ٻن سؤ سالن تائين جاري رهيون.

(22) Emma's War

مصنفه ڊيبور اسڪروجن: هيءُ ڪتاب سوڊان جي گهرو لڙائيءَ جي باري ۾ آهي، جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ سوڊاني قتل ٿي چڪا آهن. ان سان گڏ بک، بيماري، بدحالي ۽ مرض به سوڊان ۾ پکڙيل آهن. ”ايما“ نالي هڪ انگريز صحافي خاتون جڏهن ڏکڻ سوڊان ۾ آئي، ته سندس عشق سوڊاني باغين جي اڳواڻ جان گڙنگ سان ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ سندن شادي به ٿي. وڏو داستان آهي. آخر ۾ جان هڪ حادثي ۾ مري وڃي ٿو. هيءُ ڪتاب ايما جي زندگيءَ جي باري ۾ آهي.

(23) Bush In Babylon

پاڪستاني مصنف طارق علي جي لکيل هن ڪتاب ۾ آمريڪا جي زيادتين کي وائکو ڪيو ويو آهي، جيڪي هن عراق تي قبضي ڪرڻ لاءِ ڪيون آهن.

(24) Healing Israel/Palestine

رباءِ مائيڪل لرنر: اسرائيل ۾ اهڙا حقيقت پسند عالم آهن، جن جي خيال ۾ فلسطينين کي به پنهنجي حڪومت هجڻ کپي. هن ڪتاب ۾ اسرائيلي حڪومت کي مشورا ڏنا ويا آهن ته هو فلسطينين جي حقن کي تسليم ڪندي سندن الڳ حڪومت لاءِ راهه هموار ڪري.

(25) An Enduring Love

ملڪه فرح پهلويءَ جي لکيل هن ڪتاب ۾ شاهه جي دور جي ايران جي سياسي منظر ڪشي ڪئي وئي آهي. هن ۾ انقلاب ايران جو احوال اول کان آخر تائين آهي ۽ شاهه جي پوري زندگيءَ جا حالات لکيا ويا آهن.

(26) Sewing Circles of Herat

مصنفه ڪسٽينا لئمب: افغانستان جا مجاهد جڏهن ڦري طالبان ٿيا ۽ اسلامي نظام حڪومت قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون ته اهل مغرب سندن دشمن ٿي بيٺا. لئمب جو هيءُ ڪتاب طالبان دور حڪومت ۾ عورتن ۽ انساني حقن جي (بزغم خويش) پامالي تي بيحد دلچسپ ڪتاب آهي.

(27) The Terrorist Prince

مصنف راجا انور، جيڪو مرتضيٰ ڀٽي جو ويجهو ساٿي هو، جن کي مرتضيٰ ڀٽي جي افتاد طبعيت کان واقف ٿيڻو هجي، هيءُ ڪتاب پڙهي.

(28) In the Hands of Taliban

يوواني رڊلي کي طالبان اغوا ڪري پنج مهينا يرغمال ڪري رکيو. هو پنهنجي هن ڪتاب ۾ طالبان جي شرافت ۽ حياء ۽ ايمان جي شهادت ٿي ڏئي.

(29) Arabia With out Sultans

فريڊ هيليڊي جي هن ڪتاب ۾ خليجي ملڪن جا حالات، پيٽرول نڪرڻ کان اڳ ۽ پوءِ جا، بيان ڪيا ويا آهن.

(30) The War Against Saddam

بي. بي. سي جي نمائندي جان سمپسن جو هيءُ ڪتاب آمريڪا جي عراق تي حملي جي باري ۾ عجيب و غريب واقعات سان لبريز آهي.

مٿي ڪجهه ڪتابن جو تذڪرو ڪيو ويو آهي. هي جڳ مشهور ڪتاب آهن ۽ مصنفن کي انهن ڪتابن تي بين الاقوامي انعام به ملي چڪا آهن. آءٌ ته اهو عرض ڪندس ته ڪي علم دوست اٿن ۽ انهن ڪتابن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org