سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: يادِ ايام

باب: --

صفحو :5

 

[10]

 

طب هڪ نهايت مقدس پيشو آهي ۽ خدمت خلق جو ٻيو نالو آهي. پراڻا حڪيم، طبيب ۽ ڊاڪٽر هن پيشي کي آمدنيءَ جو ذريعو نه ٺاهيندا هئا. بلڪ تمام معمولي اجوري تي علاج ڪندا هئا، جن مان سندن گذر سفر ٿي سگهي. هيءُ علم شرافت جو پيشو سمجهيو ويندو هو ۽ فقط مذهبي عالم، دانشور، فيلسوف ۽ استاد حڪمت جو ڪم ڪندا هئا. يورپ ۾ وچ واري (Mediaeval) عرصي ۾ پادري حڪمت جو ڪم ڪندا هئا. يوناني ۽ رومي تهذيبن ۾ وڏا فلسفي، ڏاها، رياضيدان ۽ فلڪيات جا ماهر حڪمت به ڪندا هئا. حقيقت ۾ هيءُ پيشو جيڪڏهن خدمت خلق جي جذبي سان ڪيو وڃي ته ڏاڍو ڏکيو ۽ محنت جوڳو آهي، پنهنجو آرام ۽ ننڊ ڦٽائي بيمار جو خيال رکڻو آهي. بيمار جي ڏک سک، بيماريءَ جي پيڙا، سور، نا اميديءَ، جسماني ۽ دماغي ڪمزوريءَ ۾ مريض جي دل جوئي ڪرڻي آهي. جن صحيح معنيٰ ۾ خدمت ڪئي، انهن کي جسم تي پراڻا ۽ چتين لڳل ڪپڙا هوندا هئا ۽ هو مريض جي خدمت کي عبادت جو ڪم سمجهي ڪندا هئا. علم جي حاصلات لاءِ به وڏي محنت ۽ جدوجهد ڪرڻي ٿي پوي. آمريڪا ۽ يورپ جي ٻين ملڪن ۾ هن ڪورس جو دورانيو 7 سال آهي ۽ اڳ اهي شاگرد ميڊيڪل ۾ داخلا وٺندا هئا، جن کي پيسي جي لالــچ نه هوندي هئي ۽ فقط پنهنجي خدا جي خوشنوديءَ لاءِ هيءُ پيشو اختيار ڪندا هئا.

طب جو ضابطه اخلاق هڪ يوناني حڪيم ”هيپو ڪريٽ“ 360 سال ق.م ۾ ترتيب ڏنو. هن کي ٻين ٻولين ۾ ’بقراط‘ به چيو وڃي ٿو. بقراط جي پوري زندگيءَ جو تفصيلي احوال ته ڪونه ٿو ملي، البته پوئين فيلسوف ’افلاطون‘ پنهنجن ڪتابن ۾ سندس حوالو ڏنو آهي. هيپو ڪريٽ يا بقراط طب جي تعليم يونان جي شهر ”ڪاس“ ۾ ڏيندو هو. پوءِ سفر ڪري يونان ۽ وچ ايشا جي ٻين ملڪن ۾ به سکيا ڏنائين. سندس تعليم جو وڏو حصو استاد ۽ شاگرد جي وچ ۾ اخلاقي موضوعن تي هو. هن وچڙندڙ بيمارين تي ڏهن جلدن ۾ ٿلهو ڪتاب لکيو، جيڪو انهيءَ زماني ۾ هڪ حيرت جوڳو ڪارنامو هو. اڃا سائنسي ايجادون نه ٿيون هيون، نه وري جيوڙن يا خورد بينيءَ جو تصور هو. اهڙي دور ۾ اهو ڪتاب لکڻ هڪ وڏو ڪارنامو هو. بقراط جي تصنيفن کي ”مجموعه بقراط“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، جنهن ۾ طب سان گڏ هن ٻين علمن تي پڻ بحث ڪيو آهي. اهو مجموعو اڄ پنهنجي اصلي حالت ۾ موجود ناهي ۽ جيڪي نسخا موجود آهن، انهن جي متن ۾ تضاد به آهي. هيءُ ڪتاب 2 يا 3 سؤ سال قبل مسيح ۾ ان وقت جي عظيم لائبريري اسڪندريه مصر ۾ منتقل ٿي ويو، جتان پوءِ ٻين زبانن ۾ ترجمو ٿيو. بقراط مرگهيءَ کي پاڪ بيماري قرار ڏيندو هو. هن ٻارن جي بيمارين، عورتن جي بيمارين، مرگهيءَ جي علاج، اوسر ۽ سڃاڻپ کي واضح ڪيو. هن ننڍن طبي مشورن تي مشتمل هڪ ڪتاب به لکيو، جنهن ۾ مشورا ڏنل هئا. بقراط جو چوڻ هو ته بيمارين جو اصل سبب صحيح غـذا جو استعمال نه هجڻ آهي. جيڪا سڙيل ۽ ناڪاره غذا معدي ۾ رهجيو ٿي وڃي، ان مان بخار پيدا ٿين ٿا، جيڪي جسم ۾ پکڙجي بيماريون پيدا ڪن ٿا.

بقراط کي ”باباءِ طب“ چيو وڃي ٿو. ڊاڪٽرن ۽ ميڊيڪل جي شعبي سان لاڳاپو رکندڙ فردن لاءِ هن هڪ ضابطه اخلاق ٺاهيو، جنهن کي ”هيپوڪريٽس جو حلف“ چيو وڃي ٿو. ميڊيڪل جي تعليم مڪمل ڪرڻ کان اڳ هيءُ حلف، نوجوان ڊاڪٽرن ۾ تقسيم ڪيو ويندو آهي. گذريل ٻن هزار سالن کان اهو حلف ڊاڪٽرن لاءِ هڪ مشعل راهه جي حيثيت رکي ٿو ۽ هاڻي W.H.O به ان کي جنيوا ڪنوينشن تحت ضابطه اخلاق جي حيثيت ڏني آهي.

هن حلف جا ٻه حصا آهن. پهريون حصو ميڊيڪل جي شاگردن جو استادن سان تعلق ۽ استادن جو شاگردن سان تعلق جي باري ۾ آهي. هن ۾ استاد لاءِ لازم آهي ته هو شاگرد کي اهو سڀ ڪجهه سيکاري، جنهن جي کيس ڄاڻ آهي. بقراط هڪ ڊاڪٽر لاءِ اهو ناجائز سمجهيو آهي ته هو پنهنجي ٻئي ڀاءُ ڊاڪٽر کان في وٺي. حلف نامه جي ٻي حـصي ۾ ڊاڪٽر ۽ مريض جي رشتن جي باري ۾ آهي. ڊاڪٽر پنهنجي بهترين صلاحيت ۽ ايمانداريءَ سان علاج ڪندو ۽ ان ۾ ڏينهن رات جي تفريق نه ڪندو. اهڙي دوا استعمال نه ڪندو، جـيـڪـا نـقـصـانڪـار هـجــي. بـيـمـار ۽ سندس اهل خانه تي بري نظر نه وجهندو. مريض جي مرضيءَ مطابق مــرض کـي پــوشـيـده رکـندو ۽ پنهنجي خدمت جي معمولي اجرت طلب ڪندو. اهو حلف طبي درسگاهن ۾ سڄي دنيا ۾ نافذ العمل آهي. طبي اخلاقيات ۽ معاشرتي معاملن تي اڃا گهڻا موضوع رهيل آهن، جن جو مناسب جاءِ تي ذڪر ڪيو ويندو.

هاڻي قصو اتان کڻجي جتان ڇڏيو ويو هو. ٽي سال ميڊيڪل شاگرديءَ ۾ دوا سازيءَ جو علم سيکاريو ويندو هو، جنهن جو پروفيسر هو: مصطفيٰ علي زيدي، جيڪو پنهنجي شعبي جو وڏو دانشور هو. سندس پڙهائڻ جو ڍنگ به تمام سٺو هو، جنهن ۾ هر موضوع تي هو سلسليوار بحث ڪندو هو، ان ڪري هن جي Notes وٺڻ ۾ سهوليت ٿيندي هئي ۽ وڌيڪ ڪتابن پڙهڻ جي ضرورت ڪانه هئي. پنهنجي علم ۾ مشهور هجڻ سان گڏ هيءُ ڪلاسيڪل راڳ جو به وڏو ڄاڻو هو ۽ پڪي راڳ تي سندس تنقيد سند جي حيثيت رکندي هئي. حيرت آهي ته هيءُ ماڻهو سائنسي مضمونن ۾ خاصو دسترس رکڻ جي باوجود به فنون لطيفه جا ڄاڻو يا خود ماهر هوندا هئا. الله تعاليٰ انسان کي هڪ ئي وقت گهڻيون صلاحيتون ڏئي ٿو ڇڏي.

انهيءَ دور ۾ قانوني طب ۾ ڊاڪٽر هرچنداڻي ليڪچر ڏيندو هو، هن کي ڪا خاص ڊگري نه هئي، پر سول سرجن هجڻ جي حيثيت ۾ تجربو هئس. پڙهائڻ ۾ ڪو خاص هوشيار ڪونه هو، بهرحال پنهنجي سروس ۾ ايماندار ۽ صاحب اصول هو. گهڻا سال اڳي گذاري ويو آهي. سندس گهر واري دادي ليلان هرچنداڻي تاحال حيات آهي.

ڪميونٽي ميڊيسن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر اسحاق بيگ هو، جيڪو صحت کاتي ۾ ڊائريڪٽر هو. هن جي پڙهائڻ جو طريقو به خاص متاثر ڪندڙ نه هو. البته علم الامراض ”Pathology“ ۾ پروفيسر سليم خان هڪ قداور شخصيت هو. هيءُ حيدرآباد دکن جي عثمانيه ڪاليج جو گريجوئيٽ هو، پوءِ ڪنهن يورپي ملڪ مان پي ايڇ. ڊي ڪئي هئائين. ساڻس گڏ حيدرآباد جو پروفيسر غلام مـحـمد ڀٽي هو، جنهن علم جراثيم ۾ ڪئناڊا مان ڊگري ورتي هئي. ٻئي قابل استاد هئا. انهن مان موخر الذڪر اڃا حيات آهي ۽ ڪراچيءَ ۾ سندس ليبارٽري آهي. اهڙيءَ طرح سان ميڊيڪل ڪاليج جا پهريان چار سال پورا ٿيا. آخري پنجون سال ڏکئي ۾ ڏکيو سال هو ۽ هن ۾ مضمون به گهڻا پاس ڪرڻا هئا.

لـيـاقـت مـيڊيـڪـل ڪالـيـج حيدرآباد ڄام شوري جو ذڪر ڪرنل نجيب کي ياد ڪرڻ کان سواءِ اڻپورو ٿي ويندو. هيءُ اهو شخص هو، جنهن ڪاليج ۽ اسپتال ڄام شوري ۾ منتقل ڪيا. جتي هاڻي نئين بلـڊنگ ٺهي تيار ٿي هئي. نجيب خان انسان ته هو، پر جنن جون صفتون رکندو هو: بيحد محنتي، سچار ۽ ايماندار. صبح جو 7 بجي پنهنجي سرڪاري گاڏيءَ ۾ ايندو هو ۽ رات جو دير سان گهر ويندو هو. وچ ۾ فقط ٻه ڪلاڪ (جي. او. آر. ڪالوني، ۾ سندس گهر هو) خانگي مريض ڏسڻ ويندو هو، کيس رات ۽ ڏينهن جي ڪنهن به حـصي ۾ توهان اسپتال ۾ ڏسندا. رات جو 3-4 بجي ڌاري به اسپتال جا چڪر هڻندو هو ۽ مريضن جي خير خيريت معلوم ڪندو هو ۽ ڊاڪٽرن جي حاضري چيڪ ڪندو هو. انتظام ۽ نظم ضبط ۾ بي مثال هو. ڪنهن جي ٿوري به ڪوتاهي برداشت نه ڪندو هو. وڏن وڏن پروفيسرن سان انتظامي ۽ تعليمي معيار پورو نه رکڻ جي معاملي تان وڙهي پوندو هو. صبح جو سڀ پروفيسر ۽ ايسوسئيٽ پروفيسر ليڪچر وٺي، پوءِ وڃي وارڊن يا او. پي. ڊين ۾ مريضن کي ڏسندا هئا. سرجن آپريشن ٿيئٽر ۾ شام 5-6 تائين ڪم ڪندا رهندا هئا. سڀني مريضن کي دوائون اسپتال طرفان ملنديون هيون. طب جي تاريخ تي مشتمل فنڪارانه تخليقون نقش ڪرائي ديوارن تي لڳايون هئائين يا وري فريمن ۾ لڳائي وارڊن ۾ لڳارايائين. پهرين سال جي شاگردن لاءِ ڊسڪشن هال جي ضرورت هئي، ڇوته پڪي هـال ٺـهڻ ۾ اڃا ڪجهه وقت هو. هن ڄام شوري ڪالوني ۾ ڊسڪشن هال عارضي طور تي ٺهرايو، جيڪو فقط 24 ڪلاڪن جي اندر ٺهي تيار ٿيو. لاهور جي ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل ڪاليج لاءِ ايڪسري ۽ ريڊيو آئسوٽوپ جون مشينون ريلوي جي ذريعي وڃڻيون هيون، هن کي خبر پئي ته مال گاڏي کي حيدرآباد اسٽيشن تي 24 ڪلاڪن لاءِ روڪرايائين، انهيءَ وچ ۾ لاهور مان آرڊر ڪرايائين ته اهي مشينون لياقت ميڊيڪل ڪاليج کي ڏنيون وڃن. پوءِ انهيءَ مان ڪينسر ۽ ايڪس ري جا شعبا قائم ڪيائين. رجسٽرار کان وٺي پروفيسرن تائين سڀ ايمرجنسي ڊيوٽي 2 وڳي کان پوءِ ڏيڻ لاءِ پابند هوندا هئا. اسپتال جي شعبي هنگامي حالات ۾ هڪ بورڊ لڳل هو، جنهن ۾ ايمرجنسي تي مقرر ڊاڪٽرن ۽ پروفيسرن جا نالا لکيل هوندا هئا، پر جيڪڏهن ايمرجنسي نه به هوندي هئي، ته به پروفيسر شام جو ڪجهه وقت لاءِ مريضن وٽان چڪر هڻي ويندا هئا.

انهن سڀني انتظامي اپائن وٺڻ جي ڪري اسپتال جو نالو سڄي پاڪستان ۾ پهرين نمبر تي هو، تعليم جو معيار اعليٰ، پڙهائيءَ ۽ ليڪچرن ۾ ڪابه ڪوتاهي نه هئي، اخلاق ۽ سادگيءَ تي زور، جديد مشنريءَ ۽ اوزارن جي فراهمي، معياري ليبارٽريون، مقصد ته نجيب خان لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي وڏي خدمت ڪري ويو، البته هڪ ڳالهه جو ارمان رهجي وڃي ٿو، ته ننڍن ملازمتن ۾ مقامي غريب ماڻهن کي نه رکيائين ۽ انهن عهدن لاءِ به هزاره ۽ پشاور کان ماڻهو گهرائيندو هو. آخري وقت ۾ جڏهن سخت گير هجڻ جي ڪري سندس مخالفت وڌي وئي، جنهن ۾ ڪجهه سينئر استاد به شامل هئا ته چوندو هو، ته منهنجي مخالفت اجائي آهي. آءٌ ته جيڪي ڪريان پيو، اهو هتي ئي ڇڏي ويندس. سڀ سنڌ کي ئي ملندو. آخر ۾ زبردست هڙتال ٿي، جنهن ۾ کيس مارڪُٽ به ڪئي ويئي. هتان بدلي ٿي، ملتان جي نشتر ميڊيڪل ڪاليج جو پرنسيپال ٿيو. چون ٿا ته اتي به ڄام شوري ميڊيڪل ڪاليج جو ماڊل ميز تي رکيو هوندو هئس، اهڙو ٻيو مثال ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري جي پهرين پرنسيپال ڪرنل ڪومبس (Combs) جو هو، جن انگلينڊ ۾ سندس گهر ڏٺو هو، انهن جو چوڻ هو ته هو اتي به پيٽاري ڪاليج جو ماڊل رکيو ويٺو هوندو هو. وصيت به ڪئي هئائين ته مرڻ کان پوءِ سندس مڙهه پيٽاري ڪاليج ۾ دفن ڪيو وڃي. افسوس جو سندس پوين ان ڳالهه تي عمل نه ڪيو.

نجيب خان ٻي عظيم جنگ ۾ برٽش فوج جي ميڊيڪل ڪور ۾ ڪيپٽن هو. انگريزن وارو نظم ۽ ضبط اتي ڏٺل هئس. هڪ واقعو ياد اچي ٿو. اسين هاسٽلن جا شاگرد ناشتو ڪري ليڪچر هال ڏي وڃي رهيا هئاسين. جڏهن ڪاليج جي مسجد وٽ پهتاسين، ته نجيب خان به پنهنجي ڪار ۾ اچي اتي پهتو، ليڪچر ۾ باقي ڏهه منٽ وڃي رهيا هئا. سو گاڏيءَ مان لهي سخت ناراض ٿيو ته ٿورو وقت رهجي ويو آهي ۽ توهان اڃا رستي ۾ آهيو. هاڻي ڊوڙو، پوءِ تقريبن 50- 60 شاگرد هئاسين، سڀ وٺي ڊوڙياسين. نجيب خان جي عمر ان وقت 50 سالن کان مٿي هوندي، پاڻ خود اسان سان ڊوڙڻ لڳو، جڏهن ليڪچر هال ۾ پهتاسين ته اچي سهڪو ٿيس، جو پائيپ ڇڪيندو هو. ڪجهه وقت ماٺ ڪري اسٽول تي ويهي رهيو، پوءِ اٿي ليڪچر شروع ڪيائين. نجيب خان جون ڳالهيون گهڻيون آهن، پر طوالت جي خوف کان في الحال هن قصي کي هتي ختم ڪجي ٿو.

 

 

[11]

 

انهيءَ زماني ۾ يعني (سن 1957ع کان اڳ) سنڌ مان ٽي اعليٰ تعليم يافته نوجوان انگلينڊ مان ايم. آر. سي. پي پاس ڪري آيا هئا. هڪ ڏيپلي جو ڊاڪٽر محمد صالح ميمڻ، ٻيو مٽيارين جو ڊاڪٽر علي محمد انصاري ۽ ٽيون هالا جو ڊاڪٽر محمد ابراهيم ميمڻ. ڊاڪٽر صالح فزيشن هو ۽ پنهنجي پيشي ۾ وڏي مهارت رکندو هو. سڃاڻپ بهترين هئس. ليڪچر ڏيڻ جو طريقو به تمام اثرائتو هئس، ڪلاس ۾ اچڻ شرط ليڪچر شروع ڪري ڏيندو هو. ڪابه اجائي سجائي يا غير ضروري ڳالهه نه ڪندو هو. بهترين ترتيب ۽ سلسلي سان ليڪچر ڏيندو هو. شام جو رسالا روڊ تي پنهنجي پرائيوٽ ڪلينڪ هوندي هئس، جتي خانگي مريضن کي ڏسندو هو. هر لحاظ کان معتدل مزاج هو، نه ڪنهن کي اجايو تنگ ڪندو هو ۽ نه ڪنهن جي اجائي خوشامد ڪندو هو. ڪجهه مهينا ٿيا آهن، جو گذاري ويو آهي.

کانئس اڳ حيدرآباد جو مشهور فزيشن ڊاڪٽر منگهن مل هو، جنهن بمبئي يونيورسٽيءَ جي ميڊيڪل ڪاليج مان ايم. بي. بي. ايس پاس ڪئي هئي، منگهن مل روپ محل، هيرآباد جي ڀرسان رهندو هو، پوءِ بمبئي لڏي ويو. هتان ڪيترا سنڌي ڊاڪٽر کيس اتي ملي آيا هئا.

ڊاڪٽر علي محمد انصاري ديندار، خوش اخلاق، تيز فهم ۽ بي مثال ياداشت جو مالڪ هو. سرڪاري ڊيوٽي پابنديءَ سان ڪندو هو ۽ ڪنهن سابه اجايو بحث يا جهيڙو جهٽو نه ڪندو هو. هڏن جي سرجريءَ جو ماهر هو، سروس جي آخري حـصي ۾ ڪراچي بدلي ٿي ويو. هاڻي ميڊيڪل سيمينارن ۽ تقريرن ۾ حصو وٺندو رهندو آهي ۽ تبليغي جماعت سان به هلندو آهي.

ڊاڪٽر ابراهيم ميمڻ ٻارن جي بيمارين جو ماهر ڊاڪٽر هو. سندس سڃاڻپ ۽ علاج بي مثل هئا. پوئين عمر ۾ سپر هاءِ وي تي ايڪسيڊنٽ ۾ مٿي تي ڌڪ لڳس، جنهن کان پوءِ ياداشت ڪجهه متاثر ٿيس، ته به پنهنجو طبيباڻو ڪم هلائيندو رهيو، ٻه ٽي سال ٿيا آهن، جو گذاري ويو آهي.

انهن سنڌي پروفيسرن کان علاوه ٻيا به ڪي سينيئر پروفيسر ڊاڪٽر هئا، جن جو ذڪر هاڻي ڪرڻ گهرجي، سرجريءَ جو پروفيسر حميد حسين مرزا هو. هيءُ به تمام هوشيار سرجن هو. ننڍو قد، ٿلهو جسم ۽ مٿي کان گنجو، آپريشن واري ڏينهن ٿئيٽر ۾ 5-6 وڳي شام تائين ويٺو هوندو هو. پنهنجي زماني جو ڀلو گريجوئيٽ هو. يعني ڪاليج ۾ هر سال پهريون نمبر ايندوهو. ايم. بي. بي. ايس. ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل ڪاليج لاهور مان ڪئي هئائين. ايف. آر. سي. ايس رايل ڪاليج لنڊن ۽ ايڊنبرا مان ڪئي هئائين. شاگردن سان چرچو ڀوڳ به ڪندو هو. مطلب ته خوش مزاج هو. ليڪچر سلسليوار ۽ بالترتيب هوندو هئس. اسان سندس ليڪچرن جا نوٽ ٺاهي امتحان ڏيندا هئاسين. سرجريءَ ۾ هٿ به سٺو هئس. سرجريءَ سان وابسته هيءُ واقعو لکڻ ضروري آهي.

سنڌ ۾ پهريون ايف. آر. سي. ايس سرجن ٽنڊي ٺوڙهي جو مرزا جعفر قلي بيگ هو، جيڪو شمس العلماء ميرزا قليچ بيگ جو ننڍو ڀاءُ هو. هن ميڊيڪل جي گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ تعليم انگلئنڊ ۾ ورتي ۽ اتي ئي پريڪٽس ڪندو هو. سندس زال به انگريزياڻي هئي. پوءِ موٽي سنڌ آيو ۽ ڪراچيءَ ۾ اسپتال کوليائين. سن 1839ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ وڏي پليگ اچي پيئي، پاڻ مريضن جي دل ۽ جان سان خدمت ڪيائين ۽ پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪيائين. انهيءَ سال ڪراچيءَ ۾ گذاري ويو.

ٻيو مشهور سرجن ڊاڪٽر اشفاق حسين رضوي هو، جنهن کي اڳتي هلي ”بابا رضوي“ چوندا هئا. هن تقريبن ڊاڪٽرن جون ٽي پيڙهيون پڙهايون هيون. هيءُ حيدرآباد دکن جي جامعه عثمانيه جو فارغ التحصيل هو. تمام با اخلاق ۽ هوشيار سرجن هو. سگار پيئندو هو. ڪير سلام ڪندو هئس، پوءِ چاهي هو ڀنگي ڇونه هجي، هٿ مٿي کڻي سلام جو جواب ڏيندو هو. ڪجهه سال ٿيا ته گذاري ويو آهي.

پروفيسر اسرار حسن جعفري حيدرآباد صدر جو ويٺل هو. اک، نڪ ۽ گلي جو ماهر ڊاڪٽر هو. اهل تشيعه سان تعلق هئس. عاشوري جي ڏينهن سبيل هڻائيندو هو. پاڻ به پيرين اگهاڙو محرم جي جلوس ۾ هلندو هو. هن جي ليڪچر جو انداز بيحد دلنشين هو ۽ پنهنجي فن ۾ بهترين سرجن هو.

زناني مرضن جو ماهر ڊاڪٽر سالار عزيز هو. جيڪو تکي طبعيت جو ۽ ڪجهه تيز زبان به هو، پر پنهنجي شعبي ۾ لاثاني هو. هن جي هڪ عجيب ڳالهه ٻڌو. سن 1965ع جي انڊيا پاڪستان جنگ ۾ اسين ڪجهه شاگرد هن سان آپريشن ٿئيٽر ۾ گڏ هئاسين. هڪ آپريشن ختم ڪري ٻي آپريشن لاءِ ٿئيٽر ۾ آيو ۽ چيائين ته انڊيا، پاڪستان تي حملو ڪيو آهي، هيءَ هندوءَ جي، مسلمان سان جنگ آهي. اسان هنن جو جواب انشاء الله سخت ڏينداسين. مطلب ته عجيب جوش هئس ۽ طبعيت ۾ انقلاب اچي ويو هئس. ان کان پوءِ هن مان طبعيت جي تکائي، ترش روئي يا بد زباني بلڪل نڪري وئي. پاڻ بلڪل سنجيده مزاج ٿي ويو. انڊيا، پاڪستان جي جنگ هن جي اندر ۾ وڏو انقلاب آندو.

سن 1972ع ۾ ڀٽي صاحب جي دور ۾ جيڪي 1400 آفيسر نوڪرين مان نڪتا انهن ۾ هيءُ به شامل هو. ان کان پوءِ لنڊن هليو ويو ۽ وڃي اتي سروس ڪيائين. اڃا به شايد زندهه آهي. هن ڳالهه مان هڪ نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته پاڪستان جي قيام ۾ لکين مسلمانن جو خون، جدوجهد ۽ جذبو ڪارفرما آهي. سالار عزيز به سچيءَ دل سان پاڪستان جو حمايتي هو.

هڪ شخصيت جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي. ٽئين سال ۾ طب جي قانون جو علم ”Juris prudence“ پڙهايو ويندو هو، جنهن جا ليڪچر سنڌي هندو ڊاڪٽر هرچنداڻي ڏيندو هو. هرچنداڻي سادو ۽ غريب طبعيت اشراف ماڻهو هو. پڙهائڻ جو ڍنگ به ڪونه ايندو هئس، پر پنهنجي طرفان بهتر تياري ڪري ايندو هو. رٽائر ٿيو، ته سوشل سيڪيورٽيءَ ۾ نوڪري ڪيائين. پوءِ جلدي گذاري ويو.

سندس گهر واري دادي ليلان تعليم کاتي ۾ مشهور آفيسرياڻي ٿي گذري آهي. سخت ايماندار، لائق، فائق ۽ شخصيت شناس آفيسرياڻي آهي. تعليم کاتي ۾ هيٺين ليول کان ترقيون ڪندي، ڊائريڪٽر جي عهدي تائين پهتي هئي. داديءَ کي کپي، ته پاڻ پنهنجون ياداشتون ۽ سوانح عمري لکي، جنهن ۾ سنڌ ۾ هندن جي حالات جي خبر پئجي سگهي. هن موقعي تي هڪ خاص ڳالهه ڏي توجهه ڇڪائڻ چاهيان ٿو.

انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ڳوٺاڻي ليول تي ورهاست کان اڳ سنڌي هندن ۽ سنڌي مسلمانن جا تعلقات تمام خوشگوار هئا. هو هڪٻئي جي شادين غمين ۾ شريڪ ٿيندا هئا ۽ پاڙي پتيءَ جو خيال رکندا هئا. ائين محسوس نه ٿيندو هو ته هنن جو مذهب ۽ ڌرم الڳ هو. تاريخ ۾ ڏسجي ٿو ته هندن ۽ مسلمانن جا تعلقات مثالي هئا. ڪڏهن به ڪو قابل ذڪر جهيڙو فساد منجهن نه پيو. حالانڪ سنڌ تي عربن کان پوءِ سومرن، سمن، ارغونن، ترخانن، مغلن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن حڪومت ڪئي، پر هندو ڏکيا ڪونه هئا. سڀني حاڪمن جو مٿن هٿ هو. ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ هندو وزير هئا ۽ عامل سڏبا هئا. خدا آبادي عامل پنهنجي شرافت، علميت ۽ حڪمت جي ڪري هند سنڌ ۾ مشهور هئا. ٻئي طرف ڪن ڪتابن جي مطالعي ۽ پاڪستان جي تاريخ تي لکيل ڪتابن مان معلوم ٿو ٿئي ته هندن سڄي هندستان اندر جنهن ۾ سنڌ به اچي وڃي ٿي، مسلمانن تي گهڻا ظلم ڪيا، خاص طور تي تعليمي، اقتصادي، معاشي ۽ سرڪاري نوڪرين ۽ تجارت ۾ مسلمانن جا دروازا بند ڪيا ويا. نتيجي ۾ مسلمان ڏينهون ڏينهن زبون حاليءَ جو شڪار ٿيندا رهيا. تعليم جي شرح مسلمانن ۾ تمام گهٽ هئي. سرڪاري نوڪرين ۾ پٽيوالن، ڪلارڪن، ماسترن يا تپيدارن کان مٿي نه چڙهيا. تجارت ۾ ته ڄڻ ڪو حصو ئي ڪونه هون. مالي حيثيت ۾ کيسا خالي هئڻ باوجود وڏيرا عياشي ڪندا هئا ۽ عياشيءَ ۾ پنهنجون زمينون ۽ ملڪيتون هندن وٽ گروي رکي ڪنگال ٿيندا رهيا. جيئن ته تعليمي، اقتصادي ۽ تجارتي معاملات ۾ هندن ۽ مسلمانن ۾ ايڏو خال هو، تنهن ڪري لامحاله ان جي نتيجي ۾ اهو تصور اڀريو ته مسلمانن کي پنهنجو الڳ ملڪ هجڻ کپي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو.

پير علي محمد راشديءَ جي ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي، ته سنڌي هندن کي سنڌي مسلمانن ڏانهن ڪا همدردي ڪانه هئي. هنن نه ٿي چاهيو ته سنڌي مسلمان تعليم ۾ اڳتي اچن ۽ سياست، تجارت يا سرڪار جي انتظامي سرشتي ۾ پنهنجو حصو وٺي سگهن. راشدي جهڙا ٻيا به دانشور ۽ مصنف ٿي سگهن ٿا، جن جا ساڳيا خيال هجن.

سوال هيءُ آهي ته جڏهن عام سنڌي مسلمان ۽ هندو پاڻ ۾ ڀائرن وانگر رهندا هئا، ته پوءِ پڙهيل لکيل هندن ۾ مسلمان سنڌين لاءِ نفرت ڇو هئي؟ ۽ هنن واقعي ائين ڇو ٿي چاهيو ته سنڌي مسلمان تعليم ۾ اڳتي نه اچن ۽ جهالت ۾ رهن. جيڪڏهن ائين هو ته اها تعصب جي ڳالهه هئي ۽ انهي مان جواز پيدا ٿيو، ته مسلمانن لاءِ الڳ ملڪ هجي.

هي ڳالهيون اهڙيون آهن جن تي بهر صورت تحقيق ٿيڻ کپي ته اصل حقيقت ڇا آهي؟ ڇا هندستان جي ورهاست مذهبي جذبن جي بنياد تي ناگزير هئي؟ ڇا سنڌ جهڙي امن پسند صوبي کي به پاڪستان جي حق ۾ قرارداد پاس ڪرڻ کپي ها؟ سنڌ پهريون صوبو هو، جنهن اها قرارداد پاس ڪئي. بلڪ ائين چئجي ته عمارت جو پهريون پٿر رکيو. وري جي سن 1947ع کان پوءِ آيل مسلمانن ۽ سنڌ جي اصلوڪي رهاڪن ۾ لساني جهيڙا ٿيا، جي اڳتي هلي وڏي لساني تعصب جو ذريعو بڻيا، جن ۾ هزارين سنڌي لٽجي برباد ٿيا ۽ ڪيترائي شهيد ٿي ويا، ته انهيءَ تناظر ۾ پاڪستان جي قيام ۾ سنڌ جو حصو هجڻ ڪيترائي سوال اٿاري ٿو.

هن موضوع تي گهڻا ڪتاب، ليک، تحريرون، تقريرون سنڌي يا هندي يا پاڪستاني عالمن مصنفن پاران آيون آهن. پر مون نه ڏٺو ته ڪنهن به سنڌي هندو جي ڪا تحرير آڏو آئي هجي. مون دادي ليلان جو نالو مٿي ورتو آهي، منهنجو عرض آهي ته دادي ليلان ۽ ڪجهه ٻيا سنڌي دانشور ۽ اديب جي اڃا سنڌ ۾ موجود آهن، مثلا: ميرپورخاص جو ڪامريڊ روچيرام وڪيل، لاڙڪاڻي جو ڪامريڊ سوڀو گيان چنداڻي ۽ ولي رام ولڀ وغيره، اهي ان موضوع تي قلم کڻن ۽ صحيح حقيقت کان سنڌي مسلمانن کي آگاهه ڪن. آيا انهن ڳالهين ۾ حقيقت آهي، ته سنڌي هندو، مسلمانن کي ڪمتر سمجهندا هئا. هن تحقيق جي ضرورت ان ڪري به آهي جو اڄ نئين سنڌي نسل کي خبر نه آهي، ته حقيقتون ڇا هيون؟ سنڌي مسلمانن ۽ هندن جا تعلقات ڪيئن هئا؟ ۽ آيا انهي سياسي نفرت جو حل ورهاست  هو يا ان جو ڪو ٻيو به متبادل طريقو هو؟ مٿين ڄاڻايل دانشورن جي غير جانبداريءَ ۽ منصف مزاجيءَ تي ڪنهن کي شڪ نه هجڻ کپي. ڪامريڊ روچيرام کي آءٌ سڃاڻان، هو مذهبي مت ڀيد کان مٿاهون آهي. علم وارو آهي، قانوني معاملن کان واقف آهي، سچو ۽ بهادر آهي ۽ زندگيءَ جو وڏو تجربو اٿس. اهڙن ماڻهن جي لکيل تحريرن کي وڏي اهميت رهندي ۽ تاريخ ۾ انهيءَ انسان جي پنهنجي جاءِ هوندي.

ان کان سواءِ هندستان ۾ رهندڙ سنڌي اديبن کي به گهرجي ته هو حقيقتن کي پڌرو ڪن. پنهنجي ڪوتاهين، خامين، خوبين کي ظاهر ڪن. هيءَ تاريخ جي وڏي خدمت ٿيندي ۽ نئين نسل لاءِ وڏي ڄاڻ ۽ رهنمائي پڻ ملندي.

مون ميڊيڪل ڪاليج جي زماني کي اڌ ۾ ڇڏيو آهي. ان کي پورو ڪجي. هڪ مٿاڇرو احوال انهيءَ زماني جي ميڊيڪل تعليم جي حوالي سان لکجي. هڪ ته ميڊيڪل ۾ پاس ٿيڻ لاءِ وڏي محنت ڪرڻي پوندي هئي. سفارش ڪانه هلندي هئي، پروفيسر يا اسسٽنٽ پنهنجا ڪلاس باقاعدي وٺندا هئا ۽ ڪابه اڍنگي هلت ڪير به برداشت نه ڪندو هو. راندين، بحث مباحثن، ڪرڪيٽ، فوٽ بال جي راندين جي به همت افزائي ڪئي ويندي هئي. اسپتال ۾ صفائي سٿرائي ۽ باغباني تي توجهه ڏنو ويندو هو. ڪيترا شاگرد ترڻ جي تلاءَ ڏي به ويندا هئا. نمازين لاءِ عاليشان مسجد هئي. نجيب خان هڪ هندستاني عالم کي خطيب مقرر ڪيو هو، جيڪو اسلام کي عقلي ۽ توجيهي تفصيلن سان بيان ڪندو هو. البته اهو دور سياسي وڳوڙ جو هو. هي ڳالهيون سن 1960ع کان سن 1968ع تائين جون آهن، جيڪو ايوب خان جي مارشل لا جو دور هو. سڄي پاڪستان ۾ جلسا جلوس ۽ احتجاج ٿيندا رهندا هئا. شاگرد به هڙتالون ڪندا رهندا هئا ۽ ڪاليج ڪجهه ڏينهن لاءِ بند به ٿي ويندو هو. ڪجهه ٻيا واقعا انهيءَ زماني جا لکجن ٿا.

ايم. بي. بي. ايس جي پهرين سال جو امتحان هلي رهيو هو، سال 1963ع ۾ پرچي هلندي نگران منهنجي ميز تي آيو ۽ جوابي پرچو گهريائين، ان تي ڪجهه لکي واپس ڪيائين. ڇا ڏسان ته لکيو پيو آهي ته: Found Talking يعني ڳالهائيندي ڏٺو ويو، آءٌ ته حيران ٿي ويس ته هي ڇا ٿيو، انهيءَ نوٽ لڳائڻ جو مقصد اهو ٿيو ته ڄڻ آءٌ نقل ڪري رهيو هئس ۽ ان جي سزا ته فيل ٿيڻ هو. سو آءٌ اٿي بيٺس  مون نگران کي چيو ته مون ته ڪنهن سان به ڪونه ڳالهايو ۽ توهان وڏي ڳالهه لکي ويا آهيو. چيائين: ”تنهنجي پٺيان جيڪو ڇوڪرو ويٺو آهي، انهيءَ ۽ تو پاڻ ۾ ڳالهايو آهي.“

هاڻي حقيقت هن ريت هئي ته منهنجي پٺيان مسٽر فضل ڪريم ولد مرحوم شاهه محمد تنيو ويٺو هو، جنهن مون کان مس گهري، ڇوته سندس پين مان مس ختم ٿي چڪي هئي. اها گفتگو ٻڌي فضل ڪريم اٿي بيٺو ۽ نگران کي چيائين ته مون هن کان فقط مس گهري هئي، پر جيڪڏهن توهان ان کي جرم سمجهو ٿا، ته ان جو الزام مون تي اچي ٿو. منهنجي ڪاپيءَ تي ڀلي نوٽ هڻو، پر عبدالحليم جو ڪو ڏوهه نه آهي. هيءُ هوشيار آهي ۽ هن جو بغير ڏوهه جي Career خراب ٿي ويندو. نگران صاحب اها ڳالهه نه مڃي ۽ رمندو رهيو.

هاڻي قادر مطلق جي طاقت ڏسو، پرچو ٽن ڪلاڪن کان پوءِ ختم ٿيو، ته مون مکيه نگران پروفيسر غلام اسحاق سان سربستي ڳالهه ڪئي. هو مون کي ذاتي طور تي به سڃاڻندو هو، سو مون کان منهنجو سيٽ نمبر وٺي دلجاءِ ڏنائين، ته ڪجهه ڪونه ٿيندو. واقعي ٿيو به ائين، آءٌ سالياني امتحان ۾ پاس ٿي ويس ۽ نگران جيڪي منفي جملا لکيا هئا، انهن جو ڪو اثر نه نڪتو. منهنجي هن ڳالهه ڪرڻ جو مقصد هيءُ آهي، ته ڏسو ڪن ماڻهن ۾ ڪردار جي ڪيڏي بلندي آهي. فضل ڪريم ڏٺو به پئي، ته جيڪڏهن سندس ڪاپيءَ تي مضر جملا لکبا، ته پاڻ فيل ٿي سگهي ٿو، تڏهن به برملا سچ ڳالهايائين ۽ نفعي نقصان جي پرواهه نه ڪيائين. ڊاڪٽر فضل ڪريم پوءِ لنڊن هليو ويو، جتي گذريل 35 سالن کان فيملي سميت رهي ٿو.

قصو مختصر - آخري سال جو امتحان ٿيو جنهن ۾ رب پاڪ ڪاميابي عطا فرمائي. باقي انهيءَ وقت ۾ ميڊيڪل ڪاليجن جو نظام ڪيئن هو، تعليم ۽ اخلاق تي ڪيترو توجهه ڏبو هو، ڪهڙا اعليٰ تعليم يافته استاد هئا، سائنس ۽ طب جي دنيا ۾ عالمي اُفق تي ڪهڙا انقلاب آيا، انهن جو ذڪر مٿي ڪري چڪو آهيان.

هتي آءٌ ڪجهه ان ڳالهه تي روشني وجهندس ته ان زماني ۾ ۽ اڄ پڻ ڊاڪٽرن ۽ پروفيسرن جو عام مريضن سان تعلق ڪهڙو هو ۽ آهي. سڀ هڪجهڙا نه آهن ۽ نه سڀني مريضن جا معاملا به هڪجهڙا آهن. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته غريب عوام ڊاڪٽرن جي رويي کان هميشه شاڪي رهيو آهي، هنن جو رويو متڪبرانه ۽ لاپرواهيءَ وارو هوندو آهي. حالانڪه مريض ۽ ڊاڪٽر جو رشتو محبت، عقيدت ۽ قرابت وارو هجڻ کپي. ڊاڪٽر مريض کي ڏسندو، ڪجهه ٽيسٽون ۽ دوائون لکي ڏيندو ۽ مريض کي فارغ ڪري ڇڏيندو. مريض کي پوري دلجاءِ ورلي ڪا ٿئي ٿي. پوءِ ته پيو ڊاڪٽر جي ڪلينڪ جا چڪر ڪاٽيندو. سرڪاري اسپتالن جو حال ته اڃا به بدتر آهي، جتي هينئر ڊاڪٽر مريضن کي ڏسن ئي ڪونه يا تمام گهٽ ڏسن ٿا. سرڪاري اسپتالن جو بوجهه جونيئر رجسٽرارن يا اسسٽنٽ پروفيسرن تي هوندو آهي، ٻيا مسئلا ان کان علاوه هوندا آهن. اسان جي ملڪ جي پراڻن حڪيمن کي ڏسبو، ته انهن جو رويو مرضن سان نهايت بهتر هوندو هو. پهرين ته خير خيريت معلوم ڪندا، پوءِ سڄو احوال سربستو وٺندا، معائنو ڪندا ۽ ان کان پوءِ دوا تجويز ڪندا. ڪي پراڻا حڪيم دوا يا نسخي تي قرآن شريف جي ڪا آيت دم ڪري ڏيندا، انهيءَ جو نتيجو اهو نڪرندو ته مريض کي اطمينان به ٿيندو ۽ دلجاءِ به ٿيندي هئي، باقي شفا ته رب تعاليٰ جي هٿ ۾ آهي، ڏئي به اهو ٿو ۽ لاهي به اهو ٿو.

 

[12]

 

ڊاڪٽرن وٽ ڪم گهڻو هوندو آهي. هر مريض کي هو گهڻو وقت ڏئي به نه ٿا سگهن. ان ڪري مريض ۽ ڊاڪٽر جي تعلقات ۾ هڪ خال پيدا ٿي وڃي ٿو. اها صورت حال صرف پاڪستان ۾ نه آهي، پر سڄيءَ دنيا ۾ آهي. گذريل 30 سالن کان مغرب ۾ اهو احساس اڀريو آهي ته آخر ڳالهه ڇا آهي؟ علاج جا نوان طريقا نڪتا آهن، نيون دوائون ميدان ۾ آيون آهن، ليبارٽرين ۾ جديد تحقيقون ۽ تشخيصون ٿينديون رهن ٿيون، پر مرض آهن، جي گهٽجڻ جو نالو ئي نه ٿا وٺن. نوان نوان مرض وجود ۾ پيا اچن ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته مريض کي اطمينان ڪونهي. اهي دانشور هاڻي انهيءَ ڳالهه تي پهتا آهن ته جديد طريقه علاج ۾ مريض جي اعصابي، روحاني، ذهني، نفسياتي، مالي ۽ معاشرتي ضرورتن جو لحاظ نه ٿو رکيو وڃي ۽ هنن جي رسم و رواج، آداب کي ڪا اهميت حاصل نه آهي.

ڊاڪٽر هنن کي تجرباتي حيوانن طور استعمال ڪن ٿا. کين نسخو ته ملي ٿو، باقي ڪنهن ٻئي احساس ۽ جذبي جو قدر نه ٿو ڪيو وڃي. مريض نتيجي ۾ غير مطمئن رهجي ٿو وڃي ۽ مرض به اينگهه ٿو کائي. مغرب جا محقق چون ٿا ته طريقه علاج ۾ انقلابي تبديليون اچڻ کپن. مريضن جي رسم و رواج ڪلچر ۽ آداب کي تسليم ڪيو وڃي. ساڻن ڪجهه گهڙيون گهاريون وڃن. کين اهو احساس ڏيارجي ته ڊاڪٽر ۽ ٻيا طب سان لاڳو فرد سندس خير خواهي ۽ چڱڀلائي چاهين ٿا ۽ کيس اهڙا اميد افزا جملا ٻڌايا وڃن، جن سان هن ۾ خود اعتمادي ۽ خود يقيني پيدا ٿئي. هن طريقه علاج کي مغرب ۾ Holistic approach يعني مڪمل ۽ جامع طريقه علاج سڏيو وڃي ٿو. جيڪو هاڻي مغرب ۽ آمريڪا جي اسپتالن ۾ آهستي آهستي عمل ۾ اچي رهيو آهي.

هن سڄي معاملي جو ڪارڻ ڇا آهي؟ ڇو مريضن ۽ ڊاڪٽرن جي وچ ۾ ايترو ويڇو آهي؟ مريض کي ڊاڪٽر لاءِ بد اعتمادي ڇو آهي؟ ڊاڪٽر مريض کي پنهنجو ڇو نٿو سمجهي؟ ڳالهه هن ريت آهي ته ٻي عالمي لڙائي ۽ پهرين عظيم جنگ ۾ هزارين لکين سپاهي ماريا ويا، لکن جي انگ ۾ قيد ڪيا ويا، سڄي يورپ ۽ آمريڪا ۾ وڏي پيماني تي نقل مڪاني ٿي. دنيا جو نقشو تهه و بالا ٿي ويو. اسپتالون زخمين ۽ بيمارن سان ڀرجي ويون. ڊاڪٽر ۽ سائنسدان صرف ايترو ڪري سگهيا ٿي، جو مريضن جو سندن علامتن مطابق علاج ڪن ۽ کين جلد کان جلد پنهنجي پيرن تي بيهارين. ايترو وقت نه هو جو مريض سان گهڻو ڳالهائجي يا خير خيريت معلوم ڪجي. ان ڪري طبي خدمت جو دائرو مريض جي حوالي سان اهو هو ته کيس ڏسي دوا لکجي يا سرجري ڪجي. پوءِ اهو رويو ماڳهين روايت ٿي ويو، جڏهن مريضن جو انگ گهٽيو ۽ اسپتالن مان رش ختم ٿي، صحت جو معيار بهتر ٿيو، ته به ڊاڪٽرن جو رويو مريضن سان اهوئي ساڳيو رهيو. ان ڪري مسئلو پنهنجي جاءِ تي رهجي ويو آهي، جيتوڻيڪ مغرب ۾ وڏي تبديلي اچي چڪي آهي. حل اهو آهي ته عام مروج طريقه علاج کي ڇڏي Holistic يعني جامع طريقو عمل ۾ آندو وڃي جنهن ۾ مريض جي روحاني معاشرتي، اقتصادي ۽ ذهني، ۽ اخلاقي ضرورتن جو خيال رکيو وڃي.

بهرحال اهڙي سخت ناگوار ماحول ۾ به ڪيترا ڊاڪٽر هئا ۽ آهن، جن جو مريضن سان رويو تمام گهڻو ساراهه جوڳو رهيو آهي. ڪيترا ڊاڪٽر ته پنهنجي گهران پيسا ڏئي به غريب مريضن جو علاج ڪن ٿا. هنن سان چڱو وقت گذاريندا آهن ۽ سندن روحاني ۽ معاشرتي ضرورتن جو به خيال رکندا آهن، آءٌ سمجهان ٿو ته هيءُ وقت آيو آهي جو انهن مان ڪن جو ذڪر آءٌ هتي ڪريان.

اسان جي ڳوٺ جو ڊاڪٽر حاجي محمد علي ميمڻ بمبئيءَ مان C.P.S.L ڪري آيو ۽ سرڪاري ملازمت ۾ هو. تمام همدرد هڏ ڏوکي ۽ غريب جو ساٿي هو. جڏهن به ڳوٺ ايندو هو ته گهر ۾ سک سان نه وهندو هو، ڪونه ڪو مريض در تي بيٺو هوندو هئس. ماڻهو کيس مريض ڏيکارڻ لاءِ گهر به وٺي ويندا هئا. اڃا هڪ مريض مان مس آجو ٿيندو هو ته ٻيو سڏڻ ايندو هئس. ڳوٺ ۾ ڪنهن کان به في وغيره ڪونه وٺندو هو ۽ ڪنهن کي موٽائيندو به ڪونه هو. ائين ڪندي ڪندي اڌ رات جو گهر موٽندو هو. سندس پيءُ ان ڳالهه تي ناراض ٿيندو هو، ته سندس پٽ جيئن اچي ٿو ته وڃيو مريضن سان لڳي، گهر ۾ ويهي به ڪونه ٿو، سو اڌ رات جو کيس سخت جملا چوندو هو. پوءِ ڊاڪٽر محمد عليءَ ماءُ کي عرض ڪيو، ته امان تون گهر جي دروازي کي اندران ڪڙو هڻي ڇڏيندي ڪر ۽ بابا کي ٻڌائي ڇڏيندي ڪر ته محمد علي گهر اچي ويو آهي ۽ سمهيو پيو آهي. پاڻ ساڳيو 12 وڳي رات جو ايندو هو ۽ بوٽ لاهي هٿ ۾ کڻندو هو، متان ان جو آواز ٿئي. آهستي دروازو کڙڪائيندو، جنهن جو فقط سندس والده آواز ٻڌندي هئي ۽ انتظار ۾ هوندي هئي. پوءِ آهستي آهستي وڃي کٽ تي سمهي رهندو هو. اهو هو پنهنجي پيشي جو قدر ۽ مريضن جي خدمت جو جذبو.

ڊاڪٽر محمد عليءَ جو ننڍو ڀاءُ مرحوم علي اڪبر ميمڻ هو، جيڪو تعليم کاتي ۾ سڀ ڊويزن آفيسر هو. گهڻو ڪري هالا ۽ ٽنڊو محمد خان جي ڊويزن ۾ رهيو. بيحد خوش خلق، وڏو دانا ِّ، مرنجان مرنج، ڪچهريءَ جو ڪوڏيو هوندو هو. ميٽرڪ سنڌ مدرسي مان ڪئي هئائين. B.A عليڳڙه مان. پوءِ لوڪل بورڊ ۾ سپروائيزر ٿيو، جتان صوبائي تعليم کاتي ۾ آيو، وڏو ادبي ذوق هئس. پر لکيو گهٽ اٿس، عمر جي آخري حـصي ۾ حج تي ويو  اتان واپسيءَ تي وچ مشرق جو سفر ڪيائين، سندس سفرنامو ”نواءِ سنڌ“ اخبار ۾ روزانو شايع ٿيندو هو، جيڪو سنڌ جا ماڻهو وڏي دلچسپيءَ سان پڙهندا هئا. سندس چوءياري مشهور هئي، پاڻ خود انهيءَ ياريءَ جو روح روان هو.

ٻيو يار ٽنڊي ولي محمد جو مرحوم حسن علي ميمڻ هو، ٽيون هالن پراڻن جو حاجي گل محمد ميمڻ ۽ چوٿون مرحوم ميان لطف الله ڀٽي. انهن ڏينهن ۾ هفتيوار موڪل آچر تي هوندي هئي. علي اڪبر مرحوم ۽ حاجي گل محمد گڏجي ڳوٺ ايندا هئا ۽ سومر جي ڏينهن صبح جو روانا ٿي ويندا هئا. علي اڪبر مرحوم کي پنهنجي استادن لاءِ گهڻي عزت هئي.

ڊاڪٽر محمد عليءَ کان پوءِ جنهن ڊاڪٽر کي وڌ ۾ وڌ مريضن سان همدرد ڏٺو ويو، اهو ميرپورخاص جو ڊاڪٽر ڊريگو هو. ڊريگو گووا جو ويٺل هو. سندس چاچو سن 1933ع ۾ ميرپورخاص ۾ سول سرجن ٿي آيو، ڊريگو به تازو گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج بمبئيءَ مان ايم. بي. بي. ايس پاس ڪري آيو هو ۽ اچي ميرپورخاص ۾ خانگي اسپتال ڪڍيائين. اسپتال جو مقصد فقط مريضن جي خدمت هو. ٿر جا ماڻهو مفلس، قلاش ۽ دائمي بيمار رهندڙ هئا، ڊاڪٽر ڊريگو هنن جي سٺي مدد ڪندو هو. سوين ميل اٺن تي سواري ڪري ٿر جي ڀٽن ۾ پيو گهمندو هو ۽ مريضن جو مفت علاج ڪندو هو. هي سندس جوانيءَ جا ڏينهن هئا. سفر کيس ٿڪائيندو نه هو، وقت گذرڻ سان گڏوگڏ سندس نالو سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور ٿي ويو. پاڻ چوندو هو ته سنڌ ۾ ڪا جاءِ خالي نه آهي، جتي آءٌ نه ويو هجان. مون پڇيومانس ته ڀلا، هالا ويا هئا ته جواب ۾ چيائين ته ها. هالا به ويس هئس، سماجي ۽ حفظان صحت جي پروگرامن ۾ به حصو وٺندو هو. ڪوبه سيمينار ۽ ورڪشاپ ڊريگو کان سواءِ نامڪمل هو. هي سندس خدمتون پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جون آهن. پاڪستان ٺهيو ته مهاجرن جا قافلا آيا. پاڻ چوندو هو، ته مهاجر آيا ته منجهن ٽي. بي، مليريا، ٽائفائڊ ۽ پيچش جهڙا مرض عام هئا. پاڻ انهن خلاف سخت ڪاوش ڪيائين. ڪيمپون هڻي، علاج ڪيائين. هر ڳوٺ ۾ مريضن تائين پهتو. تقريرن ۽ جلسن ذريعي عوام کي بيمارين خلاف مدافعت جي ضرورت سمجهايائين. سندس اهي خدمتون آخر عمر تائين جاري رهيون. مون وٽ سول اسپتال ميرپورخاص ۾ گاهي به گاهي ايندو هو،جنهن کي آءٌ پاڻ تي رب جي رحمت سمجهان ٿو. روم جي ڪليسا سن 1950ع ۾ کيس سرداري Knight hood جو خطاب ڏنو، ڇوته هن ورهاڱي وقت مـهـاجــرن جـي وڏي خــدمـت ڪئي هئي. پر پاڻ ڪڏهن به پاڻ کي نائيٽ نه سڏايو ۽ نه Sir لکايو. پوپ جي ڏنل فرمان مطابق سندس پورو نالو رائيٽ آنربل سر ڊاڪٽر ڊريگو هو، پر پاڻ مخلوق جي خدمت کي ترجيح ڏنائين ۽ مشهوري کان پاسو ڪيائين. ڊاڪٽر ڊريگو 84 سالن جي عمر ۾ ٻه ٽي سال اڳ گذاري ويو آهي.

ٿر جي پاسي جو ڊاڪٽر هرچند راءِ به تمام همدرد ۽ فقيرتن ڊاڪٽر آهي. پنهنجي اسپتال مٺيءَ ۾ اٿس. مون جڏهن کيس پهريون دفعو ڏٺو ته سمجهيم ته ڪو وڏو عالم آهي. اڇو پهراڻ، اڇو پٽڪو، وڏي اڇي سونهاري ۽ ٿلهن شيشن سان نظر جي عينڪ، صرف ڌوتيءَ مان خبر پئي ٿي، ته هندو آهي. وڏو ڄاڻو ۽ پراڻو تجربيڪار ڊاڪٽر آهي. ٿر ۾ بيمارين جو ته ماهر ڊاڪٽر آهي. وري اصول وارو اهڙو آهي جو هر ڪنهن کي نمبر سان ڏسندو، ڪيڏو به وڏو ماڻهو هوندو، ته ان کي لائن ۾ وهڻو پوندو ۽ پنهنجي واري جو انتظار ڪرڻو پوندو. نانگن ۽ بلائن جي مختلف قسمن زهرن ۽ انهن جي علاج تي اٿارٽي آهي. آءٌ جڏهن سن 1997ع ۾ لياقت اسپتال ۾ ايم. ايس هئس ته اسان کيس نانگ جي زهر ۽ ان جي علاج تي ٿيندڙ سيمينار ۾ گهرايو هو، جتي اڌ انگريزيءَ ۾ ته اڌ سنڌيءَ ۾ ليڪچر ڏنائين. 100 کن بلائن ۽ نانگن جا نالا يڪساهي وٺي ويو.

حيدرآباد جو ڊاڪٽر عين الدين به نيڪ نام ڊاڪٽرن ۾ شمار ٿئي ٿو، ڇوٽڪي گهٽي ۾ اسپتال هئس، جتي ٻارن جو علاج ڪندو هو. هٿ ۾ گهڻي شفا هئس، وري غريبن جو هڏ ڏوکي همدرد ڊاڪٽر هو. في به معمولي وٺندو هو. نمازي متقي ۽ پرهيزگار هو. عمر 90 سالن کان مٿي اٿس، آخري عمر ۾ پشاور لڏي ويو آهي، جتي سندس نياڻي آهي.

سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورالاجي ڪراچيءَ جو چيئرمين پروفيسر اديب الحسن رضوي هڪ ٻيو نيڪ انسان آهي. هن کي پيسي سان دلچسپي نه آهي، ڪوشش اها ڪندو آهي ته سندس اداري کي وڌ ۾ وڌ عطيا ملن. سندس اسپتالن ۾ 400 کن بسترا آهن، جتي گردن جي مريضن جو علاج مفت ٿئي ٿو. وڏيون ۽ ڏکـيـون آپــريـشـنــون به ٿـين ٿـيـون، سـڄــي ايشيا مان مريض علاج لاءِ اچن ٿا. پاڻ رايل ڪاليج لنڊن ۽ ايڊنبرا جو مـمـتحن آهي ۽ ڪيترن بين الاقوامي ميڊيڪل يونيورسٽين جو ڊائريڪٽر به آهي، پاڻ ٻڌايائين ته سندس اداري ۾ مريضن کان علاج لاءِ ڪوبه پيسو نه ٿو ورتو وڃي ۽ گردي جي منتقليءَ جي مريض تي 80 کان 90 هزار رپيا خرچ اچي ٿو، جيڪا رقم عطيات ۽ چندن مان پوري ٿئي ٿي. پروفيسر اديب الحسن پنهنجي اداري ۽ مريضن سان لازوال محبت ڪندڙ آهي. رات جو اسپتال جي هڪ ڪمري ۾ ننڍي کٽ تي سمهي رهندو آهي. نه ته سڄو ڏينهن ۽ رات پيو وارڊ ۾ ڦرندو آهي. سندس ٽيم به اهڙن ئي خدمتگذار انسانن تي مشتمل آهي. ٻه ٽي سال اڳ پراڻي عمارت سان لڳولڳ هڪ چار منزله جديد بلـڊنگ ٺهرائي اٿس، جنهن ۾ انسٽيٽوٽ جو توسيعي حصو قائم ڪيو اٿس. هن بلـڊنگ جي ڇت تي هيلي پيڊ به آهي، جتان هيليڪاپٽر مريضن کي کڻي اچي لهي سگهن ٿا. مطلب ته ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ هيءَ وڏي سهوليت آهي. سڄي پاڪستان مان مريض علاج لاءِ اچن ٿا. سنڌ مان به هزارن جي تعداد ۾ مريض ٻهراڙين کان اچن ٿا. اديب الحسن هنن سڀني جون دعائون پيو کٽي.

نئين بلـڊنگ جي باري ۾ هڪ عجيب حيرت انگيز واقعو مون کي ٻڌايائين. هن بلـڊنگ جي تعمير جو تخمينو 25 ڪروڙ رپيا کن هو. ان لاءِ چندو کپندو هو. ديوان فاروق گروپ وارن سان اديب الحسن جو رشتو هو، سو ساڻن ذڪر ڪيائين. سيٺ پڇيس ته خرچ ڪيترو ايندو، ته پاڻ لحاظ خاطر چيائين ته توهان ڏهه لک رپيا عطيو ڏيو. سيٺ صاحب کي اها ڳالهه اعتبار ۾ نه آئي. سوچيائين ته هيڏي وڏي عمارت ڏهن لکن ۾ ڪانه ٺهندي. سو، چيائين مهرباني ڪري صحيح ڳالهه ٻڌايو. اديب الحسن چيو ته مون کيس سچو جواب ڏنو ته اصل تخمينو 25 ڪروڙ رپين جو آهي. پاڻ فورن چيائين ته اهو سمورو خرچ آءٌ ڏيندس، توهان انشاء الله سڀاڻي فلاڻي ٽائيم تي پنهنجي اسسٽنٽ پروفيسر انور نقويءَ کي موڪليو ته اچي چيڪ وٺي وڃي. اديب الحسن چوي ٿو ته مون کيس عرض ڪيو ته تڪڙ ڪانهي، انور توهان وٽ پوءِ به اچي سگهي ٿو، پر پاڻ اصرار ڪيائين ته سڀاڻي ئي اچي. ٻئي ڏينهن تي انور نقوي وڃي 25 ڪروڙ رپين جو چيڪ وٺي آيو. هاڻي قدرت جا ڪم ڏسو، ٽئي ڏينهن تي سيٺ صاحب کي اسلام آباد وڃڻو هو، ڪنهن انڪم ٽيڪس ميٽنگ جي سلسلي ۾، اتي کيس اوچتو دل جو دورو پيو ۽ اسپتال پهچڻ کان اڳ ڌڻيءَ در دم حوالي ڪيائين. اديب الحسن کي هڪ وڳي تائين خبر پئي ته ديوان صاحب دنيا ڇڏي ويو.

رب تعاليٰ کي هڪ چڱو ڪم ديوان صاحب جي هٿان ڪرائڻو هو. کيس اڳواٽ کڙڪ پئجي وئي هئي جو اصرار ڪيائين ته چيڪ سڀاڻي ئي وٺو. خبر نه آهي، ته پرينهن day ofter tomorrow تائين مهلت ملي يا نه ملي. ڌڻي پنهنجون حڪمتون پاڻ ڄاڻي ٿو.

ٻيا به گهڻا نيڪ نام ۽ خدمتگذار ڊاڪٽر سنڌ ۾ ٿيا هوندا. انهيءَ ڳالهه جو اعتراف آهي، پر چند نيڪ نامن جو اڃا ذڪر ڪجي.

لياقت ميڊيڪل ڪاليج جو پروفيسر اسلم گهلو ڦوهه جوانيءَ ۾ موڪلائي ويو. وڏو خوش خلق درياء دل، رفتار ۽ گفتار جو غازي همدرد انسان هو، سندس هٿ ۾ فنڪاري هئي. هڏين جو مشهور سرجن هو ۽ آپريشن ۾، کانئس ڪا غلطي رهجي نه ويندي هئي. دل جي باءِ پاس آپريشن آمريڪا مان ڪجهه سال اڳ ڪـرائـي آيــو هــو. وري تـڪـلـيـف ٿيس، پوءِ ڪجهه مرض جي شدت ۽ ڪجهه ڊاڪٽرن جي اڻڄاڻائي ۾ آخري آپريشن ڪامياب نه ٿيڻ تي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين.

پروفيسر حسين لغاري هاڻي رٽائر ڪيو آهي. هيءُ به خدمتگذار ڊاڪٽرن مان آهي، پيسي جي لالـچ ڪانه اٿس ۽ سرجريءَ ۾ هٿ به سٺو اٿس. سول اسپتال ۾ جڏهن به ايمرجنسي ٿيندي هئي ۽ زخمين کي آپريشن ٿئيٽرن ۾ آندو ويندو هو ته هيءُ پهريون سرجن هو، جو پاڻمرادو گولين جا آواز ٻڌي سڌو آپريشن ٿئيٽر ۾ پهچي ويندو هو. کيس جنهن ڌاڙيل کنيو ۽ اڍائي مهينا جهنگلن ۾ رکيو، انهيءَ جو خود هن علاج ڪيو هو، پر نيڪيءَ جو جواب بديءَ ۾ مليس.

ڊاڪٽر سڄڻ ميمڻ به غريب پروريءَ جي ڪري سڄي سنڌ ۾ مشهور آهي. سندس ڪلينڪ تي ٻهراڙيءَ جي سنڌي مريضن جو وڏو انگ هميشه ويٺل هوندو آهي. هٿ شفا به اٿس ۽ اخلاق به اعليٰ اٿس.

ڊاڪٽر احمد حسين چوڌري سانگهڙ جي پاسي جو هو. سن 1973ع ۾ ڀـُـٽي صاحب 1400 آفيسرن ۾ هن کي به ڪڍي ڇڏيو. پاڻ تمام ايماندار آفيسر ۽ سخت منتظم هو. نوڪريءَ مان نڪرڻ وقت سنڌ صحت کاتي ۾ ڊائريڪٽر هو. سنڌ ۾ مختلف اسپتالن ۾ سول سرجن ٿي رهيو، جهڙوڪ: ميرپورخاص، لاڙڪاڻو، نوابشاهه، جيڪب آباد وغيره. وڏو زميندار به هو ۽ پنهنجا خانداني ۽ ذاتي حالات به قلمبند ڪيا هئائين. پنجاب جا آبادگار سنڌ ۾ بيراجن کلڻ کان پوءِ آيا ۽ سندن پنجاب مان سنڌ آڻڻ ۾ انگريزن جو هٿ هو. انگريزن جو مقصد هو، ته پنجاب ڇاڪاڻ ته زراعت ۾ سنڌ کان اڳتي آهي، ان ڪري پنجاب جا آبادگار سنڌ ۾ اچن ۽ سنڌ جي ماڻهن کي پوک جا طريقا سيکارين. احمد حسين جي ننڍي ڪتابچي ۾ انهيءَ موضوع تي وڏو مواد آهي. کيس ريونيو بورڊ ۾گهرايو ويو ۽ پڇيائونس ته توکي ڇو ڪڍيو ويو آهي؟ پاڻ جواب ڏنائين ته بظاهر مون کي ڪا خبر ڪانهي. ڀـُـٽي صاحب کي خبر هوندي، جنهن جي پيءُ سان منهنجا دوستانا تعلقات هئا. بهرحال بورڊ کيس ٻيهر نوڪريءَ تي بحال ڪيو. پر پاڻ فقط هڪ ڏينهن نوڪري ڪيائين، ان لاءِ ته پينشن يا گريجوئٽي ملي سگهي. انهيءَ کان پوءِ استعيفا ڏنائين. ڊاڪٽر احمد حسين چوڌري ايماندار، خدا ترس، سچار ۽ غير متعصب اِنسانُ هو. سندس عمر 82 سال ٿي ۽ لطيف آباد نمبر ڇهين ۾ پنهنجي گهر ۾ گذاري ويو.

هاڻي هتي ڪجهه وقت لاءِ ميڊيڪل تعليم ۽ ڊاڪٽرن جي ڳالهين کي ڇڏي ڪجهه ٻيون به ڳالهيون ڪجن. سن 1963ع ۾ مشرقي پاڪستان مان ميڊيڪل جي شاگردن جو هڪ وفد ڄام شوري مطالعاتي دوري تي آيو. ساڻن ڪچهريون ٿيون ته خبر پئي ته هنن کي اولهه پاڪستان وارن کان گهڻيون شڪايتون هيون. مثلا: اقتصادي طور پوئتي هجڻ، نوڪرين ۾ گهٽ تعداد، فوج ۾ نالي ماتر وجود، اقتصاديات ۽ واپار ۾ وڏي نا انصافي، اوڀر پـاڪـسـتــان جــي قــدرتـي شـيــن جي مـلـڪـيـت جو حق پنجاب وارن کي هجڻ. هو سياسي طور ڪافي سجاڳ هئا ۽ بــحـث ۾ اســان جو سـاڻن مـقـابلو ڪونه هو. هي زمانو سن 1963ع جو آهي، يعني بنگلا ديش ٺهڻ کان اٺ سال اڳ. افسوس جو اختيار جي صاحبن انهن حقيقتن جو جائزو نه ورتو ۽ نه اهڙا اپاءَ ورتائون، جنهن مان عدم برابريءَ جو احساس ختم ٿئي ها. حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿينديون ويون. نيٺ سن 1971ع ۾ اوڀر پاڪستان ڌار ٿي ويو ۽ نتيجي ۾ بنگلا ديش ٺهيو.

سن 1963ع ۾ ٻيو وڏو واقعو آمريڪا جي صدر جان ڪينڊي جو قتل هو، جنهن سڄي دنيا کي ٿرٿلي ۾ آڻي ڇڏيو. ڪافي تحقيقاتي ڪميشنون ٺهيون، ڪن جانسن تي الزام هنيو، ڪن روس تي ته ڪن ڪوريا تي. آخري ڳالهه اتي بيٺي، ته اهو ڪم ڪيوبا جي صدر فيڊرل ڪاسترو طرفان ڪرايل هو. سن 1986ع ۾ جڏهن آءٌ آمريڪا ويس ته مون اها جاءِ وڃي ڏٺي، جتي ڪينڊي کي گولي هنئي وئي هئي ۽ اها چار منزله جڳهه به ڏٺم، جنهن جي چوٿين ماڙ جي دري مان لي هاروي اوسوالڊ نالي هڪ شخص فائر ڪري ڪينيڊي کي قتل ڪيو. انهيءَ ساڳي روڊ تي ڪجهه اڳيان ڪاٺ جي اها ڪيبن ٺهيل آهي، جيڪا يورپ مان اوائلي لڏي آيلن ڊلاس ۾ ٺاهي هئي. اڳتي هلي واشنگٽن ۾ آرلنگٽن قبرستان ۾ ڪينيڊي جي قبر به ڏٺي سون، جتي 24 ڪلاڪ ليمپ ٻري ٿي. هن قبرستان ۾ ويٽنام ۾ مري ويل سپاهين جا نالا ڪاري سنگ مرمر جي بورڊن تي لکيل آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org