سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: يادِ ايام

باب: --

صفحو :8

 

 

[21]

قاضي محمد مراد صاحب سيوهڻ جي روحاني ۽ علمي صديقي خاندان سان تعلق رکي ٿو. سندن والد حڪيم محمد حسن صاحب ۽ ڏاڏو حڪيم نصيرالدين صاحب هو، جيڪي به وڏا حاذق حڪيم ۽ جيد عالم هئا. سندس هڪ ٻيو وڏو قاضي بصر الدين رحمته الله عليہ صاحب ڪرامت، علم ۽ فضل جو صاحب ٿي گذريو آهي. قاضي بصر الدين جا گهڻا ڪم ڪشف  ڪرامتن جا مشهور آهن. حڪمت ۾ هيءُ خاندان بي نظير آهي ۽ سنڌ ۾ سندن پايي جو مرڪز حڪمت ڪو ٻيو نه آهي. قاضي مراد صاحب سندس والد جي وفات کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ ڪريم آباد ۾ مطب کوليو. اتان پوءِ سنڌ جي ٻين شهرن لاڙڪاڻو، ميرپور ۽ نواب شاهه ۾ به پنهنجا شفا خانا کوليائين، جتي پنهنجن فرزندن کي موڪليندو رهندو هو. اهو سلسلو اڃا تائين جاري آهي. مکيه مطب سيوهڻ ۾ اٿن. جتي سندن وڏو فرزند حڪيم محمد نصيرالدين فاروق صديقي ڪم ڪري ٿو. ڪراچي ۽ حيدرآباد جي شفاخاني ۾ سندن ٻيو فرزند حڪيم محمد يوسف نگراني ٿو ڪري. لاهور ۾ به شاخ ڪڍي هئائون، جيڪا پوءِ بند ٿي وئي. قاضي محمد مراد صاحب 1998ع ڌاري ڪراچي ۾ وفات ڪئي.

پاڪستان حڪومت جي طرفان اوائلي دور ۾ ٽي اسپتالون سعودي عرب حڪومت کي تحفي ۾ ڏنيون ويون هيون، انهن مان هڪ اسپتال جده ۾، ٻي مڪي ۾ ۽ ٽين مدينه منوره ۾ هئي. هاڻي سعودي عرب جا پنهنجا ذرائع آمدني پاڪستان کان گهڻو وڌيڪ آهن ۽ اسپتالن جو به وسيع ڄار اٿن. شايد پاڪستاني اسپتالون هاڻي بند ٿي چڪيون آهن. مڪي شريف ۾ پاڪستاني اسپتال ”حارت الباب“ محلي ۾ هئي، جيڪا هڪ ڪرائي جي جڳهه  هئي. مرڪزي حڪومت طرفان ڊاڪٽر عبدالقيوم اتي ميڊيڪل آفيسر هو. جيڪو سٺي طبعيت جو مالڪ هو. منهنجي ڊيوٽي ”حارت الباب“ واري اسپتال ۾ لڳي. ڊيوٽيءَ جا اوقات صبح جو 8 بجي کان ٻارهين تائين ۽ منجهند جو ظهر نماز کان پوءِ عصر جي اذان تائين هئا. ان کان پوءِ اسپتال بند ٿي ويندي هئي. ٻين پاڪستاني ڊاڪٽرن جي اچڻ کان پوءِ محله جياد ۾ ڪجهه دڪان ڪرائي تي وٺي ٻي اسپتال به کولي هئائون. مديني شريف ۾ شارع ابوذر غفاريءَ ۾ پاڪستاني اسپتال هئي. جده ۾ حاجي ڪيمپ ۾ عارضي طور تي طبي امداد جو مرڪز قائم ٿيندو هو، جتي وري بحري جهاز رستي آيل پانڌيئڙن جو ضرورت موجب مختصر علاج معالجو ٿيندو هو.

”حارت الباب“ ۾ شروع ۾ حاجين جو تعداد گهٽ هو. پر پوءِ ڪثير حجاج جي آمد سبب اهو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندو ويو. حج کان چند ڏينهن اڳ مريضن جو تعدادروزانو سراسري 1000 کن هوندو هو. گهڻا مريض وڏي عمر جا هئا. کنگهه، نزلو، زڪام ۽ پيٽ جون بيماريون عام جام هيون. مريضن ۾ پاڪستانين کان علاوه بنگلا ديشي، عرب ۽ آفريڪي مريض به ايندا هئا. بنگلا ديش کي پنهنجي اسپتال ڪانه هوندي هئي. نئون ملڪ ٺهيو هو. سعودي عرب جا شهري به گهڻي تعداد ۾ ايندا هئا، ڇوته سندن پنهنجون اسپتالون مهر بند دوائون ڏينديون هيون. اسان وٽ پراڻي زماني جا مڪسچر به هلندا هئا، جن جي لاءِ سعودين جو عقيدو هو، ته انهن ۾ فائدو وڌيڪ آهي. سعودين وٽ پيسو گهڻو هوندو هو. هڪ دفعو ڪنهن سعودي مريض کي ڏسڻ لاءِ مون کي سندس گهر وٺي هليا. هيءُ شايد حرم شريف ۾ خيرات وٺندو هو. وڃڻ مهل مون کي في ڏيڻ لاءِ چادر مٿي کنيائين. هزارن جا سعودي ريال پيا هئا. مون ڪجهه به وٺڻ کان انڪار ڪيو جو اسان کي پرائيويٽ مريضن کان في وٺڻ جي اجازت ڪانه هئي. پر پاڻ زوري ڏهه ريال ڏنائين.

پاڪستاني اسپتالن ۾ دوائون به ڪراچيءَ جي سرڪاري آءِ. آءِ. ڊيپو مان اينديون هيون، جن سان هونئن به واسطو رهيو هو. البته سيمپل گهڻا ملندا هئا، جيڪي مريضن کي ڏيندا هئاسين. مون سان گڏ هڪ ڪمپائونڊر ساهيوال جو ۽ ٻيو پشاور جو هو، جيڪي معمولي ماني ٺاهيندا هئا، جنهن لاءِ اسين پاڻ ۾ چندو ڪندا هئاسين. محله حارت الباب ۾ سنڌ جي مهاجر مڪي حاجي بهار الدين جروار سان ملاقاتون رهنديون هيون، جيڪو اسان جي ڳوٺ ايندو ويندو هو. حاجي بهار الدين ٽنڊي الهيار جي ڀرسان مبارڪ جروار ڳوٺ جو رهاڪو هو. واچن (گهڙين) جي مرمت ڪندو هو ۽ حجاج جي خدمت ڪندو هو. گهڻا سال ٿيا آهن جو گذاري ويو آهي. سندس پٽ حاجي مدني زندهه آهي ۽ اتي ئي سعودي عرب ۾ آهي. مڪي شريف ۾ حيدرآباد جو مرحوم آخوند عبداللطيف رهندو هو، جيڪو اهل خير ۽ نيڪ انسان هو. حيدرآباد جي صدر واري جامع مسجد جي تعمير جو خرچ گهڻي ڀاڱي پاڻ ڏنو هئائين.

مڪه شريف کان 2-3 ميل ٻاهر تي جبل نور آهي. جنهن جي چوٽيءَ تي غار حرا آهي. هيءَ اها جاءِ آهي، جتي نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن نبوت کان اڳ مراقبي ۽ سوچ فڪر ۾ تخليو ڪندا هئا. هڪ ڏينهن اسان ڪجهه رفيقن سان جبل نور تــي چــڙهــي غار حرا جي زيارت ڪئي. هيءَ پٿرن جي وچ ۾ هڪ خالي جڳهه آهي، جنهن ۾ هـڪ مـاڻـهـو هڪ وقت ۾ نماز پڙهي سگهي ٿو. نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن تي قرآن شريف پهريون دفعو اتي نازل ٿيو ۽ نبوت جو منصب جبرائيل امين جي معرفت عطا ڪيو ويو. قرآن ڪريم جي پهرين آيت ‘اقرا باسم ربک’ هتي نازل ٿي هئي. قرآن مجيد جو پهريون حڪم علم جي حصول لاءِ آهي. پر اسين اڄ انهيءَ سبق کان غافل آهيون. عصر جي وقت تائين واپسي ٿي، جو نماز حرم شريف ۾ اچي پڙهي سون.

ڪعبته الله شريف جي باب عبدالعزيز کان اندر اچبو هو، ته پاسي کان کاٻي هٿ تي هڪ لحيم شحيم دهشتناڪ حبشي ويٺل هوندو هو، جيڪو، چپن جي حرڪت مان معلوم ٿيندو هو ته، ڪجهه پڙهي پيو يا تلاوت قرآن مجيد پيو ڪري. خبر پئي ته هو مڪي شريف جو وڏو جلاد آهي، جيڪو شرعي سزا ملڻ کان پوءِ ڏوهارين جا سر قلم ڪندو آهي يا هٿ پير وڍيندو آهي. اهو منصب سندس خاندان ۾ پشت به پشت هلندو اچي ٿو.

هڪ دفعي جمعي جي نماز پڙهي ٻاهر نڪتاسين ته وڏو هجوم حجاج جو چئن ئي طرفن کان اچي جمع ٿيو هو، ڇوته ٿوري دير ۾ هڪ قاتل جو سر قلم ٿيڻ وارو هو. قاتل يمن جو ٻڌايائون ٿي. قاتل کي ايمبولينس ۾ وٺي آيا. پوءِ سندس گردن هيٺ ڪاٺ جي اسٽول تي رکيائون. جلاد اک ڇنڀ ۾ تلوار جو وار ڪري سندس سر قلم ڪيو. پوءِ جلدي سعودي پوليس سندس لاش کڻائي وئي. اسان ڇاڪاڻ ته پري هئاسين، ان ڪري اهو معلوم نه ٿي سگهيو ته جلاد ساڳيو حرم شريف وارو هو يا ڪو ٻيو. بهرحال سعودي عرب ۾ سخت شرعي سزائون آهن. ان جي ڪري جرم جي شرح نه هجڻ جي برابر آهي. باقي سعودي عرب واري رهائش دوران ٻي ڪا اهڙي سزا نه ڏٺي سون.

جمعي جي ڏينهن حرم مڪي ۾ تمام وڏو اجتماع نماز لاءِ ايندو هو. عرب سڳورا اڇا جبا ۽ ڳاڙها رومال مٿي تي ٻڌي اچن ٿا. ساڍي ٻارهين تائين خطبو شروع ٿئي ٿو، جيڪو ڪافي ڊگهو ٿئي ٿو. سعودين جي فقہ ۾ خطبي جي وڏي اهميت آهي. ان ۾ نبي برحق جي رسالت، صحابه جي شان، خدا جي وحدانيت کان پوءِ قرآن جون نصيحتون ۽ حڪم ٻڌايا وڃن ٿا. ان کان پوءِ حالات حاضره تي به تبصرو ٿئي ٿو. مثلا: فلسطين، ڪشمير، يا انهيءَ وقت ۾ ايٿوپيا، اريٽيريا جون خانه جنگيون وغيره. نماز کان پوءِ دعا جو اهتمام ڪونهي. سنتون پڙهي هر ڪو گهر روانو ٿئي ٿو. هڪ واقعي جو ذڪر ڪجي ٿو.

حج پوري ٿيڻ کان هڪ ڏينهن پوءِ آءٌ ڪلينڪ ۾ ويٺو هئس ته هالن جا ڪجهه ماڻهو حاجي ماستر محمد بچل آخوند صاحب کي کڻائي آيا. ماستر صاحب بيحد با اخلاق، منڪر المزاج ۽ شريف النفس انسان هو ۽ اسان جي وڏن وٽ ايندو رهندو هو. اسان کيس پنهنجو وڏو ئي سمجهندا هئاسين. مون کي خبر نه هئي ته ماستر صاحب حج تي آيل آهي. انهيءَ وقت تيز بخار هئس ۽ ڪافي بي چين به هو. پر مون کي سڃاتائين. مون کيس مليريا جون دوائون ۽ ڪجهه جراثيم ڪش Antibiotic گوريون ڏنيون. پوءِ کيس کڻي ويا. ٻئي ڏينهن ٻڌم ته ماستر صاحب رات وچ ۾ انتقال ڪري ويو. هيءَ خبر وحشت اثر هئي، ڇوته ائين سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته ماستر صاحب ايترو ڪو جلد ويندو. بهرحال وڃڻ جو وقت مقرر آهي، جنهن ۾ ڪا گهڙي اڳيان يا پويان نٿي ٿي سگهي.

ماستر صاحب کي مڪي شريف ۾ دفن ڪيائون، جيڪا مسلمانن لاءِ وڏي سعادت آهي. سندس فرزند ٻه آهن، هڪ مسٽر عبدالرحمان جنهن سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ- ڊي ڪئي آهي. ٻيو ڊاڪٽر احمد علي صاحب، جنهن 16 سال نائيجيريا ۾ سروس ڪئي آهي. ٻئي فرزند سندن والد جا صحيح جاءِ نشين آهن.

مڪي شريف ۾ گهڻائي حاجي سڳورا مدفون آهن. مرحوم محبوب علي چنو جڏهن رٽائر ٿيو ته حج تي ويو ۽ اتي گذاري ويو. دفن به اتي ٿيو. وڏو عالم ۽ محقق هو. سروري ڪاليج هالا جو باني پرنسيپال هو. سندس فرزند مرحوم شفيق الرحمان مون سان گڏ پڙهيو هو. ٻيا به ڀائر اٿس. آخوند گل محمد ”گل“ هالائي سانوڻي هالن پراڻن جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. ۽ مڪي شريف ۾ مدفون آهي. مخدوم عبدالرؤف ڀٽي مولودن جو مؤجد حج تي ويو. مڪي شريف ۾ انتقال ڪيائين، حاجي گلاب نو مسلم مديني ۾ نبي سائين جن جي روضي ٻاهران مدفون آهي.

حاجي گلاب جي ڳالهه لکجي ٿي تان ته پڙهندڙ عبرت حاصل ڪن. هيءُ هالن پراڻن جو هندو هو ۽ گلاب راءِ نالو هئس. گذريل صديءَ جي اوائل ۾ انگريز جي صاحبيءَ ۾ تپيدار هو. پوءِ حساب ڪتاب ۾ هڪ رپئي جي کوٽ ڪيائين. آڊٽ وارن پڪڙيس ۽ گرفتار ٿي ڪيائونس. پوءِ ڀڄي وڃي لاڙ ۾ سمن شاهه بزرگ وٽ لڪو. اتي اسلام قبول ڪيائين ۽ سمن شاهه جي خدمت ڪندو رهيو. جڏهن سمن شاهه جو آخري وقت آيو، ته هي وياڪل ٿي سمن شاهه کان پڇڻ لڳو ته سرڪار! توهان جي برقعي مٽائڻ کان پوءِ مون کي ڪنهن جي حوالي ڪري ٿا وڃو؟ سمن شاهه چيس ته تون نبي پاڪ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي حوالي آهين. هاڻي اوڏانهن وڃ. هيءَ سفر طيءَ ڪري وڃي مديني شريف پهتو. اتي حج جي زماني ۾ حاجين کي پاڻي پياريندو هو. گذاري ويو ته جوار نبي صلي الله عليہ وآلہ وسلم ۾ مدفون ٿيو. مون کي سندس قبر مرحوم حاجي عبدالله سنائي، جنهن کي حاجي ڦـُـلو به چوندا هئا، ڏيکاري هئي. حاجي ڦلو گذريل صديءَ جي شروع ۾ هجرت ڪري عربستان هليو ويو هو، جتي اڃا شريف بن حسين جي حڪومت هئي. حاجي گلاب جا پويان اڃا به هالن پراڻن ۾ رهندا اچن. سندن خاندان مان هڪ ٻيو سنت آسورام ٿي گذريو آهي. هيءُ حضور نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جو وڏو نعت خوان هو ۽ سمورو ڪلام حضور جن جي شان ۾ چيو اٿس. اهو ڪلام سرڳواسي ٿانورداس وٽ موجود هو، جيڪو پوءِ ميرپورخاص ۾ وڃي رهيو هو. آءٌ ڪوشش ڪريان پيو ته جيئن اهو ڪلام هٿ ڪريان، پر حقيقت ڇا آهي ته پراڻا ماڻهو سڀ وڃي چڪا آهن. ننڍن ۾ دلچسپي ڪانهي. وقت سر ڪنهن ڪوشش نه ڪئي. وڏا وڏا واقعا جيڪي مشعل راهه ٿي سگهن ها، تاريخ ۾ دفن ٿيندا ويا آهن ۽ هاڻي انهن کي اجاگر ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. آسو رام جي راک کي قبر ۾ دفن ڪيو ويو، جتي عمراڻي فقير هر جمعي تي سندس ڪلام پڙهندا آهن. آسومل حڪمت ڪندو هو. اکر موتين جهڙا خوبصورت هئس. منقبتون ۽ مناجاتون گهڻيون چئي ويو آهي، پر ظاهري طور تي اسلام ۾ نه آيو.

محلہ حارت الباب ۾ پاڪستاني اسپتال ۾ ٽي مهينا ڊيوٽي ڏنيسين. هاڻي حج جو وقت آيو. حج انهيءَ سال 13- جنوري 1973ع تي ٿيو. منيٰ ۾ وڃڻ کان اڳ رات جاڳي گذارڻي هئي. احرام پائڻو هو. سڄيءَ دنيا جا حجاج عشاء نماز تي اچي گڏ ٿيا. لکن جو اجتماع هو. چيائون پئي ته هن سال وڌ ۾ وڌ حجاج آيل آهي. تعداد پنجويهه لک ٿي ٻڌايائون. طواف ڪري احرام ٻڌوسين. فجر نماز حرم پاڪ ۾ ادا ڪري گاڏيءَ ۾ سوار ٿي منيٰ ڏانهن روانا ٿياسين. اسان کي اتي صرف حج جا فرائض ادا ڪرڻا نه هئا، بلڪه مريضن کي به ڏسڻو هو، منيٰ ۾ خيما لڳل هئا. جن ۾ اسپتال به هئي ۽ رهائشي خيما به هئا. حج جي ڏينهن ۾ چڱو خاصو سيءُ هو. منيٰ ۾ پهچي نمازن ۽ عبادتن ۾ مشغول ٿياسين. حاجي سڳورن مان سڄي ڏينهن ۾ فقط ٻه مريض آيا. هرڪو پنهنجي فرائض ۾ پورو هو. بيماريءَ جي پرواهه ڪنهن کي نه هئي.

لکن انسانن جو قافلو هو، جيڪو پيدل ۽ بسن، ڪارن ذريعي منيٰ ڏانهن روان دوان هو. منيٰ عارضي طور تي خيمن جو شهر آهي. ڇوته حج جي ڏينهن کان پوءِ هيءُ شهر خالي هوندو آهي. اسان کي به خيمن ۾ ترسايو ويو. اتي 4 وقت نماز پڙهي ٻئي ڏينهن فجر نماز کان پوءِ عرفات ڏي روانا ٿياسين. حڪم آهي ته عرفات ۾ زوال کان اڳ پهچو. رستي جي ڪجهه حـصي کي وادي محسر چئجي ٿو. حڪم آهي ته هتان تيزيءَ سان نڪري وڃو. ڇوته هيءَ اها جاءِ آهي، جتي يمن جي عيسائي بادشاهه ابره جي فوج تي عذاب نازل ٿيو هو. ابره هاٿين جو لشڪر وٺي ڪعبته الله کي ڊاهڻ جي ارادي سان لشڪر ڪشي ڪئي هئي. ابره کي اهو بغض هو ته ماڻهو ڪعبته الله ڏي عبادت لاءِ ڇو ٿا وڃن. هن يمن ۾ وڏو عيسائي عبادت خانو ٺهرايو. خيال هئس ته ڪعبي کي ڊاهڻ کان پوءِ ماڻهن کي راغب ڪندو ته هو يمن اچي عبادت ڪن. هيءَ نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي ولادت واري سال جي ڳالهه آهي. بهرحال ابره کي شڪست نصيب ٿي. (عرب تاريخ ۾ انهيءَ سال کي ”عام الفيل“ جي نالي سان ڄاڻايو ويو آهي.)

عرفات ۾ اسان کي خيمي ۾ رهايو ويو. اسان جي خيمي جي پاسي ۾ پاڪستاني سفارت خاني جا ٻيا به خيما هئا. جن ۾ انهيءَ وقت جو وزير اوقاف ۽ حج مولانا ڪوثر نيازي ۽ ٻيا به ترسيل هئا. عرفات ۾ وقوف ڪرڻو هوندو آهي. يعني بيهي دعائون گهرڻيون هونديون آهن. عرفات ۾ وڏي مسجد نمره آهي، جتي جمع بين الصلاتين ٿيندي آهي. يعني ظهر ۽ عصر جي گڏ نماز پڙهائي ويندي آهي. امامت آل شيخ مان شيخ عبدالعزيز ڪئي ۽ جامع خطبو به ڏنائين. اسان سڀ کان پهرين مسجد نمره ۾ پهتل هئاسين، ان ڪري ٻي نمبر صف ۾ جڳهه ملي. پهرين صف سعودي شهزادن لاءِ مخصوص هئي. اسان کان پوءِ شهزادا وڏي رعب تاب سان پنهنجي مخصوص جڳهن تي اچي ويٺا. هاڻي رش وڌندي وئي ۽ ٻنهي صفن جي وچ ۾ نئين صف قائم ٿي. هي آفريڪي ماڻهو هئا، جن کي آداب و تميز جو گهٽ لحاظ هوندو آهي. نتيجي ۾ سجدي ۾ تڪليف ٿي. دروازي کان ٻاهر نڪرڻ مهل به حبشي شيدين پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪندي گهڻن کي ٺونٺيون پي هنيون يا ڌڪا پئي ڏنا. شيدين کي باري تعاليٰ غير معمولي طاقت ڏني آهي. ان کان پوءِ خيمي ۾ اچي دعائون گهريوسين. ٻيا پاڪستاني سفارت خاني جا عملدار به اچي گڏ ٿيا. ڪراچيءَ جو مشهور نعت خوان ناصر جهان مرحوم به اچي ويٺو. ماڻهن فرمائش ڪري نعتون ٻڌيون. مون به کيس بهزاد لکنويءَ جي نعت ٻڌائڻ لاءِ چيو. اها نعت پڙهيائين. ان کان پوءِ عرفات جي خيمن ۾ دعا ٿي. پاڪستان مان حج وفد مولانا مفتي محمود جي اڳواڻيءَ ۾ آيو هو، جنهن ۾ ٻين سان گڏ مولانا غلام غوث هزاروي، مولانا عبدالحق اڪوڙه خٽڪ وارو به هئا. ڪوثر نيازي به موجود هو. مفتي محمود صاحب دعا پڙهائي. مون ڏٺو ته اتي مفتي محمود ۽ مولوي عبدالحڪيم جيڪي عربي مدرسن مان پڙهيل هئا، عربن سان عربي زبان ائين فصاحت سان پئي ڳالهائي، ڄڻ ته اها سندن مادري زبان هجي. عصر جي نماز جي وقت کان پوءِ عرفات ڇڏي واپس منيٰ ڏانهن آياسين. رات مزدلفته ۾ گذارڻي هئي. مزدلفته پهتاسين ته قريبن سج لهي چڪو هو. اتي به جمع صلاتين پڙهڻي هئي يعني مغرب ۽ عشاء جي نماز گڏ. ان کان سواءِ شيطان کي چٽڻ لاءِ پٿريون به چونڊڻيون هيون. باقي وقت عبادت ۾ صرف ڪبو آهي. صبح جو فجر نماز کان پوءِ وري منيٰ ۾ ساڳين خيمن ۾ پهتاسين. حڪم موجب زوال کان اڳ فقط ننڍي شيطان کي پٿريون هڻڻيون هيون. انهيءَ ڪم کان فارغ ٿي پوءِ قربان گاهه تي آياسين. جتي هڪ سؤ ريالن ۾ ٻڪر خريد ڪيوسين. سـِـيرَ وجهي ٻڪر کي اتي ئي ڇڏيوسين. اسان سان گڏ پشاور جو ڊاڪٽر سعدالله پٺاڻ به هو، جيڪو پهلوان مڙس هو. هن ٻئي ڏينهن تي قرباني ڪري ٻڪر پنهنجي ڪلهن تي کنيو ۽ اچي مڪي ۾ فريزر ۾ رکيائين. حڪم موجب ان مان خيرات به ڪيائين. ان کان پوءِ مٿو ڪوڙائي احرام لاٿوسين ۽ عام ڪپڙا پاتاسين. اهڙيءَ طرح حج جا ارڪان ادا ٿيا. شال رب تعاليٰ هيءُ حج قبول ڪري. باقي ٻه ڏينهن شيطان کي پٿرين هڻڻ ۽ ٻين عبادتن يعني نفلن ۽ تلاوت ۾ گذريا. چوٿين ڏينهن تي موٽي مڪي شريف آياسين.

 

[22]

ان کان پوءِ سگهوئي منهنجي بدلي مديني شريف ڪيائون. مدينو مڪي شريف کان 450 ميل اوڀر اتر تي آهي ۽ شام جي سرحد کي ويجهو آهي. اسان کي سفر لاءِ ايمبولينس ڏني وئي، جنهن کي رستي ۾ ڏهه ٻارنهن ڪلاڪ لڳي ويا. رستو کليل ۽ نئون ٺهيل هو. اڌ رستي تي مستوره نالي هڪ جاءِ تي نماز لاءِ ترسياسين. مستوره جي مڇي مشهور آهي، جيڪا ڳاڙهي سمنڊ مان اچي ٿي. پاڻيءَ جي اڻاٺ هئي. هڪ لوٽو اڌ ريال ۾ مليو ٿي. ٻه ٽي لوٽا وٺي وضو به ڪيوسين ۽ مڇي تريل به ورتي سون. مستوره کان ڪجهه پنڌ تي رابغ جو بندرگاهه اچي ٿو، جيڪو جده کان پوءِ ٻيو نمبر وڏو بندر آهي. ترڪن ۽ انگريزن جي لڙائيءَ ۾ رابغ جي بندر تي انگريزي فوج جا جهاز اچي لهندا هئا. مستوره کان پهاڙن ڏي هڪ وادي آهي، جنهن ۾ حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي والده مبارڪه بي بي آمنه رضه جي آخري آرامگاهه آهي. جنهن جي زيارت اسان نه ڪري سگهياسين. بهرحال جڏهن مدينه منوره پهتاسين ته رات ٿي چڪي هئي ۽ حرم مدنيءَ ۾ عشاء جي نماز ٿي چڪي هئي. اتي جو دستور آهي ته نماز جي ڪجهه وقت کان پوءِ حرم کي صفائيءَ لاءِ بند ڪيو ويندو آهي ۽ تهجد جي وقت کوليو ويندو آهي. اسان کي سفارت خاني جي طرفان رهائش لاءِ هڪ جاءِ ڏني وئي. صبح جو سوير فجر نماز کان ڪلاڪ کن اڳ اسين مسجد نبويءَ ۾ پهچي وياسين. مسجد اڳ ۾ ئي نمازين سان ڀريل هئي. اسان کي به ڪنهن صف ۾ جڳهه ملي. سڀ نمازي وڏي احترام ۽ خاموشيءَ سان ويٺا هئا. جي سئي ڪري ته ان جو به آواز ٿئي. هيءُ حڪم احترام ۽ خاموشي حضور جن جي شان ۾ آهي. مڪي شريف جو منظر مختلف هو، اُتي هونئن به خلق گهڻي هوندي هئي. بهرحال نماز ادا ڪري حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي روضه اطهر اڳيان سلام لاءِ حاضر ٿياسين. هجوم تمام گهڻو هو جو نماز اڃا هاڻي پوري ٿي هئي. روضه مبارڪ چانديءَ جي ڄاريءَ جو ٺهيل آهي. روضي جا ٻه حصا آهن. اڳ واري حـصي ۾ مرقد مبارڪ آهي، ڪتابن ۾ لکيل آهي ته پاڻ ڪريمن جي ڪلهي جي سطح تي حضرت ابوبڪر صديق رضه جن جي مزار آهي. ان جي ڪلهي برابر سطح تي حضرت عمر رضه جن جي مزار آهي. باقي هڪ مزار جي جڳهه خالي آهي، جيڪا حضرت عيسيٰ عليه السلام لاءِ مخصوص آهي، جي قيامت کان اڳ دنيا ۾ وري ايندا. پٺئين حـصي لاءِ چيو پئي ويو ته اهو حضرت فاطمہ رضه جو گهر هو. مسجد ۾ تمام خوبصورت چٽسالي ٿيل آهي. نقش و نگار، گل ٻوٽا، قرآني آيتون، خوشخطيءَ ۾ لکيل آهن. اسپين جي مسجد قرطبه جهڙي گل ڪاري ڏسجي ٿي ته اها لڳ ڀڳ مديني منوره جي مسجد نبويءَ جهڙي آهي.

هاڻي اسان روضي مبارڪ جي سامهون سلام پڙهڻ شروع ڪيو. حڪم آهي ته تصور ۾ آڻيو ته نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن پاڻ موجود آهن ۽ توهان سندن حاضري ۾ آهيو. حضرت جي صورت کي عالم تخيل ۾ ڏسو ۽ سلام پڙهو. قرآن شريف جي آيت ”ولا ترفع اصوات صوتکم- الخ“ (پنهنجي آواز کي حضور جي آواز کان مٿي نه رکو) حد ادب جو مقام آهي. پنهنجي قسمت تي ناز آهي جو بي سرو سامانيءَ جو عالم آهي ۽ حضور جن پنهنجي دربار ۾ سڏايو آهي. نه نيڪ اعمالن جو ثمر ساڻ آهي ۽ نه ظاهري اسباب. اکين مان بي اختيار ڳوڙها ڪري پيا. پنهنجي دامن ۾ ڏٺوسين ته گناهن کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪونه هو. فقط شفاعت جو آسرو هو. ڪجهه شام جي ماڻهن جو به قافلو پهتل هو. سندن اڳواڻ هڪ متشرع عالم نظر پئي آيو. ان به گهڻي رقت ۽ سوز سان سلام پئي پڙهيا. روضي شريف جي ڄاريءَ مان هڪ سائو پردو لٽڪيل نظر اچي ٿو. ان جي اندر آرام گاهه آهي. ڪنهن کي اندر وڃڻ جي اجازت نه آهي. صرف ٻهاريدار خادم رات جو روضو مبارڪ کولي ٻهاري ڏيندا آهن. مون ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو آهي، ته جنرل ضياء الحق اندر وڃڻ جي اجازت گهري هئي، جيڪا کيس ملي هئي. مصنف لکيو هو، ته جڏهن جنرل ٻاهر نڪتو، ته سندس اکيون ڳاڙهيون هيون ۽ بي اختيار لڙڪ وهي رهيا هئس. روضي مبارڪ جي پٺيان اصحاب صفہ جو چبوترو آهي. جنهن ۾ نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي دور ۾ مسـڪـيـن ۽ مـسـافــر طـالـب علم تدريس لاءِ اچي وهندا هئا. مشهور راوي حديث ابوهريره رضه به انهن اصحاب صفہ مان هو. حديث شريف ۾ آهي ته حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن فرمايو آهي، ته جيڪا جاءِ منهنجي گهر ۽ محراب شريف جي وچ ۾ آهي، اها جنت جي باغن مان هڪ باغ آهي. جنت ۾ هر دعا مقبول ٿيندي ۽ ڇاڪاڻ ته هيءُ خود جنت جو حصو آهي، سو لامحاله دعا هتي به مقبول ٿيندي. هن ٽڪر کي ”رياض الجنته“ چيو وڃي ٿو. هتي نصب ڪيل ٿنڀا سائي رنگ جا آهن، جيڪي مسجد نبوي جي ٻين حصن کان رياض الجنته کي ممتاز ڪن ٿا. وري انهن ٿنڀن جا نالا ڪن خاص صحابين يا واقعن جي پٺيان آهن. جيئن استوانہ توبہ، استوانہ ابي لبابہ، استوانہ عائشہ وغيره. رياض الجنته ۾ چوويهه ئي ڪلاڪ حجاج جو هجوم رهي ٿو. حاجي سڳورا نفلن، تلاوت، ذڪر، اذڪار ۾ همه وقت مشغول هوندا آهن. نماز جي جڳهه به مشڪل سان ملندي آهي. رياض الجنته کان علاوه ڪي ٻيون به جايون متبرڪ آهن، جيڪي مسجد نبويءَ ۾ شامل آهن.

هڪ ٻي روايت اها آهي ته اها صف جيڪا حضرت ابوبڪر صديق رضه جن جي گهر جي دروازي کان حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي گهر تائين آهي، ان ۾ هر وقت ڪونه ڪو نمازي قطب، ابدال يا الله وارو هوندو آهي. مديني شريف ۾ اسان جو قيام مهينو کن هو. ان ۾ چاليهه نمازون متواتر پڙهيوسين. پوءِ به جماعت سان نماز پڙهڻ جي سعادت حاصل ٿيندي رهي. الحمدلله عليٰ ذالک.

مديني شريف ۾ آءٌ پاڻ کي هميشہ روحاني طور تي مطمئن سمجهندو هوس. نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جا امتي وري سندس پاڙيسري به ٿياسين. ان ڪري هڪ قسم جي خوشي ۽ اطمينان قلب حاصل رهيو. اهو اطمينان ۽ سڪون هر حاجيءَ کي حاصل رهي ٿو.

مسجد جي پراڻي عمارت ترڪ حڪمرانن ٺهرائي هئي. اندر وڃڻ جا ٻارنهن دروازا هئا، جن جا نالا مختلف هئا. ترڪ سلجوقي حڪمران چار سؤ سال خلافت تي فائز رهيا. انهن جون عرب ملڪن لاءِ خدمتون لازوال ۽ بي مثال آهن. افسوس جو انگريزن مڪاري ۽ فريب سان عربن کي ترڪن جي خلاف اڀاريو. وڏو مڪار لارينس هو، جنهن نيٺ وڏو عرب انقلاب برپا ڪيو ۽ مسلمانن جي شيرازه کي منتشر ڪيائين. نتيجي ۾ عرب ملڪ تقسيم ٿيا. ننڍيون رياستون قائم ٿيون ۽ فلسطين جو مسئلو پيدا ٿيو.

مديني شريف ۾ زيارتون گهڻيون آهن. باب جبرائيل کان ٻاهر نڪرندي ئي هڪ گهر ۾ قرآن شريف جو اهو نسخو رکيل ڏٺوسين، جيڪو شهادت وقت حضرت عثمان رضه جن پڙهي رهيا هئا. جڏهن آيت ”فسيکفيکهم الله“ تائين پهتا ته ظالمن هٿان شهيد ٿي ويا. آيت جي معنيٰ آهي ”الله انهن جي لاءِ ڪافي آهي.“ ٻيون به تبرڪات رکيل هيون، جيڪي هاڻ ياد نه آهن. مسجد نبوي کان ڪجهه فاصلي تي جنت البقيع جو قبرستان آهي، جنهن ۾ حضرت امام حسن، امام باقي رضه، بي بي فاطمہ رضه، حضرت عثمان رضه ۽ ٻين صحابن جهڙوڪ: حضرت ابو سعيد خدري رضي الله عنہ وغيره جون مزارون آهن. پر سعودي حڪومت جي مسلڪ وهابيه موجب انهن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو هو. صرف پٿر رکيل هئا، جن سان قبرن جي نشاندهي ٿي ٿئي. فقهي مسئلو پنهنجي جاءِ تي، پر منهنجي خيال ۾ هيءُ عالم اسلام لاءِ ڏاڍو سانحو آهي جو اڪابر صحابه ۽ بزرگن جي مزارن کي مڪمل طور مسمار ڪيو ويو آهي. قبرن جي عبادت ناجائز آهي، پر قبرن جي موجودگي ته ڪو جرم نه هجڻ کپي. جيڪڏهن زيارتي قرآن شريف جون آيتون تلاوت ڪري، انهن بزرگ هستين جي روح کي بخشين ته ان ۾ ڪهڙو ڏوهه آهي؟ پنهنجي بزرگن جي روحن جي بخشش لاءِ دعا گهرڻ مسنون ۽ مستحب آهي، پوءِ کڻي انهن تي مقبرا يا منارا نه اڏجن.

ان کان علاوه مختلف مسجدون آهن. مسجد قبلتين هڪ ننڍي مسجد آهي. جنهن ۾ قبلي جو رخ بيت المقدس کان مڪي شريف ڏانهن ڦيرائڻ لاءِ حڪم آيو. خمس مساجد يعني مسجد ابوبڪر، مسجد عمر، مسجد عثمان، مسجد علي ۽ مسجد حسين رضه جي به زيارت ڪئي سون. اڪثر مسجد سڳوريون ساديون ۽ ڪچيءَ مٽيءَ جون ٺهيل آهن. اسلام هونئن به سادگي ۽ فقر جو سبق ڏئي ٿو. ظاهري نمود و نمائش جي حوصله شڪني ڪيل آهي. مسجد احزاب انهيءَ جاءِ تي آهي، جتي جنگ احزاب (جنگ خندق) لڳي. باغ سلمان فارسي، جيڪو سيدنا عثمان رضه يهودين کان خريد ڪيو، جيئن مسلمان پاڻي پي سگهن. اهو به ڏٺوسين. هي زيارتون مختلف وقتن ۾ اسان جي ڳوٺ جي حاجي ڦلوءَ ڪرايون، جيڪو ڪنهن زماني کان مديني ۾ رهندو هو. پوئين صديءَ ۾ عرب ۾ ٿيندڙ جنگين جو هيءُ اکين ڏٺو شاهد آهي.

باب جبرائيل کان جنت البقيع ويندي هڪ سنهي گهٽي اچي ٿي، جنهن ۾ سنڌي مهاجر حاجي احمد چوٽيارين واري جو ننڍو دڪان هو. حاجي احمد ڪيترن سالن کان هجرت ڪري وڃي مديني ويٺو هو. تسبيحون ۽ مصلا وڪڻندو هو. وڏو الله وارو ۽ نيڪ بزرگ هو. گهڻا سال اڳ گذاري ويو آهي. ٻيو بزرگ ملنگ ديدار حسين هو، جيڪو پڻ هجرت ڪري وڃي مديني رهيو هو. هڪ واقعي جو ذڪر رهجي ويو. مڪي شريف ۾ ڊاڪٽر عمر زواوي به ملندو رهندو هو. هيءُ چاڪيواڙه ڪراچيءَ ۾ حڪمت ڪندو هو. اصل ۾ حجازي هو. جڏهن حجاز مان شريف حسين بي دخل ٿيو ته زواوي خاندان وارا لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ ويٺا. ڪيترا زواوي شام، اردن ۽ مصر به ويا. سنڌي صاف ڳالهائيندو هو. هر سال حج جي موقعي تي ايندو هو ۽ خدام الحجاج سان گڏ ڪم ڪندو هو. درويش طبع ۽ نيڪ طبعيت وارو هو. هاڻي گذاري ويو آهي. مديني شريف ۾ سنڌي گهڻا آهن، جيڪي هجرت ڪري، آڳاٽا ويل آهن. عربي سٺي ڳالهائين ٿا ۽ پڪا سعودي آهن.

مديني شريف جي پاڪستان اسپتال ۾ پهرئين ئي ڏينهن هڪ عجيب و غريب واقعو ٿيو. مريضن کي ڏسڻ شروع ڪيم ته ڪراچيءَ جو هڪ ڪاٺياواڙي واپاري دوا لاءِ آيو. ويهڻ شرط مون کي چيائين، ته مون کي پينسلين انجيڪشن نه هڻجو، جو مون کي انهيءَ مان Re- Action (رد عمل) ٿيندو آهي. هن کي وائي سور هو. ٻين دوائن سان گڏ مون هن کي بي ڪامپليڪس انجيڪشن به تجويز ڪئي. ڳالهه آئي وئي ٿي وئي. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ڊسپينسر مون وٽ ڊوڙندو آيو ته هڪ مريض کي Re-action ٿيو آهي. مون کي دل ۾ خيال آيو ته مبادا، اهو مريض ڪاٺياواڙي سيٺ نه هجي، پوءِ خيال آيم ته ان کي ته مون وٽامن جي سئي لکي ڏني هئي. خير انهيءَ کي ڏسڻ ويس ته واقعي اهوئي ڪاٺياواڙي هو. هن کي لڳي ته وٽامن جي سـُـئي هئي، پر ان مان به رد عمل ٿيس. يعني هن کي شايد گهڻن دوائن جو رد عمل ٿيو ٿي. بهرحال ٿوري وقت جي اندر هن جي حالت خراب ٿيڻ لڳي. مون کي چيائين ته، ”آپ نــي مجهي مارديا.“ مون کي ڏاڍو فڪر ٿيو. پوءِ ته هن جو هر ممڪن علاج شروع ڪيوسين. مون سان گڏ لاهور جو مرحوم ڊاڪٽر عبدالرشيد به هو. اهو به مددگار ٿيو. پر هيءُ جيئن پوءِ تيئن پوئتي پوندو ويو. سندس نبض ۽ بلـڊپريشر ته اڳ ۾ ئي غائب ٿي چڪا هئا. ساهه کڻڻ جي رفتار به گهٽجڻ لڳيس. مطلب ته قريب المرگ هو. اتي هڪ شخص آيو، جنهن کي شيرواني ۽ جناح ڪيپ پيل هئي. پاڻ چيائين، ته هن ايم. آر. سي. پي (ڊاڪٽري جو اعليٰ امتحان) لنڊن مان ڪئي اٿس ۽ ميانواليءَ جو آهي. اسان کيس چيو ته توهان مريض جو علاج ڪريو. هن ڪجهه سيون آڻڻ لاءِ چيو، جيڪو ڪو شخص اسٽور تان خريد ڪرڻ ويو. مون کي تمام گهڻو فڪر دامنگير ٿيو جو منهنجي ئي نسخي مان هـُـن کي نقصان پهتو هو. سو آءٌ مريض کي ڇڏي مسجد نبويءَ ڏي روانو ٿيس. انهيءَ وچ ۾ چڱو تعداد ماڻهن جو اسپتال ۾ اچي جمع ٿيو هو. مسجد نبويءَ ۾ پهچي مون وضو ڪيو ۽ رياض الجنته ۾ ٻه رڪعتون نفل ادا ڪيم ۽ مريض جي صحتيابيءَ جي دعا گهريم. سگهوئي ظهر جي اذان آئي. پوءِ فرض ۽ سنتون پڙهي اسپتال ڏي آيس، ته اُتي مڪمل خاموشي هئي. سڀ وڃي چڪا هئا، البته هڪ چوڪيدار موجود هو. جنهن کان مريض جي باري ۾ پڇيم. چيائين ته سائين! توهان جي وڃڻ جي ڪجهه وقت کان پوءِ مريض چيو ته مون کي باٿ روم وٺي هلو. اٿيو ته هڪدم ڪري پيو، پوءِ پنهنجي همت ڪري اٿيو. باٿ روم مان ٿي آيو، ته پاڻ چيائين ته منهنجي طبعيت هاڻي بهتر آهي. مون کي پنهنجي رهائش تي وٺي هلو. ڪي رفيق کيس وٺي ويا. وڃڻ وقت بلڪل ٺيڪ هو.

اها ڳالهه ٻڌي مون خدا جو شڪر ڪيو، جو هــُـن جي جان بچي پئي. مون کي يقين آهي، ته هن جي شفايابي رياض الجنته ۾ دعا گهرڻ ۽ مقبول ٿيڻ جي نتيجي ۾ هئي، ورنه ظاهري حالت ۾ هن جو بچڻ مشڪل هو. يقينن اها حديث صحيح آهي ته منهنجي گهر ۽ منبر جي وچ واري جڳهه جنت جي باغن مان هڪ باغ آهي، جتي دعا قبول ٿئي ٿي. هي رسول اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جو قول آهي ۽ برحق ۽ بجا ِّ آهي.

مديني شريف ۾ ڪن ٻين بزرگن سان به ملاقات ٿي. علامه عبدالمصطفي ازهري ڪراچيءَ جو مشهور عالم هو ۽ قومي اسيمبليءَ جو به ميمبر هو. مديني شريف ۾ اڪيلو پيو گهمندو هو. ان سان ملاقات جو شرف حاصل ٿيو. قاري حافظ لقا ِّ الله صاحب مرحوم جامع مسجد جيڪب لائنز ڪراچيءَ جو پيش امام هو، وڏو درويش ۽ شريعت تي متقي پرهيزگار انسان هو. اسان کيس مڪي ۾ ڏٺو ته گـهـڻو وقت ڪعبته الله شريف ۾ پيو نهاريندو هو. فرمائيندو هو ته ڪعبته الله ۾ نهارڻ بذات خود عبادت آهي. ايوب خان جي دور جو برگيڊيئر گلزار احمد مسجد نبويءَ ۾ گهڻو ڏسبو هو. هن صاحب نبوي دور جي غزوات ۽ جنگين تي تحقيق ڪري ڪتاب پئي لکيو. اهو ڪتاب گهڻا سال اڳ شايع ٿي چڪو آهي. برگيڊيئر صاحب هاڻي غريق رحمت آهي. اهڙي نموني حاجين جي خدمت ڪندي گهڻن اهل الله ۽ نيڪن کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جو موقعو مليو. مسجد نبويءَ ۾ هر وقت حجاج جو جم غفير رهندو هو. جنوري فيبروري جا مهينا هئا. ان ڪري مڪي شريف جي برعڪس سيءُ چڱو خاصو هو. صبح جو فجر نماز تي وڃبو هو ته رستي تي حبشي نسل جون عورتون چڻا ۽ چانور دٻن ۾ ڀريل وڪڻنديون هيون. حاجي سڳورا هي داڻا حرم شريف ۾ ڪبوترن کي کارائڻ لاءِ وٺندا هئا. مون کي ڪنهن بزرگ ٻڌايو ته ڪبوتر سڄو ڏينهن حرم ۾ پرواز ڪندا رهن ٿا، پر گنبذ خضراء جي عين مٿان ڪونه اڏامندا آهن. جي اها ڳالهه صحيح آهي ته چئبو ته پکين کي به نبي سائين صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جو احترام آهي. هڪ مهيني کان پوءِ مديني ۾ ڊيوٽي کان پوءِ جده جي حاجي ڪيمپ ۾ ڊيوٽي لڳي، جتان حاجي سڳورا پاڻيءَ جي جهازن ۾ ايندا ويندا هئا. جڏهن منهنجي ڊيوٽي لڳي ته حاجين جي واپسيءَ جو وقت هو.

پاڪستان حڪومت وٽ پنج بحري جهاز هئا. سفينہ حجاج سڀني ۾ وڏو هو. 5500 حاجي کڻندو هو. سفينہ عرب، سفينہ شمس ٻيا نالا هئا. هوائي جهازن ۾ حجاج جو عام اچڻ ڪونه ٿيو هو. انهيءَ سال 1973ع ۾ مرحوم ڀٽي صاحب جيڪو ملڪ جو صدر يا وزير اعظم هو، قرعي جو طريقو ختم ڪري حج لاءِ عام اجازت ڏني هئي. انهيءَ سال لک کان مٿي حاجي پاڪستان مان ويا هئا. هر بحري جهاز مقرر تعداد کان ٻيڻ تي حاجي کنيا. سگهوئي پوءِ جهازن جي حالت خسته ٿي، ۽ پاڪستان حڪومت انهن کي وڪڻڻ تي مجبور ٿي. هي جهاز پهرين عظيم جنگ ۾ برطانوي فوج جي ملڪيت هئا، جيڪي تقسيم کان پوءِ پاڪستان کي مليا. ٽن چئن سالن کان پوءِ بحري جهازن رستي سفر ختم ٿيو. حاجي سڳورا هوائي جهازن رستي اچڻ وڃڻ لڳا. هاڻي جده جو احوال ڏجي.

 

 

[23]

جده کي عرب سڳورا عروس البلاد چون ٿا. هيءُ شهر قديم ۽ جديد جاين جو امتزاج آهي. پراڻا مٽيءَ جا گهر، جن جي اڳيان ڪاٺ جون بالڪنيون ٺهيل هيون، هن قسم جو طرز تعمير مسقط ۽ يمن ۾ به آهي. وڏيون جديد بلـڊنگون سعودي حڪومت جي دور ۾ ٺاهيون ويون هيون. وڏا دڪان غيرملڪي سامان سان ڀريل رهندا هئا، جن ۾ بجليءَ جو سامان، ريڊيا، ٽيليويزن، ٽيپ رڪارڊ وغيره موجود هئا. غير ملڪي ڪپڙو به هر قسم جو ملندو هو. ٽرانسپورٽ جو نظام به بهتر هو جو شهر ۾ مني بسون معمولي ڪرائي تي هلنديون هيون. جده 1942ع تائين سعودي عرب جو دارالحڪومت رهيو. جڏهن ترڪن جي پاران شريف خاندان جي حڪومت هئي ته هيءُ حصو نجد کان الڳ هو. نجد ۾ سعوديءَ وارا حڪومت ڪندا هئا، جن ترڪن کان حڪومت کسي هئي. نجد ۽ حجاز جي وچ ۾ آل رشيد جي حڪومت هئي، جيڪي به ترڪن جا حمايت يافته هئا. شاهه عبدالعزيز بن عبدالرحمان آل سعود انهن ٻنهي حڪومتن سان جنگ ڪئي ۽ کٽيو.

جدي شريف ۾ هڪ پراڻو قبرستان ڏٺوسين، جنهن کي ڪاٺ جو تاڪائون در آيل هو. روايت هئي ته ان قبرستان ۾ حضرت آدم عليہ السلام ۽ بي بي حوا عليہ السلام جن جون مزارون هيون. ڏٺوسين، ته حضرت آدم عليہ السلام جن جي مزار تمام ڊگهي هئي.

مديني شريف ۾ ٽنڊي ڄام جو نوجوان عبدالرسول نظاماڻي رهندو هو. جيڪو جامعہ اسلاميہ مدينہ منوره ۾ شاگرد هو. پوءِ اتي جي علماء جي چوڻ تي پنهنجو نالو غلام رسول نظاماڻي رکايائين. مسلڪ وهابيه ۾ عبدالرسول نالو غير اسلامي آهي، جو انسان عبد فقط الله جو ٿي سگهي ٿو. هاڻي گهڻا سال ٿيا آهن جو مديني مان موٽي آيو آهي ۽ ٽنڊي ڄام ۾ زمينداري ڪري ٿو. سندس گهر واري ڊاڪٽرياڻي سونا ٽالپر سعودي حڪومت ۾ ميڊيڪل آفيسرياڻي آهي. اتي غلام رسول صاحب سان واقفيت ٿي ته مون کيس عرض ڪيو ته مون کي جامعہ اسلاميہ ڏيکاري. سعودي حڪومت تعليم کي وڏو زور وٺايو آهي. گهڻائي اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون قائم ڪيون آهن. هر وڏي شهر ۾ يونيورسٽي آهي. جامعہ اسلاميه بين الاقوامي يونيورسٽي آهي. دنيا جي مسلم ملڪن مان سوين طالب علم سعودي حڪومت جي خرچ تي اتي پڙهن ٿا. سعودي حڪومت انهن کان ڪابه في ته نه وٺندي آهي، بلڪه کين ماهوار وظيفو به ڏيندي آهي. غلام رسول به اهڙن شاگردن مان هڪ هو.

مون کي پهريائين يونيورسٽيءَ جي چانسيلر سان ملاقات ڪرايائين. هيءُ بزرگ آل شيخ مان هو ۽ سندس نالو هو شيخ عبدالعزيز بن عبدالله بن باز. نابين هو، پر وڏو ذڪي ۽ داناء هو. اسان جڏهن وٽس وياسين، ته هو ٽن نائبن کي هڪ ئي وقت ڊڪٽيشن ڏئي رهيو هو. ان سان گڏ مون سان به ڳالهائڻ شروع ڪيائين. نظاماڻي صاحب مون کي چيو ته توهان ڪا گفتگو ڪريو. مون انگريزيءَ ۾ شيخ ابن باز کي عرض ڪيو، ته توهان ٻڌايو ته حج جي ڏينهن ۾ جڏهن لکين ماڻهو حج تي اچن ٿا ۽ هڪ ئي وقت ۾ فرائض ادا ڪن ٿا ته لامحاله وڏيون انتظامي دشواريون ٿينديون هونديون. پوءِ توهان هيڏن وڏن مسئلن کي ڪيئن ٿا منهن ڏيو؟ علامہ ابن باز فرمايو، ته انهيءَ مسئلي تي گهڻائي دفعا اسان وٽ به بحث مباحثا ٿيا آهن. نتيجي ۾ ائين چئجي، ته هيءُ سڀ الله تعاليٰ جو فضل ۽ احسان آهي ۽ سندس ڪرم فرمائي آهي. اهو سڀني انتظامن کي ڏسي ٿو ۽ مسئلا حل فرمائي ٿو. ان کان پوءِ مون کان منهنجي باري ۾ پڇيائين، ته ڪهڙي شعبي ۾ ڊاڪٽريٽ ڪئي آهي وغيره. انهيءَ وچ ۾ نائبن ڊرافٽ تيار ڪيا، جيڪي کيس پڙهي ٻڌايائون. پاڻ هنن تي صحيح ڪرڻ بجاءِ پنهنجي آڱر ۾ پيل مهر کي بطور تصديق ڪاغذن تي هنيائين. ان کان پوءِ ڪجهه ديني معاملات تي ڳالهايائين، جنهن کان پوءِ اسان کانئس اجازت ورتي. ان کان پوءِ اسان رجسٽرار شيخ عمر فولانيءَ وٽ آياسين، جيڪو حبشي هو ۽ سوڊان جو رهاڪو هو. مسجد نبويءَ ۾ فجر کان پوءِ روزانو درس حديث به ڏيندو هو. انهيءَ سان ڪجهه ڪچهري ٿي. پوءِ موڪلايوسين. شيخ عمر وڃڻ وقت علامہ عبدالله يوسف عليءَ جو قرآن شريف انگريزي ترجمي سان ۽ بخاري شريف جي ٻن حصن جا انگريزي ۾ ترجما بطور تحفو ڏنا. پاڻ انهن تي بطور يادگار ڪجهه لکيائين ۽ صحيح ڪيائين.

شيخ عمر فولانيءَ وٽ هڪ عجيب واقعو ٿيو. پاڻ حاضرين جو تعارف ڪرايائين، ته خبر پئي ته سڀ پنهنجي پنهنجي شعبي جا وڏا عالم ۽ سربراهه آهن. انهن مان ڪن جو تعلق مصر سان، ڪن جو مراڪش سان، ڪن جو شام يا لبنان سان هو. پوءِ فولاني صاحب ڪنهن کي قهوه آڻڻ لاءِ چيو ته انهن عالمن جي صف مان هڪ اٿيو ۽ ٿوري دير ۾ قهوه کڻي آيو ۽ سڀني کي پيش ڪيائين. خبر پئي ته هيءُ خادم هو يعني پاڪستان ۾ ان کي نائب قاصد سڏين. حيرت جي ڳالهه اها آهي، ته هو پنهنجي ڪم تر عهدي جي باوجود به وڏن پروفيسرن سان گڏ ساڳي حيثيت ۾ ويٺو هو. اهو آهي اسلامي اخوت ۽ برابريءَ جو صحيح معيار. ان کان پوءِ شيخ عبدالمحسن سان ملاقات ٿي، جيڪو ٽي. بي جو ماهر ڊاڪٽر هو. صحيح بخاريءَ جو ترجمو هن ڪيو هو. جده ۾ ڊيوٽيءَ کان پوءِ مون واپسيءَ جي اجازت ورتي، جيڪا انچارج ڊاڪٽر عبدالقيوم ڏيڻ نه ٿي چاهي. بهرحال اپريل 1973ع ۾ آءٌ موٽي آيس.

سرڪاري فرائض ڏيندي جيڪا حج جي سعادت حاصل ٿي ۽ مقامات مقدسه جي زيارت نصيب ٿي، اهو باري تعاليٰ جو وڏو فضل ۽ انعام و اڪرام آهي. ان وقت ۾ منهنجي مالي حيثيت به اهڙي نه هئي جو پنهنجي خرچ تي حج ڪري سگهان. ٽنهي مقدس شهرن جي زيارت نصيب ٿي، جهڙوڪ: جده شريف، مڪو مڪرمہ ۽ مدينـو منوره. لاتعداد بزرگن ۽ اهل علم سان ملاقات ٿي. عجيب و غريب واقعا اکين سان ڏٺاسين ۽ عبرت حاصل ڪئي سون.

پاڪستان موٽڻ کان پوءِ مون کي دوباره 1973ع ۾ لطيف آباد جي ڊسپينسريءَ ۾ رکيائون. بنيادي سطح تي طبي سهوليتن جي اڻ هوند آهي، ان جي باري ۾ آءٌ مٿي لکي چڪو آهيان. صحت تي وڌيڪ خرچ ڪرڻو آهي ۽ سهوليتن کي مڪمل ڪرڻو آهي.

1977ع ۾ ڀٽي صاحب عام چونڊيون ڪرايون. نـَـوَن سياسي پارٽين مخالف اتحاد قائم ڪيو، جن ۾ وڏا ۽ پراڻا سياستدان شامل هئا. سڄي پاڪستان ۾ وڏا جلسا جلوس نڪتا. سمجهه ۾ ائين ٿي آيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي کي شڪست ايندي. پر نتيجن اچڻ کان پوءِ خبر پئي ته پاڪستان پيپلز پارٽي وڏي اڪثريت سان کٽيو آهي. هيءَ ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ جهڙي نه هئي. پوءِ ته سخت هنگاما  ۽ مظاهرا ٿيا. ڀٽي صاحب کي ڪن شهرن ۾ مارشل لا هڻڻي پئي. هي ڳالهيون تاريخ جو حصو آهن. ان کان پوءِ مخالف پارٽين سان ڳالهيون هليون، جن ۾ آخرڪار معاهدو طيءِ ٿي ويو. معاهدي ۾ مکيه ڳالهه اها هئي ته ڀٽو استعيفا ڏيندو ۽ چونڊون نئين سر ٿينديون، پر فوج ۾ ڪن طاقتن کي اهو سمجهوتو نه وڻيو ۽ 7- جولاءِ 1977ع تي فوجي انقلاب آيو ۽ جنرل ضياء الحق اقتدار جون واڳون سنڀاليون. ڀٽو صاحب ۽ پيپلز پارٽيءَ جا ٻيا سرڪرده ليڊر وڃي جيلن ۾ ويٺا. ٻين پارٽين جي ليڊرن کي به نظر بند ڪيو ويو، پر اهي جلدي آزاد ٿيا. ڀٽي صاحب تي پهرين سيشن ڪورٽ ۽ پوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مقدمو هليو، جتي کيس موت جي سزا ٻڌايائون. هيءُ انتهائي نا عاقبت انديشاڻو عمل هو. هيڏي وڏي ۽ بين الاقوامي سطح جي ليڊر کي ڦاهيءَ تي لٽڪائڻ ملڪ جي تختن ڪڍڻ جي برابر هو. اول ته دنيا چوي ٿي، ته هو انهيءَ خون جي ڪيس ۾ ملوث ڪونه هو. ٻيو ته جيڪڏهن هو به کڻي ته رحم ۽ عفو کان ڪم وٺڻ کپي ها. کيس جلاوطنيءَ يا عمر قيد جي سزا ڏني وڃي ها، پر ڪنهن جي جان وٺڻ انتهائي ظالماڻو ۽ سفاڪاڻو عمل هو. مڪافات عمل، جيڪو انجام ظالم حڪمرانن جو هن دنيا ئي ۾ ٿيو، اهو سڀني کي معلوم آهي جو سندن لاش به هٿ ڪونه آيو.

ان کان اڳ 1972ع ۾ سنڌي مهاجر لساني جهڳڙا ٿيا. سنڌ جو وزيراعليٰ ممتاز علي ڀٽي سنڌ اسيمبليءَ مان بل پاس ڪرايو ته اردو قومي زبان آهي، ان سان گڏ سنڌيءَ کي به صوبائي زبان تسليم ڪرڻ کپي. هن تان اردو ڳالهائيندڙ دانشورن ۽ سياستدانن وڏو احتجاج برپا ڪيو. هيءُ ڪم جيڪڏهن صحيح حڪمت عملي سان ڪيو وڃي ها ته گوڙ نه ٿئي ها. مخالفن سان ڳالهيون ڪري کين اعتماد ۾ وٺي پوءِ بل پيش ڪجي ها ته مخالفت نه ٿئي ها. ائين نه ڪيو ويو ۽ وڏو لساني فساد کڙو ٿيو. انهيءَ وقت لساني تحريڪ جا علمبردار گهڻو ڪري اردوءَ جا اديب ۽ دانشور هئا. انهن ۾ انتهاپسندي ڪانه هئي. وري ذوالفقار علي ڀٽي جهڙو زيرڪ ۽ داناء سياستدان مدمقابل هو. ان ڪري ڳالهين ذريعي ان معاملي کي ختم ڪيو ويو. پر انهيءَ وقت کان وٺي سنڌي ڳالهائيندڙن جي دلين ۾ شڪ و شبهات پيدا ٿيا.

ڀٽي صاحب جي ذاتي صلاحيتن جو آءٌ هميشه کان معترف رهيو آهيان. غلطين کان ڪير پاڪ نه آهي. پر هيءُ سمجهو ۽ فهم شناس انسان هو. ازانسواءِ سخت محنتي هو. 1973ع ۾ اسلامي ملڪن جو سربراهي اجلاس لاهور ۾ سڏايائين. ان ۾ مشرق وسطيٰ جي تيل سان مالامال حڪمرانن به شرڪت ڪئي ته آفريڪا جي گمنام ننڍن حڪومتن جا سربراهه به آيا. ڪانفرنس تمام ڪامياب نموني هلي پوري ٿي، جنهن جو فائدو پاڪستان کي گهڻو پهتو، جو لکن جي تعداد ۾ گهٽ پڙهيل توڙي پڙهيل ۽ فني ماڻهو وچ مشرق ۾ روزگار سانگي ويا. واپار جا نوان رستا کليا ۽ تيل سستو ملڻ لڳو. انهيءَ ڪانفرنس کان پوءِ جڏهن ڪا هڪ ٻه سربراهي اسلامي ڪانفرنس ٿي هئي، ته اها بي نتيجه رهي ۽ حڪمران هڪٻئي سان وڙهي اٿيا.

1972ع جي لساني جهيڙن ۾ ڀٽي صاحب سڄيءَ سنڌ جو دورو ڪيو ۽ امن لاءِ ڪوششون ورتيون. هن مرڪز ٽنڊي محمد خان ۾ رکيو. جتي مهمان نوازيءَ جو سڄو بار مير اعجاز علي ٽالپر کنيو. سڄيءَ سنڌ جا پي پي ليڊر اچي جمع ٿيا ۽ وڏا سرڪاري ۽ فوجي آفيسر به ايندا رهيا. ڀٽو صاحب صبح جو 8 بجي تيار ٿي نڪرندو هو ۽ هيليڪاپٽر ذريعي ڪڏهن بدين، ڪڏهن ميرپورخاص، ڪڏهن ٺٽي، وڃي وڏن جلسن کي خطاب ڪندو هو. شام جو 6 ڌاري موٽي ايندو هو. هنن ڳالهين جو اکين ڏٺو شاهد آءٌ پاڻ آهيان جو بحيثيت ڊاڪٽر جي، منهنجي ڊيوٽي ڀٽي صاحب سان لڳل هئي. مون سان گڏ ڊاڪٽر ڪامل راڄپر به هو. اسين رات جو تعلقي اسپتال ۾ رهندا هئاسين.

هڪ دفعو صبح جو 7 بجي ڌاري ڀٽي صاحب جو ذاتي معالـج برگيڊيئر غلام محي الدين آيو ۽ چيائين ته توهان وٽ ڪو هاضمي جو سيرپ ’ميوڪين‘ وغيره هجي ته ڏيو جو ڀٽي صاحب کي Acidity (تيزابيت) ٿي پئي آهي. برگيڊيئر ٻڌايو ته مون ڀٽي صاحب کي اڄ ٻه ڪلاڪ آرام ڪرڻ جو چيو آهي، پر مڃي نٿو. اسان کيس دوا ڏني. 8 بجي ڏسون ته ڀٽو صاحب مڪمل تيار ٿي روزاني وانگر نڪتو ۽ پنهنجي معمول جي سفر تي روانو ٿي ويو. انهيءَ مان اها ڳالهه معلوم ٿي ته هن ۾ قوت برداشت گهڻي آهي ۽ معمولي تڪليفن جي پرواهه نه اٿس. ڀٽي صاحب جي انهن طوفاني دورن ۽ سياسي مذاڪرات جي رستي لساني تنازعو حل ٿي ويو ۽ شهرن مان سنڌي مهاجر جهڳڙا ختم ٿيا.

1974ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو وڏو ڪنوينشن راڻي باغ حيدرآباد ۾ ٿيو، جنهن ۾ سڄي پاڪستان مان وڏا سياستدان آيا. اهو جلسو 3 ڏينهن کن هليو. انهيءَ جلسي ۾ ڀٽي صاحب چونڊون مقرر وقت کان هڪ سال اڳ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو، ڇوته انهيءَ وقت کيس اعتماد هو ته پاڪستان پيپلز پارٽي کٽندي. انجام ڪار اجايون ڌانڌليون ٿيون ۽ نتيجي ۾ فوجي انقلاب آيو. انهيءَ ڪنوينشن ۾ اسان طبي امداد جو مرڪز لڳايو هو، جتي خبر پئي ته شيخ اياز سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسيلر ٿيڻ وارو آهي. ڪجهه وقت کان پوءِ سندس آرڊر نڪتو.

اصل ۾ انهيءَ جلسي ۾ فرسٽ ايڊ سينٽر لڳايو ويو هو، جتي منهنجي ڊيوٽي هئي. 1976ع ۾ ڀٽي صاحب تي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ محمد احمد قصوريءَ جي والد جي قتل جو ڪيس هلايو ويو. هيءُ دنيا جي تاريخ ۾ انتهائي ظالماڻو ۽ سفاڪاڻو ڪيس هو، جنهن ۾ گهڻا جج دوران سماعت دشمن ٿي بيٺا ۽ اهڙا ريمارڪ ڏيڻ لڳا، جن مان صاف ظاهر هو ته ڪا وڏي سزا ايندي. انهيءَ زماني ۾ اسان جي ڳوٺ جي بزرگ آخوند ولي محمد استخاره ڪئي ته ڀٽي مرحوم کي ڦاسي ايندي. ڪورٽ جو فيصلو به ساڳيو آيو. حالانڪه دوران ڪيس ڀٽي صاحب ڪيس جو بائڪاٽ ڪيو هو ۽ پنهنجو موقف اڃا پورو پيش به نه ڪيو هئائين. اپيل ۾ فيصلو ورهايل هو. تڏهن به ججن جي راءِ هئي ته جيتوڻيڪ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو بحال رکجي ٿو، ته به جي صدر صاحب چاهي ته سزا کي گهٽ يا ڪالعدم قرار ڏئي سگهي ٿو. ضياء الحق بهرحال ڀٽي صاحب کي مارڻ چاهيو ٿي. نيٺ 4- اپريل 1977ع تي ڦاسي ڏني وئي.

مون کي ياد آهي ته ان ڏينهن حافظ حڪيم عبدالغفور بائيجي وارو مون سان ملڻ آيو هو. هن موڪلايو ته صبح جي وقت ڏهن ۾ پنج منٽ هئا. گهر اسپتال سان گڏ هو. مون وڃي ريڊيو کوليو، ته اها منحوس خبر نشر ٿي. سخت ارمان ٿيو. پاڪستاني عوام کي جتي ڪٿي رنج ۽ ملال ٿيو. ڇوته ڪنهن کي به اها اميد ڪانه هئي، ته هيڏي عظيم انسان کي ڦاسي اچي سگهي ٿي. سنڌي قوم کي وڏو صدمو رسيو. اهو تاثر عام ٿيو، ته ڀٽو جي پنجابي يا پٺاڻ هجي ها ته ان کي اها سزا نه ڏين ها. اسان جي ملڪ ۾ ايڏا دردناڪ حادثا اڳ به ٿيا آهن ۽ پوءِ به ٿيندا رهن ٿا. پر هيءُ واقعو ملڪ جي بربادي جو پيش خيمو ثابت ٿيو. ڪيس دوران ڀٽي صاحب جو ڪورٽ کي خطاب روزانو اخبارن ۾ ايندو هو، جنهن ۾ وڏي جرئت ۽ بهادريءَ جو مظاهرو ٿيل هوندو هو. غلام علي ميمڻ ٺٽي جو وڪيل هو ۽ ڀٽي صاحب جي طرفان وڪالت ڪندو هو. مرحوم چوندو هو، ته هيءُ ڪيس خون جو آهي، هن کي خون جي ڪيس ڪري پيش ڪريو ۽ قانوني دلائل ڏيو. يحيٰ بختيار ڪيس جي دلالت سياسي نقطه نظر کان ڪندو رهيو. ڪيئن به هو، ڀٽي صاحب کي هر قيمت تي ڦاسي ڏيڻ جو فيصلو ٿي چڪو هو. غلام علي ڪيس تي سخت محنت ڪئي ۽ ڪيس هلندي گذاري ويو. هن وقت تائين ڀٽي جي سزا تي سوين ڪتاب منظرِ عام تي اچي چڪا آهن، جن ۾ سياستدانن، صحافين ۽ فوجي آفيسرن جون تحريرون به اچي وڃن ٿيون. گهڻن جو چوڻ آهي ته ڦاسيءَ جهڙي ڳري سزا کي عمل ۾ نه آڻڻ کپندو هو.

1980ع ۾ منهنجي بدلي ٽنڊي محمد خان ٿي، جتان 3-4 مهينن کان پوءِ مون کي ٻن سالن لاءِ ڊيپوٽيشن تي مسقط موڪليو ويو. يعني 1980ع کان 1982ع تائين.

مسقط ايراني نار جي اولهندي ڪناري تي وسيع سلطنت آهي ۽ تيل جي ڪري مالدار آهي. 1930ع کان اڳ هتي ٻه رياستون هيون. مسقط ۽ عمان. مسقط جو علائقو سمنڊ جي ساحل سان لاڳو هو، جنهن جو حاڪم سلطان سعيد بن تيمور هو. عمان جي رياست پهاڙن جي وچ ۾ هئي. جنهن کي داخليه چوندا هئا. حاڪم امام طالب هنائي هو. هنائي ديندار ۽ شرعيت جا پابند هئا. هنن جي امام جو انتخاب هن طرح ٿيندو هو ته قبائلي سردار گڏجي ويهندا هئا ۽ پاڻ مان جنهن کي دين تي وڌيڪ پابند سمجهندا هئا، ان کي سلطان منتخب ڪندا هئا. 1920ع-1930ع جي دور ۾ امام طالب ۽ امام غالب حڪمران هئا. انهيءَ دور ۾ خليج ۾ برطانوي استعمار وڏيون سازشون ڪيون. سلطان طالب سان مسقط جي حاڪم سعيد کي ويڙهايو ويو، جنهن ۾ سعيد کٽيو. پوءِ هنن مسقط ۽ عمان کي گڏي هڪ ملڪ ڪيو ۽ سلطان سعيد بن تيمور گڏيل سلطنت عمان ۽ مسقط جو حاڪم ٿيو. سلطان سعيد سخت جابر ۽ ظالم حڪمران هو. بلڪه ان وقت خليجي رياستن جا سڀ امير تمام ظالم ۽ قهار هئا. هو نه چاهيندا هئا ته سندن ملڪ ۾ تعليم عام ٿئي، اسپتالون يا حفظان صحت جي ترويج ٿئي، يا رستا روڊ ۽ ٻيا عام ڀلائيءَ جا ڪم ٿين. هنن جو مقصد اهو هو، ته عوام سندن غلام ۽ محڪوم رهي ۽ سندن هر حڪم بغير چون چرا جي تسليم ڪن. سعيد جي ڏينهن ۾ عام ماڻهن کي جتي پائڻ جو حڪم نه هو. سج لٿي کان پوءِ گهران نڪرڻ تي پابندي هئي. فقط نماز جي وقتن تي ٻاهر نڪرڻ جي اجازت هئي، جنهن ۾ شرط اهو هو ته گاسليٽ تي ٻرندڙ لالٽين ڳچيءَ ۾ ٻڌي ٻاهر نڪرن. مسجدن ۾ قرآن مجيد پڙهائڻ جا مدرسا هئا، پر اهي به محدود. دنيوي تعليم لاءِ ڪو اسڪول ڪونه هوندو هو. مسقط ۾ فقط هڪ اسپتال ”الرحمته“ نالي هوندي هئي، جيڪا چرچ مشنري هلائيندي هئي. ماڻهن جو گذر سفر مختصر کيتي، ٻڪرن ۽ رڍن جا ڌڻ پالڻ يا شتر باني هوندو هو. اسلام جي روح کان اڻ واقف هوندا هئا ۽ اڪثريت کي نبي پاڪ صلي الله عليہ وآلہ وسلم يا چئن يارن جي نالن کان به آگاهي نه هئي. اهڙي نموني هو ’قرون اوليٰ‘ جي دور ۾ رهندا هئا. سندن لباس ڊگهو چوغو، معمولي رومال پٽڪي جي طرز تي ۽ گوڏ ٻڌل هوندي هين. البته شادين ۽ تقريبات ۾ چيلهه سان خنجر ٻڌندا هئا. منجهن قبائلي لڙايون به گهڻيون هيون، پر تيل نڪرڻ کان پوءِ سڄو معاشرتي نظام بدلجي ويو. 1955ع ڌاري انگريزن سلطان سعيد کي نا اهل هجڻ جي پاداش ۾ تخت تان معزول ڪري، نظر بند ڪيو ۽ سندس نوجوان پٽ قابوس بن سعيد کي حاڪم ڪيو. قابوس ننڍي هوندي کان ئي تعليم انگلينڊ ۾ ورتي هئي، ۽ سينڊ هرسٽ جي آرمي ڪاليج ۾ پڙهيو هو. انهيءَ وچ ۾ ملڪ ۾ پيٽرول به زور شور سان نڪرڻ لڳو. قابوس هوشيار ۽ بيدار مغز حاڪم هو. هن وڏا سڌارا آندا. قبائيلن جا صلح ڪرايائين، چورن ۽ رهزنن جو قلع قمع ڪيائين. واپار کي هٿي وٺايائين. وڏا رستا، روڊ، اسڪول ۽ اسپتالون ٺهرايائين. مطلب ته وڏا انقلابي ۽ دور رس قدم کنيائين. ملڪ جهالت مان نڪري روشنيءَ ۾ اچڻ شروع ڪيو. ماڻهن ۾ تعليم جي شرح وڌي ۽ هو جديد دنيا جي رنگينين کان واقف ٿيا. سلطان سعيد جيل ۾ ئي گذاري ويو ۽ قابوس اڃا تائين حاڪم آهي.

 

[24]

اسان جڏهن 1980ع ۾ مسقط پهتاسين ته اڃا هاڻي ملڪ غربت ۽ جهالت جون زنجيرون ٽوڙي ٻاهر نڪري رهيو هو، مسقط ۽ وڏن شهرن ۾ جديد ترقيءَ جا مظهر ڏسڻ ۾ ايندا هئا، پر منطقه داخليه جنهن کي ڪنهن وقت ۾ عمان چوندا هئا، اتي غربت هئي. ماڻهو ڪچن پڪن گهرن ۾ رهندا هئا. معمولي زراعت ڪندا هئا ۽ گهڻو گذران اٺن، ٻڪرين، رڍن تي هوندو هون. قديم عمانين ۾ ڪي خوبيون بي مثال هونديون هيون، جنهن مان معلوم ٿيندو هو ته سندن تهذيب ڪنهن زماني ۾ شاندار ۽ با وقار هئي. منجهن مهمانوازي بيحد گهڻي هئي. هر آئي وئي جو آڌر ڀاءُ ڪندا هئا ۽ مهمانن جي خاطر تواضح ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏيندا هئا. ٻيو ته ايندڙ ويندڙ جو استقبال لازمن اٿي بيهي ڪندا هئا ۽ ڊگهي خوش خير عافيت به اسان سنڌين وانگر ڪندا هئا. ڏاڍا نيڪ دل ۽ شريف ماڻهو هئا. اسان هندستان ۽ پاڪستان ۾ جيڪڏهن پنج سؤ سال پوئتي وڃون ته اهڙا ماڻهو ڏسي سگهون ٿا، بهرحال هنن جون چڱايون گهڻيون هيون.

جون جي مهيني ۾ آءٌ مسقط جي هوائي اڏي تي عين منجهند جي وقت لٿس. مون کي ۽ منهنجي اهليه کي گڏ ڊيپوٽيشن ملي هئي، پر هوءَ مون کان 4 مهينا پوءِ ٻارن سان گڏ آئي، ڇوته پويان گهڻا ڪم پورا ڪرڻا هئا. مسقط دنيا جي گرم ترين ملڪن مان هڪ ملڪ آهي. جهاز مان لهڻ شرط ائين محسوس ٿيو، جيئن پاڻيءَ جي اٻاريل ٿانو ۾ کڻي وڌو هجين. ايئرپورٽ تي مسٽر احسان الحسن وٺڻ آيو هو، جيڪو نيشنل بينڪ عمان ۾ آفيسر هو. اسان کي وزارت صحت گاڏي موڪلي هئي، جنهن آڻي گلف هوٽل ۾ لاٿو. هيءُ هوٽل جديد پنج ستارن واري هوٽل هئي ۽ هر سهوليت سان مزين هئي. سڄي هوٽل مرڪزي طور تي ايئرڪنڊيشنڊ هئي. مون کي ٽي ڏينهن وزارت جي خرچ تي گلف هوٽل ۾ رهايو ويو. ٻئي ڏينهن تي مون کي وزير صحت ۽ ڊائريڪٽر صحت سان ملائڻ لاءِ وٺي هليا. وزير صحت ڊاڪٽر مبارڪ خضوري هو، جنهن مختصر سوال جواب ڪيا. ان کان پوءِ ڊائريڪٽر صحت ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ سان ملاقات ٿي، جنهن ڪويت مان ايم. بي. بي. ايس ڪئي هئي ۽ اسماعيلي خوجو هو. هن جو رويو به آڌر ڀاءُ وارو هو. در حقيقت مسقط يا ٻين عرب ملڪن ۾ بالادستي ۽ ماتحتي جو تصور آهي ئي ڪونه. هيءُ اسان جي ملڪ ۾ انگريزن جي راڄ سبب آهي جو انگريز پاڻ کي حاڪم سمجهندو هو ۽ ديسي ماڻهن کي محڪوم سمجهي ويڇو رکندو هو. خير ان کان پوءِ ڊپٽي ڊائريڪٽر هڪ زنجباري ڊاڪٽر مبارڪ خميس مصريءَ سان ملاقات ٿي. هيءُ البته تنگ نظر هو ۽ شايد پاڪستانين سان چڙ هئس. مون کيس مذاق ۾ چيو ته مسقط ڏاڍو گرم شهر آهي، توهان جو هتي گذر ڪيئن ٿو ٿئي؟ ته بجاءِ خوش طبعيءَ جي جواب ڏنائين ته توهان وٽ به سبي ۽ جيڪب آباد جا شهر آهن، پوءِ توهان ڇا ڪندا آهيو؟ ان کان پوءِ مغيريءَ البته ٺهندو ڪونه هو. پر ٻيا آفيسر جهڙوڪ: وزير مبارڪ خضوري، سيڪريٽري شيخ علي همدان، ڊائريڪٽر ڊاڪٽر مرتضيٰ وغيره سڀ مون مان خوش هوندا هئا.

منهن جي پهرين مقرري ”الرحمته“ اسپتال ۾ ٿي، جنهن ۾ فقط ميڊيسن جا وارڊ هوندا هئا. سرجريءَ جي ضرورتمند مريضن لاءِ الڳ اسپتال خوله اسپتال هئي. الرحمته ۾ 400 کن بسترا هئا ۽ شهر جي وچ ۾ پراڻي بلـڊنگ ۾ قائم هئي، پوءِ ان ۾ بلاڪ تعمير ڪيا ويا هئا. اسپتال جو نظم و ضبط بهترين هو. عربن کان سواءِ گوادري، مڪراني ۽ بلوچ مريض به گهڻا ايندا هئا. اسپتال جو انچارج ڊاڪٽر بزداوي محمد سعيد الريامي هو. لنڊن مان ايم. آر. سي. پي (M.R.C.P) پاس ڪئي هئائين. سڄي مسقط عمان ۾ فقط ٻه عماني ايم. آر. سي. پي ڊاڪٽر هئا، هڪ بزداوي جنهن جو هاڻي مون نالو کنيو آهي، ٻيو ڊاڪٽر عبدالله الريامي، جيڪو ٻي وڏي النهفہ اسپتال ۾ فزيشن هو. عمان ۾ ماڻهو کي پيءُ ۽ ڏاڏي جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي. مثلا: اسان واري اسپتال جو انچارج بزداوي محمد سعيد الريامي ۽ سندس نالو بزداوي، سندس پيءُ جو نالو محمد، ۽ سندس ڏاڏي جو نالو سعيد هو. الريامي سندس قبيلي جو نالو هو. هي اصل ۾ آفريڪي زنجبار جا هئا، جتي انقلاب اچڻ کان پوءِ هي مسقط ۾ هجرت ڪري آيا. ڊاڪٽر ريامي سواحلي زبان ۾ ڳالهائيندو هو، جيڪا مشرقي آفريڪين جي قومي زبان هئي. ڊاڪٽر ريامي نوجوان هو ۽ محنتي هو. ٿورو وقت به ملندو هئس ته جديد ميڊيڪل لٽريچر جو مطالعو ڪندو هو. اسپتال ۾ 4-5 ٻيا به ايم. آر. پي (M.R.P) يا ايم. ايس. سي (M.Sc.) ڊاڪٽر هوندا هئا. ڊاڪٽر ريامي هر هفتي ۾ ٻه ڏينهن وارڊ جو معائنو ڪندو هو. ٻه ڏينهن وري ڪلڪتي جو ڊاڪٽر گوها، جيڪو به اسان وانگر غير ملڪي ملازم هو، معائنو ڪندو هو. ان کان سواءِ ٻيا به هندستاني ڊاڪٽر هئا.

الغرض ته ڊاڪٽر ريامي ٻئي ڏينهن تي وارڊ ۾ مون کي ساڻ رکيو ۽ مريضن جي باري ۾ ڪجهه سوال پڇيا، جيڪي مون کيس تسلي بخش ڏنا. انهيءَ جي نتيجي ۾ مون کي وارڊ جو رجسٽرار ڪري رکيائين، جيڪا هڪ قسم جي عزت افزائي ۽ اعزاز هو ۽ ڊاڪٽر جي هوشيار هجڻ جو اعتراف هو. هيءَ ڳالهه ڏسي هندستاني ڊاڪٽرن کي ڏاڍو حسد ٿيو، ته هيءُ پاڪستاني ڊاڪٽر اسان کان گوءِ کڻي ويو. اسان ٻڌندا هئاسين ته هندو مسلمانن کي سهندا ڪونه آهن. انهيءَ جو عملي نمونو مون اتي ڏٺو. حالانڪه اڳتي هلي مون ان جي ابتڙ به ڏٺو. ڪيترا سنڌي هندو وري منهنجا خير خواهه دوست ٿي پيا. ٻه ٽيليويزن جا انجنيئر حيدرآباد جي ساڌو ٽي. ايل واسواڻيءَ جا پوٽا هئا. اهي ته مون کي مائٽن وانگر عزت ڏيندا هئا. ٻيو النهده اسپتال جو هڪ سنڌي هندو ڊاڪٽر هو، جيڪو به گهڻي عزت ڏيندو هو. نالو وسري ويو آهي. وزارت صحت ۾ هڪ سنڌي سول انجنيئر حيدرآباد جو هو، جيڪو به وڏو محبت وارو انسان هو.

ڊاڪٽر ريامي مون کي وارڊ جو رجسٽرار ته ڪيو، پر منهنجي لاءِ اهو وڏي تڪليف جو سبب ٿيو. ڇوته رجسٽرار جي حيثيت ۾ مون کي ڏيڍ ڏينهن ۽ پوري رات اسپتال ۾ مريضن سان گڏ رهڻو پوندو هو. ٻن ڏينهن ۾ اڌ ڏينهن گهر وڃڻ جي اجازت هئي. ڊاڪٽر ريامي ۽ گوها ته 2 بجي کان پوءِ گهر هليا ويندا هئا، پوءِ سڄي اسپتال جو بار مون تي هوندو هو، جي مريض جي طبعيت خراب ٿيندي هئي ته مون کي ئي منهن ڏيڻو پوندو هو. البته سخت ايمرجنسيءَ ۾ اسپشلسٽ کي سڏائي سگهبو هو. باقي انهيءَ سخت ڊيوٽيءَ جي ڪري علم ۽ تجربي ۾ بيحد حساب فائدو پيو ۽ سابقه زندگيءَ ۾ جيڪي تعليم ۽ تربيت ۾ ڪسرون رهجي ويون هيون، انهن جو ازالو ٿي ويو. ’الرحـمته‘ اسپتال جا ڪجهه واقعا لکجن ٿا:

مسقط جي ڏکڻ ۾ ظفار جو صوبو آهي، جتي جا ماڻهو ترش روئي ۽ بد اخلاقي ۽ جهيڙي جهٽي ۾ مشهور آهن. ظفارين ڪافي وقت ڪميونسٽ روس جي هـُـشيءَ تي سلطان قابوس سان جهيڙو کاڌو هو، بلڪ پاڻ کي آزاد ملڪ قرار ڏنو هئائون. پوءِ 1970ع ڌاري سلطان قابوس، انگريزن جي مدد سان کين مطيع ڪيو ۽ ظفار مسقط جو صوبو ليکجڻ ۾ آيو. هن علائقي جو وڏو شهر ’صلالہ‘ آهي. هيءُ علائقو سرسبز شاداب ۽ مسقط جي مقابلي ۾ ٿڌو آهي ۽ هن جون حدون ڏکڻ يمن جي رياستن لهج، ۽ ’حضر موت‘ سان ملن ٿيون. انهيءَ صلالہ مان هڪ نوجوان پنهنجي ماءُ کي الرحمته اسپتال ۾ کڻائي آيو. شام جو 4-5 جو وقت هو. اسپتال ۾ ڊيوٽي تي آءٌ اڪيلو هئس. هن مون سان اچي ضد ڪيو ته مون کي الڳ ڪمرو ڏنو وڃي. پرائيوٽ ڪمرا ٻه- ٽي هئا، جيڪي اڳ ۾ ئي ڀريل هئا. جڏهن هيءُ گهڻي بدتميزيءَ تي لهي آيو، ته مون ايڊ منسٽريٽو آفيسر کي فون ڪيو، جيڪو بلوچ هو. هن پوليس کي فون ڪيو. پوليس ته تمام مستعد هوندي هئي. سي به چار پوليس وارا آيا ۽ انهيءَ صلالہ جي بدتميز کي کنڀي کڻي ويا.

الرحمته جي ڊيوٽي دوران آءٌ ‘القرم’ علائقي ۾ رهندو هئس، جيڪو مسقط جو جديد حصو هو. جنهن کي مدينه القابوس چوندا هئا.

مسقط ۾ ’گلف هوٽل‘ ۾ ٽن ڏينهن رهڻ کان پوءِ مون کي رهائشي وِلالقرم ۾ ڏنائون، جيڪو اطالوي اسٽائل تي بيحد خوبصورت ٺهيل هو ۽ اڃا هاڻي ٺهي پورو ٿيو هو. آءٌ پهريون ڊاڪٽر هئس، جيڪو اتي اچي رهيس. ٻيا به نوان ولا ڪافي ٺهيل هئا. ولا يا بنگلو سڄو جديد فرينچر جهڙوڪ: المارين، صوفن، فريزرن، هيٽرن، سينٽرل ايئرڪنڊيشنڊ، غاليچن سان سينگاريل هو. ٻه بيڊ روم هئا ۽ هڪ وڏو ڊرائنگ روم. هي ولا سڀ وارياسي ميدان ۾ ٺهيل هئا. ان ڪري ٻاهر ڏاڍي گرمي هوندي هئي. البت اندر ايئرڪنڊيشنڊ جي ڪري آرام ده هوندا هئا. درين مان اس ايندي هئي ته پردا مون پاڻ هڻايا. ڀر ۾ سرجري جي وڏي اسپتال خولا اسپتال هئي، جنهن جو انچارج هڪ رٽائر انگريز ڊاڪٽر هو. خولا اسپتال تمام ماڊرن ۽ هر قسم جي سهوليتن سان مزين هوندي هئي. ڪافي انگريز، هندي ۽ پاڪستاني ڊاڪٽر اتي ڪم ڪندا هئا.

’خولہ‘ اسپتال کان ٿورو پري پيٽروليم ڊيولپمينٽ عمان وارن جو مخصوص علائقو پهاڙن ۾ گهيريل هوندو هو، جتي سواءِ يورپين جي ٻين کي رهڻ جي اجازت ڪانه هوندي هئي. هيءُ ڄڻ ته غير علائقو هو. ٻڌوسين ته اتي گولف راند جا وڏا ميدان، ناچ گهر، ڪلبون، سئنيمائون ۽ وڏا روڊ بنگلا آهن، جيڪي انگريزن ۽ آمريڪين لاءِ آهن، جي تيل جي کوٽائيءَ ۾ مدد ڪن ٿا. هتي شراب عام مليو ٿي ۽ دنيا جي هر رنگين مزاجيءَ جو سامان مهيا ڪيو ويو هو. پر عمانين ۽ مسلمانن جي اُتي وڃڻ تي پابندي هئي. اهڙا مخصوص علائقا خليج جي سڀني ملڪن ۾ آهن.

خولہ اسپتال جي رهائشي علائقي کان ڪجهه پنڌ تي ”مدينته القابوس“ هڪ جديد سئٽلائيٽ ٽائون ٺاهيو اٿن، جنهن ۾ وڏا بنگلا ۽ شاپنگ سينٽر آهن. مدينته القابوس جي  ”القرم“ محلي ۾ هڪ جديد مسجد ’ابابڪر صديق‘ نالي سا هئي، جيڪا سڄي ايئرڪنڊيشنڊ هئي. هيٺ مٿي ٻن طبقن ۾ هئي ۽ بيحد خوبصورت ٺهيل هئي. جمعي نماز تي وڏو اجتماع ٿيندو هو، جتي مختلف اسلامي ملڪن جا ماڻهو اچي جمع  ٿيندا هئا. پيش امام هڪ مصري عالم هو. جديد مسجدون بهترين طرز تعمير جو نمونو هيون، پر تعداد ۾ گهٽ هيون. مسقط شهر جو خوبصورت تجارتي مرڪز روي هو، جتي وڏا دڪان هئا ۽ هر قسم جو ولايتي مال وافر ۽ واجبي اگهن تي ملندو هو. ان کان علاوه عظيم مطرح (great matrah) به وڏو تجارتي ۽ رهائشي علائقو هو. پراڻو مطرح مسقط جو پراڻو حصو هو. مطرح کان روي ايندي ٽريفڪ هميشه جام هوندي هئي. هاڻي ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته رستن کي ڪشادو ڪيو اٿن ۽ رستن جي مٿان پليون به ٺاهيون اٿن. باقي رستن تي هلندي گرمي سخت محسوس ٿيندي هئي ۽ سج ۾ به ڪافي تپش هئي.

چئن مهينن کان پوءِ منهنجي گهر واري به اچي وئي، پوءِ اسان جي پوسٽنگ داخليه جي شهر ”بهلاء“ نالي هڪ ننڍي شهر ۾ ٿي. هيءُ شهر خوبصورت کجين، ڏاڙهن ۽ ناريلن جي باغن جي وچ ۾ هو ۽ مسقط کان ابو ظهبي ويندڙ شاهراهه تي ٺهيل هو. امام طالب جي دور ۾ بهلاء عمان جي گاديءَ جو هنڌ هو، بهلا ِّ کان 6-7 ميلن جي فاصلي تي غافات جو ڳوٺ هو، جتي امام طالب جا پويان رهندا هئا. سندن قبيلو ”هنائي“ سڏبو هو. هنن جو وڏو شيخ عبدالله هنائي هو، جيڪو اسان جي اتي تعيناتي دوران گذاري ويو. شيخ عبدالله کي ٻيا به چار ڀائر هئا. جهڙوڪ: شيخ وليد، جيڪو انهيءَ وقت سلطان قابوس جي وزارت ۾ وزير اوقاف هو. ٻيو ڀاءُ شيخ محمد هو، جيڪو سمائيل شهر جو والي هو. باقي ٻه ڀائر به ڪن ولايتن جا والي هئا. هي سڀ ڀائر بهلاء اسپتال ۾ گهڻو ايندا ويندا هئا. اصل ۾ سڄو عمان ولايتن ۾ ورهايل هو، جيئن اسان وٽ ضلعا آهن. هر ضلعي ۾ هڪ والي (Commissioner) هڪ قاضي (Session Judge) ۽ هڪ پوليس جو وڏو عملدار S.P هوندو هو. هي ضلعا انتظام کي بهتر نموني هلائڻ لاءِ ٺاهيل هئا. انهن والين ۽ قاضين جي وقت بوقت تربيت ٿيندي رهندي هئي. ڪوبه والي پنهنجي رهائش واري علائقي ۾ مقرر نه ٿيندو هو، پر ان کي پنهنجي شهر يا ڳوٺ کان پري مقرر ڪندا هئا، جيئن مقامي ماڻهن جي اثر رسوخ ۾ نه اچن ۽ فيصلا انصاف سان ڪن. قاضي اسلامي شرعيت موجب فيصلا ڪندا هئا. موت جي سزا ڪا ورلي ملندي هئي، جنهن جي اجازت قاضي القضات کان وٺڻي پوندي هئي، رحم جي اپيل سلطان وٽ ويندي هئي. منهنجي وقت ۾ شيخ محمد بن حميد بهلاء جو والي هو، جيڪو با اخلاق انسان هو. قاضي جو نالو ياد نه آهي، پر هو جمعي جي ڏينهن جامع مسجد ۾ نماز پڙهائيندو هو. مون سان ٻنهي جا سٺا تعلقات هوندا هئا ۽ طبي مشورو مون کان وٺندا هئا. قاضيءَ کي جڏهن دوا درمل جي ضرورت پوندي هئي، ته اچي ٻين مريضن سان لائين ۾ ويهندو هو. البته والي اچڻ کان اڳ اطلاع ڪندو هو ۽ آخري وقت ۾ ايندو هو. ان لاءِ ته ٻين مريضن کي ڪوفت نه ٿئي. ٻنهي صاحبن ڪجهه موقعن تي منهنجي مهماني پڻ ڪئي.

بهلاء ۾ جمعي نماز هڪ نئين تعمير ٿيل جامع مسجد ۾ ٿيندي هئي، جنهن ۾ خطبو هڪ ئي ٿيندو هو. خطبو ٻن حصن ۾ ڪونه هو، جيئن اسان وٽ آهي. دعا جو تصور ڪونه هو. نماز کان پوءِ والي، قاضي ۽ چند ٻيا معزز قطار ۾ بيهندا هئا. ٻيا ماڻهو سندن مصافحو ڪندا هئا. هي دستور پراڻي زماني کان هلندو آيو پئي. نماز کان پوءِ جماعتي ٻاهر نڪري هڪ ٻئي سان بغلگير ٿيندا هئا. هيءُ دستور مشرق وسطيٰ ۾ عام آهي ۽ اسلام جو روح پرور نظارو آهي. مٿي مون هنائي قبيلي جو ذڪر ڪيو آهي. هي عمان جا سابقه حڪمران هئا. منهن جي وقت ۾ به با اثر هئا ۽ سندن وڏا قلعا ۽ ڪوٽ هئا، مون سان از احد قريبي تعلقات هئن ۽ مون وٽ گهڻو ايندا هئا ۽ سڏائيندا به هئا. هنن جا نوجوان ڇوڪرا سلطان قابوس وٽ وزير هئا.

اسين سمجهندا آهيون، ته شايد اسين پاڪستاني ٻين کان دينداريءَ ۾ اڳتي آهيون. پر الحمدلله جو ٻين عرب ملڪن جا مسلمان به نيڪ ۽ چڱن عملن ۾ اسان جهڙا آهن. عرب ملڪن جهڙوڪ: شام، فلسطين، اردن، عراق کان مسلمان، مختلف رنگن ۽ نمونن جا ڪپڙا، جيڪي سندن قومي عوامي لباس جا مظهر هوندا هئا، پائي ايندا هئا ۽ هنن جو پاڻ ۾ ملڻ ڏاڍو خوشگوار لڳندو هو.

مسقط، عمان ۾ قديم مسجدون به موجود هيون. هي اسان جي سنڌ جي پراڻين مسجدن وانگر ڪچيءَ مٽيءَ مان ٺهيل هونديون هيون. سندن ڇت مٿي هوندي هئي ۽ محراب مخروطي طرز جا هوندا هئا. ٿنڀن جي جاءِ تي کجين جا يا ٻين وڻن جا ٿنڀ لڳل هوندا هئا. بهلاءَ جي قديم جامع مسجد وڏي شاهي مسجد هئي، جنهن ۾ ٻه هزار کن ماڻهو نماز پڙهي سگهيا ٿي. اسان جي وقت ۾ غير آباد هئي. ٻيون ننڍيون مسجدون ته بي شمار هيون. بهلاء ۾ اسپتال جي ڀرسان هڪ وڏو قلعو هوندو هو، جيڪو هاڻي مٽيءَ جي ڍير ۾ تبديل ٿي چڪو هو. فقط ٻاهرين چؤديواري سلامت هيس. ان وقت آثار قديمه جي سنڀال هيٺ هو. هڪ دفعو بهلاء جي جامع مسجد ۾ آءٌ نماز لاءِ ويس، مسجد سڄي خالي پئي هئي، ڪوبه ماڻهو ڪونه هو. منبر تي هڪ قرآن شريف قلمي خوبصورت مزين خوشخطيءَ ۾ لکيل سلامت حالت ۾ رکيو ويو هو. هن جو لکندڙ هو امام طالب پاڻ جيڪو سلطان قابوس کان اڳ عمان جو حاڪم هو. دل ۾ آيم ته هيءُ قرآن شريف کڻي وڃان، جو هتي هن شيءِ جو شايد قدردان ڪونه آهي، پر پوءِ خوفزده ٿي ڇڏي آيس. ڪجهه ڏينهن ڇڏي وري ويس ته نظر ڪونه آيو. لاشڪ ته ڪير کڻي ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org