آفتاب ادب:
تعارف:
سنڌي قديم سڌريل ٻولي آهي. جنهن جو ادبي ذخيرو
تمام گهڻو آهي. ڪنهن به سڌريل ادبي زبان ۾ جيڪي
خوبيون هئڻ گهرجن سي سڀيئي منجهس موجود آهن. اهڙي
زبان جي ترقيءَ لاءِ جيڪا ڪوشش ۽ خدمت ٿيڻ گهربي
هئي سا ڪا نه ٿي سگهي. ازانسواءِ ان وقت سنڌ ۾
مذهبي لحاظ کان مکيه ٻه قومون هندو ۽ مسلمان رهندڙ
هيون. هندن جو نظريو هو ته ”سنڌي زبان سنسڪرت جي
پيدائش آهي تنهنڪري منجهس مسلمان ڪا عربي ۽ فارسي
لفظ نه هئڻ گهرجن. اهڙيءَ طرح مسلمانن جو خيال هو
ته جيئن ته سنڌيءَ ۾ عربي الفابيٽ سڄي سمايل آهي ۽
منجهس عربي ۽ فارسي لفظن جو وڏو ذخيرو موجود آهي،
انهيءَ ڪري سنسڪرتي، هندي ۽ ٻين لفظن جي بجاءِ
عربي ۽ فارسي لفظ ڪم آڻجن. ٻنهي ڌرين ۾ اها رسي
ڪشي زور هئي. انهيءَ تي حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ
پنهنجي هن مطالعي هيٺ آيل ڪتاب ۾ڄاڻايو آهي ته ”ڏک
جي ڳالهه آهي، جو سنڌ جا مسلمان هڪ طرف سنڌيءَ کي
رسو گردن ۾ وجهي پاڻ ڏي ڇڪي رهيا آهن ۽ سنڌ جا
هندو ٻئي طرف نوڙي ڳچيءَ ۾ وجهي پاڻ ڏي گهلي رهيا
اٿس. ويچاري سنڌي وچ ۾ انهيءَ ڇڪتاڻ جي ڪري
گهوگهاٽجي اڌ مئي ٿي رهي آهي.“
مٿين ڳالهين کي خيال ۾ رکي حڪيم صاحب هي ڪتاب لکي
سنڌي زبان تي مڪمل روشني وجهي سنڌي علم و ادب جي
وڏي خدمت سرانجام ڏني. ساڳئي وقت ٻنهي قومن (هندن
۽ مسلمانن) کي صلاح ڏني ته ٻئي ڌريون تعصب دل مان
ڪڍي سنڌي علم و ادب جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ گڏجي
ڪوشش ڪن.
مواد ۽ موضوع:
مطالعي هيٺ آيل ڪتاب سنڌي ادب ۾ ممتاز حيثيت جو
حامل آهي. هي ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. پهرئين
ڀاڱي ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي سنڌي ٻوليءَ جي
مختلف پهلوئن تي روشني وڌي آهي، جيڪو 125 صفحن تي
مشتمل آهي ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ علم بديع، علم بيان ۽ علم
معانيءَ تي مڪمل روشني وڌي اٿس.
ڪتاب جي پهرئين ڀاڱي ۾ هيٺيان موضوع ڄاڻايل آهن:
ٻولي ڇا آهي؟
عام ٻولي
انسان پهريائين عام ۽ نج ٻولِي ٻولي ٿو ۽ پوءِ
ادبي ٻولي سکي ٿو.
ادب ۽ ساهت جي شروعات
نظم يا شعر جو بنياد
عام يا نج ٻوليءَ جي حيثيت
ڪتابي ۽ اخباري ٻولي، علمي مذهبي يا ڌرمي ٻولي
ادبي ٻوليءَ جون لياقتون
عام ٻولي ۽ ادبي ٻوليءَ ۾ فرق
سنڌي سچ پچ ادبي زبان آهي
ٻولين جي اڏاوت ۽ بناوت
هاڻوڪي چالو سنڌيءَ ڪهڙين ٻين ٻولين مان اثر قبول
ڪيو آهي؟
جيڪڏهن سنڌيءَ مان ٻين ٻولين جا لفظ صفا ڪڍي ڇڏجن
ته باقي سنڌيءَ جو ڇا حال رهندو؟
ٻويليون قدرتي طرح روپ وٺن ٿيون
سڌريل ٻولين ۾ انقلاب ضرور ايندو آهي
دنيا جي هاڻوڪين سڀني زنده ۽ سڌريل ٻولين ۾ ٻين
ٻولين جي ملاوت ٿي چڪي آهي ۽ ٿيندي رهي ٿي.
انگريزي ٻوليءَ ۾ عربي طبي لفظ
سنڌي ٻوليءَ ۾ عربي ۽ فارسي وغيره لفظ ڪڏهن آيا ۽
ڪيئن آيا؟
ٻين ٻولين مان لفظن آڻڻ مان فائدو آهي يا نقصان؟
دنيا جي ٻولين جي هڪ ئي برادري آهي.
ادبي ٻولي عام ٻوليءَ کان اوچي هوندي آهي ۽ اوچي
هئڻ گهرجي
غلط العام ۽ غلط العوام
تحريف
دخيل
سنڌيءَ ۾ دخيل لفظن جي مختصر فهرست
عربيءَ مان آيل دخيل لفظ
فارسيءَ جي دخيل لفظن جي مختصر فهرست
ڪن ٿورن ترڪي لفظن جي لسٽ
انگريزي دخيل لفظن جي لسٽ
انگريزيءَ کان سواءِ ٻين يورپين ٻولين جا لفظ
سنڌيءَ ۾
سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻين ٻولين مان آيل لفظن جي صورتخطي،
اعرابون ۽ اچار
سنڌيءَ ۾ ٻين ٻولين جي لفظن جي سورتخطيءَ ۽ اچارن
جي حالت
عروضي شعر جي قافين ۾ اعرابن وغيره جي غلطي بلڪل
ناجائز آهي.
عربيءَ جا ڪي مسند لفظ
فارسيءَ جا مسند لفظ
انگريزيءَ جا ڪي مسند لفظ
نه فقط سنڌيءَ ۾ بلڪه برج ڀاشا ۽ هنديءَ ۾ به انيڪ
عربي ۽ فارسي لفظ صدين کان آيل آهن.
شاهه، سچل، سامي ۽ ٻين صوفي بزرگن جي ڪلام ۾ عربي
۽ فارسي لفظن جا انبار
شاهه جي رسالي مان ڪن ٿورن خالص عربي لفظن جي
فهرست
شاهه جي رسالي مان ڪن ٿورن فارسي لفظن جي فهرست
سچل جي ڪلام مان ڪي عربي لفظ
ساميءَ جي ڪلام مان ڪي خاص عربي ۽ فارسي لفظ
بيدل جي ڪلام مان ڪي خاص عربي ۽ فارسي لفظ
رشي ڏيارام گدو مل جي ڪتاب مان خاص الخاص عربي لفظ
ڳالهائڻ جي عام ٻولي ڪهڙي هئڻ گهرجي؟ اخباري ۽
ڪتابي ٻولي ڪهڙي؟
سنڌي زبان هينئر ڪشادي زبان آهي ۽ هن ۾ ڪشادگي
ڪيئن آئي؟
هندو ودوانن ۽ مسلمان عالمن، سنڌي خواندن ۽
انگريزي دانن جي سنڌي ٻوليءَ جا نمونا.
ٻاتائڻ جي ٻولي ۽ پاتائڻا اچار
ٻاتن جي ٻوليءَ جا مثال
لاڙ، سري ۽ وچ سنڌ جي ٻولي
انشاءَ پردازي
صورتخطي سچي ۽ صحيح لکڻ ضروري آهي.
مطالعي هيٺ آيل ڪتاب ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ
عام ٻوليءَ ۽ ادبي ٻوليءَ ۾ فرق واضح ڪري ڄاڻايو
آهي، هو لکي ٿو ته:
”عام ٻولي سڀ ڪو ماڻهو ننڍو خواهه وڏو، هندو خواهه
مسلمان، پڙهيل خواهه اڻ پڙهيل سمجهي ۽ ڳالهائي ٿو،
پر ادبي ٻولي عام ٻوليءَ کان بالا ۽ برتر آهي.
انهيءَ درجي جي ٻوليءَ کي ادب ۽ ساهت سڏبو آهي.
ٻولي انهيءَ درجي ۾ اچي، هڪ گلزار پربهار بنجيو
پوي ٿي. ٻوليءَ جي انهيءَ ادبي گلستان ۾ قسمين
قسمين چمن ۽ ٻارا ٻڌجن ٿا، گوناگون گل ۽ گلبن
پوکيا وڃن ٿا. طرحين طرحين واس ۽ سڳنڌ ڦهلجن ٿا.
ڀانت ڀانت جون رونقون ۽ رنگ پسجن ٿا، پري پري کان
ادبي گلن ۽ ڦلن جون چڪيون، ادبي وڻن ۽ ٻوٽن جون
جنسون آڻي پوکجن ٿيون يعني اهو سڀ ڪجهه سامان
موجود ڪرڻو پوي ٿو، اهي سڀ مانڊاڻ منڊڻا پون ٿا،
جن سان ادب جي گلزار ۾ سدا بهار اچي. عاشقاڻا امنگ
هجن يا محاهدانا جذبا، عيش پرستيءَ جا اسباب هجن
يا محنت ڪشيءَ جا اوزار، سرمايه داريءَ جو سامان
هجي يا مزدوريءَ جو مانڊاڻ، شاهيءَ جو تخت هجي يا
غربت جو تختو، بادشهيءَ جو تاج هجي يا گدائيءَ جو
پيالو، سڪندري بخت هجي يا دارا جو اقبال، محتاجيءَ
جو حال هجي يا اڪبري جلال، ابوالفضل جو ڪمال هجي
يا علم ۽ ڪمال جو ڪال. انهيءَ هر هڪ حالت جي پر
زور بيان ۽ اثرائتي اظهار لاءِ ادب ۽ ساهت ئي هڪ
بهترين وسيلو آهي.
ادبي ٻولي عام ماڻهن جي ڳالهائڻ ۽ سمجهه کان مٿي
آهي. اها ٻولي خاص عالمن، پڙهيل يا قدرتي ڏات ڏنلن
جي خاص ٻولي آهي. صرف نحو، فلسفو ۽ منطق ، بديع ۽
بيان هيئت ۽ هندسو ۽ اهڙا ٻيا علوم ۽ فنون ئي ادبي
ٻوليءَ ۾ لکي سگهجن ٿا.
دنيا جي انقلابن ۾ تيغ برهنه کان وڌيڪ ادبي ڪلام ۽
ساهت جي سخن جو هٿ رهيو آهي. تاريخ جي ڪتابن ۾
ڄاڻايل آهي ته دنيا جون حڪومتون ترار کان ايترو
ڪئو نه کائينديون، جيترو قلم کان. قلم ادب نويسيءَ
جو تيز اوزار آهي، انهيءَ ڪري ئي کيس شمشير قلم
سڏيو ويو آهي. ياد رکڻ گهرجي ته دنيا جي ڪا به
سڌريل ٻولي ادب ۽ ساهت جي خزاني کان ڪڏهن به خالي
نه هوندي. جيڪڏهن ڪا به ٻولي ادب ۽ ساهت جي
موجودات ۾ سڃي آهي ته پوءِ هوءَ سڌريل ٻولي ئي نه
چئبي(1).“
حڪيم صاحب اڳتي هلي پنهنجي ڪتاب ۾ ڄاڻائي ٿو ته
اهل قلم هندو ۽ مسلمان اخبارن ۽ ڪتابن ۾ جيڪا ٻولي
ڪم آڻين ٿا، سا به مختلف آهي. مسلمان جيڪا ٻولي
لکن ٿا سا ڄڻ خاص مسلمانن جي پڙهڻ لاءِ هوندي آهي.
اهڙيءَ طرح هندو وري پنهنجي ڪتابن ۽ رسالن ۾ جيڪا
ٻولي لکن ٿا سا ڄڻ صرف هندن جي پڙهڻ لاءِ ئي لکي
رهيا آهن. ٻنهي ڌرين جا ليکڪ جيڪي ڪتاب لکن ٿا، تن
۾ اڪثر مذهبي يا ڌرمي طرز ڪم آيل هوندي آهي، جنهن
کي عام ماڻهو سمجهي ئي ڪين سگهندا آهن. اڳتي هلي
کين صلاح ٿو ڏئي ته اخبارن ۽ ڪتابن ۾ اهڙي ٻولي ڪم
آڻين جا ٻنهي قومن جا خواندا سولائيءَ سان پڙهي ۽
سمجهي سگهن. ٻيءَ حالت ۾ هندو مسلمانن جي ڪتابن کي
۽ مسلمان هندن جي ڪتابن ۽ رسالن کي هٿ ئي ڪو نه
لائيندا. اهو ئي سبب آهي جو ٻنهي ڌرين جا ڪتاب
اڪثر گهٽ وڪامندا آهن.
حڪيم صاحب سنڌ جي اڳين رهاڪن جا مثال ڏيندي لکي ٿو
ته: ”سنڌ ۾ اڳ به هندو مسلمان رهندڙ هئا، جن سنڌي
نظم ۽ نثر جي شروعات ڪئي، تن ته اهو خيال ڪو نه
ڪيو ته پنهنجي نظم نثر ۾ سنڌي ٻولي هندڪي يا
مسلمانڪي ويچار سان لکجي. سنڌ ۾ ڪيترائي درويش ۽
صوفي ٿي گذريا آهن. جهڙوڪ: شاهه، سچل، سامي، بيدل،
بيڪس وغيره، پر انهن جو ڪلام مسلمانن توڙي هندن
لاءِ هڪ جهڙو هادي هو. هنن پنهنجي نيڪ نيتيءَ سان
جيڪي لکيو، تنهن سڀني جي سينن ۾ گهر ڪيو(1).“
دنيا ۾ هزارين ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون انهن مان
ڪي سڌريل ۽ ادبي ٻوليون آهن ته ڪي اڻ سڌريل ۽
جهنگلي. اڻ سڌريل ٻولين ۾ ساهت ۽ ادب جو ذخيرو ڪو
نه هوندو آهي، جيڪڏهن هوندو به کڻي ته تمام ٿورو
پر سڌريل ٻولين کي پنهنجو ادبي ذخيرو تمام گهڻو
هوندو آهي. انهن جو لڳ لاڳاپو ٻين سڌريل ملڪن سان
هوندو آهي.
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي پنهنجي ڪتاب آفتاب ادب ۾
ادبي ٻوليءَ جون جيڪي لياقتون يا خوبيون بيان ڪيون
آهن سي هيٺ ڏجن ٿيون:
ادبي زبان اها چئبي جنهن جي حرفن ۽ لفظن جا آواز
سريلا ۽ سوادي هجن.
ادبي زبان ۾ اصطلاح ۽ محاورا، تشبيهون ۽ ڪنايا،
مثال ۽ پهاڪا گهڻا هوندا آهن انهيءَ ڪري فصاحت ۽
بلاغت جون خوبيون به منجهس هونديون آهن.
دنيا جي هر ڪنهن شيءِ جا نالا ۽ هر ڪنهن معنى جا
لفظ ادبي زبان ۾ لڀندا آهن. جي ڪن لفظن جي وٽس کوٽ
هوندي آهي ته ٻين هنڌان هٿ ڪري پورائو ڪندي آهي.
ادبي زبان ۾ هڪ معنى لاءِ گهڻا لفظ ۽ هڪ لفظ جون
گهڻيون معنائون هونديون آهن.
هم قافيه ۽ تڪ بندي ۽ سه حرفيءَ وارا لفظ به ادبي
زبان جي خوبين ۾ شمار ٿيندا آهن.
ادبي زبان ڌرين ٻولين جا ڪيترائي لفظ پاڻ وٽ آڻي
کين هميسه لاءِ پنهنجو بنائي ڇڏيندي آهي. جيتوڻيڪ
وٽس لفظن جي کوٽ نه هوندي ته به پنهنجي ساهت وڌائڻ
لاءِ ٻين ٻولين کان مدد وٺڻ عيب نه سمجهندي آهي.
ادبي زبان ٻين ٻولين کي پنهنجي ذخيري مان مدد ڏيڻ
۾ ڪوتاهي ۽ ڪنجوسي نه ڪندي آهي.
جيئن جيئن دنيا ۾ علم ۽ هنر پيا وڌندا، سائنسي
ايجادون پيون ٿينديون نيون نيون شيون پيون معلوم
ٿينديون، تيئن ادبي ٻولي اهڙن علمن، هنرن، اصطلاحن
۽ ايجادن جي معنائن لاءِ ڪي نه ڪي لفظ پئي پيش
ڪندي.
ادبي زبان ۾ هيءَ به لياقت هوندي آهي ته جيڪڏهن
انسائيڪلوپيڊيا (عملن ۽ هنرن جو ذخيرو) تيار ڪجي
ته ان مان آساني سان تيار ڪري سگهجي.
ادبي زبان ۾ صرف نحو جا قاعدا ۽ قانون موجود هوندا
آهن انهن کي ترتيب ڏئي عملي صورت ۾ آڻي سگهبو.
ادبي زبان ۾ علم بديع و بيان ۽ علم معاني جو خزانو
خوب ڀريل هوندو آهي(1).
فاضل مصنف مثالن سان ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته سنڌي
ٻولي ٻي ڪنهن به سڌريل زبان کان گهٽ ڪين آهي ۽
دنيا جي سڌريل ۽ ادبي زبانن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿي.
|