سيڪشن؛ شخصيات

مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي شخصيت

 باب--

صفحو :4

 

مولانا محمد صادق (کڏي) ڪراچيءَ وارو:

هي صاحب سنه 1866ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائو، ريشمي رومال ۽ آزاديءَ جي تحريڪن ۾ وڏو حصو ورتائين. جميعت العماءَ سنڌ جو صدر هو. سنڌ ۽ سنگهٽن ۽ آريه سماجن طرفان هلايل سڌيءَ جي تحريڪ کي وعظن ۽ قلمي ڪوششن سان نيست و نابود ڪيائين. جنگ آزاديءَ جي سلسلي ۾ ٽي سال کن ڪاردار ۾ نظر بند رهيو(2). مظهر العلوم جو ناظم هو، جنهن ۾ ناظره قرآن کان علاوه حديث تائين تعليم ڏني ويندي هئي. سنه 1953ع ۾ وفات ڪيائين(3).

35.خير محمد اوحدي: جنم 1911ع، حافظ، صحافي ۽ شاعر هو. صحافي زندگيءَ ۾ سنڌ زميندار، اصلاح، انقلاب، مسلمان، مسلم ليگ، الحنيف، ۽ نعره تڪبير جي ايڊيٽريءَ جا فرائض سر انجام ڏنائين. سنه 1985ع ۾ وفات ڪيائين .

(ب)هندو اديب ۽ شاعر:

پرمانند ميوارام: سنه 1865ع ۾ هندو معزز گهراڻي ۾ ڄائو. جوانيءَ ۾ عيسائي ٿيو. ڪرست جي پيروي ۽ گل ڦل قابل ذڪر ڪتاب لکيائين. ان کان سواءِ 15 روزهه ”رسالو جوت“ ڪڍيائين سنه 1938ع ۾ فوت ٿيو.

تارا چند گاجرا: سنه 1886ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو. سنڌيءَ ۾ پنجاهي کن ڪتاب لکيائين. هفتيوار ميلاپ ۽ پر ڀات جو ايڊيٽر پڻ هو. ورهاڱي کان اڳ فوت ٿي ويو.

تولا رام پالاڻي: سنه 1886ع ۾ جنم ورتائين. هي صاحب شاعر ۽ لکيڪ هو. وائيس آف سنڌ ۽ ماتا ۽ پوءِ سنڌ شيوڪ هفتيوار جاري ڪيائين. انهن جي ضبط ٿيڻ بعد ديش ماتا ۽ پوءِ سنڌ شيوڪ هفتيوار جاري ڪيائين. پڪو ڪانگريسي هو شاعريءَ ۾ تخلص ”عاجز“ هوس. ورهاڱي کان اڳ فوت ٿيو.

ٺاڪر داس گومل: سنه 1889ع ۾ پراڻي سکر ۾ ڄائو مهاتما گانڌيءَ جو پوئلڳ هو. سکر جو سوديش ۽ ڪانگريس اخبار جو ايڊيٽر هو. ورهاڱي کان اڳ فوت ٿيو.

ٻلرام چانڊومل: لاٽڪاڻي ۾ ڄائو. ڪراچيءَ جي هندو اخبار جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ سنڌ جي ايڊيٽرن جي ڪانفرنس جو آنريري سيڪريٽري هو.

ٻلديو تارا چند گاجرا: (جنم 1909ع) شڪارپور ۾ ڄائو. روز نامه سوراج جاري ڪيائين. ورهاڱي کان پوءِ ڀارت لڏي ويو.

جيرامداس دولت رام؛ سنه 1892ع ۾ حيدرآباد ۾ ڄائو. هوم رول ليگ ۽ عدم تعاون تحريڪن ۾ حصو ورتائين. سنه 1921ع ۾ ڀارت واسي ۽ هندو اخبارن جو ايڊيٽر ٿيو. ٻه دفعا جيل پڻ ويو. ڪانگريس جو جنرل سيڪريٽري به هو. ورهاڱي بعد ڀارت ويو.

جڳت آڏواڻي: 1913ع ۾ حيدرآباد ۾ ڄائو. چاليهارو کن سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکيائين، جن ۾ التجا ۽ زندگي قابل ذڪر ڪتاب آهن. ڪهاڻي رسالي جو ايڊيٽر پڻ هو. ورهاڱي بعد ڀارت ويو.

ڄيٺمل پرسرام: سنه 1885ع ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتائين سنڌي ساهتيه سوسائٽي برپا ڪرڻ ۾ سندس وڏو هٿ هو. ڀارتي واسي، روح رهاڻ ۽ پرڪاش جو باني ۽ ايڊيٽر هو. ان کان سواءِ ڪيترا ڪتاب پڻ لکيا اٿس. 1940ع ۾ فوت ٿيو.

ڄييٺا نند لعلواڻي: جنم 1916ع ۾ حيدرآباد ۾ ورتائين. سنڌيءَ ۾ ٻه سؤ کن ڪتاب لکيائين. جن مان راجپوتي شان، جئي هند ۽ قومي ڪهاڻيون مشهور آهن. ورهاڱي بعد ڀارت لڏي ويو.

جهامنداس ڀاٽيه: 1898ع ۾ شڪارپور ۾ جنم ورتائين. ڪجهه وقت ”سنڌو“ جو ايڊيٽر ٿيو. ان بعد ماهوار اخبار ”روشني“ جاري ڪيائين. سنه 1965ع ۾ چالاڻو ڪيائين.

حڪيم ڌنراج مل: شڪارپور جو مشهور حڪيم هو. صحت ۽ طب تي ڪيترائي ڪتاب لکيائين. جن ۾ رسالو جلق، رساله حقيقت ۽ طلسم حقيقت قابل ذڪر آهن. ازانسواءِ سنه 1915ع کان شڪارپور مان ماهوار رسالو ”سک جو سنيهو“ ڪڍيائين. ورهاڱي کان اڳ مري ويو.

خانچد پرتابراءِ: هي صاحب نواسراءِ ائڪيڊميءَ جو پرنسيپال ۽ سرسوتي اخبار جو ايڊيٽر ٿي رهيو. ورهاڱي کان اڳ فوت ٿي ويو.

دوارڪا پرساد شرما: سنه 1898ع ۾ دادوءَ ۾ جنم ورتو. سنڌي زبان ۾ پنجويهه کن ڪتاب لکيائين، جن مان سنڌ جو پراچين اتهاس ۽ گيتا رهسيه قابل ذڪر آهن. سنه 1933ع ۾ پرتاب هفتيوار اخبار شايع ڪيائين. ورهاڱي کان اڳ فوت ٿيو.

ديپچند تلوڪ چند: سنه 1909ع ۾ نواب شاهه ضلعي ۾ ڄائو، نوشهري فيروز مان هفتيوار اخبار نوابشاهه گزيٽ جاري ڪيائين. ورهاڱي بعد ڀارت لڏي ويو.

ديوان ڏيارام گدومل: سنه 1857ع ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتائين. ايل ايل بي پاس ڪري وڪالت شروع ڪيائين. سنڌي علم و ادب سان به دلچسپي رکندڙ ۽ شاعر هو. سنه 1929ع ۾ لاڏاڻو ڪيائين.

ديوان تارا چند: (ساڌو هيرانند جو ڀاءُ) سنه 1850ع ۾ حيدرآباد ۾ ڄائو. ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ پهريائين وائيس پرنسيپال ۽ پوءِ 1899ع ۾ پرنسيپال ٿيو. هن سنه 1900ع ۾ شاهه جو رسالو لکيو ۽ سنه 1902ع ۾ ٽريننگ ڪاليج مان ”اخبار تعليم“ جاري ڪيائين. سنه 1938ع ۾ فوت ٿيو.

رام ڀاونداس موٽواڻي: لاڙڪاڻي جو رهاڪو هو. هندو اخبار جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ ٻالڪن جي ٻاري ۽ گلستان سان وابسته رهيو. ورهاڱي بعد ڀارت لڏي ويو.

سوامي گووندا نند: (اصل نالو جوهر مل طوطيمل) سنه 1889ع ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتائين. ايم اي پاس ڪرڻ بعد مختلف ڪاليجن ۾ پروفيسر ٿيو. پوءِ نوڪري ڇڏي، سياست ۾ بهرو ورتائين ۽ سکر مان ”سماج“ رسالو جاري ڪيائين. ورهاڱي کان اڳ فوت ٿي ويو.

شيوڪ سنگ ڀوڄراج: سنه 1906ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتائين. ٻالڪن جي ٻاري ۽ ماهوار رسالي گلستان جو ايڊيٽر ٿي رهيو. ورهاڱي بعد انڊيا لڏي ويو.

لعل چند امر ڏنومل جڳتياڻي: هن صاحب جو جنم سنه 1885ع ۾ حيدرآباد ۾ ٿيو. سنڌي ٻوليءَ جي گهڻي خدمت ڪيائين. ادب جي هر فن تي ٽيهارو کن ڪتاب لکيائين. جن ۾ ڊراما، ناول، ڪهاڻيون، مضمون، لطيفات وغيره اچي وڃن ٿا. سنه 1914ع ۾ سنڌي ساهت سوسائيٽي برپا ٿي انهيءَ طرفان جاري ٿيندڙ ماهوار رسالي جو ايڊيٽر ٿيو. سنه 1951ع ۾ انڊيا ۾ مرتيو ٿيس.

منوهر داس ڪوڙو مل: سنه 1897ع ۾ ڀرين ضلع نوابشاهه ۾ جنم ورتائين. چاليهه کن ڪتاب لکيائين. اخلاقي آواز، ناري نروڳ جيون، گانڌي ويچار قابل ذڪر آهن. ان کان سواءِ حيدرآباد مان سه ماهي رسالو گلستان ڪڍندو هو. ورهاڱي بعد ڀارت لڏي ويو.

منگهارام ملڪاڻي: 1896ع ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتائين. ڊرامه نگار، نقاد ۽ ادبي مقرر هو، سندس تحقيقي ڪتاب سنڌي نثر جي تاريخ هڪ بهترين شاهڪار آهي. ڪراچيءَ مان نڪرندڙ سالنامه انڊس مخزن جو ايڊيٽر ٿي رهيو. هاڻي تازو سنه 1980ع ۾ انڊيا ۾ سرڳواس ٿيو.

ميلارام واسواڻي: مرزا قليچ بيگ ۽ ڄيٺمل پرسرام بعد ٽيون نمبر سنڌي مترجم سڏيو وڃي ٿو. هن صاحب ماهوار رسالا گل ڦل ۽ سندو ساهتيه جاري ڪيا ورهاڱي بعد لڏي ويو.

نرملداس ڌرمداس گربخشاڻي: هن صاحب سنه 1889ع ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سنڌي زبان ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيائين. حيدرآباد مان شايع ٿيندڙ ”وديا“ ماهوار رسالي جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر ٿي رهيو. ورهاڱي کان اڳ فوت ٿيو.

وشنو نيارام شرما: سنه 1895ع ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتائين. سنڌي زبان ۾ اٺ ڪتاب لکيائين، جن مان بي انصافي ڪيئن دور ڪجي، ساديواد ۽ سنڌ جو جوڳي، قابل ذڪر آهن. هي پهريون سنڌي ليکڪ هو جنهن جديد لٽريچر جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. علمي و ادبي سخدمتن سبب کيس جيل ياترا به ڪرڻي پيئي. روزنامه ”هندو جاتي“ جو ايڊيٽر به ٿي رهيو. ورهاڱي کان اڳ گذاري ويو.

ويرورام وشنداس؛ (جنم 1886ع حيدرآباد) هن صاحب سنڌي زبان ۾ روزانه اخبار ڀارت واسي ڪڍي. ان سان گڏ ”سنائن ڌرم پرماتڪ پتريڪا“ رسالو به جاري ڪيو. ازنسواءِ ميران ٻائي جا جيون چرتر شايع ڪرايا. سنه 1917ع ۾ پليگ وگهي چالاڻو ڪيائين.

ويرو مل بيگراج: سنه 1947ع ۾ سکر ۾ جنم ورتائين. شري گوڪلداس جي موت بعد سڌار سڀا سکر جو ڪم سنڀاليائين. سنه 1906ع کان پنهنجي پريس مان سنڌي اخبار جاري ڪيائين سنه 1956ع ۾ ڀارت ۾ چالاڻو ڪيائين.

هاسارام سندر داس پمناڻي: سنه 1889ع ۾ روهڙي ۾ جنم ورتائين. سرڪاري نوڪري ڇڏي قطع تعلقات تحريڪ ۾ حصو ورتائين. سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر به ٿيو. سنه 1917ع ۾ ”ست سنگ ولاس“ پتر ڪڍيائين. شاعر ۽ ليکڪ هو. سنه 1940ع ۾ گوليءَ جو نشانو بنايو ويو.

هيرا نند ڪرم چند مير چنداڻي: ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ هندو ۽ ڪرانتي اخبارون ڪڍندو هو. انهن اخبارن جو ايڊيٽر به پاڻ هو. موجوده وقت ڀارت ۾ زندگيءَ جون آخري گهڙيون پوريون ڪري رهيو آهي.

هوند راج دکايل: سنڌ جو ناميارو شاعر ٿي گذريو آهي. سنه 1940ع ۾ لاڙڪاڻي مان ”دکايل“ رسالو جاري ڪيائين. پاڪستان جدا ٿيڻ بعد ڀارت ۾ رهائش اختيار ڪيائين (1).

مولوي فتح محمد (حڪيم) پنهنجي دور جي اديبن، عالمن ۽ شاعرن ۾ بلند مقام رکندڙ هو. هن جي تصنيفن ۾ سيرت النبي، قومن جو زوال و ڪمال، ميرن جي صاحبي، بهار الاخلاق ۽ آفتاب ادب مشهور ۽ لاجواب ڪتاب آهن. جن مان سندس ادبي حيثيت بخوبيءَ پروڙي سگهجي ٿي. مخدوم شهباز قلندر جي زندگيءَ متعلق هڪ ننڍڙو رسالو ”آئين سڪندر“ نالي اردوءَ ۾ به لکيو هئائين. سنڌ جو غالباً هي پهريون ئي اديب آهي جنهن اردو نثر ۾ به هڪ مستقل تصنيف يادگار طور ڇڏي آهي. مولوي صاحب جو درجو شعر و شاعريءَ ۾ به بلند رهيو. پنهنجي همعصر شاعرن ۾ هميشه ممتاز رهيو. هڪ غزل ۾ چوي ٿو ته:

آ   پڙهيو   مڪتب   ۾   اهل   درد   سورن   جو   سبق،

ڇا   وٺين   ٿو   ممتحن   پوءِ   امتحان  -  اهل   درد.

۾ مثل مهرو جو منهن ٿيو نقش منهنجي دل اندر،

آهه   دل   پڻ   في   الحقيقت   آسمان -  اهل   درد.

عود جيئن سرهاڻ پيدا ٿي ٿئي جيڪو ٿو سڙي،

درد جي مجمد ۾ يڪسر  است خوان-اهل درد.

طرز طغلانه طبيعت جي ڇڏي ٿي - اي صغير،

ياد حق جي لاءِ رهه تون درميان - اهل درد(1).

 

فصل ٽيون

 

حڪيم صاحب بابت سنڌ جي عالمن اديبن ۽ اڳواڻن جا رايا

محترم جي.ايم.سيد:

”فتح محمد صاحب نه رڳو وڏو عالم، بي ڊپو قوم پرست سياستدان ۽ حاذق حڪيم هو، پر اعلى درجي جو محبتي انسان هو“(1).

”حڪيم صاحب جهڙو هو عمدو شاعر اهڙو ئي عمدو نثر نويس هو. سندس اکر موتين جهڙا هئا. سندس تصنيفون خاص ڪري ابوالفضل فيضي، ميرن جي صاحبي، آفتاب ادب، تنوير الايمان وغييره هر ڪنهن جي نظر مان گذريون هونديون. هڪ ٻه عربي ڪتاب به لکيائين. باوجود شهر ۾ رهڻ جي سندس دسترخوان کليل رهندو هو. ڪم سخن ۽ شائسته گفتگوءَ جو مالڪ هو. ماڻهن تي احسان ڪرڻ سندس دل جو مشغلو“(2).

مرحوم شمس الدين بلبل (وفات 1919ع):

صغيرا ڏسي تنهنجو قومي ڪتاب،

چوي توکي صد آفرين شيخ و شاب،

صغيرا   تنهنجو   شعر   موزون   آهه،

اثر    ۽    اجابت    سان    مفزون   آهه،

هجي   قابلن   ۾   اوهان   جو   قدر،

مسلم ثبوت آهي علم و هنر(3).

 

مرحوم ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽه (وفات 1958):

حڪيم صاحب جن کي فارسي ۽ سنڌي انشا تي ڪيتري قدر نه ڪڙو هو سندين عبارت سهڻي ۽ سلوڻي هئي، منجهس استقامت ۽ پختگي ڪوٽ ڪوٽ ڀريل هئي. پاڻ سنڌي لغت ڪاميٽيءَ جا سر جوش ميمبر هئا. بسا اوقات مولوي مرحوم دين محمد وفائي سان لغت جي باري ۾ اختلاف ٿيندو هون ته آخري تصفيه لاءِ مون وٽ ايندا هئا ۽ حق هميشه سندن طرف هوندو هو.

مرحوم حڪيم فتح محمد صاحب جن علم و ادب جي ميدان ۾ گهڻين خوبين ۽ صفتن جا صاحب هئا. نثر ۽ نظم ۾ امتيازي درجو حاصل هون. سندن وفات بعد اڃا ڪو اهڙو جامع الصفات آدمي پيدا نه ٿيو آهي، جو سندن جوڙ ۽ جيس هجي ۽ سندين جـُتيءَ ۾ پير پائي (1).

ڪريم بخش خالد:

”مرحوم مولوي حڪيم فتح محمد سيوهاڻي تقريري ۽ تحريري جهاد ذريعي سنڌي مسلمانن جي قابل رحم حالت کي صحت مند ۽ ترقي پذير بنائڻ جي همه گير جدوجهد شروع ڪئي. هو عربي، فارسي، سنڌي، اردو جو عالم ۽ انگريزي زبان کان پڻ با خبر هو. پنهنجي پگهر جي پورهئي ذريعي قوت گذران ڪندو هو. مذهبي اخلاق ۽ جوش ايماني سندس ڪردار جي اهم خصوصيات هئا، جي سندس تصنيفن مان نمايان آهن (2)“.

حڪيم غلام قادر عباسي:

”مرحوم حڪيم صاحب اديبن ۾ اديب، شاعرن ۾ شاعر، خوش نويسن ۾ خوش نويس، سياستدانن ۾ سياستدان، عالمن ۾ عالم، مدبرن ۾ مدبر، ظريفن ۾ ظريف، مجاهدن ۾ مجاهد، رندي قلندري فقيرن ۾ فقيري خيال رکندڙ هئا. سندن ڪهڙي به خوبيءَ تي نظر ڪبي ته پنهنجي رنگ ۽ ڍنگ ۾ نرالي ۽ بلند پايه تي معلوم ٿيندي. سندن تصنيفات کي مطالعي ڪرڻ سان معلوم ٿي سگهي ٿو ته تعليم بابت سندن نقطئه نگاهه ڪــيــڏو نــه وسـيـع هو (1)“.

مٿين صاحبن کان سواءِ ٻين به ڪيترن ئي محققن ۽ اديبن حڪيم صاحب جي ڪردار ۽ تحرير و تصنيفات کي وقت بوقت پئي ساراهيو آهي. جهڙوڪ:

مولانا محمد صادق (کڏي مدرسي ڪراچيءَ وارو)، قاضي عبدالرحمان (اڳوڻو ايڊيٽر الوحيد)، قاضي محمد صديق بي.اي، شيخ عبدالسلام بي.اي، مولانا دين محمد وفائي (ايڊٽر توحيد)، مولانا عبدالرحيم معلم الفقه مدرسة الاسلام، قاضي عبدالرزاق صاحب، مدرس سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي وغيره. انهن صاحبن حڪيم صاحب جي تصنيفات تي سندس تعريف ۾ نوٽ لکيا آهن.


(2) مولانا حسين احمد مدلي ”تحريڪ ريشمي رومال“ 1960ع ص 160.

(3) مولانا محمد اسماعيل ”الصادق“ ماه آگسٽ سيپٽمبر 1982ع.

(1) هن فصل واري موضوع لاءِ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي مضمون ”ايڊيٽر نامو“ مان مدد ورتي ويئي آهي، اهو رسالو ششماهي ”سنڌي ادب“ جلد 3 نمبر 1 سنه 1979ع، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي.

(1) پروفيسر لطف الله بدويءَ جي مضمون ”سنڌي ادب گذريل پنجويهن ورهين ۾“ تان ورتل ”رساله ماهوار نئين زندگي“ مئي 1957ع.

(1) مرتب جي.ايم.سيد ”اڄ پڻ چڪيم چاڪ“ ص 17، حيدرآباد، جون 1977ع.

(2) مصنف جي.ايم.سيد. ”جنب گذاريم جن سين“ سنڌي ادبي بورڊ، ص 148، 1967ع.

(3) حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ”داستان قوم“ مثنوي. ڪتاب جي ابتدا ۾ مرحوم شمش الدين بلبل جو شعر ڏنل.

 

(1) ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽه ”حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ بابت شخصي تاثرات. نئين زندگي، ڊسمبر 1956ع.

(2) عبرت (روزنامه)، 14 ڊسمبر 1960ع.

(1) نئين زندگي ماهوار رسالو، جنوري 1960ع، ص 25

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org