سيڪشن؛ شخصيات

مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي شخصيت

 باب--

صفحو :11

باب چوٿون

(ب)حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جون شاعريءَ ۾ ڪيل خدمتون

فصل پهريون

شعر جي وصف

شعر عربي لفظ آهي، جنهن جي معنى آهي ڄاڻڻ ۽ پروڙڻ. اهڙيءَ طرح نظم جي معنى آهي ٽڙيل پکڙيل موتي ڌاڳي ۾ پوئڻ.

ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل پنهنجي ڪتاب ”ادب ۽ تنقيد“ ۾ شعر بابت ڄاڻائي ٿو: ”شعر جو لفظ عربي لفظ شعور مان نڪتل آهي، جنهن جي معنى دانائي، پروڙ يا دريافت ڪرڻ آهي. اصطلاح ۾ شعر انهيءَ کي چئبو آهي، جيڪو علم عروض جي مقرر ڪيل وزن، بحر ۽ قافيه تي هجي ۽ جنهن ۾ اثر هجي(1).“

سنڌي شعر جي سلسلي ۾ مرزا قليچ بيگ مرحوم (وفات 1929ع) پنهنجي ڪتاب ”سنڌي شعر“ ۾ لکي ٿو:

”اهو اڳوڻو نج سنڌي شعر جو نمونو ڪلهوڙن جي صاحبي ۽ ميرن جي صاحبيءَ جي اڌ تائين هليو، پوءِ انهيءَ ۾ ڦير گهير ٿيڻ لڳي. مير ڪرم علي خان جي راڄ ڌاري سنڌ ۾ پارسي ٻولي گهڻي رواج ۾ اچڻ لڳي. ايران جا قابل ماڻهو اچڻ لڳا ۽ پارسي غزل، قصيده، مسدس وغيره رواج ۾ اچڻ لڳا. پارسي شعر بحرن ۽ وزنن تي خود مير صاحب ۽ ٻيا ڪي سکر ماڻهو چوڻ لڳا. سنڌي شعر به پارسي وزنن تي چوڻ ۾ آيو. انهيءَ وقت ڌاري سيد ثابت علي شاهه ظاهر ٿيو. جنهن مرثيا ۽ منقبت پارسي نموني تي عمدا چيا، اهڙيءَ طرح سفر ناما ۽ ٻين قسمن جو شعر به چيائين. ان کان پوءِ سنڌي عشقيه يا مدحيه شعر پارسي وزنن تي شروع ٿيو، جو اڄ ڏينهن تائين هليو اچي.

هن وقت جيڪو شعر چيو وڃي ٿو، سو ٻن قسمن جو آهي: هڪڙو نج سنڌي شعر جي طرز تي يعني بيتن ۽ ڪافين ۾ ۽ ٻيو پارسي شعر جي طرز تي نظم جي صورت ۾ يعني مثنوي، غزل، قصيده وغيره (1)“.

شاعري ۽ انسان جو پاڻ ۾ گهاٽو تعلق آهي. يقين سان چئي سگهجي ته شاعريءَ جو آغاز ڪڏهن ٿيو، پر ان چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪو نه آهي ته جڏهن انسانن کي پنهنجي جذبن ۽ امنگن جي حيثيت جو احساس ٿيو ۽ انهن کي ظاهر ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيو، تڏهن شاعريءَ جنم ورتو.

سنڌي شاعريءَ جو آغاز ڪڏهن ٿيو؟ ان جو مختصر جواب هي ٿي سگهي ٿو ته سنڌي معاشري جي آغاز سان گڏ سنڌي شاعريءَ جي ابتدا ٿي، مگر ڌارين جي حڪومتن قوم جي تاريخ سان سرد مهري ۽ ٻين ڪيترن سبب گڏجي اسان جي ابدي تاريخ جو ورق ورق هڪٻئي کان الڳ ڪري ڇڏيو. ان هوندي به عربن جي دؤر کان وٺي سنڌي شاعريءَ جي تاريخ جو نئون دور شروع ٿئي ٿو ۽ تاريخ جي هر دؤر ۾ اسان جي شاعريءَ جو چمن سرسبز آباد ۽ شاداب رهيو.

سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾ انگريزي دؤر ۾ سنڌي الف ب جي اصلاح ٿي ۽ ڇپائيءَ جو آغاز ٿيو، انهن ٻنهي تاريخي واقعن سنڌي شاعريءَ جي اوسر ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

 

فصل ٻيو

”حڪيم صاحب جي شاعريءَ جي شروعات ۽ استاد شاعر“

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي انهن سنڌ جي باڪمال شخصيتن مان هو،  جن تي وطن ۽ ان جي باشندن کي هميشه ناز رهندو. هو نه صرف اعلى حڪيم، عمدو نثر نگار ۽ انشاپرداز هو پر بلند پايه شاعر به هو. جنهن جي تحريرن ۽ شعر ۾ ٻوليءَ جي شگفتگي ۽ روانيءَ سان گڏ فڪر جي گهرائي موجود آهي. هن عارضي زندگيءَ ۾ علم و ادب، دين ۽ انسان ذات جي جيڪا خدمت ڪئي آهي، سا ناقابل فراموش آهي. انهيءَ ڪري سندس نالو هميشه روشن رهندو.

حڪيم صاحب شاعريءَ جو آغاز پنهنجي اوائلي زندگيءَ ۾ عربي ۽ فارسي شعر سان ڪيو جڏهن اڃا طالب العلمي جو دور طئي ڪري رهيو هو. پاڻ پنهنجي سوانح حيات ۾ ڄاڻايو اٿس ته ”جڏهن پارسيءَ ۾ گلستان شروع ڪيو هوم ته ڪن شعرن جو مطلب سمجهه ۾ ئي نٿي آيو. ڪن دوستن کان پڇيم پر هو به مطمئن ڪري نه سگهيا. انهيءَ مونجهاري ۾ هئس ته ننڊ اچي ويم ۽ خواب ۾ منهنجي نظر هڪ پير مرد تي پئي جو شڪل جو شڪيل ۽ بزرگ صفت انسان پئي لڳو. لباس فقيراڻو، چوليءَ ۾ بيشمار چتيون لڳل هيس. سندس چهري مان ائين پئي بکيو ته وڏو عالم فاضل آهي. مون آداب بجا آڻي، سندس آڏو ”گلستان“ جو اهو مشڪل مقام پيش ڪري حل طلب ڪئي. پاڻ ”گلستان“ هٿ ۾ جهلي مضمون پڙهي ڏاڍو کليو ۽ پوءِ مون کي فارسي زبان ۾ ان جو حل سمجهايائين. سندس فصاحت لساني ۽ بلاغت بيان ڏسي، ائون حيران ٿي ويس ۽ نالو پڇڻ لڳو مانس. جواب ۾ فرمايائين ته ”سعدي شيرازي هستم“  ائون هٿ چمڻ لڳس ته اک کلي پيم. جاڳڻ بعد مون تي هڪ عجيب قسم جي ڪيفيت طاري ٿي. صبح بي اختيار  مناجات باري تعالى جا اٺ ڏهه شعر زبان تي جاري ٿي ويم. انهن شعرن جي هڪ مصرع سنڌي ته ٻي فاريءَ ۾ هئي. منهنجي عجب جي ڪا حد نه رهي، جڏهن ڏٺم ته طبيعت بي ساخته شعر چوڻ ڏانهن مائل ٿيندي وئي. روز ڪيترائي شعر في البديه چوڻ لڳس. شعر اگرچ معيار جا ڪين هئا، مگر بحر، وزن، رديف ۽ قافيه جي لحاظ جي ڪري بلڪل موزون هئا. زبان نه هئي پر غلط به ڪا نه هئي. انهيءَ ڪري طبيعت ۾ رواني ۽ شگفتگي ۽ شعر ۾ شستگي ۽ پختگي پيدا ٿيڻ لڳي(1).“

مطالعي هيٺ آيل دور ۾ سنڌي شاعري جي تاريخ ۾ ٻه موڙا آيا. انهن کي دور به چئي سگهجي ٿو. پهريون دور خليفه گل محمد کان اڳ شروع ٿي فاضل تي ختم ٿيو. ان دور ۾ سنڌي موزون شاعريءَ فارسي ۽ اردو شاعريءَ جون خصوصيتون حاصل ڪيون پر ٻولي اڃا سادي ۽ مصنوعي پئي لڳي، شعر ۾ خيال جي ڪا نزاڪت ۽ رنگيني پيدا ڪا نه ٿي هئي.

ٻئي دور ۾ جنهن جا نمائندا شاعر: مرتضائي، سانگي، قليچ، بلبل، حامد، علوي وغيره هئا. اهو دور موزون شاعريءَ لاءِ نهايت ساز گار هو. چو طرف خوش گوار فضا هئي ۽ شعر و سخن جو چرچو نظر آيو ٿي. ان وقت استاد شاعرن جي ڪثرت هئي. اديبن ۽ نقادن جي ڪا ڪمي ڪا نه هئي ۽ نه اهل ثروت مشاعره کي همتائڻ کان عار ٿي ڪيو، نه وري ننڍي ٽهي وارن با ذوق حضرات شعر و شاعري جي تربيت وٺڻ کان ڪيٻايو ٿي. مطلب ته سٺي ماحول، صحيح تربيت ۽ ذوق سليم ڪري هن فن جي راهه ۾ پانڌيئڙن جي خاطر خواهه رهبري ۽ همت افزائي ٿي.

خوش قسمتيءَ سان حڪيم صاحب کي اهڙي پاڪيزه ماحول مهيا ٿيو جنهن ۾ سندس صلاحيتون پرکي کيس همتايو ويو. ان وقت ۾ سنڌ جي مختلف هنڌن تي منعقد ٿيندڙ مشاعرن ۾ شخصي طور يا ڪلام موڪلي شرڪت ڪندو هو ۽ داد حاصل ڪندو هو. هو ان وقت جي قابل استاد شاعر ”گدا شاهه“ جو شاگرد بنيو ۽ کانئس وقت بوقت رهبري وٺي، سندس ٻين مشهور شاگردن مخلص، سانگي وغيره وانگر شهرت حاصل ڪيائين.

حڪيم صاحب جو شاعراڻو تخلص پهريائين ”صغير“ هو، پوءِ زندگيءَ جي آخري دور ۾ ”حڪيم“ اختيار ڪيائين. پاڻ سنه 1933ع ۾ ڪراچيءَ ۾ حاجي محمود خادم جي مدد سان ”سنڌي سڌار سوسائٽي“ قائم ڪيائين. جنهن جا هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا.

پريزيڊنٽ: حڪيم فتح محمد سيوهاڻي.

وائيس پريزيڊنٽ: جي اين ناگراڻي ۽ حاجي محمود خادم.

سيڪريٽري: گوپي رام رکياڻي.

جائنٽ سيڪريٽري: عبدالله ”عبد“.

خزانچي: ڪشنچند ناگراڻي(1).

هن سوسائٽيءَ جا مکيه مقصد هئا ته اڳين ۽ هاڻوڪن شاعرن جي شعر کي علم عروض جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ ۽ نون شاعرن جي شعر جي اصلاح ڪرڻ ۽ همتائن. هن سوسائٽي طرفان سنڌي ادب جي تاريخ جا سنڌ ۾ وڏا مشاعرا ڪيا ويا(2).

حڪيم صاحب جي ننڍپڻ جي ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

”نظام عالم و گردش زمانه“

هڪڙي صورت تي نه آهي گردش ليل و نهار،

هڪڙي حالت تي نه آهي دهر کي هڪ پل قرار.

محفل شادي ڪٿي هنگامهء ماتم ڪٿي،

ٿيو ڪٿي فصل خزان ۽ ڪٿي فصل بهار.

ٿيا بشر ذات هڪڙي، ٿيو مگر قسمت جو ڦير،

ڪو ٿيو تارو اکين جو ڪو نظر ۾ آهي خار.

هي سڄي دنيا جواري جي جوا جي مثل آ،

نفعو ٿيو ساري انهي ۾ ۽ انهي ۾ آهي هار.

ٻئي گدا ۽ شاهه آهن هڪ طرح ٿيا زير خاڪ،

هڪڙي ساعت جو اهو آهي نمود و افتخار،

ڪنهن کي آهي دهر ۾، حسرت بقا ۽ زيست جي،

آهي ڪنهن کي زور و شب بيڪ اجل جو انتظار.

انتظام دهر گويا شاهراهه عام آ،

ڪو پيادو ٿو هلي ۽ آهي ڪو اٺ شهسوار.

جا خدا جي آهي مرضي سا ٿئي ظاهر ضرور،

ڪونهي ڪو ان جي اڳيان دخل مراتب زينهار(1).

 

فصل ٽيون

”حڪيم صاحب جي شاعريءَ جا مضمون ۽ شاعري

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جهڙو هو يوناني حڪمت جو حاذق، اهڙو ئي شعر گوئي جو ماهر هو. سڀ ڪنهن مضمون تي عربي فارسي توڙي سنڌي ۾ بلاتڪلف شعر چوندو هو. سندس شاعري علم عروض جي قاعدن پٽاندر هئي. سندس شعر مان مذهبي جوش ۽ جذبو نمايان آهي. ڌڻي تعالى جي حمد و ثنا، رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جو نعتي ڪلام دل ڀڄائيندڙ مناجاتون ۽ مداحون عمديون چيون اٿس. حڪيم صاحب جو  ڪلام اميرن ۽ وڏن ماڻهن جي سکڻي خوشامند ۽ بيجا مداحن کان سراسر پاڪ آهي. منجهس وطن جي حب، قومي بيداري اخلاق جي بلندي، اتفاق و اتحاد ۽ اصلاح جو رنگ سمايل نظر اچي ٿو. سندس گهڻو ڪلام ان وقت جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ٽڙيو پکڙيو پيو آهي، باقي ٿورو ناصحانو ڪلام ”بهار اخلاق“ نالي ڪتاب ۾ درج ٿيل آهي، جنهن ۾ ”قوميت“ سندس خاص موضوع آهي. ان سلسلي ۾ ڪتاب جي تمهيد ۾ ڄاڻايو اٿائين ته:

”اآئون مناسب بلڪه ضروري ٿو سمجهان ته اسڪولن ۾ پڙهندڙ سمجهدار شاگردن لاءِ ڪو اهڙو شعر ۽ ڪلام پيش ڪجي جو وقت جي ضرورتن مطابق هجي، جنهن ۾ قادر جي قدرت ۽ حب وطني، ملڪي خدمت ۽ قومي محبت جا جذبا ڀريل هجن، مگر ان هوندي به خالي خشڪ به نه هجي، منجهس گل جو ناز ۽ بلبل جو نياز سمع جو سوز ۽ پرواني جو گداز، باغ جي طراوت ۽ بهار جي تازگي به هجي، جنهن ۾ دنيا جي اير ڦير ۽ سردي گرميءَ، لاهه چاڙهه ۽ هيٺ مٿ جا فلسفا ۽ حڪمتون به هجن. اهڙيءَ طرح ئي اسان جي ٻچن ۾ نيڪ جذبن جي ٻجن ڇٽ ٿيندي ۽ هنن جي دلين ۾ نيڪيءَ جا سلا ڦٽندا ۽ چڱو ڦل ڏيندا“[1].

حڪيم صاحب جي دور ۾ سنڌ جا مسلمان زماني جي گردش ۾ چو طرف جڪڙيل هئا. هڪ طرف هندن جا مٿن جائز ناجائز هملا هئا ته ٻئي طرف سنڌ کي بمبئيءَ کان علحده ڪرائڻو هو ته ٽئين طرف انگريزن جي تسلط کان ملڪ هميشه لاءِ آزاد ڪرائڻو هو. مطلب ته مذهب، قوميت ۽ سياست ان وقت سنڌ جا مکيه مسئلا هئا، جن تي حڪيم صاحب قلم هٿ ۾ کنيو.

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي مذهبي ڳالهين ۾ پڪو مسلمان هو. زندگيءَ ۾ ڪنهن جي ڪاڻ نه ڪڍيائين پر سندس ڪلام تي نظر ڪبي ته هو رب پاڪ کي ئي دنيا جو ڪارساز ۽ عبادت جي لائق سمجهندو هو. ڌڻيءَ جي وڏائي ۽ قدرت بابت سندس عقيدو هو ته:

قدرت ڌڻي تون آهين، حڪمت ڌڻي تون آهين،

تو آڏو سر جهڪائن، پاڪ آستان وارا!

ٿي خاڪ پاڪ تنهنجي درجي، اکين جو سرمو،

ٽيڪن مٿو مٽيءَ تي جي، ٿين سي مان وارا!

برباد ٿيا اهي، جن منهن توکان آهي موڙيو،

جي تنهنجي لڙهه لڳا، ٿيا امن ۽ امان وارا!

حيران تنهنجي حڪمت، قدرت سان ٿيا سڀيئي،

عرش آشيان وارا، هن خاڪدان وارا!

جن کي يقين تو ۾، سي ڪامياب آهن،

برباد ٿيا ۽ گمراهه، تو ۾ گمان وارا!

تو آڏو سر نوايو جن، سرفراز سي ٿيا،

رحمت جي سايه سان ٿيا سي، سائبان وارا!

قدرت جا تنهنجي رنگ عجائب ٿيا الاهي،

ٿيا بي زبان شمار ڪرڻ کان زبان وارا!

خوش ٿين حڪيم! تنهنجو شيرين سخن پڙهي اڄ،

شرين زبان وارا، شڪر دهان وارا(1)!

حڪيم صاحب جي نبي ڪريم صلي الله علييه وسلم سان ايتري ته محبت ۽ عشق هو، جو کيس سڄي انسان ذات بلڪه خدا تعالى جي خلقيل هر شيءِ کان اعلى ۽ اتاهون ٿو سمجهي. سندن سيرت مبارڪ صلي الله عليه وسلم کي چوڏهينءَ جي چنڊ سان مشابهت ڏني اٿس.

           مطلب ته حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جي شان بيان ڪرڻ لاءِ وٽس اهڙا لفظ ئي ڪو نه آهن، جن سان سندن ثنا بيان ڪري. ان باري ۾ لکي ٿو ته:

احمد اڙين آڌار ٿيو، سڀني سندو سردار ٿيو،

مڙني جو مک مهندار ٿيو، بلغ العلى بڪماله.

اعلى ٿيو شان محمدي سرتاج سڀ جو مير مدني،

جڳ ۾ ٿيو جلوه احمد ڪشف الدجى بجماله.

چوڏهين جو چنڊ سندين، سهڻي سڄي سيرت سندي،

عمدي عجب عادت سندين، حسنت جميع و خصاله.

سهڻو سڄڻ سائين سدا، نرمل نور خدا،

ڪهڙي ڪجي تنهن جي ثنا صلو عليه و آله.(2)

حضرت محمد ڪريم صلي الله عليه وسلم جي صفت جنهن شعر ۾ بيان ڪئي وڃي، ان کي نعتيه ڪلام سڏبو آهي. حڪيم صاحب جو نعتيه ڪلام نموني طور هيٺ ڏجي ٿو:

”نعت“

اي ساهه تو تان صدقو ٿئي، سردار جهان جا،

آڌر ۽ غمخوار اجها، غم زدگان جا.

تون ابر عنايت جو ۽ درياءُ ڪرم جو،

صلوات توتي سرور سڀ انس ۽ جان جا.

رنجايو نه تو ڪنهن کي، رنجايائون توکي اگرچ

اي شاهه شهنشاهه زمين جا ۽ زمان جا،

ڪافر به تنهنجو رحم ڏسي، ٿيا ٿي مسلمان،

اي باعث ايجاد، ڪن وڪون ومڪان جا.

رحمت جي وسي شل توتي برسات رحميا،

پرتا آهيون توکي اسين سردار اسان جا (1).

جهڙي طرح رب پاڪ ۾ پڪو ويساهه هوس. اهڙي طرح رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جو شيدائي هو. کيس هادي، رهبر، اڙين جو آڌار ۽ شافع محشر سمجهندو هو. آخر نبي محمد صلعم بابت سندس جزبا هيٺينءَ ريت هئا.

شاهن جو شهه شافع محشر صلي الله عليه وسلم

راهه ٿڙين جو هادي رهبر صلي الله عليه وسلم

نور خدا، منظور خدا، محبوب خدا، مقبول خدا،

سڀ کان پيارو پاڪ پيغمر صلي الله عليه وسلم

صاحب عزت، صاحب عظمت، شمع نبوت شان رسالت،

اعلى اولى بالا برتر صلي الله عيله وسلم

آڙ (1)اڙين جا، واهه ولهين جا، يا يتيمن، غور غريبن

مرسل مولى، مسڪين پرور صلي الله عليه وسلم

نور خدا ۽ مظهر ڪامل شافع محشر عالم عامل

افصح ابلغ افضل، افسر صلي الله عليه وسلم

پاڪ پيارا عزت وارا تابع تنهنجا گورا ڪارا

پاڻ سونهارا حق جا مظهر صلي الله عليه وسلم

روشن ڪيئون الله جو نالو علم ۾ ٿيو تنجو اجالو

نور سان تن جي ملڪ منور صلي الله عليه وسلم

سائين حال ڪمال جا صاحب حضرت حال ۽ قال جا صاحب

جيڪي چوان، هئا تنهن کان بهتر صلي الله عليه وسلم

ڪامل اڪمل، احسن اجمل، فيض رسان فياض مڪمل

اقدس، اطهر، اظهر، انور صلي الله عليه وسلم

ناهي ثنا صلوات سوا ٻي، آهي ورد ”صغيرا“ هاڻي

ورد زبان تي ٿيو اڪثر صلي الله عليه وسلم(1).

حڪيم صاحب پنهنجي تصنيفات، خاص طرح دينيات ۽ اسلامي ڪتابن ۾ الله پاڪ ۽ پيغمبر صلي الله عليه وسلم کان سواءِ ٻين نبين، اوليائن ۽ اصحاب سڳورن جو ذڪر به جاءِ بجاءِ ڪيو آهي. اصحاب سڳورن جي شان ۾ چيل نظم جو نمونو  هيٺ ڏجي ٿو:

آهن آسمان جا تارا، سڀيئي اصحاب سونهارا،

ڌڻيءَ جا دوست ۽ پيارا، سڀيئي اصحاب سونهارا.

خدا راضي انهن کان ۽ هو راضي مولى کان،

وڄائي ويا چڱا وارا، سڀيئي اصحاب سونهارا.

خدا ڪيو نيڪ هو تن کي، سندن ايمان هو محڪم،

اندر ٻاهر صفا سارا، سڀيئي اصحاب سونهارا.

اهي مسڪين ۽ مومن، محمد جا سپاهي هئا.

وڏي همت ۽ دل وارا سڀيئي اصحاب سونهارا(1).

جيئن ته حڪيم صاحب جمعيت العلماءَ جو اڳواڻ هو ۽ ڪانگريس پارٽيءَ جا به شروع ۾ جميعت العلماءَ وارا ساڳيا اصول هئا. ٻنهي پارٽين ۾ هندو مسلمان شامل هئا، انهيءَ ڪري هو هندو مسلم اتحاد جو حامي هو ۽ سندس تحريرن ۽ مضمونن ۾ به هندو مسلم اتحاد تي گهڻو زور ڏنل آهي. هن جو مقصد هو ته اتحاد ئي اهڙو هٿيار آهي، جنهن سان فرنگين کان پنهنجي ملڪ کي آزاد ڪرائي سگهجي ٿو. انهيءَ باري ۾ لکي ٿو ته:

ذات انسان ساڻ رکجي اي برادر اتفاق،

آهي لذت ۾ مٺائي کان به بهتر اتفاق.

شل ٿئي روشن سدا ايڪي جو عالم ۾ چراغ،

۽ ڪري شل نور سان عالم کي انور اتفاق.

جهنگ جهر ۾، شهر ۾ ۽ ٻيهر، بر ۽ بحر ۾،

شل هجي موجود هر دل ۾ ۽ گهر گهر اتفاق.

* ***

 

Text Box:  
 
آهي ڪينو  ڪفر، سينو صاف رک آئينو ٿي!

جڳ کي تون اخلاق جو ڏيکار جوهر اتفاق.

ڇو ڪتن وانگي وڙهين ٿو؟ ڇڏ هڏي جي هوڏ تون،

ڇو شرف پنهنجو وسارين؟ رک برابر اتفاق.

قهر جهڙو زگر پڻ ايڪي سان ماکي ٿو ٿئي،

ڪيو مکين کي پاڻ ۾ ڏس شير شڪر اتفاق

****

جي نه ڪنهن هٿيار جو پروانو ٿئي، پروا نه ڪر،

توب ۽ بندوق ٿئي، پستول، خنجر اتفاق.

قرفا ٺاهي ڇو جدا ٿيو؟ ڇو وجهو فرق ۽ فراق،

ظاهر وباطن رکو اندر ۽ ٻاهر اتفاق.

آهي نازڪ شيءِ متان ڪيرايو يا هٿ مان ڏيو،

در يڪتا ايڪتا ٿئي، لعل گوهر اتفاق.

ڇو پئو ٿا جوش جذبي جنگ جي جنجال ۾،

قلب مان ڪينو ڪڍي، هڪ ٿي هلو هر حال ۾(1)


(1) مصنف مرزا قليچ بيگ ”سنڌي شعر“ سنڌي ساهتيه سوسائٽي طرفان سنه 1914ع ۾ حيدرآباد ۾ ڇپيو.

(1) ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل ”ادب ۽ تنقيد“ ادبي مرڪز حيدرآباد، سنه 1975ع، ص 59.

(1) حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ”حيات حڪيم“، نئين زندگي، ڪراچي ماهه، ڊسمبر 1960ع.

(1) عبدالله ”عبد“ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، قلندر نامه سنڌي، قلندر شهباز ائڪييڊمي، ص 10، سنه 1972ع.

(2) ”الحقيقت“ هفتيوار، 7 آڪٽوبر 1933ع.

(1)  ”تحفه احباب“ ماهوار رسالو ايڊيٽر محمد هاشم مخلص.

[1]  حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ”بهار اخلاق“ ست نارائڻ پرنٽنگ پريس ڪراچي، سنه 1938ع.

(1) ”بهار اخلاق“ ص 1-2.

(2) ماهوار رسالو ”توحيد“ ڪراچي، آڪٽوبر 1924ع.

(1) حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ”رسالو الجامعه“ ڪراچي، ماهه آڪٽوبر 1925ع.

(1) ”اخلاق محمد“ ص 53.

(1) حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ” اسلامي ٻيو ڪتاب“ شڪارپور، ص 22.

(1) ”بهار اخلاق“ ص 10-11.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org