فصل اٺون
”صحافت“
(الف) حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي دور جي صحافت:
انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته انگريزن کان اڳ سنڌ ۾
نه ڇاپخانا هئا ۽ نه اخبارون وجود ۾ آيون هيون.
انهيءَ وقت ۾ ملڪ ۾ ڇا ٿي وهيو واپرايو، اهي خبرون
چارون خابرو هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ، يا ميڙن ملاکڙن ۽
معرڪن تي عام لوڪن جي ڪن تائين پهچائيندا هئا(1).
سنه 1843ع ۾ انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ بعد سنڌ ۾ سڀ
کان پهرين اخبار ”ڪراچي ائڊورٽائيز“ سنه 1845ع ۾
ان وقت جي فوجي گورنور سر چالس نيپيئر جاري ڪئي.
جيئن ته موصوف جنگي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪري زوريءَ سنڌ
تي قبضو ڪيو هو، انهيءَ ڪري ڏيهه توڙي پرڏيهه جي
باشعور ماڻهن سندس سياسي حڪمت عمليءَ جي مخالفت
شروع ڪئي هئي. انهيءَ ڪري هيءَ اخبار پنهنجي صفائي
پيش ڪرڻ لاءِ ڪڍي هئائين(2).
ٻي اخبار ”سنڌين“ سنه 1854ع ۾ ڪراچيءَ مان مسٽر
”اي.ڊبليو.اسٽرينج“ جاري ڪئي جا انگريزن جي فائدي
۾ لکندي رهي هئي. ان جي هڪ خبر هيٺ ڏجي ٿي:
”پنجاهه هزار ايرانين ٽن يا چئن روسي آفيسرن جي
زير ڪمان نوشهرو تي قبضو ڪيو پر انگريزن وري ان تي
قبضو ڪيو. هن جنگ ۾ ٽي هزار روسي مري ويا“(1).
ان کان پوءِ سنه 1855ع ۾ مفرح القلوب ”نالي فارسي
اخبار شمس العلماءَ مرزا مخلص علي بيگ جاري ڪئي.
هن اخبار جي خريدارن ۾ ائوڌ جو نواب واجد علي
شاهه، مسقط جو سلطان، ايران جو ولي عهد، اصفهان جو
گورنر، خيرپور جو والي مير علي مراد خان ۽ آغا علي
شاهه جا نالا قابل ذڪر آهن
(2). سن
1858ع ۾“ ”فوائد الاخبار“ نالي هڪ هفتيوار اخبار
نڪتي هن جو پهريون پرچو 15 مئي تي جاري ٿيو. هيءَ
اخبار فارسيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ شايع ٿيندي هئي ۽
گورنمينٽ پريس ڪراچيءَ ۾ ڇپبي هئي. منجهس مختلف
موضوعن تي ليک ۽ مضمون شايع ٿيندا هئا. جن مان
اڪثر ڪري تعليم، تعليم جي ترقي ۽ اوسر تي لکيل
هوندا هئا.
هن اخبار جي پهرين پرچي ۾ سنڌ جي تاريخ، زراعت،
سائنس، ننڍي کنڊ توڙي يورپ جي واقفيت ۽ حالتن تي
مضمون ۽ خبرون ڏنيون وينديون هيون. هيءَ اخبار
تعليم کاتي طرفان جاري ڪئي ويئي هئي ۽ ان جي تقسيم
اسڪولن ۽ مڪتبن تائين محدود هئي(3).
ان بعد سنه 1860ع ۾ شمس العلماءُ مرزا مخلص علي
بيگ هڪ ٻي اخبار ”مطلع خورشيد“ نالي سان سکر مان
جاري ڪئي. جنهن جو ايڊيٽر محمد شفيع مستري هو.
هيءَ اخبار ٻن ڪالمن ۾ ورهايل هوندي هئي. هڪ ڪالم
فارسيءَ جو ۽ ٻيو ڪالم سنڌيءَ جو. اخبار ۾ مختلف
موضوعن تي مضمون، انگريز سرڪار جا قانون ۽ ٻيون
خبرون هونديون هيون(4).
سنه 1866ع ۾ تعليم کاتي طرفان ”سنڌ سڌار“ هفتيوار
اخبار جاري ٿي ۽ هر جمعي تي شايع ٿيندي رهندي هئي.
ان جو پهريون ايڊيٽر مرزا صادق علي بيگ هو. هيءَ
اخبار 1884ع ۾ ”سنڌ سڀا“ نالي هڪ جماعت جي حوالي
ڪئي ويئي. سنه 1868ع ۾ ”سنڌ آفيشل گزيٽ“ نالي
سرڪار طرفان هفتيوار اخبار جاري ٿي، جيڪا هڪ ئي
وقت سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ شايع ٿيندي هئي. اخبار ۾
سرڪاري پڌرايون ۽ اهم اعلان ڏنا ويندا هئا(1).
سنه 1880ع ۾ مرزا صادق علي بيگ ڪراچيءَ مان هڪ ٻي
اخبار ”معين الاسلام“ جاري ڪئي. هيءَ اخبار سنه
1885ع تائين هلي. هن اخبار جي باري ۾ سيد غلام
مرتضى شاهه ٺٽوي پنهنجي ڪتاب ”زليخان“ ۾ ساراهه
ڪندي لکيو آهي ته:
ڪڍي ”اڪيل“ جا اخبار عمدي،
منجهاران فارسي بيار عمدي
”معين“ آهي سندس سنڌي جا اخبار،
برابر آهي سا ڄڻ گهر ٻار.(2)
سنه 1899ع ۾ شيخ محمد سليمان، سکر جي ڊپٽي ڪليڪٽر
سردار محمد يعقوب جي ڪوشش سان سکر مان ”الحق“
اخبار جاري ڪئي. هڪ سال بعد اخبار کي حيدرآباد
منتقل ڪيو ويو. ليڪن 1907ع ۾ وري کيس پنهنجي ماڳ
موٽايو ويو. هن اخبار جو مقصد سنڌي مسلمانن ۾
آزاديءَ جو شعور، سياسي، سماجي، تعليمي ۽ اخلاقي
حالت سڌارڻ هو. ساڳئي سال ساڌو هيرانند پنهنجي
”اڪيڊمي اسڪول“ حيدرآباد مان ”سر سوتي“ نالي
ماهوار رسالو جاري ڪيو، جنهن ۾ ان وقت جي مشهور
ليکڪن ۽ شاعرن جون تخليقون شايع ٿينديون هيون.
منجهس هندو سماج تي لکيل مضمونن، تن تي کان سواءِ
تعليمي، اخلاقي ۽ تنقيدي مضمون خبرون ۽ نوٽيس شايع
ٿيندا هئا. 1905ع ۾ هن ئي رسالي ۾ لعل چند امر ڏني
مل جو ناول ”چوٿ جو چنڊ“ قسطوار شايع ٿيو ۽ سنه
1930ع ۾ وري ڀيرومل مهر چند هن رسالي مان ساڌو
هــيرا نند جون ڪهاڻيون ڪڍي ”هيري جون ڪڻيون“ نالي
ڪتاب شــايــع ڪـرايو(1).
انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد ۾ بابو بئنرجيءَ جي اوم سان
”پرڀات“ نالي هڪ هفتيوار اخبار نڪتي، ان جو مهتمم
سر ڳواسي ليکراج تلوڪ چند هو(2).
سنه 1886ع ۾ دو هفتي اخبار ”جوت“ نڪتي، جيڪا
پهريائين حيدرآباد مان شايع ٿيندي هئي، پوءِ
ڪراچيءَ منتقل ڪئي ويئي. هن اخبار وسيلي ”عيسائيت“
جو پر چار ڪيو ويندو هو. ان کان سواءِ سنڌي علم و
ادب جي به خدمت ڪيائين. ان اخبار ۾ شايع ٿيل
مضمونن جو مجموعو ”گل ڦل“ نالي ڪتاب ۾ موجود آهي.
ان کان سواءِ ان ۾ شايع ٿيل نقل، ٽوٽڪا ۽ آکاڻيون
گڏ ڪري، چئن حصن ۾ ”دلبهار“ نالي ڪتاب ۾ شايع
ڪرايون ويون. هن اخبار جو پهريون ايڊيٽر پرمانند
ميوارام ۽ پوءِ ”فادر ڪوٽواڻي“ ٿيو. هيءَ اخبار
سنه 1946ع ۾ بند ٿي ويئي.
سنه 1900ع ۾ سنڌ سرڪار طرفان ”رساله زراعت“ جاري
ٿيو، جنهن ۾ زراعت تي معلوماتي مضمون ۽ خبرون شايع
ٿينديون هيون. هي ماهوار رسالو هو.
جيئن سنڌ مدرسه جي قائم ٿيڻ کان پوءِ ”مدرسه
معاون“ اخبار جاري ٿي تيئن ڊي جي ڪاليج ڪراچيءَ
طرفان وري ڇهه ماهي ”مسيلني“ جاري ٿي، جنهن جو
باني ”ساڌو ٿانورداس واسواڻي“ هو. هي مخزن سنڌي،
گجراتي ۽ انگريزي حصن تي مشتمل هئي
(1).
ساڳئي سال ڪراچيءَ مان ”سناتن ڌرم سڀا“ ماهوار
رسالو ”سناتن ڌرم پرچارڪ پتر“ جاري ڪيو جو سنه
1947ع تائين سنڌي ٻولي ۽ سناتن ڌرم جي خدمت ڪندو
رهيو هن جو پهريون ايڊيٽر سوڀراج شرما ۽ پويون
تيجو رام شرما هو.
سنه 1902ع ۾ ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد مان
”اخبار تعليم“ جاري ٿي، جنهن جو پهريون ايڊيٽر
پرنسيپال ديوان تارا چند هو. هن اخبار ۾ اصلاحي،
تعليمي، ثقافتي ۽ تاريخي مضمونن سان گڏ تعليم کاتي
جا پڌرناما ۽ ملڪي خبرون ڏنيون وينديون هيون. هيءَ
اخبار سنه 1971ع کان فيبروري 1981ع تائين بند هئي،
مارچ 1981ع کان ساڳئي اداري مان وري جاري ڪئي ويئي
آهي. جنهن جي ايڊيٽريءَ جا فرائض ڊاڪٽر عبدالجبار
مغل ادا ڪري رهيو آهي(2).
سنه 1903ع ڌاري محمد هاشم مخلص جي ادارت هيٺ ”تحفه
احباب“ نالي ماهوار رسالو جاري ٿيو. ان ۾ سندس هڪ
مضمون حڪومت جي خلاف شايع ٿيو جنهن ڪري کيس روپوش
ٿيڻو پيو ۽ رسالو بند ٿي ويو. سنه 1905ع ۾ محمد
اسماعيل جان سرهندي ”اصلاح“ نالي رسالو جاري ڪيو.
هي مذهبي نوعيت جو رسالو هو ۽ ڪراچيءَ مان شايع
ٿيندو هو.
ساڳئي سال تولا رام ٻالاڻي ”ماتا“ نالي اخبار جاري
ڪئي. جنهن ۾ ”لارڊ ڪرزن“ جي بنگال واري ورهاڱي جي
فيصلي تي ڇوهه ڇنڊيا ويا جنهن ڪري سندس اخبار ضبط
ڪئي ويئي(3).
ان کان هڪ سال پوءِ ويرومل بيگراج سکر مان ”سنڌي“
اخبار جاري ڪئي. هن اخبار جو بنياد هندو ڪٽر پڻي
تي ٻڌل هو. هيءَ اخبار لاڳيتو چاليهه سال هلي(1).
سنه 1908ع ۾ ڪولسنگ پوهومل ”سنڌ واسي“ نالي پهرين
پهرين روزاني اخبار جاري ڪئي. سنه 1909ع ۾ محمد
هاشم مخلص حيدرآباد مان ”جعفر رٽلي“ جي نالي سان
ماهوار رسالو جاري ڪيو ويو جو قرضي ايڊيٽر جي نالي
سان شايع ٿيندو هو. هي رسالو ظرافت جي ڪري انهيءَ
دور ۾ ڏاڍو مقبول هو(2).
ويهين صدي جي شروع واري زماني ۾ بر صغير هندو پاڪ
جي مسلمانن توڙي هندن انگريز بهادر جي حڪمت عملي
يعني غير منصفانه ۽ تشدد واري پاليسيءَ کي محسوس
ڪري انگريزن جي حڪومت خلاف آواز اٿاريو. عام راءِ
کي پنهنجي خلاف وڌندو ڏسي حڪومت طرفان مختلف قسمن
جا قانون نافذ ڪيا ويا جن موجب اظهار راءِ تي
پابنديون قائم ڪيون ويون. ملڪي ماڻهن ۾ ٽي پارٽيون
قائم ٿيون. 1. اتنها پسند، جي ڌارئي حڪومت جي بلڪل
خلاف هئا ۽ فوري آزاديءَ جي تقاضا ڪري رهيا هئا.
2. وقت شناس جيڪي حڪومت جي ڪن پاليسين سان تعاون
ڪندا هئا. 3. لبرل پارٽي جيڪي پهريائين حڪومت جي
خلاف هئا پر پوءِ ان جو ساٿ ڏيندا رهيا.
حڪومت جي خلاف جيڪا جدوجهد ٿيندي رهي، اخبارن ۽
عام راءِ تي ان جو اثر پوندو رهيو ۽ ساڳئي وقت
حڪومت جا قوانين به سخت ٿيندا رهيا. اها تسليم شده
حقيقت آهي ته صحافت، عوام جي آواز جي تحريري صورت
۾ ٻي شڪل آهي. بهرحال ديسي ماڻهن وائسراءِ جي
ڪائونسل، فوج ۽ ٻين ڪليدي عهدن حاصل ڪرڻ جي تقاضا
ڪئي ۽ دستوري مراعات لاءِ گهر ڪئي پر حڪومت اهڙين
ڳالهين جي سخت خلاف هئي ۽ برطانيه حڪومت نٿي چاهيو
ته ديسي ماڻهن کي حڪومت ۾ شامل ڪجي انهيءَ ڪري
هندستاني ليڊرن تي سختيون ڪيون ويئون. مهاتما
گانڌي ۽ علي برادران، بي لوث ۽ مخلص قومي رهنمائن
کي قيد ڪيو ويو. مسز ائني بيسنت (جا عورتن ۾ هند
جي مشهور قومي ليڊر هئي) کي اوٽا ڪمنڊ ۾ بند ڪيو
ويو. ازانسواءِ اسلامي ملڪن جي داخلي معاملات ۾
مغربي ملڪن جي داخلي معاملات ۾ مغربي ملڪن جي بيجا
مداخلت سبب هندستاني مسلمان گهڻو متاثر ٿيا. خاص
طرح سنڌ تي اهڙن واقعن جون اخبارون به بچي نه
سگهيون ۽ هتي آزادي حاصل ڪرڻ جي تڙپ ۽ جدوجهد تيز
ٿيندي ويئي. هنن معاملن ۾ پريس جيڪو رويو اختيار
ڪيو تنهن جي بنياد تي هن دور کي صحافت جي عروج
وارو دور چئي سگهجي ٿو. ملڪ ۾ نقل و حمل جي طريقن
گهڻي ترقي ڪئي. خلافت تحريڪ زور ورتو. بالڪن جنگ
جي ستايلن جي امداد لاءِ انجمن حلال احمر قائم ٿي.
1914ع واري جنگ کان پوءِ انجمن خدام ڪعبه قائم ٿي.
سنه 1917ع ۾ خلافت تحريڪ ۽ ان کان پوءِ سنه 1919ع
۾ هجرت تحريڪ شروع ٿي جنهن جو سنڌ جي مسلمانن تي
گهڻو اثر پيو. مسلمانن انگريز سامراج جي خلاف جهاد
جون تياريون ڪيون، ملڪ جا مقتدر علماءَ جهڙوڪ
مولانا تاج محمد امروٽي، مولانا محمد صادق کڏي
وارو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، جان محمد جوڻيجو، پير
تراب علي شاهه راشدي، مرحوم غلام ڀرڳڙي ميدا ۾ ٽپي
پيا. شيخ عبدالمجيد سنڌ بمبئي کان علحدگيءَ جو
سوال هٿ ۾ کنيو. اهڙين حالتن ۾ ضروري هو ته
مسلمانن جي راءِ اظهار لاءِ اخبارون شروع ڪيون
وڃن.
هندستان ۾ شروع ڪيل عليڳڙهه تحريڪ جو اثر سنڌ ۾ به
پيو(1).
سنڌ جي الحق ۽ آفتاب اخبارن ان تحريڪ کي تقويت
پهچــائــي. پــر ان جــي بر عڪس خلافت تحريڪ ۽
ٻين اهڙين تحريڪن، جن جو عليڳڙهه تحريڪ سان
بنيادي اختلاف هو تن جڏهن سنڌ ۾ زور ورتو تڏهن
انهن جون اخبارون پڻ شروع ٿيون. سنه 1918ع ۾ غلام
محمد ڀرڳڙي، حيدرآباد مان الامين اخبار جاري
ڪرائي. جنهن ۾ شيخ عبالمجيد ۽ مرحوم محمد هاشم
مخلص ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو. اها اخبار مسز
ائني بيسنت جي تحريڪن ”هوم رول“ ۽ ”ٿياسافيڪل
سوسائٽي“ جي اصولن ۽ نظرين موجب هلندي هئي.
هوم رول تحريڪ جي پاليسي اها هئي ته هندو مسلمان
گڏجي برطانيه کان سوراج (آزادي) حاصل ڪن. پڇاڙيءَ
واري وقت ۾ ائني بيسنت به انگريزي حڪومت جو ساٿ
ڏيڻ شروع ڪيو. شيخ عبدالمجيد صاحب هوم رول تحريڪ
بابت الامين اخبار ۾ زبردست مضمون لکيا، جن ماڻهن
۾ آزاديءَ جي جذبي کي اڀاريو ۽ هنن ڌاري حڪومت
خلاف پاڻ کي تيار ڪرڻ شروع ڪيو. ان کان سواءِ
ڀرڳڙي صاحب ”ڀارت واسي“ نالي روزانه اخبار شروع
ڪرائي جنهن جو ايڊيٽر مسٽر ڄيٺمل پر سرام هو. هيءَ
اخبار به الامين جي پاليسيءَ تي هلندي هئي.
سنه 1919 ۾ رولٽ ائڪٽ پاس ٿيڻ ڪري ڌڙا ڌڙ
گرفتاريون شروع ٿيڻ لڳيون، جنهن ڪري ديسي ماڻهن جو
حـڪــومــت مــان بنهه ڀروسو نڪري ويو(1).
سرڪار جي انهيءَ تشدد جي پاليسيءَ جي اثر کان
اخبارون ۽ انهن جا ايڊيٽر به بچي نه سگهيا. خاص
طرح حيدرآباد انهن ڏينهن ۾ صحافت جو مرڪز هو.
پهرين آگسٽ 1920ع تي حيدرآباد جي راڻي باغ ۾
مولانا شوڪت علي جي صدارت هيٺ خلافت ڪانفرنس سڏائي
ويئي، جنهن ۾ مهاتما گانڌيءَ به شرڪت ڪئي. ان
ڪانفرنس ۾ ”عدم تعاون“ جو نعرو بلند ڪيو ويو. سنڌي
مسلمانن سرڪاري نوڪريون، اسڪول، ڪاليج، ڪائونسلون
۽ خطاب ڦٽا ڪيا. انهيءَ دور ۾ سر عبدالله هارون
ڪراچيءَ مان ”الوحيد“ اخبار جاري ڪئي، جنهن ۾
خلافت ڪانفرنس ۾ وقت بوقت ٿيندڙ ڪاررواين، رٿن ۽
مشورن بابت مواد ڇپبيو رهندو هو
(1)
*. شيخ عبدالمجيد سنڌي هن اخبار جو روح روان رهيو. هن
اخبار سنڌي مسلمانن جي فلاح و بهبود لاءِ گهڻو ئي
پاڻ پتوڙيو. سنڌ جي هيءَ پهرين اخبار آهي، جنهن کي
شباب نصيب ٿيو ۽ گهڻي وقت تائين مسلم قوم جي
رهنمائي ڪندي رهي. هن اخبار جا ڪيترائي ايڊيٽر
مختلف وقتن تي پنهنجون خدمتون سر انجام ڏيندا
رهيا. جهڙوڪ: محترم قاضي عبدالرحمان، شيخ
عبدالمجيد سنڌي، مسٽر نبي بخش، شيخ عبدالسلام،
قاضي خدا بخش، مير الهه بخش ٽالپر، مولانا دين
محمد وفائي، مولوي عبدالغفور سيتائي، مشتاق احمد
ابڙو وغيره(2).
ساڳئي سال يعني سنه 1920ع ۾ لاڙڪاڻي مان مولانا
دين محمد وفائي ”الڪاشف“ نالي هڪ رسالو جاري ڪيو.
سنه 1923ع ۾ وفائي صاحب هڪ ٻيو ماهوار رسالو
”توحيد“ جاري ڪيو. انهيءَ ئي سال سکر مان هڪ سِه
روزه اخبار ”سنڌ زميندار“ جاري ٿي، جا سنه 1957ع
تائين چالو رهي. هن اخبار جو خاص مقصد هو سنڌ جي
زميندارن جي تڪليفن کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ. ساڳئي
وقت پبلڪ جو اواز به بلند ڪندي رهي.
هن اخبار جي ايڊيٽر مسٽر عبدالواحد، در محمد
اويسي، پير علي محمد راشدي، مولوي عبدالغفور
سيتائي ۽ خير محمد اوحدي ٿي رهيا. سنه 1924ع ۾
مرحوم محمد هاشم مخلص هڪ هفتيوار اخبار ”مسلمان“
نالي مير پورخاص مان جاري ڪئي. هيءَ اخبار ادبي،
مذهبي ۽ سياسي نوعيت جي هئي.
انهن کان سواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي هفتيوار ۽
ماهوار اخبارون جاري ٿيون، جيڪي مذهبي پرچار يا
فرقيوارانه مفاد جي سلامتيءَ لاءِ ڪجهه وقت هلي
بند ٿي ويون ۽ ڪي وري ڪافي عرصو نڪرنديون رهيون.
جهڙوڪ: الحقيقت، نومسلم، صداقت اسلام، ترقي،
الجامعة (1925) (حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي)، روح
رهاڻ، (1924)، الرشيد ۽ الحزب 1927ع، جن جو ايڊيٽر
پير علي محمد راشدي هو. انهيءَ ئي سال هڪ خلافتي
نوجوان نواب خالقداد خان شڪارپور مان ”تنظيم“ نالي
هڪ اخبار جاري ڪئي. سنه 1930ع ۾ سکر مان ”المنار“
ماهوار رسالو جاري ڪيو ويو. جنهن جو ايڊيٽر مسٽر
عبدالرحيم آزاد هو، (جو پوءِ خيرپور رياست جو چيف
جج مقرر ٿيو.) انهيءَ اخبار جي پاليسي سنڌ جي
بمبئيءَ کان جدا ٿيڻ بابت هئي. انهيءَ اخبار جو
سرپرست پير علي محمد راشي هو. پير حسام الدين شاهه
۽ رحيم داد مولائي شيدائي مکيه ليکڪ هئا. سنه
1934ع ۾ پير علي محمد شاهه راشدي سکر مان هڪ ٻي
اخبار ”ستارهه سنڌ“ نالي جاري ڪئي. هيءَ اخبار
علمي، ادبي ۽ تحقيقتي مضمونن سببان پڙهيل طبقي ۾
گهڻو مشهور هئي. ان کان سواءِ پير صاحب ڪراچيءَ
مان ”صح سنڌ“ نالي هڪ ادبي ۽ سياسي مضمونن سان
ڀرپور اخبار ڪڍي. ان دور جون ٻيون اخبارون مرغ
فلڪ، طيراً ابابيل، نور الاسلام ۽ مسلمان هيون. جن
سنڌ ۾ سياسي نظرين کي فروغ ڏنو ۽ ظرافت جو نئون
رجحان پيدا ڪيو. ”مسلمان اخبار“ ۾ ”ڪنڊو ڪوهستاني“
لکندو هو. سنڌ جا چار صحافي هن دور جا بهترين
طنزنگار، بحث مباحثه جا ماهر ۽ سنڌي نفسيات جا
ڄاڻو ليکيا ويندا هئا. مرحوم شمس الدين بلبل، محمد
هاشم مخلص، مولوي نور محمد نظاماڻي ۽ پير علي محمد
شاهه راشدي. انهيءَ دور جا ادبي رسالا هئا: قاضي
عبدالرزاق جي علمي دنيا سنه 1930ع، بولچند راجپال
جي سنڌو 1932ع مرحوم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي
سرپرستيءَ ۾ هفتيوار اصلاح، 1936ع ۾ نڪتي (جيڪا
پوءِ سه روزهه ٿي ۽ پڇاڙيءَ ۾ روزانه شايع ٿيندي
هئي. هن جو ايڊيٽر مولوي عبدالغفور سيتائي هو)،
محمد خان غنيءَ ”مخلص“ جو سنه 1938ع، ٻالڪن جي
ٻاريءَ جو گلستان، لاڙڪاڻي مان سنڌي سڌار
سوسائٽيءَ جو ”اديب سنڌ“، محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي
ماهوار عبرت، سنه 1941ع ۾ سنڌي مرڪزي صلاحڪار بورڊ
جو ”مهراڻ“، سنه 1942ع کان شايع ٿيو. مسلمانن جي
متحد ڪوشش ۽ مسلم پريس جي مسلسل جدوجهد سببان سنڌ،
بمبئي جهڙي ڏورانهين صوبي جي تسلط کان هميشه لاءِ
آجي ٿي ويئي. اٽڪل سئو سال کن اسان خاص طرح مسلم
قوم قابل رحم حالت ۾ گذاريا پر صوبائي خودمختياري
حاصل ڪرڻ بعد اسان جي ترقيءَ جي راهه ۾ وري ٻيون
رڪاوٽون حائل ٿيون. اڳي اسين فقط انگريز حڪمران
ڏانهن جوابدار هئاسون پر پوءِ سنڌ جو جيڪو ٻيو
مالڪ ”هندو“ پيدا ٿيو سو اسان جي مٿان مير جعفر ۽
صادق جي معرفت حڪومت هلائڻ لڳو، هي ننڍو مالڪ
پنهنجي وڏي آقا کان وڌيڪ سفاڪ ۽ تند مزاج هو.
اهڙيءَ طرح ٻنهي (انگريزن ۽ هندن) گڏجي نهايت
فاتحانه انداز سان مسلمانن جي حقوق، مفاد ۽ جذبات
کي ڪچلڻ شروع ڪيو. نتيجو اهو ٿيو جو مسلمان قوم
مٿين ٻنهي قومن کان بدظن ۽ بد دل ٿـي پنهنجي آزادي
۽ آزاد ملڪ حاصل ڪرڻ جي جدوجهد شروع ڪري ڏني(1).
حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جون سنڌي صحافت ۽ خدمتون
حڪيم صاحب جي تصنيف ۽ تاليف جي مطالعي مان اهو
بخوبي ظاهر ٿئي ٿو ته سندس نثر نه رڳو علم ادب،
سيرت، سوانح نگاري، تاريخ، تنقيد، وغيره لاءِ
موزون آهي پر صحافت ۽ اخبار نويسي جي موضوعن متعلق
به اصلاحي، انقلابي ۽ جامع تصنيف جو ڪم ڏئي ٿو. هن
صحافت جي ميدان ۾ معياري ادب، علم ۽ صحافت تي
مشتمل رسالا ۽ اخبارون وغيره جاري ڪري مسلمانن جي
معاشي، ديني ۽ دنيوي اصلاح خاطر اثرائتا اپاءَ
ڏسيا.
شروع ۾ سندس علمي ۽ ادبي مضمون مختلف اخبارن ۽
رسالن ۾ شايع ٿيڻ لڳا، جنهن ڪري سندس نالو سڄي سنڌ
۾ مشهور ٿي ويو. سنه 1899ع ۾ ”الحق“ اخبار سکر مان
شايع ٿي. پوءِ هيءَ اخبار حيدرآباد مان نڪرڻ شروع
ٿي، جنهن ۾ حڪيم صاحب ڪجهه وقت ايڊيٽر ٿي رهيو، ۽
سنه 1913ع ۾ ماهوار ”الاسلام“ جو سرپرست ٿيو(1).
پوءِ ته سندس گهڻو تعلق قوم جي ترجمان روزانه
”الوحيد“ اخبار سان رهيو. جنهن ۾ وقت بوقت
سندس مضمون ۽ شعر شايع ٿيندا هئا. سنه 1925 ۾
رساله ”الجامعه“ مدرسه اسلاميه و يتيم خانه ڪراچي
مان جاري ڪيائين. الوحيد اخبار سان ڏهه - ٻارهن
سال نڀايائين پر پوءِ شيخ عبدالمجيد مرحوم (جو
انهن ڏينهن ۾ الوحيد جو ايڊيٽر هو) سان سياسي
اختلاف هئڻ سبب الوحيد سان تعلق ختم ڪري سنه 1936ع
۾ رساله ”اصلاح“ به جاري ڪيائين. جنهن جو ايڊيٽر
مولوي عبدالغفور سيتائي کي مقرر ڪيو ويو. ڪجهه
عرصي کان پوءِ مولوي صاحب اصلاح کي ڇڏي وڃي
االوحيد جو ايڊيٽر ٿيو. الوحيد ۽ اصلاح جي پاليسين
۾ اختلافن هئڻ ڪري، هڪ ٻئي جي اڪثر خلاف لکنديون
رهنديون هيون، هڪ ٻئي تي حملا ۽ جَلهون ڪنديون
رهنديون هيون. اهي اخبارون جي پهريائين علم و ادب،
سياسي ۽ تنقيدي مضمون لکي سنڌي ادب جون خدمتون سر
انجام ڏينديون هيون سي سياسي اختلاف ۽ دشمنيءَ ڪري
هڪ ٻئي جي خلاف سخت توهين آمز مواد لکڻ لڳيون اها
ڳالهه ٻنهي ڌرين لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي. هندن
کي وجهه لڳو ۽ هندو پريس مٿن تنقيد ڪرڻ لڳي(1).
شيخ عبدالله ”عبد“ صاحب ”قلندر نامه“ جي مُنڍ ۾
حڪيم صاحب بابت لکي ٿو ته ”حڪيم صاحب“ ”اصلاح“
نالي اخبار جاري ڪئي جا پهريائين هفتيوار هئي ۽
پوءِ روزاني ٿي، مولوي عبدالغفور سيتائي ان جو
ايڊيٽر هو.
حڪيم صاحب پاڻ به انهيءَ اخبار لاءِ مضمون لکندو
هو. سندس مضمونن لکڻ جي ڪيفيت به عجيب هوندو هئي.
دواخاني ۾ مريضن لاءِ نسخا به پيو لکندو هو ۽
ملاقاتين سان گفتگو به پيو ڪندو هو ته اخبار لاءِ
مضمون به پيو لکندو هو. سندس مضمون هر نوع جا
معياري ۽ بلند پايه جا هوندا هئا، اخباري مقبوليت
به انهن ادبي شهپارن ڪري هوندي هئي. سندس تنقيدي
مضمون به الوحيد کان سواءِ اصلاح ۾ شايع ٿيندا
هئا. جي نه رڳو انهيءَ وقت جي ادب ۽ سياست جي
تصوير پيش ڪندا هئا پر انهن جي ڪري سنڌي ادب ۾
ڪافي اضافو آيو“(2).
الوحيد اخبار مان حڪيم صاحب جي مضمونن جا ڪي
اقتباس هيٺ ڏجن ٿا:
”هڪ ٻئي جي مذهبن کي ڌڪارڻ، هڪ ٻئي جي بزرگن کي
بدشد ڳالهائڻ ۾ به ڪا انسانيت آهي؟ ڌارين دشمنن
سان لڙي اڪ ڪارا ڪيو، هاڻي لڳا آهيو پاڻ ۾، ڇو ٿا
بغض جي باهه ڀڙڪايو! ڇو ٿا دشمني وڌايو، ڇو ٿا
ڌڪار جي ڌوڙ وسايو. هيءَ هڪ اهڙي ڳالهه آهي، جنهن
گهڻن گهرن کي مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هيءَ هڪ
اهڙي مصيبت آهي، جا جيڪڏهن ڇوٽ ڇڏي ڏجي ته ملڪ ٻري
ويندو. هي ڪو ٻن چئن ڄڻن جو جهيڙو نه آهي، هي ڪا
معمولي ڳالهه: تون ڇا تون ڇا نه آهي ۽ نه وري ڪا
دنيا جي جنگ آهي. هيءَ قومن جي لڙائي ۽ مذهبي جنگ
آهي، ان کي وڌائڻ سخت ناداني آهي. تنهن ڏينهن
آنربل مسٽر هر چند راءِ جي آفيس ۾ گڏ ٿيا هئاسين.
سٺيون مٺيون ڳالهيون هيون، چڱا چڱا خيال هئا، هڪ
ٻئي کي پئي سمجهايوسون. باهه کي ڀڙڪڻ ۽ دوئي جي
دونهي کي دکڻ نه ڏجي. جتي جتي اهڙو حال ڏسجي، اتي
وڃي ڪو خير جو ڇنڊو هڻجي. اجهو خير پور ناٿن شاهه
جي پاسي ڪنهن نالائق نادان قرآن پاڪ ۽ مسلمانن جي
پاڪ مذهب تي سخت حملا ڪيا آهن ۽ ان بابت هڪ ڪميڻو
رسالو لکيو آهي. سحانن جي طرفان جوابن جون
تياريون آهن ۽ هئڻ به گهرجن. انهيءَ مان ڪهڙا
نتيجا نڪرندا، سي سڀ ڪو سمجهي سگهي ٿو. اڃا به
اسان جا هندو مسلم بورڊ وارا ماٺ ڪري تماشو
ڏسندا!.
ڪم ڪرڻو اٿو ته اٿو، اتفاق قائم رکڻو اٿو ته کڙي
تپايو. عملي طور ڪم ۾ هٿ وجهو، بورڊ جي به
باقاعيده جماعت بنايو. پيسي جي موجودات رکو. ميمبر
ڪريو، پرچارڪ پيدا ڪريو، جي ڳوٺن ۾ وڃي هندو مسلم
اتفاق جي ضرورت تي خوب ڳالهائين. جتي خرابي ٿيڻ جو
امڪان هجي اتي بزرگن مان ڪي چڱا مڙس پاڻ بيهي خير
ڪرائين، نه ته جهيڙو، ناداني ۽ شيطاني شروع ٿي ته
خير نه آهي ۽ ڇا مان ڇا ٿي پوندو
(1)“.
حڪيم صاحب انسانيت ۽ مذهب بابت پنهنجو رايو هيٺين
لفظن ۾ پيش ڪري ٿو.
”آئون انهيءَ خيال جو ماڻهو آهيان ته انسان کي
پهرين انسان ٿيڻ گهرجي پوءِ هندو مسلمان. انسانيت
ئي دين الفطرت ۽ دين الخاص آهي. جيڪڏهن ڪنهن هندو
يا مسلمان ۾ انسانيت ڪانهي ته هو وحشي ٿي ٿو
گذاري. آئون يقين سان چوندس ته نه هو هندو آهي نه
مسلمان. انسانيت کي سمجهڻ ۽ نڀائڻ ئي مذهب آهي.
جيڪڏهن ڪو هندو يا مسلمان انسان سڏائي جانورن جهڙا
ڪم ڪري ٿو ته هو لامذهب چئبو، هندو يا مسلمان ڪين
ڪوٺبو. جنهن مذهب ۾ انسانيت جي ترقيءَ جي تعليم
ڪانهي، انهيءَ مذهب کي مذهب ئي سڏي نٿو سگهجي.
انسان جي معنى ئي آهي هڪ ٻئي سان انس ۽ ٺاهه ۾
هلڻ. مون کي اگرچ اوهان جي خيالات سان ڪجهه قدر
اختلاف آهي ۽ ممڪن آهي ته سنڌ جي ٻين صاحبن جو حال
به ساڳيو هجي ته به مون ضروري سمجهيو ته اوهان جي
خيالات کي سنڌ جي پبلڪ تائين پهاچائجي(1).“
انگريزن کان آزادي وٺڻ واري تحريڪ ۾ حصو وٺڻ دوران
حڪيم صاحب آزاديءَ بابت اخبار ”الوحيد“ ۾ ڄاڻائي
ٿو ته:
”آزاديءَ جي مراد ۽ نتيجو فقط شڪم پروري يا تن
پوشي يا اهڙين دنيوي ضرورتن تائين محدود نه هئڻ
گهرجي. زندگي فقط پيٽ پالڻ ۽ ڇيڻي لاهڻ لاءِ نه
آهي. جنهن لاءِ جان جوکي ۾ وجهي قربانيون ڪري
آزادي حاصل ڪجي. ڇا، جيڪڏهن غلاميءَ جي حالت ۾
سکيو ٽڪر مليو، چڱا ڪپڙا موجود ٿي سگهيا، چڱيون
جايون جڙي مليون ته مراد پوري ٿي، نتيجو حاصل ٿيو؟
هرگز نه. ڇا، جيڪڏهن آزادي ملڻ بعد ڪن نا معلوم
سببن ڪري يا برن فعلن ڪري قدرتي بربادي سببان قحط
۽ ڪال پوڻ ڪري آزاد ماڻهن کي پيٽ ۾ بک رهي، انگ
اگهاڙا رهيا ته ائين چئبو ته آزاديءَ مان مراد ۽
نتيجو حاصل ڪين ٿيون؟ انهيءَ ڪري آزاديءَ جي مراد
۽ نتيجي ۾ جهڙيءَ طرح دنيا ئي خوشحاليءَ کي به
ڳڻيو وڃي(2).“
رسالو ”الجامعه“، هيءُ ماوهوار اخبار تعليمي ۽
اصلاحي رسالو سنڌ جي نامور اديب ۽ شاعر جناب حڪيم
فتح محمد سيوهاڻيءَ سنه 1925ع ۾ مدرسه اسلامي و
يتيم خانه کڏي ڪراچيءَ مان جاري ڪيو، جو ساڳئي وقت
سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ شايع ٿيندو هو. جنهن جي قيمت
في ڪاپي ٽي آنا ۽ سالانه چندو ٻه روپيه مقرر ڪيو
ويو. رسالي جاري ڪرڻ جو مقصد سنڌ جي مسلمانن کي
جديد علوم جي شوق ڏيارڻ سان گڏ منجهن اسلامي ۽
ديني قدر پيدا ڪرڻ به هو، جي رفته رفته مسلم قوم
مان نا پيد ٿي رهي هئا.
ادارت ۽ مواد: هن رسالي جو سرپرست حڪيم صاحب پاڻ
هو ته ادارت جي خرچ جو بوجهه به پاڻ تي هموار ڪيو
هئائين. هن جي شايع ڪرڻ جو مقصد به پاڻ ئي رسالي ۾
ڄاڻايو اٿائين ته:
”اڄ آئون هڪ علمي گلدستو هٿ ۾ کڻي علم دوست دوستن
جي اڳيان حاضر ٿيان ٿو. هونءَ ته منهنجا علمي
دوست اسلامي ڀائر مون کي گهڻي وقت کان وٺي گهڻو
سڃاڻن، پر ههڙيءَ طرح هڪ ماوهوار رسالي جي لکندڙ
تيار ڪندڙ (مدبر ايڊيٽر) جي حيثيت ۾ هيءُ پهريون
ئي دفعو آهي جو آئون سندن اڳيان اچان ٿو. ڪي دوست
شايد گمان ڪن ته فلاڻي کي ايڊيٽر ٿيڻ جي شوق هن
مونجهاري جهڙي ميدان ۾ آڻي سرگردان ڪيو آهي، يا ڪي
دوست چون ته حيات النبي، اخلاق محمدي، ڪمال ۽
زوال، ميرن جي صاحبي، سنڌي اسلامي نصابي تعليم ۽
ٻين اهڙن مفيد ۽ مقبول ڪتابن جي مصنف کي پئي ڪهڙي؟
جو هن کٽراڳ ۽ جنجال ۾ اچي پيو آهي. آئون ٻنهي
قسمن جي سڄڻن کي عرض ٿو ڪريان ته مون کي نه ههڙي
قسم جو شوق هو ۽ نه هن طرح سان مشهور ٿيڻ جي
ضرورت. منهنجي عاجز قلم هن وقت تائين جيڪا اسلامي
۽ علمي خدمت ڪئي آهي سا ئي منهنجي لاءِ دنيا ۾ نيڪ
نامي ۽ آخرت ۾ اجر ۽ ثواب جو ڪافي ذريعو آهي.
منهنجي قلم مون کي گهٽنئي اڻ ڏٺن دوستن جو دوست
بنايو آهي. ۽ گهڻنئي اڻ ڏٺل دوستن جي دليلن ۾ مون
لاءِ محبت ۽ مهربانيءَ جا دلنواز ۽ حوصله افزا
جذبا پيدا ڪيا آهن. جنهن لاءِ آئون اول ته الله
پاڪ جا شڪرانا ادا ڪريان ٿو ۽ پوءِ پنهنجن اهڙن
محبن جو شڪريو بجا آڻڻ لازم سمجهان ٿو. هن ميدان ۾
مون کي انهن ئي اسلامي جذبن ۽ خادمانه خيالن آندو
آهي، جن جي جذبن ۽ خيالن هن کان اڳ گهڻنئي خانگي
ڌنڌن جي ڪري اڻ واندڪـائي هوندي به منهنجن هٿن کي
سدائين خدمت گذار قلم پئي کڻايو آهي(1).
جيڪي هن کان اڳ ڪتابن جي صورت ۾ لکيو اٿم سو به
اسلامي خدمت ڄاڻي لکيو اٿم. جيڪي هاڻي ۽ هن کان
پوءِ هن علمي رسالي ۾ لکندس سو به ساڳئيءَ طرح
اسلامي ۽ علمي خدمت سمجهي لکندو رهندس“(2).
هن رسالي ۾ جيڪو مواد ڏنو ويو آهي سو خاص طرح مسلم
قوم کي جهالت جي اونداهيءَ مان ڪڍي علم جي روشنيءَ
۾ آڻڻ، مسلم قوم کي بيدار ڪرڻ، علم جي فائدن مان
واقف ڪرڻ، اسلامي اصولن کان روشناس ڪرڻ. سنڌ ۾
اسلامي ۽ علمي رونق قائم رکڻ ۽ پکيڙڻ، عربي علوم
جي حفاظت ڪرڻ لاءِ ننڍا وڏا عربي مدرسا قائم ڪرڻ
لاءِ مسلم قوم ۾ روه ڦوڪڻ ته جيئن سنڌ ۾ اسلامي
علم جو چهچٽو ٿئي.
اهڙيءَ طرح ٻيو خاص مقصد هو مدرسه مظهر العلوم کڏي
ڪراچيءَ کي زور وٺائڻ جنهن ۾ ان وقت پري پري کان
طالب العلم اچي داخل ٿيندا هئا، جن جي قيام ۽ کاڌي
جو انتظام مدرسه جي امداد لاءِ پرچار پڻ ڪيو ويندو
هو. جيئن مخير ماڻهو ان ڪم ۾ مدرسه جي هر ممڪن مدد
ڪن.
رسالي الجامعه مان حڪيم صاحب جي نثر جو نمونو مثال
طور هيٺ ڏجي ٿو:
”هي مبارڪ مهينو ربيع الاول آهي. زبان کي ذڪر نبي
عليه الصلواة والسلام جي لذت روز ياد اچي ٿي، وات
حضور جن جي نالي مبارڪ وٺڻ سان وڌيڪ پاڻي پاڻي ٿئي
ٿو. حضور اقدس صلي الله عليه وسلم جي ولادت شريف
جي احوال ڏسڻ ۽ ٻڌڻ، پڙهڻ ۽ پروڙڻ سان اکين کي نور
۽ سيني کي سرور، قلب کي قرار ۽ اندر کي آرام پهچي
ٿو. قلم گهري ٿو ته ڀلي گهوڙي وانگر ڪاغذ جي ميدان
تي تکو پنڌ ڪري حصور پر نور صلي الله عليه وسلم
جي ساري مقدس حياتيءَ جو ذڪر لکڻ جي منزل طئي
ڪريان. اگرچ پورو پوءِ به ٿيڻو ڪينهي، مگر ويچارو
ڪاغذ وسعت سنڀالي نٿو سگهي ۽ قلم جي اهڙي تير لاءِ
پورو ئي نه آهي. دل گهري ٿي ته درياهه وانگي محبوب
خدا صلي الله عليه وسلم جي حب ۽ عشق ۾ موجون ۽
ڇوليون هڻان پر درياءَ محبت ۾ غرق هجڻ ڪري عاجز
آهي. نه قلم ۾ قوت آهي نه ڪاغذ ۾ وسعت، نه دل ۾
طاقت آهي نه جان ۾ جرئت. قلم لاچار ۽ لنگ آهي،
ڪاغذ اڻپورو ۽ تنگ آهي. انهيءَ ڪري مختصر ذڪر لکي
بهبودي ۽ برڪت، خوشنوي ۽ فرحت، هدايت ۽ سعادت لطف
۽ لذت حاصل ڪجي ٿي(1).
هن رسالي ۾ ان وقت جي شايع ٿيندڙ ڪتابن تي تنقيد
به ٿيندي رهي جيئن ته مرحوم محمود خادم لاڙڪاڻوي
(وفات 1960ع) ڪتاب رياض البلاغت ۽ ٻيو شعر جي
تارازي لکيو انهن جي باري ۾ حڪيم صاحب پنهنجي
رسالي الجامعه ۾ ڄاڻايو آهي ته:
”سنڌ جي مصنفن گهڻائي ڪتاب لکيا مگر عروض کي
سنڌيءَ ۾ لکڻ جو خيال ڪيائون ئي ڪين. ”خادم“ صد
آفرين جي لائق آهي، جنهن هن فروگذاشت کي پوري ڪرڻ
جو خيال ڪيو. انهيءَ سلسلي ڪري سنڌي لٽريچر ۾ عمدو
اضافو ٿيندو. هن رسالي جو فصل چوٿون سنڌي شاعرن کي
خاص طرح پڙهڻ گهرجي. اميد ته ”خادم“ انهيءَ فصل کي
اڃا به وڌيڪ مفصل ڪري بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.
بهتر ٿئي ها ته علم عروض سان گڏ علم بديع نه گڏيو
وڃي ها ۽ ان تي جدا رسالو لکڻ گهرجي ها. سنڌ جي نو
آموز شاعرن کي هي ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي(1).“
”اصلاح“
هي هفتيوار اخبار پڻ مولانا حڪيم فتح محمد
سيوهاڻيءَ جي زير سرپرستي ماهه نومبر 1936ع کان
شايع ٿي. هن اخبار جا مدير عبدالغفور رحماني
سيتائي، محمد هاشم محرابپوري ۽ جمال الدين محمد
هاشم جهڙا ناميارا اديب ٿي رهيا. هن اخبار ۾
”عبدالله عبد“ معاون مدير جي حيثيت سان ڪم ڪيو.
هيءَ اخبار ڀارت پرنٽنگ پريس ڪراچيءَ ۾ ڇپبي هئي.
ان جو چندو هن ريت هو:
ساليانو 0-0-3 رپيا
ششماهي 0-8-1 رپيو
علماءَ ڪرام کان رعايتي ساليانو 0-0-1 رپيو
اخبار ۾ وقت بوقت جيڪي اشتهار ڇپبا هئا انهن جا
اگهه هن ريت هئا:
هڪ سٽ سنڌي زبان ۾ 0-4-0 آنا
هڪ سٽ انگريزي زبان ۾ 0-5-0 آنا
اهي اگهه ”اصلاح“ جي هر پرچي ۾ مٿان ئي ڏنل آهن.
ترتيب ۽ مواد: اخبار جو سرپرست ۽ ڪم ڪندڙ ٻيو عملو
نه صرف صحافتي دنيا جا چمڪندڙ ستارا هئا بلڪه ڪن
کي ته سنڌي علم و ادب ۾ پنهنجو پنهنجو منفرد مقام
حاصل هو. اهي نه رڳو قلم جا ڌڻي هئا، پر ڏات ڌڻي
به هئا. حڪيم صاحب توڙي عبدالله عبد سٺا نثر نويس
۽ شاعر پڻ هئا. هنن جي فڪر سبب ”اصلاح“ صحافت ۽
علم و ادب جي ميلاپ جو بهترين فن ٿي چڪي هئي. انهن
جهڙي نموني اصلاح کي سنواري ۽ سينگاري عوام جي اڏو
پئي پيش ڪيو، ان جو خاڪو هيٺين ريت هو:
اخبار جي پهرين صفحي تي وقت جي ڪنهن به نامياري
شاعر جو هڪڙو ڪلام ڏنو ويندو هو. هن صفحي جي
سينگار لاءِ ڪڏهن ڪڏهن خود حڪيم صاحب جو نالو ۽
سندس ڪلام ڪم آندو ويندو هو. ان کان سواءِ عبدالله
”عبد“ محمد هارون امير ۽ شيخ نور محمد ”نماڻو“
وغيره جي شاعري به هن صفحي تي شايع ٿيندي هئي.
هن صفحي تي جيڪو ڪلام شايع ٿيو انهيءَ منجهان فتح
محمد صاحب سيوهاڻي جي شعر (غلامي! ۽ تباهي !!) مان
چند مصرعون مثال طور هيٺ ڏجن ٿيون:
ٿيو قلب آهي قلم جو قيمو، ٿيو آهي مثال ڪباب
شامي.
ٿي روشنائي ڏک کان خاڪ سياهه آ هي سڙي ۽
کامي.
ڳڙن ٿا ڏک جا اکين مان ڳوڙها ۽ رت به ريلا ڪري
وهي ٿو.
ڏسي وطن جي تباهه حالي ۽ قوم پنهنجي جي هي
غلامي.
اڳي اسان جو شان عالي، هينئر خرابي
۽ خسته حالي.
دماغ بيجا ۽ کيسا خالي، هي سڀ اسان جي آ پنهنجي
خامي.
- الخ
(1)
هن صفحي تي جيڪا به شاعري شايع ٿي، سا ان دور جي
مسلمانن جي ادبي، قومي ۽ اخلاقي شاعريءَ جو بي
مثال شاهڪار آهي. اخبار جي اندرين صفحن ۾ هڪ -اڌ
مضمون، ايڊيٽوريل ۽ اشتهار، خاص خبرون، مزاحيه
ڪالم ”تفريحات“ وغيره ڏنا ويندا هئا. مضمونن جي
مطالعي ڪرڻ کان پوءِ چئي سگهجي ٿو ته انهن جو تعلق
اڪثر ڪري سنڌ جي مسلمانن جي سياسي، سماجي، مذهبي ۽
اقتصادي مسئلن سان هوندو هو. هنن ئي مضمونن جي
هيءَ مختصر وچورئي ڏسو:
”ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن ۾ مسلمانن جي حاضريءَ جو
نقشو“ ليکڪ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي مورخه
11-12-1936ع.
”ور نيڪيولر فائينل جي ڪورس ۾ درستي ٿيڻ کپي“ ليکڪ
عبدالله ”عبد“، مورخه 3-6-1936ع.
”مسٽر جمشيد مهتا پنهنجي اصلي رنگ ۾“ مورخه
25-6-1937ع.
هنن مضمونن کان سواءِ ڪڏهن ڪڏهن اخبار ۾ ادبي ۽
علمي مضمون به ڇپبا هئا. جهڙي نموني اخبار جا
مضمون قوم جي ترجمانيءَ جو ذريعو هئا ته اهڙي
نموني هيءَ اخبار جميعت العلماءِ سنڌ جي ترجمان به
هئي. ”اصلاح“ جا ايڊيٽوريل هن پارٽيءَ جا ترجمان
هوندا هئا(1).
هن اخبار جو سرپرست حڪيم فتح محمد ”جميعت العلماءَ
سنڌ“ جي اڳواڻن مان هڪ هو، انهيءَ ڪري سندس هيءَ
هفتيوار اخبار انهيءَ پارٽيءَ جو آرگن ٿي ڪم ڪندي
هئي. هن اخبار جا ايڊيٽوريل ”جميعت العلماءَ سنڌ“
پارٽيءَ جو بهترين سياسي ادب آهن. ”جميعت العلماءَ
سنڌ“ جي سياسي نظرين ۽ پاليسين جي پرچار ڪرڻ ۾ هن
اخبار اهم پارٽ ادا ڪيو. سنڌ ۽ هند جي هر اهم
سياسي موڙ تي هن اخبار پئي پنهنجي پڙهندڙن جي
پارٽيءَ جي اصولن مطابق رهنمائي ڪئي. مثال طور هتي
ان جو هڪ ”نون سڌارن“ جي وقت تي لکيل هڪ مختصر
ايڊيٽوريل ڏجي ٿو:
نوان سڌارا سائمن ڪميشن ۽ لنڊن ڪانفرنس جو ڦل آهن.
چوندا آهن ته: ”ٽڪريءَ کي سور ٿيا، ڄائي ڪئي“.
نون سڌارن جي ستايش ۽ واکاڻ ۾ ورهين کان وٺي وڏا
واتيرا وڏا وڏا وات ڦاڙي، هوڪا ڏيڻ لڳا. ڳچيءَ ۾
دهل وجهي، پڙها پئي گهمايائون، مگر تاڙيندڙن اڳي
ئي تاڙي ورتو ته هيءُ سڀ مڪاري ۽ فريب جو ڄار
ڦهلايل آهي. هندستان جي سياستدانن ۾ ٻه فرقا آهن:
هڪڙو آهي قرباني ڪرڻ سان، قربانيءَ جو ڦل وٺڻ
وارو، پنهنجي قوت، طاقت ۽ زور بازو سان آزادي حاصل
ڪرڻ وارو. ٻيو فرقو آهي: ٻين جي قربانين مان گهر
ويٺي ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ وارو. وات جا ڦٽاڪا ڇوڙي،
دهمان ٻڌڻ ۽ دڙڪا ڏيڻ وارو. عياش ۽ آرام طلب
سياستدان جي حيثيت ۾ جيڪي ملي، تنهن کي جهولي جهلي
وٺڻ وارو(1).
مزي جهڙي ڳالهه اها آهي ته جو ملڪ ۽ قوم کي ٺڳڻ
لاءِ هندن توڙي مسلمانن جا فرقه پرست ليڊر به
آزادي آزادي جو ئي سر الاپيندا رهن ٿا. مگر عمل
اهڙو ڪن ۽ قدم اهڙو کڻن ٿا، جنهن سان آزادي ته پري
ٿي، آزاديءَ جو پاڇو به بدنصيب هندستان کي نصيب
ٿيڻو نه آهي. ائين ئي غلاميءَ جا زنجير هندستان جي
پيرن ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيڻ وارا آهن(2).“
اخبار جو مستقل ڪالم ”تفريحات“ به مزي جهڙو قابل
ذڪر آهي. حالانڪه هن ڪالم ۾ گهڻو ڪري سياسي ۽ ادبي
دشمنن کي نشانو بنايو ويندو هو. ان هوندي به ٻولي
توڙي طنز مزاح جي فن جو شاهڪار هوندو هو. هي ڪلام
”علامه بزله سنج سلم الله“ جي قلمي نالي سان لکيو
ويندو هو. تفريحات جو ڪالم حڪيم صاحب مرحوم پاڻ
لکندو هو. هڪ ڪالم مثال طور هيٺ ڏجي ٿو:
”يورپ جي پيدا ڪيل پيروي ڪندي دنيا ۾ معمولي طرح
ته قسمين قسمين ڪانفرنسون ٿينديون رهن ٿيون ۽
ٿينديون رهنديون. مگر هاڻي جو حضور جانور نواز
وائسراءِ صاحب بهادر جي سرپرستيءَ جي هڪ تازه
بتازه ۽ نوبنو ڪانفرنس ”آل انڊيا چوپايا جانور
ڪانفرنس“ شمله شريف ۾ ٿي گذري. پنهنجي نموني ۽
نوعيت جي هڪ نرالي ۽ عجيب ڪانفرنس چئبي. انهيءَ
ڪانفرنس، جو نالو انگريزيءَ ۾ آهي ”آل انڊيا ڪيٽل
ڪانفرنس“ يعني سڄي هندستان جي چوپايا جانورن جي
ڪانفرنس، پر اوهين ٻڌي عجب کائيندؤ ته انهيءَ
ڪانفرنس ۾ سڄو هندستان ته پري رهيو، پر شمله شريف
جي آس پاس جي جانورن مان ڪو به هڪ ڊيليگيٽ يا
وزيٽر حاضر ڪو نه هو. تڏهن اوهين پڇندا ته ڇا
ڪانفرنس ڪامياب نه ٿي؟ صاحب، نه!! ڪانفرنس ان
هوندي به چڱيءَ طرح ڪامياب ٿي. منجهس جيتوڻيڪ
چوپايا جانور حاضر ڪين هئا، ته به انهن جا ڀائر ٻه
پايا جانور سڄي هندستان مان سرڪار چونڊي موڪليا
هئا، جي پنهنجي بي زبان ڀائرن جا ترجمان ٿي
ڪانفرنس ۾ براجمان اچي ٿيا. ٻين پرڳڻن جي اسان کي
خبر ڪانهي ته ڪهڙي قد و قدامت جا ڊيليگيٽ موڪليا
ويا هئا، پر سنڌ مان اسان جو سدا سهڻو، ٿلهو
متارو، وڏي دماغ ۽ وڏي پيٽ وارو خان صاحب گبول به
انهيءَ چوپايا جانور ڪانفرنس ۾ بطور ڊيليگيٽ
موڪليو ويو هو ........(1).
اخبار جي آخرين ۽ پوئين صفحي تي خبرون ڏنيون
وينديون هيون، جيڪي هيٺين حصن ۾ تقسيم ٿيل هونديون
هيون:
اسلامي ملڪن جون خبرون.
دنيا جون خبرون.
هندستان جون خبرون.
خاص سنڌ جون خبرون.
ليکڪ لالچند امر ڏنو مل ”سنڌي اخبار نويسيءَ
جي تاريخ ”مقالو ماهوار ”سنڌو“ شڪارپور آگسٽ
1946ع.
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو مقالو ”ڪراچي ضلعي جو
سنڌي ٻولي ۽ علم ادب ۾ حصو ڊي-فل لاءِ پيش ڪيل
سنه 1979.
ڪريم بخش خالد ”سنڌي صحافت“ سکر سنه 1955ع ص
100.
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو مقالو ”ڊي فل“ لاءِ سنه
1979ع.
لالچند اسر ڏنو مل ”سنڌي اخبار نويسيءَ جي
تاريخ“ ماهوار ”سنڌو“ آگسٽ 1946ع، ص 23.
منگهارام ملڪاڻي ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ڪونج
پبليڪيشن، حيدرآباد 1977ع، ص 31.
”سنڌي اخبار نويسيءَ جي تاريخ“ ماهوار”سنڌو“
آگسٽ 1946ع، ص 23.
منگهارام ملڪاڻيءَ جي ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ص
242.
ڏسو اخبار تعليم (گهڻو ڪري سڀيئي پرچا ڪاليج ۾
موجود آهن).
سنڌي اخبار نويسيءَ جي تاريخ ماهوار ”سنڌو“
آگسٽ 1946ع، ص 24.
پير علي محمد راشدي ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ جلد
پهريون س.ا.بورڊ سنه 1947ع حيدرآباد ص. 140.
ماستر محمد قاسم پلي (رٽائيرڊ) عمر ڪوٽي کان
معلوم ڪيل.
P. Hardy “The Muslim of British India”
Educational Press, Karachi, p. 135, 1973.
Dr. M.A. Aziz “A History of Pakistan” Lahore
1979, p. 127.
هي حقيقتون ”الوحيد“ جي پراڻن رسالن ۾ ڏنل
آهن.
مصنف ڪريم بخش خالد حبيب پبليڪيشن سکر، مارچ
1955ع. ”سنڌي صحافت“ ص 144-145.
ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل کان معلوم ڪيل.
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ”قلندر نامه“ شهباز
ائڪيڊمي، حيدرآباد 1972ع.
حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جو مضمون ”هندو مسلم
فساد بابت“ الوحيد مارچ 1924ع.
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ”ڊاڪٽر شير نور مقيم
برلن جي خط جو جواب“ الوحيد 27 مارچ 1924ع.
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ”آزاديءَ جي مراد ۽
نتيجو مضمون“ الوحيد 28 مارچ 1924ع.
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ”الجامعه ماهوار“
آڪتوبر 1925ع.
رساله ”الجامعه“ ماهه آڪٽوبر 1925ع.
حــڪــيــم فتح محمد سيوهاڻي ”رساله الجامعه“،
حضور اڪرم صلعم بابت مضمون آڪٽوبر 1925ع ص
10.
رسالو ”الجامعه“ ڪراچي ماهه جون 1926ع.
هفتيوار ”اصلاح“ ڪراچي، جلد 1، نمبر 31، مورخه
25-6-1937ع.
هفتيوار اخبار ”اصلاح“ ڪراچي، جلد 1، نمبر 31،
مورخه 25-6-1937ع، ص 3.
|