باب چوٿون
حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جون سياسي خدمتون
فصل پهريون
سياست لفظ جي معنى ۽ مفهوم
سياست لفظ عربي زبان مان ورتل آهي، جنهن جي معنى
آهي حڪومت، سلطنت جو ملڪي انتظام، تدبير وغيره(1).
سياست مان مراد آهي ملڪ و قوم جي روز مره جا مسئلا
۽ معاملا، جن جو تعلق حڪومت ۽ ملڪ سان هوندو آهي.
انهيءَ لحاظ کان هر ملڪ ۽ قوم جي سياست مختلف
هوندي آهي. ڪنهن ملڪ جي سياست تي مذهب جو رنگ
چڙهيل هوندو آهي ته ڪنهن تي شهنشاهيت يا نوآباديات
جو رنگ ڇانيل هوندو آهي. ڪٿي نسلي ڪشمڪش ۽ جهڳڙا
جاري هوندا آهن ته ڪنهن ملڪ جي سياست ملڪ گيري جي
هَوَس، ته ڪٿي وري سياست ملڪ جي ترقيءَ ۽
خوشحاليءَ لاءِ ڪوشان هوندي آهي. اهڙيءَ سياست هڪ
اهڙو فن آهي، جنهن سان حڪومت بنائي، ڊاهي يا
بدلائي سگهجي ٿي.
هڪ انگريز مصنف ”سر فريڊرڪ پولڪ“ سياست کي مکيه ٻن
حصن ۾ ورهايو آهي: هڪ نظري سياست ۽ ٻي عملي سياست.
نظري سياست ۽ رياست جو آغاز، ان جي ارتقا ۽ مختلف
شڪليون، حاڪميت ۽ ان جا نظريا، آئينس جا مختلف
نظريا، حڪومت جي تشڪيل، آمدني، خرچ، قومي دولت،
ملڪي قانون سازي ۽ ان جا دائره اختيارات اچي وڃن
ٿا.
عملي سياست ۾ موجوده رياستن حڪومتن جو حال، رياست
جا جاگرافيائي حدود، ملڪ جو آئين، حڪومت جو نظام،
فوج جي مداخلت، قانون سازي جا قاعدا ۽ اصول،
عدالتن، تنظيمن وغيره تي بحث ڪيل هوندو آهي.
ازانسواءِ شخصي حيثيت ۾ رياستن جا باهمي تعلقات،
جنگ، صلح نامه، بين الاقوامي معاملات وغيره جو پڻ
ذڪر ڪيل هوندو آهي(1).
فصل ٻيو
حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي دور ۾ ننڍي کنڊ جي
سياسي جهلڪ؛
ويهين صدي شروع ٿي ته انگريزن جي ساٺيڪو ورهين جي
دور حڪومت ۾ هندستاني به نهايت اعلى تعليم يافته ۽
صاحب اقتدار ٿي چڪا هئا. دنيا جي نئين تاريخ به
هنن جي مطالعي هيٺ اچي چڪي هئي. هو دنيا جا سير به
ڪري چڪا هئا. هندستانين ۾ ڪافي سوجهه ٻوجهه اچي
چڪي هئي. هڪ طبقو ”نيشنل ڪانگريس“ جي وسيلي پنهنجي
ڪوشش سان انگريزن کان اقتدار کسڻ جي ڪوشش ڪري رهيو
هو ته هڪ ٻيو طبقو به پيدا ٿيو، جنهن جو مقصد هو
ته هندستان ۾ جيڪڏهن قانوني انقلاب نه اچي سگهي ته
ڪنهن نموني غير قانوني انقلاب آندو وڃي. ان طبقي
جو مرڪز بنگال هو. انهن ڏينهن ۾ انگريزي حڪومت جو
مرڪز به بنگال هو پوءِ سنه 1912ع ۾ دهلي آندو ويو.
ان وقت انگريزين محسوس ڪيو ته هندستانين جو زور
ٽوڙڻ ضروري آهي. انهيءَ ڪري هنن شروع ۾ خيال ڪيو
ته مسلمانن جي مڪمل سرپرستي ڪئي وڃي. سر سيد احمد
خان جي ڪوششن سان مسلمان به ڪافي تعليم يافته ٿي
چڪا هئا، پر جيترو اقتدار هندن کي حاصل هو. ان جي
مد نظر مسلمانن جو وڌڻ ڏکيو ٿي لڳو. انهيءَ ڪري
اها ڪوشش ڪئي ويئي ته جن ايراضين ۾ مسلمانن جي
گهٽائي هئي اتي مسلمانن کي وڌايو وڃي. انهيءَ
مذهبي نقطه نگاهه کان بنگال کي به اڌ ڪيو ويو،
سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۾ جتي (مسلمان گهڻا هئا)
مسلمانن کي نوازڻ شروع ڪيائون.
هن تبديليءَ ڪري مسلمان ته خوش ٿيا پر هندو باهه
ٿي ويا ۽ يڪدم هڪ زبردست انقلابي پارٽي قائم ڪري
سڄي هندستان ۾ پکڙجي ويا. هن پارٽيءَ ٿوري ئي وقت
۾ ڪافي ترقي ڪئي. ايتري قدر جو سنه 1906ع ۾
مدناپور وٽ انگريز ليفٽيننٽ گورنر جي گاڏيءَ تي بم
اڇلايو ويو. ساڳئي سال ڊاڪا جي انگريزي ڪليڪٽر کي
گوليءَ سان اڏايو ويو. اهڙيءَ طرح 1909ع تائين
سوين انگريز آفيسرن تي قاتلانه حملا ڪيا ويا ۽
انگريزن به گهڻئي انقلابين کي جيل ۾ ڦاسيون ڏينون.
هنن تحريڪن انگريزن کي اهڙو ته لاچار ڪيو جو نيٺ
سنه 1911ع ۾ کين بنگال جو ورهاڱو رد ڪرڻو پيو. پر
نتيجو الٽو نڪتو جو هاڻي اتي جا مسلمان به سندن
مخلاف ٿي ويا. بنگال جي ورهاڱي رد ٿيڻ کي انقلابين
پنهنجي وڏي فتح سمجهي ۽ بجاءِ مڙڻ جي وڌيڪ تيز ٿيڻ
لڳا راش بهاري بوس (جنهن خاندان مان سباس چندر بوس
مشهور ليڊر ٿي گذريو آهي) گويا انقلابين جو اڳواڻ
هو. هن شخص هندستان جي وائسراءِ لارڊ هارڊنگ جي
شاهاڻي جلوس تي دهليءَ جي چاندني چوڪ ۾ بم ڦٽو ڪيو
۽ وڏي ڳالهه ته پڪڙجي به نه سگهيو، پوءِ هن وڃي
پنجاب کي مرڪز بنايو. اتي وشنو گنيش پنگلي محب وطن
مرهٽو به ساڻن شامل ٿيو ۽ بم بازيءَ جي تحريڪ کي
ڪافي پکيڙيو. اهڙيءَ طرح پنجاب ۾ لالا لجپتراءِ،
سردار اجيت سنگهه، ڀائي لالچند، ڀائي پر مانند ۽
ٻين وڏيون تحريڪون هلايون. لالا هرديال لاهور ۾
بلوو پارٽي قائم ڪئي پر هند ۾ ان کي وڏو خطرو
سمجهي ان جو مرڪز آمريڪا ۾ قائم ڪيو، جتان ”بلوو“
نالي اخبار جاري ڪيائين، جا ڪيترن ئي هندستاني
ٻولين ۾ ڇپبي هئي. جنهن کي مخفيءَ طرح هندستان ۾
نهايت دلچسپيءَ سان پڙهيو ويندو هو.
ان بعد جلد ئيي 1914ع ۾ ”پهرين جنگ عظيم“ شروع ٿي
ويئي ۽ انقلابي پارٽيءَ ڏٺو ته هاڻي انگريزن کي
پريشان ڪرڻ جو ڀرپور موقعو آهي، ان ڪري هڪ
هندستاني ”بابا گورودت سنگهه“ ڇا ڪيو جو 351 سک ۽
31 پنجابي مسلمانن جو جٿو ٺاهي جپان کان هڪ جهاز
هانگ ڪانگ تائين ڪرايه تي ورتو، پوءِ انهن جي
وسيلي انگريزن سان سينگاپور ۾ ايتري قدر چڪريون
کاڌيون جو خود اتي جي گورنر کي قيد ڪري اتي جا
حاڪم بنجي ويا، پر پوءِ گرفتار ٿي پيا مگر گورودت
سنگهه 25-30 محب وطن سان گڏ ڀڄي پنجاب ۽ ٻين به
علائقن ۾ ڪافي سورش پکيڙي ۽ انگريزن کي قتل
ڪيائون.
جنگ ۾ ڪانگريسي هندو خواهه مسلمان انگريزن سان ساز
باز ٿيا، پر انگريزن ترڪن خلاف اهڙا قدم کنيا جو
مسلمان باهه ٿي ويا. سنه 1916ع ۾ مسلم ليگ ۽
ڪانگريسي پاڻ هڪ ٿي ويا ۽ ٺاهه ڪري انگريزن آڏو
مطالبا پيش ڪيائون. جنهن تي لاچار انگريزن به هڪ
شاهي اعلان ڪيو ته ”اسين جلد ئي هندستانين کي
حڪومت ڏينداسون. انهيءَ وعدي تي ڪانگريس ۽ مسلم
ليگ جنگ ۾ انگريزن طرفان ڀرپور حصو ورتو. نتيجي
طور پندرهن لک هندستاني سپاهي فوج ۾ داخل ٿي ۽ سٺ
ڪروڙ رپيا جنگي فند ۾ ڏنائون، پر جڏهن جنگ بند ٿيڻ
بعد سنه 1917ع ۾ هندستانين کي خود حڪومت ڏيڻ جو بل
پيش ڪيو ويو تڏهن انگريز پنهنجي ڪيل وعدي تان ڦري
ويا، جنهن تي هنن شور ڪيو ته انگريزن ”رولٽ ائڪٽ ۽
ڊفينس آف انڊيا“ پاس ڪري انقلابين کي اڻ ڄاڻايل
مدي تائين جيل ۾ رکڻ شروع ڪيو(1).
هن سلسلي ۾ گورنمينٽ جي طرفدار اخبار ”سچائي“ لکي
ٿي ته:
”پنجاب ۾ جيڪي فساد ٿيا تن ۾ ڏوهين تي مارشل لا
هيٺ قاعدي پٽاندر مقدمن هلائڻ لاءِ جيڪي مارشلا
ڪميشنون مقرر ڪيون ويئون هيون تن 114 ڪيس هلايا ۽
انهن ڪيسن ۾ تهمتين جو تعداد جن تي مقدمو هلائڻ ۾
آيو 852 هو جن مان 581 ڄڻن کي ڏوهي ٺهرايو ويو ۽
271 کي ڇوٽڪارو ڏنو ويو. 351 ڄڻن کي مختلف سزائون
ڏنيون ويون“(2).
انهيءَ تان هندستانين کي ڏاڍي چڙ لڳي. مهاتما
گانڌي ”ستيا گره“ جو اعلان ڪيو ته سڄي هندستان ۾
بي چيني پيدا ٿي ويئي. هڙتالون ٿيون، جنهن تي
مهاتما گانڌي، ڊاڪٽر ڪچلو ۽ ڊاڪٽر ستياپالي کي
گرفتار ڪيو ويو. تان ته ساري هندستان ۾ ڄڻ آگ لڳي
ويئي. سڀني هنڌن تي سخت وڳوڙ پيدا ٿيا ۽ نتيجي طور
انگريزن هندستانين تي تمام گهڻا ظلم ڪيا. پنجاب ۾
جليانو الا باغ ۾ جلسي جو اعلان ڪيو ويو هو ۽ ان
ڏينهن تي هند جو به اتي هڪ ڌرمي ميلو هو. جيتوڻيڪ
حڪومت طرفان جلسي ڪرڻ جي منع ڪئي ويئي هئي، پر
تنهن هوندي به پنجويهه هزار کن عوام گڏ ٿيو هو.
جنهن ۾ لالا هنسراج تقرير ڪري رهيو هو، اهڙي وقت ۾
باغ جي سوڙهي دروازي تي مشين گن سان فائير ڪيا
ويا، سورهن سئو رائونڊ هليا، جنهن ۾ ڪيترا مرد،
زالون ۽ ٻار قتل ٿي ويا. اهڙا ظلم ڪيترائي ڏينهن
جاري رهيا. ڪرفيو پڻ لڳايو ويو. ايڏن ظلمن جي
انصاف جي پتلي سڏائيندڙ انگريز حڪومت جنرل ڊائر کي
پوري پگهار سان ولايت موڪليو ۽ اتي عوام طرفان کيس
ساڍا ست لک رپيا تحفي طور ڏنا ويا.
سنه 1920ع ۾ ڪانگريس جو اسپيشل اجلاس لالا
لجپتراءِ جي زير صدارت ٿيو، جنهن ۾ قطع تعلقات جو
پروگرام هنن نڪتن سان شروع ڪيو ويو ته ”انگريزي
مال، اسڪولن، ڪورٽن ۽ نوڪرين جو بائڪاٽ ڪري ساڻن
هر طرح جا لاڳاپا ٽوڙجن. هن جنگ ۾ جرمنيءَ سان گڏ
ترڪيءَ به هارايو، تنهن ڪري انگريزن ترڪيءَ جي هٿ
هيٺ جيڪي عربي ملڪ هئا، سي کانئن کسي انگريزن ۽
فرينچن پاڻ ۾ ورهائي کنيا ۽ هڪ ترڪيءَ جو حصو
يونانين کي ڏنائون، باقي جيڪو ملڪ بچيو، تنهن تي
انگريزن تسلط ڄمايو. انهيءَ ڳالهه تان ناراض ٿي،
هند جي مسلمان عالمن (جيڪي ترڪيءَ جا خير خواهه
هئا) ”خلافت تحريڪ“ هلائي. اهڙيءَ طرح ٻنهي طرفن
انگريزن لاءِ ”ترڪ موالات“ يعني ڪا به دوستي نه
رکڻ جو پروگرام هلايو ۽ ساڳين ٺهرائن جي ڪري
بيشمار ماڻهن نوڪريون ڇڏي ڏنيون. وڪيلن وڪالت ترڪ
ڪئي، ماڻهن ڪورٽن مان مقدما ڪڍرائي ڇڏيا، انگريزي
ڪپڙي کي جلايو ويو. انهيءَ ڪري پڪيٽنگ شروع ٿي.
انگريزن گرفتاريون شروع ڪري جيل ڀري ڇڏيا، پر عوام
جي جوش ۾ ڪمي نه آئي(1).
هن سلسلي ۾ مسٽر رضوان احمد روزنامه جنگ ۾ لکي ٿو
ته: ”7 -نومبر 1921ع تي خالقڏني هال ڪراچيءَ ۾
بغاوت جي مقدمه ۾ فيصلو ڏنو ويو ته انهن کي ٻه ٻه
سال قيد بامشقت ڏني وڃي ٿي، جن ۾ هيٺان قومي اڳواڻ
شامل هئا:
مولانا محمد علي آف رامپور
مولوي حسين احمد آف ديوبند
ڊاڪٽر سيف الدين ڪچلو آف امرتسر.
پير غلام مجدد آف مٽياري
مولوي نثار احمد آف ڪانپور
ڪرشنا تيرٿ عرف ونڪٽرامن
مولانا شوڪت علي آف رامپور
مذڪوره شخصن تي الزام لڳايا ويا ته هنن مسلم
آفيسرن ۽ مسلح فوج جي سپاهين کي برطانوي حڪومت
خلاف بغاوت ڪرڻ لاءِ برغلايو. اهڙا پمفلٽ ۽ اشتهار
استعمال ڪيا“(1).
انهيءَ زماني ۾ سنڌ ۾ مخلص مرحوم جو هي شعر سنڌ جي
ٻچي ٻچي جي زبان تي هو:
”سچ چئي جلدي وڃن ٿا مرد ميدان جيل ۾،
ويو وٺي آهي انهن کي فضل يزدان جيل ۾!“
البت عين وقت تي انگريزن جي چالاڪيءَ ڪري مسلم
ليگين جا ٻه حصا ٿي ويا. هڪڙا انگريزن جي برپا ڪيل
امن سڀائن ۾ شامل ٿي وڃي جيءُ حضوري ڪرڻ ۽ فائدا
حاصل ڪرڻ لڳا ۽ ٻيا قطع تعلقات ۾ شريڪ ٿي هر طرح
قربانيون ڏيڻ لڳا ۽ ساڳي حالت هندو مهاسڀا سان به
ٿي.
هن صورتحال انگريزن کي ايڏو ته پريشان ڪيو جنهن جي
ڪا حد حساب ڪا نه هئي. هنن جي آفيسرن ته ڊپ وچان
پنهنجي بنگلن ۾ سمهڻ ڇڏي ڏنو ۽ نا معلوم هنڌن تي
وڃي سمهڻ لڳا. آخر سندن عقل پلٽو کاڌو ۽ هنن ٻه
شخص ميدان ۾ آندا هڪ شري سوامي شر ڌانند، جو قطع
تعلقات وقت انگريزي گولين اڳيان سينو تاڻي بيهي
رهيو ۽ مسلمانن جو ايڏو ته پيارو هو جو کيس مسجد ۾
تقرير ڪرڻ لاءِ اجازت ڏنائون. پر جيل اندر اهڙو ته
چڪر ڦريو جو جڏهن سندس ڇهه سال سزا گهٽائي ٻن سالن
اندر کيس آزاد ڪيو ويو ته يوپي طرف وڃي هن اول
ننڪانا مسلم راجپوتن کي شڌ ڪري هندو آريه بنايو.
اهڙيءَ طرح سڄي هندستان ۾ اها تحريڪ شروع ٿي ويئي
۽ بئي طرف وري حضرت خواجه حسن نظامي به هلچل شروع
ڪئي.
قطع تعلقات جا اڳواڻ ته جيل ۾ هئا پر هي نوان
اڳواڻ ساري هند ۾ سڌي ۽ تبليغ جو محاذ ايڏو ته
وسيع ڪري ويا جو هندو مسلمان پاڻ ۾ وڙهي پيا. ڪاڏي
ويئي محبت ڪاڏي ويو اتحاد، هڪ طرف ”ڪفر ٽوڙ محاذ“
ته ٻئي طرف ”مليچ ٽوڙ اڏو“ هن زد ۾ ڪيترائي هندو ۽
ڪانگريسي مسلمان به لڙهي ويا. هندو مسلمان هڪ ٻئي
جي اڳواڻن کي کليو کلايون گاريون ڏيڻ لڳا ۽
مسلمانن کي هند مان ڪڍي عربستان ڏي ڌڪڻ جا دڙڪا
ڏيڻ لڳا(1).
انهيءَ کان اڳ واري سياسي ماحول بابت پير علي محمد
راشدي اخبار جنگ ۾ لکي ٿو ته:
”انهيءَ دور ۾ وڏن سياسي ليڊرن جي وچ ۾ اختلاف
ٿيندا هئا. ڪڏهن ته شديد صورت اختيار ڪندا هئا پر
اهي شخص وضعدار، ذميدار، مذهب ۽ شريف ماڻهو هئا.
شخصي طرح هڪ ٻئي سان نفرت ڪندا هئا پر ٻئي ڪنهن جي
جان يا آبروءَ جا دشمن نه هئا. انهن کي پنهنجو
اصول هو. ڪيتريون ئي تحريڪون انهن ڏينهن ۾ هلنديون
هيون: ڪانگريس، ليگ، مهاسڀا، جميعت العلماءِ،
خلاف، تنظيم، احرار، نيلي پوش، سرخ پوش، خدائي
خدمتگار، شهيد گنج، جناح ليگ، شفيع ليگ، اڪالي دل،
گور دواپر ٻنڌ هڪ، خاڪسار وغيره، پر هڪ ڳالهه سڀني
۾ مشترڪ هئي ته سندن تحريڪن ۾ اختلاف ڪيترائي شديد
نوعيت جا هئن پر شخصي طرح اهڙي حرڪت نه ٿيندي هئي
جنهن مان مجموعي طرح قوم جي بدنامي، بي آبروئي ٿئي
يا خودا اعتمادي کي نقصان پهچي وغيره(2).“
فصل ٽيون
”سنڌ جون سياسي حالتون“
(الف) آل انڊيا سياسي جماعتون ۽ سنڌ:
19 صديءَ ۾ ڪيتريون ئي سياسي پارٽيون هندستان اندر
وجود ۾ آيون. انهن جا مقصد ۽ مول متا اهي ئي هئا
ته هندستان ۾ خود مختياريءَ جو حق وٺجي. هڪ ٻئي
پٺيان فرقه ورانه جماعتون مذهبي بنياد تي ٺاهيون
ويون. سڀني سياسي پارٽين وقت بوقت پنهنجي مقصدن ۽
قاعدن ۾ ڦير ڦار پئي ڪئي. ال انڊيا ليول تي جيڪي
به سياسي پارٽيون هيون، انهن گهڻو ڪري ملڪ جي
آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪئي جهڙوڪ: آل انڊيا ڪانگريس
پارٽي ۽ آل انڊيا مسلم ليگ اهي ٻئي جماعتون
هندستان ۾ مقبول هيون. ٻيون سياسي پارٽيون گهڻو
ڪري مذهبي بنياد تي ٺاهيون ويون هيون. جهڙوڪ: هندو
مهاسڀا، خلافت ڪاميٽي، جميعت العاماءَ هند ۽
خاڪسار پارٽي.
سنڌ، آل انڊيا سياسي جماعتن ۾ شامل رهي. هر
پارٽيءَ جون شاخون سنڌ ۾ به قائم ٿيون. جيڪا به
هندستان ۾ تحريڪ هلي تنهن سنڌ تي اثر پئي وڌو. سنڌ
هر تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. هندستان ۾ قائم ڪيل
سياسي جماعتون جن جا مرڪز گهڻو ڪري دهلي، بمبئي ۽
لکنو هئا، تن ۾ سنڌ جي ماڻهن دلچسپي پئي ورتي.
ڪانگريس طرفان ”هلايل هوم رول ليگ“ ”هند خالي
ڪريو“ ”لوڻ تحريڪ“ وغيره انهن تحريڪن ۾ سنڌ وڏو
ڪردار ادا ڪيو. مسلمانن طرفان خلافت تحريڪ لاءِ
سنڌ هندستان جي ٻين صوبن کان وڌيڪ حصو ورتو.
”خلافت تحريڪ“ جي فند ۾ وڌ ۾ وڌ چندو سنڌ مان وصول
ڪيو ويو. “هجرت تحريڪ“ ۾ سنڌي مسلمان مهاجر ٿيا.
جيڪي به سنڌ کي الوداع چئي هجرت ڪري ويا سي دربدر
ٿي نهايت ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ فوت ٿي ويا. هزارن
جي تعداد ۾ ماڻهن وطن ڇڏي افغانسان هجرت ڪئي مگر
مرڪزي علائقن مان ڪو به مسلمان هجرت ڪري نه ويو.
سنڌ ۾ مذهبي تعليم جو جذبو هو. هر مذهبي مسئلي تي
سنڌ جا مسلمان قربان ٿيا. هن سلسلي ۾ لاڙڪاڻه گزيٽ
لکي ٿي ”ڪيترا ماڻهو پنهنجيون جايون ٻنيون وڪڻي
خلافت تحريڪ ۾ ساٿ ڏيڻ لاءِ هجرت واسطي اسٽيشن تي
تيار ٿي آيا. مورخه 9 جولاءِ 1920 تي مهاجرن سان
ڀريل اسپيشل گاڏيون لاڙڪاڻي مان روانيون ٿيون جو
انهن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻو هجرت ڪاميٽيءَ جو هيڊ ڪوارٽر
هو(1).
انگريزن جي شروع کان ئي ”هندستان ۾ اها پاليسي هئي
ته ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو“ جيئن ته قطع تعلقات
تحريڪ ۾ گهڻو هٿ مسلمان جو هو انهيءَ ڪري انگريزن
وري هندن جي پٺڀرائي ڪئي. سرڪاري دفترن ۾ هندن جون
ڀرتيون ٿيڻ لڳيون ۽ ولائتي ڪمپنين جون ايجنسيون به
هندن کي ملڻ لڳيون جنهن ڪري کين نفعو زياده ٿيو ۽
سندن اقتدار وڌڻ لڳو. ساڳئي وقت کين اهو به انديشو
هو ته متان مسلمان حڪومت ۾ شامل ٿين انهيءَ ڪري
مسلمانن جي خلاف انگريزن جا ڪن ڀرڻ شروع ڪيائون.
جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته مسلمان هڪ طرف سياسي،
تجارتي ۽ صنعتي طرح برباد ٿي چڪا هئا ته ٻئي طرف
وياج ۾ سندن الهه تلهه چٽ ٿي ويو. انهيءَ وقت کان
وٺي مسلمان جو تنزل شروع ٿيو. هيڪاري اقتصادي
حالتن مسلمانن ۽ هندن جي اصلاح ۽ اتفاق کي تباهه
ڪري ڇڏيو اتان ئي خصومت ۽ باهمي عداوت جو بنياد
شروع ٿيو.
آخر سنڌ ۾ جيئن ته مسلمان جي گهڻائي هئي، انهيءَ
ڪري خيال ڪيائون ته ڇو نه سنڌ کي بمبئيءَ کان ڌار
ڪرائي، اتي پنهنجو اقتدار قائم ڪري، مسلم قوم کي
ترقي ڏيارجي. انهيءَ خيال جي مدنظر ”سنڌ محمدن
ائسوسئيشن توڙي سنڌ پراونشل ڪانفرنس“ طرفان سنڌ جي
جدائي جي سوال کي وزير هند مسٽر مانٽيگو (جو انهن
ڏينهن ۾ سنڌ ۾ آيل هو) جي آڏو پيش ڪيو ويو(1).
جنهن جي صلاح سان مسٽر حاجي بئريسٽر بمبئي ڪائونسل
۾ سنڌ جي جدائي بابت ريزوليشن آندو. پر واري نه
ملڻ سبب اتي ئي رهجي ويو. ان کان پوءِ به اهو
معاملو هلندو رهيو. اخبارون لکلنديون رهيون. مسلم
اڳواڻن جون گڏجاڻيون ٿينديون رهيون(2).
(ب) سنڌ جي بمبئي کان علحدگي ۽ صوبائي خودمختياري
جي تحريڪ:
انگريزن سنڌ جي فتح ڪرڻ کان پوءِ ستت ئي انتظامي
سهوليت خاطر ان کي بمبئي کاتي سان ملائي ڇڏيو. هن
زبردستي واري ڳانڌاپي جو درو اسي سال کن هليو.
بنيادي ۽ فطرتي تفاوتن جهڙوڪ: جاگرافي، آبهوا،
زبان، زراعتي ۽ اقتصادي حالتن، گذشته تواريخ ۽ نسل
جي ڪري هي ميلاپ صوبي جي مادي تعمير خواهه سياسي
ترقي لاءِ رڪاوٽ ثابت ٿيو. سنڌ جون خاص حالتون ۽
سندس جداگانه مسئلا بمبئي جا سياستدان يا حڪومت
چڱيءَ طرح سمجهي نه سگهيا ۽ نڪي وري منجهن سنڌ جي
معاملات لاءِ دلچسپي ۽ همدردي پيدا ٿي سگهي(1).
نون سڌارن ملڻ جي اميد جاڳڻ سان سنڌ کي بمبئي کان
جدا ڪرڻ جي تحريڪ ” آزاد سنڌ“ جي نالي ۾ سنڌ جي
خيرخواهن طرفان جاري ٿي. جنهن جي فرقه پرست هندو
گروه طرفان هيٺين دليلن جي بنياد تي سخت مخالفت
ڪئي ويئي:
سنڌ جي مالي حالت ڪمزور هئڻ ڪري هوءَ جدا صوبي جي
خرچن جو بار کڻي نه سگهندي.
سنڌ ۾ سياسي بيداري ڪا نه آهي، جنهن ڪري سندس
چونڊيل عيوضي حڪومت چڱيءَ طرح هلائي نه سگهندا ۽
انتظام جي مٽي پليد ڪري ڇڏيندا.
مسلمان سنڌ ۾ گهڻائي جو فائدو وٺي هندو اقليت جي
اقتصادي ۽ معاشرتي مفاد کي نقصان پهچائيندا.
انهن اعتراضن جا جواب ”آزاد سنڌ“ جي حامين طرفان
هيٺين نموني ڏنا ٿي ويا:
سنڌ کوٽ وارو پرڳڻو نه آهي، پر جي کڻي هجي به، ته
بمبئي کي ان جو بار کڻن لاءِ ڪهڙو ضرور آهي؟ جنهن
صورت ۾ ڪراچيءَ جي بندرگاهه تان مرڪزي حڪومت کي
گهڻي پيدائش ٿئي ٿي، ان ڪري ڪجهه عرصي لاءِ سنڌ
مرڪز کان مدد ملڻ لاءِ حقدار ٿي سگهي ٿي.
اهڙيءَ طرح ڍلن وڌائڻ ۽ خرچ ۾ تخفيف ڪرڻ سان
تعميري ڪمن لاءِ پيسا مهيا ڪري سگهن ٿا.
سنڌ ۾ جيڪڏهن سياسي بيداري پيدا نه ٿي آهي ته ان
جي ذميداري بمبئي جي حڪمران طبقي جي غلط پاليسي ۽
ڪم توجهيءَ تي آهي. سنڌ کي جدا ڪري، اتي جي ماڻهن
کي پنهنجي حڪومت پاڻ هلائڻ جي موقعي ڏيڻ سان سياسي
بيداري پيدا ڪري سگهجي ٿي.
هندن جو ڊپ، ته مسلمان گهڻائيءَ جو فائدو وٺي سندن
مفاد کي نقصان پهچائيندا، انصاف تي مبني نه آهي.
هندن واپار، زمين ۽ سرڪاري نوڪرين تي پنهنجي واجبي
حصي کان گهڻو قبضو ڪري ڇڏيو آهي. اڳتي هلي مسلمانن
اگر پنهنجي واجبي حقن جي گهر ڪئي ته اهو ڪو اهڙو
سبب نه آهي جنهن ڪري صوبي کي آزاديءَ کان محروم
ڪجي! جيڪي دليل هندو ڏين ٿا، سي درحقيقت پنهنجي
ناجائز اقتدار جي قائم رکڻ لاءِ ٿا ڏين، ورنه اهي
ڪي واجبي سبب نه آهن. جن ماڻهن سنڌ جي تحريڪ
آزاديءَ ۾ نمايان حصو ورتو. تن مان مکيه هيٺان
صاحب هئا.
شيخ عبدالمجيد سنڌي.
خانبهادر محمد ايوب کهڙو
پير علي محمد راشدي
سيد ميران محمد شاهه
مسٽر ڄيٺمل پر سرام
مسٽر جمشيد نسروانجي.
اها تحريڪ نيٺ وڃي ڪامياب ٿي ۽ سنڌ کي پهرين اپريل
1936ع کان جدا صوبو بنايو ويو“(1).
(ت) ”خود مختياريءَ بعد سنڌ ۾ سياسي ڇڪتاڻ“
سنڌ ته جدا ٿي پر اڳيان سنڌ جي حڪومت جو صحيح
ڪاروبار هلائڻ جو سلسلو هو ته ڪهڙو طريقه ڪار
اختيار ڪجي، جنهن جي ذريعي حڪومت جو ڪاروبار سهڻي
نموني هلي ۽ عوام کي به بيدار ڪري منظم ڪجي. انهن
ڏينهن ۾ سنڌ ۾ آل انڊيا ليول جون ٻه مکيه جماعتون
”ڪانگريس“ ۽ ”مسلم ليگ“ هيون، جي ٻئي پاڻ ۾ ڪو نه
ٺهنديون هيون. انهيءَ ڪري آزاد خيال ليڊرن ايراي
ڪيب ته سنڌ جي حڪومت هلائڻ لاءِ هڪ اهڙي پارٽي
ٺاهجي جنهن جو آل انڊيا اختلافي مسئلن ۽ هنگامي
سوالن سان ڪو واسطو نه هجي بلڪه اها صرف صوبه جي
تعمير ۽ ترقي لاءِ غير فرقيوار ۽ اقتصادي بنيادن
تي قائم ڪجي.
ان سلسلي ۾ سر غلام حسين جي زير صدارت هڪ ميٽنگ
”حيدر منزل مسلم ڪالوني ڪراچي“ ۾ ٿي، جنهن ۾
هيٺيان صاحب شريڪ ٿيا:
خانبهادر الهه بخش سومرو
خانبهادر محمد اصوب کهڙو
شيخ عبدالمجيد
علامه آءِ آءِ قاضي
سر غلام حسين
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي
مسٽر ڄيٺمل پرسرام
مسٽر حاتم علوي
سيد ميران محمد شاهه
انهن ميمبرن جون ٻه ٽي گڏجاڻيون ٿيون، پر ڪنهن
خاطر خواهه نتيجي تي ڪو نه پهتا. آخر ساليانو
اجلاس 31 آڪٽوبر 1936ع تي سر عبدالله هارون جي
جاءِ تي ڪٺو ٿيو، جتي مسلمانن کان سواءِ هندن
مــان راءِ بــهــادر هوتچند چانڊومل، مسٽر
ريواچند ٿڌاڻي ۽ ڊينگو مل ٿڌاڻي حاضر هئا.
بدقسمتيءَ سان ميٽنگ ۾ ٻن ڊپٽي ليڊرن سر شاهنواز
ڀٽه ۽ سر غلام حسين کان سواءِ سيد ميران محمد شاهه
کي وڌيڪ ٽيون ليڊر ڪري چونڊڻ تي سر غلام حسين
برخلافي ڪري جدا ٿي ويو ۽ پنهنجي هڪ جدا ”مسلم
پوليٽيڪل پارٽي“ ۽ اتحاد پارٽي ٺهيون. اتحاد پارٽي
ٺهڻ بعد ڪم شروع ڪيو ويو. ان جا هيٺيان مقصد هئا:
اقتصادي بنيادن تي فرقيوار ساز سلوڪ پيدا ڪرڻ.
ملڪ جي سڀني فرقن کي نوڪرين، تعليم ۽ واپار ۾
سهولتون ڏيڻ.
آبادگارن ۽ مزدورن جي مفاد کي ترقي ڏيارڻ ۽ نان
بئراج ايراضيءَ لاءِ آبپاشيءَ جو خاص انتظام ڪرڻ.
ڳوٺڻ جي سڌاري، گهرو هنرن جي واڌاري ۽ ڳوٺاڻن کي
موجوده زماني جون سهولتون مهيا ڪري ڏيڻ.
ننڍن کاتيدارن کي وياج خورن ۽ وڏن زميندارن جي
چنبي کان بچائڻ.
هارين جي حقن جي حفاظت ڪرڻ
آبادگارن کي قرض کان آجو ڪرڻ.
ملڪ جي تعليم، تندرستي ۽ رشوت دور ڪرڻ لاءِ ڪوشش
ڪرڻ
صوبي جي مڪمل اٽانومي لاءِ ڪوشش ڪرڻ.
جڏهن اليڪشنون شروع ٿيون ته گهڻو ڪري سڀني جاين تي
اتحاد پارٽي جي ٽڪيٽ تي اميدوار بيٺا، ڪيترين جاين
تي سر غلام حسين جي ”مسلم پوليٽيڪل پارٽي“ ۽ شيخ
عبدالمجيد جي ”سنڌ آزاد“ پارٽيءَ طرفان اميدوار
بيٺا(1).
ڪو به هندو اتحاد پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي اميدوار ڪو
نه بيٺو. انهن مان هڪڙا ڪانگريس جي ٽڪيٽن تي بيٺا
۽ ٻيا گهڻو ڪري آزاد حيثيت ۾ بيٺا. اليڪشن جو
نتيجو هن طرح نڪتو:
اتحاد پارٽي، 22 ڪانگريس 7، سر غلام حسين پارٽي3،
شيخ عبدالمجيد پارٽي 3، باقي هندو ۽ مسلمان ميمبر
شخصي اثر تي، بنا ڪنهن پارٽي ٽڪيٽ جي چونڊ جي آيا.
سنڌ ۾ پارٽيءَ جي بنياد تي حڪومت ٺاهڻ جو اڳي
تجربو ڪو نه هو. ماڻهن ۾ ڪانگريس جا ميمبر ۽ شيخ
عبدالمجيد جائي ميمبر هئا، جي سندن قومي خدمت جي
ڪري عام ماڻهن جي همدرديءَ سان ڪامياب ٿيا هئا.
چونڊن پوري ٿيڻ بعد سنڌ ۾ سياسي بيداريءَ جي عدم
موجودگيءَ جو وجهه وٺي، گورنر ”سر لانسيلاٽ گرهام“
جمهوري اصولن کي ڇڏي، سر غلام حسين کي وزارت ٺاهڻ
لاءِ گهرايو. جيتوڻيڪ سندس ٽن چئن ميمبرن کان مٿي
ڪو به مددگار ڪو نه هو، پر هن وقت جو فائدو وٺي،
هندن کي وزير ۽ اسپيڪر جي آڇ ڪري، کين پنهنجو
طرفدار ڪري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ پهرين وزارت
ٺهي.
سنڌ اسيمبليءَ ۾ ان وقت ڪانگريس ۽ اتحاد پارٽي
مخالف بينچن تي ويٺل هيون. گهڻو ڪري سندن مڪاني
پروگرام ۽ اصول هڪ جهڙا هئا، تنهن ڪري هنن گڏجي ڪم
ڪيو.
نتيجو اهو نڪتو جو سر غلام حسين جا نوان طرفدار
ميمبر پبلڪ جي وڌندڙ مخالفت ڏسي، کيس ڇڏيندا ويا.
سندس وزارت ڊهڻ تي هئي، ته چالاڪي ڪري اتحاد
پارٽيءَ سان ڪن بنيادي ڳالهين تي ٺهراءُ ڪري،
وزارت کي ٽٽڻ کان بچائي ورتائين.
سر غلام حسين سياسي تجربو رکندڙ هو. بمبئي سرڪار
جي ميمبريءَ وقت به حڪومت جي انتظام ۾ ڪافي بهرو
ورتو هئائين، پر اڳتي هلي ڪي هندو ميمبر ۽ ڪيترا
مسلمان به سندس برخلاف ٿي پيا. وزارت ۾ ردبدل
ٿيندي رهي. آخر نتيجو اهو نڪتو جو سر غلام حسين کي
وزارت تان استعفا ڏيڻي پيئي.
مصنف مظهر الحق ايم اي ”سياسات“ پشاور 1969ع.
ص 9.
Aziz “A History of Pakistan” Lahore P. 127.
محمد لائق زرداري ”تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو
حصو“ ڊي فل لاءِ (سنڌ يونيورسٽي) تحقيقي مقالو
سنه 1978ع. ص 29-30.
|