سيڪشن؛ شخصيات

مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي شخصيت

 باب--

صفحو :14

ان کان پوءِ خانبهادر الهه بخش اتحاد پارٽيءَ جي ليڊر جي حيثيت ۾ ڪانگريس ۽ آزاد هندو گروهه جي مدد سان وزارت ٺاهي.

خانبهادر 23 مارچ 1938ع تي نئين وزارت ٺاهي. چارج وٺڻ بعد هن پنهنجي وزارت جي پاليسيءَ  بابت نوٽيس ڪڍيو. ان ۾ ڄاڻايل هو ته سنڌ جي مڪاني حالتن کي مد نظر رکندي هن ترميمن سان ڪانگريس جو تعميري پروگرام عمل ۾ آندو ويندو. در حقيقت ڪانگريس ۽ اتحاد پارٽيءَ جي پروگرامن ۾ ڪو خاص تفاوت ڪو نه هو. هن صاحب ڪراچيءَ جي خالقڏنه هال ۾ هندو مسلمان جي ميٽنگ سڏائي پنهنجي پنهنجي پاليسيءَ جو اعلان ڪيو. هن وزارت کي ڪامياب بنائڻ لاءِ جي ايم سيد گهڻي جفا ڪشي ڪئي. پير الاهي بخش کي ساڻ ڪري سنڌ جو گشت ڪيو ۽ نئين وزارت بابت عام ماڻهن کي ويساهه ڏياريو انهي ڪري عام ماڻهن جو رايو وزارت جي فائدي ۾ بدلجي ويو.

ان کان پوءِ هن وزارت خلاف ڪيترا منصوبا سيٽا ويا ته ڪنهن نموني ختم ٿئي پر هي پنهنجي لياقت ۽ قابليت سان وزارت هلائيندو رهيو. انهيءَ وچ ۾ ڪيترا اهڙا واقعا ٿيا جن هن وزارت کي پريشان ڪري رکيو، جهڙوڪ:

هند طرفان هنومان مندر جو سوال پيدا ٿيو. اهو سرڪاري پلاٽ بنسبت هو. جتي هڪ هندو ٻائي ڪراچيءَ جي آلٽري ميدان ۾ بنا اجازت مندر ٺاهي قبضو ڪيو هو. جنهن کي سرڪار زوريءَ بي دخل ڪيو. انهيءَ تي هندو مڇرجي پيا ڏاڍو شور مچايائون. اهڙيءَ طرح ٻيو واقعو ”سکر منزل گاهه“ وارو رونما ٿيو جنهن سياسي رنگ اختيار ڪيو ۽ ان تي ڏاڍي خونريزي ٿي. ڪيترائي ماڻهو جيل ۾ ويا، جن ۾ ڪيترائي مسلمان ليڊر به هئا جيئن ته:

جي ايم سيد، آغا نظر  علي پٺاڻ، ڊاڪٽر محمد يامين، مسٽر نعمت الله قريشي، شيخ واجد علي وڪيل شڪارپوري، قاضي فضل الله وڪيل، آغا غلام نبي پٺاڻ، پير غلام مجدد سرهندي، سيد صادق علي شاهه ۽ شيخ اختر علي شڪارپوري وغيره. آخر هن وزارت کي استعفا ڏيڻي پيئي(1).

خانبهادر الهه بخش جي وزارت بعد 18 مارچ 1940ع ۾ مير بنده علي وزارت ٺاهي. ٿورن ئي ڏينهن بعد اسيمبلي اجلاس ٿيو. جنهن ۾ هندو مسلم سمجهوته کي پائدار بنائڻ تي زور ڏنو ويو. انهيءَ سلسلي ۾ مسٽر ڄيٺمل پرسرام ”سنڌ پيپلس ائسوسئيشن“ برپا ڪئي ته ان ۾ هندو مسلمان گڏجي اختلافي مسئلن تي گفتگو ڪن ۽ عام ماڻهن سان تعلقات وڌائين. اتحاد پارٽيءَ جي ڊهڻ کان پوءِ خاص سنڌ جي سوالن ۽ اقتصادي بنيادن تي هندن مسلمانن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ جي هيءَ ٻي ڪوشش هئي، پر اها به ڪامياب نه ٿي. سيپٽمبر 1940ع ۾ سکر واري منزل گاهه واري فساد جي سلسلي ۾ ورهايل ڪميٽيءَ جي جج جسٽس ويسٽن رپورٽ ظاهر ڪئي جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته فسادن ۾ 151 هندو ۽ 14 مسلمان فوت ٿيا. ان کانسواءِ ٻنهي ڌرين جا ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا. انهيءَ ئي جج منزل گاهه واري جهڳڙي نبيرڻ لاءِ هندن ۽ مسلمانن کان بيان وٺي الهندي طرف واري جاءِ کي مسجد مقرر ڪري، هڪ ڪميٽي جي حوالي ڪيو(2).

منزل گاهه وارو جهڳڙو اڃا ماٺوئي نه ٿيو ته ”حر“ تحريڪ شروع ٿي. حر معنى آهي آزادي ۽ حق جي راهه ۾ لڙڻ وارو. هن تحريڪ جي عملي ڪارنامن جو مختصر بيان هن طرح آهي:

”سيد احمد“ بريلوي پنهنجي مهم ۽ جهاد ڪندي شهيد ٿي پيو پر سک سنڌ تي حملي ڪرڻ کان روڪجي پيا. ان کان پوءِ جلد ئي انگريزن جي حڪومت آئي جنهن ڪري پير صاحبن پنهنجي پاليسي بدلائي، مسلمانن جي علمي ۽ مذهبي ترقي لاءِ صرف ڪرڻ شروع ڪئي. هي جو انقلابين جو گروهه پيدا ٿي چڪو هو تنهن جي لاءِ حالتن بدلجڻ ڪري ڪو طريقه عمل نه رهيو ۽ پير صاحبن جي گوشهء نشينيءَ ڪري هو لائحه عمل ۾ آزاد رهيا. تنهنڪري منجهانئن ڪي اهڙيون ڳالهيون صادر ٿيڻ لڳيون جنهن ڪري سرڪار کي مٿن ۽ پير صاحبن تي سخت نظر رکڻي پيئي. نتيجو اهو نڪتو جو پير صاحب سرڪاري اجازت کانسواءِ ٻاهر به نڪري نه سگهندا هئا. انهي ڪري هن جماعت ۾ سرڪاري احڪام جي بر خلاف ناراضگي پيدا ٿي جا 1896ع ڌاري وڃي بغاوت جي درجي تي پهتي. جڏهن بچو بادشاهه ۽ پيرو وزير جي نالي سان هنن ٿرپارڪر ضلعي جي ڪنهن حصي ۾ آزاد حڪومت جو اعلان ڪيو، تڏهن انگريزن کي ان بغاوت ختم ڪرڻ ۾ ٻارهن سال کن لڳي ويا. هن بغاوت کي دٻائڻ لاءِ انگريزن ۽ انهن جي مددگار آفيسرن جيڪي طريقا اختيار ڪيا تن هنن ۾ سخت  نفرت ويهاري ڇڏي. هيٺيان مکيه مثال انهن سختين جا آهن جي مختلف وقتن تي سرڪار طرفان حرن مٿان اختيار ڪيون ويون:

بنا تميز ڏوهاري يا بي گناهه هئڻ جي سندن ڳوٺن کي باهيون ڏنيون ويون.

سندن چوپائي مال ۽ ماڻهن کي بندوقن جو نشانو بنايو ويو.

سندن عورتن جي بي عزتي ڪرڻ.

بنا عدالتي فيصلي جي سندن زمينون ۽ ملڪيتون ضبط ڪرڻ.

گڏيل ڏنڊ ۽ چٽيون ڳوٺن مٿان وجهڻ.

مارشال لا ڪورٽن جي ذريعي سون ماڻهن کي ڳريون سزائون، موت يا قيد جون ڏيڻ.

جماعت جي ماڻهن کي بنا عدالتي فيصلي جي لوڙهن ۾ رکڻ.

ڪيترن کي صوبن کان جلا وطن ڪري جيلن يا خاص ڪئمپن ۾ رکڻ.

ڪيترن کي ڏوهاري ٺهرائي، وقت بوقت ٿاڻن تي حاضريون ڏيارڻ.

ڪمائيندڙ مردن کي سندن زالن ۽ اولاد کان جدا ڪري، پوين کي گذر معاش جي انتظام ڪرڻ کان سواءِ ڇڏي ڏيڻ.

مڪاني پوليس عملدارن ۽ انهن جي ڇاڙتن جي خبرن تي وقت بوقت هنن سان سختيءَ جو برتاءُ ڪرڻ.

اهڙين حالتن هيٺ هو تقريباً چاليهارو کن سال رهيا. اهو سمورو وقت هو پوليس جا غلام رهيا. سندن حالت جانورن کان به بدتر هئي.

پير صاحب پاڳاري، صبغت الله (دوم) تي انگريزي حڪومت ڪيس هلائي اٺ سال سزا ڏني هئي. ان مان هو جنگ شروع ٿيڻ کان ٿورو اڳ آزاد ٿي آيل هو. جيل کان ٻاهر نڪتو ته انگريزي سلطنت جو وڏو دشمن بنجي پيو. آخرڪار کيس انگريزي حڪومت جي برخلاف منظم بغاوت ڪرڻ جي الزام ۾ مارشل لا ڪورٽ ۾ ڪيئن هلائي موت جي سزا ڏني.

جيتوڻيڪ پير صاحب انگريزن جي سنڌ تي غاصبانه قبضو ڪرڻ جي خلاف ملڪ ۽ قوم جي آزادي خاطر جهاد ڪري جان ڏني. سندس درجو مجاهد اعظم، رئيس الاحرام ۽ شهيد جو هو پر زماني جي بي قدريءَ جي اها حالت آهي ته جيڪي ظلم سان مقابلو ڪن ۽ ملڪ جي آزاديءَ لاءِ لڙن تن کي گور ۽ ڪفن به نصيب نه ٿئي ۽ انهن جو نالو وٺڻ به ڏوهه سمجهيو وڃي ۽ جيڪي ملڪ کي غلام بنائين يا ان ۾ مدد ڪن تن کي وڏن لقبن سان ياد ڪري انهن جو يادگارون قائم ڪيون وڃن.

انهن ڏينهن ۾ حر بغاوت ڪيتري قدر ملڪ ۾ پکڙيل هئي، ان جو اندازو هيٺين ڳالهين مان لڳائي سگهجي ٿو:

سنڌ سرڪار جي طاقت کان ملڪ ۾ امن امان رکڻ زور ٿي ويو، جنهن ڪري مرڪزي حڪومت کي ملٽري موڪلي سنڌ جي اٽڪل ويهه هزار چورس ميلن تي مارشل لا لاڳو ڪري حڪومت هلائڻي پيئي. مارشل لا هڪ سال جي عرصي تائين قائم رهيو جو ان وقت جي دؤر ۾ هڪ خاص مثال هو.

مزڪوره مارشل لا ايراضيءَ جي گهڻي حصي ۾ گهڻو ڪري رات جو ڪرفيو آرڊر جاري رهيو.

مسلح آهني موٽر ڪارون، هوائي جهاز، پئراشوٽون بغاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪتب آندا ويا.

سنڌو نديءَ جي کاٻي پاسي هڪ سال تائين ريلوي گاڏيون رات جو نه هلايون ويون.

وچ ۾ هن تحريڪ ايتري قدر شدت اختيار ڪئي جو ٽيهن هزارن کان به مٿي فوج رائفلن ۽ مشين گنن سان هن تحريڪ کي دٻائڻ ۽ فنا ڪرڻ لاءِ ڪم آندي ويئي.

پير صاحب جي رهڻ وارو مڪان پير ڳوٺ وارو ۽ سانگهڙ وارو بنگلو بارود سان تباهه ڪيا ويا.

پير صاحب جي صاحبزادن کي جلا وطن ڪري ولايت موڪليو ويو ۽ پير صاحب جي گادي ختم ڪئي ويئي.

1942ع تائين حرن جون سنڌ ۾ اٽڪل پندرهن ڪئمپون هيون، جن ۾ اٽــڪــل ٻــارهــن هــزار ماڻهو نظر بنديءَ ۽ مصيبت ۾ زندگي بسر ڪندا رهيا(1).

 

فصل چوٿون

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جو سياست ۾ آغاز، سياسي نظريه مختلف سياسي پارٽين ۾ شموليت ۽ ڪردار

حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ سياسي زندگي، نوشهري فيروز ۾ رهائش دوران اختيار ڪئي. ان وقت ۾ در ٻيلي جي مشهور سياسي شخصيت سيد الهه آندو شاهه (نوشهري فيروز واري مدرسه هاءِ اسڪول جو برپا ڪندڙ) سان سندس ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون. جنهن ۾ سياست ٻنهي ڌرين جو بحث  مباحثه ٿيندو هو.

سياست بابت حڪيم صاحب جا خيال هوندا هئا ته ”انسان هڪ مجسمو آهي ۽ سياست ان جو روح. جنهن انسان ۾ سياسي شعور نه آهي سو هڪ بت يا بي جان  جسد جي مثل آهي. اسلام اگرچ خدا شناسي، زهد، تقوى، عبادت، احڪام، اخلاق وغيره جو مجموعو آهي مگر سڀ کان وڌيڪ هو سياسي مذهب آهي. خلافت، حڪومت، آمريت، اطاعت، تنظيم، قانون، عدالت، احسان، جهاد، صلواة، زڪواة، خيرات. اهي ۽ ٻيا اهڙا اسلامي امور (جن جو ذڪر سندس لکيل ڪتابن ۾ موجود آهي) سڀ سياست سان تعلق رکن ٿا. گويا اسلام سڄو ئي سياسي مذهب آهي. جنهن جو هر هڪ پهلو يا اصول سياست سان لاڳاپو رکندڙ آهي. يورپ جي سياست اسلامي سياست تان نقل ڪيل آهي. مگر جڏهن منجهس عقل ۽ نفس مردود جي مداخلت ٿي آهي تڏهن کان مخلوق خدا لاءِ عذاب ۽ لعن بنجي پيئي آهي.

حڪيم صاحب جا سياسي خيال انهيءَ نوعيت جا هئا. کيس شاهه صاحب سان ملاقات جي دوران اهڙن عملي ۽ سياسي نڪتن بيان ڪرڻ جو گهڻو موقعو ملندو هو. حڪيم صاحب جي وڏن مان ڪو به انگريز سرڪار جو پگهاردار يا جاگيردار ڪو نه هو، انهيءَ ڪري پاڻ به سرڪاري نوڪري اختيار نه ڪيائين کيس شروع کان ئي انگريزن جي غلاميءَ کان نفرت هئي. اهو ئي سبب هو جو تحريڪ خلافت، قطع تعلقات ۽ آزادي وطن جو طرفدار رهيو.

”ڪمال ۽ زوال“ ڪتاب لکڻ جو به خاص مقصد اهو هوس ته سنڌي مسلمان سياست کان پوريءَ طرح واقف ٿين ۽ ان جي اصولن تي عمل ڪن. ان وقت تائين علم سياست تي ڪو اهڙو سليس ڪتاب لکيل ئي ڪو نه هو، جنهن جي مطالعي ڪرڻ سان مسلمانن ۾ سياسي بيداري پيدا ٿئي ها(1).

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي شروع کان ئي قومي آزاديءَ جو متوالو هو. سندس هر تحرير توڙي تقرير مان آزاديءَ جو عڪس نظر اچي ٿو. ان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ پهريون هن درس ڏنو، ملڪ ۾ رهندڙ سڀني قومن جو هڪ ٻئي ۾ اتفاق ۽ اتحاد هجڻ جو، پوءِ چاهي هو هندو هجن يا مسلمان، عيسائي هجن يا موسائي، ٻڌ ڌرمي هجن يا پارسي. مطلب ته سڀني جو ايڪي ۾ رهڻ ضروري آهي. ان باري ۾ حڪيم صاحب پنهنجي هڪ مضمون ”انسانيت ئي سڀني جو مذهب هئڻ گهرجي“ ۾ لکي ٿو ته:

”آءُ خود انهيءَ خيال جو ماڻهو آهيان ته انسان کي پهريائين انسان ٿيڻ گهرجي، پوءِ هندو يا مسلمان. انسانيت ئي دين الفطرت ۽ دين الخالص آهي. جيڪڏهن ڪنهن هندو يا مسلمان ۾ انسانيت ڪانهي، بلڪه هو وحشي ٿي ٿو گذاري ته آءُ يقين سان چوندس ته نه هو هندو آهي ۽ نه مسلمان. انسانيت کي سمجهڻ ۽ نباهڻ ئي مذهب آهي. جيڪڏهن ڪو هندو يا مسلمان انسان سڏائي جانورن جهڙا ڪم ڪري ٿو ته اهو لا مذهب چئبو. انسان جي معنى ئي آهي هڪ ٻئي سان انس، ٺاهه ۾ هلڻ.“

هندستان جي غلامي وڃائڻ لاءِ قومي تعليم ضروري آهي. مگر هندستان جي نا تعليم يافته ۽ غلام ملڪ جي ماڻهن کي آزاديءَ سان آشنا ڪرڻ لاءِ اول اول لازمي آهي، هنن جي دماغن ۽ دلين کي لائق ۽ صالح بنائجي. علم به اهو نه، جو غلام بنائڻ لاءِ پڙهايو وڃي ٿو، جنهن سان غلاميءَ جا مجسما تيار ٿين ٿا، بلڪه قومي تعليم سان ملڪ ۽ ماڻهن جي جهالت کي وڃائي، آزاديءَ کي سمجهڻ جو عقل انهن ۾ پيدا ڪرڻ گهرجي. جيسين ماڻهن ۾ اهڙي تعليم نه هوندي، تيسين منجهائن اها اميد رکڻ ته هو آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪندا، ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي. نا تعليم يافته غريب، بجاءِ هن جي، جو هو تحريڪ آزاديءَ جا حامي ٿين، پاڻ مخالف ٿي پوندا. جيڪڏهن حامي ٿيندا، ته به ٿوري وقت لاءِ، وقت جي جذبي جي ڪري، سو جذبو به اڪثر مذهبي غيرت مان پيدا ڪيل هوندو. اهڙي جذبي جو آزاديءَ سان ڪو واسطو نٿو سمجهان(1).“

حڪيم صاحب بر صغير (هندو پاڪ) جي ترت آزاديءَ جو حامي هو. انگريز شهنشاهت جو سخت دشمن هو. انگريز نوڪر شاهي ۽ سندس طرز حڪومت ۽ ڌارئي مال کان کيس سخت نفرت هئي. هو قومي خيالن (Nationalist) جو مسلمان هو ۽ جميعت العلماء هند جو رڪن هو، جا ڪانگريس سان شراڪت ڪري ملڪي آزادي حاصل ڪرڻ چاهيندي هئي. هو انگريزن کي مسلمانن جو بدترين دشمن سمجهندو هو، جن پنهنجي سازشن سان مسلمانن کي تنزل جي حالت تي رسايو. قومي مال ۽ وطن جي ٺهيل شين سان محبت هوندي هيس، پاڻ هميشه اهي واپرائيندو هو. حريت ۽ ديني تعليم کي قومي احيا جو ذريعو سمجهندو هو. متعين سياسي ۽ مذهبي نظرين جي ترجمان سندس هفتيوار اخبار ”اصلاح“ هئي (جنهن جو تفصيلوار ذڪر باب ٽئين ۾ اچي چڪو آهي) جا سنه 1936ع ۾ جميعت العلماء سنڌ جي سرپرستي هيٺ ڪڍيائين ۽ نومبر 1939ع تائين مذڪوره اصولن تي هلايائين. ان جي وسيلي سنڌ اسيمبليءَ جي پهرين چونڊ ۾ جميعت العماءَ سنڌ جي اميدوارن جي ڀرپور تائيد ڪيائين.

حڪيم صاحب جي عملي سياسي زندگيءَ جو آغاز ان وقت کان ٿيو، جڏهن پاڻ مستقل طور اچي ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيو. انهيءَ ڪري ٿلهي ليکي سنڌ محمدن ائسوسئيشن کان مسلم ليگ جي قيام تائين سندس سياسي خدمتن جو دامن پکڙيو پيو آهي. انهيءَ سموري عرصي جي سياسي تاريخ ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جو خاڪو هيٺ ڏجي ٿو:

 

(الف) ”سنڌ محمدن ائسوسيئشن ۽ مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي“:

سنه 1877ع ۾ مسلمانن ”انڊين ائسوسيئشن“ جي سياسي سرگرمين کان علحدگي اختيار ڪئي. هن جماعت ۾ اڪثريت هندن جي هئي، انهيءَ ڪري مسلمانن هڪ الڳ ”سينٽرل محمدن ائسوسيئشن“ نالي ڪلڪتي ۾ پارٽي ٺاهي جنهن جو بنياد سيد امير علي سنه 1877ع ۾ رکيو. ٿوري ئي وقت ۾ هندستان جي مختلف علائقن ۾ هن جماعت جون شاخون کلي ويون. هيءَ تحريڪ اتحاد جي حامي هئي. غير مسلم تنظيمن سان سندس ڪا دشمني ڪا نه هئي. انهن جماعتن کي اهو کليو اختيار هو ته آزاديءَ سان هو پنهنجي راءِ جو اظهار ڪن. پر اهي معاملا، جي خاص مسلم قوم سان تعلق رکندڙ هجن انهن بابت راءِ زني نه ڪن.

هيءَ مسلمانن جي پهرين جماعت هئي، جنهن مختلف وقتن تي حڪومت اڳيان پنهنجا مطالبا پيش ڪيا. جهڙوڪ: مسلم قوم جي تعليم، ملازمت، مذهب، سياست ۽ معاشرتي معملات ۾ مناسب حقن جو حاصل هئڻ. سنه 1883ع ۾ انگريز حڪومت طرفان پاس ٿيل بنگال جي ميونسپل بل جي باري ۾ هن جماعت پنهنجي خيالات جو اظهار ڪيو ته:

مسلم قوم جي گهڻي تعداد کي ووٽ ڏيڻ جي حق لاءِ جائداد جو شرط رکيو ويو آهي، ان کي نرم ڪيو وڃي.

اقلييتي طبقي جي ماڻهن کي علحده نمائنده منتخب ڪرڻ جو حق ڏنو وڃي.

سنه 1885ع تائين هيءَ تحريڪ سرگرم عمل رهي پر پوءِ سر سيد جي ”انڊين نيشنل ڪانگريس“ جي وجودد ۾ اچڻ بعد هن جي اهميت گهڻي گهٽجي ويئي(1).

”سنڌ محمدن ايسوسئيشن“ سنڌ جي مسلمانن جي پهرين جماعت ۽ سياسي تنظيم هئي، جا 16 مارچ 1884ع ۾ حسن علي افنديءَ، مولانا الهه بخش اٻوجهي جي مدد سان ڪراچيءَ ۾ ٺاهي. (هن جماعت جو سيد امير عليءَ جي جماعت ”سينٽرل محمدن ايسوسئيشن“ سان ڪو تعلق نه هو). هي جماعت سنڌ جي ماڻهن جي سياسي شعور جو نتيجو هئي(2).

حسن علي آفندي ڪراچيءَ ۾ مسلمان زميندارن جي ميٽنگ سڏائي، جنهن ۾ ٽيهٺ ماڻهو شريڪ ٿيا. جنهن جو صدر حسن علي آفندي ۽ سيڪريٽري مولوي الهه بخش اٻوجهي کي چونڊيو ويو(3).

هن جماعت جو خاص مقصد هو ته سنڌ جي مسلمانن ۾ تعليمي چاهه پيدا ڪيو وڃي. هن جماعت جون شاخون لاڙڪاڻه، سکر ۽ شڪارپور ۾ قائم ڪيون ويئون(1).

هن ايسوسئيشن پنهنجي قيام کان وٺي اختتام (سنه 1936ع) تائين سنڌ جي وس آهر علمي، ادبي، تعليمي، سماجي، مذهبي ۽ سياسي خدمتون سرانجام ڏنيون. ”سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي“ هن ئي جماعت جي خدمتن جو نتيجو آهي. ان کان سواءِ مختلف موڙن ۽ موقعن تي هيءَ جماعت سنڌ واسين جي حقن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ وقت جي حڪمرانن تائين سندن دانهون ۽ فرياد پهچائيندي هئي. خاص ڪري جڏهن ان زماني جا گورنر سنڌ جي دوري تي ايندا هئا ته هيءَ جماعت کين دعوتون ڏيئي قومي مسئلا انهن اڳيان پيش ڪندي هئي. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي هن جماعت جو مکيه ڪارڪن هو (2)

اهو حڪيم فتح محمد صاحب جهڙن وطن دوست ۽ اسلام پسند انسانن جي ڪوششن جو نتيجو هو، جو هيءَ جماعت ڪنهن حد تائين سرڪار پرستيءَ کان جند ڇڏائي سگهي. سنه 1927ع ۾ جڏهن لاڙڪاڻي ۾ هندو مسلم جهڳڙا ٿيا، تڏهن هن جماعت لاڙڪاڻي جي مسلمانن جي ڀرپور مذهبي خدمت ڪئي ۽ خاص طور تي لاڙڪاڻه ”ڊي“ ملهايو ويو. هن جماعت کان اهڙي قسم جي فيصلي ڪرائڻ ۾ حڪيم صاحب جو وڏو هٿ هو. هن جماعت آخر ۾ ”سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگي“ واري تحريڪ جــي بــه گــهڻي پٺڀرائي ڪئي(3). حڪيم صاحب سنڌ جي آزاديءَ جي خوشيءَ ۾ ”حب وطن“ نغمه لکيو (جنهن جو ذڪر شاعريءَ واري حصي ۾ اچي چڪو آهي).

(ب) تحريڪ خلافت ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي:

يورپ جي پهرين مهاڀاري لڙائي (سنه 1914ع) ۾ لڳي. انهن ڏينهن ۾ ترڪي سڄي دنيا ۾ مسلمانن جي واحد آزاد سلطنت هئي. ترڪيءَ جي سلطان کي سڄي دنيا جا مسلمان خليفة المسلمين ڪري سڏيندا هئا، گويا مسلمانن طرفان کيس خلافت مليل هئي. انهيءَ لڙائيءَ ۾ برطانيه ۽ سندس حامي هڪ طرف هئا ته ٻئي طرف جرمني ۽ سندس مددگارن ۾ ترڪيءَ جي عثماني خلافت به شامل هئي. جڏهن انگريزن کي لڙائيءَ ۾ فتح حاصل ٿي، تڏهن مسلم حڪومت ترڪيءَ کي ٽڪر ٽڪر ڪري اتحادين ۾ ورهائڻ ۽ مسلم خلافت کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪمر ڪشي بيٺا. آخر ترڪيءَ کي ورهايو ويو، جنهن جو ڳچ حصو انگريزن ۽ يونانين کي مليو. انهن اتي وڃي ترڪن تي اهڙا ته دل ڏاريندڙ ظلم ڪيا، جو دنيا جي ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي ويون(1).

جيئن ته ترڪيءَ جو سلطان مسلم دنيا جو خليفو هو، انهيءَ ڪري اسلامي دنيا ۾ بي چيني پيدا ٿي، خاص طرح سنڌ ۽ هندستان جي مسلمانن ۾ زياده بي آرامي هئي، جي اڳي ئي انگريزن کان تنگ هئا، جو هڪ ته سنه 1957ع واري جنگ آزاديءَ ۾ انگريزن طرفان وڏا وڏا ستم سٺا هائون.

انهيءَ سلسلي ۾ هڪ هندو تاريخدان مسٽر جوشي لکي ٿو:

”لکنوءَ ۾ رات جو هڪ بجي سرڪاري فوجون بندوقن ۽ توبن سان شهر ۾ داخل ٿيون ۽ قتل عام شروع ڪري ڏنائون. ڏينهن جو عالم باغ واري ميدان ۾ ماڻهن، گهوڙن ۽ هاٿين جا لاش جلي سڙي رهيا هئا. حضرت گنج ۾ (جنهن هنڌ آئوٽرام صاحب رهيل هو) اتي ڪيترن ماڻهن جا لاش وڻن ۾ لٽڪيل نظر اچي رهيا هئا(1).“ انهن کان سواءِ انگريزن طرفان جيڪي ظلم ڪيا ويا، تن ۾ ڪال ڪوٺيون، جسم داغڻ، عصمت دري، لوٽ مار وغيره شامل هئا(2).

ٻيو ته جنگ پوري ٿيڻ کان پوءِ برٽش حڪومت جي پڌرائي مورخه 20 آگسٽ 1917ع موجب بر صغير جي باشندن سان جيڪي واعدا ڪيا ويا هئا، ته کين انڊين حڪومت ۾ پورا حق ڏنا ويندا، حڪومت جي معاملن ۾ کانئن صلاح مشورا ورتا ويندا، انتظاميه ۽ عدليه ۾ وڏا عهدا سونپيا ويندا وغيره(3). مگر انگريز گورنمينٽ پنهنجا وعدا ڪو نه پاڙيا. خاص طرح مسلم قوم کي نظر انداز ڪيو ويو.

هندستاني انگريزن جي غلاميءَ ۾ رهي ڏاڍو تنگ ٿي پيا هئا ۽ پئي واجهايائون ته وطن جي آزاديءَ لاءِ ڪا راهه پيدا ٿئي، انهيءَ ڪري هند ۽ سنڌ جي علمائن گڏجي هڪ جماعت تيار ڪئي، جنهن کي ”خلافت ڪاميٽيءَ“ جي نالي سان سڏايائون.

انهيءَ سلسلي ۾ سيد حسن رياض لکي ٿو:

لکنوءَ جي سنه 1919ع واري مسلم ڪانفرنس ۾ ان خيال تي گفتگو ٿي ته خلافت حرمين شريفين ۽ پاڪ جاين جي تحفظ لاءِ ڪو مستقل نظام هئڻ گهرجي. اتي بمبئيءَ جي سيٺين ”مجلس خلافت“ جي نالي سان هڪ انجمن قائم ڪئي آهي. ان کي ”آل انڊيا سينٽرل خلافت ڪميٽي“ نالو ڏنو ويو آهي. جنهن جو صدر سيٺ ڇوٽاني ۽ حاجي صديق کتري سيڪريٽري مقرر ٿيو .”حاجي صديق جي نظر بنديءَ کان پوءِ مولانا شوڪت علي سيڪريٽري ٿيو(1).

آل انڊيا سينٽرل خلافت ڪاميٽيءَ جي سنڌ ۾ برانچ قائم ڪئي ويئي جا سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ جي نالي سان مشهور ٿي. سنڌ ۾ ان جو باني مولانا تاج محمود امروٽي هو. جنهن سنڌ ۾ مختلف هنڌن (جهڙوڪ 6-7-8 جون سنه 1920ع لاڙڪاڻه، جولاءِ ۽ سيپٽمبر 1921ع خالقڏنه هال ڪراچي) ۾ زبردست جلسا ڪرايا جن ۾ هندن ۽ مسلمانن جا وڏا وڏا ليڊر شمال هئا(2).

هن تحريڪ جا خاص هيٺيان مقصد هئا:

مسلمان جون پاڪ جايون ترڪن جي حفاظت ۾ رهن.

خلافت برقرار رهي.

ترڪي سلطنت جون حدون اهي ساڳيون رهن جيڪي جنگ کان اڳ هيون (3).

”خلافت تحريڪ“ مطالعي هيٺ آيل دور ۾ هند توڙي سنڌ جي عوام ۽ عالمن جي گڏيل هڪ بي مثال تحريڪ هئي. خاص طرح سنڌ هن تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. حقيقت جي نگاهه کان ڏٺو ويندو ته خلافت تحريڪ جو جسم هند ۾ هو ته ان جو روح سنڌ ۾ هو. رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، رئين جان محمد جوڻيجو، مولانا تاج محمود امروٽي، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي هن تحريڪ جا سنڌ ۾ روح روان هئا. رئيس ڀرڳڙي ۽ شيخ سنڌي ته ڪييترن مکيه اجلاسن جي صدرات ڪئي. ان کان سواءِ مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي ڪوشش سان ”عدم تعاون“ تحريڪ جي ابتدا ٿي. ان کان علاوه هجرت تحريڪ جو آغاز سڀ کان اڳ سنڌ مان ٿيو. خلافت تحريڪ جي تاريخ ۾ رئيس جان محمد جوڻيجو ”رئيس المهاجرين“ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو(1).

مولانا فتح محمد سيوهاڻي هن تحريڪ جو ابتدا کان انتها تائين ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ ڪيترو ئي وقت سنڌ خلافت  تحريڪ جو سيڪريٽري ٿي رهيو. سنڌ ۾ هن تحريڪ طرفان جيڪي ڏينهن ملهايا ويا ۽ ڪانفرنسون ٿيون تن ۾ حڪيم صاحب شرڪت ڪئي(2).

هن سلسلي ۾ محترم جي ايم سيد لکي ٿو ته ”مون سنه 1919ع ۾ پنهنجي ڳوٺ سن ۾ هڪ خلافت ڪانفرنس مولوي فتح محمد سيوهاڻي (مرحوم) جي صدارت هيٺ سڏائي جتي آس پاس جا هزارها  ماڻهو  اچي گڏ ٿيا(3).“


(1) نئين سنڌ لاءِ جدوجهد.

(2) ليکڪ ايم آر مائيدا سباڻي ”مظلوم سنڌ“ حيدرآباد جولاءِ 1947ع ص 266.

(1) نئين سنڌ لاءِ جدوجهد.

(1) ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل کان معلوم ڪيل.

(1) حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جو مضمون ”الوحيد“ مورخه 27 مارچ 1924ع.

(1) مصنف احسان الحق ۽ محمد شفيق علوي ”تاريخ پاڪستان“ (اردو) ص 39-40، 1979ع لاهور. 

(2) ڊاڪٽر در محمد پاڻ جو مقالو ”سنڌ مهمدن ايسوسئيشن“ بابت چند غلط فهميون، روزنامه هلال پاڪستان، مورخه 13 مارچ 1981ع.

(3) مولوي الهه بخش اٻوجهي جو ”مسدس اٻوجهه“ سنڌي مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد، ص 3، سنه 1934ع.

(1) سيد ممتاز حسين شاهه ”سنڌ مدرسة الاسلام جو سنڌ جي علمي، ادبي ۽ سياسي تاريخ ۾ حصو “ ڊي فل لاءِ ٿيسز، ص 396، سنه 1979ع.

(2) مصنف علي محمد شاهه راشدي ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ جلد ٻيو، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، ص 377. سنه 1980.

(3) ”مهراڻ رسالو“ سوانح نمبر، 1957ع، ص 62.

(1) محمد اسماعيل عرساڻي ۽ الهه بخش ٽالپر ”تاريخ هندو پاڪستان“ 1956ع، ص 199.

 

(1) Purn Chandra Joshi “Rebellion 1857” Delhi 1957, P. 238.

(2) محمد صادق صديقي ”تاريخ عالم اسلام“ حصو پنجون، جهانگير بوڪ ڊيپو لاهور، 1942ع، ص 842.

(3) C. H. Philips “Revolution of  Indian and Pakistan” Oxford Press London, 1964, P. 264.

(1) سيد حسن رياض ـپاڪستان ناگزير تها“ ڇاپو ٻيو سال 1970ع ص 83.

(2) ”نئن زندگي“ آگسٽ 1968ع ص 23.

(3) ڊاڪٽر عبدالمجيد ۽ عبدالغفور چوڌري ”پاڪستان جو اڀياس“ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ حيدرآباد سنه 1981ع ص 159.

(1) ايڊيٽر مولانا غلام مصطفى قاسمي ”الرحيم ماهنامه“ حيدرآباد مارچ 1972ع ص 27-29.

(2) جي ايم سيد ”جنب گذاريم جن سين“ ادبي بورڊ حيدرآباد 1967ع ص 255.

(3) جي ايم سيد ”نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“ حيدرآباد 1952ع ص 31.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org