ڄڻ ته ڪو انگريزي دان لکي رهيو آهي. ان جو خاص
سبب اهو هو ته فارسي ۽ عربي زبان تي مڪمل ملڪو
حاصل هوس. جنهن ڪري سندس طرز ۽ تصور ۾ به اهو ئي
طريقو سمائجي ويو هو. ان مان هيءَ ڳالهه ثابت ٿي
ٿئي ته سندس عربي ۽ فارسيءَ جي مختلف تذڪرن ۽
تاريخ ڪتابن جو نهايت وسيع مطالعو ڪيل ٿو ڏسجي.
ڇاڪاڻ ته خصوصاً عربي ادب تذڪرن جي اهم ڪتابن
سان تمام گهڻو مالا مال آهي، انهن جي اهميت،
مواد ۽ معلومات جي لحاظ کان به آهي ۽ اسلوب، دل
آويزي ۽ عمدگيءَ جي نقطئه نظر کان به آهي. تنهن
کان سواءِ قديم سوانح عمرين ۾ سچائي ۽ حقيقت جو
به گهڻو خيال رکيو ويندو هو، جا ڳالهه مغربي
سوانح نگاري ۽ تاريخ نويسيءَ ۾ ايتري نه ملندي،
ڇاڪاڻ ته انهن ۾ گهڻو ڪري جذبات جي اندر مذهبي
غلبو هوندو جو سڄي سوانح حيات لاءِ زهر قاتل
هوندو آهي. انهيءَ مغربي طرز جو اثر آنجهاني پر
مانند جوت جي ايڊيٽر ۽ پروفيسر نارائڻ داس
ملڪاڻيءَ تي گهڻو پيل آهي، جو انهن تعصب کان ڪم
وٺي ميرن جي صاحبيءَ تي جيڪي ڪجهه لکيو آهي تنهن
جي ڀيٽ جيڪڏهن سندن مصنف ساٿي حڪيم صاحب جي ڪتاب
”ميرن جي صاحبي“ سان ڪجي ته معلوم ٿي ويندو ته
حڪيم صاحب جيڪي ڪجهه لکيو آهي تنهن ۾ هن تاريخي
بيان ۽ معلومات جو حق پورو پورو ادا ڪيو آهي.
سندس اها تصنيف جيتوڻيڪ مختصر آهي مگر آهي غير
فاني.
حڪيم صاحب کان اڳ تاريخي نموني جا ڪيترائي ڪتاب
لکيا ويا آهن، پر انهن ڪتابن جي لکڻ ۾ تحقيق کان
ايترو ڪم نه ورتو ويو آهي. جنهن ڪري اهي ڪتاب
پڙهڻ ۾ خشڪ لڳندا هئا ۽ عام طرح اهڙن ڪتابن پڙهڻ
جي ماڻهو تڪليف ئي نه وٺندا هئا. مگر حڪيم صاحب
جي ڪتابن جي خصوصيت ئي ٻيءَ طرح جي هئي، جو
ماڻهو ڏاڍي چاهه ۽ دلچسپيءَ سان پڙهندا هئا.
حڪيم صاحب اڳين تاريخدانن جي نقصن کي دور ڪري،
تاريخ جو هڪ معيار قائم ڪيو آهي ۽ جديد طرز
مطابق نون بحثن تي محققانه ۽ عالمانه بحث ڪري
مغرب جي تصنيفن جي برابريءَ جي قابل بنائي ڇڏيو
اٿس. دلچسپي ۽ شگفتگي اهڙي پيدا ڪئي اٿس جو عام
۽ خاص ٻئي پڙهڻ ۾ ڪنهن به قسم جو بار محسوس نٿا
ڪن. سنڌي زبان ۾ هن ڳالهه جو اڳي اصل خيال نه
رکيو ويندو هو ته هر فن لاءِ ٻولي طرز ۽ بيان جو
نمونو جدا جدا ٿيندو آهي. تاريخ ۽ ناول جي زبان
۾ فصاحت بلاغت ڪم آڻبي ته انهن جي مطلب تي نهايت
برو اثر پوندو. حڪيم صاحب پنهنجي تحرير ۾ انهن
ڳالهين جو خاص خيال ۽ احتياط رکيو آهي. ميرن جي
صاحبي، ابو الفضل ۽ فيضي، آفتاب ادب وغيره جي
ٻوليءَ کي ڀيٽي ڏسبو ته حقيقت واضح ٿي ويندي.
آخر ۾ ايترو ضرور چئبو ته هن صاحب جي تصنيفن مان
اها ڳالهه صاف ظاهر آهي، بلڪه ثابت ڪري ڏيکاريو
اٿس ته سنڌي نثر نه رڳو قصن ۽ ڪهاڻين لاءِ موزون
آهي، بلڪه ان ۾ اها ئي نزاڪت ۽ نرمي آهي، جا ٻين
ترقي يافته ٻولين ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هن ٻوليءَ ۾
به تاريخ ۽ تنقيد، سيرت ۽ سوانح نگاري، ادب ۽
اخبار نويسي وغيره ڪري سگهجن ٿيون. (مثال ۽
حوالا هن باب جي آخر ۾ ڏنا ويا آهن).
فصل چوٿون
حڪيم صاحب جي نثر جون خوبيون
حڪيم صاحب جي تحرير ۾ لفظن جو انتخاب موضوع
موافق ٿيل آهي.
هن صاحب جي تحرير اثرائتي آهي، جنهن ڪري پڙهندڙ
جي دل تي يڪدم اثر انداز ٿي وڃي ٿي.
نثر ۾ ٻولي شيرين گفتن سان ڀرپور ۽ وڻندڙ ڪم
آندي اٿس، جنهن ڪري پڙهندڙ بيزار نٿو ٿئي.
سندس نثر ۾ فصاحت بلاغت، اصطلاح ۽ پهاڪا موجود
آهن. خاص طرح ميرن جي صاحبي، ابو الفضل فيضي ۽
آفتاب ادب ۾ اهڙي قسم جو نثر گهڻو ڪم آندو اٿس.
حڪيم صاحب جي نثر ۾ جدت ۽ جوش آهي، جو پڙهندڙ تي
اهڙا جذبا طاري ٿي وڃن ٿا. خاص طرح ”ڪمال ۽
زوال“ ڪتاب ۾ اهڙو نثر ڪم آيل آهي.
تحرير ۾ ٻولي سليس ۽ صاف ڪم آيل آهي، جنهن ڪري
ٿورو پڙهيل به چڱيءَ طرح پڙهي ۽ سمجهي سگهي ٿو.
هن جو نثر پاڪيزه ۽ نصيحتن سان ڀرپور آهي. منجهس
ڪٿي به ڪو اخلاق کان ڪريل يا واهيات لفظ ڪم آندل
نه آهي.
نثر ۾ مختلف قسمن جا (مفرد، مرڪب ۽ مرتب) جملا
ڪم آيل آهن، جنهن ڪري حڪيم صاحب جو نثر رنگين
نظر اچي ٿو.
حڪيم صاحب پنهنجي تحرير ۾ هم قافيه، تڪ بندي ۽
سيه حرفيءَ وار الفظ به جهجهي انداز ۾ ڪم آندا
آهن، جنهن ڪري سندس نثر مقناطيسي ڪشش رکي ٿو.
حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي نثر مان ڪي مثالي
ٽڪرا هيٺ ڏجن ٿا، جن ۾ مذڪوره خوبيون سمايل آهن:
”آسمان ۾ بادل ڀرجي ٿا اچن، ڪارونڀار ڪڪر چڙهي
آيا آهن، کنوڻيون، وڄ پئي چمڪي، گجڪارون دلين کي
ئي دهلايو ٿيون ڇڏين. مينهن وسڻ جا اسباب سڀ
موجود آهن. سڀڪو هڪ ٻئي کي چئي رهيو آهي ته
مينهن آيو ڪي آيو، مندائتو هوندو ته انسان ۽
حيوان، ماڻهو ۽ مرون، پوکون ۽ وڻ سڀ وات ڦاڙي سپ
وانگي پيا واجهائيندا. بي مندو هوندو ته سڀڪو
پيو ڏڪندو ۽ ڪنبندو، چوندو ته جيڪڏهن هي اوريڪ
آئي ته ملڪ ويران ڪري ڇڏيندي، هي برساتي طوفان
آيو ته پوکون راهون برباد ٿي وينديون.
ايڏين تيارين هوندي به ڏسبو ته اتي جو اتي ڪڪر
ڊوڙندا ٻئي پاسي پيا وڃن، ڪارو آسمان اڇو ٿيندو
ٿو وڃي، هو جو جهڙ جي ڪري تارائي ڏسڻ ۾ نٿي آيا،
سي جهرمر لڳايو بيٺا آهن، چنڊ پنهنجي چمڪندڙ
چانڊوڪي ۽ دل کينچيدڙ روشني سان اکين ۾ نور ۽
دلين ۾ سرور پيدا ڪري رهيو آهي. هي جو سج ڪڪرن ۾
لڪو پيو هو، سو اوچتو ظاهر ٿي، ڌوٻين جي ڪپڙن کي
سڪائي ۽ پوکن کي پچائي رهيو آهي، ماڻهو ويچارا
جو برسات جي خوفناڪ پوڻ سببان جي جتي، سي تتي
ويهي ويا هئا، سي چوڌاري پکڙجي ويا آهن. غرض ته
آسمان ۽ زمين جو نقشو ئي اهڙو ته بدلجي ٿو وڃي،
جو حيرت وٺيو وڃي. اکين آڏو اسباب سڀ موجود.
ظاهر سامان سڀ تيار، مگر تنهن هوندي به مالڪ وٺي
جو حڪم ڦيرايو، سو ڪاڏي ويا ڪڪر، ڪاڏي ويون
وڄون، ڄڻ ته هڪ خواب هو يا خيال جو اتي ئي ڏٺو
ويو ۽ اتي ئي گم ٿي ويو. ڇو؟ هن ڪري ته وسڻ ڪڪرن
جي وس ۾ نه هو، هڪڙو ڦڙو ڪيرائڻ به ڪنهن جي
اختيار ۾ نه هو. سواءِ انهيءَ پاڪ هستيءَ جي، جا
هن ساري جڳ جي پيدا ڪندڙ ۽ هلائيندڙ آهي
(1).“
”نيڪيءَ جي ڪا حد ڪانهي. جيتري قدر اوهان کان ٿي
سگهي، اوتري قدر نيڪي ڪندا رهو. هڪڙي ماڻهوءَ
سان اوهان پنج نه پنجاهه ڀيرا نيڪي ڪئي آهي،
انهيءَ مان ائين نه سمجهو ته هاڻي بس، انهيءَ
سان نيڪي ڪرڻ جو ضرور ڪونهي. اوهان کي گهرجي ته
جيسين دنيا ۾ جيئرا رهيو، تيسين همييشه ماڻهن
سان نيڪي ڪندا رهو. جنهن اوهان سان هڪ دفعو نيڪي
ڪئي هجي، تنهن سان اوهين ڏهه دفعا نيڪي ڪريو.
جيڪو اوهان سان نيڪي ڪري، تنهن سان نيڪي ڪرڻ ته
اوهان تي واجب آهي، پر جنهن اوهان سان نيڪي نه
ڪئي هجي ته ان سان به نيڪر ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن
ڪنهن سان نيڪي ڪجي ته هر هر وات تي نه آڻجي، نه
ڪي هن کي مهڻا ڏجن. نيڪي ڪري وات تي آڻڻ يا
پنهنجي نيڪيءَ جو ٻئي کي مهڻو ڏيڻ، نيڪيءَ جي
اثر کي وڃايو ڇڏي. دانائن چيو آهي ته ”نيڪي ڪري
پاڻي ءَ ۾ اڇلائڻ گهرجي“. يعني انهي نيڪيءَ کي
وري وات تي نه آڻجي، نه ڪي اڳلي کان نيڪيءَ جو
عيوض گهرجي. جنهن نيڪيءَ جو عيوض گهريو، سا نيڪي
نه چئبي(2).“
اهڙي طرح سنڌي نصاب جي ڪتاب ۾ هڪ هنڌ بيان آهي
ته:
”ادبي ٻوليءَ جو درجو عام ٻوليءَ کان بالا ۽
برتو آهي. انهيءَ درجي جي ٻوليءَ کي، ادبي ۽
ساهتيه سڏبو آهي. ٻولي انهيءَ درجي ۾ اچي هڪ
گلزار ۽ پر بهار بنجيو پوي ٿي. ٻوليءَ جي انهيءَ
ادبي گلستان ۾ قسمين قسمين چمن ۽ ٻارا ٻڌجن ٿا،
گوناگون گل ۽ گلبن پوکيا وڃن ٿا، طرحين طرحين
واس ۽ سڳنڌ ڦهلجن ٿا، ڀانت ڀانت جون رونقون ۽
رنگ پسجن ٿا. پري پري کان ادبي گلن ۽ ڦلن جون
چڪيون، ادبي وڻن ۽ ٻوٽن جون جنسون آڻي پوکجن
ٿيون. يعني اهو سڀ ڪجهه سامان موجود ڪرڻو پوي
ٿو، اهي سڀ مانڊاڻ منڊڻا پون ٿا، جن مان ادب جي
گلزار ۾ سدا بهار اچي. عاشقانه امنگ هجن يا
مجاهدانه جذبا، عيش پرستيءَ جا اسباب هجن يا
محنت ڪشيءِ جا اوزار، سرمائينداريءَ جو سامان
هجي يا مزوريءَ جو مانڊاڻ، شاهيءَ جو تخت هجي يا
غربت جو تختو، بادشاهي تاج هجي يا گدائيءَ جو
پيالو، سڪندر جو تخت هجي يا اڪبري جلال،
ابوالفضل جو ڪمال هجي يا علم ۽ ڪمال جو قال،
انهيءَ هر هڪ حالت جي پر زور بيان ۽ اثرائتي
اظهار لاءِ ادب ۽ ساهت ئي هڪ بهترين وسيلو آهي.
ادب زبان جو زيور آهي ۽ ساهت ٻوليءَ جو سينگار.
ادب، ڪلام جو ڪمال آهي ۽ ساهت ٻوليءَ جو ساهه.
ادبي رنگ ۾، وويڪ جي واڻي ۽ ضمير جو آواز وڌيڪ
زوردار، وڌيڪ اثرائتو ۽ وڌيڪ ڪارگر ٿئي ٿو. ادب
۽ ساهت جو جوهر شمشير جوهر دار کان به وڌيڪ تيز
آهي (1)“.
”پاڻ سونهارا وڏن جي تمام گهڻي عزت ڪندا هئا ۽
وڏن جي ڳالهه جو گهڻو لحاظ ڪندا هئا، اهي جيڪي
چوندا هئا ته پاڻ پورو ڪندا هئا. هڪڙي ڏينهن
سندن پيغمبري ۽ فتوحات جي زماني ۾ دائي ”حليمه“
وٽن هيل آئي. پاڻ پنهنجي چادر مبارڪ وڇائي، کيس
زور ڪري ان تي وهاريائون، پوءِ فرمايائون ته اي
منهنجي مهربان ماءُ اوهان جو خير ۾ اچڻ ٿيو آهي،
جيڪو ڪم ۽ حڪم هجي ته آءُ حاضر آهيان. بي بي
دائيءَ قيدين بابت سفارش ڪئي، پاڻ ائين ڪيائيون
۽ ٻيو به جيڪي گهريائين، پاڻ سونهارن گهربل شيءِ
کان به وڌيڪ پهچائي ڏنس(2).“
فصل پنجون
حڪيم صاحب ترجمان جي حيثيت ۾
سنڌي زبان ۾ پهرين نمبر تي ترجمان جي حيثيت
مرحوم مرزا قليچ بيگ کي حاصل آهي، ڇاڪاڻ ته هن
صاحب جيترا ترجما ڪيا آهن اوترا ڪتاب سنڌ جي
ڪنهن به اديب اڄ ڏينهن تائين ترجمو نه ڪيا آهن.
ٻين جن صاحبن ترجما ڪيا آهن تن ۾ حڪيم صاحب
ممتاز حيثيت رکي ٿو. جيتوڻيڪ خاص طرح ٻه ڪتاب
”نورالايمان ۽ ڪمال ۽ زوال“ ترجمو ڪيل اٿس پر
انهن جي مطالعي ڪرڻ سان اها ڳالهه خاص طرح واضح
ٿئي ٿي ته هن پنهنجي ترجمه کي نهايت خوش اسلوبي
سان نباهيو آهي. لفظ ۽ جملن کي اهڙي ته موزون
پيرايه ۾ ترتيب ڏني اٿس جو پڙهندڙ تي هڪ عجيب
ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي ۽ کيس بي ساخته مترجم جي
قابليت جو اعتراف ڪرڻو پوي ٿو. سندس ترجمي ۾
اهڙي ته سادگي ۽ شستگي رکيل آهي جو ڪنهن به ٻيءَ
ٻولي جو ترجمو معلوم نٿو ٿئي بلڪه ائين پيو
ڀائنجي ته نج مادري زبان ۾ لکيو ويو آهي. جهڙيءَ
طرح ”اخلاق محمدي“ ڪتاب جنهن لاءِ حڪيم صاحب
ديپاچه ۾ ڄاڻايو آهي ته هن ڪتاب جي تيار ڪرڻ ۾
ڏهه عربي ڪتابن ۽ هڪ اردو ڪتاب تان مدد ورتي
ويئي آهي. ان مان ظاهر آهي ته عربي زبان تي مڪمل
دسترس حاصل هيس. مثال طور قرآن شريف جي هڪ آيت
سڳوريءَ (انما المومنون اخوة ............ ان
الله تواب رحيم) جو هيٺينءَ ريت ترجمو ڪيو اٿس:
”مسلمان جيڪي آهن سي ڀائر آهن. پوءِ پنهنجن ڀائن
۾ صلح ڪرايو ۽ الله پاڪ کان ڊڄو ته من اوهان تي
رحم ٿئي. اي ايمان وارا ڪا قوم ڪنهن قوم سان
مسخري ۽ ٽوڪ نه ڪري متان اها قوم انهيءَ کان
(الله وٽ) چڱي هجي ۽ نه ڪي زالون، ڪن زالن تي
خندو ڪن، متان اهي انهن کان چڱيون هجن. نه هڪ
ٻئي کي عيب وارو بنايو ۽ نه هڪ ٻئي تي بڇڙا لقب
رکو. ايمان کان پوءِ گناهه جهڙو بڇڙو ڪم آهي
بڇڙو نالو ۽ جي توبهه نٿا ڪن ته پوءِ اهي گنهگار
آهن. اي ايمان وارا، گهڻو ڪري گمان کان پاسي
رهو. ڪي گمان گناهه آهن ۽ نه هڪٻئي جي عيبن جي
تلاش ڪريو ۽ نه هڪٻئي جي گلا ڪريو. ڇا! اوهان
مان ڪو گهري ٿو ۽ پسند ڪري ٿو ته پنهنجي مئل
ڀاءُ جو گوشت کائي؟ پوءِ اوهان نه پسند ڪيو ۽
خدا کان ڊڄو. تحقيق الله تعالى توبهه قبول ڪندڙ
۽ رحم ڪندڙ آهي
(1).
حڪيم صاحب علامه ابن خلدون جي ڪتاب ڪمال ۽ زوال
واري ”مقدمه ابن خلدون“ جي ترجمي ۾ لکي ٿو ته:
”انسان پنهنجي پيدائش ۾ ئي قدرت جي طرفان آزاد ۽
خود مختيار پيدا ٿيل آهي. يعني آزادي ۽ خود
مختياري هر ڪنهن انسان جو پيدائشي حق آهي انسان
دنيا ۾ خدا پاڪ جو نائب آهي جو ڪنهن جو محتاج ۽
غلام نه آهي. جنهن جي ڪري هن جي قوميت جو جوش ۽
روحانيت جو جذبو به برباد ۽ فنا ٿي وڃي، سو هڪ
خودمختيار رئيس جڏهن پنهنجي خود مختياري ۽ رياست
کان محروم ٿي پوندو آهي، تڏهن هي قدرتي ڳالهه
آهي ته هن جي طبيعت پريشان ۽ منهجي سست ٿي
پوندي آهي
(2).“
سنه 1928ع ۾ سابق والي افغانسان امير امان الله
خان جڏهن ڪراچيءَ ۾ تشريف فرما ٿيا هئا تڏهن
ڪراچيءَ جي شهرين طرفان امير موصوف جي خدمت ۾ هڪ
سپاس نامو پيش ڪيو ويو هو. اهو سپاسنامو فارسيءَ
۾ لکايو ويو هو. سپاسنامي لکڻ جو ڪم ڪيترن صاحبن
جي سپرد ڪيو ويو هو، مگر انهن حڪيم صاحب جن جو
سپاسنامو وڌيڪ پسند ڪيو ويو. حڪيم صاحب پاڻ اهو
سپاسنامو پڙهيو ۽ شاهه امان الله کي اهو نهايت
پسند آيو هو .“
(1)
انهيءَ باري ۾ حڪيم محمد احسن صاحب جو چوڻ آهي
ته ”انهيءَ سپاسنامه جي پيش ڪرڻ بعد هز مئجيسٽي
غازي امان الله کيس افغانستان جي حڪومت ۾ وڏي
عهدي ڏيڻ جي آڇ ڪئي، پر حڪيم صاحب افغانستان وڃڻ
کان سنڌ ۾ رهي پنهنــجــي قــوم جــي خــدمت
ڪرڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏني“
(2).
مطلب ته حڪيم صاحب انهيءَ دور جو بهترين
ترجمان هو.
فصل ڇهون
تصنيفات
مرحوم حڪيم فتح محمد سيوهاڻي پنهنجي زندگيءَ ۾
هيٺيان سنڌي ڪتاب لکيا:
قلندر نامه (احوال لعل شهباز قلندر).
سنه 1914ع ۾ ليٿو پريس سکر ۾ ڇپيو. هن ڪتاب ۾
قلندر شهباز جي زندگيءَ جو تفصيلوار احوال جنهن
۾ قلندر شهباز جي سيوهڻ ۾ آمد، سير و سياحت،
عبادت رياضت وغيره جون مفصل حقيقتون نهايت تحقيق
سان لکيل آهن.
2. فتح محمدي: صفحا 152، سنه 1914ع ۾ شڪارپور ۾
ڇپيو.
رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي وقت ۾ سندن
ڪافرن سان جيڪيي جنگيون ٿيون ۽ انهن ۾ مسلمانن
جيڪي ڪارناما سرانجام ڏنا تن جو تفصيل هن ڪتاب ۾
ڄاڻايو ويو آهي.
3.حيات النبي: قيمت 50-2 رپيا، سنه 1914ع ۾
ڪراچي ۾ ڇپيو، جملي 280 صفحا.
حضرت محمد صلعم جن جي سوانح حيات مبارڪ اخلاق و
اطوار، رهڻي ڪهڻي وغيره نهايت سهڻي ۽ سليس عبارت
۾ روشني وڌي وئي آهي.
4.سيرت النبي ۽ اخلاق محمدي: پاڻ ڪريمن جي سيرت
مبارڪ تي مثالن سان حقيقتون بيان ڪيل آهن.
حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جو مضمون ”سهڻي ۽
سلوڻي سنڌي“ رسالو ”سنڌو“ ڊسمبر 1934ع
شڪارپور سنڌ، ص 406-407.
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ”اسلامي چوٿون ڪتاب“
الوحيد پريس ڪراچي سنه 1925ع ص 69.
مؤلف حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ”اخلاق محمدي“
ڪراچي 1914ع ص 78.
حڪيم محمد احسن کان معلوم ڪيل.