سيڪشن؛ شخصيات

مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي شخصيت

 باب--

صفحو :3

 

باب ٻيو

ادبي ماحول

فصل پهريون

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي واري زماني جي

ادبي ماحول ۽ سنڌي ادب جي مختصر تاريخ

مرحوم حڪيم فتح محمد سيوهاڻي انگريزن جي ابتدائي دؤر جي پيداوار آهي. انگريزن جي حڪمراني واري دؤر کي مکيه ٻن حصن ۾ وهائي سگهجي ٿو. ساڳيءَ طرح ادبي دؤر به انهن ٻن حصن ۾ ورهايل آهي.

پهريون دؤر سنه 1843ع کان 1914ع تائين

ٻيو دؤر سنه 1915ع کان 1947ع تائين

حڪيم صاحب جي زندگي مٿين ٻنهي دؤرن مان گذري آهي. پهرين دؤر ۾ انگريزن سنڌين کي پاڻ ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ سنڌي زبان جي سرپرستي ڪئي ۽ موجوده سنڌي ائيويٽا (الف ب) سنه 1853ع ۾ تيار ڪرائي، جنهن کي هندن ۽ ملسمانن متفق طور قبول ڪيو. انهيءَ الف ب ۾ سنڌي ڪتاب لکڻ ۽ ڇپجڻ شروع ٿيا. سنه 1914ع تائين اٽڪل ڏيڍ سؤ ڪتاب ٻين ٻولين تان ترجمو ڪرائي شايع ڪيا ويا ۽ ڪي طبع زاد ڪتاب به لکيا ويا. اهڙيءَ طرح سنڌي زبان ۽ ادب کي وڌڻ ويجهڻ جو موقعو مليو. هن دؤر ۾ سنڌي ڊراما ۽ ناٽڪ جي صنف گهڻي ترقي ڪئي.

ديوان ڀيرومل مهر چند پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ۾ لکي ٿو ته ”انهيءَ  دؤر  ۾ مرزا قليچ بيگ هندي زبان مان ”خورشيد“ ناٽڪ لکيو، راءِ بهادر ديوان ڪوڙي مل کلناڻيءَ سري هرش چندر جي جوڙيل ”رتنا ولي ناٽڪ“ جو ترجمو ڪيو، ماستر ڄيٺانند ڀرين واري ”نل دمينتي“ ناٽڪ لکيو. ساڳئي وقت ”اميچوئر ڊرئميٽڪ سوسائٽي“ ڪراچيءَ ۾ برپا ڪئي ويئي، جنهن ڪيترائي ناٽڪ تيار ڪيا. اهڙيءَ طرح حيدرآباد ۾ گهڻي ئي ناٽڪ لکيا ويا(1).“ هن دؤر ۾ مرزا قليچ بيگ (وفات 1929ع) جو نالو سرفهرست ۽ قابل ذڪر آهي. مرزا صاحب جي سلسلي ۾ پروفيسر غلام علي الانا پنهنجي ڪتاب ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ۾ لکي ٿو ته:

”مرزا صاحب جي ادبي قابليت جو هرڪو متعرف آهي. اسان جي خيال ۾ مرزا صاحب ۾ ترجمي ڪرڻ جي اهليت گهڻي هئي. سندس طبع زاد ڪتابن کان ترجمو ٿيل ڪتاب گهڻا آهن. ترجمو ڪرڻ هڪ ڏکيو فن آهي. هن فن ۾ مترجم لاءِ لازمي هوندو آهي ته جنهن ٻوليءَ مان ترجمو ڪري ٿو، تنهن تي مڪمل دسترس هجيس ۽ ان جي مڙني معنوي ۽ لغوي رمزن کان واقف هجي. مرزا صاحب سنڌيءَ ۾ انگريزي، فارسي ۽ اردوءَ مان ڪيترا ترجما ڪيا(2).“

هن دؤر ۾ نثر سان گڏ نظم جي به هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي ويئي. شاعريءَ تي بحث مباحثا ۽ گرما گرم محفلون ٿينديون هيو(3)). مرحوم محمد قاسم (وفات 1881ع) هالائي شعرسازيءَ ۾ بلڪل قابل هو ۽ باقاعدي شعر چوندو هو. مرحوم محمد صديق مسافر (وفات 1961ع) ۽ ٻيا خاص طرح هيٺيان شاعر انهن محفلن ۾ شريڪ ٿيندا هئا ۽ حصو وٺندا هئا:   آخوند عبدالغفور ”هالائي“، 2. سيد فاضل شاهه ”فاضل“، 3. غلام شاهه ”گدا“، 4. مرزا عباس ”خورشيد“ دهلوي (گهڻو ڪري فارسيءَ ۾ شعر چوندو هو) ڪڏهن سنڌي شعر ۾ به طبع آزمائي ڪندو هو . 5. حافظ عبدالله ”معذور“،   6. آخوند لطف الله، 7. فقير محمد عاجز، 8. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي. انهن کان سواءِ ٻاهريان شاعر به انهن محفلن ۾ شرڪت ڪندا هئا(1). اهڙيون محفلون حيدرآباد شهر ۾، خاص طرح هيٺين هنڌن تي منعقد ٿينديون هيون.

1.قاضي امام الدين پاٽائي (علامه آءِ آءِ قاضيءَ جو والد صاحب) رٽائيرڊ مختيار ڪار جي اوطاق ٺوڙها چاڙهي حيدرآباد. انهيءَ سلسلي ۾ مرحوم محمد صديق مسافر ديوان فاضل ۾ لکي ٿو ته:

”عيد الضحى جي ڏينهن قاضي امام علي صاحب مختيارڪار پنهنجي اوطاق تي مشاعري جو جلسو ڪرايو هو، انهيءَ ۾ سيد محمد تقي شاهه قنداري ”نائب“، مرزا عباس ”خورشيد“ قاسم، فاضل شاهه ۽ ٻيا ڪيترائي معزز ۽ مقتدر اصحاب انهيءَ  محفل ۾ سڏايل هئا.“ قاضي صاحب فرمايو:

”حسن اتفاق سان اڄ نامي گرامي شاعر هت تشريف فرما ٿيل آهن، اميد وار آهيان ته ڪو ڪلام ٺاهي ڏيکارڻ فرمائيندا.“ نيٺ ٺهراءُ بحال ٿيو ته هر هڪ شاعر واري وٽيءَ سان هڪڙي هڪڙي مصرع چوندو اچي. اهڙيءَ طرح هڪ فارسي غزل تيار ٿي ويو(2).

شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جي اوطاق (ٽنڊو ٺوڙهو حيدرآباد) تي به اديبانه ۽ شاعرانه محفلون ٿينديون هيون. منعقد ڪيل محفلن ۾ باڪمال شاعر، سخن فهم ۽ بزرگ اديب شريڪ ٿيندا هئا.

مير عبدالحسين سانگي جي اوطاق (ٽنڊو غلام حسين) تي اهڙي قسم جون زبردست محفلون ٿينديون هيون، جتي ساري سنڌ جا بزرگ ۽ نوجوان شعراءَ اچي جمع ٿيندا هئا ۽ پنهنجو تازو ڪلام پيش ڪري، سامعين کان داد حاصل ڪــندا هئا. حڪيم فتح محمد صاحب به هن محفل ۾ اڪثر شرڪت ڪندو هو.(1)

ڪراچيءَ ۾ قيام جي دوران حڪيم صاحب جو مطلب علمي ۽ ثقافتي مجلسن جو مرڪز رهندو هو، جتي مقامي خواهه بيروني اهل علم، سياستدان ۽ صحافي اچي گڏ ٿيندا هئا ۽ مختلف مسئلن تي بحث مباحثه، علمي ڳالهيون، ادبي نڪته، شعر و شاعريءَ تي زور دار دليل پيش ٿيندا هئا. انهن مجلسن ۾ مختلف فرقن، مذهبن ۽ خيالن جا وسيع النظر ماڻهو شامل ٿيندا هئا(2).

ان کان سواءِ سنڌ جي ٻين وڏن شهرن ۾ به ادبي ڪچهريون ۽ ڪانفرنسون ٿينديون هيون، جن ۾ سجھيءَ سنڌ جا اديب ۽ شاعر اچي ڪٺا ٿيندا هئا. سنه 1907ع ۾ ”آل انڊيا محمدن ايڊوڪيشنل ڪانفرنس“ ڪراچيءَ ۾ ٿي. جنهن ۾ مرحوم رئيس شمس الدين بلبل (وفات 1919ع) سنڌي مسلمانن جي تعليم لاءِ هڪ ٺهراءُ پيش ڪرايو (3) اهڙيءَ طرح دادو، لاڙڪاڻي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ پڻ ادبي ڪانفرنسون ٿينديون هيون، پر حيدرآباد اهڙين تقريبن کان گهڻو مشهور هئي. ”ڪليات خادم“ ۾ مرحوم لطف الله بدوي (وفات 1968ع) لکي ٿو ”حيدرآباد ان وقت ۾ اهڙين علمي تقريبن کان مٿاهين درجي تي هئي. ميرن جي علمي شمع اگرچ اجهامي چڪي هئي، پر ان جا پروانا اڃا موجود هئا، جن جون علمي و ادبي ڪارگذاريون ان وقت جي اخبارن ”مغرح القلوب“ (فارسي) ۽ ”سنڌ سڌار“ ۾ تفصيل سان ملن ٿيون(1).“

سنه 1914ع (پهرين مهاڀاري لڙائي) کان نئون دؤر شروع ٿيو. قوميت جي هلچل جي اثر هيٺ سنڌي زبان ۾ اخبارون ۽ رسالا گهڻي تعداد ۾ ڇپجڻ لڳا. هن دؤر بابت وشنو گدواڻي لکي ٿو ”سنڌي ساهتيه سوسائٽي“ (سنه 1914ع) رسالا ڇپائڻ لڳي، جي گهڻي تعداد ۾ ماڻهو پڙهڻ لڳا. انهن رسالن جا مکيه بانيڪار هئا ”ڄيٺمل پرسرام“، ”لالچند امر ڏنو مل“، ”ليلارام پريمچند، ڀيرومل مهر چند آڏواڻي“ ۽ ٻيا. تنهن کان سواءِ مسٽر مليهارام منگترام جا ”سندر ساهتيه“ وارا عمدا رسالا ۽ ننڍا ڪتاب نڪرڻ لڳا. ڪيترائي عمدا مضمون سنه 1920ع تائين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چڪا هئا. انهيءَ سال کان وٺي سنڌي علم و ادب ۾ تمام تکو واڌارو ٿيو آهي. نئين سنڌي لئبريري پنجاهه کان وڌيڪ سٺا ڪتاب ڇپايا، جي جدا جدا خيالي - افساني ۽ علمي مضمونن تي هئا. ناٽڪ، نظم ۽ ترجمن ۾ گهڻو واڌارو ٿيڻ ڪري، نثر ويو وڌيڪ مائيدار ٿيندو. سنه 1932ع کان وٺي شڪارپور مان بولچند راجپال جي مهتميءَ هيٺ ”سنڌو“ اخبار نڪرڻ لڳي، جنهن سنڌ ۾ هڪ دماغي مرڪز برپا ڪيو، جتي ساهتيه نويڪلو ٿي ٿو اسري(2).

اوئلي دور ۾ ديوان ڪوڙي مل کلناڻي ۽ ديوان ڪيورام جون خدمتون به ساراهه جوڳيون آهن. انهن ٻنهي صاحبن سنڌي زبان ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا جن مان ڪي طبع زاد هئا. ساڳئي دور ۾ ديوان ڏيارام گدومل ۽ ديوان بولچند ڪوڙي مل جون محنتون به خاص اهميت رکن ٿيون. انهن ٻنهي بزرگن جا مضمون ان وقت جي مشهور هندو اخبار ”سر سوتي“ ۾ وقت بوقت شايع ٿيندا رهندا هئا، جي پوءِ ديوان ڀيرومل مهر چند آڏواڻيءَ گڏ ڪري سنه 1930ع ۾ ”هيري جون ڪڻيون“ نالي ڪتاب ۾ ڇپايا. انهيءَ ئي دور ۾ قصي نويسيءَ جي ابتدا ٿي. آخوند لطف الله جو ڪتاب ”گل خندان“ هن دور جي پيداوار آهي ان بعد هڪ بئي پٺيان گهڻي تعداد ۾ اخبارون ۽ رسالا نڪتا جيئن ته:

”ماتا“ ”بهار اخلاق“ ”هند واسي“ (ڀارت واسي) ”الڪاشف“ ”الحافظ“ ”الامين“ ”توحيد“ ”الحقيقت“ ”صداقت اسلام“ ”روح رهاڻ“ ”الحزب“ ”المنار“ ”ستاره سنڌ“ ”مرغ فلڪ“ ”طيراً ابابيل“ ”نور الاسلام“ ”الاصلاح“ (زير سرپرستي حڪيم فتح محمد سيوهاڻي).

هن ئي دور جون قابل ذڪر اخبارون ۽ رسالا آهن، (وڌيڪ تفصيلوار بيان ايندڙ باب ۾ ڄاڻيو ويو آهي) جن ۾ ادبي، اخلاقي، تحقيقي، مزاحيه مضمون ۽ سفرناما ڇپيا هئا، جي خيالات جي پختگي، زبان جي رواني، عبارت ۽ بلاغت جي لحاظ کان پنهنجو مٽ پاڻ هئا. مرحوم حڪيم فتح محمد صاحب هن دور جو علمي و ادبي چراغ هو، جو ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن سان وابسته رهيو. سندس لکيل مضمونن، شعرن ۽ مختلف موضوعن جي ڪتابن سنڌي علم و ادب کي مالا مال ڪري ڇڏيو (سندس تحريرن و تقريرن جو تفصيلوار احوال باب ٽئين ۾ ڏنو ويو آهي). پروفيسر منگهارام ملڪاڻي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ۾ سنڌي ادب ۽ ادبي ماحول بابت لکي ٿو ته ”پهرين مهاڀاري لڙائي شروع ٿي هئي، سنڌ ۾ پنگتي ۽ خانگي مسئلا گهرا ٿيندا ٿي ويا جنهن ڪري ڏسبو ته ان وقت اخبارن ۽ رسالن ۾ گهڻو تڻو  سماجي اوڻاين جي اپٽار ڪيل آهي. انهيءَ ڏس ۾ ”سنڌي ساهت سوسائيٽي“ رسالي ذريعي لڳاتار 15 سال سنڌي ساهت جي شيوا ڪندي رهي. ان رسالي جي شروعاتي آکاڻي هئي لعلچند امر ڏني مل جي ”حر مکيءَ جا“ هيءَ تاريخي کوجنا واري ڪهاڻي هئي، جنهن ۾ سنڌي مسلمانن جي پنگتي حالتن جون ڪافي جهلڪيون هيون. اهڙيءَ طرح ”ڪشنيءَ جو ڪشٽ“ (1917ع)، ۽ ٻي بنگالي جيوت جي ڪهاڻي ”ڏکن ڏڌي زندگي“ (1925ع). اهي ڪهاڻيون پاٺڪن کي نهايت پسند پيون هيون. سنه 1920ع ۾ ”لڄاوتي“ پنگتي ڪهاڻيءَ جو ترجمو ڪيائين ۽ سنه 1923ع ۾ ”نؤرنيءَ جو خون“ ۽ ٻين به ڪيترن ئي ڪهاڻين جا ڪتاب ۽ ڪهاڻيون لکيون، جهڙوڪ: ڀيرومل مهر چند آڏواڻيءَ سنه 1914ع ۾ ”پريم جو ماتهم“، ديوان بولچند (ائڪيڊمي اسڪول جي پرنسپال) جي تاريخي ڪهاڻي ”نورجهان“، پر مانند ميوا رام جي مصري تاريخي آکاڻي ”يوسف مصري“، تيوجو مل شاهاڻي جي فرانسيسي تاريخي آکاڻي ”جيني“، پروفيسر موٽو مل گدواڻيءَ جي تاريخي آکاڻي ”ستيوتي“، لڻيندار ليکراج جي پنگتي آکاڻي ”اندرا ۽ چند را“، محمد صديق مسافر جون تاريخي آکاڻيون ”زيب النساءِ ۽ چاند بيبي“، ٽهلرام نارائڻي جي ترجمو ٿيل آکاڻي ”نل دمينتي“، ناٽڪرام ڌرمداس جي لمبي ڪهاڻي ”لڪل لعل“ (جنهن ۾ سڪندر اعظم جي ناڪامياب ڪاهه جو بيان ڏنل هو)، ليلارام ولايت راءِ جي ڪهاڻي ”سمن موچيءَ جي ڳالهه“، آسانند مامتوراءِ جي ڪهاڻي ”بلود“، جهمٽ مل ڀاوناڻيءَ جون ڪهاڻيون ”شيرين، پوتر پريم ۽ اجهل روشني“، روچيرام سڏاڻيءَ جي ”درگاوتي“، اتمارام ڪرپالاڻيءَ جي ”راجائي رنگ محل“، گرڌاري ڪرپالاڻيءَ جي ”ڪابولي والا“، جا ٽيئگور جي ساڳئي نالي واري آکاڻيءَ جو ترجمو هئي. سنه 1929ع ۾ ”صلح -  پرچار“ سوسائٽي ٺهي، جنهن راجنيتي ۽ اخلاقي ڪهاڻيون ڇپايون. سنه 1930ع ۾ هن سوسائٽيءَ لطف الله بدوي جي اکاڻين جو مجموعو ”دستهء گل“ پيش ڪيو. ڄيٺمل پرسرام پنهنجي هفتيوار اخبار ”ڀارت واسي“ ۾ به آکاڻيون ڇپيندو هو، جن مان ٻه منگهارام ملڪاڻيءَ جون  ترجمو ڪيل هيون، هڪڙي ”گونگي ڪنوار“ ۽ ٻي هئي ”بن ديوي“. اهي ٻئي سنه 1924ع ۾ چپيون هيون. ڀارت واسيءَ ۾ آچاريه آسودومل گدواڻيءَ جون ڪاليداس تان ورتل ٻه ڪهاڻيون ”دليپ گئو ڀڪتي ۽ رگهو راجا“ سنه 1926ع ۾ ڇپيون(1).“

مطلب ته منگهارام ملڪاڻيءَ ادبي ماحول تي گهڻو ڪري هندو اديبن ۽ ليکڪن کي حاوي ڄاڻايو آهي. خبر نه آهي ته مسلمان اديبن کي ڇو نظر انداز ڪيو اٿائين؟ حالانڪه هن دور ۾ سنڌي علم و ادب جي ميدان ۾ ڪيترن ئي مسلمان عالمن ۽ اديبن اهم ڪارناما سرانجام ڏنا آهن. جهڙوڪ: احمد غلام علي چاڳلا (وفات 1954ع)، مرزا قليچ بيگ، علي خان ابڙو، (وفات 1954ع)، مخدوم محمد صالح ڀٽي، (وفات 1953ع) ڊاڪٽر دائود پوٽو، (وفات 1958ع) عثمان علي انصاري (وفات 1962ع) خانبهادر محمد صديق ميمڻ (وفات 1958ع) وغيره. هنن صاحبن جو ڪيترو ئي تخليقي ۽ تحقيقي ادب موجود آهي. مثال طور حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ٻين ڪيترن ڪتابن سان گڏ سنڌي زبان جي باري ۾ ”آفتاب ادب“ لکيو. احمد چاڳلا چند سٺا ڊراما ترجمو ڪري سنڌيءَ ۾ آندا جهڙوڪ: خوني ۽ ڀوت“ وغيره. علي خان ابڙو سنڌي ۾ برين ريتن رسمن جي خلاف لکندو رهيو. سندس ڪتابن ۾ ”رسومات تباهي ۽ تعليمات اسلام“ مشهور آهن. مخدوم محمد صالح ڀٽيءَ اٽڪل ويهارو کن ڪتاب لکيا، جن ۾ ديني ۽ ادبي ڪتاب اچي وڃن ٿا. اسلامي اڪابرن جون سوانح عمريون به لکيائين. سندس مشهور ڪتاب آهن. ”عروس ڪربلا“، ”فاروق اعظم“، ”واندڪائي جي وندر“، ”فتوحات السلام“ ۽ ”احسان فقير.“ عثمان علي انصاريءَ سنڌيءَ ۾ شيڪسپيئر ۽ ٻين يورپي اديبن جا ترجما ڪيا. انهن ۾ ”گمراهه دوست“ ۽ ”جرم وفا“ مشهور آهن.

محمد صديق ”مسافر“ ڪل ٽيهارو علمي و ادبي ڪتابن ۽ انيڪ، درسي ڪتابن جو خالق آهي. هن جي ڪتابن ۾ ”ڪليات مسافر“، ”اخلاق محسني“، ”سڄاڻ زالون“ ۽ ”آزادي غلاميءَ جا عبرتناڪ نظارا“ مشهور آهن. خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي ڪتابن ۾ ”سنڌي ادبي تاريخ“ (ٻن ڀاڱن) ۾ گهڻو مشهور آهي. هن صاحب ”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي“ جو پايو وجهي سنڌي علم ادب کي فروغ ڏيڻ پنهنجو پهريون فرض سمجهيو. هن اداري طرفان سنڌ جي منتخب اديبن جون اٽڪل 50 عدد تصنيفون شايع ڪيون ويون. ڊاڪٽر دائود پوٽه (1896– 1958ع) سنڌي علم ادب ۾ اعلى مقام رکي ٿو. هن صاحب سنڌ جي تعليم کاتي جي سربراهي ڪئي، ان سان گڏ علمي و ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون. عربي فارسي ۽ انگريزي ڪتابن کان سواءِ ڪيترائي سنڌي ڪتاب، ادبي ۽ تحقيقي مقالا به لکيا اٿس جن ۾ سنڌ جي عالمن اديبن شاعرن  ۽ صوفي بزرگن جو ذڪر ڪيو اٿس(1). (مسلمان اديبن ۽ دانشورن جو وڌيڪ تفصيل فصل ٻئي ۾ ڏنو ويو آهي.)

هن دور ۾ سنڌي اديبن سماج جي اصلاح جو مقصد سامهون رکي لکڻ شروع ڪيو. ان مقصد بيان ڪرڻ لاءِ ناول ڊراما ۽ ڪهاڻين کي ذريعو بنايو ويو. ناول وجود ۾ اچڻ کان اڳ اسان وٽ داستان ۽ قصا موجود هئا، جن ۾ مافوق الفطرت واقعا ۽ غير فطري ڳالهيون هونديون هيون، انگريزي ناول جي اثر سبب ناممڪن ڳالهين جو خاتمو ٿيو ۽ زندگيءَ جي عڪاسي شروع ٿي. ڊرامن لکڻ ۾ هندو اديبن وڏو ڪم ڪيو، پر پهريائين ڊرامه لکڻ جو فخر به مرزا قليچ بيگ مرحوم کي ئي آهي. مرزا صاحب شيڪسپيئر جي ڪيترن ڊرامن جا هوبهو ترجما ڪيا ۽ انهن ڊرامن جي پلاٽن کي ديسي قالب ۾ به پلٽيائين. ان کان سواءِ ڪيترا طبع زاد ڊراما به لکيا ويا. هروڀرو ائين نه آهي ته سنڌي ڊرامي ۾ سمورو انگريزي اثر ڪارفرما آهي، ڇاڪاڻ ته سنسڪرت ڊرامي جو به سنڌي ڊرامي ۾ وڏو دخل آهي. سنسڪرت ڊرامو جيتوڻيڪ انگريزن جي اچڻ تائين فنا ٿي ويو هو، پر ان هوندي به هندن ۾ ڊرامن جو رواج ڪجهه قدر موجود هو، انهيءَ ڪري لازمي هو ته قديم ڊرامو به جديد ڊرامي تي اثر انداز ٿئي. پر ان هوندي به اها حقيقت آهي ته سنڌي ڊرامو پنهنجي اصلي وجود لاءِ انگريزي اسٽيج ڊرامه جو مرهون منت آهي هن دور ۾ مضمونن جي به شروعات ٿي. شروعاتي مضمونن تي بيڪن جي مضمونن جو اثر غالباً آهي جيئن لعل چند امرڏني جو  ”ڦلن مٺ“ مرزا قليچ بيگ پڻ بيڪن جي مضمونن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو.

پهرين مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ عوام ۾ نوان امنگ ۽ ولولا اڀريا. هي سياسي ڪشمڪش جو دور هو، جو سنڌي ادب جي ترقيءَ لاءِ مبارڪ ثابت ٿيو. ملڪ ۾ سنڌ کي بمبئي کان جدا ڪرڻ لاءِ جدوجهد شروع ٿي چڪي هئي. لنڊن ۾ گول ميز ڪانفرنس جا اجلاس هڪ ٻئي پٺيان ٿي رهيا هئا. سنڌي ادب جا معمار غفلت جي ننڊ مان بيدار ٿي رهيا هئا ۽ منجهن نيون امنگون ۽ تمنائون پيدا ٿي چڪيون هيون. هن سياسي تبديليءَ ڪري ملڪ جي علم و ادب ۾ هڪ وڏي انقلاب اچڻ جو انتظار ٿي رهيو هو. انهيءَ سياسي شعور عوام کي جمهوريت ۽ سياسي آزاديءَ جي اهميت ذهن نشين ڪرائي. انهيءَ ڪري سنه 1923ع ڌاري سنڌ و هند ۾ آزاديءَ جي هلچل زور وٺي ويئي. سنڌي ليکڪ به آزاديءَ جي تحريڪ کان متاثر ٿيا ۽ سماج جي اصلاح سان گڏ سياسي مقصد به آڏو رکي لکڻ شروع ڪيائون. ان سلسلي جي ليکڪن ۾  ”شمس الدين بلبل“ جو نالو مڙني کان مٿانهون آهي، جنهن پنهنجي طرز و مزاج جو رنگ پيدا ڪري، سنڌي نثر ۾ انفراديت پيدا ڪئي. ان دور ۾ جيڪي ناول، ڊراما، افسانا ۽ مضامين لکيا ويا، انهن ۾ وطن جي حب، ديسي ڪهاڻين، ديسي روايتن ۽ آزادي جي تحريڪ جا عناصر ڪارفرما آهن. ان هوندي اسان فن جي لحاظ کان انگريزي ادب جي پيروي ڪندا آيا سين. نه فقط ايترو، پر هن دور ۾ فن اڃا به پخته صورت ۾ ملي ٿو. ديسي اديبن خيال، نظريا ۽ اسلوب انگريزي ادب مان اخذ ڪري، فن جي پختگيءَ سان انهن کي ديسي رنگ روپ ۽ ويس وڳو پهرايو. تاريخي ناول ۽ ڊراما به هن ئي دور جي پيداوار آهن. ديسي ناول نگارن تاريخي ڪارناما، ناولن جي صورت ۾ پيش ڪري قوم کي اڀارڻ ٿي گهريو. هن ڏس ۾ مرحوم عبدالخالق خليق مورائي جو ناول ”سندري“ ۽ آنجهاني ڊاڪٽر گربخشاڻي (وفات 1947ع) جو ”نورجهان“ بهترين ناول آهن. ”سندري“ فن توڙي زبان جي لحاظ کان نهايت بهترين ناول آهي. هن قسم جي ناولن ۾ اسڪاٽ 1771– 1832ع جي ناولن ”ٽيلسمن“ جو اثر اڻ سڌيءَ طرح نظر اچي ٿو.

هن دور جي ليکڪن ۾ مرزا قليچ بيگ (جنهن پنهنجي زندگيءَ جا پنجاهه سال کن سنڌي ادب جي خدمت ۾ صَرف ڪري پنهنجي تصنيف جو اهو خزانو ڇڏيو، جنهن کي اهل سنڌ ڪڏهن به وساري نٿي سگهي. سنڌي زبان جي هن وڏي اديب تاريخ، ادب، اخلاق، تعليم ۽ فلسفي تي سنڌي نثر ۾ ناياب ڪتاب لکيا ۽ ٻين زبانن جي بهترين ڪتابن جو ترجمو ڪري سنڌي زبان کي مالا مال ڪرڻ لاءِ پنهنجي زندگيءَ جي هڪ گهڙي به نه وڃائي) خليق مورائي، لعل چند امر ڏنو مل، ڄيٺمل پر سرام، ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، نرملداس، پرمانند ميوا رام، تيجومل، ليکراج - ڪشنچند عزيز، ڪشنچند بيوس، محمد صديق مسافر، ليلارام ولايت راءِ، آسانند امر لعل، جهمٽمل ڀاوناڻيءَ جا نالا قابل ذڪر آهن. جن انگريزي ادب جي اثر هيٺ ڊراما، ناول، افاسانا ۽ مضامين لکيا.

ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ادب ۾ نئون موڙ پيدا ڪيو. هن دور ۾ سنڌي ادب يورپ جي ٻين ٻولين جي ادب جو اثر به قبول ڪيو. ترقي پسند ادب جي تحريڪ هن دور جي پيداوار آهي. هن دور جي موڙ کان پوءِ سياسي ۽ سماجي، معاشي ۽ معاشرتي مسئلن کي به آڏو رکيو ويو، ته جنسيات جي ترجمانيءَ جو به رجحان جيئن پوءِ تيئن وڌڻ لڳو.

انهيءَ رجحان تي گهڻي ۾ گهڻو اثر انگريزي ادب جي بدنام ليکڪ ”ڊي-ايڇ-لارنس“ جو آهي. هن دور ۾ سنڌي افساني گهڻي ترقي ڪئي ۽ ادب ۾ ترقي پسند تحريڪ گهڻو زور ورتو. سنه 1942ع ۾ ”ترقي پسند مصنفين“ نالي هڪ جماعت وجود ۾ آئي جنهن جو سيڪريٽري ”گوبند مالهي“ هو.

انهن ڏينهن ۾ تحريڪ آزاديءَ گهڻو زور ورتو. ڪيترن ئي افسانن ۾ آزاديءَ جي تحريڪ جو عڪس واضح نظر اچي ٿو، مثلاً اتم جون ڪهاڻيون، شڪست، آخر ڪيستائين، ترقيءَ جي راهه تي. حشو ڪيولراماڻيءَ جي پدم، لڇمڻ راجپال جو قومي سپاهي، ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جو آزاديءَ جو سڏ وغيره. انهن افسانن ۾ عرياني جو عڪس نظر اچي ٿو. ان سلسلي ۾ پهريون افسانو شيخ عبدالستار لکيو. افساني جو ابتدائي دور سنه 1914ع کان 1925 تائين مقرر ڪري سگهجي ٿو(1). جڏهن ڪهاڻي نويس معاشي، معاشرتي مسئلن کي ڇـُهيو ۽ معاشرتي اصلاح لاءِ پنهنجو نقطئه نظر پيش ڪيو جيڪو گهڻي قدر اخلاقي انداز تي ٻڌل هو. سنه 1925ع کان 1940ع تائين افساني جو ٻيو دور آهي، جنهن جي شروع ۾ ڪيترائي هندستاني ۽ مغرب جي افسانن جا ترجما  ڪيا ويا. ان دور جي افساني نويسن مان امر لعل، ميلارام اسانند ليکو تاسياڻي، تارا چند، دوست علي، عثمان علي انصاري، جڳت آڏواڻي، منوهر داس، اندرا هيمراجاڻي، نارائڻداس ملڪاڻي، مرزا نادر بيگ، شيوارام آڏواڻي، غلام محمد شاهواڻي، عبدالله ”عبد“، لطف الله بدوي ۽ دلدار حسين موسويءَ جا نالا قابل ذڪر آهن.

سنه 1932ع ۾ ماهوار ”سنڌو“ شڪارپور مان جاري ٿيو، جنهن افساني جي ترقيءَ جو اهم ڪردار ادا ڪيو. هن ۾ مرزا نادر بيگ ۽ ٻين ڪيترن ئي اديبن جون بهترين ڪهاڻيون وقت بوقت ڇپبيون رهيون جي ڪهاڻيءَ جي ارتقا ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکن ٿيون. هن دور جي افسانه نگارن مان مرزا نادر بيگ جا افسانا جذبائيت نگاري ۽ هندو سماج مان موهنيءَ جي ڊائري، موهنيءَ جي دل جو داغ، موهنيءَ جي آهه، موهنيءَ جو ٻيو حصو، گهر جي ڇڪ، اڇوت، ڀاڄائي ۽ پاڪ محبت سٺيون ڪهاڻيون آهن. هندو معاشرتي حالات سان گڏ سندس ڪهاڻين ۾ پارسي ۽ عيسائي معاشري جي به ترجماني ملي ٿي. لطف الله بدويءَ جي ڪهاڻين مان ”غربت“ ۽ ”خوفناڪ بدلي“ معياري ڪهاڻيون آهن. سندس افسانن جو مجموعو ”دستهء گل“ جي نالي سان شايع ٿيو. ماستر عبدالله ”عبد“ جي ڪهاڻين مان ”اسڪول ماستر“ ۽ ”ويچارو ماستر“ مشهور ڪهاڻيون آهن. هن دور جو افسانه نويس امر ڏنو لعل هنڱوراڻي صحيح معنى ۾ جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو جوڙيندڙ آهي. حقيقت نگاري جي لحاظ کان ”ادو عبدالرحمان“ سندس تمام سٺي ڪهاڻي آهي، جنهن جو انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيو آهي. ان کان سواءِ سندس ٻيون سٺيون ڪهاڻيون ”ڏس ڏيوم ته ڪٿا لڀندي“، ”هيءَ  به  رانجهوءَ  جي  رمز“ ، ”لکيو ڪين ٽريو“ ۽ ”لالي“ (1).

”تاريخ ادبيات“ مسلمانان پاڪ و هند جي جلد نمبر تيرهن ۾ ڄاڻايل آهي ته ”هن دور ۾ ترڪي ۽ برطانيه هڪ ٻئي جا مخالف ۽ دشمن هئا انهيءَ ڪري سنڌ جا مسلمان انگريزن سان وڌيڪ نفرت ڪرڻ لڳا سنڌي شاعرن به مشاعرن ۾ پنهنجي جذبات جو دل کولي اظهار ڪيو. انهن شاعرن ۾ حضرت مولانا تاج محمود امروٽي، حبيب الله خادم شڪارپوري، محمد آدم، محمد هاشم مخلص، نور محمد نظاماڻي ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي قابل ذڪر آهن. محمد آدم ڳڙهي ياسين (1863– 1948ع)، مولانا تاج محمود امروٽي (وفات 1941) ۽ خادم شڪارپوري جهڙن بزرگن، يونانين لاءِ بدعا ۽ ترڪن جي ڪاميابيءَ لاءِ دعائون گهريون.

محمد هاشم مخلص ته نظم ۽ نثر جي ذريعي برطانوي سامراج جي خلاف نفرت جو اظهار ۽ اسلام ۽ مسلمانن لاءِ هميشه مدح سرائي ڪندو رهيو. سنه 1924ع ۾ مخلص صاحب ميرپورخاص مان هفتيوار ” مسلمان“ جاري ڪئي جنهن ۾ ترڪيءَ جي فائدي ۽ انگريزن جي خلاف زور شور سان لکڻ لڳو. هن ئي دور ۾ هندو مسلمانن جي وچ ۾ ڪشيدگي پيدا ٿي. هندو مسلمان دشمنيءَ جي بنا تي حملا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا. هندن ”شڌي“ ۽ ”سنگهٽن“ جون تحريڪون شروع ڪيون جنهن ڪري هندو مسلمانن جي وچ ۾ هر هنڌ فساد ٿيڻ لڳا، جنهن جو نتيجو اهو ٿيو ته سنڌ جا مسلمان متحد ٿي ويا ۽ پنهنجي حقن جي حفاظت لاءِ ”سنڌ محمدن ائسوسيئيشن“ جو قيام عمل ۾ آندو هند مسلمانن جي مذهبي رهنمائن جي خلاف ڪتاب لکڻ شروع ڪيا ۽ مسلمان اخبارون خاص طرح ”الوحيد“ سنڌي اخبار مسلمانن جي حقوق ۽ سندن فائدي ۾ زبردست ليک ڏيڻ شروع ڪيا. ٻئي پاسي انهيءَ دور جي هندو اخبارن جهڙوڪ؛ هندو سنسار، سماچار، هندو گزٽ، سنڌي ۽ ڀارت پنهنجي قلم جو زور مسلم دشمنيءَ تي صرف ڪيو ۽ انهن جي خلاف زهر افــشــانــي شــروع ڪري ڏني“ (1). هن دور ۾ نثر سان گڏوگڏ سنڌي شاعريءَ به گهڻي ترقي ڪئي. هڪ طرف قديم سنڌي شاعريءَ تي طبع آزمائي ٿي رهي هئي ته ٻئي پاسي علم عروض جي شاعريءَ جو رواج به شروع ٿيو. مضمون جي لحاظ کان سنڌي شاعر، حسن ۽ عشق تائين محدود نه رهيا پر شعر ۾ معاشي ۽ معاشرتي حالات جي به عڪاسي ڪئي ٿي ويئي. جنهن ڪري مسلم قوم گهڻو بيدار ٿي. سنه 1905ع ۾ ”تحريڪ آزادي“ جي سلسلي ۾ هندن طرفان ”سوديشي“ تحريڪ شروع ٿي. سنڌي شاعرن پنهنجي شعرن جي ذريعي انگريزي حڪومت کان نفرت جو اظهار ڪيو. ۽ قوم کي آزادي لاءِ جدوجهد ڪرڻ ۽ وڙهڻ لاءِ تيار ڪيو.  حيدربخش جتوئي مرحوم (وفات 1970ع) انهن هندستانين لاءِ جي انگريزن کي پنهنجو آقا سمجهندا هئا، طنزيه نوع ۾ لکيو ته؛

”هنديئو! پنهنجو جسم جان ۽ دولت جلد ئي انهيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن قوم جي آزاديءَ جي هر آواز کي دٻائي ڇڏيو آهي“.

ريشمي رومال جي تحريڪ وارن ڪارڪنن، خلافت ۽ هجرت تحريڪ جي ممتاز رڪن مولانا تاج محمود امروٽي (وفات 1941ع) به تحريڪ خلافت جي زماني ۾ گهڻي ئي، قومي نظم لکيا، جن ۾ انگريزن کان نفرت جو اظهار ڪيو اٿائين. هن صاحب انگريزن جي ضمير فروشي، خود غرضي، لالچ، ظلم ۽ جبر جي واقعن کي مؤثر نموني بيان ڪيو آهي. سندس زبان سليس ۽ دلڪش آهي.

محمد هاشم مخلص (وفات 1936ع) به باڪمال صحافي ۽ بلند پايه جو شاعر ٿي گذريو آهي. هو صاحب اڪثر طنز و مزاح جي نموني لکندو رهندو هو. هن تحريڪ خلافت ۾ حصو ورتو ۽ پنهنجي نثر خواهه نظم ۾ برطانيه سامراج لاءِ اعلانيه اظهار نفرت ڪندو رهيو. انهيءَ کان علاوه هندن جي ڪيل مسلمانن تي قلمي، حملن جا مدلل جواب ڏيندو رهيو ۽ هندو سياست، ليڊرن، سندن رسمن ۽ سماج تي به نثر توڙي نظم جي ذريعي تنقيد ڪندو رهيو.

(سندس وڌيڪ احوال صفحي نمبر 40 تي ڏنل آهي).

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي به هن دور جو بيباڪ اديب عالم ٿي گذريو آهي. پنهنجي دور جي عالمن ۽ اديبن ۾ بلند مقام رکندڙ هو. سندس تصنيفات ۾ سيرت النبي، اخلاق محمدي، قومن جو ڪمال و زوال، ميرن جي صاحبي، بهار اخلاق ۽ آفتاب ادب مشهور ڪتاب آهن.

هن صاحب انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي. انهيءَ سلسلي ۾ سندس نظريو هو ته جيسين سموري قوم هڪ پليٽفارم  تي ڪٺي نه ٿيندي تيسين آزاديءَ جو تصور به ڪري نٿو سگهجي. پنهنجي ملڪ ۽ قوم جو سچو هڏ ڏوکي هو. هندو مسلم جي ڇڪتاڻ ۽ نفاق جي سخت خلاف هو. سنڌ ۾ جڏهن هندن ۽ مسلمانن جي فساد ڀڙڪو کاڌو، ته ان موقعي تي پنهنجي خيالات جو اظهار هيٺين لفظن ۾ ڪيو اٿس:

۔”سنڌ جهڙي سانتيڪي صوبي ۾ فتني ۽ فساد جي لهر وکون ڀريندي ڊوڙون پائيندي اچي پهتي آهي. اسان جي غريب ۽ نماڻي ملڪ ۾ شور ۽ شر جو طوفان کڙو ٿي ويو آهي. اسان جي سدوري سنڌ جو آسمان، جو فساد جي ڪارن ڪڪرن ۽ غمگينيءَ جي غبار کان خالي هو، سو هاڻي ڏاڍي لڙ ۽ ڌوڙ سان لٽيجي ۽ دزجي ويو آهي. سنڌ جي ٻن وڏين قومن جو ستر هو سٻنڌ پيارو پريم هو سو نابود ٿيڻ لڳو آهي. اهو وقت ياد ٿو اچي ته اکين مان ڳوڙها ڳڙي لڙڪ وهي ٿا اچن. جنهن وقت هندو مسلمان جو اتفاق سنڌ ۾ بنا ڪنهن ڪوشش، بنا ڪنهن هٿ وجهڻ جي پاڻهي قدرتيءَ طرح اهڙو هو جو هندو مسلمان بيماري  ۽ بري وقت عزيزن وانگي هڪ ٻئي وٽ طبيعت پرسي ڪرڻ ويندا هئا. شادي غميءَ ۾ ڀائرن وانگر هڪ ٻئي سان شامل ۽ شريڪ رهندا هئا. هڪ ٻئي کي ڀاڄيون ڀتيون ڏيندا وٺندا هئا. اڄ اهي ڳالهيون ته ڪين ٿيون ڏسجن پر مورڳو معمولي اتفاق به چٽ ٿيڻ لڳو آهي. هڪ ٻئي جو سلام ڪلام ئي بند ٿيڻ لڳو آهي. انساني سڀاء ۽ ڀاء ئي ملڪ مان نڪرندو ٿو وڃي. اها هڪ چريائي آهي جا ملڪ کي وٺندي ٿي وڃي. هڪ جانور پڻو آهي جو ماڻهن کي وچڙندو ٿو وڃي. عجب ته اهو آهي ته اڄڪلهه ڪي هندو ۽ مسلمان جيئن ٿا ميل ميلاپ جي ڪوشش ڪن تيئن ڪي ٻيا ماڻهو ٿا ماڻهپي مان نڪرن. هي ڪهڙو زهري زمانو آهي جو سر تي اچي سهڙيو آهي (1).

 

فصل ٻيو

حڪيم صاحب جا همعصر اديب ۽ شاعر ۽

انهن ۾ حڪيم صاحب جو درجو.

(الف) مسلمان اديب و شاعر: ] 1869-1926[

اسد الله شاهه ٽکڙائي مشهور حڪيم ۽ شاعر ٿي گذريو آهي، تخلص ”فدا“ هوس، خلافت تحريڪ جي اڳواڻن مان هو. ”بهارالاخلاق“ نالي رسالو جاري ڪيائين.

حفظ حيات شاهه (جنم 1875) ناميارو شاعر ۽ اديب ٿي گذريو آهي. سندس تصنيفات مان داستان غم، وڇڙيل جو ميلو، ديوان حافظ ۽ گلستان حيات قابل ذڪر آهن. سنه 1955ع ۾ وفات ڪيائين.

حيدر بخش جتوئي (ولادت 1901ع قومي جذبو رکندڙ، انهيءَ جذبي ڪري گورنمينٽ جي سروس مان ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تان استعفا ڏنائين. انقلابي شاعر، قومي ڪارڪن ۽ هاري تحريڪ جو باني هو. تصنيفات ۾ آزاد قوم، هاري گيت، هاري انقلاب، تحفه سنڌ، هاري ڪهاڻيون، سنڌ پياري، سندس مشهور ڪتاب آهن. ان کان سواءِ ”هاري حقدار“ هفتيوار رسالو جاري ڪيائين. سنه 1970ع ۾ وفات ڪيائين.

نواب خالقداد خان ڀيو تخلص ”عاجز“، شعر و شاعري سندس خاص مشغلو هو. ”تنظيم“ اخبار جاري ڪيائين، سنه 1947ع ۾ فوت ٿيو.

شمس الدين ”بلبل“، (جنم 1857ع) شاعر، اديب ۽ سيستدان هو. تصنيفات ۾ نيچرل ڪريما، ديوان بلبل، بهار عشق، رحيما تيرهن ڄار، قرض جو مرض، آئينه ظرافت سندس مشهور ڪتاب آهن. ازانسواءِ اخبار معاون، خير خواهه، مسافر، آفتاب ۽ الحق جو ايڊيٽر ٿي رهيو. سنه 1919ع ۾ وفات ڪيائين.

شيخ عبدالعزيز سنه 1890ع ڌاري ڄائو. وڏو صحافي ٿي گذريو آهي. سکر مان الحق اخبار جاري ڪيائين. سنه 1945ع ۾ سندس وفات ٿي.

شيخ عبدالمجيد سنڌي، جولاءِ 1889ع ۾ ڄائو. وڏو عالم اديب ۽ صحافي هو. مخلص سياستدان، ”حضرت عمر بن عبد العزيز، فتح اسپين، المرتضى ۽ سياست جي الف ب“ سندس مکيه ڪتاب آهن. الامين ۽ الوحيد جو ايڊيٽر هو، سنه 1978ع ۾ وفات ڪيائين.

عبدالله عبد (جنم 1910ع) سٺو شاعر ۽ نثر نويس ٿي گذريو آهي.  حڪيم صاحب سان ”اصلاح“ ۾ ڪم ڪيائين، سنه 1973ع ۾ وفات ڪيائين.

علي بخش احمد زئي (جنم سنه 1910ع) پهريائين خاڪسار تحريڪ سان وابسته رهيو. اخبار آفتاب ۽ باب الاسلام جي ايڊيٽريءَ جا فرائض سرانجام ڏنائين. آخر سنه 1974ع ۾ وفات ڪيائين.

قاضي خدا بخش (والدت سنه 1895ع) تحريڪ خلافت جو سرگرم ڪارڪن هو. ڪجهه وقت ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جو ميئر ٿي رهيو. ازنسواءِ مشهور سنڌي اخبار الوحيد جو ايڊيٽر به ٿي رهيو. سنه 1944ع ۾ وفات ڪيائين.

عبدالفتاح ”عبد“ عاقلي، سنه 1907ع ۾ عاقل ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتائين. سنڌ زميندار ۽ اديب سنڌ اخبارن جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿي رهيو. مشهور شاعر پڻ ٿي گذريو آهي. سنه 1973ع ۾ وفات ڪيائين.

خانبهادر محمد صديق ميمڻ، سنه 1890ع ۾ حيدرآباد شهر ۾ جنم ورتائين. سنڌ جي ادبي تاريخ (ٻن ڀاڱن ۾) بيگلار نامه ۽ حياتيءَ جو دور سندس مکيه تصنيفات آهن. سنه 1931ع ۾ رساله گلزار جاري ڪيائين. ڇوڪرين جي تعليم لاءِ مدرسة البنات جو بنياد وڌائين، جنهن چاليهارو کن ڪتاب ڇپايا. سنه 1958ع ۾ وفات ڪيائين.

محمد عثمان ڏيپلائي (ولادت سنه 1908ع) سنڌي علمي و ادبي ميدان ۾ مشهور هستي هو. زندگيءَ ۾ ڏيڍ سؤ کن ڪتاب لکيائين. هفتيوار ۽ ماهوار ”عبرت“ جو ايڊيٽر ٿي رهيو. سنڌ ٽائيمس ۽ ساڻيهه ڊائجسٽ پڻ جاري ڪيائين. سنه 1981ع ۾ وفات ڪيائين.

محمد هاشم مخلص 1960ع ۾ ٽکڙ ۾ ڄائو. ناميارو شاعر ۽ سياستدان ٿي گذريو آهي. خير خواهه، الحق، الامين ۽ مسلمان اخبارن جو ايڊيٽر  ٿي رهيو. سنه 1936ع ۾ وفات ڪيائين.

قاضي عبدالرحمان، سنه 1898ع ۾ در ٻيلي ۾ ڄائو. الوحيد اخبار جو ايڊيٽر ٿي رهيو. سنه 1958ع ۾ وفات ڪيائين.

مخدوم محمد صالح ڀٽي، سنه 1978ع ۾ هالن ۾ ڄائو. تعليم کاتي سان وابسته رهيو. سيدت النساءِ، بي بي رابع بصري، منصور حلاج، صديق اڪبر ۽ عروس ڪربلا سندس مکيه ڪتاب آهن. رسالي الاسلام جو ايڊيٽر پڻ ٿي رهيو. سنه 1953ع ۾ وفات ڪيائين.

مولائي شيدائي (اصل نالو رحميداد ولد مير محمد بروهي)، ريلوي ۾ سروس ڪيائين. سندس ولادت 1894ع ۾ سکر ۾ ٿي. سندس تصنيفات ۾ تاريخ بلوچستان، جنت السنڌ، تاريخ تمدن سنڌ شامل آهن. سنه 1978ع ۾ وفات ڪيائين.

مولانا دين محمد وفائي، سنه 1894ع ۾ ڄائو. پهريائين الڪاشف، الوحيد سان وابسته رهيو. سنه 1934ع ۾ رسالو توحيد جاري ڪيائين. 1938ع ۾ آزاد جو ايڊيٽر ٿيو. وڏو عالم، اديب ۽ شاعر هو. سنه 1950ع ۾ وفات ڪيائين.

مولانا عبدالڪريم چشتي، سنه 1898ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو. وڏو عالم ۽ اديب ٿي گذريو آهي انڊين هوم رول ليگ، ڪانگريس، خلافت تحريڪ، جميعت العلماءَ ۽ مسلم ليگ جو مکيه ڪارڪن هو. صداقت ۽ پيغام اخبارون جاري ڪيائين. ازنسواءِ جمهور، الوحيد، آزاد، قرباني، مجاهد ۽ پاڪستان جو ايڊيٽر ٿي رهيو. سنه 1964ع ۾ وفات ڪيائين.

مولانا عزيز الله ساند، (ولادت 1881ع) ۽ (وفات 1953ع) جميعت العلماءِ ٿرپارڪر جو ناظم هو ”قراني ولهيٽ“ پڻ جاري ڪيائين.

مولانا محمد حسين، عمر جو ڳچ حصو بلوچستان ۾ ديني تعليم ڏيڻ ۾ صرف ڪيائين. اتي شرعي عدالتن ۾ وڪالت به ڪندو هو. پوءِ شڪارپور مان شايع ٿيندڙ الحنيف خريد ڪري، جيڪب آباد مان جاري ڪيائين. سنه 1953ع ۾ وفات ڪيائين.

مولانا محمد صادق راڻيپوري، وڏو اديب، طبيب ۽ عالم ٿي گذريو آهي. جميعت العلماءَ سنڌ جو سرگرم ڪارڪن هو. کيس راڻيپور جي ميرن ۽ جونا ڳڙهه جي نواب کان وظيفا ملندا هئا، سنه 1916ع ۾ راڻيپور مان ”صحيفه قادريه“ رسالو جاري ڪيائين. سنه 1961ع ۾ دارالبقا راهي ٿيو.

مولانا نور محمد نظاماڻي، (سنه 1888 - 1934ع) هي صاحب وڏو صحافي ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. شاعريءَ ۾ نور، انور، عرشي ۽ ملا تخلص اختيار ڪيائين. صحافت ۾ نورالاسلام ۾ طيَراً  ابابيل جو ايڊيٽر هو.

مير الهه بخش ٽالپور، سنه 1889ع ۾ جهول ضلعي سانگهڙ ۾ ڄائو. سنه 1920ع ۾ خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين. ٿرپارڪر ضلعي جي ”زميندار ائسوسيئيشن“ جو سيڪريٽري ٿي رهيو. سنه 1927ع کان الوحيد ۾ پهرين اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ پوءِ ايڊيٽر ٿي رهيو. سنه 1937ع ۾ خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿي ”خاڪسار سپاهي“ رسالو جاري ڪيائين.

پير علي محمد راشدي. (ولادت سنه 1905ع) سنڌ جي سياسي علمي و ادبي ميدان ۾ ڄاتل سڃاتل آهي. سنڌي زبان ۾ سندس مشهور ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ (ٽن جلدن) ۾ لکيل اٿس. ان کان سواءِ العزت، الراشد، الامين، صبح سنڌ ۽ سنڌ زميندار جي ايڊيٽريءَ جا فرائض سر انجام ڏنائين. سنڌي ادب جي آخري دم تائين خدمت ڪندو رهيو. سنه 1978ع ۾ وفات ڪيائين.

پير حسام الدين راشدي. پير علي محمد جو ننڍو ڀاءُ سنه 1911ع ۾ ڄائو. ڪيترن ئي تحقيقي توڙي تخليقي ڪتابن جو مرتب و مصنف آهي. ازنسواءِ المينار، سنڌ زميندار ۽ ستاره سنڌ جو ايڊيٽر ٿي رهيو. تازو پهرين اپريل 1982ع ۾ وفات ڪيائين ۽ مڪلي ۾ مدفون آهي.

حاجي فقير محمد ”عاجز“ (سنه 1846 - 1918ع). هي صاحب درس ۽ تدريس، تصنيف و تاليف جي ڪم ۾ مصروف رهندو هو. شاعر به هو ته انشا پرداز به. سندس ديوان، مثنوي ۽ نثر ۾ هڪ طبعزاد ”گلشن بهار“ يادگار آهن.

مير علي نواز علوي (1851 - 1920ع). شڪارپور جو زبردست شاعر ٿي گذريو آهي. سنڌيءَ ۾ شعر جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. سنڌي کان علاوه اردو ۽ فارسي جو بهترين شاعر هو. سندس ڪليات ڇپيل آهي.

مير علي نواز ”ناز“ (1884 - 1953ع). سنه 1921ع ۾ پيءُ جي وفات بعد رياست جو والي ٿيو. علم دوست، سخي، فقير منش ۽ شاعر هو. سندس شعر سنڌي، اردو ۽ سرائڪيءَ ۾ موجود آهي. فارسيءَ جو نهايت عمدو شاعر هو.

مولانا عبدالغفور همايوني (1844 - 1913ع). مولانا صاحب منقولات، معقولات ۽ فقه جي علمن تي گهڻو عبور حاصل ڪيو. سنڌ ۽ بلوچستان جو مفتي هو. سندس فتوائون ”فتاوى همايوني“ جي نالي سان ٻن جلدن ۾ شايع ٿي چڪا آهن. ان کان سواءِ سنڌي، فارسي ۽ سرائڪي زبان ۾ به شعر چيو اٿس.

مولانا محمد عثمان نورنگزاده (وفات 1918ع). سندس رهائش کورواهه تعلقي گوني ضلعي حيدرآباد ۾ هئي. سنڌ مدرسي ڪراچيءَ جو اهم رڪن ۽ استاد ٿي رهيو. سنڌي ۽ فارسيءَ ۾ سندس گهڻيون تصنيفون آهن. قرآن شريف جي 25 سيپارن جو مڪمل تفسير ڪيو اٿس. شاعر به هو. سندس شعر سادو، پر پتر اثر آهي.

پير رشد الله شاهه راشدي (سنه 1860-1922ع). پير جهنڊي جي درگاهه جو سجاده نشين ۽ تحريڪ خلافت جو اهم رڪن هو. مولانا عبيدالله سنڌي سندس استاد هو. کيس ڪتابن گڏ ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هو. سندس لئبريري ناياب ۽ قيمتي ڪتابن ڪري مشهور آهي. سنڌي ۽ فارسي زبان جو شاعر ٿي گذريو آهي.

شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ (1853-1929ع). سنڌي زبان ۽ ادب جو عظيم محسن، نظم ۽ نثر جي لا تعداد ڪتابن جو مصنف ٿي گذريو آهي. ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تان رٽائير ڪيائين، تاريخ فلسفه نفسيات طبيعات، حيوانات، زراعت وغيره تي مفيد ڪتاب لکيائين ۽ ترجمو ڪيائين. زبردست شاعر به ٿي گذريو آهي(1).


(1) ڀيرومل مهر چند آڏواڻي ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ص 372، سنڌي ادبي بورڊ، سنه 1956ع.

(2) پروفيسر غلام علي الانا ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ص 96. ادبيات حيدرآباد، 1966ع.

(3) مرحوم محمد قاسم جو تصنيف ڪيل ”ديوان قاسم“ ص 26. 1936ع، حيدرآباد.

(1) ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل کان معلوم ڪيل.

(2) مصنف محمد صديق مسافر ”ديوان فاضل“ حيدرآباد. ص 35، سنه 1927ع.

(1) ڊاڪٽر خليل صاحب کان معلوم ڪيل.

(2) ڊاڪٽر خليل صاحب کان معلوم ڪيل.

(3) مصنف ڊاڪٽر خليل ”بلبل سنڌ“، سنه 1951ع

(1) مرتب لطف الله بدوي ”ڪليات خادم“ سنڌي ادبي بورڊ ص 28. 1958ع، ڪراچي.

(2) ”سنڌو اخبار“ ماهه ڊسمبر 1934ع، شڪارپور سنڌ. ايڊيٽر بولچند راجپال وشنو گدواڻيءَ جو مضمون ”اسان جو سنڌي نثر“.

(1) پروفيسر منگاهرام ملڪاڻي ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ص 36-39. ادبي مرڪز حيدرآباد، سنه 1977ع

(1) عبدالجبار جوڻيجو ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ ص 130 - 135، حيدرآباد ، 1973ع.

(1) ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ سنڌي ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“ ص 139-140، سکر 1964ع.

(1) سنڌي ادب جو تاريخي جائزو. ص 144.

(1) ”تاريخ ادبيات مسلمانان پاڪستان و هند“ جلد 12، ص 625، (پ-ي- لاهور).

(1) حڪيم فتح محمد عباسيءَ جو مضمون ”هندو مسلم نفاق“ روزنامه ”الوحيد“ 12 فيبروري 1924ع

(1) تاريخ ادبيات جلد اول، ص 625-26.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org